سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :16

هزارين سج جا شعاع ڌرتيءَ تي ڦهلجي چڪا آهن!

هو قدم قدم روان دوان آهن-

ڪڏهن ريگستان جي تتل ميدان ۾، ڪڏهن همت شڪن پربتن تي-

هنن کي ڪنهن جي به پرواهه نه آهي!

پنهنجي بدناميءَ جي داغ کي خون جي سرخ قطرن سان صاف ڪري رهيا آهن:

هن عجيب و غريب قربانيءَ کي ڏسي مندر جو گهڙيال ڏڪي رهيو آهي؛

۽ قديم زماني جا ظلم ۽ سفاڪ ”سورما“ آسمان مان لڪي لڪي ڏسن ٿا؛

ڏسو، گهنگهور بادلن ۾ برباديءَ جو جهنڊو ڦڙ ڦڙ ڪري رهيو آهي،

۽ آزاديءَ جي طبل جي شور کان آسمان جي ڇاتي ڌڙڪي رهي آهي!“

نذرالاسلام جو هيرو اُهو آهي، جو هن ڏاڍاين ڀريل نظام کي بدلائڻ لاءِ لڙي ٿو- ”باغي“ هن ئي مجاهد جو ترانو آهي ۽ ايترو عظيم جو اِنَ کي ٻڌي اسان حيرت ۾ رهجيو وڃون ٿا ۽ دير تائين اِئين ٿا محسوس ڪيون، ڄڻ ته هر طرف تاريڪي ئي تاريڪي آهي ۽ ويجهو ان تاريڪيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ ڪڪرن ۾ ڪا بجلي تڙپي رهي آهي. درحقيقت نذرالاسلام ئي اُهو شاعر آهي، جنهن جي شاعري سنبل ۽ ريحان، تصوف ۽ تصور جي موضوعات کان دور انقلاب، بغاوت ۽ مساوات جي گود ۾ پلجي وڏي ٿي آهي. هن زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي ڏٺو آهي ۽ فراريت کان دور رهيو آهي. هو جبر ۽ تشدد جي باهه ۾ جلڻ جي باوجود مشڪندو اُٿي ٿو، ۽ بزدلن کي پيغام ٿو ڏئي:

”هيءَ زندگي ڪڏهن به فنا نه ٿيندي: هن کي بقا حاصل آهي –

جي زنده انسانن جيان رهڻو اٿوَ ته پنهنجي مٿان طوفان جي سايي کي رهڻ ڏيو؛

۽ پنهنجي پيرن مٿان موت جي دريا کي وهڻ ڏيو؛

زندگيءَ جو پيالو جوانيءَ جي شراب سان ڀري پيو؛

مست ٿي وڃو، ڇو ته طوفان سان همرڪابي ڪرڻي اَٿَوَ!“

ممتاز حسن

سنڌيڪار: عبدالقيوم ”صائب“

انسان جي تخليق

جيڪڏهين اوهان کان پڇيو وڃي ته ”انسان ڇا آهي“، ته شايد اوهان لاءِ جواب ڏيڻ ڏکيو ٿي پوي؛ ڇاڪاڻ جو انسان پاڻ ئي هڪ اهڙي ڪائنات آهي، جنهن جي نه حد آهي ۽ نه حساب: سندس وسعت گذريل لکن سالن جي تاريخ کان وٺي آئيندي جي اڻ ڳڻين صدين تائين پکڙيل آهي؛ سندس مکيه ڪارنامن ۾، نه رڳو گذري ويل هزارن سالن جون تهذيبون، علم ۽ هنر، صنعت ۽ ڪاريگري ۽ هلندڙ وقت جون ايجادون ۽ کوجنائون ليکجن ٿيون، پر ان ۾ خود سندس تخليق به اچي وڃي ٿي، جا سڄيءَ خلقت ۾ سڀني کان وڌيڪ سونهن ڀري ۽ اڻ فنا ٿيندڙ آهي. پر جهڙيءَ طرح هو پاڻ هڪ وڌندڙ ۽ ويجهندڙ ڪائنات آهي، تهڙيءَ طرح سندس ”سونهن جو تصور“ به ارتقا پذير آهي: انسان هڪ فلسفيانه تصور آهي انهيءَ محسوس حقيقت ۽ انهيءَ ”نوع انسان“ جو، جيڪو فطرت کان پنهنجي مرضيءَ موجب مطيع ڪندو رهي ٿو. اها ڳالهه ته پڌري آهي ته فطرت مٿان هيءَ پنهنجي حاڪميت، سواءِ فطرت جي قانون جي علم ڄاڻڻ جي، نه انسان ڪڏهن حاصل ڪري سگهي ٿو، نه وري ان کي هڪ گهڙي قائم ئي رکي ٿو سگهي. ساڳئي وقت، اهو علم ڪو انساني زندگيءَ جو بنيادي سبب به ڪونهي، ڇاڪاڻ جو علم جو مدار وري تاريخي حالتن تي آهي؛ ۽ اهو ايستائين هڪ اضافـِي چيز آهي، جيستائين ظاهري حقيقتن سان ٺهڪي ڦهڪي اچڻ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندو ويجهندو ٿو رهي: پر انسان جي محنت يا ان جي تخليقي جدوجهد هڪڙي ابدي حقيقت آهي- هڪڙي اهڙي حقيقت، جنهن جي چائنٺ تي پنهنجي خالي جهوليءَ کي ڀرڻ لاءِ، علم کي وري وري واپس ورڻو پوي ٿو؛ علم سچو آهي يا ڪوڙو، تنهن کي زندگيءَ جي ڪسوٽيءَ تي ئي پرکي سگهجي ٿو: ان ڪري اوليت ”زندگيءَ“ کي آهي- انسان جي پيدا ڪرڻ واريءَ قوت کي، ۽ نه سندس پيدا ڪيل شيءِ کي- پوءِ اها کڻي فن هجي يا فلسفو يا ٻيو ڪجهه: تنهنڪري، ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته ”فطرت جي برخلاف جدوجهدڪندي ئي، انسان کي سندس صحيح صورت ۾ ڏسي ۽ سمجهي سگهجي ٿو!“

