سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :17

تخيل واريءَ قوت جو اظهار ڏند ڪٿائي ادب ۾ گهڻو ٿيو آهي، ۽ ان زماني جي بت تراشي، نقاشي، مصوري، ناچ ۽ راڳ سڀني ۾ نظر اچي ٿي. ڏند ڪٿائي ادب، ان دؤر جي چيز آهي، جڏهين انسان تهذيب جون اوائلي برڪتون حاصل ڪري چڪو هو ۽ پنهنجي گهرج جون مڙيئي شيون ٺاهي ٿي سگهيو. جيڪڏهين اوهان اهڙيءَ طرح اڀياس ڪندا ويندا، ته نيٺ انهيءَ نتيجي تي پهچندا، ته اِنسان جو سمورو نفسياتي خزانو، سندس مادي ۽ ذهني تخليقات جو ئي ٿورائتو آهي. وٽس ٻڌڻ جي طاقت به هئي، پر ايستائين راڳ هن جي لاءِ بي معنى هو جيستائين هو انگن، جو علم حاصل ڪري، آواز ۾ ترڪيب ۽ ترتيب پيدا ڪري نه سگهيو. اسان جي ڪن بزرگن، جو لکيو آهي ته انسان راڳ ”بيد مجنون“ جي ٻـُرڻ مان سکيو- اهو غلط آهي. موسيقيءَ جو احساس گڏجي محنت ڪندڙ اِنسانن جي سـُر تار مان پيدا ٿيو، ۽ اُن جي تربيت ۾ انگن جي علم کي سڀني کان وڌيڪ دخل آهي.

اهڙيءَ طرح انسان جا سڀيئي حـِسَ، جن ۾ سونهن جو حـِس به شامل آهي؛ اهي مڙيئي ذهني قوتون، جن جو لاڳاپو ادراڪ ۽ تخيل سان آهي؛ اهي سمورا انساني جذبا، جن کي اسين ڀائپڻو، پيار، همدردي يا ٻين نالن سان ياد ڪريون ٿا- اِنسان جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن. جهڙيءَ طرح انسان جي مادي ۽ ذهني تخليق جا امڪان لامحدود آهن، اهڙيءَ طرح انسان جي نفسيات جو خزانو به لامحدود آهي – هو هزارن سالن جي لاڳيتي تهذيبي ۽ تمدني ڪوششن سان، مادي ۽ روحاني قدرن (Values) جي مختلف ڪندي، پنهنجي نفسيات کي کوليندو وڌائيندو وڃي. اِنساني نفسيات جي پرمايگيءَ جي ڪا حد ئي ڪانهي، ڇاڪاڻ جو هن جي تخليقي محنت جو خزانو ئي زندگيءَ جو هڪ اڻکٽ سرچشمو آهي. توهان رڳو اهو ته سوچيو ته جيڪڏهين انسان ”جماعتي جنسي زندگي“ ۽ ”جماعتي خاندان“ واريءَ منزل مان نڪري، هڪڙي خاندان ۽ هڪڙيءَ زال هئڻ واريءَ منزل ۾ پير نه پائي ها، ته پوءِ اهو ممڪن هو ڇا ته هو ڪنهن هڪڙيءَ ئي عورت سان لنؤ لڳائي ۽ پنهنجي اولاد سان پيار ڪري سگهي ها؟ جيڪڏهين هو ريشم ۽ ڪيمخواب تيار نه ڪري ها، ته سندس ڇهڻ جو حـِس، نرم ۽ نازڪ چمڙيءَ جي حس کان اڳتي وڌي ها؟ جيڪڏهين هو پتل جو تار نه ٺاهي ها، ته ستار جي موسيقيءَ جي لذت کان واقف ٿي سگهي ها؟ جيڪڏهين هو رنگ ٺاهڻ جو هنر ڳولي نه ڪڍي ها، ته رنگن جي آميزش جي شناس پيدا ڪري سگهي ها؟ جيڪڏهين هو پاڻ کي فطرت جي ڏاڍائيءَ ۽ قهر کان آجو نه ڪري ها، ته هو ڪڏهين به ان جي سونهن ۽ سوڀيا مان ڪو لطف ماڻي سگهي ها؟

