سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :13

”اهڙي معاشري ۾ ’انسان‘ کي حقيقي مسرت نصيب ٿئي ٿي. اهو مثالي معاشرو اڳتي هلي مشيت ۽ تخليق جو مظهر بنجي ٿو. اهڙي معاشري جي حيثيت هڪ جسم جهڙي ٿئي ٿي ۽ قانون سندس پرورش ڪندڙ خادم بنجي ٿو.“

هي آهن فارابيءَ جا چند عمراني نظريات.

اهو به ياد رکڻ گهرجي ته فارابيءَ، ارسطوءَ جي ’اشرافي جمهوريت‘ جو رد ڪيو آهي، ۽ ان جي مقابلي ۾ ’عوامي جمهوريت‘جو نظريو پيش ڪيو آهي.

يورپ جي محققن جي راءِ آهي ته فارابي، پهريون فلسفي آهي، جنهن ’بالغ راءِ دهي‘ جي حق ۾ دليل ڏنا آهن. فارابي، پهريون شخص آهي، جنهن ’فڪر و نظر‘ جي آزاديءَ کان سواءِ سماجي ارتقا کي ناممڪن سڏيو آهي.

فارابيءَ جي افڪار جي افاديت جي اها به خوشقسمتي چئبي، جو کيس ’ابن خلدون‘ جهڙو شارح مليو.

ابن خلدون اصل ۾ فارابيءَ جي نظريات جي تشريح ڪئي آهي. فارابيءَ جي ٻڌايل اصولن جي تشريح ڪندي، پنهنجا فروعات وضع ڪيا اٿس، ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي مشهور عالم تاريخ لکي اٿس. ابن خلدون جي ان خدمت، هڪ طرف فارابيءَ جي صحتمند ۽ صداقت پسند فڪر جي تصديق ڪئي آهي، ته ٻئي طرف يورپ کي جمهوري نظريات لاءِ مواد جمع ڪري ڏنو آهي.

بقول گبن:

”يورپ ۾ جڏهن اهل ڪليسا ۽ اهل فڪر جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ ٿي، تاج ۽ صليب جي ميلاپ سان جڏهن اهل فڪر کي ڪچلڻ شروع ڪيو ويو؛ تڏهن مذهبي دليلن جي محاذ تان هارائي، اهل فڪر ماڻهن، ابن خلدون جي اچي پناهه ورتي. ان جي نظريات تي، آزاد معاشري ۽ عوامي جمهوريت لاءِ نعرا بلند ڪيا.... اڳتي هلي، جنهن عوامي جمهوري نظام جي عمارت تعمير ڪئي ويئي، ان جا بنياد عظيم فلسفي، ’ابن خلدون‘ جي نظريات تي قائم رهي سگهيا........

اصل ۾ اهو، مسلمان فلسفي ’ابوالنصر فارابي‘ تي هو، جنهن پوليٽيڪل سائنس جو صحتمند بنياد يوناني فلسفي جي خيالي ڳالهين کان الڳ رکيو، جنهن جي تشريح ابن خدلن ڪئي. ان طرح يورپ، ’فارابي‘ جي نظريات کان، ابن خلدون جي معرفت واقف ٿيو.“

ماخذات:

①.                        عيون الابناء في طبقات الاطباء: ابن ابي اصيبه.

②.                        تاريخ حڪماء الاسلام: البيهقي.

③.                        اخبار العلماءِ: القفطي.

④.                        مقدمه ابن خلدون.

⑤.                        وفيات الاعيان: ابن خلڪان.

⑥.                        ابن خلدون: ڊاڪٽر طـــٰﮧ مصري.

⑦.                        فارابي: عباس محمود مصري.

⑧.                        تاريخ الحڪماء: (اردو) ڊاڪٽر غلام جيلاني برق.

⑨.                        فارابي (اردو) رئيس احمد جعفري.

