هاڻي اسان ٽيڪنڪ جو بحث في الحال اتي ئي
ڇڏيون ٿا ۽ سائنس کي وٺون ٿا. اسان هي ڳالهه سان
شروعات ڪريون ٿا ته ڇا اسان جو ڪانگ، جيڪو وقت
بوقت پنهنجي ”ڪان ڪان“ سان اسان کي تنگ ڪندو رهي
ٿو، سو ڪي قدر سائنسدان يا صاحب اخلاق آهي! هونه
رڳو ٻار جي هٿ، مان، پر سرڻ جي چهنب مان به نهايت
چالاڪيءَ سان ڀور کسي وڃي ٿو. کيس خبر آهي ته سرڻ
اڏامڻ ۾ کانئس تيز نه آهي، تنهن ڪري هو سرڻ کي
پنهنجي چهنب مان ڀور ڪيرائي وجهڻ لاءِ تنگ ڪندو
آهي، ۽ جڏهن هو ڀور ڪيرائيندي آهي تڏهن پاڻ جهٽ
هڻي ان کي سوگهو ڪندو آهي. مون ڪيترائي ڀيرا کيس
سخت ۽ سڪل ٽڪر اڇلائي ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ ته
ڏسان ته هو ان کي ڪهڙيءَ ريت ٿو کائي. مون
ڪيترائي ڀيرا کيس انهيءَ مشڪل پار ڪرڻ لاءِ ڳوڙهي
ويچار ڪندي ڏٺو آهي، بعد ۾ يڪدم هو سُڪل ٽُڪر چهنب
۾ کڻي، پاڻيءَ جي ڪنهن پاٽ وٽ پهچندو آهي ۽ سُڪل
ٽُڪر کي ان ۾ ٻوڙي نرم ڪندو آهي ۽ پوءِ خوب محفل
مچائيندو آهي. پراڻن مذهبي ڪتابن مان اسان کي
معلوم ٿئي ٿو ته انسان، مُردن کي دفن ڪرڻ جو عقل
به ڪانگ کان سکيو. امام غزالي چوي ٿو ته ”مون حقنه
جي استعمال جو هنر ڪانگ کان سکيو.“ هن هڪ ڪانگ
ڏٺو، جنهن کي قبضي جي شڪايت هئي، هو پنهنجي پيٽ
خلاصي ڪرڻ لاءِ چهنب ۾ پاڻي ڀري اندر وجهي رهيو
هو. ڪنهن به ماڻهوءَ ڪانگ کي عام جي سامهون لڳُ
ڪندي نه ڏٺو، آهي، انهيءَ اعتبار کان ڪانگ ڪن
انسانن کان به وڌيڪ مهذب ۽ تخليه پسند نظر اچي ٿو.
جيستائين ماڻهن طرفان کيس ڦاسائڻ لاءِ وڇايل ڄارن
مان پاڻ کي ڪنهن به ڌارين مدد کان سواءِ بچائي،
وڃڻ لاءِ، سندس چالاڪيءَ جو لاڳاپو آهي، هو سڀني
کي غمزو ڏيئي ويندو آهي. ان جي سماجي زندگي بابت
ڇا نٿو چئي سگهجي، هو پنهنجن همجنسن جي ضرورت مهل
مدد ڪندو آهي، ۽ مدد لاءِ انهن جي جي پڪار جو
يڪدم جواب ڏيندو آهي. بهرحال، هو اهڙي حيرت انگيز
نموني ۾ پنهنجي زندگي گذاري ٿو، جو ٻه سوُ سال
جيئرو رهي سگهي ٿو،. جڏهن هو قدرتي موت مرندو آهي،
تڏهن ڪنهن کي به اها خبر نه پوندي آهي. ته هو ڪهڙي
هنڌ پنهنجا پساهه پورا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ کي
اهڙي هنڌ کڻي ويندو آهي، جنهن لاءِ ٻيو ڪو به ائين
چئي نٿو سگهي ته هو فلائي هنڌ مئل پيو آهي.
اهڙيءَ طرح اسان کي معلوم ٿيو ته حياتيءَ کي
برقرار رکڻ لاءِ علم جو استعمال هرهنڌ موجود آهي.
اهو رڳو موجوده زماني يا انسان جي خصوصيت نه آهي.
