پيرحسام الدين راشدي
ڄام نظام الدين سمو
سنڌ جا باشندا قرب ۽ محبت منجهان کيس”ڄام نندو“
سڏيندا هئا ۽ اڃا تائين به سندس نالي جي اها تخفيف
بدستور مروج ۽ مشهور آهي.
ڄام نظام الدين، سمن جي خانوادي جي آخري ۽ آزاد
سنڌ جو پويون تاجدار هو، جنهن25 _ربيع الاول866هه
کان 914هه
تائين نه ڇڙو ملڪ مٿان فرمانروائي ڪئي، بلڪ ماڻهن
جي دلين تي به بادشاهي ڪئي،
کانئس پوءِ پُٽس ڄام فيروز ۽ خاندان جي ٻئي هڪ
شهزادي ڄام صلاح الدين جي وچ ۾، تخت ۽ تاج لاءِ
خانه جنگي شروع ٿي. سن 914هه کان وٺي سن 927هه
تائين، سنڌ تي، ڪڏهن صلاح الدين گجرات کان ڪٽڪ ڪهر
ائي پهتو، ۽ ڪڏهن سبيءَ ۽ قتڌار کان ارغونن کــي
وٺي، فيروز اچـــي ڪڙ ڪيو. نيٺ انهيءَ ڪشمڪش ۾
ارغونن نه فقط صلاح الدين کي فيروز جي مقابلي ۾
ختم ڪيو(927هه)، بلڪ سال_ اڌ اندر فيروز جي به
پڄاڻي آڻي ، انهيءَ گهراڻي جي شاهيءَ جو ڏيو هميشه
لاءِ اُجهائي ڇڏيو.
انهن ٻن شهزادن جي ويڙهه جو نتيجو ڏاڍو اُگرو ۽
اندوهناڪ نڪتو. برابر اڍائن سون ورهين
(927_1152هه) تائين ماڻهو ۽ ملڪ، ڌارين جي غلاميءَ
جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان ڪڍي ڪونه سگهيا، سواءِ
ڪنهن ڏوهه ۽ گناهه جي، هتان جو هر متنفس صدين
تائين اذيت ۽ عذاب ۾ مبتلا رهيو، ۽ بنان ڪنهن
ڪئيءَ ۽ قصور جي مسلسل لوڙ لوڙيندو رهيو.
سنڌ جي انهيءَ سانحه ۽ فيروز_ جنهن کي سنڌ جي
موُرخن ”فيروز ناپيرروز“ لکيو آهي_ جي انهيءَ حرڪت
جي ذڪر ڪندي، ”ظفرالواله“ جي مصنف، عربيءَ جو هڪ
شعر مثال طور آندو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته:
”_جيڪو ماڻهو مصيبت جي وقت عمرو جي پناهه ڳولي ٿو،
سو انهيءَ انسان وانگر آهي، جيڪو نٽهڻ اُس کان بچڻ
خاطر، باهه ۾ ٽپي پوي ٿو_“
المستجير بعمرو عند ڪربته
ڪالمستجير من الرمضاءِ بالنار
افسوس ڪندي مصنف لکي ٿو ته: ”فيروز جو حشر به
ساڳيو ئــــي ٿيو، جڏهن مغل سنڌ ۾ پهتا تڏهن هرکجي
پيا.(طمعـــوا في الملڪ)کين طمع وٺي ويئي ۽ هنن
چالبازيءَ سان وزير د ريا خان کي قتل ڪري ڇڏيو.
