سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :3

 ڪمل ”پياسي“

ڪو وڇڙيل ساڻ ملائي

اوسيڙي ۾ ڪنهن جون اکڙيون ويٺيون آس لڳائي-

ڪو وڇڙيل ساڻ ملائي!

ڏڪندي ڏڪندي جهڄندي جهرندي،

 

اچي پريان ڪا ڳوڙها اگهندي؛

هوا هٿن سان پري هٽائي،

 

آس-مندر ۾ ديپ جلائي؛

ليڪن نرآشا جي آنڌيءَ ديپڪ ڇڏيا اجهائِي-

ڪو وڇڙيل ساڻ ملائي!

بادل ڪارا رات انڌاري،

 

ور کان وڇڙيل هڪ ويچاري؛

ڪڪرن وانگر نيڻ ٽمن ٿا،

 

نيڻ ٽمن ٿا پلوَ پـُسن ٿا؛

کنوڻ انهيءَ تي ڪري ٺٺولي پيئي ڦيرا پائي-

ڪو وڇڙيل ساڻ ملائي!

جذبن دل جو در کڙڪايو،

 

ساجن آيو، ساجن آيو؛

چنڊ بنا هت چنچل گوري،

 

تڙڦي ٿي سا مثل چڪوري؛

سندس صدا جي هر ڪا آشا لنوءَ لنوءَ پيئي ڪنبائي-

ڪو وڇڙيل ساڻ ملائي!

ڀڳوان سي - ميواڻي

منهنجا ساجن، منهنجا سپرين

وڃ ڪين ڇڏي، غم ۾ تون گڏي:

تو بن رئنديس، دکڙا سهنديس:

هٿ ٿي جوڙيانءِ، پيرين ٿي پوانءِ-

منهنجا ساجن، منهنجا سپرين!

جڏ گلشن ۾ سرراٽ ڪندي هر گل کي هوا لولي ڏيندي،

بلبل به سڄي ڏينهن جي ٿڪ کان ٿي چـُور وڃي آرام ڪندي؛

ڪم هاج ڪري، واندي ٿي مان، پنهنجي هنڌ ۾ پيئي لڇنديس،

سيني ۾ هوندو درد مٺو، پر ڪين زبان سان ڪي ڪڇنديس-

ڌيري ڌيري، ننڊ جي ديوي، سپنن جو ڄار وڇائيندي،

مشڪي مشڪي، رنگين نظارن سان دل کي بهلائيندي،

ڪو، رولـُو مست هوا جو جهوٽو، در منهنجو کڙڪائيندو،

مان ڇرڪ ڀري جاڳي پونديس، سپنو پاسو بدلائيندو-

توکي نه ڏسي، منهنجون اکڙيون ساوڻ جان مينهن وسائينديون!

سيني ۾ سوين ارمان کڻي، پييون چانئٽ ڏي واجهائينديون!

رئندي رئندي، منهنجي پوتي ڳوڙهن سان پـُسي ڀـَت ٿي پوندي-

ڏس ڏاهو  ٿي، مڃ منٿ اها،

ڪر داسيءَ کي دل کان نه جدا:

ڳچ ڳارينديس، پيئي نهارينديس،

هوندين نظرن کان دور سڄڻ،

سکڻو ٿي پوندو منهنجو اڱڻ!

هٿ ٿي جوڙيانءِ، پيرين ٿي پوانءِ-

منهنجا ساجن، منهنجا سپرين!

گيت لوڪ

رشيد احمد لاشاري

محرم لولي

        سرائڪي ٻولي سنڌي زبان جي ئي هڪ شاخ آهي. سنڌ جي اُتر واري ڀاڱي يعني سري ۾، سرائڪي ٻولي تمام گهڻي قدر ڳالهائي وڃي ٿي؛ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي به ان جو ڪافي اثر آهي. جيئن ته سرائڪي ٻولي ديري غازي خان، بهاولپور ۽ بلوچستان جي سبي  ضلعي، يعني ڀاڳناڙي واري علائقي، ۽ سنڌ جي سکر، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ عام جام ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، تنهنڪري اُن جا لوڪ گيت به انهن سڀني هنڌن تي، ساڳيءَ طرز ۽ ساڳئي جذبي موجب، عام جام ڳايا وڃن ٿا. خيرپور ميرس کان جيئن هيٺ اچبو، تيئـَن سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ته فقط هنن لوڪ گيتن جي ڪمي معلوم ٿيندي، بلڪ خود سرائڪي ٻولي به پنهنجو اصلي روپ بدلائي، ويندي سنڌي ٻوليءَ ۾ جذب ٿيندي. سِري جي انهن ڀاڱن ۾ ڪيترائي لوڪ گيت آهن، جي اُتان جا ڳنوار، ريڍار ۽ ٻڪرار، هاري ناري، ڇوڪرا ۽ نوجوان ڪن تي هٿ ڏيئي، وڏي آلاپ سان، جهنگ جهر ۾ جهونگاريندا وتندا آهن، جن مان هڪ لوڪ گيت ”محرم لولي“ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو.

