سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :8

صبح پاڙي مان ڏس مليو هوس ته هڪڙو نئون ڊاڪٽر شهر ۾ آيو هو. ٻڌڻ ۾ آيس ته ڦٽن ڦرڙين جي علاج ۾ ماهر هو. سندس هـَٿَ-شفا جو هـُل به هو. ويچارو نيراني ئي وٽس ويو هو ۽ بگي ڀاڙي ڪرائي، ڊاڪٽر گهر وٺي آيو. ڊاڪٽر کي تپاسيندو ڏسي، ڏتي جي گهر واريءَ مڙس جي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو:

”ڏاهو ٿو ڏسجي، منهنجي ته دل ٿي ٻولي ته ڀاڻهين کي اهو ڇٽائيندو!“

ڏتي هوريان ڪنڌ- لوڏ ڪئي. ڊاڪٽر، رمضوءَ جو ڦٽ چڪاسيو ۽ اُن تان لاٿل شيهي جو ٽڪر پري ڦٽو ڪيائين، ۽ پنهنجي بئگ مان ڪپهه ۽ پٽيون ڪڍي ڦٽ تي ٻڌي ڇڏيائين، ۽ هدايت ڪيائين:

”ڦٽ سان هٿ-چراند نه ڪئي وڃي.“

ڊاڪٽر اٿيو، ته ڏتو بگيءَ تائين ساڻ ويس.

”سائين منهنجا . . . . . . .“

”بابا، ڳالهه ٻڌ،“ ڊاڪٽر وچ ۾ ڪپي چيس، ”ڦٽ ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.“

”شل ٻچا جيئنـِوَ!“

”ڏوڪڙ خرچ ڪري سگهندين؟“

”سائين غرب آهيانوَ. پئسو پنجڙ گهر ۾ رکيل ناهي. ڇٻو کڻندو آهيان. مشڪل سان گذر پيو ٿئي.“

”چڱو توکان ايترا پئسا ڪونه وٺبا: پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ سؤ رپين جو بندوبست ڪندين، تڏهن ئي اطمينان سان علاج ٿي سگهندو. ڦٽ ڏاڍو خراب ٿي چڪو آهي. ڄنگهه جي مٿئين حصي تائين پـُونءِ آهي. پئسن جو انتظام ڪري، ڏينهن ٻن اندر جواب ڏجانءِ.“

بگي هلي ويئي، ۽ ڏتو جتي جو تتي بيٺو رهيو ۽ غم ۾ غوطا کائيندو رهيو- هڪ سؤ رپيا ته هن کي ٻارهين مهيني به نه بچڻا هئا، سي ڏينهن ٻن ۾ ڪٿان ٿي آڻي سگهيو! هوڏانهن نوجوان ڀاءُ هئس، جيڪو ڏينهون پوءِ ويو ٿي کاڄندو. ذري گهٽ قبر ڪنڌيءَ تي هو. پيءُ جي مـُئي پڄاڻا هن کيس پـُٽڙو ڪري پاليو هو. اولاد به ڪونه هئس، تنهنڪري هيڪاري سڄو پيار ڀاءُ تي پلٽجي پيو هوس. هن جي جوانيءَ جي موت جي خيال کيس ڪنبائي ٿي ڇڏيو. هو ڀاءُ لاءِ سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هو.

هو انهن ئي ويچارن ۾ تاجوءَ واري ٽڪريءَ ۾ ويٺو هو، ته سانجهيءَ جي نماز جي ٻانگ جو آواز ڪن پيس. اڄ پهريون ڀيرو هن محسوس ڪيو ته ڄڻ اهو آواز هن کي سڏي ئي نه رهيو هو؛ پر عادت کان مجبور، زبردستيءَ اٿي مسجد ڏانهن ويو. نماز ۾ به هو بيمار ڀاءُ بابت سوچيندو رهيو. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن نماز پڙهڻ کان پوءِ دعا نه گهري. ٽڪريءَ مان ڇٻو کڻي گهر جو رخ ڪيائين. در ۾ پير پائيندو ويو، ته رمضوءَ جي چيچلائڻ جو آواز ڪَنِ پيس. جوڻس ڏير کي ويٺو پکو لوڏيو.

”ڇو . . . ؟“ سوال هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. ڇٻو هڪ ڪنڊ ۾ رکيائين ۽ زال ڏانهن وڌيو.

”ڇو . . . ؟“

انهيءَ مختصر سوال ۾ هن جي دل جو سمورو درد ۽ اضطراب سميٽجي آيو هو. جوڻس پوتيءَ جي پلوَ سان اکيون اُگهيون، ته ڏتي پنهنجي سيني مان دل ٻاهر نڪرندي محسوس ڪئي. ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ بنا هو رمضوءَ ڏانهن وڌيو. هن جون اکيون بند هيون، پر سڄي بدن ۾ ڏڪڻي هيس. لڱ لڱ ڦڙڪي رهيو هوس.

هن سندس پيشانيءَ تي هٿ رکيو، ته رمضو پنهنجي ڏڪندڙ هٿ سان ان کي سوگهو جهلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

”ائين وهلور ڇو ٿو وڃين؟“

ڪو جواب نه آيو.

”اڳيئي تڪليف اٿس، تون ڳالهرائينس ته نه!“

زال جي اها صلاح هن کي آئڙي. پوءِ چوڻ لڳو: ”سڀاڻي کان ڊاڪٽر تنهنجو علاج شروع ڪندو، ادا!“

جوڻس، ڏتي جي اکين ۾ ارادي جي چمڪ ڏٺي.

سڄي رات هو سوچيندو رهيو.

اهو صبح هن جي زندگيءَ جو نئون موڙ هو. هو هڪ اهڙو فيصلو ڪري بستري تان اُٿيو، جنهن جو ڪڏهن خواب به نه لڌو هئائين.

”زندگيءَ جي ٽـِڪريءَ ۾ منهنجو ڀاءُ جان جي بازي لڳائي چڪو آهي؛ مان به وڃي جوئا جي ٽڪريءَ ۾ ٿو بخت آزمائي ڪريان!“

هن منهن صاف ڪيو، هڙ ۾ گذريل ڏينهن جي ڪمائي ٻڌي، ۽ هلڻ لڳو.

