اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪيترن ڏينهن کان شام جو ٻاهر گهڻو
گهمڻ ڦرڻ يا تفريح ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي ۽ هن
پسگردائيءَ ۾ ٻن ٽن سالن کان پوءِ آيو هو، جنهنڪري
هن کي هر ڪا شيءِ نئين ٿي نظر آئي. هو امالڪ هڪ
دڪان جي روشن ڏيکارڻي دريءَ ۾ هڪ مورت ڏانهن نهارڻ
بيهي رهيو، جنهن ۾ هڪ حسين و جميل دوشيزه پنهنجي
پير مان سئنڊل لاهڻ جي مشق ڪري رهي هئي، ۽ اهڙيءَ
طرح هوءَ پنهنجي گول گول ڄنگهه کي جنبش ۾ آڻي ان
جو عام ڏيکاءُ ڪري رهي هئي، ۽ سندس پٺيان وري هڪڙو
وڏين مڇين وارو، فرينچ ڪٽ ڏاڙهيءَ سان نوجوان اندر
دروازي ۾ وڃي رهيو هو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪنڌ
ڌوڻيندي، ۽ ٿورو کلي، پنهنجو رستو ورتو. هن ڇو
کليو؟ شايد انهيءَ لاءِ ته هيءَ هن واسطي هڪ اجنبي
ڳالهه هئي، ۽ هن اهڙي مورت اڳي ڪڏهين به ڪانه ڏٺي
هئي يا ٿي سگهي ٿو ته ٻين ڪلارڪن وانگر هن به ڪا
راءِ قائم ڪئي هجي ۽ طنزيه کليو هجي. قصو ڪوتاهه،
هو پنهنجي منزل تي پهچي ويو، جتي ننڍو هيڊ ڪلارڪ
وڏي رعب تاب سان رهندو هو. ميزبان جو گهر ٻيءَ ماڙ
تي هو، ۽ ڏاڪڻ ۾ بتي پئي ٻري. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ
دروازي ۾ گهڙڻ سان ئي ڏٺو ته لذيذ طعامن جون
قطارون لڳيون پيون هيون، ۽ وچ ۾ چانهه جي ڪٽلي رکي
هئي جنهن مان پاڻيءَ جي ٽهڪڻ جو آواز پئي آيو، ۽
ٻاڦ جا ڪڪر پئي نڪتا. ديوار تي ڪلين ۾ سڀني جا ڪوٽ
۽ چوغا ٽنگيل هئا، جن مان ڪن جا ته خاص سٺا، وڏا ۽
مخمل جا. ڀت جي ٻئي پاسي شور غل ۽ ڳالهائڻ جو
چوٻول پئي آيو. ايتري ۾ دروازو کليو ۽ ڳالهائڻ جو
آواز وڌيڪ چٽو ٿيو، ۽ بئرو دروازي مان خالي گلاسن
۽ ڪريم جي جگ ۽ بسڪوٽن جي دٻن سان ڀريل خونچو کڻي
ٻاهر نڪتو. ظاهر هو ته ٻيا ڪلارڪ چڱو وقت اڳ ۾ آيل
هئا، جو چانهه جو پهريون دور ختم ٿي چڪو هو. اڪاڪي
اڪاڪـِيوچ به پنهنجو ڪوٽ ڪليءَ ۾ ٽنگي اندر داخل
ٿيو. چوڌاري موم بتين جي جهرمر لڳي پيئي هئي. ڪي
پاڻ ۾ گپ شپ هڻي رهيا هئا، ته ڪي پتن راند کيڏڻ ۾
مشغول هئا. ڪي پائيپ مان سوٽا لڳائي رهيا هئا، ته
ڪي وري اڃا تائين چانهه ڍڪ ڍڪ ڪري پي رهيا هئا-
مطلب ته سڄي ڪوٺي ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ڪلارڪن جي اٿ-
ويهه ۽ ڪرسين جي ريڙهه سيڙهه جي آوازن سان گونجي
رهي هئي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڪوٺيءَ جي وچ ۾ منجهي
بيهي رهيو، ۽ وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ
لڳو. ايتري ۾ ويتر گوڙ مچي ويو، ۽ سڀني رڙين ۽
هوڪرن سان هن جي آجيان ڪئي، ۽ ڊوڙي اچي ٻيهر هن جي
اوور ڪوٽ جو ديدار ڪيو. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ گهڻو
هراسيل پئي نظر آيو، مگر پنهنجي ڪوٽ جي ساراهه ۽
شهرت ٻڌي گهڻو خوش پئي ٿيو. آخر هر ڪو اڪاڪي
اڪاڪـِيوچ ۽ سندس ڪوٽ کي ڇڏي، پيسڪوٽ راند کي لڳي
ويو. هي سڄو گوڙ گهمسان، شور غل ۽ ماڻهن جا هشام،
اڪاڪي اڪاڪـِيوچ واسطي نيون ۽ عجب ۾ وجهندڙ
ڳالهيون هيون. کيس دوستن سان ۽ دعوتن ۾ اٿڻ ويهڻ
جي ڪا خبر ڪانه هئي. هن کي معلوم نه هو ته ڇا ڪجي،
۽ ڇا نه ڪجي. پيسڪوٽ کيڏندڙن جي ڀر ۾ ويهي رهيو، ۽
ڪڏهين هـِن جي منهن ۾ پئي نهاريائين ۽ ڪڏهين هـُن
جي منهن ۾ پئي گهوريائين. آخر نکمڻو ماڻهو، ويهي
ويهي گهڻو ٿڪو ۽ اوٻاسيون اچڻ لڳيس. رات جو ڳپل
حصو وهامي چڪو هو، ۽ هونئـَن هو هن کان گهڻو اڳ ۾
سمهي رهندو هو. هن خيال ڪيو ته ميزبانن کان