اهڙيءَ بيوفائيءَ ڪندي کين ذري ماتر پرواهه ڪانه
ٿي.“
ساڳيو مؤرخ آڳتي هلي، سنڌ ۾ سنڌين جي بدبختيءَ ۽
بدقسمتيءَ تي، واوبلا ڪـــــندي چوي ٿو:”سنڌ
ســــنڌين هــــٿان نڪري ويئي. هو مغلن جي وعيت
بڻجي، شاهه مير (شاهه بيگ) جي دؤر کان وٺي جاني
بيگ جي عهد تائين، زماني جي پيڙا ۾ مبتلا رهيا_
درحقيقت زماني جي چڪيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي، جاني بيگ جي
دوُر تائين(10000هه) نه، بلڪ ان کان پوءِ به ڏيڍ
صديءَ تائين برابر پيڙبا ۽ پيسبا رهيا،“ مؤرخ سنڌ
جي الميه جو اهو عبر تناڪ داستان هن فقري تي ختم
ڪري ٿو:
”_وڪل ماينيله الدهرله امد وينقضيَ والله سبحانه
الدائم ملڪه_“
’زمانو جيڪي ڪجهه ڪري ٿو، ان لاءِ ضرور سبب ٿيندو
آهي‘_ ۽ اهو سبب اهو ٿيو، جو گهراڻي جا ٻه فرد
ذاتي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ تنگدل ٿي، هڪٻئي سان
وڙهي پيا. ڪشمڪش هلي، فساد ٿيا، سبب ٺهي آيو ڌارين
کي موقعو ملي ويو، ۽ زماني دستور مطابق نه فقط
انهن ٻن کي، بلڪ سڄي ملڪ کي سزا ڏيئي ڇڏي. اهڙي ئي
موقعي لاءِ شيخ سعديءَ فرمايو آهي ته:
چو از قومي، يڪي بيدانشي ڪرد
نه ڪه را منزلت ماند، نه مه را
ڄام نندو نهايت ئي نيڪ، ڪردار ۽ گفتار جو سچو،
منتظم، جري ۽ خوش اطوار سلطان هو؛ جاه وجلال، شان
و شوڪت، تدبر خواهه فهم و فراست ۾ سندس شاني ۽
ثاني ٻيو ڪو ڪونه ٿيو. سندس اڌ صديءَ جي حڪمراني
سنڌ لاءِ سچي پچي رحمت ثابت ٿي. ملڪ ۾ امن امان
هو؛ خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه هو؛ سنڌ جا ماڻهو
سکيا ستابا ٿيا؛ سڄو ملڪ ريان کيان هو؛ دينداري ۽
دنيا داري ملڪ ۾ ٻئي گڏوگڏ هيون؛ ديني ۽ دنيوي
علومن جي اشاعت سنڌ جي چئني ڪُنڊين انتهائي عروج
تي هئي؛ مدرسا ۽ خانقاهون آباد، راڄ ۽ رعيت، امير
خواهه سپاهي، سڀ آرام ۽آسائش ۾ هئا. جيسن پاڻ
زندهه هو، تيسين ڪنهن به ڌارئين کي همت ڪانه ٿي،
جو سنڌ ڏانهن مَندي اک کڻي نهاري.
ڄام نندي جي پاڪبازيءَ، زهد ۽ تقوا جون ڪيئي
ڪهاڻيون مشهور آهن. تاريخ ۾ اُن جا ڪيترا مثال
محفوظ آهن. قاضي عبدالله جي جنازي نماز ڄام نندي
هن ڪري پڙهائي، جو پاڻ سموري زندگي باوُضو رهيو هو
۽ ڪڏهن پنهنجي اوگهڙ ڪانه ڏٺي هئائين. ٺٽي ۾
ڪيترائي پير، فقير، صوفي ۽ بزرگ موجود هئا، ليڪن
اهي وصفون فقط سنڌ جي سلطان ۾ موجود هيون، انهيءَ
تقوا ۽ پرهيز گاريءَ سبب ئي هڪ روايت مطابق، پير
مراد شيرازيءَ جي جنازي نماز به ڄام ئي پڙهائي.
مشهور آهي ته جڏهن هو گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ ويندو هو،
ته جانورن جي پٺيءَ تي هٿ گهمائي چوندو هو:”خدا
اهو ڏينهن نه آڻي جو سواءِ غزا جي ، آءُ اوهان تي
سواري ڪريان! دعا آهي ته : ڪنهن به مسلمان جو خون
منهنجي هٿان اوهان تي سواري ڪندي نه وهي! آءُ
انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي خدا اڳيان قيامت ڏينهن شل
شرمندو نه ٿيان!“
سندس هيٺينءَ رباعيءَ مان پڻ سندس سيرت ۽ ڪردار تي
روشني پوي ٿي:
اي آنڪ ترا نظام الدين مي خوانند،
تومفتخري ڪ، مرا چنين مي خوانند!
گر در ره دين از تو، خطائي رفته،
شڪ نيست ڪه ترا ڪافر لعين مي خوانند.
