سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ  3/  1956ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 3/  1956ع

غلام محمد گرامي

گذارش

”منجهانئن ڪيئي مون وٽ آيا، ۽ چيائون، ’اسان کي ڪا صلاح ڏي‘ ! مون جواب ڏنو:

اهڙي ته خاص صلاح مون وٽ ڪانهي، جيڪا اوهان کي ڏيئي سگهان. ٻاهرينءَ دنيا  ڏانهن اوهان جا پنهنجا جيڪي رد عمل آهن، اوهان جي عملن جو انهن تي ئي دارومدار آهي.

۽ آءٌ پاڻ به اوهان جي اِن ٻاهرينءَ دنيا جو ئي هڪ جزو آهيان.

منهنجي ڳالهين مان، ۽ پڻ ٻين جي ڳالهين مان، اوهان اهو ئي ڪجهه جذب ڪندا، جنهن کي اوهان پاڻ لاءِ موزون ۽ مناسب سمجهندا.

پر جيڪڏهن اهو ڄاڻڻ ٿا گهرو ته جنهن ماحول ۾ اوهين رهو ٿا، تنهن ۾ اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي-

ته پوءِ هڪوار چپ ڪري، پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسو.‘ “

-فرئنڪ ٽائون شينڊ

انسانيت

هزارها سالن جي تهذيبي ارتقا کان پوءِ، فضيلت ۽ ڀل مانسائيءَ جي جنهن بلنديءَ تي اڄ انسان بيٺل آهي، اتان هن جي سامهون انسان ۽ انسان جي وچ ۾ فرق صرف، حق، انصاف ۽ نيڪيءَ جي بنياد تي ئي جائز ٿي سگهي ٿو. رنگ، نسل، مذهب، قوم ۽ اهڙيون ٻيون سڃاڻپ جون صفتون، قدرت طرفان حسن، سگهه ۽ صحت جون عنايتون، زندگيءَ ۾ پنهنجي مـُنهن حاصل ڪيل علم، دولت ۽ عزت و اقبال جون نعمتون- انهن مان ڪا به چيز، بذات خود، هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻئي ماڻهوءَ تي حقيقي فوقيت ڪانه ٿي بخشي. پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي، اهي سڀ چيزون چڱيون ئي آهن، پر انهن مان ڪنهن هڪ جي بنياد تي به پاڻ کي ٻين کان برتر ۽ اعلى سمجهڻ، ۽ ان ابليسي عادت جي اثر هيٺ ٻين کي نفرت ۽ ٻيائيءَ جي نگاهه سان ڏسڻ- فقط انڪري، جو هو ڪنهن ٻئي نسل، ڪنهن ٻئي مذهب يا ڪنهن ٻيءَ قوم سان واسطو ٿا رکن، يا هو شڪل جا ڪوجها، بيمار ۽ ڪمزور آهن، يا هو جاهل، غريب ۽ گمنام آهن- اِهو آهي ماڻهپي واري انهيءَ ليڪي کي ڄاڻي ٻجهي لتاڙڻ، جنهن کي انسانيت پنهنجي سڃاڻپ ۽ امتياز لاءِ جـُڳن جي اڻ ڳڻين ڪشٽن ڪڍڻ کان پوءِ مس مس وڃي هاڻي قائم ڪيو آهي. نظرياتي طور، اڄ ڪو به اهڙو مهذب انسان ڪونهي، جيڪو انسانيت جي انهيءَ  ڪسوٽيءَ کان انڪاري هجي. ساڳئي وقت، حق، انصاف ۽ نيڪيءَ جو مفهوم پڻ ذاتي، خانداني، قبائلي، فرقيوار يا قومي مفاد جي دائري کان نڪري، اڄ ساري بني نوع انسان جي مفاد سان اچي همڪنار ٿيو آهي. خالص فلسفو جنهن جو بنياد عقل تي آهي، ۽ خالص مذهب جنهن جو بنياد ايمان تي آهي، سي ٻيئي، هڪ ٻئي سان انيڪ ڳالهين ۾ قطبين جي اختلاف هوندي به، انسانيت ۽ نيڪيءَ جي مٿين ٻن اصولن تي اڄ هر طرح متفق آهن. ”ذات انسان جي پيدائش هڪ نفس واحد مان آهي”، ”الله وٽ ڀلارو اهو آهي، جيڪو نيڪيءَ جو صاحب آهي“، ”نيڪ انسان اهو آهي، جيڪو بني نوع انسان جي ڀلائي ٿو ڪري“- اِهي انهيءَ عظيم مذهب جا فرمودا آهن، جيڪو آخرين مذهب آهي، ۽ جنهن تي مذهبي فڪر جي ارتقا جو اختتام ٿيل آهي. جيڪڏهن انساني اخوت، مساوات ۽ حريت جي هن عالمي مذهب جا ڪا عالم سڳورا اڃا به ان مان ڪي ابتڙ معنائون ۽ مطلب ٿا اخذ ڪن، ته اُهي سندن خالص پنهنجي ذهن جا ڪرشما آهن، جي کين ئي مبارڪ هجن- مذهبي ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي اِها چؤنري شال مٿن ئي ڍرندي رهي، ته بهتر. پنهنجو ته واقعي سڌو سنئون ايمان آهي ته ”عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ“- پوءِ جيڪڏهن ڪي عقل جا اڪابر، ڪمن جا سچا ۽ هر طرح معتبر فتوا باز اسان تي ڪفر، الحاد يا ڪميونزم جا نالا رکن، ته انهن کي ائين ئي چونداسون ته