موڪلائي گهر وڃجي، مگر هنن نه ڇڏيس- چيائونس ته
”نئين اوور ڪوٽ جي خوشيءَ ۾ فقط هڪڙو پيگ پي وڃي.“
ڪلاڪ کن کان پوءِ کاڌو آندو ويو، جنهن ۾ طرحين
طرحين جا طعام جهڙوڪ سبزي، ٿڌو ڳائو گوشت، پيسٽري،
بڪيون ۽ کيريون، حلوائيءَ وٽان آيل سنبوسا، ۽ شراب
هئا. هن کي ٻه گلاس کن شراب جا پياريا ويا، ۽ خوب
نشا ٿيس. هر ڪا شيءِ خوش ۽ تازي پئي نظر آيس. رات
جا ٻارهن وڄي چڪا هئا، ۽ کيس هن کان گهڻو وقت اڳ ۾
گهر پهچڻ کپندو هو. هن کي خوف پئي ٿيو ته گهر وڃڻ
کان کيس متان روڪيو وڃي، تنهنڪري وجههه وٺي ڪوٺيءَ
مان کسڪي ٻاهر هليو ويو، ۽ اوندهه ۾ هٿوراڙيون
ڏيئي، نيٺ وڃي اوور ڪوٽ لڌائين. سندس اوور ڪوٽ
زمين تي ڪريو پيو هو، جنهن کي ڇنڊي ڦوڪي ڪـِن ڪچرو
صاف ڪري، پائي، ڏاڪڻ مان لهي رستي تي پهتو، ۽ گهر
لاءِ روانو ٿيو. رستن تي اڃا تائين روشني هئي. ڪي
ڪي ننڍڙا دڪان- جيڪي غلامن ۽ ٻين رواجي ماڻهن جون
ڄڻڪ ڪلبون هيون، ۽ جتي هرڪو آڌيءَ رات تائين
اوڀارين لهوارين ڳالهين ۾ مشغول هوندو هو- کليل
هئا، ۽ ٻيا ڏسڻ ۾ بند ٿي ويا هئا، مگر دروازن جي
چيرن مان روشنيءَ جا ڪرڻا رستي تي پئجي پيا، جنهن
مان معلوم پئي ٿيو ته اڃا ڪو ماڻهو اندر ضرور آهي-
شايد دڪانن جي نوڪرياڻين ۽ نوڪرن، جيڪي ڳالهين جي
ڳهير ٿيندا آهن، پنهنجي گفتگو اڃا ختم نه ڪئي هئي.
اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پنهنجي مزاج ۾ هلندو پئي آيو، ته
ايتري ۾ هڪڙي عورت، تڪڙي تڪڙي، سندس پاسي مان
سرڙاٽ ڪري اچي لنگهي. معلوم ناهي، ڇو ايترو تڪڙي
پئي آئي؟ هن جي دل ۾ آيو ته هن عورت جي پٺيان
ڊوڙي؛ ۽ ذري گهٽ ڊوڙڻ تي به هو، پر هن پاڻ کي روڪي
وڌو- ۽ پوءِ مرڳو عجب لڳس، ته اهڙو خيال آخر هن کي
ڇو آيو؟ جلد ئي اهڙين گهٽين ۾ پهتو، جتي نه پوري
روشني هئي ۽ نه وري ڪو ماڻهو ڇيڻو ئي نظر ٿي آيو.
چوڌاري سڃ ئي سڃ لڳي پئي هئي. ڪٿي ڪٿي ننڍڙا ڪاٺ
جا گهر، ڇنون ڇپر ۽ جهوپڙيون، بند دروازن سان،
اونداهيءَ ۾ پري کان نظر آيون ٿي- نه ته مڙيوئي
خير. رستي تي ڪا پهر ئي ڪانه هئي. ڪنهن وَهينءَ
وانگيءَ جو نالو به ڪو نه هو. سڙڪ هڪڙي وڏي چورس
ميدان ۾ اچي بيٺي، جنهن ڪنهن اٿاهه رڃ وانگر پئي
ڏِکَ ڏني، ۽ ان جي ٻئي ڇيڙي تي بيٺل گهر مس مس ٿي
نظر آيا.
پري پري کان، خبر نه آهي ڪٿان، ڪنهن سنتريءَ جي
ڪئبن مان روشنيءَ جي لاٽ پئي نڪتي. ڪئبن ڄڻ ته
دنيا جي ٻئي ڇيڙي تي هئي. قدرتاً، هتي اڪاڪي
اڪاڪـِيوچ جي دل ننڍڙي ٿيڻ لڳي، ۽ ان وڏي چورس
ميدان ۾ پير وجهڻ سان ئي گهٻرائڻ لڳو- ڄڻ ته هن کي
ڪنهن خطري جي اڳ ۾ ئي پروڙ پئجي ويئي هئي. خوف ۾
اڳيان پويان ۽ اوسي پاسي لوڻا هڻڻ لڳو، بنهه ائين،
جيئن اجهاڳ سمنڊ جي وچ ۾ ڪنهن ٻيڙيءَ جي هوا نڪري
ويئي هجي! هو دل کي پڪو ڪرڻ لڳو: ”ڊڄ ڇا جو آهي؟
چڱو آهي ته هيڏي هوڏي نهارڻ نه گهرجي“- ۽ اکيون
ٻوٽي هلڻ لڳو. سٽ پنڌ جـِي ڪري سوچيائين ته ”اکيون
کولي ڏسجي ته چورس ميدان لتاڙي ٻئي ڇيڙي تي پهتو
آهيان يا نه“. اڃا اکيون مس کوليائين، ته ڏٺائين
ته ڪي وٽيل شهپرن سان رهزن سندس رستي روڪ ڪيو بيٺا
آهن. هن جي اکين آڏو آنڌي اچي ويئي، دل زور سان
ڌڙڪي رهي هيس ۽ پاڻ پپر جي پن وانگر ٿڙڪي رهيو هو.
هڪ اونداهي رات، ٻيو خوف، اڪاڪي اڪاڪـِيوچ هنن کي
سڃاڻي نه سگهيو، ۽ نه وري هنن جو حليو ئي ياد
رهيس. انهن مان هڪڙي رعب مان رڙ ڪري ۽ ڪنڌ کان
پڪڙي چيس، ”هي اوور ڪوٽ منهنجو آهي! لاهي مون کي
ڏي!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ رڙ ڪرڻ تي ئي هو ”چور . . .