        عام طرح ”لوليءَ“ جي صنف فقط مائرن ۽ ٻارن جي محبت لاءِ، مخصوص هئي؛ پوءِ اُن ۾ وسعت پيدا ڪري، اُن جو مضمون هڪ عام مضمون بنايو ويو. ۽ مرد، عورت، جوان ۽ ٻار هر هڪ جي جذبات لاءِ هڪ راز محرم دوست وانگر ڪم ڏيڻ ڪري، هِن صنفت جو نالو ئي ”محرم لولي“ پئجي ويو آهي.

محرم لوليءَ جو هر هڪ بند هڪ الڳ مضمون تي مدار رکي ٿو: ڪنهن ۾ مرد پنهنجي محبوبه لاءِ بيوفائي يا محبت جو ذڪر ڪري ٿو، ته ڪنهن ۾ وري ڪا عورت پنهنجي محبوب جي آمد جو انتظار ۽ سندس محبت جو اظهار ڪري ٿي؛ ڪنهن ۾ هاري ناري پنهنجو ماحول پيش ڪن، ته ڪنهن ۾ وري اُٺن وارا جـَت پنهنجي ڪا ڳالهه پيش ڪن ٿا- مطلب ته هر هڪ بند ۾ جدا مضمون ٿئي ٿو ۽ اُن جو ٻئي بند سان ڪو به تعلق نٿو رهي.

محرم لوليءَ جي هر هڪ بند ۾ ڪل ٽي سٽون ٿين ٿيون، جن مان ٻي سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ”محرم لولي، هي لو“ جو وراڻو لازمي طرح اچي ٿو؛ باقي ٽين سٽ عام وراڻي جي ٿيئي ٿي، ۽ ڳائڻ واري جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي، ته هيٺين مشهور وراڻن مان ڪو به وراڻو چئِي، محرم لوليءَ جي بند جون ٽيئي سٽون پوريون ڪري:

1-      هي لوڙي لـَوو لولـِي، ڀـَلو ڙي، ڀول لولي،

هي لو . . . .

(دلبر لولـِي، هي لو؛ سانول لولـِي، هي لو؛

سهڻل لولـِي، هي لو- وغيره)

2-     هي لوڙي لَوو لَولـِي، گـِڙ دولـِي، تالـِڻ لولـِي،

هي لو . . . .

3-     هي لو ڙي لـَوو لولـِي، پٽولـِي، محرم لولي،

هي لو . . . .

اهڙيون لوليون هزارن جي تعداد ۾ ڳايون وڃن ٿيون، جن مان مون کي جيڪي ياد هيون، سي مثال طور پيش ڪريان ٿو:

عاشق

وو . . . . . . . لولـِي تان لولـِي، لولـِي لَيان دي اوٽي،

بوتا اِٿاهين، دل ڏِيجـِي دي ڪوٽي- محرم لولـي هي لو،

هي لو ڙي، لـَوو لـَولـِي، ڀَلو ڙي سانول لولـِي- هي لو......

هاري ۽ ڏاند

وو . . . . بگڙا ته جوڙا ٻـَڌي آندئي ٽپولـِي،

وَس نهين پـُڄدا، ڪران لَونگان دي هولـِي- محرم لولـِي هي لو،

هي لو ڙي، لَوو لَولـِي، ڀَلو ڙي ڀورل لولـِي- هي لو . . .

عورت

وو . . . . . . . وَهندي نـِي واهي لـُڙهه پوندي نـِي گهانگهي،

دِلڙا ڀـَريسان دَم دلبر دي سانگي- محرم لولـِي هي لو،

هي لو ڙي، لَوو لَولـِي، ڀَلو ڙي سهڻل لولـِي- هي لو . .