انهيءَ کانسواءِ، انسان جو ٻيو ڪو به تصور ڪونهي؛ پر سندس باري ۾، اسانجي بزرگن جو اهو نظريو ڪو نه هو. اهو خيال ڪنهن پکيڙيو- ان کي ملان ٽوڙيو مروڙيو، يا صوفيءَ ان کي وڌيڪ منجهايو ۽ مشڪل بنايو، يا اصل کان ائين ئي جيئن آهي تيئن فرمايو ويو- تنهن سان بحث ڪونهي؛ ڳالهه رڳو ايتري آهي، ته اسان کي اها سکيا ملي ته ”انسان کي بهشت مان تڙي ڪڍيو ويو: هو پهريائين گناهن کان اڻ واقف هو؛ پوءِ هن گناهه ڪيو، ته کيس ”حياتيءَ“ جي سزا ملي“- ڄڻ ته حياتي سندس محنت جو معاوضو ڪونهي، بلڪ گناهن جي سزا آهي! انسان کي اهو نظريو نرو مجبور بڻايو ڇڏي، ۽ هو لاچار ٿي، سماج جون سڀيئي مصيبتون ۽ تڪليفون سهندي، ائين چئي پاڻ کي آٿت ٿو ڏئي ته ”اسين ڏاڏي آدم جي نافرمانيءَ جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون”، جاگيرداري سماج کي اُڀارڻ ۽ پختي ڪرڻ ۾ هن نظريي کي ڪيتري مدد ڪئي هوندي، تنهن ٻڌائڻ جي ضرورت ڪانهي؛ جيتريقدر فن جو لاڳاپو آهي، ته اهو چوڻو ئي پوي ٿو ته اِهو نظريو فن جو موت آهي! ڇاڪاڻ جو فن، ماحول کي ڦيرائڻ ۽ ان سان گڏوگڏ پاڻ کي بدلائڻ لاءِ، انسان جي هڪڙي عملي ۽ ذهني ڪارروائي آهي- ڀلا جيڪو نظريو انسان کي دنيا ۾ قيدي بڻائي ٿو ڇڏي، سو فن جي ڪهڙي تحريڪ پيدا ڪري سگهندو؟

جيئن ته اوليت زندگيءَ کي حاصل آهي- تنهنڪري ئي ائين ٿيو، جو وچئين زماني وارا اُهي مڙيئي ”قيدي“، ڪر موڙي، اٿيا، ۽ هنن حياتيءَ لاءِ آزاديءَ جي لقب جي طلب ڪئي. مغربي ادب ۾ اها ڪر- موڙ ۽ سجاڳي، نئين جاڳرتا (Renaissance) واري انهيءَ زماني ۾ ٿي، جڏهين ڪليسائي فلسفي کي عدوليو ويو ۽ انسان ”ازلي گناهه“ جي ويچار کان آجو ٿيو. پر مشرق طرف، خاص ڪري اسلامي ملڪن ۾، اها لهر يوناني فلسفي جي اثر هيٺ، اڳ ۾ ئي اڀري چڪي هئي، جنهن جي شروعات، مذهبي رنگ ۾، حلاج جي فلسفي سان ٿئي ٿي. ان کي محي الدين ابن العربيءَ جي فلسفي ۽ بو علي سينا جي طبعي علم (Physics) وڌيڪ سهارو ڏنو. اقبال پڻ ابليس ۽ يزدان جي مڪالمي ۾، محي الدين ابن العربيءَ جو اهو فلسفو پيش ڪيو آهي:

پستئ فطرت ني سکلائي هي يه صحبت اسي

ڪهتا هي تيري مشيت مين نه ٿا ميرا سجود

دي رها هي اپني آزادي ڪو مجبوري ڪا نام

ظالم اپني شعلهء سوزان ڪو خود ڪهتا هي دود

ابن العربيءَ جي فلسفي ۾ ايترو زور ۽ اثر انهيءَ ڪري ٿو ڏسجي، جو هو ڪائنات جي پيدائش کي اک ڇنڀ ۾ حڪم خداوندي جي پيدائش نٿو سمجهي، بلڪ ان کي وحدت جي ظهور پذير ٿيڻ جي ابدي امڪانن جو مظهر ڪري ٿو ڄاڻي. چئبو ته ڪائنات جي پيدائش ۽ انساني حياتيءَ بابت، سندس نظريو ارتقائي (Evolutionary) هو. پر جنهن حد تائين هو روحاني حقيقت جي اوليت کي مڃيندڙ هو، تنهن حد تائين سندس ارتقائي نظريو به روحاني هو- پوءِ اها اوليت رڳو منطقي ئي ڇو نه کڻي هئي. ان هوندي به ائين چئي سگهجي ٿو ته فن کي فلسفي جي ٽيڪ ضرور ڏنائين؛ پوءِ اها ٽيڪ سمجهوتي ۽ مفاهمت جي حد تائين ئي ڇو نه کڻي هئي. هن روحاني وجود کي تسليم ڪندي، انسان کي ”پاڻ سنڀاليندڙ، پاڻ ڄاڻندڙ ۽ پاڻ ٺاهيندڙ“ جي اصطلاحن سان ياد ڪيو آهي. اڄ انهيءَ تحريڪ جو ئي پڙاڏو آهي، جو جڏهين به ايراني ۽ هندستاني شاعرن لکڻ لاءِ قلم کي محبت ۽ احترام سان هٿ ۾ کنيو آهي، ته هنن حلاج جو نالو ضرور ياد ڪيو آهي:

فردوس مين ”رومي“ سي يه ڪهتا ٿا ”سنائي“

مشرق مين اڀي تڪ هي وهي ڪاسه، وهي آش

حلاج ڪي ليڪن يه روايت هي ڪه آخر

اڪ مرد قلندر ني ڪيا راز خودي فاش

اهو خوديءَ  جو راز رڳو هي هو ته جيڪڏهين روح مادي سان وچڙيل آهي، ته پوءِ انسان خلقيل ڪونهي، بلڪ خلقيندڙ آهي.

وات مان ايترو نڪتو ئي مس ته زبانون ڪپيون ويون. ڇاڪاڻ جو انهيءَ فلسفي جي سوجهري ۾، انسان کي قيدي بڻائي رکڻ ۾، وقت جي بادشاهن کي ڏکيائي درپيش ٿي آئي. خير، مون کي ته رڳو ايترو چوڻو آهي ته ماڻهوءَ جو اهو عقيدو، ته هو خلقيندڙ آهي- نه رڳو مادي شين جو پر خود پنهنجي پاڻ جو به- فن جي واسطي ڪافي اهم آهي. مادي لحاظ سان ته اها ڳالهه هر ڪو مڃيندو ته ٺڪر جي خسيس ٽڀي کان وٺي هوائي جهاز تائين سڀيئي شيون انسان جون خلقيل آهن. ليڪن روحاني قدرن، اخلاقيات، مذهب، فلسفي، فن وغيره بابت، ڪن ماڻهن کي اهو وهم ويٺل آهي ته اهي شيون سندس (انسان جي) پنهنجي تخليق نه آهن. ان ۾ ڪنهن قدرتي طاقت جو هٿ آهي. ماڻهو پنهنجي سمجهه ۽ سياڻپ جو پاڻ خلقيندڙ نه آهي، پر اهي شيون، سندس دل ۽ دماغ ۾ ڪٿان مٿان نازل ڪيون ويون آهن، جن کي هو انهيءَ لاءِ وڌائي ۽ پکيڙي ٿو، ته جيئـَن هو پنهنجي ابتدا ۽ انتها ئي سمجهي سگهي، ۽ ان طاقت کي پروڙي ۽ پرکي سگهي، جنهن کيس اهڙيءَ نعمت سان نوازيو آهي. اهو مذهبي نظريو اصل ۾ عيني فسلفي (Idealism) جو نظريو آهي، جو انسان کي بذات خود صفتن جو حامل نٿو سمجهي، بلڪ اهو ٻڌائي ٿو ته انسان جون سڀيئي صفتون، ڪنهن ٻيءَ ذات کان گهري ورتل آهن؛ جا ذات کانئس مٿاهين ۽ اعلى آهي. پر جڏهين اهڙي قسم جا مفڪر پنهنجن انهن خيالن کي، انسان جي لڳاتار جدوجهد ۽ ان جي مادي ۽ ذهني تخليقن جي مخالفت ۾ بيٺل ڏسن ٿا، ته هو انهيءَ نظريي سان پنهنجي ذاتي واسطي ۽ محبت سبب، ان جي بچاءَ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن مصلحت جي گنجائش پيدا ڪري ٿا وٺن. انهيءَ مصلحت جون وٽن اڪيچار شڪليون آهن. ڪٿي مذهب ۽ سائنس، يا عقل ۽ عشق ۾ ٺاهه ڪيو ٿو وڃي، ته ڪٿي خالق ۽ مخلوق ۾! جيئَن ته هتي انهيءَ ”فيلسوفي مصلحت“ تي بحث ڪرڻ مقصود نه آهي، بلڪ حقيقت کي ظاهر ڪرڻو آهي- ان ڪري ايترو ٻڌائڻ بيجا نه ٿيندو ته اها مصلحت به انسان جي اُن سوڀ جو نتيجو آهي، جنهن مذهبي مفڪرن کي پنهنجي جاءِ تان هٽڻ لاءِ لاچار ڪري وڌو آهي. انسان جي انهيءَ سوڀ ۾ سائنس جي ڪارنامن سان گڏوگڏ سندس خود شناسي- يعني سندس پنهنجي ارتقا جو حياتياتي (Biological) ۽ تاريخي نظريو- به شامل آهي.