. . چور . . . . . “ ته ٻئي چور پنهنجو مضبوط رُڪ
جهڙو چنبو منهن تي ڏيئي، وات بند ڪري ڇڏيس- ”هاڻي
رڙيون ڪر!“ اوور ڪوٽ لاهي، لت جو هنيائونس، ته
غريب ٻوٿ ڀـَر وڃي لڳو. بيهوش ٿي ويو. هن کي خبر
ڪانه پئي ته ڇا وهيو ڇا واپريو. ٿوري وقت کان پوءِ
هوش ۾ آيو ۽ اٿي کڙيو ٿيو. هن کي ٿڌ محسوس ٿيڻ لڳي
۽ ڏٺائين ته سندس بدن تي اوور ڪوٽ به ڪونه هو.
گهڻيون ئي رڙيون ۽ واڪا ڪيائين، مگر چورس ميدان جي
ٻئي ڇيڙي تائين شايد سندس آواز پهچي نه سگهيو. آخر
رڙيون ڪري ڪري جڏهين ٿڪجي پيو، ۽ جڏهين ڏٺائين ته
ڪو اوهي واهي پيدا ڪونه ٿيو، تڏهين ڊڪندي ڊڪندي
سپاهيءَ جي ڪئبن ڏانهن رخ رکيائين، ۽ ڏٺائين ته
سپاهي ڀالي تي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، شايد انتظار پئي
ڪيائين ته ڪهڙو ماڻهو رڙيون ڪندو هن ڏانهن ڊوڙندو
پيو اچي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پهچڻ سان ئي سهڪندي
سهڪندي، رڙ ڪري، شوخيءَ سان سپاهيءَ ڏانهن مخاطب
ٿيو، ”تون ننڊ ۾ هئين؟ پنهنجو فرض ڀلجي وئين؟
هـُتي مون کي چور ڦري ويا، ۽ تون هتي آرام سان
بيٺو آهين!“ سپاهيءَ وراڻيو، ”مون ته ڪجهه ڪونه
ڏٺو. ٻن ماڻهن برابر توکي ميدان ۾ جهليو، مگر مون
سمجهيو ته تنهنجا دوست آهن ۽ توسان ڳالهيون
ٻولهيون پيا ڪن. مون تي گرم ٿيڻ کان چڱو ائين
ٿيندو ته تون سڀاڻي پوليس سپرنٽنڊنٽ کي وڃي رپورٽ
ڪر، جو چور ڳولي هٿ ڪندو.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ ڏاڍو
حيران ۽ پريشان گهر ڏانهن موٽيو. سندس لوندڙين ۽
ڪياڙيءَ جا وار وِکري ڀنڊ ٿي ويا هئا، ۽ هن جا
پاسا، اُرهه ۽ پتلون برف سان ٿڦيا پيا هئا. جڏهين
جاءِ جي مالڪياڻيءَ اويلي وقت دروازي تي زور سان
ٺڪ ٺڪ جو آواز ٻڌو، تڏهن هڪدم ٽپو ڏيئي، بستري مان
اٿي کڙي ٿي ۽ دروازو کولڻ لاءِ اهڙي ته جلدي ڀڳي،
جو جـُتي به هٿ نه آيس. حجاب کان چولو ڇاتيءَ تي
رکي، دروازو کوليائين، ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي حالت
ڏسي ڇرڪ نڪري ويس. جڏهين هن روئداد جو سربستو حال
ٻڌو، تڏهين خوف ۾ ڏڪي ويئي، ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ تي
زور آندائين ته صبح جو پوليس سپرنٽنڊنٽ کي رپورٽ
ضرور ڪري، ۽ حد جي پوليس تي اعتبار ڪرڻ ٺيڪ نه
آهي، ڇو ته هو فقط دم دلاسي تي رکندا ايندا. وڌيڪ
چيائين ته ”منهنجي سپرنٽنڊنٽ سان واقفيت پڻ آهي.
ائنا فنلنڊ جي ڇوڪري، جيڪا مون وٽ بورچياڻيءَ جو
ڪم ڪندي هئي، سا سپرنٽنڊنٽ جي گهر ۾ نرس جو ڪم
ڪندي آهي. سپرنٽنڊنٽ کي مون پاڻ پنهنجي اکين سان
اسان جي گهر وٽان لنگهندي ڏٺو آهي، ۽ چرچ ۾ هر آچر
جو بندگي ڪرڻ ايندو آهي. هو خوش مزاج انسان پيو
لڳندو آهي، ۽ ضرور رحمدل هوندو.“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ
هيءَ نيڪ صلاح ٻڌي بڇڙو منهن ڪري پنهنجي سمهڻ واري
ڪوٺيءَ جو رستو ورتو. پڙهندڙ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي
سڀاءُ مان ڪافي واقف ٿي چڪا آهن، ۽ سمجهي سگهن ٿا
ته هن اها رات ڪيئن گذاري هوندي؟ صبوح جو سويل هو
پوليس سپرنٽنڊنٽ جي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو، مگر
هو اڃا ننڊ ۾ هو. ڏهين بجي هو وري ويو، پر
سپرنٽنڊنٽ اڃا بستري ۾ هو. يارهين بجي ٽيهر ويو،
مگر صاحب بهادر جي ملاقات جو شرف حاصل نه ٿيس، ۽
معلوم ٿيس ته صاحب گهر ۾ نه آهي، ۽ ڪيڏانهن ٻاهر
قدم رنج فرمائي ويو آهي. منجهند جو مانيءَ مهل
اڪاڪي اڪاڪـِيوچ وري ويو؛ مگر ڪلارڪ اڪاڪيءَ کي
اندر وڃڻ کان منع ڪيو بيٺا هئا، ۽ زور پئي آندائون
ته هو پهريائين کين ٻڌائي ته صاحب سان ڪهڙي معاملي
متعلق ملڻ ٿي گهريائين. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پنهنجي
ساري زندگيءَ ۾ هي پهريون ئي دفعو همت ۽ خودداري
ڏيکاري، ۽ ڪڙڪ آواز ۾ چيو، ”مان سپرنٽنڊنٽ صاحب
سان ضرور ملندس. مون کي روڪڻ جو اوهان کي ڪو حق نه
آهي. مان سرڪاري ڊپارٽمينٽ مان آيو آهيان، ۽ صاحب
سان ڪنهن سرڪاري معاملي ۾ ملڻو آهي. جيڪڏهين مون
صاحب سان شڪايت ڪئي، ته ڏسجو ته اوهان جي ڪهڙي مٽي
پليد ٿو ڪري. مان ضرور ويندس.“ ڪلارڪ چپ ٿي ويا، ۽
انهن مان هڪڙي وڃي سپرنٽنڊنٽ صاحب کي اطلاع ڏنو.
اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي گهرايو ويو، جنهن ڦـُرِ جو
سارو بيان ڪيو. مگر اوور ڪوٽ هٿ ڪرڻ ۽ چورن جي
ڳولا ڪرڻ بدران سپرنٽنڊنٽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کان آڏي
پڇا ڪرڻ ۾ لڳي ويو، ڄڻ ته چور ئي هي هو- ”تون گهر
ڏانهن ايڏو دير سان ڪٿان پئي آئين؟ ڪنهن وئشيا جي
گهر ڏانهن ته نه پئي وئين؟ ڪنهن بريءَ نيت سان ته
گهر کان ٻاهر نه نڪتو هئين؟“- اڪاڪي اڪاڪـِيوچ
ويچارو منجهي پيو ۽ بغير ڪنهن خاطر خواه جواب ملڻ
جي ته ڪوٽ جي چڱيءَ طرح ڳولا ٿيندي يا نه، واپس
موٽيو. پنهنجي حياتيءَ ۾ پهريون ئي دفعو سارو
ڏينهن آفيس کان غير حاضر رهيو هو. ٻئي ڏينهن آفيس
۾ حاضر ٿيو، مگر سندس منهن لٿل هو، ۽ اکيون ڏرا
ڏيئي ويون هيس. ڄڻ ته ڪا بيماري ڪاٽي اٿيو هو.
سندس بدن تي اهو ساڳيو پراڻو ڦاٽل، ڳريل ”کٿل ٽپڙ“
هو. اوور ڪوٽ جي چوريءَ جي خبر سڄيءَ آفيس ۾ واءُ
وانگر پکڙجي ويئي. ڪن ڪلارڪن ته هي موقعو به هٿان
نه وڃايو ۽ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ تي خوب ٺٺوليون ۽
چٿرون ڪيون، مگر منجهانئن گهڻن کي واقعي رحم آيو ۽
پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته هن لاءِ چندو ڪري، کيس نئون
اوور ڪوٽ خريد ڪري ڏنو وڃي. مگر بلڪل معمولي رقم
گڏ ٿي سگهي، ڇو ته اڪثر سڀني ڪلارڪن ڊئريڪٽر جي
تصوير ٺهرائڻ تي اڳي ئي چڱو چندو ڏنو هو ۽ سندن
بالا آفيسر جي حڪم تي هن جي هڪ دوست تصنيف ڪيل
ڪتاب به خريد ڪيو هئائون، ۽ هنن وٽ هن نئين چندي
لاءِ کيسي ۾ هاڻي گهڻو پئسو ڪونه هو. هڪڙي ڪلارڪ،
جنهن کي اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي نقصان جو گهڻو احساس
هو: تنهن پڪو ارادو ڪيو ته ڪنهن نه ڪنهن نموني
اڪاڪيءَ کي مدد ضرور ڪجي، سو هـُنَ کي مشورو
ڏنائين، ته پوليس انسپيڪٽر وٽ ڦر جي رپورٽ کڻي وڃڻ
فضول آهي، ڇو ته انسپيڪٽر ڪوٽ جي جاچ لاءِ کڻي جفا
ڪشي ۽ دلي ڪوشش به ڪري ۽ اتفاق سان ڪوٽ پوليس کي
ملي به وڃي، مگر تيستائين هن کي نه ملندو،
جيستائين هو ڪا ثابتي پيش نه ڪري، ته ڪوٽ برابر
سندس آهي: تنهنڪري چڱو ائين ٿيندو ته هن باري ۾
ڪنهن ”پهچ واري ماڻهوءَ“ کي درخواست ڪئي وڃي، جو
لکپڙهه ڪري اختياريءَ وارن کي زور آڻي ته ڪوٽ ۽
چور هٿ ڪن. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پڪو پرن ڪيو ته هو
”پهچ واري ماڻهوءَ“ کي ئي اپيل ڪندو. اهو معلوم نه
آهي ته هيءُ ”پهچ وارو ماڻهو“ ڪهڙيءَ ڊيوٽيءَ تي
رکيو ويو هو، ۽ سندس ڪم ڪهڙا هئا؛ پر ايتري خبر
ضرور آهي ته هو ”پهچ وارو“ بلڪل تازو بنيو هو، ۽
هـِن کان ٿورو اڳ کيس ڪا به پهچ ڪانه هئي: ۽ هـِن
کان وڌيڪ پهچ وارا بالا عملدار به هئا، جن جي ڀيٽ
۾ هو بنهه بي پهچ هو: ائين هميشه ٿيندو آهي ته
هڪڙي جي نظر ۾ اهي ماڻهو پهچ وارا هوندا آهن، جيڪي
ڪن ٻين جي نگاهه ۾ بنهه بي پهچ شمار ٿيندا آهن.