”اڄ بازار نٿو وڃين ڇا؟“ جوڻس پڇيس.

هن تيز نظرن سان کيس ڏٺو. هوءَ اڳئي حيران هئي، جو صبح نماز پڙهڻ لاءِ پئي اٿاريائينس ته پاسو ورائي سمهي رهيو هو. هن جي روزاني زندگيءَ جي معمول ۾ ايڏو فرق ڏسي، مائيءَ کڻي ڏندين آڱريون ڏنيون، ماٺ کڻي ڪيائين.

ڏتي پهريائين ته هاٿيدر جي هڪ سستيءَ هوٽل تان چانهه جو ڪوپ پيتو، ۽ پوءِ ٽـِڪريءَ طرف هليو- جوئارين هن کي ڇٻي کان سواءِ ۽ ڪمهلو ڏسي، جهٽ لاءِ حيراني ظاهر ڪئي، پر پوءِ پنهنجي ڪرت کي لڳي ويا.

تاجو کٽ تي ويٺو هڪڙي سنگتيءَ کي ٻڌائي رهيو هو ته ڪئـَن اڳينءَ رات نئين صاحب کي خوش ڪري آيو هو. اهو به پئي ٻڌايائينس ته انهيءَ ڏينهن کان ”نال“ رپئي تي آني بدران ڇهه پئسا ڪيو ويو هو، ڇو ته نئين صاحب کي ڳچ پئسا ڏيڻا پيا هئس.

ڏتو هٻڪندي هٻڪندي وڃي جوئا گرن سان ويٺو ۽ راند ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺڻ لڳو. هن ڏڪندي ڏڪندي رات ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت گهري. نازوءَ کلي هڪڙي حريف کي چيو:

”اڙي ڇڏينس ته ڀل هڪ اڌ داءُ لڳائي ڏسي. اڄ يا ته هڙ ڪوسي اٿس يا کـُٽيءَ کنيو اٿس، تڏهن ڇولن ڍٻلن وڪڻڻ بدران جوئا ڪرڻ آيو آهي!“

ٻئي چيو: ”اسان جو ڇا ٿو وڃي – ڀل داءَ رکي.“

ڏتي پهريان ڪجهه داوَ هارايا، پر پوءِ ته ساندهه کٽندو رهيو. چوندا ڪين آهن ته ”شل نه ڪنهن اناڙيءَ کي ڀاڳ لڳي!“ ڏتي جو بخت به اچي کليو. تاجوءَ وڏي نال ملڻ جي اميد تي هن جي پٺي اچي ٺپري. ڏتو جيتي رهيو هو. پنهنجي آسپاس جي سڌ به نه هئس. هو پنهنجي نوجوان ڀاءُ کي موت جي منهن مان بچائڻ لاءِ جيتي رهيو هو . . . ۽ هڪڙو پاڙي وارو هن لاءِ اها خبر کڻي ٽڪريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو ته رمضو زندگيءَ جي بازي هارائي چڪو هو!

”هريڪانت“

غفور

سانجهيءَ ٽاڻي، سورج ديوتا جڏهين ڳوٺ جي ڍنڍ تي، پنهنجي جلوي جا آخرين ڪرشما ڏيکاري، اُن جي گهاٽي نيلي پاڻيءَ اندر ٻڏي ويو، تڏهين ڳوٺ جا ڪڙمي ڪاسبي به ڍڳا ڍور ڪاهيو، پنهنجن اَجهن ڏانهن ورڻ لڳا. ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ڪچي سڙڪ جـِي اَپار ڌوڙ غريب هارين جا ننگا پير چمي، مست ٿي هڪوار آسمان ڏانهن اُڏامڻ لڳي.

پريان ڳوٺ منجهان لوڙهن سان گهيريل جهوپڙين جي ڏيڍيءَ مان ڪنهن ڪومل- هرديه ناريءَ جا نماڻا نيڻ جڏهين انتظار ۽ الجهن منجهان ڌنڌ سان ڍڪيل سڙڪ ڏانهن نهاري رهيا هئا، ۽ ڪو محنت ڪش هاري ڪلهي تي هـَرُ رکيو خوشحاليءَ ۽ مڌر- ملن سندا گيت ڳائيندو، پنهنجي ماڳ موٽي رهيو هو، تڏهين ڍنڍ جي مست لهرن سان جنگ جوٽيندو، ٻڍڙو غفور به پنهنجي ٻيڙيءَ جو ونجهه سنڀالي ڪناري ڏانهن وڌيو.

ڪناري ته بنهه سناٽو ڇانيل هو: صرف بڙ جي گهاٽي درخت جا ساوا ساوا پن، هوا جي تيز جهوٽن  وس، تاڙيون وڄائي، پنهنجي گونگي ڀاشا ۾ غفور جي آجيان ڪري رهيا هئا. هر روز شام جو، ڪناري جي ويرانـِي ۽ سناٽو پـَسي، غفور جي نماڻيءَ دل کي هڪ قسم جو گهرو گهاءُ رسندو هو. گذريل چند ورهين جون مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ياد ڪري، غفور جي جهور ڪوماڻيل اکڙين منجهان گرم گرم لڙڪن جي هڪ ڌار وهي نڪرندي هئي. کيس ياد هو اڄ به اهو زمانو، جڏهين سنجها ويلي ڪوهيڙي ۽ ڌنڌ سان ڍڪيل شاهي ڍنڍ ڪناري، مسجد جون اوچيون ديواريون پار ڪري، ڪنهن خدا ترس انسان جي گلي مان نڪتل نماڻي ٻانگ جو آواز، پريان دور دور تائين ڦهليل پهاڙن تائين گونجي اٿندو هو؛ ۽ ڍنڍ جي ٻئي ڪلناري، بڙ جي گهاٽي وڻ هيٺان، ڀڳوان ٻُڌ جي پراچين مندر ۾ وڄندڙ سنجها جي مڌر گهنڊن جو پڙلاءُ، پڙاڏي جي روپ ۾ دور دور تائين ڦهلجي، ٻانگ جي آواز سان هڪ ٿي ويندو هو: تڏهين خوشيءَ وچان مست ٿي غفور ڍنڍ جي سونهري سطح تي پنهنجي ننڍڙي ٻيڙي ڪاهيندو ڪناري طرف موٽندو هو. اِنهيءَ ئي بڙ جي وڻ هيٺان سڪل گاهه جي جڙيل سندر جهوپڙيءَ لڳ ٻه معصوم مسڪراهٽون سندس سواگت ڪنديون هيون. ساڻن گلي ملي، ۽ سندن مٺڙيون توتليون باتيون ٻڌي، غفور پنهنجي سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ڀلجي ويندو هو. ليڪن . . . . . ليڪن کيس چٽيءَ ريت ياد هو ته قدرت جي مٺيءَ ۽ شانت گود ۾ وسيل هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ هڪ دفعي طوفان آيو هو- هڪ اهو طوفان، جنهن جي دهشتناڪ رفتار ۾ مذهبي تعصب جي آگ سمايل هئي . . . ۽ . . . ۽ اها آگ، جنهن ڪيترن ئي آباد ڪٽنبن جي خوشحاليءَ کي جلائي ڀسم ڪري ڇڏيو. غفور به ان ئي طوفان جي ڪٺورتا جو شڪار بڻيو، ۽ ان بعد سندس زندگي ويران ۽ پريشان ٿي ويئي هئي!