”جيوي جتڻي“

وو . . . . اُڏريان نـِي ڪـُونجان وُڃ ٻيٺيان نِي سَر تي،

چوڳان چُڳسان جـِيوي جـَتڻِي دي دَر تي-محرم لولـِي هي لو،

هي لو ڙي، لَوو لَولـِي، ڀَلو ڙي تالـِڻ لولـِي- هي لو . . .

 

اوٽي = اوٽ يا آڙ ۾. بگڙا جوڙا = اَڇا ڍڳا. ٽپولي ٻَڌڻ = زور سان ڊوڙڻ. گانگهي = ٺِڪر. گڙدولي = لاڏلي يا دادلي. تالڻ = مڪر ۽ تال ڪندڙ.

انتظار

وو . . . . . .  لولي تان لولي، لولي ڏي نا مين ڄاڻان،

يارڻ پرديسـِي وَتـِي پيري سـُڃاڻان- محرم لولـِي هي لو،

هي لو ڙي، لَوو لَولـِي، گـِڙدولي، تالـِڻ لولـِي- هي لو . . . 

تهمت

وو . . . . . لَيان تان لَيان، لـَيان پٿر پَيان،

ڪوڙ نه مارو، مين تان ٻاهر نه ڳـَئـِي آن- محرم لولي هي لو،

هي لو ڙي، لـَوو لـَولـِي، ڀـَلو ڙي، محرم لولي- هي لو . . . . .

اوسيڙو

وو . . . . . . . واهي دي پارون، ڪائـِي ٻوٽـِي ڪـُماڻـِي،

آيا نه جاني، سڙِي دلڙي نماڻي- محرم لولي هي لو،

هي لو ڙي، لَوو لَولـِي، گـِڙدولي، تالـِڻ لولـِي- هي لو . .

وعدو

وو . . . .  وَهندي نـِي واهي، لـُڙهه پوندي نـِي ٻـُوٽي،

وعدا مـِلڻ دا، کاوي نندران دي جهـُوٽي- محرم لول هي لو،

هي لو ڙي، لـَوو لـَولـِي، پـَٽولي، دلبر لولي هي لو . . . . . . . .

رسڻ

وو . . . .  واهي دي پارون، ڪائِي گِدريان دي واڙي،

ڪـِيتس رُساما، ڳيا گهر تَڙ اُجاڙي- محرم لولي هي لو،

هي لو ڙي، لـَوو لـَولـِي، ڀـَلو ڙي ڀورل لولـِي- هي لو . . .

بيقراري

وو . . . . گـَلي جو والي، گـَلا وَيندي قـَطاري،

ولسن ڪڏاهين، ٿـِيسـِي دل ڪون بهاري- محرم لولي هي لو،

هي لو ڙي، لـَوو لـَولـِي، گـِڙدولي، تالـِڻ لولـِي- هي لو . . . . . . .

وڇوڙو

وو . . . . اُڏرئي نـِي طوطي، وڃ ٻيٺي نـِي وڻ تي،

مـُدت دي وڇڙي، آئـِي جـِندڙي مـَرڻ تي- محرم لولي هي لو،

هي لو ڙي، لـَوو لـَولـِي، ڀـَلو ڙي سانول لولـِي- هي لو . . . . . .

محبوب جون ڳالهيون

وو . . . .اُڏرئي نـِي ڳيري، وَڃ ٻيٺي نـِي ڇان تي،

ڳالهين تساڏيان، لَکي وَيسان مين هان تي- محرم لولي هي لو،

هي لو ڙي، لَوو لَولـِي، ڀَلو ڙي ڀورل لولـِي- هي لو . . . . . . . .

ڪنوار

وو . . . . .پار درياهون، ميڏي پيڪي جو رَهندي،

لوڙهيا جـُدائي، ميڏيان ساران نه لهندي- محرم لولي هي لو،

هي لو ڙي، لـَوو لـَولـِي، پـَٽولـِي، دلبر لولـِي- هي لو . . . . . . . .

ڀيڻ

وو . . . . . ڀيڻـِين ڀـِراوان، شالا پووي نه گهاري،

پيڪي نه ڇوڙان، ڪڏان ٿيوان نه ڌاري- محرم لولي هي لو،

هي لو ڙي، لـَوو لـَولـِي، ڀـَلو ڙي محرم لولـِي- هي لو . . . . .