اِنسان پنهنجي نفسيات ۾ جا هيءَ اونهائي، پنهنجي هوش و حواس ۾ جا هيءَ نئين ڄاڻ ۽ نئين قوت پيدا ڪري ٿو، سو سڀ سندس عمل ۽ محنت جو اجر آهي. هو پنهنجي نفسيات کي ڪوريئڙي جي ڄار وانگر نٿو ڪڍي ۽ کولي، بلڪ پاڻ کان ٻاهرين فطرت خلاف جدوجهد جي طريقي ڪار جي معرفت ڳوليندو وڌائيندو رهي ٿو؛ ۽ جيتري قدر کيس پنهنجي عمل جي نتيجن جي سڌ پوندي رهي ٿي، تيتري قدر سندس فن کيس نون ارادن کان واقف ڪري، سندس دل ۾ اهو يقين پيدا ڪندو رهي ٿو، ته ”تون ناممڪن کي ممڪن بڻائي سگهين ٿو؛ تنهنجي عمل جي دائري کان ڪائنات جي ڪا به شيءِ ٻاهر ڪانهي؛ تون جيڪڏهين گهرين، ته اُڀ جي ستارن کي پنهنجي جتيءَ ۾ جڙي سگهين ٿو، سج جي تپت ۽ روشنيءَ کي پنهنجي چلهه جي گرمي ۽ ٽانڊي جو سيڪ بڻائي سگهين ٿو؛ تون جڏهين قبيلن جي تعصب کان نڪري قوميت جي ناتي ۾ ڳنڍجي سگهين ٿو، ته پوءِ سڄي دنيا جي ماڻهن کي پڻ هڪڙي ئي ڪٽنب ۾ تبديل ڪري سگهين ٿو“. اها آس جيڪا حقيقت جي هنج مان ڪنڌ کڻي ٿي، سا اِنساني محنت جي اڻکٽ ذخيري ۾ موجزن رهي ٿي؛ ان وقت اُها ئي آس محض هڪ خواب بڻجي وڃي ٿي، جڏهين انساني بازن کي نستو ۽ بيوس ڪري ڇڏيو وڃي ٿو: هن کي قانون ۽ شريعت کان ڊيڄاريو وڃي ٿو، بندگيءَ ۽ عاجزيءَ جي تصور سان ڌمڪايو وڃي ٿو، ۽ سندس مادي تخليقات جي سورج کي الاهيات جي ڪڪرن ۾ ڍڪيو ۽ لڪايو وڃي ٿو؛ پر وري جڏهين هو انهيءَ ننڊ مان سجاڳ ٿي، پراڻا بت ڀڃڻ لڳي ٿو، ته منجهس هڪ نئين قوت ۽ سگهه پيدا ٿيو پوي- ان وقت کيس اِنسان جي ڪا به آس بي معنيٰ نٿي ڀاسي، ڇاڪاڻ جو پوءِ اِنسان جي هڪڙي سوڀ، ٻيءَ سوڀ جي واسطي پيچرو صاف ڪندي ٿي رهي.

اڄ انسان جون اهي سڀيئي اميدون ۽ آسرا، جيڪي ڏند- ڪٿائـِي ادب کان وٺي دور حاضر جي ادب تائين پيش ڪيا ويا آهن، سي ڪر موڙي اٿيا آهن؛ ڇاڪاڻ جو هن دور جي انسان جي بازن، انهن نيئرن کي ٽوڙي وڌو آهي، جن کيس هيستائين جڪڙي رکيو هو: اڄ هو پنهنجي نظر کي ايڏو تيز ڪري چڪو آهي، جو هزارين بلڪ لکين ميل پري، اُڀ جي اڻ ڏٺل تارن جو مشاهدو ۽ اڀياس ڪري ٿو؛ بجليءَ جي خوردبينيءَ سان انهن شين کي ڏسي رهيو آهي، جن کي ڪالهه تائين سندس شيشي جي خوردبيني به ڏسي نٿي سگهي. سندس ڏاهپ ۽ سياڻپ جو هي حال آهي، جو هو هاڻي حيواني زندگيءَ جي اسباب تي قبضو ڪري، آزاد انسانن جي ولايت ۾ وک وڌائي رهيو آهي. اڄ هن جي مداخلت نه رڳو فطرت کي بدلائڻ ۾ آهي، پر پنهنجي سماج ۽ نفسيات جي بدلائڻ ۾ پڻ آهي. فطرت جو اڀياس جهڙيءَ طرح فطرت تي قبضي ڪرڻ ۾ مددگار ٿيس، بلڪل انهيءَ طرح، سماجي زندگيءَ جي قانونن جو اڀياس انساني نفسيات تي قابو پائڻ ۾ مددگار ٿي رهيو اٿس- انهيءَ ڄاڻ، ڏاهپ ۽ عقل کي ايشيا جي غلامن ۾ پکيڙڻ ۽ ونڊڻ ورهائڻ فنڪار جو پهريون ڪم آهي.

خليل جبران

سنڌيڪار: محمد يعقوب ”نياز“

اڳتي قدم

مشرق ۾ ٻه مختلف نظريا هڪ ٻئي سان لڙي رهيا آهن- اهي آهن قديم فڪر ۽ جديد فڪر: ۽ هيءَ ڳالهه يقيني آهي ته پنهنجي قوتن جي ڪمزوريءَ ۽ ارادي جي ناپختگيءَ سبب قديم فڪر مغلوب ٿيندو.

مشرق ۾ بيداري، ننڊ سان مقابلو ڪري رهي آهي- ۽ بيداري فاتح بنجي رهندي: ڇاڪاڻ ته سج، جو اڀري رهيو آهي، بيداريءَ جو قائد آهي ۽ صبح ان جي بي پناهه فوج جو ڪم ڏيئي رهيو آهي.

