تاريخي شين جي
حفاظت
فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، صدرِ مملڪت پاڪستان جي
اپيل
قديم ۽ نادر چيزون، قلمي نسخا، دستاويز، فن ۽
تاريخي اهميت واريون شيون، هڪ زندهه قوم لاءِ، اهم
۽ ثقافتي سرمايي جي حيثيت رکن ٿيون. اهڙن نادر
چيزن سان، ملڪ ۽ قوم جي تاريخ، زندگي، تهذيب ۽
ثقافت جو ڀرپور اظهار ٿئي ٿو. ٻيو ته تاريخ ۽ ان
جي تحقيق توڙي ڇنڊڇاڻ جي پس منظر ۽ تسلسل جي باري
۾، اهي تاريخي نادر چيزون ضمانت جو درجو رکن ٿيون.
ان لاءِ، اهڙين چيزن جي حفاظت ڪرڻ، نهايت ضروري
آهي، جيئن پنهنجي ماضيءَ جي باري ۾ اسان جو علم،
وسيع ٿيندو رهي.
بدقمستي اها آهي ته اسان جا ’تاريخي يادگار‘ پوري
ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. انهن مان تمام
ٿورو حصو اهڙو آهي جو عجائب_ گهرن ۽ ڪتبخانن ۾
محفوظ آهي.
اهو تصور آسانيءَ سان قائم رکي سگهجي ٿو ته اهڙي
تاريخي عجائبات جو وڏو حصو، قديم خاندانن، توڙي
ماڻهن وٽ، ذاتي ڪوششن سان گڏ ٿيل آهي، ۽ اهو انهن
وٽ موجود آهي؛ تنهنڪري، لازمي طرح سان اهو تاريخي
سامان، عوام، توڙي عالمن ۽ محققن ۽ تاريخ جي ڄاڻن
جي ڏسڻ، مطالع ڪرڻ، ۽ پهچ کان ٻاهر آهي.
منهنجو خيال آهي ته ان قسم جا تاريخي يادگار،
احتياط سان محفوظ ڪيا وڃن، جيئن محقق ۽ ڄاڻو توڙي
عوام، انهن کي سولائيءَ سان ڏسي سگهي. ان طرح سان
ئي، هو روحاني ۽ ذهني فيض حاصل ڪري سگهندا.
اهڙن قلمي نسخن ۽ تاريخي يادگارن جي حفاظت، توڙي
انهن کي منظرِ عام تي آڻڻ، پنهنجي جاءِ تي هڪ مشڪل
۽ فني ڪم آهي. ان سلسلي ۾ تجربي، مشق، مهارت ۽ فني
ڄاڻ سان گڏ، مناسب ۽ ضروري سازِ_ سامان جي به
ضرورت ٿئي ٿي.
مان ڀانيان ٿو ته انفرادي ۽ ذاتي طرح سان، اهڙن
تاريخي يادگارن جي مالڪن وٽ، اهڙيون فني سهولتون
ممڪن آهي ته گهٽ هجن، جن جي هوندي، اهي ’يادگار‘
حفاظت سان به سنڀالي سگهجن ۽ ٻين جي استعمال لاءِ
به ڪم آڻي سگهجن.
ان سلسلي ۾ مان، اهڙن تاريخي يادگارن جي مالڪن کي،
درخواست ڪريان ٿو ته اهي صاحب، رضاڪارانه طرح سان،
خدمت جي جذبي کي اڳيان رکي، اهڙين تاريخي ۽
دستاويزي چيزن کي، ”قومي عجائب گهر“ لاءِ حفاظت
توڙي نمائش خاطر، اڌاري نموني ۾ پيش ڪن. يقين آهي
ته ”قومي عجائب گهر“ ۾ سندن چيزن جي حفاظت به ٿي
سگهندي ۽ انهن جي استعمال لاءِ به سهولت پيدا ٿي
سگهندي. منهنجي خيال ۾، ان صورت ۾ ئي مالڪن توڙي
عوام کي هڪجهڙو صلو ملي سگهي ٿو.