سڀني مؤرخن، سنڌ جي انهيءَ نيڪنام سلطان جي تعريف
ڪئي آهي ، ۽ سندس دؤر کي امن ۽ سڪون، ايمان ۽
اخلاق، نيڪيءَ ۽ ديني بلنديءَ جو دؤر ليکيو ۽ لکيو
آهي. معصوميءَ جو مصنف لکي ٿو:
”.....در اوائل حال، طلب علم مي نمود، ودر مدارس و
خوانق ميگز رانيده.و بغايت متواضع و خليق بود،
بصفات پسنديده و اخلاق حميده متصف، وزهد و عبادت
بدرجه ڪمال داشته.“
آخر ۾ لکي ٿو:
”.....و فضيلت و حالت او زياده از ان بود ڪه شمه
ازان تحرير توان نمود،“
ماثر رحيميءَ جو مصنف لکي ٿوته:”سنڌ ڇا ؟ بلڪ
سموري هندستان ۾ جهڙس ديندار، متقي ۽ صاحب فضيلت
بادشاهه ڪونه ٿيو.“ مغل دؤر جي انهيءَ مؤرخ جو اهو
قول وزندار ۽ وڏي ۾ وڏو اعتراف آهي:
”درميان سلاطين سنده چه؟ ڪه درميان سلاطين
هندوستان بفضيلت و حالت او نبوده.“ ساڳيو مصنف لکي
ٿو ته:”سندس دؤر ۾ عالم، صالح، بزرگ ۽ فقير سڀ خوش
و خورم، ۽ رعيت خواهه سپاهي فارغ البال ۽ آسودي
حال هئا.“
”...در زمان، دولت او، علماء وصلحاء و فقراء، در
نهايت فراغت، اوقات مي گذرانيدند،
وسپاهي و رعيت آسوده حال و مرفع الحال بودند.“
مذهبي شوق ۽ شغف جي سلسلي ۾ مير معصوم جو قول آهي
ته:
”...در زمان دولت او، احياء سنن بنوعي شيوع يافته
بود ڪه مافوق اُن تصور نتوان ڪرد. و در مساجد
اقامت جماعت به نهجي ميبود ڪه صغير وڪبير محله، در
مسجد حاضر آمد ه،
بگذار دن نماز، تنها راضي نبود ند_“
ساڳئي سلسلي ۾ ماثر رحيميءَ جو مصنف لکي ٿو:
”...احياء سنُن و رواج مدارس بنوعي درسند مقرر بود
ڪه، زبان، قلم از تحرير اُن عاجز است.“
مڪلي نامه جو صنف، تحفته الڪرام ۾ رقم طراز آهي:
”...در زمانش علماء وسادات وصلحاء وعموم خلق الله
برفاهيت ڪلي گذرانيده، احياي سنن بنوعي شيوع يافت
ڪه احدي بدون صوم وصلواته نبودي،“
تحفته الڪرام، مقالات الشعرا، حديقته الاولياء،
تحفته الطاهرين يا ٻين تذڪرن ۽ تاريخن ۾ اسان کي
اڪيچار سنڌي عالمن، بزرگن، مشائخن، محدثن ۽ شاعرن
جا جانالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن انهيءَ سلطان جي دؤر ۾
سنڌ اندر، اطمينان ۽ دلجمعيءَ سان ديني ۽ دنيوي
علمن کي فروغ ڏيڻ ۾ سرندڙ ڪوششون ۽ خد متون ڪيون.
اهڙيءَ ريت امن، راحت، فراغت ۽خوشحاليءَ جون خبرون
جڏهن ڏوراهن ڏيهن تائين پهتيون، تڏهن سنڌ کان ٻاهر
جي مشاهيرن به قطار در قطار هن طرف رخ رکيو. سلطان
نظام
الدين جي آخري دؤر ۾ ته خاص طرح ايران، خراسان
خواهه ماوراء النهر مان ڪيئ گهراڻا، سنڌ ۾ ايڏيءَ
ڪثرت سان اچي پهتا، جو انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ حضرت
ننگر ٺٽي ۾، علحدا محلا مخصوص ڪرڻا پيا، وسط ايشيا
۾ اهو زمانو سخت بدامنيءَ ۽ طوائف الملوڪيءَ جو
هو.
انھيءَ ڀاڄڙ ۾ گهڻا ته خس وخاشاڪ جي مثل ھئا، ليڪن
ڪي اھڙا عالم ۽ دانشمند به اچي پھتا، جن جو اچڻ،
سچ پچ ته سنڌ لاءِ ھڪ نعمت ھو. مثلاً:
مولانا عبدالعزيز ابھري، ۽ سندس پٽ مولانا
اثيرالدين پنھنجي سموري خاندان سميت ھتي پھتا.علم
جي اشاعت لاءِ مدرسو جاري ڪري، ھنن سوَن علم جي
طالبن جي آس ۽ پياس پوري ڪئي.
علامه جلال الدين دواني (المتوفي سن 908ھ) سنڌ ۾
اچڻ لاءِ تيار ٿيو، راھ خرچ به ڏانهنس موڪليو ويو.
ليڪن افسوس جو خرچ پهچڻ کان اڳ، مولانا لاڏاڻو ڪري
ويو.
”...تا ريسدن خرچ راه ورسولان، مولانا سفر تته را
بسفر آخرت تبديل نموده بملڪ بقا رفته بود.“
هن جا ٻه جيد شاگرد، مير شمس ۽ مير معين ٺٽي ۾
آيا، جن هتي رهي ديني ۽ دنيوي علم جي اشاعت ۾
ڀلئون ڀل ٻهرو ورتو.
اهڙيءَ ريت سنڌ جي انهيءَ نيڪ نهاد سلطان جي سمي ۾
ڪيترن بيروني عالمن هتي پناهگزين ٿي، شاهي
سرپرستيءَ هيٺ سنڌ کي علمي فائدو رسايو.