بهرحال اڪاڪيءَ جي هن ”پهچ“ واري وڏي ماڻهوءَ کي
پنهنجي دٻدٻي وڌائڻ ۽ اختياري بلند ڪرڻ جا سي
بيشمار طريقا ياد هئا. مثلاً هن جو حڪم هو ته هو
جنهن وقت آفيس ۾ اچي، ته سندس سڀ زيردست هڪ ڏاڪڻ
وٽ اچي، سندس سلامي ۽ آجيان ڪن. هن جو اهو به
فرمان هو ته هن سان ڪو به سڌو نه ملي ۽ نه سڌي
لکپڙهه ڪري، مگر آفيس جي هر ڪارروائي پنهنجي پوري
پوري طريقي سان ٿيڻ گهرجي، ۽ سندس هدايتون هيون ته
سڀڪنهن ڳالهه جي رپورٽ انچارج ڪلاڪ ننڍي هيڊ ڪلارڪ
کي ڪري، پوءِ ننڍو هيڊ ڪلارڪ وڏي هيڊ ڪلارڪ کي، ۽
وڏو هيڊ ڪلارڪ، صاحب بهادر جي ڊپٽيءَ کي، ۽ ڊپٽي
پوءِ صاحب جي سيڪريٽريءَ جي معرفت سڄي معاملي کان
صاحب کي آگاهه ڪري. روس ۾ سڀڪنهن کي پنهنجي بالا
عملدارن سان هر ڳالهه ۾ ريس ڪرڻ ۽ انهن جي نقل ڪرڻ
جي عام عادت هوندي آهي. هڪڙي دفعي مون کي ٻڌايو
ويو ته هڪڙي زيردست، جنهن کي ڪنهن رواجيءَ ننڍيءَ
آفيس جي چارج ۾ رکيو ويو هو، ڇا ڪيو، جو هڪڙي خاص
ننڍڙي ڪوٺي الڳ ڪرائي ان ۾ خالص پنهنجي آفيس
ڪيائين، ۽ ان تي ”هيڊ آفيس“ جو نالو رکيائين-
جيتوڻيڪ ڪوٺي ايڏي ته سوڙهي هئي جو ان ۾ آفيس جي
رواجي ميز به مشڪل سان ماپي ٿي سگهي- ۽ دروازي تي
ڳاڙهين پڳڙين سان پٽيوالا رکيائين، جيڪي دروازو
جهليو بيٺا هوندا هئا، ۽ جيڪو به ملاقاتي ايندو هو
يا ويندو هو، تنهن لاءِ دروازي کي پيا کوليندا ۽
بند ڪندا هئا. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو هي ”پهچ وارو
ماڻهو“ شاهاڻي اخلاق ۽ شاندار عادتن جو ڌڻي هو، پر
ساڳئي وقت نهايت ساده ذهن شخص هو: چوندو هو ته
سندس آفيس ۾ ايڏي قاعدي جي پابندي ۽ پورن نيمن تي
ڪم هلڻ جو واحد راز ”ضابطو- ضابطو- ضابطو“ هو. هو
ڳالهائيندي ڳالهائيندي جملي جي پوئين لفظ تي وڌيڪ
زور ڏيئي، ٻڌندڙ تي رعب وجهڻ لاءِ، هن ڏانهن غور
سان گهوري نهاريندو هو- حالانڪ پنهنجي رعب ۽ دهشت
وجهڻ لاءِ سندس پنهنجي آفيس جا ڪلارڪ ئي ڪافي هئا.
ڪلارڪ هن کي پري کان ايندو ڏسي ادب ۾ اٿي بيهندا
هئا، ۽ تيستائين بيٺا هوندا هئا، جيستائين هو ان
ڪمري مان هليو وڃي. پنهنجي زيردستن سان هميشه
رکائيءَ سان پيش ايندو هو، ۽ هنن سان سندس گفتگو
اڪثر ٽن جملن تائين محدود هوندي هئي- ”تنهنجي اها
همت؟ توکي خبر آهي ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهين؟
توکي معلوم آهي مان ڪير آهيان؟“ انهن ڳالهين هوندي
به هو دل جو صاف، خوش مزاج ۽ پنهنجن دوستن ۽ ساٿين
تي مهربان هو. ”جنرل“ جي عهدي هن جو دماغ خراب ڪري
ڇڏيو هو. هو چرين جي قطار ۾ هو ۽ اڻ سهندي وڏائيءَ
۽ آڪڙ ۾ ڏيڏر جيان ڦوڪجي ويندو هو. البت پنهنجن هڪ
جهڙن سان اڃا به فضيلت ۽ نهٺائيءَ سان پيش ايندو
هو؛ مگر جڏهين پاڻ کان گهٽ عهدي وارن سان ملاقاتي
ٿيندو هو، تڏهين سندس ڳالهائڻ ٻولهائڻ بنهه بند
هوندو هو: دور، اڪيلو، خاموش ويٺو هوندو هو. اهڙن
موقعن تي سندس حالت رحم جوڳي هوندي هئي. ڪڏهين
ڪڏهين اهڙيءَ مجلس ۾ ڪنهن دلچسپ گفتگو ۾ حصو وٺڻ
چاهيندو به هو، مگر پاڻ کان گهٽ عهدي وارن سان
گهائل مائل ٿي وڃڻ پنهنجي شان مانَ کان گهٽ سمجهي،
ڳالهه دل جو دل ۾ ڳـِهي، ٺلهي کنگهڪار ڪري، هڪڙي
ڪلهي کي جهٽڪو ڏيئي مٿي ڪري ۽ ٻئي کي ٿورو اڻلکو
پوئتي هٽائي، وري ساڳئي نموني سان مـُنهن رکو ڪري
ويهي رهندو هو. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڳالهائڻو
پوندو هو ته نهايت مخرج سان ڳالهائيندو هو، ۽
مختصر جواب ڏيندو هو ۽ اهڙيءَ طرح هو ”شوخ ۽ خشڪ“
نالي سان مشهور ٿي ويو.
اڪاڪي اڪاڪـِيوچ پنهنجي دوست جي مشوري تي عمل ڪري
آخر ”پهچ واري ماڻهوءَ“ کي اپيل ڪئي. مگر اهو ڪو
نڀاڳو ڏڻ هو. نحوست ۽ بدقسمتيءَ جند نه ڇڏيس.
