سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :10

Text Box: 105

 ھڪ نقاد چوي ٿو ته: ”بلوچ ڪير آھن؟ ان قوم جا وڏا ڪير ھئا! ڪٿان آيا؟ ڇو آيا؟ ۽ ڪڏھن آيا؟ اھي گجرات، ڪاٺياواڙ، سنڌ، پنجاب، بلوچستان، سرحد، ھرات، قنڌار، سيستان ويندي بندر عباس تائين پکڙيل آھن، پر اھو پتو نٿو پوي ته ايتري وسيع ايراضيءَ ۾ سندن پکڙجي وڃڻ جا اسباب ڪھڙا آھن؟ اھي ڪھڙا تاريخي واقعات آھن، جي بلوچ قوم جي پس منظر ۾ اڃا تائين دٻيل آھن ۽ جن تي ڪابه تاريخي روشني نه وڌي ويئي آھي.“

ان جي جواب ۾ ھڪ نقاد جي راءِ آھي: ”اصل ۾ ھي آھن اھي سوال ۽ مطالبا، جن جا مستند ۽ مدلل جواب نه ته ڪنھن پراڻي تاريخ مان ملي سگهيا آھن، نه ڪنھن سفرنامي ۾ موجود آھن، نه ڪنھن جنگنامي ۾ محفوظ آھن، ۽ نه ڪو ڪنھن پراڻي مذھبي ڪتاب ۾ آھن. ھڙئي اعتبار جوڳا ۽ علمي ذريعا ھن مسئلي ۾ خاموش آھن.“

باوجود ان جي، ھت بلوچ قوم جي تاريخي حيثيت متعلق جو ڪجھه به مؤرخن ۽ ناقدن جي علمي ذخيري مان معلوم ٿي سگهيو آھي، اھو پيش ڪريان ٿو. ان سان گڏ، ھن دؤر جي مؤرخن، عالمن ۽ محققن کي پڻ دعوت فڪر ٿو ڏيان، ته ھو به ھن تاريخي مسئلي تي پنھنجي ذاتي مطالعي مان ڪجھه پيش ڪن، جيئن بلوچ قوم جي حقيقي ۽ تاريخي حيثيت متعلق ڪا صحيح نموني ۾ راءِ قائم ڪري سگهجي. اھو واضح ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان، ته ھن مضمون جو مواد انگريز مورخن سان گڏ، ڪن مشھور يورپي محققن جي ڇنڊڇاڻ جو مرھون منت آھي. ان کان سواءِ، مغربي پاڪستان جي مختلف ضلعن جا گزيٽيئر ۽ پنجاب جي اميرن ۽ سردارن جي تاريخ جا ڪجھه عملي ڪتاب پڻ اڳيان آھن. ڪتابن جي سلسلي ۾، ’گلاسري آف ٽرابر‘،مصنف روز صاحب، امپيريل گزيٽيئر‘، ’تاريخ بلوچستان‘، مصنف راءِ صاحب هيتورام، ۽ ’تاريخ بلوچستان،‘ مصنف سردار غلام رسول خان قرائي، ’بلوچستان جي مختصر تاريخ‘، مولائي شيدائي، وغيره ڪتابن تان پڻ ڪافي مدد ورتي ويئي آهي. ٻيو ته بلوچن جو مختصر احوال ڪجهه فرودسيءَ جي شاهنامي ۾ پڻ آيل آهي، جو هن سلسلي ۾ جهوني ۾ جهونو رزميه ۽ شاعرانه شاهڪار ته چئي سگهجي ٿو، پر ان کي تاريخي ۽ تحقيقي ماخذ بنائي نٿو سگهجي، ان کان پوءِ اڄ تائين جو ڪجهه به تاريخي ذخيرو  پيدا ٿيو آهي، ارمان آهي جو اهو بلوچن جي ذڪرکان گهڻو تڻو خالي ٿو نظر اچي.