ٻيو ته انهن شين سان جي تعارفي تختيون لڳايون
وينديون، انهن تي سندن مالڪن جا نالا، توڙي سندن
خاندان جا تاريخي ۽ تهذيبي ڪارناما پڻ مناسب نموني
۾ لکايا ويندا.
منهنجي اها اپيل آهي ته جن ماڻهن يا خاندانن وٽ،
ان قسم جا ”تاريخي يادگار“ هجن، قلمي نسخا هجن،
علمي بياض ۽ مسودا هجن، يا فنڪارانه قديم چيزون
هجن؛ اهي مهرباني ڪري ”وزارت تعليمات، حڪومت
پاڪستان، اسلام آباد“ سان لکپڙهه ڪن. اها وزارت،
حڪومت جي پاران، اهڙين شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب
انتظام ڪندي.
ان سلسلي ۾، مالڪن کي اها به سهولت ڏني ويندي ته
اگر کين دستاويزن، مسودن، بياضن ۽ قلمي چيزن جو
فوٽو يا مائڪرو فلم جي ضرورت ٿيندي، ته پوءِ ان
قسم جو انتظام پڻ ڪيو ويندو.
تاريخي نوادرات جي حفاظت
جناب مخدوم محمد زمان صاحب ’طالب الموليٰ‘_ تمغهء
پاڪستان_ ميمبر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين، سنڌي ادبي
بورڊ جي اپيل
فيلڊ مارشل، محمد ايوب خان، صدر مملڪت پاڪستان جي
اپيل، ”تاريخي شين جي حفاظت“ متعلق، سڀني اخبارن ۾
شايع ٿي چڪي آهي.
صدرِ مملڪت جي اها اپيل، ان سلسلي ۾ نهايت مفيد،
ڪارائتي ۽ اهميت واري آهي. اسان جو وطن عزيز
’وادي، سنڌ‘ پنهنجي قدمات ۽ عظمت جي لحاظ سان،
دنيا جي سڀني تهذيبن توڙي قديم تاريخي علمي ۽ فني
خطن ۾، نه فقط قدامت ۽ عظمت جي لحاظ سان برک رهندي
آئي آهي، پر ان سان گڏ، ’نوادرات‘ ۽ تاريخي سازو
سامان جي خيال کان به وڌيڪ سرمائيدار ۽ شاهوڪار
آهي.
واديءَ سنڌو، جي هر ڪنڊڪڙڇ ۾، اسان جي بزرگن ۽
عالمن، فنڪارن ۽ نقاشن، مصورن ۽ شاعرن جون تاريخي
چيزون، نوادرات، قلمي بياض ۽ علمي دفتر موجود آهن.
انهن پراڻن بياضن ۾، سير و سوانح، قران ۽ حديث،
فقـﮧ ۽ تصوف، شاعري ۽ فن، فتويٰ ۽ اخلاقيات، تاريخ
۽ جاگرافيءَ تي ڪيئي اهم نوادرات موجود آهن؛ جي هن
دؤر جي وڌيل پريشانين ۽ مهانگائيءَ وارين حالتن ۾،
”حفاظت ۽ نمائش“ جي اسباب ۽ سامان کان محروم آهن.
سنڌ ۾ تيرهن سؤ سالن جي عرصي ۾، هزارين يگانه
روزگار، عالم ۽ اديب، فقيهه ۽ محدث، مؤرخ ۽ شاعر،
صاحب طريقت ۽ اهل دل بزرگ گذريا آهن، جن پنهنجي
ساري عمر تعليم، تدريس ۽ اصلاح امت سان گڏ، تصنيف
۽ تاليف ۾ گذاري آهي.