انساني ارتقا جي حياتياتي ۽ تاريخي نظريي بابت اڄ کان پهرين به مواد ڪٺو ڪيو ويو ۽ ان موجب سهڻيون سهڻيون قياس آرائيون پڻ ٿيون. پر انهن کي سائنس جي وسيلي ثابت ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو. اهو ڪم درحقيقت گذريل سؤ سالن ۾ ئي ٿيو آهي، جڏهين سائنس جي جدا جدا شاخن– علم طبقات الارض (Geology)، علم الانسان (Anthropology)، حياتيات، ڪيميا، عمرانيات يعني سماج جو علم (Sociology)، طبعيات (Physics)، سياسيات (Politics) ۽ فنون لطيفه (Fine Arts) جي تاريخ- گڏجي انسان جي تاريخي ابتدا، ان جي ماهيت ۽ اوسر جي ڳجهه کي کولي وڌو. پراڻيون ڏند ڪٿائون ۽ ڪهنيون ڪهاڻيون کولي سمجهائي، انهن جي تخيل جي رمزن ۽ اشارن جي سماجي وضاحت ڪئي. جيتوڻيڪ اهو ڪم اڃا پورو نه ٿيو آهي، پر ايترو ضرور ٿيو آهي ته انسان بابت پراڻا تصورات غلط ثابت ٿيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي، جو علمي، تهذيبي ۽ سماجي نقطي نگاهه کان هڪ پسمانده ملڪ ۾ رهڻ جي ڪري اسان کي انهن ڳالهين جي ايتري پروڙ ڪانهي.

جيڪڏهين ائين چئجي، ته انسان هڪڙي اهڙي دؤر مان به گذريو آهي، جڏهين وٽس نه ادراڪ جي طاقت هئي، نه ارادي جي قوت؛ نه تخيل هو ۽ نه حافظو، ۽ نڪي ڪي منطقي ٻولي؛ ته پوءِ توهان ضرور اچرج ۾ پئجي ويندا- ڇو جو توهان چوندا ته هن احسن المخلوقات وٽ اهي شيون ته پهريائين ئي هئڻ گهرجن ها! پر انهيءَ کي ڇا ڪريون، جو انسان جو سڄو اڳيون رڪارڊ ۽ سائنس جون مڙئي تحقيقون اهو ڏيکارين ٿيون ته هن ترقيءَ جا هي سڀيئي هٿيار ۽ پنهنجي نفسياتي زندگيءَ جو سمورو سوز و گداز، آهستي آهستي پنهنجي مادي تخليقن جي وسيلي سان پاڻ ئي پيدا ڪيو. انسان انهيءَ معنيٰ ۾ تحقيق پنهنجو خالق آهي. اهي سڀيئي شيون جن کي گڏي اسين انسانيت چئون ٿا، سي سندس ئي خلقيل آهن ۽ انهن جي خلقڻ ۽ پيدا ڪرڻ ۾ کيس وڏي ڪوشش ۽ محنت ڪرڻي پيئي آهي. انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته انسان فطرت جو هڪڙو ڀاڱو آهي ۽ سندس روحاني زندگي فطرت جي هنج مان ڦٽي آهي- پر جهڙيءَ طرح اسين هر هڪ ساهه واري کي ماڻهو نٿا چئون، تهڙيءَ طرح اسين انسان کي رڳو انهيءَ بنياد تي فطرت جي تخليق ڪونه چونداسين، جو هو محض سندس گود ۾ پليو ۽ وڌيو آهي. فطرت جو هٿ سندس صورت، هاٺيءَ ۽ سندس حيواني روح جي خلقڻ ۾ ضرور موجود آهي، پر سندس سمجهه ۽ سياڻپ، فضيلت ۽ تهذيب جي ڏئي کي فطرت نه، پر هن پاڻ پنهنجن هٿن سان ٻاريو آهي. هن پاڻ پنهنجو رت وٽو ڏيئي، محنت ڪري، پٿرن کي گهڙي، ڌاتن کي ڳاري ۽ تجربا ڪري، اهو چراغ روشن ڪري ڏيکاريو آهي. منجهس جيڪو هٺ ۽ وڏائيءَ جو جزو آهي، سو به انهيءَ ڪارنامي ۽ ڪاميابيءَ جي ڪري پيدا ٿيو آهي، ۽ هو پاڻ کي ”ڪائنات جو مرڪز“ به ان ڪري ٿو سمجهي، جو دنيا ۾ اها طاقت رڳو کيس عطا ڪئي ويئي آهي. انسان کي اها صلاح ڏيڻ، جهڙيءَ طرح ”ازرا پاونڊ“ پنهنجي هڪ نظم ۾ لکيو آهي، ته ”تون پنهنجي وڏائي جي تنبوءَ کي ڪيرائي ڇڏ، قدرت جي سونهن سوڀيا ڏانهن نهار، ڏس ته تڇ جهڙو جيت به تو کان ڪيترو نه وڌيڪ سونهن ڀريو آهي!“- رڳو هڪ انسان جي توهين ئي ڪرڻي نه آهي، بلڪ اها پوريءَ تاريخ جي توهين آهي. زوال پذير سرمائيداريءَ ۽ اڀرندڙ اشتراڪي نظام ۾ اهو ئي بنيادي فرق آهي. زوال پذير سرمائيدارانه نظام، اڄ انسان کان ڊنل آهي، ڇو جو هو ان جوڙجڪ جي گود مان هڪ نئون جوڙجڪ پيدا ڪري رهيو آهي، ۽ اشتراڪي جوڙجڪ، ڌرتيءَ ۽ آسمان تي سير ڪرڻ ۽ ڪائنات کي هڪڙي دل لڀائيندڙ باغ جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ انسان کي پاڻ ڏانهن سڏي رهيو آهي.

