سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/  1956ع

 

صفحو :21

چيو وڃي ٿو ته سنڌي زبان اڃا انهيءَ لائق نه ٿي آهي، جو ان کي يونيورسٽي امتحانن ۾ جوابن لکڻ جو ڪامياب وسيلو سڏي سگهجي. سوال ٿو اُٿي ته سنڌي زبان جي انهيءَ لياقت يا عدم لياقت جو فيصلو ڪيئن ڪري سگهبو؟ جيستائين ڪراچيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي موجود هئي، تيستائين ته اسان جي زبان خلاف ڪڏهن به اهڙي قسم جو اعتراض ڪنهن ڪونه اُٿاريو- انهيءَ يونيورسٽي کي اڄ به اسان جي زبان جي انهن لياقتن ۾ پورو پورو ڀروسو آهي. ڪراچي يونيورسٽي پاڻ به شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌي زبان کي امتحاني زبان جي حيثيت ۾ قائم رکندي پئي آئي آهي: حيرت جو مقام البت هيءُ آهي ته هن يونيورسٽيءَ جي اختياريءَ وارن سنڌيءَ ۾ لکيل جوابن جون ڪاپيون هميشه سنڌي زبان کان بنهه غير واقف شخصن کي ئي ڏسڻ لاءِ پئي ڏنيون آهن! بهرحال اسان سنڌي شاگرد، جن جو ان ڳالهه سان سنئون سڌو واسطو آهي، سي ته امتحانن ۾ پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ سنڌي زبان جي صلاحيت ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو ڪونه ٿا رکون. عين ممڪن آهي ته اسان جا اِهي غير سنڌي ممتحن ئي هجن، جن کي اسان جي زبان، يونيورسٽي امتحانن لاءِ، اڻ پوري ۽ اڻ سڌريل نظر آئي هجي- ۽ انهيءَ خيال ۾ هو واقعي حق بجانب ٿي سگهن ٿا، ڇو ته هر ڪا زبان هر انهيءَ شخص کي، جو ان زبان ۾ لکي پڙهي نٿو سگهي، ائين ئي نظر ايندي. پر، يونيورسٽيءَ جهڙي اعلى تعليمي اداري جي شان وٽان اها ڳالهه نه آهي، جو استادن جي هڪڙي گروهه ۾ اعتبار نه رکِي، يونيورسٽي امتحانن ۾ لکيل جوابن جون ڪاپيون، استادن جي هڪ ٻئي اهڙي گروهه کي جاچڻ لاءِ ڏئي، جي انهيءَ زبان مان چڱيءَ طرح واقف ئي نه هجن، ۽ پوءِ انهيءَ ٻئي گروهه سان واسطو رکندڙ استادن جي ئي چوڻ تي لڳي، سنڌي زبان کي اڻ پورو ۽ اڻ سڌريل سمجهي، ان ٻوليءَ کي مرڳو ئي امتحاني حيثيت کان هيٺ لاهي ڦٽو ڪري ڇڏي – ان کان وڌيڪ بي واجبي، اڻ سهائيندڙ ۽ غير معقول ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿـِي سگهي ٿِي!

سنڌي ٻوليءَ کي امتحاني ٻوليءَ جي حيثيت کان خارج ڪرڻ لاءِ هڪڙو سبب اهو به ڏنو وڃي ٿو ته سنڌي زبان جي هن حيثيت کي قائم رکڻ ڪري يونيورسٽيءَ کي ٻيڻا خرچ ڪرڻا پوندا – ڇاڪاڻ ته امتحانن ۾ هر قدم تي خرچ لازمي طور وڌيڪ ٿيندا. سنڌي زبان کي قربانگاهه تي چاڙهي، يونيورسٽيءَ جي مالي بجيٽ کي درست رکڻ هڪ اهڙو ته خسيس، ٻاراڻو ۽ دل آزاريندڙ دليل آهي، جو ٿوري سمجهه رکندڙ انسان به جيڪر اها ڳالهه زبان تي آڻي ڦڪائيءَ کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪري. بهرحال، جيڪڏهن ان مالي تڪليف جي سوال تي ٿورو غور ڪبو، ته ڏسڻ ۾ ايندو ته وڌيڪ خرچ جو سوال فقط ٻن ڳالهين لاءِ اٿندو: پهريون سوالي پرچن جي ترجمن ڪرائڻ لاءِ، ۽ ٻيو انهن جي ڇپائڻ لاءِ. ظاهر آهي ته انهن ٻنهي ڪمن تي يونيورسٽيءَ جا مشڪل سان ٻه هزار رپيا خرچ ٿيندا. اسان کي يقين آهي ته خود ڪراچي يونيورسٽي اختياريءَ وارا به پنهنجن هيترن سارن شاگردن جي سهولت خاطر ايتريءَ معموليءَ رقم جي خرچ ڪرڻ تي ارها نه ٿيندا – ڀولو ناهي جو سندن اهي شاگرد سنڌي ڳالهائيندڙ ئي ڇو نه کڻي هجن.

