سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :3

هي هڪ توجهه طلب ۽ بنيادي مسئلو آهي، ۽ حقيقت ۾ وڏو سوال آهي، جو عام مذهبن لاءِ عمومي طرح سان ۽ عيسائيت ۽ اسلام لاءِ خصوصي طرح سان پيدا ٿي چڪو آهي.

پاڪستان ۾ جنهن خصوصيت سان ان اهم مسئلي متعلق غور ۽ فڪر ٿي رهيو آهي، ان کان علم وارا دانشمند طبقا چڱيءَ طرح سان اسلام جي شاندار، زنده جاويد ۽ متحرڪ اصولن کان استفادو ڪرڻ لازمي آهي.

اڄ کان گهڻو اڳ، جڏهن زندگي پنهنجي اصولن ۽ عملن جي لحاظ سان نڪا وسيع هئي ۽ نڪو منجهس اجتهادي عنصر موجود هو، تڏهن ان جو بنياد، رڳو ماضي پرستيءَ ۽ روايات تي هو. ان دؤر جون تقاضائون به محدود هيون. انسان، شعوري ۽ عقلي، علمي ۽ سائنسي حيثيت سان به ايترو خبردار ۽ باوقار ڪين هو. تنهنڪري’جامد ۽ غير متحرڪ‘ زندگيءَ ۾ ’روايات‘ کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پيو. ان دؤر جو معاشرو جڏهن ته بلڪل جامد ۽ بيحس و حرڪت هو، تڏهن ’روايات‘ جي ڀروسي ۽ آسري تي هلڻ ئي سندس لاءِ مفيد سمجهيو ويو آهي.

اڄ به اهڙي  دؤر جو تصور اڳيان رکي، اکين کي بند ڪري، قديم روايتن جي مطابق هلندو رهجي، ۽ زندگيءَ وارين معاشرتي تقاضائن آهر، ان طرز عمل تي هلڻ کي، درست قرار ڏينداسيون.

پر، هن دؤر جي علمي ۽ فڪري، سائنسي ۽ اقتصادي ترقيءَ ۽ ايجاد جي زماني ۾ جڏهن انسان بصيرت ۽ بصارت جو مالڪ بڻجي چڪو آهي. علم ۽ فن جي اهڙن مشڪل ۽ لاينحل مسئلن کي منهن ڏئي سگهيو آهي، جي اڄ کان هزار سوا سال اڳ ڪڏهن به پيدا ٿي نه سگهيا هئا. جڏهن اڄ هن جديد دؤر جون تقاضائون به بدلجي چڪيون آهن؛ هي ائٽمي دؤر ماضيءَ کان تمام گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي؛ اهڙي ماحول ۾ ماضيءَ جي روايات جي پرستش جي ڇا معنيٰ؟ اسان پنهنجي شاندار ماضيءَ جو احترام ڪري سگهون ٿا، ان سان عقيدت رکي سگهون ٿا، پر. هن دؤر جي مسئلن کي هن دؤر جي تقاضا آهر ئي حل ڪري سگهون ٿا. ائين ڪرڻ سان نڪو ماضيءَ تي حرف اچي ٿو سگهي ۽ نڪو روايات جي تقدس ۽ احترام ۾ فرق اچي ٿو سگهي!

اڄ پوري انسانذات، علم ۽ سائنس جي دنيا ۾ قدم وڌائي چڪي آهي. پاڪستان به ان ئي دؤر ۾ علمي ۽ فڪري راهه تي هلي رهيو آهي. موجوده حالتن کي ڏسي، اهو اندازو لڳائي ٿو سگهجي ته ايندڙ ويهن-پنجويهن سالن ۾، پاڪستان علمي ۽ تعلمي معيار تي ، هن دوُر جي تعليمي دنيا سان هم آهنگ ٿي ويندو ۽ نين حالتن ۽ نون مسئلن سان اسان کي منهن ڏيڻو پوندو. اگر هن دؤر جي تقاضا آهر اسان بروقت تياري نه ڪئي ته پوءِ اسان جو ڪهڙو حال ٿي سگهي ٿو، ان متعلق اوهان سڀني عالمن، شاگردن، استادن ۽ دانشورن کي سوچڻ گهرجي.