فن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهين انسان ۾ اها وڏائي ۽ هٺ نه هجي ها، ۽ هو پاڻ کي ڪائنات جي جلوه گريءَ جو سبب نه سمجهي ها، ته فن ترقي نه ڪري سگهي ها، ڇو جو فن انساني نفسيات کي کولڻ ۽ وڌائڻ جو هڪ وسيلو پڻ آهي. اهو ئي فن ٻڌائي ٿو ته انسان ۽ فطرت- حوصليمند رانديگر ۽ سندس راند جي ميدان- ٻنهي گڏيل ڪم ڪار ۾ ڪهڙو ڳانڍاپو ۽ لاڳاپو آهي. شين جي حقيقت جو علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انساني نفسيات ۾ جيڪا اونهائي ۽ پنهنجي پاڻ جي واقفيت پيدا ٿئي ٿي، ان کي رڳو فن جي وسيلي ئي ظاهر ڪري سگهجي ٿو- ليڪن اهو اظهار ان ڳالهه جو تابع آهي ته انسان نه رڳو انهيءَ ڳانڍاپي ۽ لاڳاپي تي ڪنهن حد تائين غور ۽ ويچار ڪري، پر هو انهيءَ حقيقت جي پيدا ڪرڻ ۾ خود پاڻ ڀاڱي ڀائيوار به ٿئي- ڇاڪاڻ جو عامل ۽ معمول جو هي لاڳاپو يعني هڪ ٻئي تي اثر وجهڻ واري عمل جو سلسلو پوري ٿيڻ وارو ئي ڪونهي. تخيل کي حقيقت جي ادراڪ (Preception) جو پوئلڳ ٿيڻو پوي ٿو، ۽ انساني ويچار ۽ شعور، حقيقت جا دروازا کوليندو رهي ٿو. انهيءَ لاڳاپي جي تقاضا آهي ته انسان جا پير زمين تي سوگهائيءَ سان ڄميل رهن. ڪائنات جي ڪنهن به طاقت جو مٿس رعب نه وهي- سندس ويچار واري قوت هر ڪنهن شي کي زندگيءَ جي ڪسوٽيءَ تي گهـِي، پروڙڻ ۽ پرجهڻ ۾ يا سچي شعور کي قبولڻ ۽ ڪوڙي شعور کي رد ڪرڻ ۾ آزاد هجي- اهو ڪم انسان سهڻي نموني تڏهين نڀائي سگهي ٿو، جڏهين هو سمجهي ته شعور کيس پيدا نه ڪيو آهي، بلڪ هن پاڻ شعور کي خلقيو آهي. هـِن ۾ سچو توڙي ڪوڙو شعور ٻئي اچي وڃن ٿا ۽ اهي ٻئي وري سماجي ترقيءَ جي سطح ۽ تاريخي حالات جا تابع آهن. کرو کوٽو، سچ ۽ ڪوڙ، انسان جي ترقيءَ سان گڏوگڏ اجرندو رهي ٿو ، پر اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي اٽل آهي ته انهيءَ شعور کي وجود ۾ آڻڻ واري سگهه انسان جـِي پنهنجي سماجي زندگي يعني انسان جو عمل آهي. انسان جو عمل سندس شعور کان آڳاٽو آهي، تنهن جي ثابتي هيءَ آهي ته هو پاڻ شعوري حياتيءَ جي واضح صورتن ۾ پير پائڻ کان اڳ ۾ ئي موجود هو: هو ڳالهائيندو هو، پر سندس گفتگو ۾ اهو منطقي ڳانڍاپو ڪونه هو؛ هو حسياتي تجربا به ڪندو هو، پر انهن کي حافظي ۾ محفوظ ڪري ڪونه ٿي سگهيو؛ هو عمل ڪندو هو، پر ارادي جي قوت منجهس ڪانه هئي؛ هن ۾ جبلت (Instinct) جي ڪري چرپر پيدا ٿيندي هئي، پر عقل سان پنهنجي عمل جي اڳواڻي نٿي ڪري ڄاتائين؛ هو مينهن ۽ سيءَ کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، پر پاڻ لاءِ اجهو اڏي ۽ ڪپڙو اُڻي نٿي سگهيو؛ هو پنهنجو پيٽ ڀريندو هو، پر اناج پيدا ڪرڻ ۽ کاڌي گڏ ڪرڻ جي ڏاهپ کان اڻ واقف هو.