بدم گفتي و خرسندم عفاک الله نکو گفتي!- ”حافظ“

سندن علمي تبحر اڳيان- جنهن جو واقعي ڪو اٿو مٿو کين به ڪونه ٿو معلوم ٿئي- اسان کي پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ جو احساس آهي؛ پر کين جو ان ۾ گهوتا کائيندي سالن کان پيا ٿا ڏسون، سو چئون ٿا ته ٿورڙو ئي علم، پر صحيح علم ۽ ذهن ۾ رٿائتو رکيل علم جيڪڏهن آهي ته اهوانسان جي صحتمند ۽ سالم نگاهه لاءِ ڪافي آهي. دل جو اطمينان ۽ قلب جو سڪون اهو ئي بس آهي ته پنهنجي آس پاس سان بي لوث ۽ مخلصانه تعلقات هجن. پورهيت ماڻهوءَ جون پنهنجي پورهئي ۾ ئي اکيون سونهن. ٻين کي لقبن لائڻ بدران، جيڪڏهن پنهنجي پاڻ تي ئي اک رکجي، ته هوند دلين جي ڪيني ۽ نفرت جا اوڙاهه از خود ٿڌا ٿي وڃن-

”ڪونهه آڳهه اهڙو، جهڙي محبت من“-شاهه

”مهراڻ“ ۽ سندس ادب

”مهراڻ“ جي ٻئي سال جو ٽيون پرچو پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. هن ٿورڙي عرصي ۾، ”مهراڻ“ سنڌ جي تقريباً سڀني ڪهنه مشق توڙي نوآموز شاعرن، افسانه نويسن ۽ مضمون نگارن ۽ ٻين اهل قلم۽ صاحب فڪر اديبن ۽ عالمن جو تعارف پڙهندڙن سان ڪرائي چڪو آهي. سنڌ جي نامور اديبن مان ڪو به اهڙو اسانجي خيال ۾ ڪو نه رهيوآهي، جنهن ”مهراڻ“ کي سينگارڻ ۾ حصو نه ورتو هجي. سنڌي شعر و ادب جي ڪا به اهڙي صنف اسان کي ڪانه سـُجهي، جيڪا اسان ”مهراڻ“ ۾ پيش نه ڪئي هجي. مواد جي لحاظ کان مداحون، قصيدا، صوفيانه ڪلام، عشقيه شاعري ۽ لوڪ گيت وغيره، مختلف سماجي، تعليمي، نفسياتي، ۽ ٻين اهڙن اهم مسئلن تي ٽوٽڪا، افسانا ۽ ناٽڪ، سوانح، تاريخ، سائنس ۽ علم و ادب جي اڪثر موضوعن تي تحقيقي توڙي تنقيدي مقالا ۽ مضمون- مطلب ته ڪا به اهڙي خاص ڳالهه اسان جي سامهون نه آئي آهي، جنهن کي اسان مهراڻ ۾ جاءِ نه ڏني هجي. تنهن هوندي به اسان جا ڪي لکندڙ ۽ پڙهندڙ ”مهراڻ“ کي ”هڪ ئي مڪتب خيال جو ترجمان“، ۽ ”هڪ ئي وڙ جو دڪان“ ٿا سمجهن ۽ سڏين! ممڪن آهي ته هي حضرت پاڻ جنهن ”وڙ“ جا وڻجارا آهن، تنهن جي خريد فروخت ”مهراڻ“ ۾ ٿيندي نه ڏسي ئي ان لاءِ اهو خيال قائم ڪيو هجين: ذاتيات، تعصب، نفرت، ڪم علمي ۽ ڪثيف جذبات ڪڏهن به سٺو ۽ صالح ادب نه پيدا ڪري ٿا سگهن، ۽ نه ان کي ڪڏهن ڪٿي سڃاڻي ئي سگهن ٿا.