هن دؤر ۾ اسان جون حالتون، گهڻو بدلجي چڪيون آهن. آءُ اهو پڇڻ گهران ٿو ته تعليم جي معنيٰ ڇا آهي؟ انسان ۾ تعليم سان ڪهڙو ذهني ۽ عقلي، فڪري ۽ عملي تبديلي ٿي پيدا ٿئي؟ مون وٽ تعليم جو مقصد اهو آهي ته تعليم، انسان ۾ اهڙي صلاحيت ٿي پيدا ڪري، جنهن جي روشنيءَ ۾ انسان غور ۽ فڪر ڪرڻ شروع ٿو ڪري.  اهو غور ۽ فڪر آهي، جو مختلف پيچيدا گين ۽ مشڪلاتن لاءِ حل ٿو پيدا ڪري. اهو ظاهر آهي ته جڏهن انسان، غور ۽فڪر ڪرڻ جي صلاحيت سان گڏ، علم ۽ فن، تجربي ۽ مشاهدي جي گونا گون معلومات سان  مالا مال ٿي ڪري، سوچڻ شروع ٿو ڪري، تڏهن محض مقدس ڪتابن ۽ روايا تن جي حوالن سان ڪم هلي نه سگهندو. اهڙين حالتن ۾ تمام ضروري ٿيندو ته اوهان مذهب ۽ مذهب جي فلسفي جي اصولن کي پيش ڪرڻ جي اندازن ۾ تبديلي پيدا ڪريو، ۽ انهن اندازن ۽ معيارن، اصولن ۽ علمي سرچشمن کي اهڙيءَ زبان ۾ پيش ڪريو، جا زبان هن زماني جي سو چيندڙ انسانن جو سمجهه ۾ اچي سگهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته بيشڪ اوهان قديم روايتن  جو احترام ڪريو، ۽ اهو تسليم ڪريو ته ڪنهن خاص گذريل زماني جي لاءِ اهي  روايتون ڪنهن حد تائين بيشڪ مفيد به رهيون آهن، ليڪن اوهان پاڻ کي انهن روايتن سان بلڪل ٻڌي نه ڇڏيو. خدانخواسته اگر اوهان پاڻ کي انهن روايتن سان بلڪل ٻڌي ڇڏيو ته پوءِ ياد رهي، زمانو اوهان جو انتظار نه ڪندو. زمانو پنهنجي رفتار سان اوهان کان گهڻو اڳتي وڌي ويندو، ۽اوهان پوئتي رهجي ويندؤ. تنهنڪري اسلام ۽ عيسائيت جهڙن مذهبن لاءِ سوچڻ جو موقعو آهي، ته انهن کي زماني سان ساٿ ڏيڻ جي سلسلي ۾- يعني اڄڪلهه جي  ماڻهن جي نفسياتي، ذهني ۽ روحاني تقاضا ئن جي تسڪين جي لاءِ، جي اڄڪلهه دنيا ۾ پيدا ٿي چڪيون آهن- ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي؟