انهيءَ سلسلي ۾ هيٺ ڏنل ٻه حوالا، هڪڙو ادبي ۽ ٻيو تاريخي، ڪافي دلچسپ آهن:

”پراميٿيس“ (چؤکنڀو ٻڌل- پيدائش 525 قبل از مسيح- يوناني عالم ۽ مصنف هومر جي ڪتاب ”آڊيسيءَ“ جو هڪ ڪردار)- جيڪڏهين آءٌ چپ آهيان، ته انهيءَ ڪري مون کي هٺيلو ۽ هوڏي نه سمجهو.

”توهان مون تي چٿرون ڪري، مون کي رنج ٿا ڪريو. هي ديوتا پنهنجي ترقيءَ جي واسطي، مون کان سواءِ آخر ٻئي ڪنهن جا ٿورائتا آهن؟ اهو توهان ڄاڻو ٿا، ۽ انهيءَ ڳالهه جي دهرائڻ جي مون کي ضرورت ڪانهي. تنهن هوندي به آءٌ ان گناهه بابت ڪجهه چوڻ گهران ٿو، جيڪو مون انهن جي مدد ڪرڻ سان ڪيو آهي. مون ئي ٻارن کي ڳالهائڻ سيکاريو، ۽ ٻـُٽيل دماغ کي پاڻ مڃائڻ ڏانهن راغب ڪيو . . . . .

”سچ ڪري پڇو ته انسان کي اکيون هيون، پر هو ڏسي نٿي سگهيو- هن کي ڪن هئا، پر هو ٻڌي نٿي سگهيو- هو هڪڙي خيالي پتلي وانگر، مهيني ۽ سال جي شعور کان سواءِ، گهگهه اوندهه ۾ ڀٽڪندو وتيو. هن کي ڪنهن به هنر جي ڄاڻ ڪانه هئي. هو نڪي سرون وجهي سگهندو هو، نڪي ڇتيون ٺاهي سگهندو هو. اونداهين  ۽ اونڌين چرن ۾ حياتي ڪاٽيندو هو. مهيني ۽ سال جي ڳڻپ جي ڪا ڄاڻ ئي ڪانه هيس. گلن سان ڀرپور بهار ۽ ميون سان ٽمٽار موسمون اينديون هيون، پر هو ايستائين انهن جي لطافتن کان بي خبر هو، جيستائين مون کيس تارن جي علم کان آشنا ڪيو، انگ سيکاريامانس، منظم نشانين جي مدد سان کيس سندس ٽڙيل پکڙيل خيالن کي ڪنهن خاص نقطي تي اچي گڏجڻ جي صلاحيت ڏنيم، ۽ اهڙيءَ طرح سندس يادگيريءَ کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪيم، ته جيئن هو انهيءَ سان اچرج جهڙا ڪارناما ڪري ڏيکاري سگهي- ۽ اها يادگيري ئي شاعريءَ جي ماءُ آهي.“

ٻيو حوالو سسليءَ جي هڪ مؤرخ ”ڊائيڊورس“ جي لکيت مان پيش ڪريان ٿو. هن مؤرخ سسرو (پيدائش 106 ق . م) جو همعصر هو:

”انسان پنهنجي حياتيءَ جي اوائلي دؤر ۾ جانورن ۽ ڇڙڇڙ گابڙن واري زندگي گذاريندو هو. سندس ڳالهائڻ ٻاتو ۽ منجهيل هو. اهو هڪ درجي بدرجي وڌندڙ عمل جو نتيجو آهي، جو هن معنيٰ واري ٻولي پيدا ڪري ورتي. هو انهيءَ دؤر ۾ حياتيءَ جي مڙني سهوليتن کان محروم هو. باهه، اوڇڻ ۽ اجهي کان سواءِ گياريندو هو. کاڌو پچائڻ ڪونه ايندو هوس، ۽ جيئـَن ته کاڌي کي آئيندي لاءِ بچائي رکڻ جو عقل ڪونه هوس، تنهنڪري سندس غذا جو ذخيرو سياري جي شدتن ۾ تباهه ٿي ويندو هو. هي به انهن ئي تلخ تجربن جو نتيجو هو، جو هن غارن ۽ چرن ۾ رهڻ ۽ پنهنجي غذا کي بچائي رکڻ سکيو. ان کان پوءِ هن آهستي آهستي باهه، هنر ۽ فن ڳولي لڌا. اهڙيءَ طرح وڏيءَ مدت کان پوءِ هو انهيءَ رتبي تي پهتو، جيڪو هڪڙي اعليٰ صلاحيت واري ساهواري کي ملي سگهيو ٿي: هاڻي هن وٽ خالي هٿن ۽ زبان کان سواءِ اهڙو دماغ پڻ هو، جو سندس مقصدن کي پورو ڪري ٿي سگهيو.“