ائين به چيو وڃي ٿو ته هاڻي ڇاڪاڻ ته اردو اسان جي سرڪاري زبان آهي، تنهنڪري اردو کان اڻڄاڻ شاگردن لاءِ ضروري آهي ته هو جلد از جلد اردو سکي ان ۾ مهارت حاصل ڪن – اِن ۾ هنن جو پنهنجو ئي فائدو آهي!

سرڪاري زبان بنجڻ لاءِ اردو جي لياقتن، يا ملڪ جي دستور ۾ ان کي اهو درجو عطا ڪرڻ جي دانشمنديءَ يا غير دانشمنديءَ واري سوال کي ڇڏي ڪري، اسين هن ڳالهه تي احتجاج ڪرڻ کان ڪنهن به صورت ۾ پاڻ کي روڪي نٿا سگهون، ته پاڪستان جي دستور ۾ اسان جي زبان جو ٺلهو نالو به داخل نه ڪيو ويو آهي - ۽ انهيءَ ظاهر ظهور زور آوريءَ خلاف، ۽ سنڌيءَ کي آئيني طور (مغربي) پاڪستان جي هڪ سرڪاري زبان تسليم ڪرائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي ڪراچي ۽ سنڌ ۾ هڪ زوردار عوامي هلچل هلي رهي آهي: صحين جي دستاويز تي لکن جي تعداد ۾ صحيون ملي چڪيون آهن ۽ سنڌ جي سڀني ميونسپالٽين، لوڪلبورڊن، اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٻين پبلڪ ادارن ۽ سنڌ جي سڀني اخبارن ان مطالبي جي پرزور حمايت ڪئي آهي، ۽ اسان کي فخر آهي ته اسان ڪراچيءَ جا سنڌي شاگرد به ان عوامي تحريڪ جا دليون جانيون حمايتي آهيون، - پر ساڳئي وقت پاڪستان جي دستور ۾ سنڌي زبان کي سرڪاري حيثيت نه ملڻ جي اها ته معنيٰ نه آهي ته ڪي شخص، توڙي يونيورسٽيءَ جهڙا پبلڪ جي پئسن تي هلندڙ ادارا، ڄاڻي واڻي ان کي نڌڻڪو سمجهـِي، هيسائي ۽ ٻوساٽي مارڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪن. ڪراچي شهر ۾ اڳ ۾ ئي سنڌي پرائمري اسڪول بند ڪري، سنڌي ڳالهائيندڙ رهاڪن کي هر ممڪن طريقي سان پنهنجن ٻارن کي اردو پرائمري اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. ”ڪراچي سيڪنڊري تعليمي بورڊ“ وارن پڻ پنهنجي دائري اسڪولن جي تعليمي نصاب ۾ اردو ته سڀني شاگردن لاءِ لازمي ڪري ڇڏي آهي، پر سنڌي رڳو سنڌين لاءِ به لازمي قرار نه ڏني اٿن. ڪراچي يونيورسٽيءَ ته سڀني کان ٻه قدم اڳتي وڌي، قلم جي هڪڙي ئي ڌڪ سان، سنڌي زبان کي، سندس پاڪستان کان به اڳ مليل درجي کان هيٺ لاهي، پنهنجي احاطي کان ڌڪاري ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو آهي!

هتي اسين، قائد اعظم، قائد ملت، پاڪستان پارليامينٽ ۽ دستور ساز اسيمبليءَ جي انهن خاطرين کي دهرائڻ ضروري نٿا سمجهون، جيڪي هنن ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ ۽ وري سنڌ ”الهندي پاڪستان“ ۾ جذب ڪرڻ وقت، اسان جي زبان ۽ ٻين تهذيبي ورثن کي محفوظ رکڻ جي سلسلي ۾ اسان کي ڏنيون هيون.