جهڙيءَ ريت اڄ انسان ۽ انسان جي وچ ۾ فرق صرف حق، انصاف ۽ نيڪيءَ جي بنياد تي ئي جائز آهي- باقي ٻيا سمورا رنگ، نسل، مذهب، قوم وغيره جا نالا فقط سڃاڻپ جا نشان ئي وڃي رهيا آهن ۽ انهن مان ڪو هڪڙو نالو به بذات خود فضيلت ۽ فوقيت لاءِ سند جو ڪم نٿو ڏيئي سگهي، بلڪل تهڙيءَ طرح ادب۽ فن پڻ- ڇاڪاڻ ته اهي انسان جي خالص انسانيت جا مظهر آهن- رنگ، نسل، وطن، مذهب ۽ قوم وغيره جي ويڇن کان پاڪ آهن: ادب ۽ فن جي پرک صرف ”انسانيت“ آهي. ڏسڻو آهي ته ادب معرفت انسانيت جا عالمگير قدر ۽ اصول زياده اوجر جي اڳيان ٿا اچن، يا نتيجو مرڳوئي ان جي ابتڙ ٿو نڪري. پهرينءَ حالت ۾ جو ادب پيش ٿيندو، سو صالح، صحيح ۽ سچو ادب آهي، ۽ ان کان سواءِ ٻيو هر ڪو اديب بيمار، ڪوڙو ۽ کوٽو ادب آهي. انهيءَ هڪ بنيادي فرق کان سواءِ ادب ۾ ٻيو ڪو به تفرقو نه آهي. ”ادب براي ادب“ جنهن جو زور جماليات تي آهي، ۽ ”ادب براي زندگي“ جنهن جو زور زندگيءَ جي تنقيدي عڪاسيءَ تي آهي- ٻئي صحيح ۽ سچي ادب جي محض ٻن صفتن جا نالا آهن. ”ادب براي ادب“ ۽ ”فن براي فن“ کي مڃڻ وارو اديب يا فنڪار خالص حسن جو گهوريو آهي- ۽ اها حسن لاءِ سندس تلاش ئي حسن جي تخليق ۽ تبليغ لاءِ کيس مجبور ٿي ڪري: پنهنجي شخصي توڙي آسپاس جي زندگيءَ ۾ حسن کي دلپسند انداز ۾ موجود نه ڏسندي، هو پوءِ زندگيءَ جي تنقيد ۽ حسنڪاريءَ کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿو، ۽ اهو سندس عمل ”ادب براي زندگيءَ“ ۽ ”فن براي زندگيءَ“ کي مڃڻ واري اديب يا فنڪار جي عمل کان ڪنهن به صورت ۾ مختلف نه آهي.ادب متعلق هنن ٻن نظرين جو هيءُ ”ضد“ پهريائين يورپ ۾ ئي پيدا ٿيو هو- پر اتان جي اديبن ۽ فنڪارن مٿئين استدلال جي بنياد تي اڄ انهيءَ مسئلي کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو آهي. عالمي ادب جي سامهون ادب جا اهي ۽ ٻيا اهڙا موهوم تفرقا اڄ آهن ئي ڪونه. اسين به انهيءَ ئي عقيدي کي پنهنجي سامهون رکي، پنهنجي پڙهندڙن جي خدمت ۾ ادب جو نذرانو پيش ڪندا آهيون. اسان وٽ ادب ۾ اڄ ڪي به ”اختلافي“ نظريا نه آهن. اسان وٽ ادب جو صرف هڪڙو ئي نظريو آهي- ۽ اهو هيءُ ته پنهنجي عزيز وطن لاءِ، پنهنجي پاڪ ٻوليءَ ۾ صحيح ۽ صالح ادب پيدا ڪريون ۽ پيش ڪريون. انهيءَ کي جيڪڏهن اسان جا ڪي ڪرم فرما ”مهراڻ“ جو ”هڪ ئي مڪتب خيال“ سڏي اسان کي نندين ٿا، ته هنن لاءِ تحقيق اسان وٽ وڌيڪ ٻيو ڪو به جواب ڪونهي-