الياس عشقي

سنڌيڪار: مراد علي ”اختر“ مرزا

خيام جي رباعين جا منظوم ترجما

دنيا ۾ عمرخيام جي رباعين جا جيترا ترجما ٿيا آهن، اوترا شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪتاب جا ٿيا هجن! دنيا جي هر ننڍي توڙي وڏي، معروف توڙي غير معروف، مطلب ته سڀني زبانن ۾ خيام جي رباعين جا ڪيترائي ترجما نه رڳو نثر ۾ پر نظم ۾ به موجود آهن. هونئن ته مشرق جو هيءُ جڳ_ مشهور شاعر، فيلسوف، هيئت ۽ علم نجوم جو ماهر به هو؛ ته پنهنجي وقت جو عظيم عام ۽ رياضيدان به هو، پر اقليدس، رياضي ۽ فلسفي تي لکيل ٿورن ڪتابڙن کان سواءِ اڄ سندس علم، ۽ فضل جو ڪوبه يادگار باقي نه رهيو آهي؛ ۽ وري اهي ڪتابڙا به ناياب ۽ ناپيد آهن. ملڪ شاهي به، جنهن جي ڪري سندس علم نجوم ۾ مهارت جا داستان مشهور هئا، اڄ ماضيءَ جي پراڻي دفتر کان وڌيڪ حيثيت نٿي رکي، پر اهي رباعيون ئي آهن جن جي ڪري اڄ به سندس شهرت ۽ ناموري قائم آهي. خيام، دل جي وندر خاطر رباعيون تصنيف ڪندو هو ۽ عجب جي ڳالهه آهي ته هڪ وڏي عرصي تائين هن کي بحيثيت شاعر ڪير سڃاڻندو به ڪونه هو. ان ڏس ۾ سندس ناموري رڳو پنهنجي ملڪ تائين محدود هئي.

دنيا ۾ خيام جي مشهوريءَ ۽ ناموريءَ جو سبب اصل ۾ ايڊورڊ فزجيرالڊ (Edward Fitz Gerald)جا منظوم ترجما آهن. هن خيام جي شاعريءَ ۽ هن جي فلسفي جي روح کي دلڪش ۽ اثرائتي انداز سان انگريزيءَ زبان ۾ آڻي، دنيا کي پهريون ڀيرو ان نئين دلفريب ۽ جاندار آواز سان روشناس ڪرايو، پر بدقسمتيءَ سان مغرب ۾ اڪثر ڪري هن کي فيلسوف، ماهر نجوم، هيئتدان، رياضي، انشاء، طب، تاريخ ۽ ادب جي استاد هجڻ بدران فلسفهء اپيڪيورس جي شيدائي شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ڪيترائي نقاد ته مرڳو هن کي ’شراب و شاهد‘ جو پرستار سمجهندا آهن. خود سندس وطن ايران ۾ به خيام جي گمناميءَ جي اها حالت هئي، جو جڏهن ناصرالدين شاهه قاچار، انگلنڊ ويو، تڏهن کيس ’خيام ڪلب‘ ۾ دعوت ڏني ويئي، پر خيام جي شائقين کي، جيڪي کانئس خيام جي باري ۾ گهڻي ئي ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا، ڏاڍي مايوسي ٿي. يورپ ۾ خيام جي مقبوليت کان گهڻو اڳ، سڀ کان پهرين خيام کي اڪبر بادشاهه خراج عقيدت پيش ڪيو، جنهن جو هيءُ فقرو ادب جي تاريخ ۾ هميشه يادگار رهندو: (بايد ڪـﮧ پس از هر غزل، خواجه حافظ، رباعي عمرخيام بر نويسند ورنـﮧ خواندنِ اَن حڪم شراب_ بي گزڪ دارد.) پر ان فقري جو مان مرتبو به فزجيرالڊ جي ترجي کان پوءِ ٿيو. فزجيرالڊ پاڻ به ان ترجمي جون ٻه سؤ کان وڌيڪ ڪاپين ڇپارائڻ جي همت نه ساري سگهيو. ان ڇاپي ۾ صرف پنجهتر رباعيون هيون ۽ ان جي قيمت پنج شلنگ رکي ويئي هئي، پر انهيءَ هوندي به ان ڇاپي تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، جنهن ڪري ان جي قيمت گهٽائي ٻه Text Box: 145
شلنگ رکي ويئي، ۽ دڪاندار بيزار ٿي ان جون سڀئي ڪاپيون دڪان کان ٻاهر ردي ڪتابن جي ٽوڪريءَ ۾ رکي ڇڏيون. اتفاق سان سر رچرڊ برٽن (Sir Richard Burton) ۽ مشهور شاعر سون برن (Swinburne) ۽ روزيٽي (Rossetti) جهڙن قدردانن جي نظر ان ڇاپي تي پيئي، جن ان جي قدر و قيمت کي محسوس ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو ان جي هڪ هڪ ڪاپي ڏهن_ ڏهن گنين ۾ به وڪاڻي ۽ آخري ڪاپي پنجٽيهن گنين ۾ نينلام ٿي. سن 1868ع ۾ فزجيرالڊ پهرئين ڇاپي ۾ ڪي ترميمون ۽ اضافا ڪري ٻيو چاپو شايع ڪيو، جنهن تي پهريون ڀيرو مترجم جو نالو ڇپيل هو. ان کان پوءِ، سن 1872ع ۾ ٽيون ۽ سن 1889ع ۾ چوٿون ڇاپو شايع ٿيو. اهي ڇاپا هٿون هٿ وڪامي ويا. ان وقت انهيءَ ترجمي کي ايتري ته مقبوليت حاصل ٿي، جو سواءِ آسماني صحيفن جي ٻين ڪتابن کي نصيب نه ٿي آهي ۽ اڄ ته يقين ئي نٿو ڪري سگهجي ته اهو شاهڪار فريزر ميگزين (Fraser Magazine) جي آفيس ۾ ٻه سال رهڻ کان پوءِ به ڇپجڻ لائق نه سمجهيو ويو هو. هونئن ته عمرخيام جون رباعيون جدا جدا نسخن ۾ پنجهتر کان وٺي اڍائي هزارن تائين ڄاڻايل آهن، پر مستشرقين ۽ محققين، جن ۾ زوڪوسڪي، پروفيسر براؤن، گارسان دتاسي ۽ سيد سليمان ندوي جهڙا عالم شامل آهن، تن الحاقي رباعين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. سيد سليمان ندويءَ، پنهنجي زبردست تصنيف ”خيام“ ۾ وڏي تحقيق کان پوءِ ثابت ڪيو آهي ته اهڙين رباعين جو تعداد فقط ٻه سؤ پنج آهي، جن تي، خيام کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شاعر جي دعوا ڪانهي.