ٽيڪنڪ جي معاملي وانگر، اسان سائنس جي معاملي ۾ به
ڏٺو ته رڳو علم حاصل ڪرڻ جا طريقا بدلجن ٿا. انسان
ٻٽاڪ هڻي ٿو ته سندس ”ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو مقصد“
هيٺاهين مخلوق کان وڌيڪ اعليٰ، افضل ۽ اوچو آهي،
پر افسوس، اسان جو اڄ جو شاگرد انهيءَ فريضي جي
حمايت ۾ ڪوبه دليل پيش نٿو ڪري سگهي، مقصد اهو
ساڳيو نظر اچي ٿو ته کاڌو حاصل ڪرڻ ۽ ڊپ کان آجو
رهڻ. پنهنجي علم وڌائڻ لاءِ تحقيق جو اهو طريقو
جيڪو قرآن شريف تفصيل سان مروج ڪيو، تنهن کي به
اسان سائنس جي نالي سان سڏيندا آيا آهيون. ان ۾ ۽
پراڻن طريقن ۾ هي فرق آهي جو اهو (قرآن جو علم)
اسان کي محض جذبات، الهام، جمالياتي احساس يا محض
عقيدي جي ذريعي حاصل نٿوٿئي، پر ان لاءِ قدرت کي
سندس همه گير وسعت ۾ ڏسڻ ۽ ان جي مطالعي ڪرڻ جي
ارادتاً ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي، انهيءَ مطالعي ۾ انسان
جو من(Mind)
۽ سندس ماضي به شامل آهن. اهڙيءَ طرح تجربي ذريعي
حاصل ڪيل، حسابي طرح درست، ۽ منطقي طرح صحيح علم،
انهن عمومي اصولن اخذ ڪرڻ جو بنياد بڻجي وڃي ٿو،
جن کي اسان فلسفيانه سڏيو ٿا. ڪافي ڊگهي عرصي
تائين تنگ نظر متعصب، ڪينه پرور ۽ خودسر ماڻهن،
انهيءَ حقيقت کي تاريخ ۾ به مروڙ سروڙ ڪري لڪائڻ
جي ڪوشش پئي ڪئي .اها حقيقت هڪ هزار سالن جي تاريخ
تي لکيل هئي، تنهنڪري ان کي لڪائڻ ڏکيو ڪم هو. هن
نُڪتي جي وڌيڪ وضاحت ڪرڻ لاءِ ته لفظ سائنس جي
ڪهڙي معنيٰ آهي، اسان البيروني جا جملا پيش ڪريون
ٿا:
”اوهان کي اڪثر نظر ايندو ته هندن جا نام
نهاد سائنسي ٿيورم به بلڪل مُنجهيل حالت ۾ آهن.
انهن ۾ منطقي ربطه نه آهي ۽ اهي خلق جي احمقانه
اوهام سان گڏجي سڏجي ويل آهن. مان انهن جي رياضي ۽
هيئت جي ادب جي رڳو موتين ۽ ڇيڻن يا هيرن ۽ پٿرن
جي مرڪب سان ڀيٽ ڪري سگهيان ٿو. انهن جي نظر ۾ ٻئي
شيون برابر آهن. ڇاڪاڻ ته اهي خالص سائنسي نتيجن
اخذ ڪرڻ جي طريقي تائين پهچي نٿا سگهن.“
ھو وڌيڪ چوي ٿو:
”ٻئي ڪنھن ھنڌ اسان، مشھور ”سڌانتا“ جيڪو بغداد
ڏانھن موڪليو ويو ھو، تنھن جي پھرئين ئي باب ۾ ھي
پڙھون ٿا ته برھما گپتا چوي ٿو ته _ ھر سج گرھڻ
شيطان ”ڏئتيه“جي دشمنيءَ سبب ٿئي ٿو، جنھن(شيطان)
جي سسي، وشنو، امرت ۾ ديون سان شريڪ ٿيڻ لاءِ وڍي
ڇڏي ھئي. ھن جو دڙ ته مري ويو، پرھن جيڪو امرت
حاصل ڪيو ھو، تنھن سبب سندس سسي سلامت رھي.وشنو
بھرحال ھن کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ سورڳ ۾ کڻي پھچايو.