”اکر ڇُتي هيڪڙي، ٻَهون جي نه ٻجهن،

ڪوهه ڪبو کي تن، سڄي سڻائي ڳالهڙي؟“- شاهه

سنڌي ادبي بورڊ

ڪراچيءَ جي هڪ اخبار سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ”سنڌ ادبي بورڊ جو قيام سنڌ جي باشندن جي اهم ضرورت هئي.... ليڪن ڇا (هن) سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي انهن ضرورتن کي ڪنهن حد تائين پورو ڪيو آهي، يا انهيءَ ڏسَ ۾ ڪو قدم به وڌايو آهي؟ اسان وٽ انهيءَ جو جواب نفيءَ ۾ آهي. جيڪڏهن ٻئي ڪنهن وٽ انهيءَ جو اثباتي جواب آهي، ته انهيءَ جو کيس ثبوت ڏيڻ گهرجي....“. اسان پنهنجي هن معزز معاصر جا شڪر گذار آهيون، جو هن اسان جو ايڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. جيتوڻيڪ سندس مدير محترم پاڻ بورڊ جو ميمبرآهي، ۽ کيس بورڊ جي ڪار گذارين جي مفصل خبر آهي، تنهن هوندي به ڀائنجي ٿو ته جڏهن پاڻ مٿيون رايو بورڊ متعلق قلمبند ٿي ڪيائين، تڏهن سندس سامهون اهي چيزون موجود ڪين هيون. هي موقعو غنيمت ڄاڻي، هتي ”مهراڻ“ ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ، بورڊ جي ڪم جي مختصر ڪيفيت پيش ڪئي ويئي آهي. اميد ته ان جي پڙهڻ سان بورڊ متعلق پيدا ٿيل غلط فهميون گهڻي قدر دور ٿي وينديون. ايترو سو پنهنجي هن عزيز معاصر کي ضرورت گوش گذار ڪنداسون ته ”صفائي ايمان جي نشاني آهي“، ۽ جهڙيءَ طرح جسماني صفائي انسان جي بدن ۽ پوشاڪ مان ظاهر هوندي آهي، اهڙيءَ طرح ذهني پاڪيزگي وري سندس منهن مبارڪ مان جيڪا گوهر افشاني ٿيندي آهي، انهيءَ مان معلوم ٿيندي آهي: تنهنڪري آئنده جنهن کي به جيڪي ڪجهه چوڻو هجيس، سو ڪجهه مهذب لفظن ۾ ئي ادا ڪري- ائين ڪرڻ سان هو پنهنجي مخاطب کي آسانيءَ سان پنهنجو هم خيال بنائي سگهندو.