        مون وٽ ان جو جواب هي آهي ته سڀني صحتمند مذهبن وانگر ’اسلام ۽ عيسائيت‘ وٽ مذهب جا ڪي اصول آهن، جن کي بنيادي حيثيت حاصل آهي؛ باقي”طريقا ۽ فروعات“ آهن، جن جي مطابق انهن اصولن کي زماني تقاضائن موجب عمل ۾ آڻڻو آهي. بيشڪ اصول غير متبدل آهن. ۽ غير متبدل رهڻ گهرجن، زندگيءَ جا بنيادي اصول بيشڪ اڄ به اهي ئي آهن، جي اڄ کان سوين بلڪ هزارين سال اڳ به موجود هئا، ليڪن هن جديد دؤر ۾، زماني جي جديد تقاضائن جي هوندي، انهن تي عمل ڪرڻ جا طريقا بدلجي چڪا آهن، يعني’طريقن ۽ فروعات‘ متعلق ئي سوچڻو پوندو. اسان کي اهو بنيادي اصول تسليم ڪرڻ گهرجي. اوهان انهن ”غير متبدل“ اصولن کي متعين  به ڪريو. ۽ انهن کي زندگيءَ سان وابسته ڪرڻ جي ڪوشش به ڪريو. ان سان گڏ، انهن کي الڳ رکي ڀلي انهن کي”تغير ۽ تبديل“ کان مستثنيٰ قرار ڏيو. پر ضروري مسئلو اهو آهي ته اوهان انهن تي گهڻو عمل ڪرڻ جي سلسلي ۾ معاشري کي آزاد ڇڏيو ته هو ”طريقن ۽ فروعات“ کي پنهنجي ماحول جي تقاضائن آهر جديد دؤر جي علمي ۽ فني نظر سان عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪن: ۽ ان طرح اصول ۽ فروع، قانون ۽ طريقهء نفاذ ۾ تجديد به آڻن، ۽ اجتهادي حيثيت سان زندگيءَ کي سرگرم به رکن ۽ ان جا روح_ روان به بنجن.

       ان طرح معاشري کي اها آزادي به ملڻ گهرجي ته هو پنهنجي صوابديد تي، دؤر حاضر جي تقاضا موجب، انهن اصولن کي عملي طرح سان هلائڻ لاءِ تدبيرون اختيار ڪن. ان سلسلي ۾ ٻي ڪابه رڪاوٽ نٿي سونهي.

       منهنجو ذاتي خيال آهي. ته اگر’اسلام ۽ عيسائيت‘ جي فروغ ۽ زندگيءَ جي سلسلي ۾، اڃا به نئين دؤر جي تقاضائن کي نظر انداز ڪيو ويو ته پوءِ لازمي طرح سان اهي ٻُڏي ويندا، ڪميونزم انهن تي مسلط ٿي ويندي!

       اسان گذريل چالهين سالن جي عرصي ۾ ڏسي چڪا آهيون ته ڪميونزم، ٻڌمت ۽ عيسائيت جي مقابلي ۾ آئي، ۽ اهي مذهب ساڻس مقابلو ڪري نه سگهيا. هاڻي اسان جو وارو آيو آهي. اگر اسان بروقت خبردار نه ٿياسون، ته پوءِ اسان جو حشر به اهڙو ئي ٿيندو، جهڙو انهن مذهبن جو ٿي چڪو آهي.

       منهنجو ان ڳالهه ۾ ايمان آهي ته ’رازحيات‘ ان اصول ۾ مضمر آهي، جنهن جو مان هن کان اڳ ذڪر ڪري آيو آهيان.

      جي ماڻهو ڪميونزم جي سيلاب ۾ وهي وڃڻ نٿا چاهين، ۽ پنهنجي روحاني ۽ اخلاقي نظام سان وابسته رهي، زندگي گذارڻ گهرن ٿا، انهن کي اڄ ائين ئي ڪرڻو پوندو، جيئن بيان ٿي چڪو آهي. ٻيو ته جيڪي ماڻهو، مذهبي امور ۽ مذهبي تعليمات جا ماهر ۽ پيشوا آهن، انهن کي به فقط هن باب ۾ سوچڻو پوندو، پر ان سان گڏ پنهنجن پوئلڳن جي رهنمائي به ڪرڻي پوندي، ۽کين هن جديد دؤر جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کان واقف به ڪرڻو پوندو.

        اگر اوهان ائين ڪرڻ کان قاصر رهجي ويا ته پوءِ اوهان زماني جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويندا ۽ ماده پرستيءَ جو سيلاب چڙهي ايندو. ان وقت اوهان اهڙا رته ڪمزور ۽ ناقابل توجهه ٿي ويندا، جوڪنهن کي نه مجبور ڪري سگهندؤ ۽ نه متاثر؛ ته هو اوهان جي سوچ_ ويچار جي نهج تي  سوچين ۽ عمل ڪن. زمانو اوهان کي امر ۽ عمل، جون سڀ اختياريون کسي وٺندو.

