ادبي خط
(1)
مينڌري ع . سعادتي
- جناب اعلى، ”مهراڻ“ جي نئين سال جي ٻي موج به
ڏٺيم: نيون لهرون انهن ۾ نئون خيال، نيون ڇوليون
اُنهن ۾ نئون جوش، نوان ڪـُن ڪڙڪا انهن ۾ نئون
امنگ ڏسي، ساعت کن لاءِ بيخود ٿي ويس. ڀانيم پئي،
”مهراڻ“ ته عمر خيام جي رباعي آهي- نهايت وڻندڙ،
مٺڙي ۽ پياري پياري!
مان بڙڇي مان گهاءُ، مان ئي وار وجود تي؛
مان ئي هان پڇتاءُ، مان ئي پيار پرينءَ جو.
اسان جو ۽ سنڌيءَ جو ساڳيو معاملو آهي، پاڻ ئي
سنڌيءَ کي ختم ڪري، پاڻ ئي سندس مزار جا مجاور ٿي
ماتم ڪريون ٿا. معلوم ناهي آخر اسان جي واءِ ويلا
جو رد عمل ڇا ٿيندو؟ هن دفعي ”مهراڻ“ واقعي مهراڻ
جون سـِڪون ٿي لاٿيون. شيخ اياز جي وائي نهايت رقت
انگيز آهي. هري ”دلگير“ جو ”آهه ڪٿي پهتو انسان“
گيت نويسيءَ ۾ نئون موڙ آهي- ڇو ته عام طرح گيت ۾
ساده و معصوم فطرت جا امنگ ۽ پيار پڇتاو جون
ڳالهيون هونديون آهن، پر هن ڀيري نئون رنگ ڍنگ ڏسي
حيران رهجي ويس. گوورڌن جي ”رات راڻي“ نهيات وڻندڙ
۽ سهڻي آهي. بشير مورياڻيءَ جو ”وچ اوڀر“ واديء
نيل جي فرزندن جي للڪار آهي؛ ”وچ اوڀر“ ۾ پيغمبرن
جو مقدس پيار گونججي رهيو آهي، ان ۾ خليل جبران جي
شاعريءَ جو روح چرندو پرندو محسوس ڪري رهي آهيان،
عالمي مستن جا روح مقبرن اندر پريشان پريشان ڊوڙي
رهيا آهن؛ شايد نيل کي نئين قرباني گهرجي- نئينءَ
ڪنوار جي، جنهن جو ڳانو ۽ ميندي رت سان رڱيل هجي.
”سڀڪا مومل سڀڪو راڻو“ ”اياز“ جي شخصي معيار جي
خلاف آهي، تعجب آهي ته اياز اهڙي سٽ ڪهڙيءَ ڪيفيت
هيٺ لکي! جناب گرامي صاحب جي ”عورت“ نهايت سطحي
آهي، موجوده وقت جي تقاضائن موجب اهو موضوع نهايت
پراڻو ۽ بيڪار ٿي چڪو آهي. هونئن به گراميءَ جي
شعر ۾ هو سيلاب نه رهيو آهي، ان ۾ فقط موٽي ويندڙ
ڇوليءَ جي ڇـَرَ ٿي نظر اچي؛ گذريل جذبات جو تصور
ڪيستائين ساٿ ڏيندو؟ ڇو ته شاعري به ڪاليءَ وانگر
نت نئين خون تي راضي ٿيندي آهي.
”مڪلي نامه“ ته صفا ڪڪ ڪري وڌو، ڇو ته صفا فارسيءَ
۾ هو؛ اسان پارين کي سنڌي به مشڪل سان اچي، سو
فارسي ڪٿان ايندي؟ اها معياري ۽ ادبي رسالن جي
پيروي ناهي، فقط اوهان جند ڇڏائڻ جو بهانو بڻايو
آهي. طويل ۽ خشڪ مضمون ڀل هجن، پر ايترو ته احساس
ڪريو، جو سنڌيءَ ۾ هجن. ”مڪلي نامه“ فقط محدود
طبقي لاءِ مخصوص دلچسپي ۽ فائدو رکي ٿو. اوهان کي
هڪ عام معيار رکڻ کپي، جن کي فارسي نٿي اچي سي
”مڪلي نامه“ کي ڇا ڪندا؟ ضرور هلڪيءَ ٿڪاوٽ سان ئي
پنا اٿلائيندا اٿلائيندا اڳتي هلندا ويندا. نتيجو
اهو نڪرندو ته نه هڙ حاصل ٿيندو نه مزو. سنڌي ادب
۾ ٻيا اڃان ڪي ئي موضوع رهيا پيا آهن، جن جي اسان
کي سخت ضرورت آهي. متان ائين سمجهو ته اهو منهنجو
ڏوراپو ۽ ميار آهي يا البيلائي ۽ الغرضائي، البت
اها عام سنڌي تعليم يافته طبقي جي پسنديدگيءَ جي
پارت ضرور آهي. ڇو ته ادب انهن لاءِ ئي تخليق ڪيو
وڃي ٿو، اهي ئي ان کي هنڊائيندا ۽ سانڍيندا.
تنهنڪري ڀلي زياده تحقيقي مقالا شايع ڪريو. فقط ٻه
لفظ ايترا چونديس ته سنڌيءَ ۾ مضمون هجن، پرواهه
ناهي کڻي طويل هجن.
اوهان تنقيدي ادب لاءِ فرمايو آهي. درحقيقت
جيستائين تنقيد نه هوندي، ته صحتمند ادب تخليق نه
ٿيندو. سنڌي ادب ۾ اهڙو خاص تنقيدي ادب تي ڪتاب
ڪونه ٿو ملي، جنهن جي روشنيءَ ۾ ويهي تحقيقات ڪجي.
لاچار جن کي فارسي ۽ عربي اچي ٿي، سي ان مان فائدو
وٺن ٿا؛ جن کي انگريزي اچي ٿي، سي ان جي ڪتابن جي
روشنيءَ ۾ ويهي مقالو تيار ڪن ٿا. پر اسان جو ڪهڙو
حشر ٿيندو؟ جن کي نه اچي فارسي، نه فرنگيءَ جي
زبان! مون به تنقيد جي ڏسَ ۾ ڪجهه روانو ڪيو آهي،
خبر ناهي ان جو ڇا ٿيو؟ اوهان تنقيد جا اصول مقرر
ڪيا آهن، سي صحيح آهن. مان پنهنجي مضمون متعلق
ايترو ضرور چونديس، ته نه آهي تنقيد نه تبصرو،
وچان ڪجهه ٻي شي آهي. منهنجي تنقيدي مضمون جو
عنوان آهي ”شيخ اياز ۽ سندس ادب“. مضمون جا ٻه
بنيادي حصا آهن: (1) ”شيخ اياز“، جنهن ۾ سندس ذات
بابت ۽ زندگيءَ بابت احوال آهي، ۽ (2) ”سندس ادب“-
ان ۾ فقط سندس ادب متعلق لکيو ويو آهي. اهو مضمون
مون وليم سمرسيٽ ماهم جي ڪتاب ”ڏهه ناول ۽ انهن جا
مصنف“ (انگريزي) جي نوع تي لکيو هو. انهيءَ ۾ مصنف
جي زندگي به آهي ۽ سندس ادب تي تنقيد پڻ. سو، متان
ذاتيات جي غلط فهميءَ ۾ اچي ڪجهه ٻيو فيصلو ڪريو.
ان ڪتاب جي پڙهڻ بعد اوهان کي منهنجي مضمون جي
نوعيت جي خبر پوندي. پڪ اٿم ته مضمون ۾ ڪا به
فنڪارانه جدت يا تنقيدي عنصر ڪونهي، ته به اميد
اٿم ته محنت اجائي نه ويندي.