Text Box: 107

مٿيان چند ڪتاب، به پنجاهه_ سٺ سالن جا لکيل آهن، ڪي پراڻا ڪين آهن، تاهم انهن کي غنيمت سمجهڻ گهرجي، خدا ڪري ته ڪو محقق ۽ مؤرخ پيدا ٿئي، جو هن مسئلي تي تحقيق مزيد ڪري، ۽ فاضلانه نقطه نظر سان هن بحث کي نباهي سگهي.

بلوچن ابا ڏاڏا:

گذريل سؤ کن سالن اندر، جو ڪجهه به تاريخي طور لکيو ويو آهي، ان ۾ چيو ويو آهي ته  بلوچ قوم، اصل ۽ نسل جي حيثيت سان ، ’ترڪي_ايراني‘ نسل سان واسطو ٿي رکي. مؤرخن جو اهو گروهه، ان مسئلي تي به اصرار ڪري چڪو آهي ته نه فقط بلوچ، پر افغان ۽ بروهي به ترڪي نسل جا آهن، پر بلوچن ۾ انهن قومن کان وڌيڪ ترڪي اثرات موجود آهن، ڪن محققن ته مورڳو ڪن قبيلن جي مورث اعليٰ جا نالا به ڏنا آهن. اهي چون ٿا ته’بلو‘، ’افغانه‘ ۽ ’ازبڪ‘ نالي، ٽيئي پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا، جي  ترتيبوار بلوچ، افغان ۽ ازبڪ قومن جا جدامجد ۽ مورث اعليٰ آهن.

مشهور انگريز محقق برنيئر جو خيال آهي ته اهي مٿيان قبيلا،’بني اسرائيل‘ آهن. سندس تحقيق آهي ته افغان قوم پنهنجي طرز معاشرت ۽ خط و خال جي حيثيت سان، بني اسرائيل سان تمام گهڻو ٿي ميل رکي. ڳالهه اها آهي ته ’افغانه‘ پنهنجن ٻن ڀائرن ’بلو ۽ ازبڪ‘ وانگر بني اسرائيل کان ڪٽجي، بلوچستان، افغانستان ۽ ترڪستان ۾ اچي آباد ٿيا. ان طرح افغان مؤرخ پڻ ان حقيقت تي متفق الخيال آهن ته ’افغانه‘ پنهنجن ٻن ڀائرن سميت، ابن جريميه جو اولاد آهن، جو بني اسرائيل قبيلي مان هو. جنهن کي بخت نصر جي حڪم تي ملڪ بدر ڪيو ويو هو، ۽ جو هلندي هلندي اچي موجوده علائقن ۾ آباد ٿيو هو، ان طرح اهي محقق اهو به لکن ٿا ته ابن جرميه‘ ’قبطي‘ خاندان مان هو. پر خاص طرح سان دلچسپيءَ جي ڳالهه اها ٿا لکن ته  قبطي خاندان به مان هو مصر جي حاڪم ’فروعونن‘ جي اولاد سان واسطو رکي ٿو، بهرحال، مؤرخن ان نسل واري تند کي اينگهائي، بني اسرائيل ۽ قبطي کان هلندي، خود مصر جي فرعون خاندان سان وڃي ملايو آهي. والله اعلم.

ڪن محققن جي تحقيق مان خيال ٿو پيدا ٿئي ته اهو به ممڪن آهي ته ’افغانه‘ پنهنجي والد جي موت کان پوءِ، پنهنجن ڀائرن سميت، مصر جي مشهور ’سامري‘ قوم وانگر ڀڄي،سيستان ۽ ڪيچ مڪران جي علائقن کي لتاڙي، متان وچ ايشيا ۾ اچي آباد ٿيا هجن، بهرحال تاريخ ان مسئلي ۾ به مبهم بيانن تي مشتمل آهي.