اسان جو هيءُ عقيدو آهي ته سنڌ وانگر، پاڪستان به جدا جدا تهذيبن ۽ سڀيتائن جو هڪ تجربيگاهه آهي، ۽ جدا جدا، رنگ برنگ گلن جي گڏجڻ سان هڪ پربهار گلشن جو مثال ٿو پيش ڪري. اسان جي هن پياري وطن جو هي پيارو تختگاهه – ڪراچي ته ان لحاظ کان هڪ مثالي سرزمين آهي، جتي اسان جا بنگالي، بلوچ، پٺاڻ، پنجابي ۽ هندستان جي مختلف علائقن مان لڏي آيل اسان جا ڀائر، اسان هتان جي قديم سنڌي رهاڪن سان – اسان کي هن ملڪ جي قديم شهري هجڻ تي واقعي فخر آهي – نهايت ميٺ محبت، ڀائپيءَ ۽ وطني جذبي سان گڏ رهن ٿا. انهن حالتن ۾، ڪراچي يونيورسٽيءَ کي ته پاڻ برادري ۽ وطني حب جي مقدس جذبي تي قائم رهي، پنهنجي روشن دماغ، انصاف پسند ۽ بي ريا هجڻ سان ثابت ڪري ڏيکارڻ گهرجي ته هوءَ به سنڌ جي قديم تهذيب جي روح – يعني فراخدلي، بردباري، انساني همدردي، عالمگير محبت، ۽ هر تنگ نظريءَ ۽ تعصب کان آزاد نظريي جي مالڪ آهي.

هيءَ مختصر گذارش خدمت ۾ عرض رکندي، اسان اوهان ۾ اميد ٿا رکون ته اوهان صاحب ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ جا ميمبر صاحب اسان جي هن يادداشت تي دلي همدرديءَ سان غور فرمائيندا، ۽ پنهنجي غير منصفانه فيصلي تي نظرثاني ڪري، سنڌي زبان کي يونيورسٽيءَ جي تعليمي دنيا ۾ سندس اڳئين درجي تي قائم رکندا.

مادري زبان ۽ تعليم

]تازو ”ٻارن جي تعليم“ جي موضوع تي، هڪ عام جلسي ۾ لاهور جي شهرين کي خطاب ڪندي، مغربي پاڪستان سرڪار جي آبادڪاري کاتي جي سيڪريٽريءَ جناب محمد مسعود فرمايو ته[

”سچ پچ اها هڪ دک جي ڳالهه آهي، جو ڪيتري وقت کان وٺي اسان جا بيشمار معصوم ٻار، هڪ ڌاريءَ زبان ذريعي تعليم وٺڻ جي عذاب ۾ مبتلا آهن. اهڙيءَ طرح، سندن تعليم جو عمل الٽو سندن دماغ جي انتشار ۽ شخصيت جي پريشانيءَ جو سبب بڻجي ٿو، ۽ زندگيءَ متعلق سندن معصوم ۽ نازڪ خيال، هڪ ڌاريءَ زبان جي نامعلوم آوازن ۽ اُچارن کي ئي طوطي وانگر نقل ڪرڻ جي گورک ڌنڌي ۾ ڦاسي، هُپجي وڃن ٿا؛ جنهن جو لازمي طور اهو نتيجو نڪري ٿو، جو اسان جا اهي نونهال، زندگيءَ کي سمجهڻ ۾ ايترو ته مُنجهي پون ٿا، جو ڪيتريون سنيون سوليون ڳالهيون به مٽجي سٽجي هنن لاءِ ڏکيون، پيچدار ۽ سمجهه کان ئي ٻاهر ٿي پون ٿيون.

”اِها مادري زبان جي بدران ڌاريءَ زبان کي تعليمي ذريعي بڻائڻ جي مصيبت ئي آهي، جنهن اسان جي ملڪ جي لاتعداد ٻارڙن کي اهڙي ته چڪر ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جو سندن زندگيءَ جو مکيه ۽ قيمتي وقت فقط هڪ ڌاريءَ زبان سکڻ جي فضول ۽ بيڪار مشغوليءَ ۾ ئي ضايع ٿي وڃي ٿو.