      محترم پادري صاحب!  مون جو ڪجهه به چيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته اهو اوهان جي نقطء نگاهه جي مطابق نه هجي. ليڪن مون چاهيون ٿي ته اوهان جي سامهون تصوير جو ٻيو رخ به آڻيان ۽ پنهنجو نقطء نگاهه واضح ڪريان. ان جي ضرورت خاص طرح سان ان ڪري به پيدا ٿي آهي، جو پاڪستان ۾ اڄڪلهه اهو مسئلو منهنجي خيال موجب نهايت ئي اهم ٿي  چڪو آهي، تنهنڪري هر وقت منهنجي سامهون رهندو آيو آهي. بيشڪ مان’دينيات‘ جو ماهر ڪين آهيان، پر عمومي فڪر جي لحاظ سان جڏهن ان مسئلي جا مختلف پهلو، مان غور سان ٿو ڏسان، تڏهن منهنجي اڳيان، انهن جو صرف اهو هڪڙو ئي حل ٿو پيدا ٿئي ته اسان کي ’غير متبدل‘ اصول متعين ڪرڻ گهرجن، ۽ متبدل ’طريقن ۽ فروعات‘ کي الڳ رکڻ گهرجي  ان سلسلي ۾ ڪم جو طريقو اهو آهي، ته سڀ کان اول ماڻهن کي واقف ڪرڻ گهرجي ته غيرمتبدل اصول ڪهڙا آهن؟ ۽ ان کان پوءِ، طريقهء ڪار تي سوچڻ لاءِ کين آزاديءَ سان موقعو ڏيڻ گهرجي، جيئن هو انهن غيرمتبدل اصولن کي پنهنجي زماني جي مطابق عمل ۾ آڻڻ لاءِ تدبيرون اختيار ڪري سگهن، ۽ ان سان گڏ فروعات کي به اصولن سان هم آهنگ ڪري هلائي سگهن.

      اگر اوهان ائين ڪيو ته پوءِ مون کي ڪو به اهڙو سبب نظر نٿو اچي جو هن قسم جوڪو غيرمتبدل ۽ محيرالعقول مذهب ڪامياب ۽ ڪامران نه ٿئي!_واسلام

    (سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچيءَ جي سؤ ساله جشن ۾30_ جولاءِ1961ع تي صدر مملڪت پاڪستان، فليڊ مارشل محمد ايوب خان جي ڪيل تقرير:’طلوع اسلام‘_نومبر1961ع گلبرگ لاهور، ترجمو: اداره مهراڻ رسالو)

علام آءِ آءِ قاضي

اسلامي تعليم ڇا کي چئجي

 

4_مئي 1966ع تي، سنڌ جي قابل فخر فرزند ۽ عظيم مفڪر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سابق وائس چانسيلر، حضرت علام آءِ آءِ قاضي صاحب مدظله العالي جن جي خدمت ۾، سنڌيونيورسٽيءَ جي طرفان، ڪنووڪيشن ۾،”ڊاڪٽر آف لا“ جي اعزازي ڊگري پيش ڪئي ويئي. ان سعيد موقعي تي علام صاحب جن، ’اسلامي تعليم‘ جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ هڪ عالمانه ۽ بصيرت افروز، جامع ۽ معلومات افزا تقرير ڪرڻ فرمائي. اسان اها تقرير ناظرين”مهراڻ“ رسالي جي خدمت ۾، روزانه مهراڻ تان پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا.         _ ادارو