مشرق ڪالهه تائين هڪڙو خشڪ ۽ وسيع بيابان هو- پر اڄ سدا بهار بنجي قبرن ۾ مدفون انسانن کي پڪاري پڪاري، جاڳائي رهيو آهي، ۽ انهن کي زماني سان گڏ هلڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي. جڏهن هو پنهنجا گيت ڳائڻ لڳي ٿو، تڏهن سرديءَ جو ماريل مردو ڪفن ڦاڙي هلڻ شروع ڪري ڏئي ٿو.

مشرق جي فضا ۾ زندگيءَ جا آثار ظاهر ٿي رهيا آهن، جي وڌندي وڌندي حساس نفسن کي پاڻ سان ملائين ٿا؛ ۽ جي ملي ملي، ٽٽل ۽ نراس دلين کي بار بار ڳنڍي وري آسروَند ۽ اڏول بنائڻ جي عمل ۾ مشغول آهن.

اڄ مشرق جا ٻه سردار آهن: هڪڙو پوڙهو سردار، جو حڪم احڪام جاري ڪندو وتي- هو ڪن ڳالهين کان ماڻهن کي روڪي ٿو ۽ سندس هر حڪم جي تعميل ڪئي وڃي ٿي- مگر هو پاڻ قبر جي ڪنڌيءَ تي ويٺل جهور ٻڍي وانگر آهي: ٻيو سردار، جو قدرت جي قانون وانگر خاموش ۽ حق وانگر مطمئن آهي، ۽ وقار سان نهاري رهيو آهي- مگر هو ٻانهون کـُنجي تيار بيٺو آهي، هن جو عزم هن جي منهن مان ظاهر آهي، هن کي پنهنجي فهم و فراست تي پورو ڀروسو آهي.

اڄ مشرق ۾ فقط . . . . . . . ٻه انسان آهن: ڪالهه جو انسان ۽ اڄ جو انسان. اي مشرق ۾ رهندڙ انسان! تون ٻڌاءِ، ته تون ٻنهي مان ڪهڙو انسان آهين؟

منهنجي ويجهو اچ ته آءٌ توکي غور سان ڏسان، تنهنجي دل جي اونهاين جو جائزو وٺان، تنهنجي ظاهري آثارن مان اندازو لڳايان ته تون ڇا آهين؟ روشنيءَ ڏانهن وڌندڙ يا تاريڪيءَ ڏانهن ڪـِرندڙ!

اچ، مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين ۽ ڇا آهين؟

ڇا، تون اهو سياسي ليڊر آهين، جو دل ۾ منصوبا سٽي رهيو هجي، ته پنهنجي قوم سان ذاتي نفعو حاصل ڪري؛ يا تون اهو غيرتمند مجاهد آهين، جو هر وقت هي ارادو ڪري ڪم ٿو ڪري ته قوم جي خاطر شهيد ٿي وڃي؟

جيڪڏهن تون پهريون آهن، ته تون هڪڙو پاڻمرادو اسريل ۽ بيڪار ٻوٽو آهين، ۽ جيڪڏهن تون ٻيو آهين ته پوءِ تون هڪڙو سرسبز ۽ سدا آباد کيٽ آهين.

ڇا، تو اهو واپاري آهين، جو ماڻهن جي روزمرهه ڪم ايندڙ شين کي هن نگاهه سان ٿو خريد ڪري ته انهن کي پاڻ وٽ گڏ ڪري ضرورت جي وقت ويهوڻي قيمت وصول ڪري؟ يا تون اهو انسان آهين، جو هن ڪوشش ۾ لڳل هجي ته هاريءَ ۽ ڪوريءَ جي وچ ۾ مال جي ڦير گهير لاءِ سهوليتون موجود ڪري؛ گهـُرجائو ۽ گهـُرج پوري ڪندڙ- ٻنهي جي وچ ۾ هڪڙي وسيلي جي ڪـَڙي بنجي، ٻنهي کي فائدي حاصل ڪرائڻ ۾ مدد ڪري، ۽ پاڻ به ٻنهي کان انصاف سان فائدو حاصل ڪري؟

جيڪڏهن تون پهريون آهن ته تون مجرم آهين، توڙي تون عاليشان بنگلي ۾ رهندو هجين، يا جيل جي سوڙهي ۽ اونداهيءَ ڪوٺڙيءَ ۾؛ ۽ جيڪڏهن تون ٻيو آهين، ته پوءِ تون محسن آهين، توڙي ماڻهو تنهنجا شڪر گذار ٿين يا نه ٿين.