”پر، جيڪڏهن تعليم جو اصل مقصد ٻار کي وڏو ٿي بهتر ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ تيار ڪرڻ آهي، ته پوءِ کيس سندس زندگيءَ جون سموريون حقيقتون اصلي صورت ۾ ئي پاڙهڻ گهرجن- ۽ اهو سڀڪجهه سندس مادري زبان ۽ ان جي ملڪي ماحول ۾ ئي ميسّر ٿي سگهي ٿو.

”تعليم جي ذريعي طور مادري زبان جو استعمال ڪيتري قدر ضروري ۽ مفيد آهي، انهيءَ مسئلي تي ويچار ڪرڻ لاءِ، سنه 1951ع جي آخر ۾، اقوام متحده طرفان دنيا جي ماهرن جي پئرس (فرانس) ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ٿي هئي: ان ڪانفرنس ۾ بنيادي تعليم تي هڪ رپورٽ متفق طور مرتب ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾ هيٺيان چار اهم تعليمي اصول پيش ڪيا ويا هئا:

(1)              مادري زبان ئي هر شخص لاءِ سندس خيالن جي اظهار جو قدرتي ذريعو آهي؛ ۽ سندس خيالن جي اظهار کي پوريءَ طرح طاقت وٺائڻ، هن جي شروعاتي ضرورتن مان هڪ نهايت اهم ضرورت آهي.

(2)             هر هڪ شاگرد جي درسي تعليم، لازمي طور سندس مادري زبان جي ذريعي ئي عمل ۾ اچڻ گهرجي.

(3)             ڪنهن به زبان جي بناوت ۾ اهڙي قسم جي ڪا به بنيادي ڪمزوري نه آهي، جا کيس انسان جي موجوده علم، فن ۽ موجوده تهذيب جي اظهار جي وسيلي بڻجڻ کان روڪي سگهي.

(4)             مادري زبان جو نعم البدل ٻي ڪا به قومي يا بين الاقوامي زبان تيستائين نٿي ٿي سگهي، جيستائين اسان جا ٻار اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي انهيءَ ٻيءَ زبان کان چڱيءَ طرح واقف نه هجن.

”هنن ڳالهين کي خيال ۾ رکندي، ملڪ جي تعليمي اختياريءَ وارن کي گهرجي ته هو پنهنجو اثر رسوخ هلائي، عام ماڻهن کي ان ڳالهه تي آماده ڪن ته کين پنهنجن ٻارن لاءِ مادري زبان کي تعليم جو ذريعو تسليم ڪرڻ گهرجي“.

سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن (ڪراچي،17 آڪٽوبر 1956ع)

آزاديءَ کان پوءِ، ٿوري وقت لاءِ، سنڌي علم ادب جي بهتريءَ ۽ واڌاري ۾ روڪ پئجي ويئي، پر ترت ئي سنڌي ٻوليءَ سان قرب رکندڙ، سنڌي اديب ۽ شاعر، انهيءَ عارضي جمود جي حالت تي غالب پئي، سجاڳ ٿي، نڪري نروار ٿيا. جلد ئي سنڌ جي جدا جدا هنڌن ۾، سنڌي ادبي جماعتون، بزمون، انجمنون ۽ سنگتون هستيءَ ۾ اچڻ لڳيون. انهيءَ ادبي ادارن برپا ٿيڻ سان، سنڌين جي سينن ۾ نوان امنگ ۽ اتساهه اڀرڻ لڳا، ۽ وچ واري دور جي پيدا ٿيل مايوسي ۽ ماٺائي چوڌاري هٽڻ لڳي.

سنڌي ادبي سنگتون به انهيءَ دور جي پيدائش آهن. پهريائين، ڪراچي شهر ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ برپا ٿي؛ جنهن بعد، سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ سنڌي ادبي سنگتون هستيءَ ۾ اچڻ لڳيون. هي جدا جدا ادبي سنگتون، پنهنجي وت آهر، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي ڏس ۾ اڄ جو ڪم ڪري رهيون آهن، تنهن سنڌ جي علمي ادبي دنيا ۾ هڪ نئين زندگي پيدا ڪئي آهي.