اوهان مون کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏيئي، جيڪا عزت بخشي آهي، تنهن جو مون کي احساس آهي، پر بعد جي مايوسيءَ کي دفع ڪرڻ لاءِ، مون کي هن ٻڌائڻ جي اجازت ڏيو ته مان رڳو ابتدائي معاملن تي عام ماڻهوءَ جي روزمرهه واري ٻوليءَ ۾ ئي ڪجهه چوڻ گهران ٿو، ڦوڙاٺ جملن ۽ پيچيده لفاظيءَ کان پرهيز ڪئي ويندي. جيستائين نفس مضمون جو لاڳوپو آهي، مون کي ڪنهن فلسفيانه يا اعليٰ معاملن تي طبع آزمائي ڪرڻ جو ارادو نه آهي، پر رڳو رواجي صداقتن تي ئي بحث ڪرڻو اٿم. مون کي معلوم آهي ته مان فئشن جي بر خلاف پيو لڳندس، ڇاڪاڻ ته اهڙن موقعن تي، انهن معاملن تي ۽ ان طريقي ۾ ڳالهائڻ جو دستور نه آهي، جيڪو مان اڄ اختيار ڪرڻ گهران ٿو. مختصر ائين چئجي ته مون پنهنجي هن بحث جو موضوع اخبارن جي سرخين مان چونڊيوآهي، جيڪي وقت بوقت نظر اينديون رهن ٿيون، يعني پهريون ته ”اسان کي اسلامي تعليم گهرجي“، ۽ ٻيو ته”هي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو زمانو آهي“ مان حيران آهيان ته انهن جو پاڻ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي، ۽ انهن ۾ ڪهڙو ربط يا بيربطي آهي. شايد ان جوهي مطلب هجي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي موجوده زماني جون واحد خصوصيتون آهن، يا وري اسلامي تعليم اهڙي شئي آهي، جا اڃا هاڻي ئي رواج ۾ آئي آهي.

في الحال اسان”سائنس ۽ ٽيڪنالاجي“ سان ئي بحث کي شروع ڪنداسين.

”سائنس“ لاطيني ٻوليءَ جو هڪ لفظ آهي، جنهن جو جيڪڏهن اسان سوليءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪنداسين ته مطلب ٿيندو”علم“ يا ”ڄاڻڻ“ لفظ ”ٽيڪنڪ“ (ڪنهن به فن، هنر يا صنعت جو) جي معنيٰ آهي ڪنهن تجويز(design)کي عمل ۾ آڻڻ جو طريقو . هاڻي مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهن ٻن کي ”جديد زماني“ جي خصوصيت ڇو سڏڻ گهرجي؟ مان سمجهان ٿو ته لفظ” جديد“ اڄڪلهه هڪ ڀوت(phoebia) بڻجي پيو آهي. ۽ اٿندي ويهندي  پيو استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ان مان خيال جي مونجهاري کان سواءِ ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي. جيستائين مون کي معلوم آهي، ”ڄاڻڻ“ جي ڪوشش ۽ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ٽيڪنڪ جو  استعمال، اهي صنعتون آهن، جيڪي نه رڳو آڳاٽي انسان کي حاصل هيون، پر سندس اڳين يعني ته پکين ۽ جانورن کي به حاصل هيون. ڏک جي ڳالهه آهي جو ارتقا جو نظريو،جيڪو چوڏهن سؤ سال اڳي مذهبي طرح مروج ڪيو ويو هو، تنهن ڏانهن تعليمي ادارن ۾ به  اهڙو ڌيان نٿو ڏنو وڃي جهڙو سندس حق آهي. اهو سوچڻ ته ابن مسڪويه ان جا تفصيلات تيار ڪيا، ۽ مولانا روميءَ، ڊارون کان به ڇهه  سؤ سال اڳ ان کي اهڙو عام فهم بڻايو جو رواجي انسان به ان کي سمجهي ٿي سگهيو، پڙهندڙن ۾ ان لاءِ ايترو شوق پيدا نه ڪيو آهي، جيترو سندس حق آهي، ان جو مکيه سبب اهو رهيو آهي، جوپراڻن مذهبن جي پوئلڳن لاءِ هيءَ راءِ اختيار ڪرڻ، ڏکي ڪالهه پئي رهي آهي، ته مذهب به انسانذات سان گڏو گڏ وڌيو، ويجهيو، اسريو ۽ نسريو آهي. اهي اڃا تائين هي پڇي رهيا آهن ته ”ڇا مذهب به تاريخي آهي؟“