ڇا، تو ڪو مذهبي رهنما آهين، جو قوم جي ڀالي ڀولي هئڻ مان فائدو وٺي، پاڻ لاءِ جـُبا ۽ چادرون ٿو تيار ڪري، يا انهن جي ساده دليءَ مان فائدو وٺي، پنهنجي سر لاءِ تاج ٿو تيار ڪري، ۽ شيطان جي براين کي کولي کولي بيان ڪري ٿو، پر پاڻ ان جي ئي خيرات تي عيش ٿو اڏائي؟ يا تون اهو متقي ۽ پرهيزگار انسان آهين، جنهن کي فرد جي ڀلائي، امّت جي ترقي ٿي نظر اچي، ۽ کيس پنهنجي روح جون گهرايون روح ڪلّ ڏانهن چڙهي وڃڻ جي لاءِ ڏاڪڻ جا ڏاڪا ٿيون نظر اچن؟

جيڪڏهن تون پهريون آهن، ته تون ملحد ۽ ڪافر آهين، توڙي تون ڏينهن جو روزو رکين ۽ رات جو عبادت ڪرين؛ ۽ جيڪڏهن تون ٻيو آهين، ته پوءِ تون حق جي باغن ۾ خوشبودار مکڙي آهين، خواه ان جي خوشبوءِ ماڻهن جي سونگهڻ جي حس تائين پهچي ضايع ٿي وڃي، يا فضا ۾ اڏامي ٻين مکڙين جي خوشبوءِ سان ملي محفوظ ٿئي.

ڇا، تون ڪو اهڙو مضمون نگار آهين، جو پنهنجو علم ۽ عقل بازار ۾ وڪڻندو وتي، جو دنيا جي مصيبتن ۽ تڪليفن کي اخبارن ۾ زوردار نموني بيان ڪري ٻڌائڻ کان مشهور ٿئي ٿو، ۽ ڪنهن ڳجهه وانگر سڙيل مـُردار لاشن کان سواءِ ڪنهن تي هن جي نظر ڪانه ٿي پوي؟ يا تون تمدن جي منبرن مان هڪڙي منبر تي چڙهي، اهو وعظ ڪندڙ شخص آهين، جو زماني جي حالتن مان پاڻ نصيحت حاصل ڪرڻ بعد ماڻهن کي خبردار ٿو ڪري؟

جيڪڏهن تون پهريون آهن، ته تون انساني جسم تي بدبودار ڦـُرڙي آهين؛ ۽ جيڪڏهن تون ٻيو آهين، ته پوءِ تون انسان ذات جي لاءِ ترياق جهڙي دوا آهين.

ڇا، تون اهڙو عهديدار آهين، جو پاڻ کان بالا آفيسرن جي سامهون ذليل ۽ پنهنجي زيردستن جي سامهون مغرور ٿي اچي ٿو، جو پنهنجي اٽڪل سان غريبن جي مال تي ڌاڙو هڻي ٿو، ۽ جو ڪنهن غريب سان اهڙو قدم نٿو کڻي، جنهن ۾ هن جو پنهنجو ذاتي نفعو نه هجي؟ يا تون قوم جو اهڙو خادم آهين، جو پوري ديانت داريءَ سان پنهنجي زيردستن جي ڀلائيءَ جي انتظام ڪرڻ ۾ لڳو رهي ٿو، جو انهن جي خير خواهيءَ ۾ راتيون جاڳي ٿو، ۽ سندن خواهشن پورين ڪرائڻ جـِي انتهائي ڪوشش ڪندو رهي ٿو؟

جيڪڏهن تون پهريون آهن، ته قوم جي اناج جي کرين ۾ رهجي ويل هڪڙو ڪڻو آهين؛ ۽ جيڪڏهن تون ٻيو آهين، ته پوءِ تون هنن جي مرادن جي لاءِ خداوندي برڪت آهين.

ڇا، تون اهو شوهر آهين، جو هڪ ئي شيءَ کي پنهنجي زال جي لاءِ حرام ۽ پنهنجي لاءِ جائز ٿو سمجهي، جو پاڻ ته آزاديءَ سان گهمي، ڦري، کل خوشيءَ ۾ ٿو گذاري، ۽ زال جي بنديخاني جي ڪـُنجي پنهنجي کيسي ۾ کڻيو پيو ڦري؛ جيڪي وڻيس، سو ٿو کائي پئي، پر سندس زال هڪ ڇنل ڦاٽل ڪرسيءَ تي ويڳاڻي ويٺي رهي ٿي؟ يا تون اهو رفيق آهين، جو پنهنجي رفيقه جي هٿ ۾ هٿ ڏيڻ کان سواءِ ڪو ڪم نٿو ڪري، يا اهو شخص جو پنهنجي زال جي مشوري کان سواءِ ڪو به ارادو نٿو ڪري، ۽ هن کي پنهنجي خوشيءَ ۾ شريڪ ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن به ڪم کي پورو نٿو ڪري.

جيڪڏهن تون پهريون آهين، ته تون زمين جي اندر غارن ۾ رهندڙ ۽ کلن جي پوشاڪ پائيندڙ قوم منجهان آهين، جنهن کي ڪافي عرصو ٿيو ته ختم ٿي چڪي؛ ۽ جيڪڏهن تون ٻيو آهين ته پوءِ تون ان قوم جو پيشوا آهين، جا صبح جي روشنيءَ سان گڏجي عدالت ۽ انصاف جي طرف تيزيءَ سان وکون کڻي رهي آهي.