يورپين مؤرخن جي تاليفات ۾ به بلوچن جي اصل نسل متعلق ڪافي اختلاف موجود آهي. هڪ انگريز مؤرخ جو خيال آهي ته ’بلوچ‘، نسلي طرح سان ’ترڪمان‘ نسل سان واسطو ٿا رکن. ٻيو انگريز محقق ان جي برعڪس بلوچن جو تعلق، عرب، نسل سان ٿو ڳنڍي. انهن ٻنهي سان اختلاف ڪندي، مسٽر بيلو(Belo)جو خيال آهي ته بلوچن جو اصل نسل ’راجپوت‘ قوم سان تعلق ٿو رکي. اهي خاندان پوءِ جا مسلمان ٿيل آهن. هي محقق گويا، بلوچن جو اصل نسل ’سامي النسل‘ مان ڇني ’آريه نسل‘ سان ٿو ملائي. ان خيال جي تائيد ڪندي، هڪ سنسڪرت هي وڏي عالم ۽ پنڊت جي تحقيق آهي ته لفظ بلوچ جو تعلق سنسڪرت ٻوليءَ سان آهي: ’بل‘، معنيَ ٻل ۽ قوت، ’اُچ‘ ۽ ’اوچ‘ معني اعليٰ، يعني طاقتور ۽ شهزور.

Text Box: 109

 

انهن سڀني محققن جي مقابلي ۾، برٽن ۽ لاسن، وري بلوچن جي وڏي تعداد کي ايراني نسل سان وابسته ٿا بيان ڪن. ان سلسلي ۾ مسٽر ڊيمز، پڻ انهي ٻنهي مؤرخن سان اتفاق ڏيکاريو آهي. سندس تحقيق آهي ته بلوچ، ايراني ’سطح مرتفع‘ (مٿاهين آبادي) کان هيٺ لٿا آهن. اهو حصو ايران جي اتر_ اوڀر حصي ۾ موجود هو. مسٽر ڊيمز اڳتي هلي چوي ٿو ته، ”بلوچن جو سڀ کان اول ذڪر اڄ کان نؤ سؤ سال اڳ، يعني چوٿين صدي هجريءَ ۽ ڏهين صدي عيسويءَ ۾ نظر اچي ٿو.“

 

”شاهنامه“ فردوسيءَ ۾ به بلوچن جو ذڪر موجود آهي. ’بلوچ‘ ايراني فوجن ۾ ڀرتي ٿيل هئا، ۽ جنگ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا، ايران جي تاريخ شاهد آهي ته نوشيروان جي زماني ۾ جن مشهور قومن ’گيلان ۽ ديلم‘ ملڪ ۾ بغاوت شروع ڪئي هئي، تن سان بلوچ به شريڪ هئا. انهن قومن جي خلاف ’نوشيروان‘ سخت تاديبي ڪارروائي پڻ ڪئي هئي. تاريخي طرح سان اها حقيقت ثابت ٿيل آهي ته ’گيلان ۽ ديلم‘ قبيلا آذربائجان جي موجوده صوبي ۾ رهندا هئا.

ڪن محققن جي راءِ آهي ته انهن ڏينهن ۾ ڪيسپين سمنڊ جي آسپاس ’بلوچ‘ به آباد هئا. انهن ڪجهه وقت کان پوءِ اتانهون هجرت ڪري بندرعباس، سيستان، بلوچستان، گجرات، ڪاٺياواڙ، سنڌ، پنجاب ۽ سرحد تائين اچي پٽ وسايا ۽ رهائش اختيار ڪئي.

مسعودي  مؤرخ جو چوڻ آهي ته ”ڏهين صدي عيسويءَ ۾، بلوچ، ’ڪرمان‘ علائقي تي قابض هئا.“ ان طرح لارڊ ڪرزن، اڳئين وائسراءِ هند پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”بلوچ خراسان ۾ به آباد هئا.“

بلوچ مورخن جا رايا:

اسان مٿي يورپي ۽ ايشيائي مؤرخن جي راءِ بيان ڪري چڪا آهيون. پر انهن جي قياس آرائي ڪيتريقدر حقيقت تي مبني آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ خود بلوچ مؤرخن جي راين کي به ڏسڻ گهرجي.