      اڄ انساني دنيا هڪ دردناڪ تصوير پيش ڪري رهي آهي. هن کي ثابت ڪرڻ لاءِ ته اها هڪ جهنگ ۾ ڦاٿل آهي ۽ پنهنجي واٽ وڃائي ويٺي آهي، ڪنهن جامع مشاهدي جي ضرورت نه آهي. نهايت ابتدائي ڳالهيون به نظر انداز ڪيون ويون آهن، جنهن مان هيءَ حقيقت ثابت ٿئي ٿي ته مُنجهيل سُٽ ويتر وڌيڪ منجهي پيو آهي. اسان ڏسي رهيا آهيون ته ٻه بانڪا جوان جيڪي اڳ ۾ آهن، جهنگ ۾ هڪ مقرر ڪيل گول ۾ پوري تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي رهيا آهن. پر انهيءَ لاءِ نه ته پنهنجو وڃايل رستو ڳولي لهن، بلڪ ان لاءِ ته هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃن ۽ اهڙيءَ طرح اهي نار جي ڏاند وانگر گول گول ڦري رهيا آهن. وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اها آهي. جو ”باقي انسانيت“. جنهن تي اهو منظر حاوي ٿيل آهي، سا به ڪنهن سوچ ويچار کان سواءِ، يا ان کي روڪڻ لاءِ رڙ ڪرڻ کان سواءِ، ان سان گڏ هلي رهي آهي. تنهنڪري، پنهنجي وڃايل واٽ ڳولي لهڻ لاءِ اسان وٽ رڳو هي راهه کليل آهي ته اسان، جيڪڏهن ممڪن هجي ته پوئتي موٽون،  ۽رستي جي انهن نشانن کي ڳوليون جيڪي اسان چڪر ۾ ڊوڙڻ وقت پوئتي ڇڏي ويا هئاسون.

      هاڻي اچو ته اسان پنهنجي موضوع ”ٽيڪنڪ“ ڏانهن موٽي اچون، هاڻي هي ظاهر ڪرڻ لاءِ ته ٽيڪنڪ، ڪيئن پکيءَ جي زندگيءَ جو به هڪ حصو آهي، اسان هڪ مثال پيش ڪريون ٿا. اسان وٽ سنڌ ۾ هڪ ننڍڙو خسيس پکي آهي، جيڪو پنهنجيءَ چهنب سان ڪکن جو هڪ ننڍڙو آکيرو ٺاهيندو آهي. اهو اهڙو حيرت انگيز هوندو آهي، جو ان کي ڪنهن عجائب گهر ۾ رکڻ جڳائي. اهو فن جو اهڙو ته يگانو ڪارنامو هوندو آهي، جو ٻن هٿن وارو انسان به ان شئي مان، جيڪو پکي استعمال ڪندو آهي، اهڙو خوبصورت آکيرو ٺاهي نٿو سگهي. ڇا اهو به ڪو”ٽيڪنڪ“ ناهي؟ هاڻي اچو ته اسان ان کان اڳڀرو ٿيندي پٿر واري دور جي ٽيڪنڪ ڏانهن وڌون، جڏهن انسان کي رڳو، پٿر جا ٺهيل اوزار ميسر هئا. اسان ان ماڻهوءَ بابت ڇا چئون ها، جيڪو لوهه کي ڳاري، ان مان لوهه جي اوزارن ٺاهڻ کانپوءِ به پٿر واري دور ۾ مروج ٿيل اوزارن کي چنبڙيو ويٺو هجي ها. ساڳي ڳالهه اسان هٿ جي آڏاڻن ۽ مشينري، سڙهه تي هلندڙ ٻيڙين ۽ سامونڊي جهازن بابت به چئي سگهون ٿا، جيستائين ڪ اسان بجليءَ تائين پهچون، جنهن اسان جي ٽيڪنڪ کي اڃا به اڳتي وڌايو. سوجيئن جيئن انسان پنهنجن ارادن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجا اوزار بدلائيندو رهيو آهي، تيئن تيئن ٽيڪنڪ به بدلجندو رهيو آهي، ۽ ان جو اصل مقصد اهو ئي آهي جيڪو زماني قديم ۾ هو، يعني ته اناج حاصل ڪرڻ ۽ دشمنن جي حملن کان پاڻ کي بچائڻ: يا هڪ لفظ ۾ ائين چئجي ته پنهنجي حفاظت ڪرڻ. اهي ئي”بک“ ۽ ”ڊپ“ ئي ته آهن، جن لاءِ اهي ٽيڪنڪ استعمال ڪيا وڃن ٿا. اهي قديم زماني کان وٺي، هر جاندار شيءَ يعني ته ٻوٽي کان وٺي ماڻهن تائين سڀني جون خصوصيتون پئي رهيون آهن.