ڇا، تون اهڙو مضمون نگار ۽ نقاد آهين، جو پنهنجي پاڻ کي اسان سڀني تي فوقيت ڏيڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، پر هن جا پنهنجا پاروٿا ويچار ماضيءَ جي انهن بيڪار مرڪزن جو چڪر ٿا لڳائين، جتي قومن جي پراڻن ۽ سڙيل ٿڳڙين جو ڍڳ پيل آهي؟

يا تون اهڙي صحيح فڪر جو مالڪ آهين، جو پنهنجي ماحول کي هر وقت نظر ۾ ٿو رکي- هن لاءِ ته مفيد ۽ مضر شين کي سڃاڻي، ۽ پنهنجي عمر مفيد شين جي ترقيءَ ۾ ۽ مضر چيزن جي پاڙ پـَٽڻ ۾ صرف ڪري؟

جيڪڏهن تون پهريون آهين، ته پوءِ تون نقصان ڪار خرابيءَ ۽ اجائي ڪند ذهنيءَ جو مجسمو آهين؛ ۽ جيڪڏهن تون ٻيو آهين، تو پوءِ تون بکين ۽ اڃايلن لاءِ اَن پاڻيءَ وانگر آهين.

ڇا، تون اهو شاعر آهين، جو اميرن جي دروازي تي رباب ٿو وڄائي، ۽ ميڙن ۾ لفظن جا گل پکيڙيندو ٿو وتي، جو سڙيل لاشن جي پويان وات ۾ نيم گرم پاڻيءَ سان ڀريل اسفنج کڻي هلي ٿو، جنهن کي مقبري ۾ پهچي رسم موجب زبان ۽ چپن سان دٻايو ويندو آهي؟ يا اهو فطري شاعرآهين، جنهن جي هٿ ۾ فطرت جو ساز آهي، جنهن جي تارن مان رباني راڳ ٿا نڪرن، جن ڏانهن اسان جون دليون بنا ارادي ڇڪجي وڃن ٿيون، ۽ جن کي ٻڌي اسين زندگيءَ جي آڏو ۽ زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ جمال ۽ خوف جي سامهون عجب ۽ حيرت ۾ بيهي ٿا رهون؟

جيڪڏهن تون پهريون آهن، ته تون انهن شعبده بازن منجهان آهين، جي اسانجي دلين ۾ ڪنهن جذبي جي پيدا ڪرڻ جي قوت نٿا رکن: جيڪڏهن هو روئن ٿا، ته اسين کـِلون ٿا، ۽ جڏهن هو خوش ٿين ٿا، ته اسين غمگين ٿي وڃون ٿا. جيڪڏهن تو ٻيو آهين، ته تون اسان جي ظاهري اکين جي پويان شعاع وجهڻ واري بصيرت، اسان جي دلين ۾ سمايل شيرين شوق ۽ اسان جي جسمن کان پري هڪ خدائي خواب آهين.

آءٌ چوان ٿو ته مشرق ۾ ٻه جلوس آهن: هڪڙو پوڙهن ڪٻڙي پٺيءَ وارن جو جلوس، جي ڏنگين لٺين جو سهارو وٺي ٿا هلن ۽ باوجود انهيءَ جي مٿان کان هيٺانهينءَ ڏانهن تـِرڪندا ٿاٻڙندا وڃي رهيا آهن ۽ سهڪي رهيا آهن؛ ٻيو جلوس، انهن جوانن جو آهي، جي اهڙيءَ تيزيءَ سان بلنديءَ ڏانهن وڃي رهيا آهن، گويا هنن جي پيرن ۾ کنڀ لڳل آهن. اهي اهڙيءَ طرح وڏي واڪي سڏين ٿا، جو گويا هنن جي نڙيءَ ۾ للڪاريندڙ ساز آهن. اهي اوجهڙ مان ٽپندا ائين وڃي رهيا آهن، ڄڻ ٽـَڪرن جي چوٽين تي ڪا قوت انهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهي آهي، يا ڄڻ ڪو جادو آهي، جو هنن جي ”عقل“ کي سلب ڪري رهيو آهي.

اي مشرق جا باشندؤ! توهين ڪهڙي جلوس ۾ آهيو ۽ ڪهڙن سان گڏ هلي رهيا آهيو؟

رات جي خاموش فضا ۾ جڏهن ماحول جا اثر گم ٿا ٿين، تڏهن پنهنجي نفس کان پڇو: ان کان جواب طلب ڪريو، ته ”تون سڀاڻي غلام بنجڻ ٿو گهرين يا آزاد؟“

آءٌ توکي ٻڌايان ٿو ته ”ڪالهه“ جو خواب ڏسڻ وارا، انهيءَ زماني جي جنازي پٺيان وڃي رهيا آهن، جنهن هنن کي پيدا ڪيو ۽ جنهن کي هنن پيدا ڪيو. اهي اهڙيءَ رسيءَ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن جي هر هڪ ڌاڳي کي زماني پراڻو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ترت ئي اها رسي ٽٽڻ واري آهي: جڏهن به اها ٽٽندي، انهيءَ وقت ان جي آڌار تي هلڻ وارا ويسر ۽ گمنامي جي اونداهي غار ۾ دفن ٿي ويندا! هي ماڻهو اهڙي مڪان ۾ رهن ٿا، جنهن جا ٿنڀ ڪرڻ وارا آهن. جڏهن ڪا تيز واچ لڳندي- ۽ جا تمام جلد ايندي- تڏهن اهي ئي مڪان، هنن جي مٿان ڪرندا ۽ کين قبرن جو ڪم ڏيندا. آءٌ چوان ٿو ته هنن جا قول، بحث، تصنيفون، ديوان ۽ هنن جا مڙيئي عمل ڳرا زنجير آهن، جي پنهنجي ڳرائيءَ سبب هنن کي پنهنجي پٺيان پٺيان گهليندا هلن ٿا، ۽ هي ماڻهو پنهنجي ڪمزوريءَ سبب انهن کي پنهنجي پويان ڇڪڻ کان قاصر آهن.