انعام

اسان اڳئين پرچي جي گذارش ۾ اديبن کي انعامن ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. پارکن جي ڪاميٽيءَ ”مهراڻ“ جي اڳئين پرچي جي شعرن، افسانن، مضمونن وغيره جو جائزو وٺندي، يڪراءِ فيصلو ڏنو ته پنجاهه روپين جو پهريون انعام پير حسام الدين راشدي صاحب جي مضمون ”مير علي شير ’ قانع‘ “  کي ڏنو وڃي، پر پير صاحب جن اهو انعام وٺڻ پسند نه ڪيو، ۽ ڪاميٽيءَ کي صلاح ڏنائين ته بورڊ جي ڪنهن به ميمبر يا ملازم کي، هن ڀيري توڙي آئنده، ڪو به انعام نه ڏنووڃي. ڪاميٽيءَ پير صاحب جي انهيءَ صلاح کي خوشيءَ سان قبوليو، ۽ فيصلو ڪيو ته پهرئين نمبر انعام جا اهي پنجاهه روپيا هن ڀيري رهيل افسانن تي ڏنا وڃن. انعام جي آخرين صورت هيءَ آهي:

شعر:        محمود شاهه ”سائل“      - ڪافي (ص )                0-0-10

عبدالڪريم ”گدائي“ - نظم (ص )          0-0-10

شيخ ”اياز“          - ڇيڄ (ص )         0-0-10

ادب لطيف: جهامنداس ڀاٽيا                          0-0-10

افسانا:      بردو سنڌي               -”انڌير نگري“          0-0-25

گوورڌن محبوباڻي -”ڪاري“               0-0-15

مس شمس صديقي        -”هڪ ڪردار سو افسانا“  0-0-10

شيخ حفيظ -”۽ مکڙي مرجهائجي ويئي“ 0-0-10

ابن حيات پنوهر    -”زن طلاق“            0-0-10

بلرام وڪيل       - ”حسرت“             0-0-10

محمد يعقوب ”نياز“       -”لڙڪ ۽ مرڪ“       0-0-10

ادبي خط:  مس شمس صديقي                       0-0-25

گذارش

”مهراڻ“ کي جنهن ڪوشش ۽ محنت سان ترتيب ڏني وڃي ٿي، ان کان پڙهندڙ ۽ اسان جا محترم اديب خود به واقف آهن. انهيءَ ترتيب ۾ هڪ مشڪلات اها به رهي ٿي ته اديب پنهنجون چيزون وقت اندر نٿا موڪلين، جنهنڪري هڪ ته رسالي جي اشاعت ۾ دير پئجي ٿي وڃي، ۽ ٻيو ته اديبن جي افسانن ۽ شعرن وغيره کي دنيا جي مشهور ۽ بلند پايه رسالن وانگر تصويرن ۽ خاڪن سان نه ٿو سينگاري سگهجي. انهيءَ ڪري، اسان جي اديبن کي گذارش آهي ته اسان کي مهرباني ڪري پنهنجي شاهڪار ڪافي اڳواٽ ڏين ته جيئن رسالي جي ترتيب ۽ آرائش ۾ اسان کي به آساني ٿئي، ۽ سندن چيزن کي پڻ زياده اثرائتي انداز ۾ پيش ڪري سگهون. اميد ته اسان جا محترم اديب هميشه وانگر هن ڳالهه ۾ به اسان سان سهڪار ڪندا، ۽ آئنده، وقت اندر، اسان ڏانهن پنهنجن ادبي نوازشن موڪلڻ جي عنايت ڪندا.