ان سلسلي ۾، چوٽيارون، نصرپور، ٺٽو، سيوهڻ، بوبڪ،
لنواري شريف، هالا، ٽلٽي، ٽپٽائي، اگهم ڪوٽ، بکر،
روهڙي، اروڙ، جهوڪ شريف، گمبٽ، کهڙا، قديم علمي
مرڪز رهندا آيا آهن. انهن علمي مرڪزن ۾، وڏا وڏا
مفسر، محدث، مفتي، صاحب طريقت، مورخ ۽ شاعر پيدا
ٿيا؛ جن جا مسودا ۽ بياض، سندن اولاد ۾ اڄ به
موجود آهن. سنڌ جي انهن قديم بزرگن جي بياضن ۾ هر
موضوع تي مواد موجود آهي.
اسان جي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي موجب، جتي جتي به
اهڙن قديم علمي مرڪزن کي ڏسڻ جو موقعو مليو آهي،
اتي ڪتبخانن جا ڪتبخانا نهايت بوسيده ۽ ڪِرم خورده
نموني ۾ مليا آهن. انهن کي ڇنڊي ڦوڪي، صاف ڪري،
مٽيءَ ۽ ڪچري کان بچائي، سليقي ۽ فني ترتيب سان
رکڻ وارو ڪوبه معقول انتظام نظر نه آيو آهي.
ڪيترين جاين تي، اهو ٻڌي نهايت صدمو پهتو ته بزرگن
۽ عالمن جي اولاد جي بيتوجهيءَ ۽ بيپرواهيءَ جي
ڪري، قديم علمي نوادرات، توڙي ڇپيل ۽ اڻڇپيل بياضن
۽ مسودن کي، ڳوڻيون ڀري، درياءَ ۾ اڇلايو ويو آهي؛
۽ ڪيترن هنڌن تي اهي نوادرات، نهايت بوسيده ۽ ڪرم
خورده ٿي ويل هئا، جن کي ميڙي سيڙي، کوهن ۾ اڇلايو
ويو، يا باهه ڏئي جلائي ڇڏيو ويو!
اها به حقيقت آهي ته اهڙن نادر ۽ تاريخي چيزن ۽
علمي بياضن کي، جي اڃا قلمي صورت ۾ آهن، تن کي
سنڀالي ۽ سليقي سان رکڻ لاءِ، مناسب انتظام جي
ضرورت آهي. ڪتابن جي حفاظت لاءِ، وسيع ۽ ڪشاده،
هوادار ۽ روشنيءَ وارين جاين سان گڏ، ڪيڙن مارڻ
وارين دوائن جي به اشد ضرورت ٿئي ٿي. ان طرح
بوسيده ڪتابن جي ڇنڊڦوڪ سان گڏ، انهن جي جلدبنديءَ
جي ضرورت به وقت بوقت رهي ٿي. ظاهر آهي ته هن وقت
به سنڌ جي پسمانده ماڻهن ۾، جتي پنهنجي گذران ۽
ٻارن جي تعليم جو مسئلو ئي وڏو سوال بنجي چڪو آهي،
اتي اهڙين نادر چيزن ۽ بياضن کي سنڀالڻ جو ته ڪو
سوال ئي نٿو اٿي سگهي!
اسان هڪ شهر چوٽياريون جي ڀرسان، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾
ڏٺو ته اتي گهرن ۾ وڏا وڏا ضخيم ۽ مجلد ڪتاب، ٻه_
ٻه، چار_ چار ڪري، رسن ۽ نوڙين ۾ ٻڌي، گهر جا
ماڻهو منجيءَ ۽ صندليءَ طور استعمال ڪري رهيا هئا.
اها نهايت ڏک جي ڳالهه آهي!
منهنجي استدعا آهي ته سنڌ جي جن علمي خاندانن وٽ
پنهنجن بزرگن جي مسودن ۽ بياضن جا اهڙا نادر ۽ غير
مطبوع نسخا آهن، جي زماني جي دست_ برد کان اڃا
زندهه رهندا ٿا اچن، پر بوسيده ۽ پراڻا ٿي چڪا
آهن، جن جي سنڀال يا ڇپائڻ جي سلسلي ۾ سندن
سنڀاليندڙ ناڪام ٿي چڪا آهن، سي اڳتي هلي، درياءَ
۾ لوڙهڻ، يا ساڙي ڇڏڻ جي بدران، ”قومي عجائب گهر“
کي سپرد ڪن.