اڪثر عام ۽ ساده لوح بلوچن جو چوڻ آهي ته ”بلوچ امير حمزه جو اولاد آهن. امير حمزه  هڪ پريءَ سان شادي ڪئي هئي، ان جي پيٽان بلوچ پيدا ٿيا.“ حالانڪ اهو امير حمزه ڪو داستان امير حمزي وارو خيالي ڪردار نه آهي. اهو بزرگ، پيغمبر ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو چاچو بزرگ آهي، جنهن سڳوري جي سوانح ۽ سيرت جا ماخذات بلڪل مستند نموني ۾ موجود آهن. باوجود ان جي، نڪو پريءَ سان شاديءَ جو افسانو ٿو ملي، نڪو حقيقي طور سندس پيدا ٿيل اولاد جو ڪٿي ذڪر موجود آهي. ان حقيقت کان واقف هوندي به ڪن محققن جي وري اها راءِ پيدا ٿي ته_هجي نه هجي، بلوچ آهن امير حمزه جهڙي شهيد، شجاع، غيور، مجاهد، غازيءَ ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي چاچي سڳوري جو اولاد.

بلوچ مؤرخن جي اها به راءِ آهي ته حضرت علي ڪرم الله وجهه جي لشڪر جا مودي ۽ سامان رسد جا سنڀاليندڙ پڻ بلوچ هئا، تاريخن، ’صفين‘ جي لڙاين ۾’بلوچن‘ متعلق ان حقيقت جي تصديق ڪئي آهي. ان طرح اهو به بلوچ مؤرخ لکن ٿا ته    ”بلوچ قوم ڪربلا جي واقعي تائين عرب جي مختلف هنڌن تي آباد هئي. حتاڪ ڪربلا ۾ بلوچن امام حسين عليه السلام جي طرفداري ڪندي، يزيد جي لشڪر سان مقابلو به ڪيو هو. امام حسين عليه السلام جي شهادت کان پوءِ يزيد جي مطلق العنان حڪومت پڻ مٿن جوابي ڪاروائي شروع ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ عرب ۽ عراق جي سرحد ٽپي، اچي سيستان ۾ آباد ٿيا، ۽ ان کان پوءِ، آهستي آهستي ڪيچ مڪران جي علائقن تائين رڙهي اچي آباد ٿيا.“

بهرحال، بلوچ مؤرخن جي روايتن ۽ انگريز محققن جي تحقيقي راءِ ۾ ڏاڍو اختلاف ٿو نظر اچي. انگريزن ۽ ٻين يورپي محققن جي تحقيق ۽ قياس جو بنياد هڪ هزار سال اڳ جي زماني تائين آهي. ٻئي طرف انهن جي مقابلي ۾ بلوچستان جي نسبنامن جون ڪڙيون چوڏهن سؤ سالن تائين پهچن ٿيو، ان کان سواءِ، بلوچن جي هجرت جي تاريخ کي به تيرهن سؤ سال مس گذريا آهن.

بهرحال، اسان کڻي ٿوري وقت لاءِ ان مفروضي ۽ قياس آرائيءَ کي مڃون، ته بلوچن جا ڪي گهراڻا، بغداد ۽ بصري کان، بندر عباس تائين پهچندي، سيستان ۾ آباد ٿيا، ۽  ڪي قبيلا بغداد کان سڌا طهران ۽ آذربائجان جي آسپاس اچي آباد ٿيا، ته چئي سگهجي ٿو. بلوچن جي سيستان ۾ آباد ٿيڻ کان پوءِ، يا ته سندن اولاد ايراني لشڪر ۾ شرڪت اختيار ڪئي هجي ۽ ان فوجي خدمت جي صلي ۽ سلسلي ۾ کين ڪي انعام اڪرام ۽ جاگيرون مليو هجن، ۽ پوءِ آذريائجان جي آسپاس آباد ٿي ويٺا هجن، ته به قرين قياس آهي.