1956ع واري پهرئين پرچي ۾ مسٽر جمال الدين صاحب ۽
اوهان جو مختصر افساني متعلق بحث پڙهيم. هن دفعي
شيخ ”راز“ ۽ شيخ ”حفيظ“ به ميدان ۾ آيا آهن. اسان
کي اهڙن بحثن جي سخت ضرورت آهي، ڇو ته ان ڪري ڪي
ئي ڪمزوريون ظاهر ٿي پون ٿيون، جي بعد ۾ درست ڪرڻ
گهرجن. اوهان وٽ مختصر افساني جو ٻن اصولن تي
بنياد آهي، پر منهنجي خيال موجب ان ۾ ٽي اصول آهن:
(1) ڪردار (2) ماحول ۽ (3) عمل. افسانو لنبائيءَ
موجب ايڏو هئڻ گهرجي، جنهن کي ڏهن منٽن کان هڪ
ڪلاڪ تائين وقت ۾ پڙهي سگهجي. افساني جا 3 حصا
آهن: (1) شروعات، (2) وچ، جنهن کي انگريزيءَ ۾
”ڪلائيميڪس“ چئبو آهي، ۽ (3) پڇاڙي. افساني جي
پڇاڙيءَ ۾ سندس شروعات جو سڀاويڪ، اصلي ۽ فطرتي
نتيجو هئڻ گهرجي. افساني جي واقعن جي هڪ امڪاني
نوعيت هئڻ گهرجي، جا نه فقط مضمون ۽ وشيءَ کي
وڌائي، پر اصلي مقصد کي اڀارڻ ۾ مدد به ڪري.
افسانو هميشه سلسليوار، ملندڙ ۽ موافق، ڳنڍيل ۽
ٺهڪندڙ هجي؛ ان سان گڏوگڏ دل وٺندڙ، متاثر ڪرڻ
جهڙو ۽ مڃائڻ جهڙو پڻ هجي. افساني جو مکيه ڪردار
”سماجي پرچاءُ ڪندڙ“ يعني افساني جي محرڪ سماجي
مسئلي کي ”سلجهائيندڙ ۽ حل ڪندڙ“ هجي. افساني ۾
اهڙو اشارو هجي، جو مسئلي جي اصليت ۽ ان جي پيش
ڪيل حل کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جو وسيلو بڻجي وڃي. جيئن
ته افسانوي ڪردار انسان آهي، ان کي ”پنهنجو پاڻ
سڃاڻڻ“ ڏانهن اشارو ڏيڻ يا ان متعلق پڙهندڙن کي
اشارو ڏيڻ افساني نگار جو فرض آهي- ڇو ته پوءِ ئي
افساني مان انسانيت جي اصلي مقام جو نشان پتو ظاهر
ٿيندو- افساني جي افاديت اهائي آهي. ”پاڻ سڃاڻ“ جي
اشاري بعد ئي، ڪردار يا پڙهندڙ ناسازگار ماحول سان
وڙهڻ ۽ بغاوت ڪرڻ لڳندو. افساني ۾ اخلاقي نماءُ
ڪرڻ يا افسانوي ڪردار جي بـُرن فعلن کي اُڀارڻ-
اُن لاءِ ته افسانوي ڪردار سٺن اخلاقن جي روشنيءَ
۾ پنهنجون اوڻايون ۽ عيب ڏسي- ان کي چئبو آهي
اخلاق جو پڙهو ڏيارڻ يا اخلاق جو ڍنڍورو گهمائڻ.
ڪردار پنهنجي زماني ۽ ماحول جي ريتين رسمن جو
ترجمان هجي. آخر ۾، ڪامياب افسانو اهو آهي، جنهن ۾
بي جان قاعدن ۽ بيٺل سرشتن سان گڏوگڏ سماج جي انڌن
عقيدن ۽ خيالن تي سخت نڪته چيني ۽ پختي راءِ زني
ڪري. اهي آهن هڪ ڪامياب افساني لاءِ منهنجا خيال،
جيڪي مون پنهنجي مطالعي ۽ تجربي مان حاصل ڪيا آهن.
جناب عالي، هن دفعي جيڪي تصويرون ”مهراڻ“ ۾ شايع
ٿيون آهن، سي واقعي شاندار آهن. مهرباني ڪري اڃا
به زياده تاريخي عمارتن جا فوٽا ڏيو.
ڪوئي پکي هوا ۾ ٻولي رهيو آهي- گهڻو ڪري چانڊوڪين
۾ لات لوندو آهي. هتي چڪور ته نه ٿيندا آهن. هي
ڀلا ڪير آهي؟ چنڊ تي فقط چڪور جو ته حق نه آهي!
ڪڏهين ڪڏهين سوچيندي مان منجهي پوندي آهيان ته
چڪور جي محبت چنڊ سان آهي يا چانڊوڪيءَ سان؟ چڱو،
اجازت گهران ٿي . . .
( 2 )
دين محمد لاشاري
”مهراڻ“ جا مٺڙا ۽ محترم ايڊيٽر! گهڻن ڏينهن کان
شوق دامنگير هو ته اوهان کي ”مهراڻ“ جي اجراءَ تي
مبارڪون پيش ڪريان، ليڪن رڳيون رکيون مبارڪون به
موڪلڻ روح ڪونه ٿي ٿيو- ۽ اُن سان گڏ ڪجهه لکڻ جي
فرصت به ڪانه ٿي ملي. اڄ وري جڏهن ”مهراڻ“ جو نئون
(ڇهون) پرچو پهتو اٿم، تڏهن امنگ وري جاڳي اُٿيا
آهن، ۽ دل گهري ٿي ته مبارڪن موڪلڻ سان گڏوگڏ
اوهان سان ڪي ٻه ٽي ڳالهيون به ڪري ڇڏيان، . . . .
. حقيقت ۾ ”مهراڻ“ جي ادبي دنيا ۾ اجراءَ جو علم
مون کي بنهه تڏهن پيو، جڏهن گذريل سال جي سلسلي جي
آخري ۽ چوٿين پرچي جي شايع ٿي وڃڻ جو ذڪر اخبارن ۾
پڙهيم. اُهو پرچو گهرايم؛ پڙهيم؛ نوان درد ۽ ستل
سور جاڳيا؛ هرڻي اڳيئي نچڻي، رهندو پيس گهنڊڻي-
تنهن ته ڪلور ڪري ڇڏيا؛ طبيعت گهڻي جذباتي ۽ رقيق-
مهراڻ جي مواد ته دل جا پڪل چاڪ چڪائي ڇڏيا. دل نه
رهي، گذريل ٽن پرچن جي موڪلڻ لاءِ ادبي بورڊ بڪ
اسٽال کي عريضو موڪليم. قرب ڪري ٽي ئي پرچا موڪليا
ويا. پوءِ جيستائين اُنهن سڀني پرچن کي پڙهي پورو
نه ڪيم؛ تيستائين والله رات جو ننڊ ڪرڻ حرام ٿي
چڪيم. اڄ ”مهراڻ“ جا ڇهه ئي پرچا اڳيان ٽيبل تي
پکيڙي رکيا اٿم. سڀني کي هر هر پيو ٿو پڙهان- هر
ڀيري ”مهراڻ“ جو هر جملو ۽ خيال نئون پيو لڳي.
”مهراڻ“ ڇا آهي؟ سنڌي علم ادب ۾ ”مهراڻ“ جي مقام ۽
قدر و قيمت جو ڪاٿو ڪيئن ڪجي ۽ ڪير ڪري اُن جو
جواب ڪم از ڪم مون کي ته اصل ڪونه ٿو اچي. ”مهراڻ“
جي اهميت بابت ڪنهن حد تائين محترم رسول بخش پليجي
جي هن راءِ جي تائيد به ڪندس ته ”مهراڻ“ سنڌي ادب
۾ سالن جي جمود کي ٽوڙي، هڪ نئين پـُر بهار دور جو
آغاز ڪيو آهي. هاڻي ”مهراڻ“ جنهن نئين بهار جو
آغاز ڪيو آهي، تنهن کي شباب تي پهچائڻ، ۽ ”مهراڻ“
جي محبتين لاءِ ان بهار جا سرها سرها گل ۽ مٺڙا
مٺڙا پڪل ميوا موجود ڪري ڏيڻ ۽ اُن سان گڏ ”مهراڻ“
جي مٺڙي ۽ خوش ذائقه پاڻيءَ سان سندس سڪايلن جي
سڪل لبن کي سائو ڪري، اُنهن جي اندر جي آگ اجهائڻ
به ”مهراڻ“ جي ملاحن جو ئي ڪم آهي- خدا ڪري ته
”مهراڻ“ جي هن نئين بهار جي ڪڍ ستت ئي ڪا نڀاڳي
خزان نه اچي، جو اسان جي هن ننڍڙي ۽ ڪچڙي گلشن جي
ننڍڙن ننڍڙن ۽ معصوم گلڙن کي، جي اسان جي آئينده
اُميدن ۽ خواهشن جا ضامن آهن، ڪچيءَ ۾ ئي ختم نه
ڪري ڇڏي!