ائين ڪرڻ سان هڪ ته نوادرات جي حفاظت ۽ نمائش جو
انتظام ٿي سگهندو، ٻيو ته اهي نادر نسخا، نئين
حياتي حاصل ڪري، سندن بزرگن ۽ سلف صالحن جو تاريخي
يادگار ٿي، هميشه لاءِ زندهه رهندا.
ان سهولت مان به فائدو وٺڻ گهرجي، جنهن لاءِ چيو
ويو آهي ته انهن ’نوادرات‘ تي سندن مالڪن ۽ بزرگن
جي ڪارنامن ۽ حالات کي پڻ تختين جي صورت ۾ لڳايو
ويندو، يا تقاضا ڪرڻ تي، ڪن چيزن جو ”فوٽو ۽
مائڪرو فلم“ ڏيڻ جو پڻ انتظام ڪيل آهي.
ان سلسلي ۾، ”وزارت تعليمات، حڪومت پاڪستان، اسلام
آباد“، سان لکپڙهه ڪرڻ گهرجي.
گذارش
نيشنل بوڪ سينٽر ۽ سنڌي ڪتاب
پاڪستان سرڪار، ملڪ جي علمي ۽ ادبي، فني ۽ ثقافتي،
ورثي ۽ ذخيري جي فروغ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾، ڪافي
امداد ۽ مصارف تي، ڪيئي مختار ۽ نيم مختار ادارن
جي تشڪيل ڪئي آهي. اهي ادارا گهڻو ڪري علاقائي
ٻولين جي بنياد تي پيدا ڪيا ويا آهن، جيئن سنڌي
ادبي بورڊ، پنجابي ايڪڊمي، پشتو ايڪڊمي ۽ بلوچ
ايڪڊمي. ان طرح ديني ۽ مذهبي خيال کان، شاهه ولي
الله ايڪڊمي ۽ اقبال ايڪڊمي وغيره موجود آهن.
انهن کان سواءِ، اردو ۽ بنگله ٻوليون، جي ٻيءَ طرح
سان، سرڪاري ۽ قومي زبانن جي حيثيت سان تسليم ٿيل
آهن، تن جي ادب ۽ ثقافت جي اشاعت لاءِ به سرڪار
پاران امداد تي، بنگله ايڪڊمي، انجمن ترقي اردو،
مجلس ترقي ادب ۽ رائٽرس گلڊ جهڙا علمي ادارا ڪم
ڪري رهيا آهن.
ان حقيقت کان ڪوبه سنجيدو ۽ پخته ڪار عالم ۽ فاضل
انڪار ڪري نٿو سگهي ته ’سنڌي ادبي بورڊ‘ فراخدليءَ
سان ڪم ڪندي، پنهنجي علاقائي ادب ۽ زبان سان گڏ،
ٻين عالمي زبانن عربي، فارسي، انگريزي ۽ اردو
زبانن ۾ به معياري ۽ محققانه ڪتاب، علم ۽ فن جي هر
موضوع تي شايع ڪيا آهن. ’بورڊ‘ جي ان همه گير علمي
خدمت جو اعتراف پاڪستان سرڪار، ۽ ٻين عالمي ادارن
پڻ ڪيو آهي.
اها به حقيقت آهي ته، ’بورڊ‘ نه فقط سنڌي عالمن جا
ڪلاسيڪي دور وارا عربي ۽ فارسي ڪتاب ڇپايا آهن؛ پر
ان سان گڏ، اردو ۽ انگريزيءَ ۾، ڪيترا اوريجنل
ڪتاب، مصنفن ۽ مترجمن کي ڪافي گهڻي معاوضي ادا ڪرڻ
کان پوءِ شايع ڪيا آهن. اڄ جيڪڏهن ڪنهن سنڌي عالم
۽ اديب جو ڪو مسودو ۽ بياص، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽
بنگله ٻولين ۾ دستياب ٿي سگهي ته هوند، ان کي به
’بورڊ‘ شايع ڪندي دير نه ڪندو. بورڊ جي ان وسيع ۽
مخلصانه خدمت جي امتياز کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري
نٿو سگهجي.