مٺڙي ماضيءَ جي دک ڀري ياد تازي ڪندڙ اهي ئي ڳالهيون سوچيندي، غفور ونجهه وڌايو. اڄ الائي ڇو سندس روزانو سفر ئي وڌي پيو هو. ڍنڍ جي اوجل اوجل جل ۾ پنهنجي عڪس پسندڙ مسجد جي اونچي گنبذ مان ٻانگ جو مٺڙو آواز سڻي، غفور ويچارن جي ننڊ مان سجاڳ ٿيو- کيس به ته نماز پڙهڻي هئي! هن تڪڙو تڪڙو پنهنجن بازوئن جو زور لڳايو.

نماز پوري ڪري، مسجد جي شاهي ديوار تي ويهي، هو ڍنڍ جي چنچل ڇولين جو ناچ ڏسڻ لڳو. يڪايڪ سندس نگاهه سامهون مندر تي پيئي. ڍنڍ جي صاف پاڻيءَ ۾ سندس ڊگهو ڊگهو پاڇو ڏسي، غفور جي دل ۾ ويچارن جو هڪ طوفان مچلجي اٿيو. سندس ڪومل دل قدرت جي هن انوکي نظاري ۾ هڪ گهري راز جو اَنڀؤ ڪيو. هو سوچڻ لڳو، ”مٽيءَ ۽ پٿر مان جڙيل هنن بيجان آسٿانن ۾ ڪيتري نه سمجهه آهي! ڪيڏي نه حُب ۽ همدردي آهي! پاڻ ۾ گلي ملڻ لاءِ سندن دليون پاڇولا بڻجي، نازڪ ڪچڙين لهرن تي سوار ٿي، ڍنڍ جي اَجهاڳ وڇوٽي پار ڪرڻ لاءِ آتر رهن ٿيون! ليڪن هي انسان . . . ! ڳوٺ وارن جي رَوش جو ويچار ايندي ئي غفور جي جان ۾ سياٽو پئجي ويندو هو. هندو- مسلم فساد جو تصور ڪندي، سندس اکين اڳيان پنهنجي معصوم جان جگر پـُٽڙي ۽ مٺڙي ڌيءَ جا مرجهايل چهرا تري ايندا هئا. قميص جي ميري پلاند سان اکيون اُگهي غفور پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن وڌيو.

چوطرف اوندهه ڦهلجندي ٿي ويئي. گهر پهچي غفور ڏيئو جلايو. سندس ننڍڙي جهوپڙي روشنيءَ سان ڀرجي ويئي. ليڪن اڄ، الائي ڇو غفور پنهنجي دل ۾ هڪ قسم جو انڌڪار محسوس ڪري رهيو هو.زمين ۾ پٿاريل ڦاٽل رليءَ تي ويهي، هو ويچارن جي گهري ساگر ۾ غوطا کائيندو رهيو. گذريل جيون جي ڪٺور آزمودن تي لڙڪ وهائيندي، سندس اک لڳي ويئي.

آڌي رات جي ڀيانڪ سناٽي ۾، ڀر واري جهوپڙيءَ منجهان ڪنهن دکي اِنسان جي روئڻ جو آواز ٻڌي، غفور ڇرڪ ڀري اُٿي کڙو ٿيو. اکيون مهٽيندي اَٻهرائيءَ مان جيئن ئي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪتو، وڄ جي هڪ تيز چمڪي سندس اکيون کولي ڇڏيون. سڄي آسمان ۾ ڪارا ڪارا بادل ڇانئجي ويا هئا. غفور جي جهور ڪماڻيل اَکڙين اُنهن ڪارن ڪڪرن ۾ زبردست طوفان ۽ وڏ ڦڙي برسات جا آثار ڏٺا. اَڳ به ڪيترائي دفعا ڳوٺ مٿان طوفان آيا هئا، مصيبت جون آنڌيون آيون هيون، ۽ برباديءَ جا بادل گرجيا هئا؛ خطرناڪ برساتيون پيئون هيون، ۽ قهري ٻوڏون آيون هيون؛ فصل لڙهي ويا هئا، جهوپڙيون ٻڏي ويون هيون، ۽ . . . . ۽ غفور وڌيڪ ڪجهه سوچي ڪين سگهيو. هيٺائينءَ تي هئڻ سبب ڳوٺ کي هميشه ٻوڏ جو خطرو رهندو هو.

چانورن جا لهلهائيندڙ کيت لاباري لاءِ تيار بيٺا هئا. مٿان آسمان ۾ هيءُ شور ڏسي، قدرت جي اِيندڙ ڪوپ جي هولناڪ نتيجي جو تصور ڪندي ئي ويچارن هارين جي ڌرن ٿي ڏڪي.