منهنجي خيال ۾ ”مهراڻ“ هڪ اهڙي انوکي پيشڪش آهي،
جنهن سنڌي ادب ۾ هڪ بنيادي انقلاب آندو آهي ۽ اُن
بنيادي انقلاب جا پرتوا ۽ ڪرڻا ضرور اسان جي
زندگيءَ تي پئي، ان جي نقش نگار کي اڀاري، ان کي
زياده دلڪش ۽ حسين بنجڻ ۾ مدد ڪندا. ادب جو
زندگيءَ سان گهرو واسطو آهي- کڻي ائين چئجي ته ادب
زندگيءَ جي سرگذشت آهي، جنهن منجهان معاشري جي هر
فرد جي شڪل و صورت ۽ اُن جا خد و خال نهايت صاف ۽
چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪ صحتمند ۽ اصلاحي ادب زندگيءَ
جي سڀني سماجي مرضن لاءِ گهڻيءَ حد تائين هڪ
ڪامياب ترياق جو ڪم ڏئي ٿو، ۽ هيءَ نهايت خوشيءَ
جي ڳالهه آهي، جو ”مهراڻ“ اهڙين مڙني خوبين جو
حامل آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان کي پنهنجي مٺڙي
ٻوليءَ جي آئينده ترقيءَ، ۽ ان معرفت هڪ باوقار
سنڌي سماج جي تعمير جون ڀرپور آسون ۽ اُميدون آهن-
دعا آهي ته شل ”مهراڻ“ جي ”ملاحن“ کي ڪو ڪوسو واءُ
نه لڳي ۽ مٿن ڪا نظر بد نه پوي، جو اسان جون اُهي
نازڪ اُميدون ۽ آسيسون اتي ئي ڪومائجي نه وڃن.
ادا، ”مهراڻ“ ۾ مختصر افساني جي فني لوازمات تي هڪ
نهايت دلچسپ بحث ڇڙي چڪو آهي. منهنجي دل ۾ سـُرڪي
ٿي ته جيڪر اُن بحث ۾ مان به حصو وٺان. شيخ حفيظ
واقعي سچ چيو آهي ته ”مشتر جمال ابڙي هن موضوع تي
بحث ڇيڙي سانيتڪي ۽ بيٺل پاڻيءَ ۾ هڪ قسم جو ڦوڙ
اڇلايو آهي“: شايد اهو ڦوڙ اڃا به هن پاڻيءَ کي
وڌيڪ ڇوليون ڏياري. مسٽر جمال جي دعويٰ آهي، ته
مختصر افساني جا ٻه پهلو ٿي سگهن ٿا: هڪ ماحول،
ٻيو ڪردار. سندس خيال موجب ماحول سٺو هجي يا خراب،
اُن جي ڪا خاص پرواه ڪانهي؛ باقي افساني ۾ ڪردار
ڪنهن به قيمت تي بلند رهي- هو نه ماحول جو شڪار
ٿئي ۽ نه وري حيوانيت مٿس ڪو غلبو ڪري. سندس خيال
موجب افساني ۾ جيڪڏهن ڪردار ڪنهن ٻيءَ طاقت اڳيان
مجبور ٿيو يا ڪنڌ جهڪايائين، ته پوءِ اُهو افسانو
ڪامياب افسانو نه چئبو. اُن جي برعڪس شيخ ”راز“ جو
چوڻ آهي ته اِهي ٻئي مٿيان پهلو مختصر افساني جا
بنيادي پهلو ته نه آهن، باقي ضمني پهلو ضرور آهن.
سندس راءِ مطابق مختصر افساني جو بنيادي پهلو آهي
اُهو نقطه نظر، جنهن کي سامهون رکي افسانو لکيو
ويو هجي. هي آهن سنڌيءَ جي ٻن مايه ناز اديبن جا
ٻه علحدا نظريا. علم ادب ۽ اُن جي فني پهلوئن تي
هن قسم جا بحث نهايت ئي نيڪ فال آهن. اسرندڙ ادب
جي سلسلي ۾ هن قسم جا بحث وڏي هٿي ڏيندا. حقيقت ۾
صحيح ادبي مذاق جو روح اسان ۾ پيدا ئي هاڻي ٿو
ٿئي. مسٽر جمال جي چوڻ موجب واقعي ”هيءُ هڪ
اختلافي مسئلو آهي“؛ ڇو ته زندگيءَ بابت هر ڪنهن
کي پنهنجي پنهنجي تجربي آهر پنهنجو ئي علحده نظريو
آهي؛ تنهنڪري هن موضوع تي بحث ڪرڻ وقت مختلف قسمن
جي نظرين جو پيدا ٿيڻ ڪا عجب جهڙي ڳالهه ڪانهي.
ڀائو جمال ابڙي افساني لکڻ جي ”اسباب“ کي نظرانداز
ڇو ڪيو آهي، سا ڳالهه ته سمجهه ۾ ئي ڪانه ٿي اچي.
جيڪڏهن فقط هيءُ هڪ سوال ئي پڇيو وڃي ته ”اسان
افسانا ڇو ٿا لکون؟“- ته مان سمجهان ٿو ته جيڪر
نهايت اطمينان جوڳو جواب ملي وڃي. ادب، جيئن مون
شروع ۾ ئي عرض ڪيو آهي يا جيئن جديد دور جا اڪثر
اديب به تسليم ڪن ٿا، زندگيءَ جي عڪاسي ۽ ترجماني
ڪرڻ جو هڪ ذريعو يا وسيلو آهي. هاڻي ”اسان افسانو
ڇو ٿا لکون؟“ جو جواب نهايت صاف ۽ پڌري پٽ پيو
آهي، ته افساني لکڻ وقت اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي
زندگيءَ جا تلخ تجربا اڳيان هوندا آهن- ۽ پوءِ
زندگيءَ جون اِهي تلخيون ئي ته آهن، جيڪي اسان کي
مجبور ڪن ٿيون ته اسان مختصر افساني ذريعي، پنهنجي
دکندڙ دل جا دونهان ٻاهر ڪڍون. هيءُ هڪ فطري اصول
آهي، ته انسان کي جڏهن ڪو صدمو پهچي ٿو، ته پوءِ
هو پنهنجن نماڻن نيڻن ذريعي ٻه ٽي گرم لڙڪ هاري،
پنهنجي دل تي پيل بوجي کي هلڪو ڪريو ڇڏي؛ پر جي
قسمت سانگي ڪو ”پشو پاشا“ وانگر خود دار ۽
سورهيه-دل نڪري پيو ۽ لڙڪ هارڻ پنهنجي خودداريءَ
جي خلاف سمجهيائين، ته به اُن درد ۽ صدمي جو ذاتي
طور اظهار ڪم از ڪم ڪنهن ”نازؤ“ جهڙي محرم راز ۽
غمگسار سان ته ڪرڻو ئي پوندس. بس اِهو ئي آهي
افساني لکڻ جو بنيادي سبب.
جڏهن افسانو لکجي ئي ٿو ڪنهن خاص نقطه نظر جي پيش
ڪرڻ لاءِ يا پنهنجن جذباتن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ،
ته پوءِ اِهو ممڪن ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جو ڪردار
ماحول جو شڪار نه ٿين؟ ڪردار ته پيدائش ئي ماحول
جي آهن- پوءِ جهڙو هوندو ماحول، اهڙا ئي پيدا
ٿيندا ڪردار؛ جهڙي هوندي زمين، اهڙي ٿيندي پوک . .
. . . .