 

يورپ ۽ انگلنڊ ۾ ته خيما جي ترجمن جي مقبوليت جو اندازو ڪرڻ مشڪل آهي. البت برصغير هند_ پاڪ ۾ انهن جي مقبوليت جو اندازو آغا شاعر قزلباش جي هڪ بيان مان ڪري سگهبو، جيڪو هن ”خمڪده خيام“ جي ديباچي ۾، پنهنجي ڪلڪتي جي سفر جي ذڪر ڪندي لکيو آهي:

”هڪ ڏينهن ٺيڪر اسپنگ ائنڊ ڪمپنيءَ ۾ به ان ترجمي جي ڳولا ڪندي پهتس. مون ان جي انگريزي ترجمي جي گهر ڪئي، پر آءٌ اهو ڏسي حيران رهجي ويس ته ڪمپنيءَ جي مئنيجر، هڪ وڏي ميز، خيام جي مختلف ترجمن سان کڻي ڀري هئي، جيڪي جدا جدا ڊزائينن ۽ جدا ذوق جي تصويرن سان سينگاريل هئا.“

ان سلسلي ۾ مباسب آهي ته هت اسين خيام جي ترجمن جي هڪ مختصر فهرست نقل ڪريون، جنهن مان اندازو ڪري سگهبو ته عرم خيام جي رباعين جا ترجما دنيا جي ڪهڙين ڪهڙين زبانن ۾ ٿي چڪا آهن.

(1) ڊاڪٽر ٿامس هائيڊ، پروفيسر عربي، آڪسفورڊ

سن 1700ع   (لاطيني)

(2) جوزف نان هيمرپور گسٽال سن 1818ع   (جرمني)

(3) سر جارج اوسلي                           (انگريزي)

(4) ڊاڪٽر فريڊرڪ روڪرٽس                 (ايضاً)

(5) گارسان دتاسي            سن 1857ع   (فرينچ)

(6) پروفيسر ايڊورڊ بسي،     سن 1857ع   (انگريزي)

ڪوويل، پريسي ڊينسي ڪاليج، ڪلڪتو

(7) ايڊورڊ فزجيرالڊ            سن 1857ع   (ايضاً)

(8) جي.بي. نڪولاز          سن 1868ع   (فرينچ)

(9) فريڊرڪ بوڊينسٽيڊ       سن 1881ع

(10) اِي.ايڇ. ونفيلڊ           سن 1883ع   (انگريزي)

(11) آرل آف ڊفرن، وائسراءِ هند  سن 1887ع   (ايضاً)

(12) جون ليلي گاريز          سن 1888ع   (ايضاً)

(13) جسٽس هنٽِلي ميڪارٿي       سن 1889ع   (ايضاً)

(14) ڊاڪٽر سر راس          سن 1898ع   (ايضاً)

(15) پروفيسر ويلينسٽائن زوڪوسڪي       (روسي)

(16) ناٿن هيڪل ڊول ملٽي  سن 1898ع

       وير   (ٻيو ڇاپو)

(17) ايڊورڊ هيرون ايلن        سن 1898ع

(18) جون پين                 سن 1899ع

(19) ڊاڪٽر اي، جي. برائون   سن 1899ع   (انگريزي)