ان سلسلي م، ”نيشنل بوڪ سينٽر“ نالي پڻ هڪ ادارو،
پاڪستان سرڪار جي امداد ۽ ’يونيسڪو‘ جي مالي ۽
اخلاقي حوصله افزائيءَ ۽ مدد سان نئون کليو آهي.
’نيشنل بوڪ سينٽر‘ جي تشڪيل ۽ تعمير، مقصد ۽ طريقه
ڪار ۾، بنيادي طرح سان، هيٺيان اصول متعين ڪيا ويا
آهن:
-
پاڪستان جي مجموعي ٻولين جي ادب ۽ ڪتابن جي اشاعت
کي وڌائڻ ۽ همٿائڻ.
-
ڪتابن جي فني ۽ طباعتي حسن ۽ زيباش ۾ تنوع پيد
اڪرڻ.
-
ڪتابن جي ظاهري ۽ معنوي معيار کي جديد طباعتي
اصولن موجب، بلند کان بلند تر ڪرڻ.
-
ناشرن جي فني مسئلن ۽ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ،
سرڪار ۽ ناشرن جي وچ ۾ ترجمانيءَ جا فرائض ادا
ڪرڻ.
-
ڪتابن ۾ آيل ڪور پيج جي تصويرن، يا ڪتابن ۾ اندر
آيل فني ۽ تهذيبي نمائندگي ڪندڙ پينٽنگ کي پرکڻ ۽
جاچڻ ۽ انهن جي معيار آهر، انهن فنڪارن ۽ آرٽسٽ
اديبن جي حوصله افزائي ڪرڻ.
-
سال ۾ 500 کان هڪ هزار تائين ناشرن، توڙي فنڪارن
کي انعام ڏيڻ.
-
ٻارڙن جي ڪتابن ۽ سلسلن کي انعام ڏيڻ.
مٿين بنيادي اصولن کي اڳيان رکي، اگر غور ڪري
ڏسنداسون ته پوءِ واضح ٿيندو ته هي ادارو، پاڪستان
جي سڀني سرڪاري ۽ قومي، توڙي علاقائي زبانن، سنڌي،
سرائڪي، پنجابي، بلوچي، پشتو، اردو ۽ بنگله ته ڇا،
ٻين عالمي زبانن عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ تائين
وسيع تر دائره عمل رکي ٿو.
سندس طريقه ڪار ۽ مقصد جو بنياد، ڪنهن به ”لساني“
حدبنديءَ تي نه آهي. ان جي برعڪس هن اداري جو تعلق
فقط ”ڪتاب“ سان آهي، پوءِ اهو ڪتاب اردوءَ يا
انگريزيءَ، پنجابي يا سنڌيءَ، پشتو يا بلوچيءَ،
بنگله يا سرائڪيءَ ۾ ڇو نه هجي!