ڪردار ماحول جا محتاج آهن، تنهن جي شاهدي ته خود
محترم ابڙي جو هيرو ”پشو“ پاڻ به بيٺو ڏئي- جج جي
سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ ته ”ناحق آهي توسان،
ڦاٿل آهين تون“، يا وڪيل مٿان مڪون الاري، کيس چوڻ
ته ”چريو آهين تون، هيڻو آهين تون، ظلم آهي
توسان“- اهي الفاظ پشوءَ جي اڻ گهڙئي ۽ ”غير مهذب“
سڀاءَ تي ڪافي روشني وجهن ٿا. اِهو رڳو هـِن ڪري
آهي، جو هن هڪ اهڙي خطي ۾ پرورش پاتي آهي، جنهن جي
اڻ گهڙئي ماحول هن کي به ”اڻ گهڙيو ڪاٺ“ بڻائي
ڇڏيو آهي. ”پشوءَ“ جا هن قسم جا جملا ۽ الفاظ ڪو
سندس خودداري ڪونه ٿا ڏيکارين، ليڪن جنهن ”جاهل“ ۽
”اڻ سڌريل“ ماحول ۾ هو رهيو ۽ پليو آهي، تنهن هن
کي ”مجبور“ ڪري هن نموني سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ
سيکاريو آهي . . . . . ڀلا ادا، اِها تمنا ڪير نٿو
رکي ته اسان وٽ شال پشوءَ جهڙا هزارين خوددار ۽
سورهيه پيدا ٿين! . . . . پر هو ته ”بلو دادا“ ۽
”شيدوءَ“ کان به وڌيڪ ماحول جو شڪار ٿيو آهي! ”بلو
دادا“ ته ڪنهن حد تائين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئي
ٿو- پوءِ سندس حصول مقصد جي طريقي کي ڇو نه
داداگيري ئي سمجهيو وڃي: اهڙيءَ طرح ”شيدو“ ته
هونئن به ڌاڙيل آهي ۽ هـُن ڪافي ڌاڙا هڻي پنهنجا
انتقام چڪايا ۽ پنهنجي تتل دل ٺاري- خواري ته منڍ
۾ ئي کنئي اٿس: ليڪن ويچارو ”پشو“ معصوم جو معصوم
ئي رهجي ويو- هو نه پاڻ ڪامياب ٿيو، نه سندس
تحريڪ. مٿس ڪيس هلائي، کيس ڦاسيءَ جي سزا ڏني وڃي
ٿي- سندس ڦاسي سچ پچ عمل ۾ اچي ٿي الائي نه، اِها
ڳالهه ته صاف ئي ڪانهي، پر هُن جي سزا جي اعلان
کان پوءِ، سندس ساٿي گوڙ گهمسان ڪري جنن وانگر هوا
۾ تحليل ٿي وڃن ٿا- پوءِ جو سندن پتو ئي ڪونه ٿو
لڳي ته ”پشو“ ڪاڏي ويو، سندس ساٿي ڪاڏي ويا ۽ سندس
تحريڪ جو ڇا ٿيو؟ ڪجهه به نه، رڳو مايوسي ۽
دلشڪستگي!
برادرم جمال جا هي جذبات ته ”مان ڀانيان ٿو ته
انسان کي رحم جوڳو ٿيڻ ئي نه کپي. اها انسان جي
توهين آهي، انسانيت جي توهين آهي. انسان نهايت
بلند ۽ بالا آهي. هو ويچارو ۽ ڪين جهڙو نه آهي.
مفلسي کيس ماري نه ٿي سگهي“- نهايت قابل قدر آهن.
هن نوجوان اديب جي دل ۾ انسانيت لاءِ جنهن گهريءَ
همدرديءَ جو احساس آهي، تنهن جي تعريف نه ڪرڻ ڪور
چشمي ٿيندي. اسان جي دعا آهي ته شل سنڌ جو ٻچو ٻچو
”جمال“ بڻجي پوي. ادا سائين، ڪهڙي نڀاڳي جي دل
ائين نه گهرندي ته ”انسانيت“ تي ”حيوانيت“ جو غلبو
نه رهي؟ ڪهڙو چنڊو هيءَ خواهش نه ڪندو ته حيوانيت
جا قلعا اُڏائي انسانيت کي قيد مان آزاد ڪجي ۽ اُن
کي جرڪائجي؟ ڪير نه گهرندو ته انسانيت جي اندر مان
حيوانيت کي تڙي، هڪالي، اُن جي بجاءِ اُن کي مِٺ
محبت، قرب ۽ مزي سان ڀري ڇڏجي؟ اِنهن تمنائن ۽
آرزوئن رکڻ ۾ جمال ابڙو اڪيلو نه آهي، پر ساڻس
اُهي سڀ افراد شامل آهن، جيڪي ”انسانيت“ جو قدر
سڃاڻن ۽ ڄاڻن ٿا، پر مصيبت هيءَ آهي ته اُن پراڻي
۽ جهوني مرض جو علاج ڪجي ڪيئن؟ علاج ڪرڻ لاءِ هڪ
”پشو“ ته ٺهيو، هزارين ٻيا ”پشو“ به ميدان عمل ۾
اچي سگهن ٿا، فقط مرض جو بنياد ڪنهن کان لڀي. هتي
”پشو“ ته فقط جذباتي زور تي هڪلجي اچي ٿو. اسان کي
هن قسم جا مصنوعي ۽ جذباتي ”پشو“ نه گهرجن. اسان
کي سنجيده ۽ اصل ”پشو“ گهرجن، جيڪي موجوده سماج جي
هن فرسوده ۽ باطل نظام کي، جيڪو ورهين کان وٺي
اسان مٿان پنهنجي پراگنده ماحول کي حاوي رکندو آيو
آهي، جيڪو بيوس ۽ مجبور انسانن کي پنهنجي ظالم هٿن
سان ڪُهائيندو ۽ مارائيندو آيو آهي، تنهن جي
بنيادن ۾ هٿ وجهي تيستائين ان کي لوڏين جيستائين
سندس غريبن جي خون سان ڳاڙهي ٿيل ماڙي ڦهڪو ڪري پٽ
تي نه ڪري آهي. اسان کي پنهنجي سماج جي تعمير نئين
سر ڪرڻي پوندي. اڳوڻي سموري نظام جي ڪوڙن بتن کي
پاش پاش ڪرڻو پوندو. هڪ بنيادي ۽ ذهني انقلاب آڻڻو
پوندو. تڏهن ئي اسان جا ڪردار ماحول مٿان قبضو
حاصل ڪري سگهندا. تڏهن ئي انسانيت آويءَ مان نڪري
جرڪڻ لڳندي. تڏهن ئي اسان جا ڪردار ٻليءَ واري ميڪ
ميڪ ڇڏي شير واريون گجگوڙيون ڪندا. نه ته هونئن ته
ڀائو، هر روز پنهنجين هنن گنهگار اکين سان ويٺا
ڏسون، ته انسانن ويچارن کي مفلسي زوران زور گهٽا
ڏيئي ماري ڇڏي ٿي؛ انسان ويچارو اڃا ته ”مجبور“ ۽
”ڪين جهڙو“ آهي؛ ”انسانيت“ اڃا ته نسوري ناحق ۾
آهي، ڏٺي وائٺي سڪرات ۾ آهي، هوءَ ته ويچاري اڃا
ته واقعي ويچاري ۽ ڪمزور آهي، اڃا ته رت جا ڳوڙها
وهائي پيئي روئي؛ ”حيوانيت“ اڃا ته ڏند شيڪيندي ۽
کلندي رهي ٿي. اهو سڀ ته اسان جي رومزه جو مشاهدو
آهي انهن تلخ حقيقتن کان انڪار اڄ ڪهڙو خوش فهم
انسان ڪري ٿو سگهي؟
دادا، هيءَ ڳالهه به ٻڌي ڇڏ ته حيوانيت ”سيٺ“،
”وڏيري“ ڌڱاڻي ”خان“، ۽ ”رئيس“ گامڻ خان جي بنهه
زر خريد ٻانهي آهي- اُنهن جي ئي در جي پاليل ڪُتي
آهي- کين فقط بڇ ڪرڻ جي دير آهي: پوءِ ڏس ته ڪيئن
نه ”انسانيت“ جي پڙيءَ کي اُها ڇتي ڪتي ڦاڙي چيري،
ليڙون ليڙون ڪري پنهنجن مالڪن اڳيان هيچ ڪري ٿي
ڏيکاري! پوءِ ڏس ته ڪيئن نه اُهي ”انسانيت“ جي هن
بيوس ۽ مجبور ”ذلت“ تي وڏا وڏا ٽهڪ ٿا ڏين! ماحول
اِنهن انسان دشمنن ۽ انسان نُما ديوسن جو غلام
آهي. هو اُنهن جي اشارن تي ڇير وجهي نچندو آهي. هو
اُنهن جي حڪم ته ڇتو ٿي محبوس ”انسانيت“ تي حملا
ڪندو آهي، اُن کي چيري ڦاڙي پنهنجي ناڪام فتح تي
بيهي پنهنجن مالڪن اڳيان ڏند شيڪيندو آهي ۽
شينگريو آهي. پوءِ ڀلا اڃان به اِنهن معتبرن ۽
وڏ-پيٽن کي اسين کَر (Vilains)
نه سمجهون؟ ۽ اڃان به ”انسانيت“ ويچاريءَ تي رحم ۽
قياس نه ڪريون، ته ڇا ڪريون؟ بهرحال جيستائين اسان
جو موجوده معاشرتي نظام پنهنجي ساڳيءَ شڪل ۾ موجود
آهي ۽ جيستائين اُن نظام ۾ بنيادي ۽ انقلابي
تبديلي نه آئي آهي، تيستائين ڪردار تي ماحول جو
مقدم رهڻ هڪ ازلي امر آهي- ۽ ان صورتحال کي هڪ پشو
ته ٺهيو، پر هزارين ٻيا پشو به بدلائي نه ٿا سگهن.