برھما گپتا وڌيڪ چوي ٿو ته _ ھر سج گرھڻ، انھيءَ
سسيءَ جي جوش ۾ اچڻ ڪري ٿيندو آھي، جا سج کي چڪ
ھڻي ڳڙڪائي وڃڻ جي ڪوشش پئي ڪندي آھي.“
اھڙيءَ طرح ھو آريه ڀتار جي علم ھيئت موجب
سج لھڻ ۽ سج اڀرڻ بابت خيالن جو به ذڪر ڪري ٿو:
”ڪوھ ميرو جو دلپذير جبل، ٿنڀي موجب ھيٺان
واقع آھي ۽ تارا ان جي تري جي چوگرد ڦرن ٿا. اھو
سندس چوٽيءَ جو اثر آھي، جنھن سبب سج ۽ چنڊ نظر
اچي سگهن ٿا.“
البيروني چوي ٿو ته:
”مون جيئن جيئن انھن کي ھن حقيقت سمجھائڻ جي ڪوشش
پئي ڪئي ته دنيا جي جاگرافيءَ ۾ انھيءَ ڪوھ ميرو
جو ڪو به ذڪر نه آھي، تيئن تيئن انھن مون کي
بيوقوف يا منافق پئي سمجھيو.“
اھا ھئي حالت، علم حاصل ڪرڻ جي ذريعن جي. بعد ۾ ھو
انھن ماڻھن جي ڪردار جو ھيٺين لفظن ۾ ذڪر ڪري ٿو:
”ھندن جو ھي عقيدو آھي ته ڪو به ملڪ انھن جي ملڪ
جھڙو نه آھي، ڪو به بادشاھ انھن جي بادشاھ جھڙو نه
آھي، ڪو به مذھب انھن جي مذھب جھڙو نه آھي، ڪا به
سائنس انھن جي سائنس جھڙي نه آھي. اھي مغرور،
خودپسند ۽ ھوڏي آھن. اھي جيڪي ڄاڻن ٿا، سو ٻئي
تائين پھچائڻ جي معاملي ۾ طبعاً بخيل آھن. اھي
پنھنجن ماڻھن ۾ به گهٽ ذات وارن ماڻھن تائين علم
کي پھچڻ کان روڪڻ لاءِ ڏاڍي خبرداريءَ کان ڪم وٺن
ٿا. ڌارين جي معاملي ۾ ته اھي اڃا به وڌيڪ خبردار
رھن ٿا. انھن جو عقيدو آھي ته انھن جھڙو انسانن جو
ڪو به نسل نه آھي ۽ انھن کان سواءِ ٻي ڪابه اھڙي
مخلوق نه آھي، جنھن کي سائنس جو ٿورو به علم ھجي.
انھن جو غرور ۽ تڪبر ايڏيءَ حد تائين پھتل آھي، جو
اوھان جيڪڏھن کين ٻڌائيندا ته خراسان يا ايران ۾
به ڪا سائنس يا ڪو علم موجود آھي، ته اھي اوھان کي
احمق ۽ ڪوڙو سمجھندا. جيڪڏھن اھي دنيا جو سفر ڪن ۽
ٻين قومن سان لھه_ وچڙ ۾ اچن، ته مون کي اميد آھي
ته اھي پنھنجا خيالات تبديل ڪندا.“
البيرونيءَ مان حوالا نه رڳو انھيءَ لاءِ
پيش ڪيا اٿم ته ڏيکاري سگهان ته علم حاصل ڪرڻ جي
معاملي ۾ ماڻھو تنقيد جي جذبي کان ڪيڏا نه ڪورا
ھئا؛ پر ھن لاءِ به ته، سفر تي مذھبي پابندين جو
ڪھڙو اثر پيو. اڻويھين صديءَ جي شروع ۾ مسٽر دت
نالي، بنگال مان انڊين سول سروس جي ھڪ فرد کي، فقط
ھن ڪري سندس ذات مان ڪڍيو ويو ھو، جو ھو ڪارو پاڻي
پار ڪري انگلنڊ پھتو ھو.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي وڌيڪ ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ
کان سواءِ، اسان اسلامي تعليم جي موضوع ڏانھن وڃون
ٿا. ھتي به اسان پھرين ”تعليم“ سان شروعات ڪريون
ٿا. اڄڪلھه اسان جو خيال آھي ته تعليم ((Education
جي معني آھي لکڻ پڙھڻ:(Literacy)،
اسڪول ۾ وڃڻ لکڻ ۽ پڙھڻ سکڻ. پر اڳين زمانن ۾ ائين
ڪو نه ھو. عوام الناس لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جا ٻيا
ذريعا ھئا. ان وقت اسڪول ڪونه ھئا، ۽ بدتر ڳالھه
اھا آھي جو عام ماڻھن کي انھن نشانن کان روشناس
نٿي ڪرايو ويو، جن ذريعي ڳالھايل لفظن کي لکت ۾
آندو ٿي ويو. ذات پات جو فرق ايڏو ته شديد ھو، جو
رڳو پادري ۽ پروھت ئي مذھبي ڪتاب پڙھڻ سکي ٿي
سگهيا.