ويجهڙائيءَ ۾، سنڌي ٻوليءَ کي مغربي پاڪستان جي هڪ سرڪاري ٻولي تسليم ڪرائڻ واريءَ تحريڪ ۾، سنڌي ادبي سنگتن پاران ساراهه جوڳيون ڪوششون ورتيون ويون: سنڌي عوام جو انهيءَ مکيه مسئلي طرف، نه فقط ڌيان ڇڪايو ويو، بلڪ منجهن مسئلي جي اهميت جو احساس ۽ شعور پيدا ڪري، پنهنجن حقن لاءِ زوردار آواز کڙي ڪرڻ لاءِ کين ميدان ۾ آندو ويو. سنگتن جي ڪوششن سان، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکن جي تعداد ۾ صحيحون وريون وييون، ۽ ان معرفت سنڌي عوام جي زوردار راءِ جو اظهار ڪيو ويو ته ”ملڪ جي آئين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مغربي پاڪستان جي هڪ سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت سان تسليم ڪيو وڃي“. ڪراچيءَ مان ٻه ڪتابڙيون- هڪ سنڌيءَ ۾ ۽ ٻي انگريزيءَ ۾- ڇپايون وييون، جن ۾ تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪري ڏيکاريو ويو ته سنڌي ٻوليءَ جي هن جنمي حق جي تسليم نه ٿيڻ جي حالت ۾، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌين لاءِ ڪهڙا اگرا نتيجا نڪرندا.

عوام کان صحيحن وٺڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، ۽ وقت جي حالتن ۽ گهرجن کي ڌيان ۾ آڻڻ سان هيءَ ضرورت عام محسوس ٿيڻ لڳي، ته سنڌ جون جدا جدا سنگتون گڏجي يڪمشتيءَ سان ڪم ڪن، ته منزل مقصود جلد ۽ سولائيءَ سان ماڻي سگهبي. نيٺ، اپريل 1956ع ۾، ارڙهين سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي، لاڙڪاڻي ادبي سنگت جي دعوت تي، جدا جدا سنگتن جا عيوضي اچي لاڙڪاڻي ۾ ڪٺا ٿيا. ميڙ ۾ مرڪزي جماعت برپا ڪرڻ جو اصول قبول ڪري، ”سنڌ سنگت“ کي هستيءَ ۾ آڻڻ لاءِ هڪ تنظيمي ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي. ڪاميٽيءَ کي سنڌ سنگت جي جوڙجڪ ٺاهڻ، جدا جدا سنگتين کي مرڪزي جماعت جو ميمبر بنائڻ، ۽ سنگتن جي عيوضين جي ڪنوينشن سڏائڻ جو ڪم سونپيو ويو.

جلد ئي تنظمي ڪاميٽيءَ، جوڙجڪ تيار ڪري، جدا جدا سنگتن کي ميمبر ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻي، ڪراچي سنگت جي دعوت تي، فيصلو ڪيو ته ”سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن“ ڪراچيءَ ۾ سڏائي وڃي.

هيءَ ڪنوينشن آچر 7 آڪٽوبر 1956ع تي سنڌي مدرسي ۾ گڏ ٿي، ۽ ان ۾ سنڌ جي جملي ٻارهن سنگتن پنهنجا ڪل 33 عيوضي موڪلي شرڪت ڪئي، جن جا نالا هي آهن: جمال ابڙو (شڪارپور)؛ عبدالفتاح عبدا (لاڙڪاڻو)؛ غلام سرور عباسي، حسام الدين هڪڙو، علي انور گوپانگ، محمد ايوب انصاري (قنبر علي خان)؛ رشيد ڀٽي، تنوير عباسي (سکر)؛ عبدالغفور بلوچ، شيخ حفيظ (خيرپور ميرس)؛ معصوم هالائي، برده سنڌي (نواب شاهه)؛ محمد علي اختر مورائي (مورو)؛ ع . ق. شيخ، شمشير الحيدري، حسن علي نذير، مقبول ڀٽي (حيدرآباد)؛ ڀٽي قادر بخش زيب، غلام نبي بهراڻي، پروانو ڀٽي، اختر رضوي (ٽنڊو محمد خان)؛ ابن حيات پنهور، جمال الدين ڪوهستاني، غلام مصطفيٰ، محمد حسن (جهمپير)؛ عبدالله رنگريز، محمد قاسم ميمڻ، سيد قمرالحسن، عبدالرحمان (ميرپور بٺورو)؛ احسان بدوي، نورالدين سرڪي، موتيرام رامواڻي، اياز قادري (ڪراچي).