سانوڻ

وو . . .سانوڻ مهينا، اُتون وسنديان نـِي بـُوندان،

آ مـِل وي سـُهڻا، آنديان اُڏريان نـِي ڪـُونجان- محرم لولي هي لو،

هي لو ڙي، لـَوو لـَولـِي، گـِڙدولي، ڀـُورل لولـِي- هي لو . . . . . . . . . .

فراق

وو . . . . .  لولي تان لولي، لولي ڪنهن ڪـُون سـُڻيسان،

جو دم حياتي، ٻيٺي رو رو نڀيسان-  محرم لولي هي لو،

هي لو ڙي، لـَوو لـَولـِي، ڀـَلو ڙي ، محرم لولـِي- هي لو . . .

م . ع. ڏيپلائي

اُڪير

چوڏس پونم چانڊڻي-.

چهنا

مهانجي رمڻ جهڙي رات – گـُمانا !

آءُ، اڏر پکِيڙُو، مِنان پِيهري ميل !

آيَلَ مٿو گونٿيو، چهنا،

مهانجي ڪاڪِلَ ڪانجهيو هار، گمانا! ...

هجار هٿان رو گهاگهرو، چهنا،

مهانجا سور هان سريان روهار، گمانا!..

لڪ تان چڙهتي مان جويڙو، چهنا،

مهانجي موڀي جهڙو ٺيٽا ٺيٽ، گمانا!....

--------------------

چوڏهين پنڌرهينءَ جي چانڊوڪي،

ناز ڀريا!

منهنجي کيڏڻ جهڙي رات!

اچ، اڏام پکيئڙا- مون کي مائٽن سان ميل

امڙ منهنجا وار ويڙهيا،

چاچيءَ هار پوئي وڌو . . .

هزار هتن جون گهاگهرو،

منهنجو هار سورهن سربن جو !

(واريءَ جي) لڪ تان چڙهي ڏٺم،

(پري کان سمجهيم) ڄڻ ته سوڌ ٻوڌ منهنجي وڏي ڀاءُ جهڙو ڪو اچي پيو! (مون کي وٺي وڃڻ لاءِ)

ماستر رائچند

جهونٻڪيو

]”جهونٻڪيو“ لفظ نڪتو آهي ”جهونٻڪ“ مان، جهونٻڪ معنى ”ڇڳو“، ”جهڳٽو“ وغيره. ٿر جي ڪن هندو ذاتين ۽ ڪن اڇوت قومن ۾ رواج آهي ته شاديءَ وقت ناٺيءَ کي مٿي تي ٻڌڻ لاءِ لونگي يا پٽڪو ڏيندا آهن؛ ان جي مٿئين ڇيڙي ۾ ٻڌڻ لاءِ لونگ ڦوٽا، ريشمي ٽنئور ۽ ننڍن رنگين شيشي جي مڻين سان ٺهيل ڇڳو به ڏيندا آهن، جو پٽڪي ٻڌڻ بعد مٿان چوڌاري ورائي ڇڏيندا آهن، جو گولائيءَ تي ٿي بيهندو آهي.[

جهونٻڪيو مان رو جهولڻ لاگو،

جهولسي، سـُگڻ سياري ري رات-

ملوڪ جهونٻڪيو!

 

”ٽڪي پئسي را ڀيڻيئي لونگ مـُلايا،

آڌيلي ري ڏاڙم ڊاک“-

ملوڪ جهونٻڪيو!

 

”اوڏيڙان سين ڀيڻيئي لونگ ورهايان،

ڇجڙان سين ڏاڙم ڊاک“-

ملوڪ جهونٻڪيو!

 

”ڪوري  گگر مڌ ڀريوڙي،

ميلهان ڀيڻيئي جـِي ري پاس“-

ملوڪ جهونٻڪيو!

 

سائي لڙهي رو جهونٻڪيو،

پيلي لڙهه روهار-

ملوڪ جهونٻڪيو!

 

”ڪـِيهي ڀيڻيئي نان ڏيسان؟“

”جانهين را کاسان لونگ“-

ملوڪ جهونٻڪيو!

 

اونچي ميڙ هي اُوجري،

مَنهين لُونٻاري کاٽ-

ملوڪ جهونٻڪيو!

 

”اِٿ ڀيڻيئي جي رو ٻيسڻو؛

ڌيئا ٻائي وائرو ڍور“-

ملوڪ جهونٻڪيو!