(20) مسز ڪيڊل             سن 1899ع   (انگريزي)

(21) ڊاڪٽر آرٿر ڪرسٽن سن سن 1904ع   (انگريزي)

(22) ايبن فرانس ٿامسن      سن 1906ع

(23) جوسنن پوشا             سن 1913ع

(24) جون پولن                        سن 1915ع

(25) رچرڊلي گيلن            سن 1897ع   (انگريزي)

(26) فريڊرڪ روسن           سن 1922ع

(27) سي.ايس.ٽيوٽ          سن 1926ع

(28) فرانسس ڊائزن           سن 1927ع   (آسٽريليا)

(29) اِي.جِي. ائيسم زيڊه     سن 1931ع   (انگريزي)

(30) برگيڊيئر جنرل اِي.ايڇ.   سن 1931ع   (انگريزي)

      روڊويل

(31) پروفيسر ايڊورڊ بيلز ڪول

(32) آر.پي. ڀاجيوالا                          (انگريزي)

(33) رابندر ناٿ ٽيگور                        (بنگله)

(34) وي.ايم داتار (سوامي گووند تيرٿ)     (انگريزي)

(35) پروفيسر آربري                          (ايضاً)

انهن کان سواءِ يورپ جي ٻين زبانن، جهڙوڪ بيسڪ (Basque)، ڪٽالان (Catalan)، زيڪ (Czech)، ڊينش (Danish)، ڊچ (Dutch) ۽ ايسپرانٽو (Esperanto) وغيره ۾ به ڪيترائي ترجما ٿي چڪا آهن. فرانسيسي زبان ۾ هيٺين ماڻهن جا ترجما گهڻو مشهور آهن:

(1) چارلس گروليو، (2) ليسڪارس، (3) فرڊيننڊ هينري، (4) ڪلاڊ ايسنٽ، (5) چارلس سيلي، (6) روجر ڪازلي، (7) رابرٽ ڊيلپاڪ، (8) جوليس ڊي مارئس هولڊ، (9) فرنيئر لوسان گيلڪ.

جرمن زبان ۾ وري گريف فان شيڪ ۽ اي وولف جا ترجما گهڻو اعليٰ ۽ معياري سمجهيا وڃن ٿا، انهن زبانن کان سواءِ يوناني، هنگيرين، اطالوي، نارويجين، پرتگالي، رومن، اسپيني، والاپيڪ، ويلش، ويلش رومن وغيره زبانن ۾ به ترجما ٿي چڪا آهن.

يورپي زبانن ان سواءِ دنيا جي ٻين زبانن ۾ به عمرخيام جي رباعين جا ڪيترائي ترجما موجود آهن. ايتريقدر جو چيني، جاپاني، سنسڪرت ۽ عربي زبانن ۾ به ڪيترائي ترجما ملن ٿا.

برصغير پاڪ_ هند جي زبانن مان هندي، بنگالي، گجراتي، مرهٽي، سنڌي، تامل، تلنگي، اڙيا، ڪناري، مليالم، پنجابي ۽ اردو ُغيره ۾ به ترجما ٿيا آهن. پروفيسر ٽي ايم پٽورَڌن ۽ سوامي گووند تيرٿ (وي.ايم.داتار) انهن رباعين کي مرهٽي زبان ۾ ترجمو ڪيو. مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ ۾ پنڊت گرڌر شرما سنسڪرت ۾ ۽ پٽيل گجراتيءَ ۾. انهن ۾ سوامي گووند تيرٿ سڀني کان وڌيڪ رباعين جو ترجمو ڪيو آهي، جيڪو هن ”گيروڪرونامرتا“ جي نالي سان مرهٽي ۽ نيڪٽر آف گريس (Nector of Grace) جي نالي سان انگريزيءَ ۾ شايع ڪيو آهي.

عربيءَ ۾ وديع بستاني، محمد رباعي ۽ سعيد احمد نجفيءَ جا ترجما عمدا ۽ مشهور آهن. ترڪيءَ ۾ ڊاڪٽر عبدالله جودت، رضا توفيق ۽ حسين دانش جا ترجما معياري سمجهيا وڃن ٿا. هنديءَ ۾ ته ڪيترائي ترجما موجود آهن، جن مان پنڊت سوريه ناٿ تڪرو، بابو ميٿلي شرن گپت، جهالا پائن جي پنڊت گرڌر شرما (سن 1931ع)، پنڊت بلديو پرساد..... (سن 1932ع)، پنڊت اقبال ورما سحر هتڪامي (سن 1937ع)، ڊاڪٽر گيا پرشاد گپتا (سن 1933ع، جيڪو ڪنهن بگنالي ترجمي جو لفظي ترجمو آهي)، بچن (سن 1935ع)، برجموهن تواڙي، رگهوونش لال گپت، ڪشوري رمن ٽنڊن جوڌپور واري (سن 1936ع)، پنڊت جگدمبا پرشاد تهيشي، پنڊت سمترا نند پنٿ، ڪيشو پرساد پالڪ ۽ مهاديوي ورما جي ڪيل ترجمن کي هاڻي اهميت حاصل آهي. انهن کان سواءِ به ڪيترائي ترجما آهن ۽ رسالن ۾ اڄڪلهه نوان نوان ترجما نظر ايندا رهن ٿا.