رٿيل پروگرام پٽاندر، ڪنوينشن جي پهرين بيٺڪ، پوري وقت تي سنڌ مدرسي جي ڪامن روم ۾ ٿي. بيٺڪ جي صدارت، سنڌ جي مشهور فنڪار، جناب ع . ق . شيخ صاحب ڪئي. صدر صاحب پنهنجي اوائلي تقرير ۾، موقعي جي اهميت تي ويچار ظاهر ڪري، اميد ڏيکاري ته ڪنوينشن ۾ شامل ٿيل عيوضي، ڪنوينشن جي مرادن کي برثواب ڪرڻ ۽ ڪنوينشنن کي ڪامياب بنائڻ ۾ پٺتي نه پوندا.

انهيءَ بعد، تنظيمي ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽري اياز قادريءَ، اتساه ڏيندڙ، پنهنجي لکيل استقباليه تقرير هن ريت پڙهي:

”صاحبِ صدر ۽ ساٿيو! توهان، شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي گيتن ۽ نغمن سان ڀريل پاڪ سرزمين سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي آجيان ڪندي، هڪ قسم جي روحاني خوشي ۽ سرهائي ٿي ٿئيم، جو اوهان سنڌ جي دور دراز ڳوٺن ۽ شهرن مان، پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي، اڄ هتي پنهنجي سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي موجوده مسئلن تي سوچ ويچار ڪرڻ، انهن لاءِ ڪي ڪارگر عملي قدم کڻڻ، ۽ سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل ادبي سنگتن جي تنظيم واسطي اچي ڪٺا ٿيا آهيو.

”اڄ اسين جنهن شهر ۾ ڪٺا ٿيا آهيون، ان جو سنڌ جي تاريخ ۽ سياست، تهذيب ۽ تمدن، ادب ۽ زبان سان صدين کان وٺي جسم ۽ جان جو لاڳاپو رهيو آهي: ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي: ڪراچي  هڪ صنعتي ۽ تجارتي شهر رهيو آهي، جنهن ۾ علم ۽ ادب جي وڌڻ ويجهڻ لاءِ هر قسم جون سهولتون موجود رهيون آهن. ورهاڱي کان اڳ، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين، سنڌي علم ۽ ادب جِي – اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن وسيلي، خواه اسڪولن ۽ ڪاليجن ذريعي – جا خدمت ڪئي آهي، سا سنڌي علم ۽ ادب جي تاريخ ۾ سونهري حرفن ۾ لکڻ جي لائق آهي.

”پر بدقسمتيءَ سان اڄ اهي ڏينهن ڏسڻا پيا آهن، جو سنڌ جي انهيءَ ساڳئي مرڪزي شهر ڪراچيءَ ۾، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب کي نگهوسار ڪرڻ جون سازشون سٽجي رهيون آهن. پهريائين ڪراچي ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ پرائمري تعليم جون سهولتون ختم ڪيون ويون آهن: هتي سنڌين جي بار بار تقاضائن جي باوجود، نوان سنڌي اسڪول کولڻ بجاءِ، اڳيان سنڌي اسڪول بند پيا ڪيا وڃن. سيڪنڊري اسڪولن ۾ سنڌي شاگردن لاءِ اردو ته لازمي رکي ويئي آهي، پر سندن مادري زبان سنڌيءَ کي هڪ اختياري مضمون جي حيثيت ۾ ئي ڇڏيو ويو آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مورڳو ئي سنڌي زبان کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جا عملي قدم شروع ڪيا آهن. گذريل نون سالن کان، سنڌي شاگردن کي يونيورسٽي امتحانن ۾ سنڌي زبان ۾ جوابن لکڻ جو جيڪو حق حاصل هو، هن سال ختم ڪيو ويو آهي. دنيا جي تواريخ ۾ ڪو به اهڙو مثال نه ملندو، جو ڪنهن ملڪ ۾ لڏي آيل قومن، اچي اتي جي زبان کي اهڙي بيدرديءَ سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي، جهڙيءَ ريت اسان جا هي ڀائر مساوات جا نعرا بلند ڪري، خدا ۽ اسلام جي نالي ۾، اسان جي سنڌي زبان کي ختم ڪرڻ جا گهاٽ گهڙي رهيا آهن. نه فقط ايترو، پر اسان جا هي ساڳيا ڀائر اها به دعويٰ ڪن ٿا ته ’سنڌ اسلام هٿان ٻه ڀيرا فتح ٿي آهي: هڪ محمد بن قاسم هٿان، ۽ ٻيو 14 آگسٽ 1947ع جي موقعي تي!‘، انهن مان ڪي ته ائين به چون ٿا ته ”ڪراچيءَ جو شهر تاريخ ۾ ڪڏهن به سنڌ جو حصو ئي نه رهيو آهي!“

تفو بر تو، اي چرخِ گردان، تفو!