 

وائرو ڍورتي ڌيئا ٻائي اِئان ڪهيو،

”هيلوڪي مـِنان ڏاڏاڻي ميل!“-

ملوڪ جهونٻڪيو!

 

”ملهيسان وهان وڌاڻي،

ميلهسان سراؤڻ ٽيج!“-

ملوڪ جهونٻڪيو!

 

ڇُڳو منهنجو لُڏڻ لڳو،

لُڏندو، سٺي سياري جي رات

ملوڪ ڇڳو!

 

”ڀيڻوئي، ٽڪي پئسي جا لونگ گهرايا آهن،

۽ آڌيلي جا ڏاڙهون ۽ ڊاک“-

ملوڪ ڇڳو!

 

”وڏن کارن سان لونگ ورهايائين،

ڇڄن سان ڏاڙهون ۽ ڊاک“-

ملوڪ ڇڳو!

 

”ڪوري گهاگهر ماکيءَ سان ڀريل،

ڀيڻوئي کي موڪليون“-

ملوڪ ڇڳو!

 

سائي ريشمي ڌاڳي جو ڇڳو،

پـِيلي ريشمي ڌاڳي جو هار-

ملوڪ ڇڳو!

 

”ڪهڙي ڀيڻوئي کي ڏينديونسين؟“

”جنهن جا لونگ کائبا“-

ملوڪ ڇڳو!

 

اُچـِي ماڙي صاف ۽ سهڻي،

ان ۾ سُٺي سيجبند کٽ-

ملوڪ ڇڳو!

 

”هيءُ هنڌ ڀيڻوئي جي وهڻ لاءِ آهي؛

ادي ڙي، وڃڻو جهلاءِ“-

ملوڪ ڇڳو!

 

وڃڻي هڻندي ڇوڪريءَ ائين چيو،

”هاڻي موڪل ڏي ته مائٽن وڃان!“-

ملوڪ ڇڳو!

 

”ڪنهن شاديءَ مراديءَ يا سانوڻ مهيني جي ٽيج تي موڪليندوسانءِ!“-

ملوڪ ڇڳو!

منگها رام ”اوجها“

سانوڻ ٽيج

]ٿر جو هي مقبول عام گيت وسڪاري جي مند ۾ هڪ جيڏيون سرتيون گڏجي ڳائينديون آهن. نئين وني پنهنجا اباڻا آسرا ڇڏي ساهرن ۾ وڃي ٿي، تڏهن ان ڪنوار کي ساهرن ۾ انيڪ تڪليفون ۽ ڏک درپيش اچن ٿا- ان اڻانگي ۽ ڏکئي وقت ۾ پنهنجن مائٽن جي وڇوڙي ۾ هي گيت ڳائي ٿي.[

آئي، آئي، ما! سراوڻ ري ٽيج:

سراوڻ! سراوڻ! ڌيئا ساسري!

 

ٻيجي، ٻيجي، ما! رمڻ جايه-

ڌيان نان ڏنو ساسو سووڻو:

 

سويو، سويو، ما! ڇڄ ٻه چار-

اڌ مڻ سويو ٻاجهرو!

 

ٻيجي سهيليان، ما! جهيلڻيان نين جايه-

ٻائي نان ڏنو ساسو پيسڻو:

 

پيسيو، پيسيو، ما! ڍال رو ڍال-

اڌ مڻ پيسيو ٻاجهرو!

 

ڦوڙون، ڦوڙون، ما! چڪليئي رو پاٽ،

 

بگڙ وکيريون سڀ پيسڻو!

سهيليان، سهيليان ما! مگريئي نان جايه-

ٻائـِي نان ڏنو ساسو پووڻو

پويا، پويا ما! روٽيان سو چار-

پاڪا ٻائي را پيرونئا!

 

ٻيجان نان ٻيجان، نان ما! گيهون را روٽ-

ٻائي نان ٻاجهري رو ٻاٽيو!

ٻيجان نان، ٻيجان نان جهاجهيرو کير-

ٻائي نان ڏنو ساسو راٻڙو!

 

ٻيجان نان، ٻيجان نان ما! ڌوٻي، ڌوٻي کنڊ-

ٻائي نان ڏني چپٽي لوڻ ري!

ٻيجان نان، ٻيجا نان ما! ٽپري گهيءُ-

ٻائي نان ڏنو مِريو تيل رو!