اڙدوءَ ۾ دکن جي راجا مڪن لال (سن 1260ع هجري)، سيد محمد لائق حسين صاحب قوي امروهوي، منظر امروهوي، مير ولي الله ايبٽ آبادي، مولوي سيد احمد حسيني نشتر رامپوري، ڪاشي پرياگي، عبدالرحمان طارق، ميراجي، حڪيم آزاد انصاري، ڊاڪٽر تاثير، آغا شاعر قزلباش، جوش مليح آبادي، نادان دهلوي، شوڪت بلگرامي، صفي لکنوي، مولانا عاصم جيپوري، وغيره جا ڪيل ترجما مشهور آهن. ازانسواءِ جاوا، سماترا، برما، ملايا، تبت، سيام، ڪشميري (شينا) ۽ نيپالي، ڀوٽاني زبانن ۾ به خيام جي رباعين جا ترجما موجود آهن.

خيام جي يادگيريءَ طور، هن جي ڪلام کي عام ڪرڻ خاطر لنڊن ۾ ’عمر خيام ڪلب‘ جو بنياد سال 1892ع ۾ رکيو ويو. سال 1900ع ۾ وري آمريڪا وارن به هڪ اهڙو ئي ادارو قائم ڪيو، جيئن عمر خيام جي ڪلام ۽ فلسفي کي عام تائين پهچايو وڃي. ان کان پوءِ دنيا جي هر ترقي يافته ۽ مهذب ملڪ ۾ ان قسم جي تحريڪ زور وٺڻ لڳي، ۽ سچ پڇو ته انهن ادارن جي ڪوششن جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ خيام جو ڪلام فزجيرالڊ ۽ ٻين مترجمن جي ڪري طرح طرح جي ڇاپن، مختلف سائزن ۽ رنگين شاهڪار تصويرن سان سينگاريل هر هنڌ ملي سگهي ٿو. انهن ڇاپن جي قيمت ٿورن پئسن کان وٺي، ڪيترن ئي رپين تائين آهي، جن ۾ نه رڳو تصويرون آهن، پر ڪيترن ئي زبانن جا ترجما، قلمي نسخن جا عڪس ۽ محققن جون تنقيدون ۽ تبصرا پڻ ڏنل هوندا آهن. ڪيترائي اهڙا شعري مجموعا آهن، جيڪي ناٿن هسڪل جي ملٽي ويرويم ايڊيشن جي نموني تي شايع ٿيا هوندا، ۽ جن جا حوالا ٽيوٽن (Tutin) جي ڪونڪورڊنس (Concordance) جي صورت ۾ تيار ٿيا هوندا. اهڙيءَ طرح جو فزجيرالڊ جي چئني ڇاپن جي مصراعن ۽ لفظن جي صفحن مطابق، لفظن جي ڦيرگهير ۽ اصلاح ۽ درستين سميت مرتب ڪيا ويا هوندا. انهن ڇاپن مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته ڪهڙيون مصراعون ۽ لفظ فزجيرالڊ جي ترجمن جي جدا جدا ڇاپن ۾ ڪيترا ڀيرا ۽ ڪهڙي ڪهڙي هنڌ استعمال ٿيا آهن.

خيام ۽ سندس فلسفي ۽ پيغام کي زندهه رکڻ لاءِ ڪيترين ئي زبانن ۾ هن جي زندگي بابت ناول، افسانا، ڊراما ۽ خاموش ۽ ڳالهائيندڙ فلمون تيار ڪيون ويون آهن. مشهور رقاصه آئسوڊورا ڊنڪن، عمر خيام جي زندگيءَ ۽ ڪلام تي هڪ اسٽيج ڊرامو تيار ڪري پيش ڪيو هو، جنهن ۾ پنهنجي اعليٰ ناچ جي وسيلي عمرخيام جي رباعين جو فني تعبير پيش ڪري، ڏسندرن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. اڙدو زبان ۾ به حضرت عاصم جيپوريءَ، خيام جي زندگيءَ ۽ رباعين تي مبني هڪ بيمثال ڊرامو لکيو آهي.·