پر ”سڀاڻي“ جا فرزند اهي آهن، جو جڏهن زماني انهن کي سڏيو، تڏهن اهي ثابت قدميءَ سان اوچي ڳاٽ، ان جي پويان نڪري پيا. اهي ئي نئين زماني جي لاءِ صبح جو مثال آهن: نه دونهون انهن جي روشنيءَ کي روڪي سگهي ٿو، نه زنجيرن جو کڙڪو هنن جي آوازن کي روڪڻ جي طاقت رکي ٿو، ۽ نه زياده عرصي جي بيٺل پاڻيءَ جي بدبو هنن جي سـُرهاڻ تي غالب اچي سگهي ٿي. هو وڏي تعداد وارين بي شمار جماعتن ۾ گهيريل محدود فردن جي جماعت آهي- مگر هڪ سر سبز ٽاريءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي، جو خشڪ جهنگل ۾ نه آهي، ۽ ڪڻڪ جي هڪڙي سنگ ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، جو بـُهه جي تيلين جي ڍير ۾ ملڻ مشڪل آهي. اهي شخص اڻواقف هوندي به هڪ ٻئي کي سڃاڻن ٿا: اهي جبلن جي چوٽين وانگر هڪ ٻئي کي سڃاڻن ٿا: هڪ ٻئي جو آواز ٻڌن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان روح رهاڻيون ڪندا رهن ٿا: مگر اونها غار ئي انڌا ٿين ٿا، جي ڪا به شي ڏسي نٿا سگهن، ۽ ٻوڙا ٿين ٿا ۽ ڪنهن جو آواز ٻڌي نٿا سگهن.

هو کجيءَ جي ان ڪڪڙيءَ وانگر آهن، جا الله جي طرفان زمين تي ڪري، هڪڙي نئين شان سان بلند ٿيڻ خاطر پنهنجي کـَل ڦاڙي نڪتي، ۽ سج جي سامهون سر سبز ۽ شاداب بنجي، اُڀـِي ٿـِي بيهـِي رهـِي، ۽ عنقريب اها هڪ اهڙو مضبوط ۽ بلند وڻ بنجي ويندي جنهن جون پاڙون زمين جي ڳچيءَ کان هيٺ لٿل هونديون ۽ جنهن جون ٽاريون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هونديون.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

پارس کاڻ

باسمه تعالى

]مرحوم لعلڻ خان لغاري هڪ اڻ پڙهيل داناءُ هو. بنده جو سڱ ۾ نانو هو. مگر آءٌ کيس پٽن جهڙو پيارو هوس، انهيءَ ڪري ننڍڙي هوندي ئي منهنجي ذهني تربيت جي هر طرح ڪوشش ڪيائين. هر ڪچهريءَ ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو ۽ ڪچهريءَ جا آداب سمجهائيندو هو. هر ڳالهه جي ڳڻ ڪندو هو ۽ پڇندو هو ته ڳالهه کي سمجهيئي. هميشه چوندو هو ته: ”معنيٰ ڏي ڌيان ڪر، جو معنيٰ عقل جو منڍ آهي“. خوش طبعي وچان چوندو هو ته ”ڳالهه جو ڳاٽو جهلجي“ يعني ته ان کي پوريءَ طرح پرکجي. چوندو هو ته: ”ڏٺل واقعو هر ڪو بيان ڪري ۽ ٻڌل ڳالهه هر ڪو ٻڌائي، پر داناءُ اهو جو اڻ ڏٺي اڻ سـُڻي ڳالهه ٻڌائي.“ ڪا ڳالهه وڻندي هيس ته چوندو هو ”فلاڻي واهه جي ڳالهه ڪئي! ڳالهه جو سنگ وڍي ڇڏيائين!“ سندس انهن نقطن ۽ سمجهاڻين ننڍپڻ ۾ ئي هڪ قسم جو ادبي ذوق پيدا ڪيو. نوان بيت ۽ نيون ڪافيون، نيون ڳجهارتون ۽ نيون ڳالهيون منهنجي لاءِ ڄڻ سوکڙيون ٿي پيون. ڳالهين ٻڌڻ ۽ ڳولڻ جو شوق جاڳيو. جڏهين به ڪو نئون بيت يا نئين ڳالهه پئي معلوم ٿي ته ياد ڪري ٿي ڇڏيم يا لکي ٿي ڇڏيم.