”جيڪڏهن ڪراچيءَ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ مان ان طرح سنڌي زبان کي تڙيو ويو، ته ڪراچيءَ جا سنڌي باشندا، پنهنجي اولاد کي شروع کان وٺي اردو ۾ تعليم ڏيارڻ تي مجبور ٿي پوندا، جنهن جو نتيجو لازمي طور اهو نڪرندو، جو ڪراچيءَ مان سنڌي زبان جو نالو نشان مٽجي ويندو.

”هڪ طرف ڪراچيءَ جهڙي ترقي يافته مرڪزي شهر ۾ سنڌي زبان جي خاتمي جا سانباها ٿي رهيا آهن، ته ٻئي طرف وري سنڌ ۾ به سنڌي زبان کي ٻوساٽي مارڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن: پاڪستان جي دستور جي آڙ وٺي، سنڌ جي سرڪاري توڙي نيم سرڪاري ادارن ۾، سنڌيءَ بدران اردوءَ کي نهايت ديده دليريءَ سان ميدان ۾ آڻڻ جا انتظام ٿي رهيا آهن. جمهوري تقاضائن کي ته شروع ۾ ئي نظرانداز ڪري، سنڌي عوام جي سخت احتجاج جي باوجود، پاڪستان جي دستور ۾ سنڌيءَ کي سرڪاري زبان تسليم ڪرڻ ته درڪنار، ان کي مغربي پاڪستان جي هڪ سرڪاري زبان به تسليم نه ڪيو ويو آهي، ۽ انهيءَ بدران اٽلو سنڌي عوام مٿان اردوءَ کي مڙهڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ انهن سڀني حرڪتن جا نتيجا، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب لاءِ، اڳتي هلي نهايت نقصانڪار ۽ خطرناڪ ثابت ٿيندا.

”ورهاڱي کان پوءِ، ٿوري وقت لاءِ، سنڌي علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۽ واڌاري ۾ روڪ پئجي ويئي. گهڻائي اديب سنڌ کي الوداع چئي هليا ويا. ڪيترون ئي ادبي جماعتون درهم برم ٿي ويون، ۽ اڪثر ادبي ادارا ماٺ ٿي ويا. اهي اخبارون ۽ رسالا، جي سالن کان سنڌي ادب جي خاموش خدمت ڪري رهيا هئا، سي ڏسندي ڏسندي بند ٿي ويا. ناولن، قصن ۽ ڪهاڻين جا سلسلا، جي سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي روشن مستقبل جا ضامن هئا، سي ختم ٿي ويا. ڪجهه سال ته سنڌي ادب تي اهو جمود طاري رهيو، پر زنده قومون ۽ انهن جو ادب اهڙيءَ آسانيءَ سان نه مرندا آهن: ڪجهه وقت جي ماٺ کان پوءِ ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين مکيه شهرن ۾، باشعور سنڌي اديب هڪ دفعو وري گڏ ٿي، ادبي سنگتون، انجمنون ۽ جماعتون وغيره جوڙي، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سنڌي ادب جي سڪل زمين کي سرسبز ۽ شاداب ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙا ٿيا.