 

جيئن ته خيام کي اها عالمگير شهرت سندس رباعين جي ترجمن سبب ملي آهي، تنهنڪري هن مختصر تمهيد کان پوءِ، پڙهندڙن کي انهن ترجمن کان واقف ڪرائڻ، وڌيڪ مناسب معلوم ٿئي ٿو. هن مضمون جو سبب اصل ۾ خيام جي رباعين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن کي ڏسڻ جو گهڻي وقت کان شوق هو ۽ جيڪو مترجم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي فرزند مرزا اسد بيگ جي مهربانيءَ سان ملي سگهيو. رباعين جي ترجمي ڪندي، مرزا صاحب مرحوم نه رڳو اصل رباعين جي خوبين جو خيال رکيوآهي، پر سنڌي زبان جي مزاج کي به برقرار رکيو اٿن. اها ترجمي جي هڪ وڏي خوبي آهي. ٻيو ته سنڌي زبان ۾ ٻيو ڪوبه منظوم ترجمو موجود ڪونهي، تنهنڪري ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ، سنڌي زبان ۽ اصل رباعين جي خوبين تي ڪابه راءِ نٿي ڏيئي سگهجي ۽ نه وري راقم الحروف ان جو اهل ئي آهي. پر اهو وڌيڪ مناسب معلوم ٿئي ٿو ته جدا جدا زبانن ۽ مشهور مترجمين جي ترجمن سان گڏ مرزا قليچ بيگ جا منظوم ترجما ڏيئي، علم وارن ۽ باذوق صاحبن تي فيصلو ڇڏيو وڃي. ڇاڪاڻ ته: ’مشڪ آنست ڪه خود ببويد نه ڪه عطار گويد.‘

خيام:

امشب مئي جام_ يڪ مئي خواهم ڪرد،

خود را به درجلم_ مئي غني خواهم ڪرد؛

اول سه طلاق_ عقل و دين خواهم گفت،

پس دختر رز را به زني خواهم ڪرد.

فزجيرالڊ:

          You know my friends with what brave carouse,

          I made a second marriage in my house,

          Divorced old barren reason from my bed,

          And took the daughter of vine to spouse.

انگريزيءَ جي مترجمين ۾ شايد وي.ايم. داتار سڀني کان وڌيڪ رباعين جو ترجمو “Nector of Grace” جي نالي سان ڪيو آهي. مٿيئنءَ رباعيءَ جو ترجمو هن هيئن ڪيو آهي؛

I invite bowl and wine my heart and head,

By dinking twain, I shall be overfed,

I then divorce my faith and wisdom thrice,

And then the daughter of vine I wed.

هندي ترجمن ۾ ميٿلي شرن گپت جو ترجمو (جيڪو فزجيرالڊ جي انگريزي ترجمي تان ڪيل آهي) ان ڪري وڌيڪ ڪامياب آهي، جو ان ۾ خيام جو روح موجود آهي:

مترو! ايڪ نئي پري ني ڪي هيتو تمهين يه هئي معلوم؛

ڪي ٿي مئن ني اپني گهر راگ رنگ ڪي ڪتني ڌوم،

بانجهه ترڪنا ڪا جب مئن ني تياڳ ڪرديا اور سَهرش،

درا ڪشادو هيتا ڪو تج پتني بناليا اس ڪا منهه چوم.

ان کانسواءِ مشهور هندي شاعر بچن، جو ڪيل ترجمو به پڙهو، جنهن خيام جو رنگ پاڻ رچي، جديد هندي شاعرن ۾ پنهنجي لاءِ هڪ خاص مقام پيد اڪيو آهي:

بهت دن سي مترون ڪو گيات، ڀَوَن مين ميري آتي اُتساهه،

سهت هوتا هي مدي را پان، ڪيا هي مئن ني نوتن بياهه؛

ڪروڪشه ورڌا بنڌيا جان، ديا هي ترڪ شڪتي ڪو ڇوڙ!

ليا هي سَرس مڌر سُڪمُار، سُرا بالا سي ناتا جوڙ.

انگريزي زبان ۾ ان رباعيءَ جا ڪيترائي ترجما آهن، پر هت رڳوٻه ترجما ڏنا وڃن ٿا:

روڊويل:

Tonight I’ll drink one cup of pleasure’s sake,

Then with two cups myself I’ll richer make,

At first my “faith” and “reason” I’ll divorce,

The vine’s red-daughter then to spouse I’ll take.