 

ورسي، ورسي ما! جهاجهو مينهن-

ڀـِيجي ڀايان ري ٻينڙي!

ميلي، ميلي ما! نانيرو ويـِر-

راتان ري نرڻي ڀايان ري ٻينڙي!

------------------

اي امان، سانوڻ مهيني جي ٽيج آئي آهي:

آه سانوڻ! سانوڻ! پر ڌيئـَڙي ساهرن ۾ آهي!

 

ٻيون سڀ ساهيڙيون راند تي وڃن ٿيون، جيجل-

پر تنهنجي ننڍڙي ڌيءَ کي سس ٻاجهري ڇنڊڻ لاءِ ڏني آهي:

اي امان، اڄ ته ڇنڊيندي ڇنڊيدي ٻه چار ڇڄ-

اڌ مڻ ٻاجهري ڇنڊي اٿم!

 

ٻيون سڀ سهيليون ته وهنجڻ وڃن ٿيون، امان-

پر ڌيءَ کي سس پيهڻو ڏنو آهي:

 

پيٺم، پيٺم، ماءُ! وڏو سارو ٿانءُ-

اڌ مڻ ٻاجهريءَ جو پيٺم!

 

اي امان، چڪيءَ جي پـُڙ کي پـُرزا پـُرزا ڪري ڇڏيان،

                  ۽ سمورو ان وِکيري ڇڏيان!

امڙ! سهيلون گڏجي ڏٿ چونڊڻ وڃن ٿيون-

پر ڌيءَ کي سس جون مانيون پچائڻيون آهن:

پچايم پچايم-امي! چار سو مانيون!

ڌيءَ جا هٿ ڦـُلجي پيا!

 

اي ماءُ! ٻين ڀاتين کي ڪڻڪ جون مانيون-

پر تنهنجي هِن ڌيءَ کي ٻاجهريءَ جو سڪل ڍوڍو!

۽ امڙ! ٻين سڀني کي جهجهو کير ڏنو ويو-

۽ ڌيئـَڙيءَ کي سس رٻ جو وٽو ڀري کڻي ڏنو!

 

اي ماءُ! گهر ۾ سڀني کي ٻـُڪ کنڊ جا مليا-

پر ڌيءَ کي لوڻ جي چپٽي (رٻ سان گڏ) ڏني ويئي!

ماءُ ٻين سڀني کي ٽپري ٽپري گيهه جي ڏني ويئي،

پر ڌيءَ کي رڳو تيل جو مـِريو ڀري ڏنائون!

 

جيجل! جهجهو مينهن وسي رهيو آهي-

۽ ڀائن جي هڪ ئي ڀيڻ ٻاهر پُسي رهي آهي!

اي امان! ننڍڙي ڀايري کي ڪوٺڻ لاءِ جلدي اماڻج-

جو ڀائُن جي سِڪندل ڀيڻ، راتين کان نيراني ويٺي آهي!

نظم

هري درياني ”دلگير“

مهراڻ جي مؤج

(سنڌو ندي ڪيئن ٿي وهي؟)

ٽَهه ڪندي، ڦهه ڦهه ڪندي،

ٻـَهه ٻهه ڪندي، چهه چهه ڪندي،

گـَڙ گـَڙ ڪندي، بَڙ بَڙ ڪندي،

نت ڦرڪندي، نت ڀڙڪندي،

هئن رعد وانگر رڙڪندي،

هئن برق وانگر ڪڙڪندي،

گهـُوگهاٽ سان، سـُوساٽ سان،

سرڙاٽ سان، فرڙاٽ سان-

وڻ ٽڻ اکيڙيندي اچي،

پٿرن کي ٿيڙيندي اچي،

ڄڻ ڏند ٽيڙيندي اچي،

وحشت پکيڙيندي اچي،

ٽڪرن کي ٽوڙيندي اچي،

ٿي جاءِ جوڙيندي اچي،

ڳوٺن کي ٻوڙيندي اچي،

بستين کي لوڙهيندي اچي،

گـَج کي نچوڙيندي اچي،

ڏڌ کي ولوڙيندي اچي،

مستي اجهل کڻندي اچي،

هنبوشِيون هڻندي اچي،

طوفان سان لڙندي اچي،

راڪاس جان رڙندي اچي،

چيڙاڪ جان چڙندي اچي،

ميخوار جان ٽڙندي اچي:

ڌرتيءَ تي شور و غـُل ڪندي،

هيهات وارو هُلُ ڪندي،

ڪٿ قرب مان قلقُل ڪندي،

مستي مزو بلڪُل ڪندي-

ڪشمير مان ڪهندي اچي،

جنَّت منجهان لهندي اچي،

پنجاب مان وهندي اچي،

ڄڻ خواب ۾ رهندي اچي،

سنڌڙي سنواريندي اچي،

گڏجي گذاريندي اچي،

نرتئون نهاريندي اچي،

جـُڳ جـُڳ جياريندي اچي،

رڳ رڳ کي ٺاريندي اچي،

جذبا اُٿاريندي اچي،

جيون اُڀاريندي اچي،

هڪ جوت ٻاريندي اچي،

غوراب تاريندي اچي،

ماڻهو اُڪاريندي اچي،

ڏُڌ کير هاريندي اچي،

سڀڪجهه ڏياريندي اچي؛

گجندي اچي، ڀڄندي اچي،

نچندي اچي، ٽپندي اچي،

ڪاوڙ مان ڪاهيندي اچي،

سيني کي ساهيندي اچي،

نت ڪـُنّ َ ٺاهيندي اچي؛

ڍينگا ئي ڊاهيندي اچي،

ڪٿ چـُپِ کي چاهيندي اچي،

ٿي ٻيٽ ٺاهيندي اچي،

بئريج مان وهندي اچي،

سوَ سورَ ٿي سهندي اچي،

سبزي رچائيندي اچي،

رنگت لڳائيندي اچي،

گل ڦل کلائيندي اچي،

جـنـّـَت بڻائيندي اچي،

ٿـِي گيتَ ڳائيندي اچي،

سـُرندا وڄائيندي اچي،

نچندي نچائيندي اچي،

کِلندي کِلائيندي اچي،

دامن اڏائيندي اچي،

دامن ڇـَڏائيندي اچي،

ڦينگون بڻائيندي اچي،

موتي وَسائيندي اچي،

گج ڦـِيڻ لائيندي اچي،

بادل بڻائيندي اچي،

موجون مچائيندي اچي،

رانديون رچائيندي اچي؛

ڳالهيون ٻڌائيندي اچي،

گانا سڻائيندي اچي:

کن ۾ ٿـِي جوڙي ڦوڪڻا،

کن ۾ ٿـِي ٽوڙي ڦوڪڻا-

تن کي نچائيندي اچي،

تن کي اڏائيندي اچي،

تن کي بڻائيندي اچي،

تن کي مـَٽائيندي اچي:

هِي زندگيءَ جو راز آ،

ڪيڏو عجب انداز آ!

هـِي زندگيءَ جو ساز آ،

ڪيڏو مٺو آواز آ!

مطلب ته پنهنجي موج سان،

عظمت عجائب اوج سان،

ڪشمير ۽ پنجاب مان،

گرداب مان ۽ خواب مان،

پڻ سنڌ جي واديءَ منجهان،

خوشنود آباديءَ منجهان-

سنڌو ائين ڪهندي اچي،

لهندي اچي، وهندي اچي.

شيخ ”اياز“

توتان واريان جند،

منهنجي مٺڙي سنڌ!

تون آن منهنجو چنڊ ته آهيان تنهنجو آءٌ چڪور،

تون بادل جئـَن برسين مون تي، مان هان تنهنجو مور!

توتان واريان جند،

منهنجي مٺڙي سنڌ!

تنهنجي ڌرتي مون کي پـَرتـِي، منهنجو تو ۾ ساهه،

تنهنجي کيتيءَ، تنهنجي ريتيءَ، سان آ منهنجو چاهه!

توتان واريان جند،

منهنجي مٺڙي سنڌ!

تنهنجو پاڻ منهنجو ساڻي، جنهن سان منهنجو جيءُ،

تون سنڌوءَ جي ساهيڙي آن، او ڌرتيءَ جي ڌيءُ!

توتان واريان جند،

منهنجي مٺڙي سنڌ!

منهنجي من ۾ آهن تنهنجون چانڊوڪيون ۽ چيٽ،

منهنجون لاتيون منهنجون باتيون آهن تنهنجي ڀيٽ!

توتان واريان جند،

منهنجي مٺڙي سنڌ!

تنهنجي ٻوليءَ جو مان ٻيلي واريان تنهن تان پاڻ،

ڳالهيون تنهنجون ڳايان  منهنجو سـُر آهي تو ساڻ!