هنن حوالن مان هيٺيون ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون، ته انسان ڪنهن زماني ۾ بشر جي جامي ۾ هو، پر بشريت کان محروم هو؛ هو چوڻ ۾ سو ماڻهو هو، پر ماڻهپي کان اڻواقف هو؛ هن جا پنج ئي حواس ڪم ڪندا ۽ اثر قبوليندا هئا، پر هو خيال کي ڪا شڪل ڏيئي نٿي سگهيو؛ هو اخلاقيات، مذهب ۽ ٻين اهڙين شين کان ڇٽل هو؛ نيڪي ۽ بديءَ جو اهو تاڃي پيٽو، جيڪو معاشري ۾ رهڻ جي ڪري پيدا ٿي پيو آهي، سو منجهس ڪونه هو- ڇاڪاڻ جو هن عقل کان ڪم وٺي نٿي ڄاتو، رڳو جبلتن تي عمل ٿي ڪيائين. هو نڪي روسو (Rousseau) جو ”شريف وحشي“ هو ۽ نه مذهبي ڪتابن جو ”گناهگار“- هو اهڙن سڀني ويچارن کان آجو هو. انسان جي انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه طبيعت ڪانه هئي، جيڪا سندس پسگردائيءَ ٿي جوڙي ۽ ان جي جوڙڻ ۾ خود سندس هٿ به ڪم ٿي ڪيو. انسان ۽ حيوان جو بنيادي تفاوت اتان ئي شروع ٿئي ٿو. حيوان قدرتي قانون جو ٻانهو ٿئي ٿو- هو نڪي پنهنجي نفسيات ۾ ڪو ڦيرو آڻي ٿو سگهي ۽ نه وري پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجي پسگردائي ۾، فطرت انهن لاءِ گهڻي ۾ گهڻو هي ڪم ڪري ٿي، جو موسم آهر سندن وارن کي وڌائي ۽ ڪن عضون ۾ معمولي ڦيرو آڻي ٿي. اهڙي قسم جي نالي ماتر تبديلي انسان ۾ پڻ گهڻي گهڻي عرصي کان پوءِ پيدا ٿيندي ئي رهي ٿي- پر منجهس اهو ڦيرو ايتري اڻ محسوس ۽ ڊگهي عرصي ۾ ٿئي ٿو، جو انهيءَ جي بنا تي، انهيءَ ڳالهه تي زور نٿو رکي سگهجي ته هو پنهنجي پسگردائيءَ سان مطابقت، پاڻ ۾ جسماني تبديل آڻڻ سان قائم ٿو ڪري- بلڪ برعڪس انهيءَ جي، هيئَن چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته هو اها مطابقت پاڻ کي سماجي طور بدلائي حاصل ڪري ٿو. پنهنجي سماجي زندگيءَ ۾ هو اجتماعي محنت سان، اهڙيون اهڙيون شيون جوڙيندو رهيو آهي، جو ائين چوڻ ۾ هٻڪ نه ٿيندي ته هن فطرت کي هميشه پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي- انسان جي اها ئي ڪوشش کيس ”خالق“ جي لقب سان سرفراز ڪري ٿي. سندس انهيءَ خاصيت انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ وڏو فرق ۽ ويڇو وجهي ڏيکاريو آهي. انسان جي اها ئي ڪوشش فطرت کي سمجهڻ، ان جي قوتن کي سوگهو ڪرڻ ۽ انهيءَ ڪوشش ڪندي سندس ۽ فطرت جي وچ ۾ جيڪا باهمي خصومت اڀرندي رهي آهي، تنهن کي پري ڪرڻ جي لاڳيتي ڪوشش نهايت لطيف ۽ بصيرت افروز آهي- جيتوڻيڪ ائين ڪندي انسان اڪثر پنهنجو رت به ڏنو آهي. اها رتوڇاڻ ڇو ٿي ۽ هاڻي اها ڇو ضروري ڪانهي، سو الڳ بحث آهي. هتي ته رڳو هي پڌرو ڪرڻو آهي ته هي انسان پنهنجي نفسيات، حواس، عقل ۽ شعور جو پاڻ خلقيندڙ آهي، ۽ هو اهي سڀئي شيون سماجي تعليم جي وسيلي پنهنجن نسلن جي دل و دماغ ۾ ڀريندو رهي ٿو. اها حقيقت پاڻ ئي انهيءَ ڳالهه جو دليل آهي ته هن اهي مڙيئي شيون سماجي زندگيءَ کان حاصل ڪيون آهن. هن دؤر جي ”علم الانسان“ جيتري قدر اسان جي رهنمائي ڪئي آهي، ان مان اسين انهيءَ نتيجي تي پهتا آهيون، ته انسانيت جي اوائلي منزل اها آهي، جنهن ۾ سندس آڱرين ۾ شبن کي جهلڻ جي صلاحيت پيدا ٿي، ۽ هن ڪاٺيءَ يا پٿر کي لسو ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ اهو اڳي ئي ٻڌايو ويو آهي ته هڪڙي تڇ جهڙي پٿر کي ڪارائتي بنائڻ ۾ هزارن سالن جي مشاهدي جي ضرورت پيش آئي هوندي، ڇو جو اوزارن ٺاهڻ ۾ پهريائين انهن جي ڪا صورت مقرر ڪرڻ گهٽ اهميت نٿي رکي. بهرحال جيڪڏهين توهان سهوليت جي لاءِ انهيءَ زماني کي وٺو، جنهن ۾ انسان تير ۽ ڪمان سان جانورن جو شڪار ڪرڻ يا مڇيون ڦاسائڻ لڳو ۽ پيٽ جي پورت ڪرڻ لاءِ رڳو جهنگلي ميون جو محتاج نه رهيو، ته اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته انهيءَ زماني ۾ فن پيدا به ٿي چڪو هو؛ پر اهو فن جانورن جون شڪليون ۽ انهن جا عضوا وغيره ٺاهڻ جي ڪوشش تائين محدود هو. انسان جي اها اوائلي فنڪارانه ڪوشش حافظي جي قوت جي ڪارنامي تائين محدود آهي- ان ۾ ويچار جي قوت جو دخل نٿو ڏسجي- ان ۾ ”مبالغي“ جو ذرو به دخل نٿو پسجي. پوئين د‍ؤر جي فن ۾ جو ويچار جي قوت جي ڪار فرمائي ڏسجي ٿي- خاص ڪري عورتن جي تصويرن يا مورتين ٺاهڻ ۾- سا اوائلي دؤر جي نقش نگاريءَ ۾ ڪانهي. پوين صدين ۾ فنڪارن، عورت جي ”ڄڻڻ“ (Fertility) جي صلاحيت کي نمايان ڪرڻ لاءِ سندس اُرهن ۽ ڪلهن جي تناسب کي ٺاهي جوڙي ۽ وڌائي پيش ڪيو آهي. فنڪار هن دور ۾ پهچي، جيڪي اصل آهي تنهن ۾ سچ پچ پنهنجي طرفان تصرف ڪري ٿو- ليڪن اهو تصرف اوائلي زماني جي نقشن ۾ نٿو ملي: اهو انهيءَ ڪري نه ٿيو، جو هن تصرف پسند نٿي ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري، جو تنهن زماني ۾ سندس ذهني قوت ايترو اڳتي وڌي ڪانه آئي هئي. هو اڃان ”منفرد ۽ محسوس“ جو قيدي هو- هن جو دماغ هڪڙي ئي قسم جي بيشمار شين کي ڏسي، انهن ۾ هڪ جهڙين خاصيتن ڳولڻ کان قاصر هو. اهو ئي سبب هو، جو هو پنهنجي فن جي مدد سان پنهنجو آدرش (Ideal) پيش نٿي ڪري سگهيو- هن جو فن ظاهر پسند ۽ نقل پسند هو. کيس تخيل ۽ مثاليت نٿي آئڙي. هاڻي شايد اوهان کي تخيل ۽ حافظي جي قوت ۾ فرق معلوم ٿي ويو هجي: حافظو ڪنهن شي جو هوبهو نقل ڪري ٿي سگهيو، پر ساڳئي قسم جي بيشمار شين مان هڪ جهڙين خاصيتن کي اخذ ڪري نٿي سگهيو- اهو ڪم تخيل جي قوت ڪري ٿي سگهي- ۽ اها ذهني قوت انسان ۾ ان وقت پيدا ٿي، جڏهن هن جو ذهن تجريد يعني ”ڇنڊڇاڻ“ ڏانهن لڙيو ۽ شين جي بنيادي خاصيتن کي معلوم ڪرڻ، ۽ شين کي سندن صفتن کان جدا ڪري جاچڻ لڳو. انسان جي اها سموري ذهني جدت مادي تخليقات جي هنج ۾ ئي پلي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com