- م . ا . ج

”سانگي“

يادگيريون

جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا

 

البيليون اکيون اٽڪائي ويا

چپ چاشني دار چکائي ويا

 

ستي سورن کي ته جڳائي ويا.

 

 

 

اڃا هاڻ هتي ها يار پرين

 

دلبند سڄڻ دلدار پرين

غمخوار مٺا منٺار پرين

 

جي پيچ پيارل پائي ويا.

 

 

 

هتي دردن جا ته دڪان هئا

 

هت سورن جا ته سامان هئا

وڏا شوخن جا هت شان هئا

 

جي هاڻي ماڳ مٽائي ويا.

 

 

 

ها معشوقن جا ماڳ هتي

 

ها رنگ ۽ روپ ۽ راڳ هتي

ها برهه وارن جا ڀاڳ هتي

 

سي ڦيري ڏيئي ڦٽائي ويا.

 

 

 

هت عاشق ها اڙٻنگ ادا

 

هت سهڻا ها گلرنگ ادا

هت عشق جا ها اَڙنگ ادا

 

پر سر تي ورهه وسائي ويا.

 

 

 

هت عشق جا ها طوفان وڏا

 

ها سورن جا سامان وڏا

هنيا نينهن هتي ته نشان وڏا

 

سي وارو وير وڄائي ويا

 

 

 

رهيا دنيا ۾ خوش جي دم پل

 

هلي هر سو جن جي ٿي ڀل ڀل

ڏنا تن کي جلد زماني جل

 

سي دونهان  درد دکائي ويا.

 

 

 

استاد اهي جن پاڙهيو ٿي

 

جن درس محبت ڪاريو ٿي

جن سورن ساڻ سيکاريو ٿي

 

سٽون سورن جون سمجهائي ويا.

 

 

 

جن هر ڪنهن ساڻ رهائي ڪئي

 

تن پنهنجي پاڻ رهائي ڪئي

جن سهڻن ڪاڻ سچائي ڪئي

 

سي ڪنهن سان ڪين وڃائي ويا

 

 

 

تن شاهن جا ويا شان ڪٿي

 

ويا نوبت ۽ نيشان ڪٿي

سي دهليون ۽ دربان ڪٿي

 

جي ماڙيون محل اڏائي ويا.

 

 

 

ٿو نينهن منجهان نروار چوان

 

سي عاشق آءٌ سردار چوان

سي پيارا پنهنجا يار چوان

 

سي ”سانگي“ پاڻ سڏائي ويا.

نِيَرُ نَه لَهي نـِيهـَه جو، لَہُ جا لَهِي وئا،

مارُن ڌارا ماڙيين، ڏُهِلا ڏِيههَ ٿئا،

ڏيهِي ڏُور وئا، ڏِيان ڏوراپا ڪـَنِ کي؟

            

مـَٿي ٿـَرَ رَهِي، وئا گــُذاري ڏِيهـَڙا،

ڪَڏه ڪونه آئِيو، تَن پَهُنوارَن پـَهِي،

وئڙا سي وَهـِي، جنب گذارئُم جـَن سين!

 

وِئا ڳــُڻن ساڻ، مارُئڙا ٿـَر اُڪَري،

تَن پُڄاڻا هاڻ، آئُون جـَاڙَ جِيان ٿِي، جيڏِيُونَ

 

ڇـَنِ نه ڇـَڄي آهيان، ڪُڇـَنِ ۾ ڪوٽَن،

اينده پٻييـَم اُبـَتا، پـَيڪڙا پيرَن،

هَٿَڙِيـُون هَٿَن، ڄَنگــُهون ٻاهُون ڪاٺ ۾!

 

مارُئِي ناهِه مَلِيرَ ۾، نَڪا وَٽ هَمِيرَ،

پـُنهـُو ڪونِه ڪيچَ ۾ نڪي سنڌ اَميرَ،

مومل ڪانِه ماڙيين، گنجي ناهـِه فقِيرُ،

قبن ڪينـَهـَن پـِيرَ، مُرشِدَ مساڻن ۾!