وري جيستائين ماحول ڪردارن تي مقدم آهي، ”انسانيت“
جو ”حيوانيت“ جي قيد ۾ رهڻ به هڪ لازمي امر آهي.
جيستائين ائين ٿئي، تيستائين جيڪڏهن اسان ”بلو
دادا“، ”شيدو ڌاڙيل“ ۽ ”انڌير ننگري“ جي اصطلاحن ۾
پنهنجن مجبورين کي دنيا اڳيان پيش ڪيو- اُنهن کي
جيڪڏهن پنهنجي حالت زار کان واقف ڪرڻ لاءِ ان
طريقي سان متوجه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ظالمن جا پردا
جيڪڏهن اِن نموني سان فاش ڪرڻ جي اسان ڪوشش ڪئي،
ته ان ۾ آخر عيب ڪهڙو؟ اِن ۾ ته نه بزدلي آهي ۽ نه
احساس ڪمتري. اهو ته هڪ طريقو آهي ظالمن کي خوار
خراب ڪرڻ جو۽ مجبور ”انسانيت“ لاءِ همدرديءَ جي
احساس جاڳائڻ جو. بيوس مظلوم کي ته آخر بيوس مظلوم
ئي ڪري پيش ڪبو. پشو مظلوم هوندي به جارحانه
ڪارروائي ڪرڻ گهري ٿو ۽ سندس اِن جارحانه عمل سبب
اُها خودداري ۽ بلند حوصلگي جيڪا فطرتي طرح هُن جي
ذات ۾ معلوم پيئي ٿئي، تنهن کان نهايت قابليت سان
ڪم ورتو ويو آهي ته جيئن پشوءَ کي هڪ بيوس ۽ مظلوم
جي ڪردار، ڏيکارڻ کان پاڻ بچائي سگهجي. پر حقيقت
ته لڪي ڪين سگهندي: پشو ويچارو هڪ مظلوم آهي ۽ ڏٺو
وائٺو مظلوم. جيڪڏهن هو مظلوم نه هجي ها، ته پوءِ
سڄيءَ دنيا خلاف سندس صف آرائي بيهڻ جو مقصد ڇا؟
حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ جو مقصد ڇا؟ ڀلا هڪ همه گير
۽ انقلابي تحريڪ اُٿاري باقاعده فوج ڪٺي ڪرڻ جو
مقصد ڇا؟ حقيقت ۾ اِهي سڀ مقصد فقط هڪ اُصول خاطر
هئا، ۽ ان حصول جي منزل هئي انصاف- ڇا جو انصاف؟
انصاف اُن ظلم جو، جيڪو سماج، پشو ۽ پشوءَ جهڙن
ٻين مظلومن تي ڪيو هو. اوهان ئي هاڻي منصف ٿيو ته
پشو غريب مظلوم آهي يا نه؟
پشو پنهنجي انصاف حاصل ڪرڻ خاطر جيڪو طريقو اختيار
ڪري ٿو، سوغير قدرتي ۽ غير معمولي آهي، جنهن ڪري
سماج هُن ۽ سندس ساٿين سان همدردي ڪرڻ بجاءِ انهن
کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي مظلوم سمجهڻ
بدران ظالم ۽ باغي سمجهي ٿو. پشوءَ جو ڪردار پاڻ
سان ٿيل ظلم جي نه تلافي ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري
پنهنجي خودداريءَ ۽ بي باڪيءَ جو ڪو ڪامياب جوهر
ڏيکاري ٿو سگهي: مظلومن جي قوم ۾ جنهن ٿوري گهڻي
جذبي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، سو جذبو به هاڻي
هڪ معمولي خوش فهمي ۽ ٻاراڻي دلاسي کان وڌيڪ ڪا به
اهميت ڪانه ٿو رکي. پر جڏهن محترم جمال جون
اُميدون برثواب ٿينديون، سندس خواب شرمندهء تعبير
ٿيندو ۽ ڪردار ماحول تي قبضو ڪندا ۽ ”حيوانيت“
کلندي کلندي وڃي کڏ ۾ ڪرندي. انسانيت روئندي
روئندي اوجل ٿي ويندي“، تڏهن نه ’بلو دادا‘ ۽
’شيدو ڌاڙيل‘ لکڻ جي ضرورت پوندي ۽ نه وري پشوءَ
جي ڪردار پيدا ڪرڻ جي- پوءِ افسانن جي ’افسانوي‘
دنيا ئي ختم ٿي ويئي.