اتفاق سان ان ڏينهن ”پهچ واري ماڻهوءَ“ وٽ سندس
ننڍپڻ جو گهري ۾ گهرو دوست گهڻي عرصي کان پوءِ آيل
هو، جنهن سان هو گپ شپ هڻڻ ۾ مشغول هو، ۽ جنهن کي
آئي اڃان ٿورو ئي وقت ٿيو هو. اهڙي مصروفيت جي وقت
کيس اطلاع مليو ته ”باشمئچه ڪن“ نالي عرضدار
ملاقات جو خواهان آهي. ڪاوڙ مان پڇيائين، ”ڪير
آهي؟“ جواب مليس ته ”ڪوئي ڪلارڪ آهي.“ ”ٿورو ترسي
نٿو سگهي؟ چئينس ته هينئر مون کي وقت ڪونهي“- پهچ
واري ماڻهوءَ واري آخر ڇڙڪ جواب ڏنو. هتي مان
ٻڌائڻ گهران ٿو ته ”پهچ واري ماڻهوءَ“ نسورو ڪوڙ
هنيو. هن کي اڪاڪي اڪاڪـِيوچ سان ملڻ لاءِ ڪافي
وقت هو. هي ۽ سندس دوست حال احوال ڏيئي ويٺا هئا،
۽ جيڪي ڪجهه ڳالهائڻو هون ڳالهائي چڪا هئا ۽ وڌيڪ
ڪو خاص موضوع باقي نه رهيو هو، جنهن تي گفتگو چالو
رکي سگهن. اجايا يٽ شٽ هڻي رهيا هئا ۽ بار بار هٿ
هٿ تي هڻي، چيسن جا ٺڪاءَ ڪڍي، چئي رهيا هئا: ”ته
اوئن ائبريمووچ! اها ڳالهه ائين آهي؟“ ”بلڪل جيئن
مون چيو، اسٽيمن وارلامووچ.“ سندس دوست گهڻي وقت
کان نوڪريءَ تان استعيفا ڏني هئي ۽ ٻهراڙيءَ جو
رهاڪو هو. هو فقط پنهنجي دوست کي ڏيکاري رهيو هو
ته سندس ڪيڏي نه اختياري ۽ هلندي هئي، جو هڪ ڪلاڪ
کي بنا ڪنهن سبب جي هيترو ترسائين، سندس وقت زيان
پئي ڪيائين! الغرض جڏهين پنهنجي دل تي ڳالهائي
ٻولهائي ٿڪا ۽ آرام ڪرسيءَ تي ليٽي سگريٽ جا خوب
سوٽا هڻي رهيا هئا، تڏهين اوچتو ڄڻ ته ڪا سالن جي
وسريل ڳالهه ياد اچي ويس. بيخياليءَ سان
سيڪريٽريءَ ڏانهن نهاري چيائين، ”سويل دروازي تي
ڪاغذ صحيح ڪرائڻ لاءِ ڪير هو؟“ ٿورو سوچي سگريٽ جو
ڦلو چپٽيءَ سان ڪيرائي وري شروع ڪيائين. ”ها ها!
ڪوئي ڪلارڪ ملاقات لاءِ ترسيو ويٺو هوندو. سڏ
ڪرينس.“ نماڻو اڪاڪي اڪاڪـِيوچ گهڻو هيسيل ۽ پراڻن
ڦاٽل ڪپڙن ۾ ”پهچ واري ماڻهوءَ“ جي حضور ۾ حاضر
ٿيو، جنهن ڪڙڪيدار آواز ۾ پڇيس، ”اڙي ڪيئـَن آيو
آهين.“ معلوم هئڻ گهرجي ته ”جنرل“ جي عهدي ملڻ کان
اڳ ۾ برابر پورو هفتو اهڙي رعبدار آواز ڪرڻ جي هن
پنهنجي گهـَرَ جي اڪيلائيءَ ۾ آرسيءَ جي سامهون
مشق ڪئي هئي. اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جنهن تي رعب ۽ دهشت
غالب پئجي ويون هيون، منجهي پيو ۽ هٻڪي هٻڪي
ڳالهائڻ لڳو. تنهن هوندي به هن کان جيترو ٿي
سگهيو، اوترو پنهنجي بيان کي جاري رکيائين ته هن
وٽ تهدر نئون اوور ڪوٽ هو، جو هن کان رات جي
انڌيري ۾ زوريءَ ڦريو ويو، ۽ هو هاڻي عرض کڻي آيو
آهي ته هو ”پهچ رکندڙ شخص“ پوليس جي ڪنهن وڏي
عملدار يا ڪنهن ٻئي اختياريءَ واري سان لکپڙهه
هلائي، هن جي اوور ڪو ٽ جو تدارڪ ڪري. اڪاڪي
اڪاڪـِيوچ جي سڌي ملاقات ڪرڻ ۽ درخواست پيش ڪرڻ جو
طريقو آفيس جي قاعدي قانون جي خلاف هو، ۽ ”پهچ“
واري صاحب خنڪيءَ سان چيس، ”تون سڌو مون وٽ ڇو
آئين؟ توکي خبر نه آهي ته آفيسن جي ڪارروائي ڪيئن
هلندي آهي؟ توکي درخواست آفيس ۾ ڏيڻ کپندي هئي،
جتان ننڍي ۽ وڏي هيڊ ڪلارڪ ۽ ڊپٽيءَ وٽان ٿيندي
سيڪريٽريءَ وٽ اچي ها، جو خودبخود مون وٽ پيش ڪري
ها!“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ سڄو پگهرجي ويو، ۽ نرمائيءَ
سان عرض ڪيائين، ”حضور والا . . . . . .“ هو
گهٻرايل هو؛ ۽ ڊڄندي ڊڄندي ۽ هٻڪندي هٻڪندي التجا
ڪيائين، ”مون سائينءَ جن کي انهيءَ لاءِ تڪليف ڏني
. . . . جو . . . . . سيڪريٽري . . . . . . اعتبار
جوڳو ماڻهو نه آهي.“ ”پهچ رکندڙ صاحب“ تپي باه ٿي
ويو- ”ڇا چيئي؟ وري چؤ. وري چؤ. تنهنجي اهڙي همت!