- شاهه -

1

بيت :

شيخ ”اياز“؛ لطيف الله بدوي؛ عبدالجبار ”شام“، ”برده“ سنڌي. دوها: شيخ ”اياز“، ”بشير“ مورياڻي.

ڪافيون:

حافظ ”احسن“؛ ”برده“ سنڌي؛ محمد خان ”غني“؛ لطف الله بدوي؛ حسيني محمد حافظ؛ مخدوم غلام احمد ”غلام“، احمد خان ”آصف“؛ ”راز“ بلڙائي؛ آخود فضل صديق.

وايون:

شيخ ”اياز“.

گيت:

هري ”دلگير“؛ شيخ ”اياز“؛ ”برده“ سنڌي؛ ”تنوير“ عباسي؛ گوبند ڀاٽيه؛ شمشيرالحيدري؛ ڪمل ”پياسي“؛ ڀڳوان ميواڻي.

لوڪ گيت:

رشيد احمد ”رشيد“ لاشاري؛ م.ع.ڏيپلائي؛ رائچند؛ منگها رام اوجها.

نظم:

هري ”دلگير“؛ شيخ ”اياز“؛ تنوير عباسي؛ ”نياز“ همايوني؛ گوورڌن محبوباڻي؛ ”بشير“ مورياڻي؛ ڪمل ”پياسي“؛ لطف الله بدوي؛ صالح محمد سمو.

آزاد نظم:

شيخ ”اياز“؛ شيخ ”راز“؛ سراج.

نيون طرزون:

سانيٽ: بشير مورياڻي؛ ”ٻولي“: رشيد احمد ”رشيد“.

غزل:

شيخ ”اياز“؛ غلام محمد ”گرامي“؛ هري ”دلگير“؛ عبدالڪريم ”گدائي“، ”بشير“ مورياڻي؛ ”تنوير“ عباسي؛ عبدالحليم ”جوش“؛ شمشيرالحيدري.

قطعا:

هري ”دلگير“ـ ”بشير“ مورياڻي.

ادب لطيف:

جهامنداس ڀاٽيه.

- سالن جا سال تخليقي ڪوششن ڪرڻ بعد، مون کي اهو دائمي يقين حاصل ٿي چڪو آهي ته شاعر لاءِ فقط اهو ڪافي ناهي  ته سندس موضوع ئي بلند هجڻ گهرجن، بلڪ هن کي انهن موضوعن سان اهڙو تعلق هجي ڄڻ هن اُنهن کي پنهنجي اندر ۾ براه راست محسوس ڪيو هجي. هن کي پنهنجي تجربي جي بنا تي ئي لکڻ گهرجي، نه ته هو زندگيءَ جي تصوير پيش ڪرڻ بدران رڳو اُن جو پاڇو ئي پيش ڪري سگهندو. فقط حقيقت جي اونهي مطالعي ۽ انهيءَ جي تيز پروڙ سان ئي خيال ۽ احساس جي حقيقي شاعري تخليق ڪري ٿي سگهجي؛ فقط انهن سرچشمن مان ئي زندگيءَ جو حقيقي روح پيش ڪري ٿو سگهجي.

- مرزا ترسون زاده.

 بيت

شيخ ”اياز“

اسان ڪيئـَن  ڪاٽيون، رُسي ريجهڻ جون گهڙيون؟

ڳوڙها، ڳراٽيون، هيانوَ ڏسڪيا هيج مان.

 

پري منهنجو پنڌ، رڻ ۾ منهنجون راتڙيون،

ساٿي تو سوڳند، موٽي وڃ وچ-واٽ تان.

 

تنهائيءَ جا تير، کـُتا منهنجي کيپ ۾،

چُڪي پهتي چپ تي، نيڻين آيا نير،

 

تڙڦي وئي تقدير، گهــُوري منهنجي گهاو کي.