ادا! اوهان جي سمع خراشي تي ڪافي ڪئي اٿم، ليڪن
باقي هڪڙي ٿورڙي ڳالهه ڪري بس ٿو ڪريان- سا هيءَ،
ته اوهان جي هن نئين پرچي ۾ اسان جي دوست ’برده
سنڌي‘ جو سرائڪيءَ ۾ لکيل افسانو ”انڌير نگري“ مون
کي ڏاڍو پسند آيو. مان اڄ ڏينهن تائين جيڪي به
افسانا پڙهيا آهن، تن سڀني کان هي افسانو شايد
بهترين افسانو هجي. هن افساني جي خاص خوبي اها آهي
ته جيتوڻيڪ اهو مختصر ۾ مختصر افسانو آهي، پر تنهن
هوندي به هن جي پڙهڻ سان جيڪو تاثر پيدا ٿئي ٿو،
سو طول طويل ۽ ڊگهن افسانن ۾ پيدا ٿيندو نه ڏٺو
اٿم. قابل اديب ڄڻ ڪوزي ۾ سمنڊ بند ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ سندس طرز تحرير ۾ بلا جي طنز آهي، پر
پڙهندي چپن تي مرڪ سان گڏ اندر ۾ چڪ ۽ چير پيا
پون، ۽ اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا. پنهنجي افساني جو
عنوان ”انڌير نگري“ چونڊي اسان جي قابل اديب
پنهنجي حسن انتخاب جو بهترين ثبوت پيش ڪيو آهي. ان
کان وڌيڪ شايد ٻيو ڪو به موزون عنوان ملڻ محال بلڪ
ناممڪن هو. غريب حجم هڪ مزور ۽ ڪاسبي ماڻهو آهي-
سندس چوري ٿي وڃي ٿي، پر ان هوندي به هو پوليس ۾
فرياد ڪرڻ هرگز نٿو گهري؛ هُن کي خبر آهي ته پوليس
ڪيئن ته چرلو گهمائي ڀاڳين کي چور ۽ چورن کي ڀاڳيا
بنائي ڇڏيندي آهي. پوليس جي اهڙين ڪرامتن جي ته
هُن غريب کي اڳ ۾ ئي خبر آهي؛ پر ڇا ڪري، رئيس
گامڻ خان جو چيو ڪيئن نه مڃي- رئيس جو ٿيو ۽ ڳوٺ
جو بي تاج بادشاهه- پوءِ غريب حجم جي مجبوري ۽
بيوسي ڪهڙن نه سهڻن لفظن ۾ ظاهر ڪئي ويئي آهي-
”ٿيوي حجم، تي رئيسان دا آکڻ نه مَنّي!“ دانهن ڏيڻ
کان پوءِ اُهو ئي نتيجو نڪري ٿو، جنهن جو غريب حجم
کي نه رڳو کٽڪو، پر يقين هو. ڀلا اِن کان وڌيڪ ٻي
انڌير نگري ڪهڙي چئبي، جو چوري به اُن غريب جي
ٿئي، ته وري ڏاڙهي به اُن جي پٽجي! لک شابسون ته
رئيس گلڻ خان کي ڏجن- چي، ”سائين حجم ڪون ايوين نه
ڏيک، سکيا سهنجا هيئي؛ ڀيڻسان ڪلهه فجر ڪنون پيڇي
سر کا ڳيا ها؛ آکي ’تون صوبيدار صاحب ڪني رليج
ڄُل‘- ميڏا ڪجهه نه وڃي، سائين! تون ڄاڻ تيڏي
مرضي!“ سچ پچ جيستائين اهڙا رذيل ۽ ذليل رئيس ۽
وڏيرا اسان جي سماج مٿان قابض رهندا، تيستائين
اسان جو سماج سڌري، سو ناممڪن. ڀلا اِهو ڪيئن ٿي
سگهي ٿو، جو بگهڙ رڍن جي واهت ڪن. هر ڪنهن ملڪ ۾
پوليس قانون جهڙيءَ پاڪ شي جي حفاظت لاءِ مخصوص
هوندي آهي، پر هتي اسان جي ملڪ ۾ قانون جي حفاظت
ڪندي سورمن جا اجهو اِهي حال آهن: ”اهن حرامي ڪون
’ساري رات سمهڻ‘ دي ڏوه وچ
چالان ڪر،“ ’هٿ جي هڻڻ‘ سنڌيءَ ۾ هڪ مشهور چوڻي
آهي، ۽ ان چوڻيءَ کي سنڌ جي صوبيدار صاحب جي مٿئين
حڪم ۾ نهايت ڪاميابيءَ سان نباهيو ويو آهي. ”چور
ڇٽو وڃي، ڀاڳيو ٻَـڌو وڃي“- اهو اسان جي پوليس جي
ڏائي هٿ جو هڪ معمولي کيل آهي. پوليس جو هڪ معمولي
منشي يا سپاهي به صوبيدار صاحبن کان ڪو گهٽ ڪونهي-
هتي سندن عياريءَ جي حد ٿي وڃي ٿي: ”صوبيدار تي
ڪَوَڙيسي، پر هُڻ ايوين ڪر- اِها پڳ اَئون جُتي
لاهه رک اِٿان- تون ڀڄ وڃ اِٿون. جهٽ ڪر، متان ڪو
ڏيک نه گهنئي. ڪِيا ياد ڪريسين حرامي، هووَئي
ٿورا!“ واه جو احسان ڪيائينس! شايد غريب حجم پوليس
واري جي انهيءَ احسان کي مرندي گهڙيءَ تائين نه
وساري، پر اسان جي محترم لکندڙ جنهن خوبيءَ سان
سماج جي هنن دستوري سياهه ڪارين ۽ ان جي ههڙين
روزمره جي بدمعاشين تان پردو کنيو آهي، سو قابل
تعريف آهي. جيڪڏهن اسان جي اديبن سماج اندر ٿيندڙ
خرابين ۽ ظلمن جي اهڙيءَ طرح جانچ پڙتال ڪرڻ شروع
ڪئي، ته پوءِ اهي ڏينهن پري ڪونهن، جڏهن اِهي سنڌ
جا ’صوبيدار بهادر‘ ۽ ’رئيس گامڻ خان‘ جن وڃي ڳاٽن
ڀر ڪرندا.
( 3 )
محمد دائود بلوچ
- ڀاءُ ايڊيٽر، ”مهراڻ جي ٻئي سال جو ٻيو پرچو هٿن
۾ آهي، ڇا پڙهي ڇا پڙهان- بيت پڙهان يا غزل، گيت
پڙهان يا ڪافيون، نظم پڙهان يا نيون طرزون، افسانا
پڙهان يا مضمون....!
ادا، ”مهراڻ“ هٿن ۾ کڻڻ سان منجهي پوندو آهيان: ڄڻ
اجهاڳ سمنڊ ۾ وڃي پوندو آهيان. ”مهراڻ“ جي تعريف
ڪهڙن لفظن سان ڪريان! شل ”مهراڻ“ هميشه موجن ۾ هجي
۽ اسين هميشه منجهس تڙڳندا رهون. ”مهراڻ“ مان
جيڪڏهين ڪو موتين بدران صرف پٿريون ئي ڪڍندو ته
اها ان جي ڀل آهي. ها، جيڪڏهن گهڻن موتين ۾ ڪا
هڪڙي اڌ پٿري نڪتي، ته ان ۾ موتين جو قدر ڪو گهٽ
ته ڪين ٿيو! اول، هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان-
خبر نه آهي ته توهان مون سان شامل آهيو يا نه!
ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا گهڻا شاعر اڳتي قدم نٿا
وڌائين. ڪي اَنڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر آهن، جي ستل
دلين کي، ننڊ وارين اکين کي، ڪجهه سجاڳ ڪرڻ لاءِ
همتائي رهيا آهن. ٻيا دوست ته وري ”زلفن جي دام“
۾؛ ”شرابخانن“ ۾ گرفتار آهن، جتان خبر ناهي ته
ڪڏهين نڪرندا، يا اصل نڪرندا ئي ڪون! افسوس اٿم جو
”تنوير“ ۽ ”اياز“ به هن دفعي اهڙا گيت نه چيا آهن،
جي ستل دلين کي سجاڳ ڪن، قوم ۾ قوميت آڻين- شايد
اهي ٻئي ”باغي“ به وڃي زلفن جي ور وڪڙن ۾ ڦاٿا
آهن- نه ته اڳئين پرچي ۾ ”تنوير“ جو ”موهن جو دڙو“
۽ ”ديپڪ“، ”اياز“ جو ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ....“ جنهن ۾
سنڌڙيءَ کي مخاطب ٿي چوي ٿو:
”جيئون تنهنجي جند سان، مرون توسان ماءَ،
ڳوڙها ڳاڙ مَ ”سنڌڙي“، وري ورندو واءُ،
ڄرڪن پيون جندڙيون، تن آهي تاءُ،
لونءَ لونءَ منجهه لڳاءُ، سڀ کي آ ساڻيهه جو“-
ڪهڙا نه دل ڏاريندڙ هئا!
ادل، هينئر شاعرن کي عرض آهي ته عوام کي ميخانن ۽ زلفن
جي ور وڪڙن ۾ گرفتار نه ڪن، بلڪ عوام کي اڳتي قدم
کڻڻ لاءِ آماده ڪن- جنهن جي هينئر عوام کي ضرورت
آهي: اُهي گيت ڳائين، جي عوام جي ترجماني ڪن ۽
عوام کي نئين زندگي بخشين. توهان ڏسندا ته مان
هڪڙو نه آهيان، جو ائين چوڻ لاءِ مجبور ٿيان ٿو،
مگر منهنجي خيال ۾ توهان وٽ جيڪي به خط پهچندا
هوندا، انهن سڀني ۾ اهو ذڪر ضرور هوندو. مگر خبر
ناهي، ڇو توهان اڃا انهيءَ طرف ڌيان نٿا ڏيو! شايد
توهان خود زلف جي زنجيرن مان اڃا نه نڪتا آهيو!