غفور جي ڀرسان رهندڙ جوتـُو ڪسان ٽن ڏينهن کان بستري داخل هئڻ سبب، پنهنجو لاباري لاءِ تيار بيٺل فصل به ڪٽي ڪين سگهيو هو. اوچتو آسمان ۾ مصيبت جي سنديش ڏيندڙ بادلن جي دهشتناڪ گجگوڙ ٻڌي، هو پنهنجي مجبوريءَ تي هنجون هاري رهيو هو.

ڊپڇ ٻڏل نگاهن سان اونداهي آڪاس ڏانهن ڏسندي، غفور هڪوار ڳوٺ جي سڪل گاهه جي ڪچين ڀونگين ڏانهن ڏٺو. بجليءَ جي تيز چمڪي ۾، گهنگهور گهٽائن جي دل دهڪائيندڙ گجگوڙ ۾، سڄو ڳوٺ ڪنبي رهيو هو. هلڪا قدم کڻندو غفور جوتوءَ جي جهوپڙيءَ ڏانهن وڌيو. سڪل گاهه جي سوراخن مان جهاتي پائي ڏٺائين؛ ۽ ديپڪ جي ڌنڌلي روشنيءَ ۾ جوتوءَ جي اکين مان آنسن جو درياه وهندو ڏٺائين. ڀرسان ئي ڪنڌ هيٺ ڪري سندس هيسيل ٻار ويٺا هئا. چئن سالن جو ننڍڙو رامو ڪيتري نه اٻوجهائيءَ مان پنهنجي مجبور پيءُ ڏانهن نهاري رهيو هو. سندس ننڍڙين گول اکڙين ۾ لڙڪ ٽمڪندا ڏسي، غفور جي دل ڀرجي آئي. راموءَ جي معصوم چهري ۾، غفور کي پنهنجي جان جگر شيخوءَ جي جهلڪ نظر آئي. هو وڌيڪ پاڻ جهلي ڪين سگهيو، ۽ هڪدم پويان پير ڪري پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ پهتو.

جوتوءَ جي روئڻ جو آواز اَڃا تائين سندس ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. بارش ۽ ٻوڏ اَچڻ کان اڳ ۾ ئي جوتوءَ جو فصل لڻي، ڪنهن سلامتيءَ واري هنڌ تي پهچائي، غفور کيس تباه ٿيڻ کان بچائي سگهيو ٿي- هو اهي ئي ويچار ڪري رهيو هو- پر اوچتو پنهنجي معصوم پٽڙي کي ياد ڪندي، کيس جوتوءَ جا گذريل ڪرتوت اکين آڏو اچي بيٺا.

ٽي سال اڳ، جڏهين ڳوٺ ۾ مذهبي طوفان آيو هو، قدرت جي مٺڙيءَ گود ۾ وسيل هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ فساد جي آگ ڀڙڪي اُٿي هئي، تڏهين. . . تڏهين ڏڪندڙ جسم سان پنهنجي جان جگر شيخوءَ کي هنج ۾ لڪائي، غفور، جوتوءَ جي در وٽ پهتو هو. هن کيس پنهنجي شيخوءَ جي بچاءَ لاءِ ڪيترو نه ليلايو، ٻاڏايو ۽ پڪاريو هو، ليڪن سنگدل جوتوءَ ورهين جي وسـِريل ۽ معمولي دشمنيءَ جو ذڪر ڪندي، کيس پنهنجي دروازي تان ٺڪرائي ڇڏيو هو! . . . ۽ . . . اُن بعد درپيش آيل واقعي جو تصور ڪندي ئي غفور جو هنيو ٿي ڇڳو. هڪ ٿڌو ساهه کڻي، هو ڪنڌ کي هٿ ڏيئي ويهي رهيو. ٽي سال اڳي مذهبي طوفان سمي، جوتوءَ، غفور کي پنهنجي پٽ جي وڇوڙي جي آگ ۾ جلايو هو؛ ۽ اڄ جوتوءَ کان بدلي وٺڻ ڪاڻ قدرت ڪارن ڪڪرن جو روپ ڌاري آسمان ۾ گرجي رهي هئي.

”بدلو . . . بدلو . . .“ غفور جي ڀيڪوڙيل ڏندن مان هڪوار زور سان نڪري ويو ”بدلو . . . .!“ ۽ هڪ ٽهڪ ڏيئي هو لت کوڙي سمهي پيو. ٻاهر زور زور سان بادل گرجي اٿيا. بجلي چمڪي اٿي ۽ طوفان شروع ٿي ويو.

جوتوءَ جو درديلو آواز هوا جي سرد سوساٽن ۾ سوار ٿي اڃا تائين سندس جهوپڙيءَ ۾ پهچي رهيو هو. آهستي آهستي اُهو آواز وڌندو ٿي ويو. غفور اِئين محسوس ڪرڻ لڳو، گويا سندس جهوپڙيءَ جي ٻاهران ئي زور زور سان روئي، جوتو کيس مدد لاءِ ٻاڏائي رهيو هو. غفور جي دل ۾ آشانتيءَ جو هڪ طوفان برپا ٿي ويو. هڪ طرف هئي پراڻي دشمنيءَ جي بدلي جي ڀاونا، ۽ ٻئي طرف هئي انسانيت؛ هڪ طرف هئي شيطاني منورتي، ۽ ٻئي طرف هئي آتما جي پڪار! غفور بدلي جي ڀاونا جي اونداهي راهه اختيارڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، پر ”گهـُو گهـُو گهـُو“ ڪندو، هوا جو هڪ تيز جهوٽو، جهوپڙيءَ جي سوراخن مان پار اچي، غفور جي ڪنن ۾ نه ڄاڻ ڪهڙو نياپو ڀـُڪي ويو. هو ڇرڪ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو. جاري ۾ رکيل ڏيئو اجهامڻ کان اڳ هڪوار زور زور سان ڀڙڪي اٿيو. سڄي جهوپڙيءَ ۾ تيز پرڪاش ڦهلجي ويو. غفور جي دل ۾ به هڪوار ٽمٽمائيندڙ ديپڪ جي روشنيءَ چمڪي اٿي. هو اٿي کڙو ٿيو. شايد پنهنجي جيون- جوت جي وسامجڻ کان اڳ هن به هڪوار چوطرف پرڪاش ڦهلائڻ ٿي چاهيو. ڪنڊ ۾ پيل ڏاٽو کڻي، هو اُٻهرائيءَ منجهان جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري ويو.