”تعليم“ لفظ جيڪو اڄڪلھه انھيءَ مقصد لاءِ
استعمال ڪيو وڃي ٿو، تنھن جي معني آھي ”رھنمائي
ڪرڻ“. لفظ پاڻ ڪو زياده پرڻو نه آھي، پر ڪنھن قسم
جي رھنمائي، جنھن جو مقصد اھو ئي ھو جيڪو لفظ
تعليم ۾ مضمر آھي، سا جادوگر ڊاڪٽرياڻي (Witch
Doctor)
۽ سندس ممانعتن (Toboos)
سان شروع ٿي. ديوتائن جي ڏمر ۽ غضب کان پاڻ بچائڻ
لاءِ انھن ممانعتن موجب عمل ڪرڻ ضروري ھو. اھا به
ھڪ قسم جي رھنمائي ھئي. پر لکڻ پڙھڻ جو فن جڏھن
مروج ٿيو، تڏھن ان کي ڪنھن معزز ماڻھوءَ لاءِ
ضروري نٿي ليکيو ويو، بلڪ ان جي برعڪس، جڏھن
کترين، سڄي آريائي دنيا ۾ برھمڻن کان ھن ڪري
اقتدارکسي ورتو، جو فوج جي رھنمائي ۽ ماڻھن جي
حفاظت جا ضامن اھي ئي (کتري) ھئا، تڏھن انھن به
لکڻ پڙھڻ سان واسطي رکڻ کي، پنھنجي مرتبي کان ھيٺ
ٿي سمجھيو. خود اسان جي زماني ۾ اسان ھي تعصب ڏٺو
ته ڪي لکيل پڙھيل شھزادا ۽ مھاراجا به ڄاڻي ٻُجھي
ائين صحيحون ڪندا ھئا، ڄڻ ته اھي ڪڏھن به اسڪول ۾
نه ويا ھئا. اھي ھن ڏيکارڻ ۾ ئي فخر محسوس ڪري
رھيا ھئا ته اسان ”صاحب شمشير“ آھيون، ۽ نڪي ”صاحب
قلم“. اسان شھزادا آھيون، ۽ نڪي پنڊت؛ لکڻ پڙھڻ،
ڪلارڪن ۽ منشين جو ڪم آھي، ۽ نڪي شھزادن جو. سڄي
دنيا ۾ سڀني آريا لوڪن ۾ اھوئي دستور ھو.انگلنڊ جي
اڪثر نارمن بادشاھن کي ھيءَ خبر ڪا نه ھئي ته صحيح
ڪيئن ڪجي. رچرڊ شيردل، جنھن صليبي جنگين ۾ سلطام
صلاح الدين سان جنگ ڪئي ھئي، انھن مان ھڪ ھو.مون
کي خبر نه آھي ته صلاح الدين کي انھيءَ حقيقت جي
ڄاڻ ھئي يا نه. البت جيڪڏھن کيس اھا خبر ھجي ھا ته
ھڪ بادشاھ کي پنھنجي نالي جي صحيح ڪرڻ به نٿي اچي
ته ھن کي ضرور حيرت ٿئي ھا. پر معاملو ھِتي ئي ختم
نٿو ٿئي، بلڪ جيمس ۽ ھن کان پوءِ جي وقتن ۾ پادري
لوڪن جي تعليم جو سوال ھڪ سنگين مسئلو کڙو ڪيو ھو.