ان طرح بلوچ، پنهنجي نسبنامي کي ’اهل عرب‘ سان ملائيندي، اهو ثبوت به پيش ٿا ڪن ته حلبي زبان ۾ ’بلوچ‘ جي معنيٰ آهي_’صحرانشين‘، جن جو باديه پيمائيءَ سان ڪم هجي. ان سلسلي ۾ اهو پڻ چيو ٿو وڃي ته ’حلب‘ جي ڀرسان هڪ پهاڙي ۽ هڪ ندي موجود آهي، ٻنهي جانالا ’بلوچ‘ آهن. جڏهن ته بلوچ قوم ايامن کان ’حلب‘ جي آسپاس به آباد رهندي آئي آهي، ان ڪري ائين به چئي سگهجي ٿو ته ان نسبت سان هن قوم کي ئي ’بلوچ‘ سڏيو ويو. باقي رهيو اهو سوال ته نديءَ ۽ پهاڙيءَ جو نالو بلوچ ڪڏهن پيو؟ ۽ ڪيئن پيو؟ ان کان تاريخ خاموش آهي. اگر اهو مڃجي ته قوم جي نسبت سان نديءَ ۽ پهاڙيءَ جو نالو بلوچ پيو آهي ته پوءِ بلوچ جو وجهه تسميه، انهن کان به اڳاٽي دؤر ۾ تسليم ڪرڻو پوندو، ۽ ان سلسلي ۾ اهي هنڌ ۽ ماڳ، بستيون ۽ خيابان جهاڳڻا پوندا، جن جا وسيع ميدان، بلوچ قافلن جي اُٺن ۽ پيادن جي نشانن جو آماجگاهه رهيا آهن.

پر جي ائين تسليم ڪبوته نديءَ ۽ پهاڙيءَ جو نالو، قوم کان اڳ جو آهي، ته پوءِ ان مسئلي جي به تاريخ ۽ اثريات جي روشنيءَ ۾ ڇنڊ پاڻ ڪرڻي پوندي، ته اهو نالو، پهاڙيءَ ۽ نديءَ تي ڪئي پيو؟ ۽ ڪڏهن پيو؟

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن ٻنهي حقيقن جي تفصيل ۽ وضاحت کان تاريخ جو دفتر خاموش آهي. رڳو بلوچن جي جدامجد ۽ سلسلهء نسب جي اها تاريخ جا صدين کان وٺي، سينه بسينه روايت تي هلندي آئي آهي ۽ هڪ کان ٻئي کي پهتي، ٻئي کان ٽئين وٽ آئي، ان طرح سان بلوچ پنهنجن وڏن جي حال احوال کي مقدس روايت وانگر حفظ ڪندا آيا آهن، جن جو بنياد روايت ۽ داستان تي آهي، باقي تاريخ جي تحقيق اڃا تشنه تڪميل آهي خدا ڪري ته ڪي محقق پيدا ٿين ۽ هن ڦوري کي ڦولهين.

بلوچن جو زوال:

اها ته تاريخي حقيقت آهي ته  بلوچ قوم، روءِ زمين جي چڱيري حصي تي ايامن کان نه، ته به چوڏهن_ پندرهن صدين کان آباد رهندي آئي آهي. بندر عباس کان سومناٿ تائين ۽ ڪراچيءَ کان قنڌار تائين؛ ديري غازي خان کان ديري اسماعيل تائين، ۽بلوچستان کان ويندي سنڌ تائين آباد آهي. ان قوم جي ڪن قبيلن حڪومت به ڪئي آهي. وزارتون به ماڻيون آهن، منجهن مجاهدن ۽ سالارن جو به وڏو انداز رهندو آيو آهي، مغلن جي دؤر کان وٺي، انگريزن جي زماني تائين، بلوچن جي شجاعت جا ڪارناما موجود آهن. پر سوال ٿو اٿي ته ايشيا جي ٽن سلطنتن ۾ آباد هوندي به اها قوم اڄ تائين ڇو پسمانده رهندي آئي آهي؟ ڇو زندگيءَ جي عملي مسئلن کان اڃا بيشعور آهي؟ ڇو اڃا تائين اقتصادي توڙي سماجي طرح سان دنيا جي ٻين قومن جي مقابلي ۾ اڃا پوئتي آهي؟ آخر اهي ڪهڙا سماجي اسباب ٿي سگهن ٿا، جن هن قوم کي شجاعت جي هوندي به عملي زندگيءَ کان ڌڪي ڌار ڪري ڇڏيو آهي؟ ائين ته نه آهي ته بلوچن جي قومي تاريخ، اڃا تائين تاريڪين ۾ آهي. ان ڪري، منجهن قومي ولولي جو پيدا ٿيڻ ڄڻ ته ناممڪن ٿي چڪو آهي، بلوچن وٽ پنهنجي آباءَ و اجداد جي ڪارنامن جي ڪا مستند تحرير موجود نه آهي، جنهن مان سندن شاندار ماضيءَ جو وڪو اعتماد جوڳو رڪارڊ بنجي سگهي! اگر سچ پچ ائين آهي ته پوءِ اها هڪ وڏي تاريخي ٽريجڊي چئبي،  پر جي وچان ڪي اسباب ئي ٻيا آهن ته پوءِ، هن قوم جي اصلاح خاطر، عالمن ۽ مؤرخن کي گهرجي ته ان تي غور ڪن.

موجوده حالت:

بلوچ قوم، گهٽ ۾ گهٽ هزار سوا ورهين کان، مختلف ملڪن ۽ هنڌن تي ڌڪبي ۽ ٿيلهي رهي آهي. هڪ ملڪ مان کين ڪڍيو ويو ته وڃي ٻئي هنڌ وڻ وسايائون، اتان کين هڪاليو ويو ته وڃي ٽئين ديس ۾ ديرا ڄمايائون، اڃا اتي ساهه مس پٽيائون ته اتان به کين خارج البلد ڪيو ويو ته وڃي ڏيهان ڏور خيما گوڙ يائون . اهوته ظاهر آهي ته مسلسل باديه نشينيءَ ۽ صحرانورديءَ جي ڪري، ان قوم ۾ نڪا تاريخداني جي ڄاڻ آئي، نڪا تاريخ خوانيءَ جو منجهن شعور پيدا ٿيو. قومن  جي ڪمال ۽ زوال جا اسباب، معاشرتي ۽ سماجي پستيءَ جا واقعا ۽ حادثا، تعليمي ۽ تهذيبي تنزل جا محرڪات، هڪ دربدر ۽ خاڪبسر قوم ۾ آخر ڪٿان پيدا ٿين. جنهن قوم کي ڪٿي آباد ٿيڻ ئي نه پئي ڏنو ويو آهي، اها قوم تهذيب ۽ ادب، علم ۽ ايجاد جي ميدان ۾ ڇا ٿي ڪري سگهي؟ نوان حادثا، نوان افڪار، نوان نظريا، نيون ايجادون، علم ۽ سائنس جي دنيا ۾ ترقيءَ جي رفتار جون نيون سرگرميون، اها قوم ڪيئن ٿي ڄاڻي سگهي؛ جنهن ۾ نڪو اسڪول نڪو ڪاليج، نڪا درسگاهه نڪا يونيورسٽي؟ جنهن قوم ۾ اٽي ۾ لوڻ جيترا پڙهيل مس هجن، اها قوم دنيا جي زندهه ۽ ترقي پذير قومن ۾ ڪيئن ٿي شمار ٿي سگهي؟ انهن ۾ علم ۽ ادب، تهذيب ۽ ثقافت، تمدن ۽ علميت آخر اچن سو ڪٿان اچن!