توتان واريان جند،

منهنجي مٺڙي سنڌ!

مٺڙو آهي هر ماڻهوءَ لَيء پنهنجو پنهنجو ديس،

پيارو آهي ساري جڳ کي پنهنجو وَنُ ۽ ويس!

توتان واريان جند،

منهنجي مٺڙي سنڌ!

منهنجي سهڻي منهنجي سسئي منهنجي مومل آءُ،

روئي روئي آءٌ سـِبان اچ تنهنجو گهرو گهاءُ!

توتان واريان جند،

منهنجي مٺڙي سنڌ!

تنهنجا ويرا ٿيندا ڪيري تن جي منهن ۾ ڌوڙ،

ساٿي آ سچ، تون بيٺي نچ، ڪيسين ڪـُڏندو ڪوڙ!

توتان واريان جند،

منهنجي مٺڙي سنڌ!

شيخ اياز

روح رهاڻ

زندگانيءَ جو جام پيئون ٿا-

۽ جڏهن جام ٿو اچي چپ تي،

ٿو تبسم شراب ۾ گڏجي-

مُرڪ کي سُرڪ سان محبت آ،

سُرڪ کي مُرڪ سان محبت آ!

مست آهيون، مدام پيئون ٿا!

رقص و پرواز ۾ گذاريون ٿا-

زندگي چنڊ آ، چڪور اسين،

زندگي بادل آهه، مور اسين؛

(سونهن کي ساهه سان محبت آ،

ساهه کي سونهن سان عقيدت آ،

سونهن تي ساهه پنهنجون واريون ٿا!

سير سنسار جو ڪريان ٿو مان-

آسمان دور ناهه، بس هڪ گام،

مون نـِوائي ڏٺي ڪـَتيءَ جي لام:

مون ستارا ڇني، ڀري جهولي،

اڄ سجائي مٺي مٺي ٻولي-

زندگي تو اڳيان ڌريان ٿو مان!

زندگيءَ جي خمار خاني ۾-

تشنگيءَ جي ڪَمي نه آ ڪائي،

ڀيڙ ساڳي اُتي لڳي آئي؛

آ اڃان صبح و شام گردش ۾!

جام و مينا مدام گردش ۾!

رند آيا ويا زماني ۾!

شام جي وقت،روح جي ڇـَر ۾-

آرزوءَ جو نهنگ آ خاموش،

ٿي ويو هر اُمنگ آ خاموش؛

نه جنون آهه ڪو، نه ڪوئي جوش،

جهاتي پائي رهيو آ صبر و هوش-

زلزلي بعد روح جي گهر ۾!

هي نما شام، هي اُفق تي سج-

يا سُڪو نان ڪو ڇپائي ٿي-

جهول گيڙوءَ-رتي بکاريءَ جـِي؛

زندگاني ڪلر مثال آهي،

نوجواني پلر مثال آهي-

ڪو ڇٽي ڪاش، آرزوءَ جو ٻج!

روشني! روشني ڪٿي آهين؟-

موت آ حسن تي به پاتي جيت،

چاندني رات ۾ سمهي پيا گيت؛

ڪنهن نه ڄاتو ته تون مري ويندينءَ-

چنڊ سان سير ۾ تري ويندينءَ !

نور جي جل- پري! ڪٿي آهين؟

هاءِ مان ٿو نظر ڪريان جيڏانهن-

حسنِ عالم جي انتها آ خاڪ،

ابنِ آدم جي انتها آ خاڪ؛

ٿو ڪري روح رات جو ريهون،

ساغر زندگي ته ٿيو ڇـِيهون-

پوي مـَي جو وجود ويو ڪيڏانهن؟

منهنجي جهوليءَ ۾ آ ته ڳايان مان-

چنڊ، اڄ تون اداس آهين ڪجهه،

نور مان ٿيو نراس آهين ڪجهه؛

ڳالهڙيون ڪجهه ڪري محبت سان،

گهاو تنهنجا سـِبان نفاست سان،

تنهنجي منهن تان گهٽا هٽايان مان!

گرچ پُر انتشار آ هَستِي-

زندگي زندگيءَ کي ٿي گهائي،

آدمي آدميءَ کي ٿو کائي؛

منزلِ زيست جو پري آ پنڌ،

پو به هن چنڊ-رات جو سوڳنڌ-

حسن جو آبشار آ هـَستـِي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com