ڍنڍ جو ساڄو ڪنارو وٺي، هو تمام تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو هو- اڳتي ۽ اڳتي. ٻيا به ڪيترائي هاري، پنهنجي محنت جي ٻل سان هن ايندڙ مصيبت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ، مشعلون جلائي، پنهنجي کيتن ۾ فصل لڻڻ کي جنبي ويا هئا. آسمان ۾ گهٽائن دل دهڪائيندڙ گجگوڙ ڪري، وايو منڊل ۾ اَشانتي ۽ ڀؤ جو ناد ٿي وڄايو. رکي رکي بجليءَ جي ڪنهن تيزچمڪي غفور جي راهه روشن ٿي ڪئي.

هو ڪاٺ جي پل لڳ پهتو. طوفان جي رفتار ۾ تيزي آئي. ڪا‎ٺ جي ڪچڙيءَ پل تي قدم ڌريندي ئي غفور کي خطري جو احساس ٿيو؛ ليڪن ڍنڍ جي ٻئي ڪناري جوتوءَ جي کيت ۾ بيٺل فصل جا اوچي ڳاٽ بيٺل سلا ۽ سنگ، طوفان جي جهٽڪن ۾ جهومي، کيس پنهنجي فرض جي ياد ڏياري رهيا هئا. غفور سستيءَ مان قدم اڳتي وڌايو.

”ڌڙام“ جي هڪ ئي دهشتناڪ گجڪار سان سڄي ماٿري گونجي اُٿي. ڪاٺ جي ڪمزور پل طوفان جي هڪ ئي جهٽڪي سان ٽٽي پيئي، ۽ غفور هڪ وڏي ڇلانگ هڻي ڪناري تي پهچڻ لاءِ جيئن ئي ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ته سندس پير ٿاٻڙجي ويو ۽ سندس ٻڍڙو جسم ڪناري تي پيل نوڪدار پٿر سان وڃي ٽڪريو. مغز تي کيس گهري چوٽ آئي. رت ريلا ڪري وهڻ لڳس، ۽ مٿي ۾ سخت سور محسوس ڪيائين؛ پر هڪوار زخم کي زور سان دٻائيندي، هو پنهنجي فرض ادا ڪرڻ ۾ جٽجي ويو.

سنهي سنهي برسات شروع ٿي ويئي. بارش ۾ زخم ڀڄائيندي، ۽ سڄي رات پنهنجي جان جي بازي لڳائيندي هو فصل ڪٽيندو رهيو. سندس اَنگ اَنگ ۾ درد هو؛ پر غفور کي ان جي ڪا چنتا ئي ڪين هئي. هو ته پنهنجي ئي مستيءَ ۾ مست هو. سندس ڪمزور باوزئن ۾ اَلائي ڪٿان اَچي شڪتي پلٽي هئي- بنا هٻڪ ويو ٿي فصل ڪاٽيندو، بند لڳائيندو!

پرهه کان گهڻو اڳ، لڻيل فصل جون ڀريون کڻي، کيت جي وچ ۾ مٿاهينءَ تي ٺهيل ڇپري هيٺ رکڻ شروع ڪيائين. هاڻي هن کي پنهنجي بدن ۾ ڪجهه پيڙا محسوس ٿيڻ لڳي هئي، ليڪن اڃا سندس فرض اَڌورو هو. سهڪندي، سٽون هڻندي، هو پنهنجو فرض پاڙي رهيو هو.

وڄ جي هڪ تيز چمڪي ۾ خالي کيت ڏانهن ڏسندي، غفور سامت جو ساهه کنيو. ڳورا ڀريل قدم کڻندو، هو ڇپري وٽ پهتو. سندس لڳ لڳ درد کان ٽٽي رهيو هو. دروازي وٽ پهچندي ئي غفور جو مغز ڦرڻ لڳو ۽ ساڻو ٿي اتي ئي ڪـِري پيو. سندس ڦاٽل پراڻا ڪپڙا محنت جي پسيني ۽ مينهن ۾ ڀـِڄي آلا ٿي ويا هئا، ۽ سندس اڇـِي سونهاري مغز جي زخم مان وهندڙ رت ۾ رڱجي لال بڻجي ويئي هئي. آهستي آهستي سندس جسم ٿڌو ٿيندو ٿي ويو.

آسمان ۾ هڪوار زور زور سان بادل گرجي اٿيا. وڏ- ڦـُڙي برسات شروع ٿي ويئي.

صبح سمي، مسجد جون اوچيون ديوارون پار ڪري، ڪنهن خدا ترس شخص جي گلي مان نڪتل نماڻيءَ ٻانگ جو آواز، دور دور ڪوهڙي ۽ ڌنڌ سان ڍڪيل پهاڙ تائين گونجي اٿيو، ۽ مندر ۾ وڄندڙ اُشا ڪالين گهنڊ جو مڌر آواز به پڙاڏي جي روپ ۾ پري پري تائين ڦهلجي، ٻانگ جي آواز سان هڪ ٿي ويو... پوءِ، غفور جو آتما- پنڇي سندس ويران جسم جي پڃري مان اُڏامي، ايڪتا جو سنديش ڏيندڙ ان پڙاڏي سان ملڻ لاءِ، دور دور اُڏامي، زمين جي ويڪراين ۽ آسمان جي اوچاين ۾ گم ٿي ويو.