ايامن جي ڀڃ_ڊاهه، وٺ_ پڪڙ، لڏ_پلاڻ، شڪست ۽ ريخت، باهمي اختلاف ۽ جدال، هن قوم ۾ شجاعت ۽ دفاعي حوصلي جا جوهر ته پيدا ڪيا آهن، پر، هڪ مثالي ۽ زندهه قوم وانگر، هن جديد دؤر جي شهريت ۽ سماجي تقاضا موجب زندگي بنائڻ جو سليقو منجهن اڃا نه پيدا ٿيو آهي. اهو ئي ڪارڻ  آهي، جو انهن جي شجاعت جا ڪارناما، بهادريءَ جون روايتون، تمدني آثار، ثقافت جا مظاهر، شعر و شاعريءَ جا دفتر، سڀ هن دؤر جي زندهه تقاضائن جي روشنيءَ ۾، ڪيفيت توڙي ڪميت جي لحاظ سان نڪو ذڪر جي قابل چيا وڃن ٿا، نڪو فڪر ڪرڻ جهڙا رهيا آهن. علم ۽ فضل مفقود، صنعت ۽ حرفت کان دؤري ۽ ٻني ٻاري کان غفلت، تجارت ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ کان بيزاري اڄ عام جام آهي.

Text Box: 115

’بلوچن‘ جي ’رزميه ۽ بزميه‘ ڪرنامن جي سهيڙن ۽ پرکڻ، پڙهڻ ۽ پرجهڻ کان پوءِ به محقق ائين ٿا فرمائين ته:

”بلوچن ۾ نڪا آهي ولوله انگيز شعر و شاعري، نڪو سندن روايات ۾ آهي زندگي ۽ زندهه دلي؛ نڪو آهي منجهن تهذيبي شعور ۽ تمدني ڪردار، نڪو آهي منجهن علم ۽ ادب لاءِ چاهه ۽ اتساهه؛ انڪو آهي سندن شجاعت جو دفتر، نڪو آهي وٽن شهريت پسنديءَ جي سند: نڪو آهي سندن علمي ٻولي، نڪو آهي وٽن ڇاپخانو؛ نڪو آهي ادبي ڪتابن جو ذخيرو، منجهن پراڻي دؤر جا هڪ درجن شاعري به نه ملندا، جن جو ڪلام سهيڙيل ۽ سنواريل  هجي، نه وٽن موسيقي_سندن راڳ آهي ڄڻ دٻي ۾ ٺڪريون! سندن ساز آهي دهل ۽ دنبورو ، جنهن تي ايامن جون  پراڻيون ڌُنون ڪُٽنڊا اچن. وٽن اگر ’ناچ‘ آهي ته پوءِ اهو به پراڻي قسم جو، اُٺن جي داڦوڙن وارو، نه سُر نه تاُر، دهلن تي ٻيا اُٺن وانگر اُڇلون ڏيندا. وڌ ۾ وڌ ڪنهن جي مرڻ تي سندرا ٻڌي دهلاريءَ کي چوڌاري ڦري بيهي پار ڪڍندا ۽ پٽيندا جن پارن ۾ به نه هوندو رزميه داستان، ۽ نڪو هوندو فوتيءَ جي مدح ۾ سوانحي خاڪو، ۽ نڪو هوندو دسلوز مرينه وارو رنگ!

ممڪن آهي ته محقق جي مٿينءَ راءِ ۾ ڪجهه مبالغو نظر ايندو هجي، پر آهي سو سچ! اڄ به سنڌ ۽ پنجاب جي اولاهين سرحدن تي وڃي ڏسڻ گهرجي،  سوين بلوچ قبيلا ملندا. پر منجهن نه علم ۽ فضل ملندو، نه تهذيب ۽ معاشرت! اها به هڪ مستثنيٰ چيز آهي، بلڪ هڪ اتفاقي حادثو آهي،، جو سنڌ ۽  پنجاب، سرحد ۽ ديره جات ۾ ڪي لٺ سردار بلوچ خاندان سڌري پيا آهن، ۽ ڪي پڙهي پيا آهن. ڪي ڊاڪٽر، اديب، شاعر، عالم ۽ صاحب تاليف ٿي چڪا آهن، ڪي وزير ۽ امير به رهيا آهن، ته ڪي حاڪم ۽ قاضي به ٿيا آهن. باقي ڪثرت ۽ عوام جي حالت نهايت ڏک جهڙي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com