جهوري پئي جهانجهه، جيڏيون منهنجي جيءَ کي،

 

سهڙي آهي سانجهه، جهڄندي جنهن جي جهانءِ ۾.

واريءَ منجهه وٿاڻ، سانجهيءَ آندا سانت ۾،

 

لهندي سج جي سون سان، ورسيا ڀينگا ڀاڻ،

ڄرڪي منهنجي ڄاڻ، اَڻ ڄاتي جي آڳ ۾.

لطف الله بدوي

ساري رات وسي ، مينهن مانڊاڻا ڪيا،

جهوپا جهانگيڙن جا، پـُسي سڀ پيا،

ويچارا ويا، پَڪي کڻي پکڙا.

ساري رات وسي، مينهن ڪيا مانڊاڻ،.

ٿيون تار ترائيون، ڇلڪي پيا نياڻ،

ڪَنِ ڪُنَ ڪـَپر کي، موج ڪئي مهراڻ،

ويچارن وٿاڻ، پاڻيءَ سان پـُسي پيا.

 

پکين پکيڙي پـَر، ڪئي وسنؤ آهه وڻن تي،

تڙڪي جي تـَوَ تي، ليٽا پاسي ڀـَر،

کوٽهڙي سان کنڀن کي، ويٺا ڏين وَر،

وڃن ڪيو وَڳر، چوڻي خاطر پيٽ جي.

 

وري بادل آئيا، ڪئي پپيهي لات،

صبح کان شروع ٿيو، وسيو ساري رات،

مندائتيءَ برسات، وسڻ سان وَسَ ڪيا.

 

وري ڪڪر آئيا، گوڙ ڪري گينور،

رعد جي راڙين کان، مـَتا هـُل حشرَ،

کنوڻين جي کيج کان، ٿي ڪنبيا ڪاريهـَر،

وسي پيو وڏ ڦڙو، ٿيا تار ترايون تـَر،

ويچاريءَ جا وَرَ، ڪـَڄي ڪول ڪرينم تون.

 

عبدالجبار ”شام“

ڍولا او ڍٽ  ڌڻي، ڪـُٺيس تنهنجي ڪاڻ،

هِتي مڙه مومل جو، ساه تو توئي ساڻ،

پاڻ سـُڃاڻي پاڻ، اچج اوري مينڌرا.

 

ڍولا او ڍٽ ڌڻي، ڍولا تون ڍڪينم،

ايڏو ڏم نه ڏينم، راڻا رُسڻ گهوريو.

 

ڍولا او ڍٽ ڌڻي، ڍولا ڍڪينم تون،

بديون بخشج مـُون، راڻا رُسڻ گهوريو.

”برده“ سنڌي

رنگ ڏٺم وه ڍنگ ڏٺم، دلبر دا رخسار ڏٺم؛

 

حـُسن ڏٺم وه احسن دلبر، صورت دا سردارڏٺم؛

حسن حقيقي، مام مجازي ’آدم سِر اسرار’ ڏٺم؛

 

مور دي سهڻي ٽور ڏٺم، وهه ڪبڪ والي رفتار ڏٺم؛

خال ڏٺم ڳل لال سلوڻي، موتي ڏند قطار ڏٺم؛

 

چولي لب خوش ٻولي مٺڙا، بلبل دي گفتار ڏٺم؛

جسم گلابي چشم غزالي، ابرو تير هزار ڏٺم؛

 

زلف ڏٺم او ڪاڪل ڪالي، پيڇ اندر سنسار ڏٺم؛

يار ڏٺم اغيار ڏٺم، تي عاشق لک بيمار ڏٺم؛

 

راهه مريندي شاهه ڏٺـَم، آ مـَلـَڪ ٿئي ميهار ڏٺم؛

ديدان ديد خريد ڏٺم، لک، ”بريدي“ حـُسن هزار ڏٺم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com