اهڙو خيال توکي ڪئين آيو؟ اڄ ڪلهه جا نوجوان ڪهڙا
نه بدتميز ۽ بي فضيلت آهن! پنهنجي آفيسرن ۽
عملدارن جو لحاظ ۽ عزت به ڪانه اٿن.“ ”پهچ وارو
صاحب“ شايد اندازو نه لڳائي سگهيو، ته اڪاڪي
اڪاڪـِيوچ جي عمر پنجاهه ورهين کان مٿي هئي، ۽ هن
کي فقط ڪنهن ستر ورهين جي پوڙهي کک جي ڀيٽ ۾ ئي
نوجوان چئي سگهيو ٿي. سندس غصو وڌي وڌي وڃي چوٽيءَ
تي پهتو، ۽ سڄي آفيس کڻي مٿي تي کنيائين. سندس غضب
سان اڪاڪي اڪاڪيوچ ته ڇڏيو، پر ساري آفيس ڪنبجي
رهي هئي. چوڻ لڳو، ”تون ڪنهن سان ڳالهائي رهيو
آهين؟ توکي خبر آهي مان ڪير آهيان؟ ڪجهه سمجهه ۾
اچيئي ٿو؟“ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. صفا
پنڊ پهڻ ٿي ويو. خوف ۾ سندس وار ڪانڊارجي ويا، ۽
ٿاٻڙجڻ لڳو. جيڪڏهين پٽيوالو ڊڪي سهارو نه ڏئيس
ها، ته زمين تي وڃي ڦهڪو ڪري ها. هن کي ٽنگو ٽالي
ڪري بيهوشيءَ جي حالت ۾ ٻاهر آندو ويو. ”پهچ جو
صاحب“ گهڻو خوش ٿيو. هن جي آواز ۾ سچ پچ اثر هو،
رعب هو، جو ماڻهو به بيهوش ٿـِي ٿي سگهيو. مشق ڪرڻ
۾ جا تڪليف ورتي هئائين، اها ثاب پيس. سندس محنت
اجائي نه ويئي. ٽيڏيءَ اک سان پنهنجي دوست ڏانهن
نهاريائين، ته ڏسي ته هن تي ڪهڙو اثر ٿيو؟ دوست کي
ڏسي هن کي ويتر اطمينان ٿيو ۽ پاڻ وڌيڪ خوشي ٿيس
جو ڏٺائين ته هو به سندس رعب تاب کان خوف زده هو.
اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جو مٿو ڦيريون کائڻ لڳو هو.
ڏاڪڻين تان ڪيئن لٿو؟ رستي تي ڪيئن آيو؟- هن کي
ڪجهه به ياد نه هو. سندس ڄنگهون ٻانهون ۽ ٻيا عضوا
لستا ۽ بيطاقت هئا. هن کي ان کان اڳ ۾ ساري
حياتيءَ ۾ ڪنهن به جنرل اهڙي رهڙ ڪانه پٽائي هئي.
ٻاهر برفي طوفان لڳي رهيو هو، ۽ هن جو وات ٿڌ ۾
ڦاٽي ويو هو. ڪرندو ٿڙندو ٿاٻڙندو پئي ويو. تان جو
هن کي ٿڌ لڳي ويئي ۽ ڪليون سـُڄي پيس- گهر پهتو ته
ڳالهائڻ کان ويهجي ويو. وسوڻل منهن ۽ گلي سان وڃي
بستر تي ڪريو. ڪڏهين ڪڏهين اهڙيءَ سخت ڇينڀ جو اثر
اهڙو اگرو به نڪرندو آهي.
ٻئي ڏينهن هن کي سخت تپ ٿي پيو، ۽ پيٽرس برگ جي
آبهوا ۽ ٿڌ ته بيماريءَ کي رهندو وڌايو. ڊاڪٽر
آيو. نبض تپاسيائين، مگر بيماري لاعلاج هئي. هن
هدايت ڪئي ته مريض کي فقط ٽاڪور ڪئي وڃي، ۽ سو به
انهيءَ لاءِ ته مريض کي علاج کان محروم نه ڪيو
وڃي، ورنه سندس بچڻ جو آسرو پورو سارو هو. ٻن
ڏينهن جي بيماريءَ کان پوءِ ڊاڪٽر ظاهر ڪيو ته
اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کي موت سڏي رهيو آهي ۽ هن جي بچڻ
جي اميد ڪابه ڪانه آهي. هن جاءِ جي مالڪياڻيءَ کي
چيو: ”قصو ختم آهي، ۽ ڪفن آڻائڻ جون تياريون ڪر.“
ڪنهن کي به خبر نه آهي ته اڪاڪيءَ ڊاڪٽر جا اهي
منحوس لفظ پنهنجي ڪنين ٻڌا يا نه؟ جيڪڏهين ٻڌائين،
ته سندس دل ۾ هلچل متي يا نه؟ هن کي هن رنگين دنيا
کي ڇڏڻ تي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي الوداع چوڻ تي
احساس ٿيو يا نه؟ ڇو ته هو سخت بخار ۽ بيهوشيءَ جي
حالت ۾ هو. وهم ۽ ڀوتن جو هن جي دماغ ۾ واسو ٿي
چڪو هو. هو وڦلي رهيو هو ۽ پيٽرووچ کي آرڊر
ڏنائين: ”پيٽرووچ منهنجو نئون ڪوٽ ٺاهي تيار ڪر.
ڪوٽ ۾ پٺا اهڙا رک، جو جيڪڏهين ڪي ڦورو لٽيرا حملو
ڪن ته انهن ۾ ڦاسي پون.“ ڪڏهين وهم پئي ويٺس ته
چور سندس بستري ۾ لڪا ويٺا آهن، ۽ وٺي رڙيون ٿي
ڪيائين- ”چور . . . چور . . . چور . . . پڪڙيو . .
. پڪڙيو . . . پڪڙيو!“ رکي رکي جاءِ جي مالڪياڻيءَ
کي سڏ پئي ڪيائين ته ”چور سوڙ ۾ لڪا ويٺا آهن. ٽنگ
کان وٺي ٻاهر ڪڍين.“ ڪڏهين پراڻو ڪوٽ پئي ياد پيس
”کٿل ٽپڙ منهنجي سامهون ڇو ٽنگيو اٿئي؟ مون نئون
اوور ڪوٽ سبرايو آهي.“ ڪڏهين ڄڻ ته جنرل جي سامهون
بيٺو هو ۽ هن جي ڦٽ لعنت پئي ٻڌائين ۽ جواب ۾ پئي
چيائين: ”حضور والا مون کي معافي ڏيو،“ ۽ تنهن کان
پوءِ ته اچي گار گند ۾ پيو ۽ ناشانائتا ۽ بد شد
لفظ اچارڻ لڳو. جاءِ جي مالڪياڻي ڪڏهين به اهڙا
بڇڙا جملا هن جي واتان نه ٻڌا هئا، اهڙن جملن کان
پوءِ ”حضور والا“ جو اصطلاح ضرور پئي ڪم آندائين.