مصنف گوگول

سنڌيڪار: الهه رکيو، پريو بي – اي

اووَر ڪوٽ

هتي، حڪومت جي ڪنهن کاتي جي باري ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو، جنهن هميشه عوام سان ويل وهايا ۽ پنهنجي اختياريءَ جو ناجائز فائدو ورتو. کاتي جو نالو نه کنيو ويندو، ڇاڪاڻ ته وزارت يا کاتو يا سرڪاري آفيس مطلب ته ڪهڙي به سرڪاري جماعت هجي- رواجيءَ ۾ رواجي ڳالهه تي به غضب ۽ غصي ۾ تپي باه ٿي ويندي آهي. مون کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪنهن شهر جي پوليس جي ڪپتان ظاهر ظهور هڪ عريضي پيش ڪئي، ته سرڪار جا سڀيئي کاتا، سڀيئي آفيسون ۽ سڀيئي عملدار هميشه خطري ۾ آهن، ۽ انهن کي ڪن بي بنياد ڳالهين سبب، خواه مخواه جيڏانهن ڪيڏانهن ننديون ۽ نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي؛ ۽ پنهنجي سچائيءَ جي ثابتيءَ ۾ هن خود ثنائيءَ جو هڪ وڏو دفتر پيش ڪيو، جنهن جي هر ڏهين صفحي تي سندس فرض ادائيءَ، جانفشانيءَ ۽ ايمانداريءَ جو ذڪر هو، ۽ ان جي ثابتيءَ ۾ اُتي سندس نشي جي حالت ۾ هاريل شراب جي ڦينگن جا نشان پڻ موجود ڏيکاريا ويا هئا! تنهنڪري، اجائي ڇڪتاڻ ۽ اڻبڻت کي ٽارڻ لاءِ، کاتي جو نالو مبهم رکيو ويندو.

ڪنهن سرڪاري کاتي ۾ هڪڙو ڪلارڪ ڪم ڪندو هو.ڪلارڪ ته ٻيا به گهڻا هئا، مگر هيءُ عادتن ۾ الڳ ۽ شڪل شبيهه ۾ نيارو هو، جنهنڪري آفيس وارن ۽ آئي وئي جو توجهه هن ڏانهن ئي ڇڪبو هو. اهوئي سبب آهي، جو هتي فقط هن ئي ڪلارڪ جو بيان ڪيو ٿو وڃي. هو قد بت ۾ هلڪو ۽ بندرو هو. سندس منهن تي ماتا جا داغ هئا. اکيون ننڍيون چـُچيون، ۽ وار ڪڪا هئا. ”پيٽر برگ“ جي آبهوا جي اثر ڪري سندس منهن ڳاڙهو، ٽماٽي جهڙو هو. وارن کسي وڃڻ ڪري مٿي ۾ گنج جو ٽڪو به هوس. ٻنهي ڳلن ۾ گهنج ۽ کڏون پئجي ويون هيس. نوڪريءَ ۾ سندس درجو اهڙو ته رواجي هو، جو هو هر ڪنهن جي ٽوڪبازيءَ ۽ ٺٺوليءَ جو نشان هو.

هو ذات جو ”باشمئچڪن“ هو، جنهن جو اشتقاق ”باشمئڪ“ يعني ”گيتلي“ لفظ مان نڪتل آهي. مگر هي اشتقاق ڪڏهين ۽ ڪيئن ڪيو ويو، تنهن لاءِ ڪجهه چئي نٿو سگهجي. بهرحال ايتري معلوميت آهي ته هن جو پيءُ، ڏاڏو، ڀيڻويو ۽ ٻيا سڀ ذات وارا گيتلا پائيندا هئا، ۽ سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه يا ٽي دفعا گيتلن کي وري وري ترا وجهرائيندا هئا.

سندس نالو ”اڪاڪي اڪاڪـِيوچ“ هو. پڙهندڙن کي شايد اهو گمان وهي ته هن جو نالو ڪو چونڊ ۽ لاجواب رکيو ويو هو؛ مگر ائين نه هو. هن جي ڄمڻ وقت حالتون اهڙيون اچي بڻيون، جو هن تي ڪو ٻيو نالو رکجي ئي نه پئي سگهيو. جيتري قدر مون کي ياد آهي، ته ”اڪاڪي اڪاڪـِيوچ“ مارچ جي 23 تاريخ سج لٿي ڌاري ڄائو هو. سندس ماءُ، هڪڙي ”سرڪاري ڪاموري“ جي زال جي حيثيت ۾، ٻار جي نالي رکڻ جي رسمن جا مڪمل بندوبست ڪيا هئا. پاڻ اڃا ويم جي بستري تي ئي پيئي هئي، ته هن جي سڄي پاسي، ٻار جو ”گاڊ فادر“ (God Father) ”اون اوئنو وچ ييرشڪن“، قانون ساز جماعت جو هيڊ ڪلارڪ، ۽ ”گاڊ مدر“ (God Mother) هڪ پوليس آفيسر جي بيگم، سنئين سيبتي، گڻائتي عورت ”ارينا سيميو نوونا بائلو بريوشڪو“، بيٺا هئا. نصيبن واريءَ ماءُ کي ٽي نالا- ماڪي، ساسي ۽ هاردازت (سڀ مشهور مقامي اوليائن جا نالا)- پيش ڪيا ويا، مگر کيس اُهي پسند نه آيا. مائيءَ کي اطمينان ڏيڻ لاءِ جنتري کولي ويئي، ۽ نئين ڄاول ٻار لاءِ ٻيا ٽي نالا- ٽرفلي، دولا ۽ وراهاسي- ڪڍيا ويا، مگر اهي به سڪيلڌي پٽ جي لائق ثابت نه ٿيا. جنتريءَ جو ٻيو صفحو کوليو ويو ۽ پاوسيڪاهي ۽ واهستي نالا نڪتا، مگر مائيءَ کي اهي به نه آئڙيا. آخر مائيءَ فيصلو ڪيو ته ڇوڪر کي پنهنجي پيءُ مرحوم جي نالي پٺيان سڏيو وڃي- پڻس جو نالو اِڪاڪي هو ۽ سندس پٽ به اڪاڪي سڏجي- اهڙيءَ طرح حالتن پٽاندر هن تي نالو اڪاڪي اڪاڪـيوچ رکيو ويو. معصوم ٻارُ نالي رکڻ جي رسمن جي دوران ۾ گهڻو ئي ڦٿڪيو، منهن بڇڙو ڪيو ۽ ٻوڪاٽ ڪري رنو، ڄڻڪ پنهنجي قسمت تي روئي رهيو هو ته انهيءَ نالي سان ته هو هڪ نقل نويس ڪلارڪ ئي ٿيندو،پر هن جي انهن ٻاراڻن احتجاجن تي ڪنهن به پورو ڌيان ڪونه ڏنو.