گوورڌن محبوباڻيءَ جو ”ڪاري“ افسانو نه آهي بلڪ هڪ
حقيقت سمجهڻ گهرجي. وڏيرا – شاهي جي ڪڌن ڪرتوتن
ڪري ڪيتريون نه مکڙيون مرجهائجي ويون آهن! انهن
مان ”پٺاڻي“ به هڪ آهي. ڪيئن نه وڏيرو پنهنجي ڪيل
ڪمن تي ”ڏندڙا ٽيڙي“ چوي ٿو ته ”مون ته خسيس چرچو
ڪيو آهي“. هن جي خسيس چرچي ڪري ڪيئن نه هڪ انسان
جي حياتي ختم ٿي- ڪيئن هڪ مکڙي مرجهائجي ويئي! ادا
حفيظ جو ”۽ مکڙي مرجهائجي ويئي“ ڪهڙو نه دل
ڏاريندڙ آهي- ”اي هل! هڪڙو قبرستان جو . . . . آهي
ڪو هڪڙو قبرستان جو . . . . پون . . . . پون . . .
. پپئون . . . . . پون“- سماج جي ههڙي ڀيانڪ
تصوير! سراج الحق جو، ”ديوتا ۽ انسان“ لاجواب آهي.
جيڪڏهين اسان جا ٻيا دوست ان طرح ديوتائن جا پول
پڌرا ڪن، ته پوءِ انسان ۽ ديوتائن ۾ فرق باقي نه
رهندو، ۽ انسان ۽ ديوتائن جو درجو ترت ئي چڙهي لهي
اچي هڪ جهڙو ٿيندو. حقيقت آهي ته ”ديوتائن“ جي
محلن جي پيڙهه غريبن جي جهوپڙين تي ئي اڏيل آهي:
پوءِ جيستائين غريب سجاڳ نه ٿيا آهن، تيستائين
ديوتا سندن ئي ڪماين تي پيا مچندا ۽ متارا ٿيندا؛
جڏهين عوام ۾ سجاڳي اچي ٿي ۽ عوام بيدار ٿئي ٿو،
تڏهن ديوتا دانهون ڪندا هيٺ اچي ڪرن ٿا. ”پنهور“
جو ”زن طلاق“ وڏيرا شاهي ظلمن جي پڌري تصوير آهي.
اميد آهي ته عوام کي اڄ نه سڀان ضرور سمجهه ايندي-
پوءِ هو وڏيرن جي وڏيرپ کي ضرور سندس اصلي صورت ۾
سڃاڻي ويندا.
آخر ڳالهه، ته ”مڪلي نامه“، جو پارسي ۾ آهي، ان مان هڪ اکر به
سمجهه ۾ نه آيو، اهو جيڪڏهين ترجمو ڪري پيش ڪيو
وڃي ها، ته وڌيڪ چڱو هو . . . . . . . . . . .
سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا
- ”پر اِهو قداور شخص ڪير آهي، جو سڌو هيڏي
ڪاهيندو اچي، ۽ جنهن جو مٿو آسمان ۾ آهي ۽ پير
زمين تي آهن؟ هن جو بدن مضبوط ٿو ڏسجي، هن جي منهن
۾ مڻيا ٿي ڏسجي، ۽ هن جي دل ۾ آرام ٿو ڏسجي.
جيتوڻيڪ واٽ هلندي هُن کي گهڻيون ئي اٽڪون اچن
ٿيون، تڏهن به هُن جي اُنهن تي نظر ئي ڪانهي.
آسمان ۽ زمين هُن کي روڪين ٿا ته به هو جهلڻ جو
ناهي، هليو اچي؛ هن جي اڳيان جبل جهڪندا وڃن ۽
سمنڊ سُڪندا وڃن، رستي ۾ شينهن اچي ٿو، ته به هُن
کي پرواه ڪانهي؛ چيٽي جا چٽ ڏسي، هن کي ڪو به ڊپ
ڪونه ٿو ٿئي؛ وڏن وڏن ڪٽڪن مان هو ڪاهيندو هليو
اچي؛ موتمار آفتون هو هٿن سان ٽاريندو پاسي ڪندو
اچي؛ هن جي پٺن تي طوفان پيا لڳن، ته به هن کي
لوڏي نٿا سگهن؛ هُن جي مٿي تي مينهن پيا وسن ۽
گوڙيون پيون ٿين، ته به هُن کي پرواهه ئي ڪانهي؛
کوڻ جي چمڪاٽ ڪري پاڻ هُن جي مُنهن جو نور پيو
معلوم ٿئي: اِنهيءَ جو نالو ”اولوالعزمي“ يعني
”پڪو ارادو“ اٿئي.
هو زمين جي تمام پرانهينءَ ڪنڊ کان هليو آهي. هو خوشيءَ
۽ نيڪ بختيءَ کي پري کان ڏسندو اچي. قطب کان به
پري اُنهيءَ جو مڪان آهي، ته به هُن جي اک اُنهيءَ
تي پوندي اچي. هو اوستائين وڃي پهچي ٿو، ۽ اُنهيءَ
مڪان جي اندر گهڙي وڃي ٿو ۽ هميشه تائين اُتي رهي
ٿو.“-
]مرزا
قليچ بيگ مرحوم جي تصنيف ”تهذيب اخلاق“ مان ورتل؛
ص ص 78 ۽ 79: چونڊيندڙ- دين محمد لاشاري، ڀنگو
بهڻ.[
- ”پڙهڻ مان جهڙي خوشي ۽ خرمي حاصل ٿئي ٿي، تهڙي
عزت ۽ زينت، تهڙي چالاڪي ۽ هوشياري. اُن مان خوشي
۽ خرمي خانگي هلت ۾ حاصل ٿي ٿئي؛ عزت ۽ زينت گفتگو
۾؛ چالاڪي ۽ هوشياري انصاف ڪرڻ ۽ ڪم جي استعمال ۾-
ڇاڪاڻ جو چالاڪ ماڻهو ڪو به ڪم چڱيءَ طرح ڪري
سگهندا ۽ شايد ذري جو انصاف به ڪري سگهندا.“
]مرزا
قليچ بيگ: شري ميلها رام منگترام واسواڻيءَ جي
ڇپايل ڪتاب ”گلستان“ تان ورتل. چونڊيندڙ: موتيرام
سونيجي، بمبئي.[
- ”تاريخ پڙهڻ ڪري ماڻهو ڏاهو ٿئي ٿو. شعرن پڙهڻ
ڪري ماڻهو خيالي ۽ سمجهو ٿئي ٿو. هندسه ۽ حسابي ڪم
سکڻ ڪري ماڻهو پورو ۽ قابل ٿئي ٿو. علم طبعيءَ
پڙهڻ ڪري ماڻهو ڪامل۽ اونهي خيال وارو ٿئي ٿو.
فلسفي ۽ حڪمت پڙهڻ ڪري ماڻهو گنڀير، سنجيندو ۽
شَڪوه مند ٿئي ٿو. منطق ۽ معاني پڙهڻ ڪري ماڻهو
بحث ڪرڻ ۾ چالاڪ ۽ هوشيار ٿئي ٿو. مطلب ته انسان
جي عقل ۾ ڪهڙو به خلل يا خرابي هوندي، ته به هڪڙي
نه ٻئي علم جي پڙهڻ سان ان کي برطرف ڪري سگهجي ٿو
– جهڙيءَ بدن جي مرضن کي هڪڙيءَ نه ٻيءَ ورزش ۽
استعمال سان دور ڪري سگهجي ٿو.“
]مرزا قليچ بيگ. شري ميلها رام منگترام واسواڻيءَ جي ڇپايل ڪتاب
” گلستان“ تان ورتل. چونڊيندڙ: موتيرام سونيجي،
بمبئي.[
- ”هلڪي ۽ گهُٽيل هير جي اثر هيٺ سڄو سمنڊ لڏيو پئي ۽
ننڍين ڇولين ۾ ويڙهجي ٿي ويو. سورج جا ترورا موٽ
کائي اکين اڳيان اونده آڻيندڙ روشني اڇلي رهيا
هئا. سمنڊ نيري آسمان ڏي نهاري هزارين چانديءَ
جهڙيون مشڪون مشڪي رهيو هو. آسمان ۽ سمنڊ جي وچ ۾
شرط پڄائيندڙ لهرون مٺو آواز ڦهلائي رهيون هيون.