رچرڊ لي گيلن:

Nay, I think no more, but grisp the slender waiste,

Of her whose kisses have no better teste,

Reason’s a hag and love a pointed jade,

Come daughter of vine, dear and disgraced.

قوي امروهوي، اڙدوءَ ۾ هيٺينءَ ريت ترجمو ڪيو آهي:

ساغر_ نيم سي مئن آج ڪرونگا ميڪشي،

پي ڪي دو جام لاله گون......................

تين طلاق دونگا مئن پهلي تو عقل و هوش ڪو،

دختر_ رز ڪي ساتهه پر هوگا نڪاح لازمي.

مٿيون ترجمو تمام معمولي قسم جو آهي، جيتوڻيڪ رباعيءَ جي وزن کي ڇڏي قطعي جي صورت ۾ ڪيو ويو آهي، پر سنڌي ترجمي ۾ مرزا قليچ بيگ رباعي جي اصول کي هٿان نه ڇڏيو آهي:

مئي پي آءٌ غلاميءَ ۾ وٺان آزادي،

۽ پنهنجي خاني جي ڪريان آبادي؛

پڻ عقل کي پهرين ٽي طلاقون ڏيندس،

پوءِ ڊاک جي ڌيءَ سان آءٌ ڪندس شادي.

خيام:

اين چرخِ فلڪ ڪه مادرو گردانيم،

فانوس_ خيال از و مثالي دانيم،

خورشيد چراغ_ آن و عالم فانوس،

ماچون صورتيم ڪاندر و حيرانيم.

ان رباعيءَ جو ڪاشي پرياگي، اڙدوءَ ۾ هيئن ترجمو ڪيو آهي:

وه چرخ_ فلڪ ڪه جسمين سرگردان هين،

فانوس_ خيال، مراعت_ رقصان هين؛

سورج هي چراغ اس ڪا عالم فانوس،

تصوير ڪي نقش هم هين جو حيران هين.

ان ترجمي ۾ لفظن جي صحت جي هوندي به اصل روح ڪونه ٿو ملي. قوي امروهوي جي ترجمي جو به اهوئي حال آهي، جيتوڻيڪ هن پنهنجي ترجمي ۾ رباعيءَ جي وزن کي ڇڏي ڏنو آهي:

باعثِ حيرت بنا هي يه جو دورِ آسمان،

اس په هم رکتي هين فانوسِ خيالي ڪا گمان؛

شمعدان خورشيد هي فانوس هي دنيا تمام،

اور تصويرون ڪي صورت هم ڪو حيرت هي يهان.

خيام جي اصل رباعيءَ جو روح ته فزجيرالڊ جي انگريزي ترجمي ۾ ئي موجود آهي:

We are no other than the moving row,

Of magic shadow-shapes that come and go.

Round the sun-illumined lantern held,

In midnight by the master of the show.

وي.ايم.داتار:

He thinks this wheel at which we gape and stare,

Is Chinese lantern-like we buy at fair,

The lamp is sun and paper shed the world,

And we the pictures whirling unaware.

روڊويل:

This wheeling sphare that we With wonder now,

Resembles most a magic lantern show,

The sun is lamp, the world a lantern turns,

And we bewildered figures come and go.

جيئن ترجمن مان ظاهر ٿئي ٿو، انگريزيءَ جو آخري ترجمو، لفظي ۽ معنوي لحاظ کان فزجيرالڊ جي ترجمي کان پوءِ ٻئي ترجمي کان بهتر آهي، ڀيٽ خاطر هڪ ٻيو انگريزي ترجمو ڏسو.

رچرڊ لي گيلن:

Good friends beware! The only life we know,

Files from us like an arrow from the bow,

The caravan of life is moving by,

Quick to your places in the passing-show.

ميٿلي شرن گپت جو هندي ترجمو گهڻو جاندار آهي:

ڀيتر باهر اوپر نيچي آگي پيڇي اِدهر اُدهر،

نهين اور ڪڇه يه مايا ڪي ڇايا ڪا هي ڪو تڪ ڀر،

هي فانوس خيال ايڪ، يه، دِ نڪر جسڪا ديپڪ هي،

چارون اور مرشاڪارون سي ڪاٽ رهي هين هم چڪر.

پر جيئن ته اهو ترجمو فزجيرالڊ جي پهرئين ڇاپي جي ترجمي تان ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري ان جي خوبين کي پرکڻ لاءِ فزجيرالڊ جو پهريون ترجمو ڏسجي:

For in and out obove and below,

It is nothing but a magic-shadow-show,

Played in a box whose candle is the sun,

Round which we phantom figures come and go.