وقت گذرندو رهيو ۽ ڪي سال گذري ويا! 1937ع کان تعليم خاطر سنڌ ڇڏي جهونا ڳڙهه وڃڻو پيو. سنڌي شعر ۽ ادب، معنيٰ ۽ مطلب سان ذوق ۽ عشق وارو لڳل ٿڏو اڃا نهال ئي نه ٿيو هو جو نانو مرحوم سنه 1938ع ۾ گذاري ويو. اها خبر خط ذريعي جهونا ڳڙهه پهتي. سندس سـِڪ ۾ اهو ذوق ويتر پڪو ٿيو ته ڳالهيون ڳولبيون ۽ معنائون ولوڙبيون. وطن جي وڇوڙي ويتر انهيءَ جذبي کي وڌايو، ۽ سنڌ جي سڪ ۾ سنڌ وارن جا ڳڻ ۽ سندن ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون؛ سنڌ جا ميڙا ۽ سنڌ جون ڪچهريون ياد اچڻ لڳيون؛ سنڌ جا ڳوٺ ۽ سنڌ جا ماڻهو ياد اچڻ لڳا؛ سنڌ جا پهاڪا ۽ شعر ياد اچڻ لڳا- مطلب ته يادگيرين مان يادگيريون پوڻ لڳيون ۽ ڳالهين مان ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون.

جهونا ڳڙهه ۾ بي-اي جي تعليم پوري ڪرڻ بعد 1941ع ۾ علي ڳڙهه وڃڻو پيو ۽ ويندي 1945ع تائين اتي پنج سال کن گهارڻا پيا. سنڌ کان جدائيءَ جو سلسلو اڳئين کان اڳرو ٿي ويو، ۽ انهيءَ ڪري سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعرن ۽ سگهڙن سان محبت به انتها کي وڃي پهتي. هڪ رات خواب ۾ سانوڻ کي بيت ڏيندو ڏٺم ۽ سندس اهو بيت ويندي ننڊ مان اک کلڻ تائين ياد رهيو. پنو پينسل کٽ تي هجي ها ته لکي سگهجي ها پر ذرا دير پوڻ سان بيت وسري ويو. اهڙن اهڃاڻن ويتر سڪ کي سرس ڪيو. هر موڪل ۾ جڏهين به سنڌ اچڻ جو موقعو پئي مليو ته واندڪائيءَ جي وقت کي سنڌي ادب جي نون نقطن ڳولڻ ۾ صرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، ۽ انهيءَ طالب علميءَ واري ڳولا ۾ جو مواد مليو تنهن يقين ڏياريو ته سنڌي ادب دانائي ۽ حڪمت جي کاڻ آهي جنهن ۾ قسمين قسمين جون لالون، عقيق، زمرد، هيرا ۽ جواهر موجود آهن، جن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ هڪ لڙهيءَ ۾ پوئڻ جي ضرورت آهي.

بي – اي توڙي ايم – اي جي امتحانن واسطي مون عربي جي مطالعي کي اختيار ڪيو. انهن امتحانن لاءِ ٻين عربي ڪتابن سان گڏ مـُبـَرّ َد جو ڪتاب ”الڪامل في الادب“ (ادب ۾ ڪامل) به پڙهڻو پيو، جنهن ۾ عربي ادب، تاريخ، لغت، صرف نحو- بلڪ عربي تمدن ۽ معاشري بابت حڪمت آميز مثال ۽ مباحثا، سمجهاڻيون ۽ صفايون پيش ٿيل هيون. ادب، تاريخ، لغت وغيره موضوعن تي جدا جدا باب ٻڌل ڪين هئا، مگر موقعي به موقعي هر مغال ۽ مقال ذريعي اهي ڳالهيون اچي ٿي ويون. منصف ڄڻ هڪ سگهڙ ۽ داناءُ آهي جنهن پنهنجي مسلسل ادبي ڪچهري قلمبند ڪئي آهي، ۾ موقعي جي لحاظ سان هر ڳالهه تي پئي روشني وڌي اٿس: بلڪ ڄڻ هڪ استاد آهي جنهن دليلن تي ۽ مثالن تي مثال ڏيئي هر موضوع ۽ مطلب کي واضح ڪيو آهي. کيس سڄو ڪتاب ڄڻ هڪ بلند پايه ادبي رهاڻ جي صورت ۾ پيش ڪرڻو هو، ۽ انهيءَ ڪري ڪتاب جي ديباچي ۾ پنهنجي انوکي اسلوب بيان بابت هڪ اهم نقطو بيان ڪري ڇڏيائين ته ”الشيءِ بالشيءُ يـُذکـَر“- يعني ته ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي.