ان کان علاوه هن اداري جي بنيادي مقصد ۾ اهو به
داخل ڪين آهي ته زبان جي فرق سان، گڏ، ’ڪتاب‘ ڪهڙي
’موضوع‘ تي آهي؟
ڪتاب_ تاريخ ۽ تنقيد، شعر ۽ شاعري، قرآن ۽ حديث،
سياست ۽ وطنيت، قصن ۽ ڪهاڻين، فقـﮧ ۽ تصوف،
جاگرافي ۽ سائنس، ڊرامي ۽ افساني، لغت ۽ منطق_
بهرحال ڪهڙي به ’زبان‘ ۾، ڪهڙي به ’فن‘ تي ۽ ڪهڙي
به ’موضوع‘ تي هجي، ”ڪتاب“ سو هجي. ان جي ظاهري
زيبائش ۽ طباعتي حسن کي پرکي، ان جي ناشر ۽ مصنف ۽
ان ۾ آيل فنڪار جي تصويرن ۽ فن جي حوصله افزائي
ڪندي، فقط ”انعام“ سان نوازڻو آهي، ۽ ان سان گڏ
ٻارن جي ادب لاءِ جدا انعام ڏيڻو آهي. بس اهو اهي
”نيشنل بوڪ سينٽر“ جو بنيادي مقصد، جنهن جي لاءِ
پاڪستان سرڪار به کيس گرانٽ ڏئي ٿي، ۽ ان سان گڏ
يونيسڪو جهڙو عالمي ادارو به کيس امداد ڏئي ٿو.
’نيشنل بوڪ سينٽر‘ جي بنيادي مقصد ۾ ڪابه قباحت
موجود ڪانه آهي. هن اداري جي تشڪيل جي ضرورت ته هن
کان گهڻو اڳ محسوس ڪئي ٿي وئي، ڇا لاءِ ته ٻيا
علاقائي ادارا پنهنجي پنهنجي محدود حلقن ۾، پنهنجي
حال ۽ بساط آهر، پنهنجن مصنفن ۽ مترجمن، مصورن ۽
فنڪارن جي خدمت ڪندا آيا آهن. ضرورت اها هئي ته هڪ
اهڙو ادارو هجي، جنهن ۾ پاڪستان جي سرڪاري ۽ قومي
زبانن سان گڏ، اُنهن جي ناشرن، انهن جي فنڪارن،
انهن جي مصورن، ويندي ٻارڙن جي نمائندگيءَ تائين
ڪو مجموعي طرح جو باضابطه نظام هجي؛ جنهن جي
سالياني اجتماع ۾ سڀني ٻولين جا اديب، مصور ۽ ناشر
گڏ ٿين، هڪٻئي سان ملي ملاقات ڪن، هڪٻئي جي ضرورتن
۽ مسئلن کي سمجهن، هڪٻئي جي فن ۽ ادب متعلق تبادله
خيالات ڪن، هڪٻئي جي فني تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي
اڳيان رکي، مجموعي حيثيت سان ڪو حل پيدا ڪن.
اصل مقصد فقط اهو هو. باقي ٻيو انعام ڏيڻ جو
طريقو، محض حوصله افزائيءَ لاءِ هو. بهرحال اهو
ادارو تازو قائم ٿيو آهي. ان کي پيدا ٿئي ۽ ڪم
ڪندي ٻه_ ٽي سال مس گذريا آهن.
ٻن_ ٽن سالن جي گذريل دور ۾، ڇا وهيو واپريو آهي،
انجي تفصيلي جائزي کي نظرانداز ڪندي، رڳو ايترو
ظاهر ڪرڻ مناسب ٿا سمجهون ته منڍ کان وٺي اڄ
تائين، ”نيشنل بوڪ سينٽر“ فقط ”اردو ۽ بنگله“
زبانن جي مسئلن ۽ معاملن، ڪتابن ۽ لکيتن، ناشرن ۽
مصورن جي حوصله افزائيءَ تائين محدود رهندو آيو
آهي. شايد اداري جي اوائلي ڪارڪردگيءَ ۽ نئين ڪم
ڪار جي سلسلي ۾، ٻيون علاقائي زبانون توجهه جي
لائق نه رهيون هجن، تاهم اسان ڪڏهن به نه ٻڌو آهي
ته ان اداري ’اردو ۽ بنگله‘ کان سواءِ، ڪن ٻين
ٻولين کي به شرڪت جي رسمي دعوتنامي کان سواءِ،
عملي طور تي نوازيو آهي. اگر ائين ٿيو هجي ته الله
کي خبر! اسان کي اڃا تائين ڪو پتو نه پيو آهي. |