ڇاڪاڻ ته انھن کي ئي انجيل پڙھڻو ھو. ان وقت
اسڪولن جو نالو به ڪونه ٻڌو ويو ھو. اھو فيڊرڪ ٻيو
ئي ھو، جنھن پھريون ڀيرو عربن ۽ يھودين کي جرمنيءَ
۾ آندو، ۽ اھا پراٽيسٽنزم جي يورپ ۾ پيشقدميءَ کان
ڪيئي صديون اڳ جي ڳالھه آھي. اها پراٽيسٽنزم جنهن
کي انگريز ”پراٽيسٽنزم“_ پاروٿو اسلام _ (Second
Hand Islam)
آھي، ۽ ھي به چيو اٿس ته ”مان پراٽيسٽنٽ بڻجڻ
بدران مسلمان بڻجي وڃڻ وڌيڪ پسند ڪيان ٿو.“ اھا
به، ان وقت کان ڪيئي صديون پوءِ جي ڳالھه آھي.
جڏھن راجربيڪن، عربي سکڻ ۽ سائنسي علم پرائڻ
پنھنجي ملڪ مان روانو ٿيو ھو، ۽ موٽي اچڻ تي
پنھنجي ملڪ جو عوام کي ھيءَ صلاح ڏني ھئائين ته
تعليم حاصل ڪرڻ جي ھن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ذريعو نه
آھي ته پھرين عربي سکي وڃي. اھو آھي تعليم پرائڻ ۽
لکڻ پڙھڻ جي سکڻ جي خيالن جو عمومي نظريو. پر حيرت
جي ڳالھه اھا آھي جو ذري گهٽ اسان جي زماني تائين
به، رومن ڪئٿلڪ فرقي جا پادري ھن ڳالھه تي زور
ڏيئي رھيا آھن، ته ”ڌڻ“ کي نڪي انجيل پڙھڻو آھي ۽
نه ان کي سمجھڻو آھي، بلڪ انھن بدران، اھو ڪم
پادرين ۽ پروھتن کي ڪرڻو آھي. پادري ۽ پروھت، جن
کي مشھور پيوريٽن شاعر ملٽن ”انڌا وات“ (Blind
Muoth)
سڏيو آھي. لفظ پادري جي معنيٰ آھي روشن ضمير،
رھنما ۽ ھادي. ھن چيو آھي ته ”اھي روشن ضمير ۽
ھادي ھجڻ جي بدران حقيقت ۾ ”انڌا وات“ آھن.“
ھڪ طرف دنيا جي انھيءَ حالت کي ڏسو ۽ ٻئي
طرف ھن مذھبي حڪم تي غور ڪريو ته ”قلم ذريعي لکو،
پڙھو ۽ علم حاصل ڪريو، جيڪو ھر مسلمان مرد ۽ عورت
تي فرض آھي“. ”اي خدا! مون کي علم عطا ڪر.“ ”سڄي
ڪائنات (طبعي، سماجي ۽ نفسياتي) جي مطالعي ذريعي
علم حاصل ڪريو.“ قرآن، رھنمائيءَ جي ٻن طريقن جو
ذڪر ڪيو آھي: ھڪ ته اونداھيءَ مان سوجهري ۾ داخل
ٿيڻ ۽ ٻيو ته سوجهري مان اونداهيءَ ڏانھن گهلجي
وڃڻ جو امڪان. ھتان ئي لفظ”تعليم“ جو پتو پوي ٿو،
جيئن اڄ اسان ان کي سمجھون ٿا. صحيح تعليم ۽ غلط
تعليم، چڱي تعليم ۽ خراب تعليم _ ھي فيصلو ڪنھن کي
ڪرڻو آھي ته چڱو ڇا آھي ۽ خراب ڇا آھي؟ فقط انھيءَ
ئي ماڻھو کي، جنھن کي انسان جي شروعات ۽ منزل جي
ڄاڻ آھي، جنھن کي خبر آھي ته ھو ڇا ھو ۽ ڪھڙيءَ
طرح انھيءَ منزل تي تيزيءَ سان پھچي سگهي ٿو، جيڪا
قدرت ھن لاءِ مقرر ڪئي آھي. ھو ڪٿان نه ڪٿان آيو
آھي ۽ کيس ڪٿي نه ڪٿي وڃڻو ئي آھي، پر ھڪ ڳالھه
پڪي آھي ته انڌو، انڌي جي رھبري نٿو ڪري سگهي، نه
وري سُتل سُتلن کي جاڳائي سگهي ٿو. |