هن استاد عالم ۽ اديب جي هن نقطي توڙي سندس پيش ڪيل مواد نهايت ئي متاثر ڪيو. چيم ته جيڪر انهيءَ نموني تي سنڌي ادب ۽ تمدن تي پڻ ڪو ڪتاب لکجي! مـُبرّد جي ڪتاب ”الڪامل“ جي مطالعي مان اهو پڻ واضح ٿيو ته اهڙي ڪتاب لکڻ لاءِ سنڌي علم ادب جي وسيع ميدانن جا سير ڪرڻا پوندا؛ سنڌيءَ جي تمدن ۽ تهذيب جي عميق اُونهاهين ۾ ٽٻيون هڻڻيون پونديون؛ سنڌ جي ڪچهرين ۽ مارڪن مان قسمين قسمين انوکا گفتا گڏ ڪرڻا پوندا؛ سنڌي ٻولي ۽ ان جي محاورن کي سمجهڻو پوندو؛ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ وڃي اتي جي سگهڙن ۽ سالڪن کان ڪافي سکڻو پوندو: مطلب ته هر گل جو واس وٺي سنڌي تمدن جي روح ۽ رس کي هڪ جاءِ گڏ ڪرڻو پوندو! پر ان وقت انهيءَ لياقت پيدا ڪرڻ لاءِ نه موقعو هو ۽ نڪا فراغت هئي.

البت سنه 1943ع کان ”سنڌ جي عربي دؤر جي تاريخ“ جي سلسلي ۾ سنڌ جو سفر اختيار ڪرڻو پيو ۽ ان کان پوءِ ويندي 1946ع تائين ڪڏهين نه ڪڏهين سنڌ کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جا موقعا ملندا رهيا. آگسٽ 1946ع ۾ وري آمريڪا وڃڻ جو اتفاق ٿيو ۽ ٽن سالن لاءِ وري سنڌ کان جدا ٿيڻو پيو. مگر آمريڪا جي سفر بعد جون 1949ع کان وٺي سنڌي شعر ۽ لغت کي سهيڙڻ جي سلسلي ۾ سنڌ جي ڪن ڀاڱن کي گهڻو ڪجهه ڏسڻ جو موقعو مليو، جنهنڪري سگهڙن ۽ سالڪن سان ڪچهريون ٿيون ۽ قدري اهڙو مواد گڏ ٿي چڪو جو ڀانيم ته جيڪر مبرد جي ڪتاب ”الڪامل“ وانگر سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکجي! اها خواهش گذريل ٻن سالن کان پئي رهي؛ مگر جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن تيئن نوان نقطا معلوم ٿيندا رهيا ۽ پنهنجي ناقص ڄاڻ جو احساس وڌندو رهيو. انهيءَ ڪري ڪيئي دفعا قلم کڻي وري وري پئي انهيءَ ارادي کي ملتوي ڪيم. انهيءَ عرصي ۾ ڪن خاص موقعن تي ڪن خاص دوستن جي آڏو سنڌي ادب ۽ تمدن جا ڪي انوکا اهڃاڻ بطور رهاڻ جي بيان ڪندو رهيس، جن کي ٻڌي انهن مڙني دوستن تاڪيد ڪيو ته آءٌ انهن مختلف ادبي گفتن ۽ ڳالهين کي قلمبند ڪريان. جڏهن مون کين پنهنجي اصلي ارادي کان واقف ڪيو، تڏهين صلاح ڏنائون ته ڪم از ڪم هن ڪتاب جي شروعات مضمونن ذريعي ڪريان جي في الحال رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيندا رهن، ۽ بعد ۾ ضروري ترميم ۽ ترتيب بعد انهن کي ڪتاب جي صورت ۾ آندو وڃي!

پنهنجن انهن عزيز دوستن جي خوشنودي خاطر پنهنجي ٿوري ۽ ناقص ڄاڻ هوندي به هن ڪم جي شروعات ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ جو هڪ ته حياتيءَ تي اعتبار ناهي ۽ ٻيو ته ڏينهون ڏينهن ڪمن توڙي غمن جا ايڏا بار پوندا ٿا وڃن جو فراغت ۽ خوشي ٻئي وڃن گهٽبيون! ٽيون ته قدردان اديبن ۽ دوستن ۾ اميد آهي ته هنن مضمونن کي پڙهي بنده کي ڪن نوان نقطن، معنائن ۽ مثالن کان واقف ڪندا جيئن اڳتي لاءِ اصلاح ۽ بهتريءَ جي راهه روشن ٿي سگهي. هن ڪتاب جو نالو ”پارس کاڻ“ رکيو اٿم، ڇاڪاڻ ته هن جو خاص موضوع ”سنڌي تمدن“ آهي جو حقيقي معنيٰ ۾ پارس جي کاڻ آهي. ڪتاب جي سٽاء ۽ ترتيب ۾ مون استاد ”مبرد“ وارو گس ورتو آهي، جنهن موجب سلسلي وار مضمونن جي بدران ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي، ۽ ڳالهين مان ڳالهين جون پتليون پيدا ٿينديون. انهن سان گڏوگڏ گفتا ۽ بيت مثال ۽ معنائون پڻ موقعي به موقعي ايندا رهندا، ۽ سنڌي ادب، تاريخ، لغت تي پڻ موقعي جي مناسبت سان بحث ٿيندا رهندا. پر سڀ کان اول شروعات ”توحيد“ سان ڪجي ٿي، جا هن ”پارس کاڻ“ جي ڪنجي آهي.  ]خادم العلم نبي بخش[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com