بچن:

مچ رهي يتر تتر سَر وِ تر،

نِر نتر جگ مين جو رنگ ريل؛

نهين اس ڪا ڪڇه ڀي اِستِتو،

اندر جالي مايا ڪا کيل،

گگن بهوتل ڪي هي قنديل،

سوريه هي جس مين ديپڪ ايڪ،

چَتُرُڪ جس ڪي ڇايا روپ،

گهومتي هم جڙجِيو انيڪ.

هاڻي مرزا قليچ بيگ جو ترجمو پڙهو:

هيءُ چرخ آهي جنهن کان ..... انسان،

فانوسِ خيال جو آهي ان جو نشان،

سچ آهي چراغ دانِ عالم فانوس،

اهيون اسين صورتون منجهس ٿيون حيران.

خيام:

تابود دلم ز علم محروم نه شد،

ڪم بود ز اسرار ڪه مفهوم نه شد؛

اڪنون ڪه همين بنگر و از روئي خرد،

معلوم شد ڪه هيچ معلوم نه شدﮧ.

ذوق جي هڪ رباعي هن جي ايترو ته ويجهو آهي، جو ترجمي جو گمان ٿئي ٿو:

اس جهل ڪا اي ”ذوق“ ٺڪانا ڪڇه ڀي،

دانش ني ڪيا دل ڪو نه دانا ڪڇه ڀي؛

هم جانتي ٿي علم سي ڪڇه جانين گي،

جانا تو يه جانا ڪه نه جانا ڪڇ ڀي.

ساڳيو ئي حال جوش مليح آباديءَ جي هڪ رباعيءَ جو آهي:

هر دعوئي ارتقا ڪو مانا مين ني،

هر گوشئه ڪائنات ڇانا مين ني؛

سب جان چڪا تو اي حريفِ دمساز،

مين ڪڇه نهين جانتا يه جانا مين ني.

اهڙي ئي مفهوم جي هڪ ٻي رباعي جوش جي ڪلام ۾ ملي ٿي، جنهن کي خيام جي رباعيءَ جو آزاد ترجمو چئي سگهجي ٿو.

ظلمت ڪا سراغ ڪب لگايا هم ني،

جب سلسلهء نُور بڙهايا هم ني؛

باقي نه رها علم ڪا جب ڪوئي سلوڪ

تب جا ڪي مقام جهل پايا هم ني.

اِها ڳالهه مڃڻي پوندي ته ڪنهن به مترجم اهڙيءَ طرح اصل جي مفهوم کي اڄ تائين پنهنجو نه ڪيو، پر اهڙا مثال ٿورا ملندا. مرزا صاحب جو سنڌي ترجمو به واه جو آهي:

جيءُ منهنجو ادا، عمر کان محروم نه ٿيو،

اسرار هُيو ڪونه جو مفهوم نه ٿيو؛

جي ڌيان ڪري ڏسان ٿو پنهنجي دل ۾،

گذري وئي عمر ڪي به معلوم نه ٿيو.

خيام:

درڪار گِه ڪوزه گران بودم دوش،

ديدم دو هزار ڪوزه گويا و خموش؛

هر يڪ يزبانِ حال با من گفتند،

ڪو ڪوزه گر و ڪوزه خر و ڪوزه فروش.

ڪاشي پرياگي:

آوي مين جو ڪل رات گيا رفتهء هوش،

ديکهي ان گنت ڪوزي گويا و خموش؛

ناله ڪيا اڪ ڪوزي ني با جوش و خروش،

ڪو ڪوزه گرو ڪوزه خر و ڪوزه فروش.

طارق:

ڪار گاه، ڪوزه گر مين مئن جو جا نڪلا ٿا دوش،

اس جگه ديکي هزارون ڪوزي گويا و خموش؛

ان سي هر ڪوزه لگا ڪهني زبانِ حال سي،

هي ڪهان ڪوزه گر و ڪوزه خر و ڪوزه فروش.

روڊويل:

I tarried a potter’s yesterday;

Two thousand pots speaking of silently lay:

In their pot language all began to say-

Where’s the pot-meked, buyer, seller-pray.

وي.ايم. داتار:

I worked at night at potter’s shop me thought,

That pots coferred and some solution sought,

And each enquired of me: “Tell thou on earth,

Is pot or potter, who that sold or bought”.


·  عمر خيام جي رباعين جو ٻيو ترجمو خيرپور جي مير علي نواز ”ناز“ پڻ ڪيو آهي، جيڪو هن وقت ناياب آهي.      _ مترجم

·  اڙدوءَ ۾ ٻيو ڊرامو سيد عابد علي ”عابد“ جو لکيل آهي، جيڪو خاص ريڊيو لاءِ لکيو ويو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com