ڪنهن کي به خبر نه آهي ته اڪاڪي اڪـِيوچ ڪڏهين نوڪريءَ ۾ گهڙيو، ۽ کيس ڪنهن نوڪريءَ ۾ رکيو. بهرحال، هن جي نوڪريءَ جي وقت ۾ ڪيترائي ڊئريڪٽر ۽ بالا آفيسر آيا ۽ ويا، مگر هيءُ ساڳيءَ جاءَ تي ۽ ساڳيءَ حالت ۾، ساڳيءَ ئي ڊيوٽيءَ تي، نقل نويس يعني منشي ئي رهيو: ماڻهو چوندا هئا ته ”هيءُ ماءُ جي پيٽ مان ئي نقل نويس ۽ مٿي تي گنج جي ٽـِڪريءَ سان ڄائو آهي“. هن کي ڪو به عزت جي نظر سان نه ڏسندو هو. آفيس جا پٽيوالا به هن جي اچڻ تي اٿي بيهي استقبال ڪرڻ ته الڳ رهيو، هن جو خيال به نه ڪندا هئا- ڄڻ ڪا مَک دروازي مان لنگهي ويئي. بالا آفيسر پڻ هن سان بيرخي ۽ بيخياليءَ سان پيش ايندا هئا. اسسٽنٽ هيڊ ڪلارڪ ته وري اهڙو بي مروت هو، جو ڪو به ڪاغذ  پـَٽ نقل ڪرڻ لاءِ هٿون هٿ ڏيڻ ۽ ان تي صلاح مصلحت ڪرڻ بدران، ان کي وٺي کڻي هن جي منهن ۾ اڇليندو هو، ۽ ائين به نه چوندو هوس ته ”هي نقل ڪر، يا ڪهڙو نه هيءُ دلچسپ ٽڪر آهي جيڪو هاڻي نقل ڪرڻو اٿيئي!“ اهڙيءَ اڍنگيءَ هلت هوندي به، هو چپ چاپ ڪاغذ وٺندو هو ۽ پنهنجي ڪم کي لڳي ويندو هو- بغير ڪنهن ڄاڻ جي ته ڪاغذ ڪنهن اڇليو، ۽ بغير ڪنهن اعتراض جي هن سان اهڙي نامناسب هلت ڇو هلي ويئي! آفيس جا سڀ ڪلارڪ پنهنجي لياقت ۽ حوصلي آهر خوب هن تي طعني زني ۽ ٽوڪبازي ڪندا هئا، ۽ هنجي متعلق پنهنجا هٿ جا گهڙيل بهتان ۽ ڳالهيون بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ٺوڪي هن جي منهن تي اڇلي پيا هڻندا هئا. ڪو چوندو هو ته ”هن جي سينڌي ستر ورهين جي پوڙهي آهي ۽ کيس موچڙا هڻندي آهي.“ ٻيو پڇندو هوس، ”تنهنجي شادي ڪڏهين ٿيندي؟“ ڪو وري هن مٿان ڪاغذن جون ٽڪريون ڇـَٽيندو هو ۽ چوندو هو ته ”گلن جي ورکا ٿو ڪيانس.“ هنن سڀني هلتن هوندي به اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي ڪم ۾ ڪو فرق نه ايندو هو، ۽ هيڏي ساري مسخريءَ هوندي به هو ڪنهن کي جواب ئي نه ڏيندو هو- ڄڻ ته ڪو آهي ئي ڪونه. هيڏي ساري گوڙ گهمسان هوندي به کيس ڪا چـُڪ نه پوندي هئي! البت جڏهين کيس ڪو ٻانهن کان وٺي ڌونڌاڙيندو هو يا ڪم کان ڄاڻي ٻجهي روڪيندو هو، ته رحم جوڳي آواز ۾ چوندو هو ته ”مهرباني ڪري مون سان مستي نه ڪريو. مون کي هيڪلو ڇڏيو. منهنجي ڪم ۾ رنڊڪ نه وجهو. منهنجي بيعزتي ڪرڻ مان توهان کي هٿ ڇا ايندو؟“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي هنن لفظن اچارڻ جي لهجي ۾ اهڙي ته ڪا خاص ڪشش هئي، جو پٿر دل به پگهرجي وڃي! هڪڙو نئون ڪلارڪ آفيس ۾ مقرر ڪيو ويو، ۽ هو به ٻين ڪلارڪن سان گڏ اڪاڪيءَ کي چيڙائڻ ۽ ستائڻ ۾ حصو وٺڻ لڳو؛ مگر اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي دل وٺندڙ لفظن ته ”مون کي هيڪلو ڇڏيو، منهنجي بيعزتي ڪرڻ مان توهان کي ڇا هٿ ايندو؟“- هن جي دل ڦيهي پرزا پرزا ڪري ڇڏي. هن کي ايڏو ته جهٻي آئي، جو اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي چيڙائڻ بدران هن تي رحم کائڻ لڳو، ۽ پنهنجي ساٿين کان، جن کي هو تهذيب وارا ۽ فهميدا ماڻهو سمجهندو هو، هميشه لاءِ ڪناري ڪشي ۽ نفرت ڪرڻ لڳو. هن تي آفيس جي ٻين ڪلارڪن جي حيوانيت ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي بيچارگيءَ جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو ڪيتري زماني کان پوءِ به، هر ڪنهن وڏي ۽ خوشيءَ جي موقعي، هن مسڪين ڪلارڪ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي قياس جوڳي حالت ۽ ان جو گنج وارو ميرانجهڙو مٿو سندس خيال ۾ تصوير ٿي اچي ائين سامهون بيهندو هو، ڄڻ چوندو هجي: ”منهنجي جند ڇڏيو. منهنجي بيعزتي ڪرڻ مان اوهان کي ڇا هٿ ايندو؟“ پوءِ ته هي رحم دل ڪلارڪ ڏڪي ويندو هو، ۽ عجب کائيندو هو ته ماڻهو ڪيئن نه ٻاهرينءَ طرح شريف ۽ تهذيب وارا پيا لڳن، مگر اصل ۾ هو بنهه انسانيت کان ٻاهر ۽ حيوان خصلت انسان آهن!

اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پنهنجي ڪم ڪرڻ ۾ اڻٿڪ ۽ اورچ هو. فقط ائين چوڻ ته ”هو محنتي هو“، ڪافي نه آهي: حقيقت هيءَ آهي ته هو پنهنجي ڪم جو عاشق هو. هن جو ڌنڌو يعني نقل نويسي هن جي واسطي هڪ ننڍڙي دنيا هئا، جنهن ۾ خوشي هئي ۽ غم به هو. ڪي ڪي خط هن جي خاص پسنديءَ وٽان هوندا هئا، جن کي نقل ڪرڻ وقت هن جي منهن ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويندي هئي. هو مشڪندو هو، اک ڀڃندو هو ۽ چپ ڦڙڪائيندو هو. ”منهن دل جي آرسي آهي“- ۽ معلوم ٿيندو هو ته اهو نقل هن جي دل وٽان آهي. جيڪڏهين ڪم ۽ محنت جي لحاظ کان ڪو انعام يا اضافو ڏنو وڃي ها، ته اڪاڪي گهٽ ۾ گهٽ سـِول ڪائونسلر هجي ها. مگر هن کي محنت جي عيوض جو ڪجهه مليو هو، سو هو ڪلارڪن جي طعني زني ۽ ٽوڪبازي. هروڀرو ائين به نه آهي ته هن کي هر ڪنهن بالا عملدار نظرانداز پئي ڪيو. هڪڙي ڊئريڪٽر- جو مڙيوئي ڪو ڀلو مانس هو ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي ڊگهي سروس ڏسي هن کي اضافي ڏيڻ لاءِ منتظر هو- هن ڏانهن هڪڙي ڏينهن نقل ڪرڻ کان ٿورو وڌيڪ ڪم موڪليو. هي نئون ڪم اهو هو، ته هن کي هڪڙيءَ لکپڙهه مان ٻيءَ ڪنهن آفيس لاءِ رپورٽ تيار ڪرڻي هئي. هن ڪم ۾ ڪا خاص قابليت جي ضرورت ڪانه هئي، فقط لکپڙهه جا سرا بدلائڻا هئا، ۽ هاڪار جي جملن کي ناڪاري جملن ۾، ۽ واحد کي جمع ۽ جمع کي واحد ڪرڻو هو: پر هي رواجي ڪم به هن کي اهڙو ته ڏکيو لڳو، جو سڄو پگهرجي ويو ۽ منهن ۽ نرڙ اگهڻ لڳو، ۽ آخر ۾ چيائين ته ”مون کي ڪجهه نقل ڪرڻ لاءِ ڏيو!“

ان کان پوءِ هو هميشه نقل نويس ئي رهيو؛ ۽ نقل نويسيءَ ۾ ايڏو ته محو ٿي ويو، جو ڄڻڪ دنيا ۾ هن واسطي ٻيو ڪي به ڪين هو. هو پنهنجن لٽن ڪپڙن تي خير ڪو توجهه ڏيندو هو. سندس پوشاڪ ميري مٽيءَ جهڙي هوندي هئي. هن جي ڳچي ايڏي ڊگهي نه هئي، مگر سندس ڪوٽ جي ننڍي ۽ سوڙهي ڪالر هئڻ ڪري بلڪل ڊگهـِي ۽ بيڊولي پئي لڳندي هئي. سندس ڪوٽ ۽ پتلون کي ڪک پن ۽ ڌاڳن جا ذرڙا هميشه چهٽيا پيا هوندا هئا. انهيءَ کان سواءِ، هن کي گهٽين ۾ درين هيٺان لنگهڻ جي ڄڻڪ عادت هئي، ۽ سو به انهيءَ وقت، جنهن وقت درين مان ڪن ڪچرو اڇليو ويندو هو. سندس ٽوپيءَ تي گدرن ۽ ڇانهين جي کلن جا ذرڙا ۽ ٻيو گند اڪثر چنبڙيل نظر ايندو هو. اهڙو ته سادو ۽ اڻڄاڻ هو، جو کيس پتو ئي نه پوندو هو ته گهٽين ۾ ۽ رستن تي ڇا ٿو وهي واپري! هن جي مقابلي ۾ سندس ٻيا ڪلارڪ دوست ايترا ته چست ۽ چالاڪ هئا، جو رستي ويندي ڪا رواجي ۾ رواجي ڳالهه يا حادثو ٿيندو هو، ته سندن نظرن مان ضرور گذرندو هو- ويندي ايستائين، جو جيڪڏهن ڪنهن جي پتلون جو پٽو ئي هيٺ لڙڪندو هو، ته اهو ماڻهو هنن جي نظر کان هر گز نه بچندو هو، ۽ ضرور هنن جي مذاق جو شڪار بڻبو هو. مگر، اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو دماغي تخيل دنيا جي هر حرڪت کان دور پنهنجي خوشنوسيءَ تائين محدود هو- مطلب ته هو پنهنجي نقل نويسيءَ جي ڪم ۾ فنا ٿيل هو. جڏهن اوچتو ڪو گهوڙو پنهنجو منهن سندس ڪلهي تي اچي رکندو هو، ۽ ان جي ناسن مان تيز هوا سندس ڳلن کي گرم ڪندي هئي، تڏهين ڇرڪ نڪري ويندو هوس ۽ هوش ۾ ايندو هو ته هو آفيس ۾ نقل نويسي نه ڪري رهيو آهي، مگر رستي جي وچ ۾ آهي- ۽ پوءِ هن جا خيالي قلعا ڊهي پوندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com