ڇولين جا ٿاڦوڙا ۽ سج جو چلڪاٽ مڌرتا سان هڪ ٻئي ۾
سمائجي ٿي ويا. سورج آنند ۾ هو، ۽ سمنڊ بود ۾ نٿي
سمايو. هوا لاڏ ڪوڏ سان سمنڊ جي ريشمي ڇاتيءَ تي
هلڪيون ٿڦڪيون هڻي رهي هئي، ۽ سمنڊ لوليءَ جي اثر
هيٺ ننڊاکڙيون سرد آهون ڀري رهيو هو. وايو منڊل
گرم، هوا سلوڻي ۽ سڳنڌ ڀري هئي. سائيريون ڇوليون
پيلي ساحل سان ٽڪرجي سفيد گجي ڦهلائي واپس موٽي ٿي
ويون. گجي تتل ريتيءَ کي چمي، هڪ سرد شوڪارو ڀري،
پگهرجي ٿي وئي، ۽ ريتيءَ کي آلو ڇڏي ٿي وئي.“
]ڪيرت
ٻاٻاڻيءَ جي ترجمي ڪيل ڪتاب ”مالوا“، ص. 21، تان
ورتل؛ اصل مصنف مئڪزم گورڪي: چونڊيندڙ: مينڌري. ع
. سعادتي.[
”دنيا ۾ هر انسان – خواهه مرد هجي يا عورت، پوڙهو
هجي يا جوان، عالم هجي يا جاهل – حياتيءَ جي بقا
جو خيال ٿو رکي، ۽ قوت قائم رکڻ لاءِ کاڌو ٿو
کائي، پنهنجي جسم کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙا ٿو پهري،
پنهنجي آرام ۽ آسائش لاءِ مڪان ٿو جوڙائي؛ جيڪڏهين
خدانخواسته بيمار ٿو ٿئي، ته فوراً علاج جو
بندوبست ٿو رکي: مطلب ته هو هر ڪنهن گهٽ ۾ گهٽ
تڪليف جي دفعي ڪرڻ لاٰءِ قسم قسم جون تدبيرون ۽
تجويزون ٿو اختيار ڪري. هن جو صرف هي مقصد آهي ته
هن جي عزيز زندگي قائم رهي، جو اها کيس سڀ کان
وڌيڪ پياري چيز آهي. پر افسوس، جو اهڙيءَ چيز ڏي
سندس مطلق خيال نٿو ٿئي، جا زندگيءَ لاءِ ضروري
آهي – اها چيز اهي ڪفات شعاري!“
]آغا
تاج محمد خان جي ڪتاب ”ڪفايت شعاري“ جي صفحي 1 ۽ 2
تان ورتل. چونڊيندڙ: ماستر محمد قاسم ”شاد“، ڪڇي
قادر قادر ڏنو شاهه، تعلقو گوني.[
سنڌي ٻوليءَ جا مسئَلا
ڪراچي يونيورسٽي، ۽ سنڌي ٻولي
تازو ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان سنڌيءَ کي امتحاني ٻوليءَ جي
حقن کان محروم ڪري ڇڏڻ جا احڪام جاري ڪيا
ويا. سندن ان نفرت جوڳي فيصلي خلاف، ڪراچيءَ
جي سنڌي شاگردن يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جي سامهون
هڪ مدلل ۽ قابل قدر يادداشت پيش ڪئي هئي. هت
اها يادداشت ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن لاءِ پيش
ڪري رهيا آهيون. |
- جناب عالي، اسان ڪراچيءَ جي ايس . ايم . ڪاليج، ڊي . جي.
سائنس ڪاليج، اسلاميه ڪاليج، اين . اي . ڊي .
انجنيئرنگ ڪاليج، گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج، ڊو ميڊيڪل
ڪاليج، ۽ ايس . ايم. لا ڪاليج جا ٽن هزارن کان
وڌيڪ سنڌي شاگرد، 4 سيپٽمبر1956ع تي، سنڌي شاگردن
جي هڪ عام جلسي ۾ پاس ٿيل پنهنجو هيٺيون ٺهراءُ،
يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جي ويچار لاءِ عرض رکون ٿا،
جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ سنڌيءَ کي، هميشه وانگر
آئنده به، يونيورسٽي امتحانن ۾ جوابن لکڻ جي ذريعي
طور قائم رکڻ جو مطالبو ڪيل آهي.
” سنڌي زبان کي به، انگريزي ۽ اردو زبانن وانگر،
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ امتحاني زبان جي حيثيت ۾
برقرار رکيو وڃي.
” آئنده، يونيورسٽي امتحانن ۾ سوالن جا پرچا،
انگريزي ۽ اردو ترجمي سان گڏ سنڌي ترجمي سان به
ڏنا وڃن.
” سنڌي زبان ۾ ڏنل جوابن جون ڪاپيون، فقط انهن
ممتحنن کي ئي ڏسڻ لاءِ ڏنيون وڃن، جي سنڌي زبان
کان چڱيءَ طرح واقف هجن.
” ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٻين سڀني ملڪي ۽ غير ملڪي
زبانن لاءِ قائم ٿيل شعبن سان گڏ، سنڌي زبان ۽ ادب
لاءِ به هڪ جدا شعبو قائم ڪيو وڃي.“
اسان، ڪراچيءَ جي اٽڪل پنج هزار شاگردن جو هڪ
احتجاجي جلوس وٺي، 9 سيپٽمبر 1956ع تي، ڪراچي
يونيورسٽيءَ ٻاهران پهچي، انهن سڀني ساٿين جي
نمائندن جي حيثيت ۾، اوهان اڳيان مٿيون ٺهراءُ عرض
رکيوسين؛ مٿئين ٺهراءَ ڏانهن اوهان جي ذاتي توجهه
۽ ذاتي دلچسپيءَ لاءِ گذارش ڪري، وڌيڪ اهو به عرض
ڪيوسين ته اوهان مهرباني ڪري يونيورسٽي سنڊيڪيٽ کي
به اسان جي هنن واجبي مطالبن تي همدرديءَ سان غور
ڪري هن بي انصافي دور ڪرڻ ۽ سنڌي شاگردن جي بنيادي
حقن کي محفوظ رکڻ لاءِ سفارش ڪندا.
اوهان ان وقت پنهنجي گفتگو جي دوران ۾ اسان کي
مشورو ڏنو هو ته اسان پنهنجي مطالبن جي تائيد ۾ هڪ
يادداشت به پيش ڪريون، ته جئن يونيورسٽي سنڊيڪيٽ
کي هن مسئلي تي نظرثاني ڪرڻ ۾ سهولت ٿئي.
اسان ان وقت به اهو عرض ڪيو هو ۽ هينئر به پنهنجو
واحد ۽ فيصله ڪن دليل اهو ڏيون ٿا ته جئن گذريل
نون سالن کان سنڌيءَ کي امتحاني زبان جو درجو حاصل
رهيو آهي، تئن آئندي به کيس اها حيثيت حاصل رهڻ
گهرجي. جيڪڏهن انهيءَ وچ ۾ ڪي اهڙا اڻ ٽر سبب ۽
رنڊڪون پيدا ٿي پييون هيون، جن سنڊيڪيٽ کي انهيءَ
اوچتي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو، ته پوءِ سندن فرض
هيءُ هو ته علمي دنيا جي واقفيت لاءِ انهن سببن ۽
رنڊڪن کي پهريائين ظاهر ڪن ها، ۽ پوءِ انهن سببن ۽
رنڊڪن کي پنهنجي وت ۽ وس آهر هٽائڻ ۽ دور ڪرڻ جي
ڪوشش ڪن ها. افسوس، جو سنڊيڪيٽ جي ڪارپردازن ائين
نه ڪيو - ۽ اها هڪڙي بنيادي حقيقت ئي سندن فيصلي
کي هڪ طرفو، غير واجبي ۽ اعتراض جوڳو ثابت ڪرڻ
لاءِ ڪافي آهي. |