پڇاڙيءَ ۾ اهڙيءَ حد تي وڃي پهتو، جو سندس وڦلڻ
مان ڪو مطلب ڪو نه پئي نڪتو، ۽ جيڪي به ڀڳل ٽٽل
اکر پئي ڳالهايائين، سي سندس نئين اوور ڪوٽ جي
باري ۾ پئي معلوم ٿيا. نيٺ مهل پڄي ويئي ۽ پکيئڙو
پڃري مان پرواز ڪري ويو. سندس جاءِ کي ڪو ڪلف
لڳائڻ وارو ڪونه هو. هو بي سر و سامان، بي يار و
مددگار ۽ بي وارث وسيلو دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو.
هن جي ملڪيت وري ڪهڙي هئي! . . . ٻه ڏندڻ، ٽين تڏي
. . . هڪ پنن جو دستو، ٽي جورابن جا جوڙا، ٻه يا
ٽي ٻيڙا، جيڪي سندس پتلون مان نڪتا هئا، ۽ هن جي
زندگيءَ جو ساٿي کٿل ٽپڙ جنهن مرڻ تائين ساٿ ڏنس ۽
جنهن مان پڙهندڙ چڱي طرح واقف آهن. اها ملڪيت ڪنهن
کي ورثي ۾ آئي- چئي نٿو سگهجي؛ اِن جي مون ڳالهه
ٻڌائيندڙن کي به خبر ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته مون ڪنهن
کان اهڙي دريافت ڪرڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي آهي. اڄ
پيٽرس برگ اڪاڪي اڪاڪـِيوچ کان خالي هو. ڄڻ ته هو
ڄائو ئي ڪونه هو. اڄ هڪ اهڙو انسان هن دنيا کان
منهن موڙي هميشه لاءِ وڃي آرامي ٿيو هو جو بي يار
و مددگار هو؛ جنهن جو ڪو عزيز نه هو، جنهن ۾ ڪنهن
دلچسي ڪانه ورتي؛ جنهن ڏانهن ڪنهن سائنسدان جو به
ڌيان نه ڇڪيو، جيتوڻيڪ هو مک کي سئي جي نوڪ تي رکي
خوردبين جي مدد سان اڀياس ڪرڻ ۾ عار ۽ نفرت نه
ڪندو آهي؛ جنهن صبر سان ساريءَ آفيس جا چرچا ۽
طعنا سـَٺا، جنهن جي هن وقت وڃي قبر ۾ دفن ٿيڻ
لاءِ ڪو بنيادي سبب ڪونه هو؛ جنهن جي ذلت ڀريءَ
زندگيءَ ۾ به هڪ رنگينيءَ جو ڪرڻو اوور ڪوٽ جي
صورت ۾ پيدا ٿيو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾، جنهن تي قدرت اها
مصيبت ڪڙڪائي، جنهن کان شاهن جا شاهه به بچي نه
سگهيا ۽ بچي نه سگهندا ۽ اها مصيبت هئي ”موت“!
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آفيس جي بالا آفيس هڪ پٽيوالو
اڪاڪي اڪاڪـِيوچ جي گهر موڪليو ته هو آفيس ۾ اچي
حاضر ٿئي. مگر پٽيوالو اڪاڪيءَ کان سواءِ واپس ويو
۽ وڃي چيائين ته هو اچي نه سگهندو. پڇائونس، ”ڇو؟“
جواب ڏنائين، ”هو بلڪل دور سفر تي ويل آهي، جتان
نه ڪو موٽيو آهي ۽ نه وري موٽندو ئي . . . . هن جو
ٽي ڏينهن اڳ انتقال ٿي ويو!“ اهڙيءَ طرح آفيس ۾
اڪاڪيءَ جي موت جي خبر ڦهلجي وئي، ۽ ٻئي ڏينهن تي
اڪاڪي اڪاڪيوچ جي ڪرسيءَ تي نئون ڪلارڪ ويٺل ڏسڻ ۾
آيو، جو قد جو قداور هو، ۽ جو اڪاڪي اڪاڪـِيوچ
وانگر سڌي سنئين سادي لکپڙهه ڪرڻ وارو نه هو، بلڪ
هن جي لکيت مطلب واري، ۽ حرفت سان ڀرپور هئي.
اڪاڪي اڪاڪـِيوچ مري ويو. سندس لاش قبر ۾ دفن ڪيو
ويو. مگر سندس قصو اڃا ختم نه ٿيو هو. هن زندگيءَ
۾ نه ڪنهن کي ڏکويو ۽ نه ستايو، ۽ ساري عمر گم
ناميءَ ۾ گذاري هئائين. مرڻ کان پوءِ هن جو روح
ڀٽڪندو رهيو، ۽ پيٽرس برگ ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڏنائين.
ٻار ٻچو، ننڍو وڏو ۽ غريب امير هن جو نالو ٻڌي خوف
کان ڪانڊارجي ويندو هو. شايد انهيءَ لاءِ، ته
زماني کي معلوم ٿئي ته اڪاڪيءَ نالي به ڪنهن انسان
هن دنيا ۾ جنم ورتو هو، پنهنجو وارو وڄائي نيٺ ڪوچ
ڪري ويو. پيٽرس برگ ۾ افواهه اٿيا ته ڪالنڪن برج
جي آس پاس رات جو ڪنهن ڪلارڪ جي صورت ۾ هڪڙو مردو
ڏيکاري ڏئي ٿو، جو چوري ٿيل اوور ڪوٽ جي تلاش ۾
آهي، ۽ جيڪو به اتان اوور ڪوٽ پائي لنگهي ٿو، تنهن
کان بغير اميري غريبيءَ جي ڀيد جي، زوريءَ لهرائي
ٿو وٺي، پوءِ کڻي ڪوٽ ”ڪئٽفر“ ڪالر سان هجي يا
”بيور“ ڪالر سان هجي، ”رئڪون“ جي کل جي اَستر سان
هجي يا لومڙي، ۽ رڇ جي کل جي اَستر سان. هڪڙي آفيس
جي ڪلارڪ پڻ مردو پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ سڃاتائين
ته هو اڪاڪي اڪاڪـِيوچ هو، ۽ پري کان ڏسڻي آڱر مٿي
جهليو کيس ڊيڄاري رهيو هو، ۽ اهو ڏسي هن خوف هراس
۾ وٺي کڙين تي زور رکيو. |