ڄام نظام الدين جو اهو سلوڪ، ڇڙو پنهنجي هم مذهب
رعيت سان نه هو، بلڪ سنڌ جي غير مسلم رعايا به
انتهائي امن ۽ آرام ۾ هئي، تاريخ ۾ ڪيترن هندو
اميرن جا نالا اسان کي ملن ٿا، جيڪي سندن دؤر ۾
حڪومت جي نهايت اهم عهدن تي فائز هئا، عام هندن پڻ
مسلمان رعيت وانگر، خوشحاليءَ ۽ فارغ لباليءَ سان
پنهنجو وقت خيرخوبيءَ سان گذاريو ٿي. نه مذهبي
دوُئي هئي ۽ نه ديني دنگا هئا، بلڪ انهيءَ قسم جو
تصور به سندس زماني ۾ موجود ڪو نه هو.
سلطان پنهنجي چوڌاري، مجلس خواهه مصلحت، ملڪي
ڪاروبار خواهه حڪومت جي نظآم هلائڻ لاءِ، چيدا
چيدا ماڻهو رکيا هئا، وڏو مردم شناس بادشاهه هو،
تاريخ ۾ اسان کي سندس متعلقين مان ڪوبه هڪ ماڻهو،
غلط قسم جو ڪونه ٿو ملي.
درياخان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪرو هو. بادشاهه
منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏٺا، پاڻ وٽ آڻي سندس
پرورش ڪيائين، ۽ اعليَ پيماني تي تربيت ڏيئي،
معمولي ملازم جي درجي تان مٿي چاڙهيندي، کيس وزير
اعظم جي عهدي تائين وڃي رسايو، سنڌ جي فوجن جي سپه
سالاري به سندس سپرد هئي.”مبارڪ خان“ ۽ ”خان اعظم“
جا خاصا خطاب ڏيئي. سندس مرتبو بلند ڪندي، آخر ۾
کيس پنهنجي فرزنديءَ سان سرفراز ڪري، عروج ۽
اقبالمنديءَ جي آخري منزل تائين پهچايائين، مردم
شناس سلطان جي انهيءَ منتخب ڪيل ماڻهوءَ، پنهنجي
ڪارڪردگيءَ سبب بادشاهه جي زندگيءَ ۾ ته نمڪحلالي
۽ جفاشي ڪندي سموريءَ سلطنت جو ڳاٽ اوچو رکيو؛ بلڪ
سلطان جي وفات کان پوءِ به اهو ئي اڪيلو امير هو،
جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ پورا ٻارهن سال مسلسل
جدوجهد کي جاري رکيو. پنهنجي جيئري مغلن کي ٺٽي ۾
داخل ٿيڻ ڪونه ڏنائين، ۽ درهء بولان وٽ پهچي، کين
شرمناڪ شڪتون ڏيئي پٺٽي ڌڪيائين. آخر ۾ ٺٽي جي
چانئٺ وٽ لڙندي وڙهندي، تير ۽ تلوارون هڻندي ۽
کائيندي، جڏهن پنهنجو سرصدقو ڪيائين، ان کان پوءِ
ئي ”خرابيءَ سند“ جو باب کلي پيو، جنهن هڪ ٺٽي جو
ڇا؟ بلڪ غيرن جي غلاميءَ لاءِ پوريءَ سنڌ جو رستو
هموار ۽ صاف ڪري ڇڏيو.
انهيءَ قسم جي مردم شناسيءَ جا ڪيئي مثال سلطان
نظام
الدين جي تاريخ ۾ اسان کي ملن ٿا. مثلا سندس
پهريون وزير دلشاد خان به شجاعت ۽ انسانيت ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هو. بکر جي صوبي ۾ هن جيڪي اصلاحون
آنديون، سي تاريخ ۾ سندس ڪارڪردگيءَ جو روشن مثال
آهن، اهڙيءَ طرح ڪيئي امير ۽ مشاهير، سلطان جي بزم
جا روشن چراغ هئا، اهو ئي سبب هو جو، سندن سلطنت
مستحڪم، ملڪي نظام محڪم، ۽ سموري سنڌ، جيسين جيئرو
هو، تيسين ريان کيان ۽ باغ وبهار رهي.
سلطان نظام الدين جو دؤر (866_914هه)ٻئي هڪ لحاظ
سان به تاريخ ۾ يگانو هو. جنهن وقت سلطان جي سنڌ
تي حڪومت هئي، ان وقت پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ حسن اتفاق
سان سڀيئي بادشاهه جهڙس ئي جليل القدر ۽ ناميارا
هئا، تاريخ غير معمولي بادشاهن جي اهڙي يڪجائي
ڏاڍو مشڪل سان پيدا ڪندي آهي.
|