         هاڻي اسان سمجهي سگهون ٿا ته ڪنهن دور کي ٽيڪنالاجي جو دور سڏڻ نا معقول ۽ واهيات آهي، سواءِ ان جي ته اسان جو مطلب هي هجي ته هن هرشيءَ تان، جنهن ۾ سندس انساني ڀائر به شامل آهن، هٿ کڻي، مڪمل طور پاڻ کي انهيءَ خصوصي مقصد سان وابسته ڪري ڇڏيو آهي. مسلمانن جي حيثيت ۾ اسان هي به چئي سگهون ٿا ته هي اهو دور آهي جنهن ۾”حلال“ ۽ ”حرام“ جو ڪو به خيال نٿو ڪيو وڃي.”ڦٻايو، جيڪي ڦٻائي سگهو ٿا!“ اهو آهي قاعدو، پاڻ کي بک ۽ ڊپ کان بچائڻ لاءِ صحيح يا غلط نموني ۾ جيڪا به طاقت حاصل ڪري سگهو ٿا، حاصل ڪريو. ۽ اها ڪا نئين ڳالهه نه چئبي، گهڻو ئي عرصو اڳ، جڏهن انسان پاڻ کي اخلاقي جانور سڏائڻ لڳو، يا هي سمجهڻ لڳو ته هو محض انساني جبلتن يا مسلمانن جي فقري ۾ چئجي ته” پيٽ ۽ جنس“ جي پيدائشي غلام کان بهتر آهي، تنهن کان اڳ به اهائي حالت هئي.

اسان انهيءَ موضوع کي في الحال ڇڏيون ٿا، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه تعليمي ادارا به ان جو چڱو مطالعو نٿا ڪن. ڪنهن باٽني (علم نباتات) جي استاد کي جيڪڏهن هي ٻڌايو ويندو ته پنن کي به اکيون آهن ۽ انهن به اهي اکيون بلڪل انهن ئي وسيلن ذريعي حاصل ڪيون آهن، جن سان انسان حاصل ڪيون، ته هو جيڪر کلي ڏيندو. بابالاجي (علم حياتيات) کانسواءِ ٻئي ڪنهن مقصد لاءِ علم پرائڻ جي اُنس، هڪ عجيب صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڊاڪٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو خواهشمند شاگردُ ٻه سال انگلنڊ ۾ ته رهي ٿو، پر ڪڏهن به پنهنجي اندرهي خواهش محسوس نٿو ڪري ته ڪنهن ڏينهن ٻهراڙيءَ ۾ وڃي، اتان جي جنهگلي گلن سان دوستي ڳنڊي ۽ انهن کي سندن ڪيارين ۾ اڀر ندو ۽ اسرندو ڏسي. هن کي پنهنجي ملڪ جي لفظ ”بسنت“جي خصوصيت جي به ڪا خبر آهي؟ ”برف جي ڦڙي“ ۽ ”سلينڊائن“ جو ذڪر ته اڃا به پري ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com