”انهن ئي ارادن کي ساڻ کڻي، ڪراچيءَ جي ادبي ذوق رکندڙ دوستن، 1952ع ۾ پهريون دفعو ”سنڌي ادبي سنگت“ جو بنياد رکيو. ائين، ٿيندي ٿيندي، سنڌ ۾ گهڻو ڪري سڀني مکيه شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي ادبي سنگتون برپا ٿيون. ڪيترن هنڌن ته، خيال ۽ عمل جي هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ، اڳ ۾ ئي قائم ٿيل ادبي جماعتن به پنهنجا پنهنجا نالا بدلائي، هن نئين ادبي تحريڪ ۾ شريڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ٿوري ئي وقت اندر اهي ادبي سنگتون پنهنجي ڪم سبب ڪافي مقبول ٿي چڪيون آهن. گذريل سال – ڏيڍ ۾ سنڌي ادبي سنگتن پنهنجي پنهنجي توفيق آهر سنڌي زبان ۽ ادب جي خاصي خذمت ڪئي آهي. انهيءَ وچ ۾، سنڌيءَ کي سرڪاري زبان تسليم ڪرائڻ لاءِ جيڪو تحرڪ سنڌي ادبي سنگتن هلايون، سو تعريف جي قابل آهي _ خاص طرح، حيدرآباد سنگت پاران هلايل صحيحين واريءَ هلچل کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سڀني سنگتن جيڪا ڪوشش ورتي آهي، تنهن کي ڪنهن به حالت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

”سنڌ ۾ جدا جدا سنگتن قائم ٿيڻ کانپوءِ، اڪثر سنگتين کي خيال ٿيو ته ڇو نه انهن ٽڙيل پکڙيل ادبي سنگتن کي هڪ لڙهه ۾ پوئجي – انهيءَ خيال کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ، هن سال اپريل ۾، 18 سنڌي ادبي ڪانفرنس جي موقعي، ۽ لاڙڪاڻي ادبي سنگت جي ڪوٺ تي، جدا جدا سنڌي ادبي سنگتن جي نمائندن جو هڪ ميڙ ڪٺو ٿيو، جنهن ۾ ”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي تنظيمي ڪاميٽيءَ جو بنياد رکيو ويو. ان تنظيمي ڪاميٽيءَ جي فيصلن موجب، سنڌ سنگت جي ڪاروبار لاءِ هڪ جوڙجڪ به تيار ڪيو ويو، ۽ سڀني سنگتن سان ان سلسلي ۾ خط و ڪتابت جاري رکي ويئي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو ٿوري عرصي ۾ ئي سنڌي ادبي سنگت جو پيغام، سنڌ جي جدا جدا ڳوٺن ۽ شهرن تائين پهچي ويو آهي.

”گذريل جولاءِ جي 15 تاريخ، حيدرآباد ۾ تنظيمي ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۾، گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ، رٿيل جوڙجڪ بحال ڪري، سڀني سنگتن جي عيوضين جي هڪ وسيع اجتماع جو فيصلو ڪيو ويو. ان ميٽنگ ۾ ڪراچي سنگت جي نمائندن، ڪراچيءَ ۾ ڪنوينشن ڪوٺائڻ جي دعوت ڏني، جا تنظيمي ڪاميٽيءَ قبول ڪئي. تنظيمي ڪاميٽيءَ جي هدايتن موجب رٿيل جوڙجڪ جون ڪاپيون، جدا جدا سنگتن ڏانهن موڪليون ويون، ۽ سڀني سنگتن کي الحاق جي درخواست، ميمبر شپ جي في ۽ ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چئن عيوضين چونڊي موڪلڻ لاءِ گذارش ڪئي ويئي. نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو گهڻو ڪري سڀني سنگتن وقت سر پنهنجي پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو، جنهن جي عملي صورت اڄ جو اجلاس آهي.

”آخر ۾ هڪ دفعو وري به، اوهان ساٿين کي خوش آمديد چوندي، آءٌ اوهان جو ڌيان سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي موجوده مسئلن ڏانهن ڇڪائيندي، اوهان دوستن کي گذارش ٿو ڪريان ته اڄوڪي ڏينهن، سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل سنگتن جي مرڪزيت، سنڌي زبان جي تحفظ ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪي ڪارائتا ۽ عملي قدم سوچي، پنهنجي ادب دوستيءَ جو ثبوت قائم ڪريو“.

سيڪريٽريءَ جي استقباليه تقرير کان پوءِ، تنظيمي ڪاميٽيءَ پاران، ڀاءُ موتيرام رامواڻيءَ سنڌ سنگت جو رٿيل جوڙجڪ پيش ڪيو. پهرين پڙهڻيءَ کان پوءِ، جوڙجڪ جي هڪ هڪ فقري تي بحث ٿيو ۽ رايا ورتا ويا، ۽ اهڙيءَ ريت، ڪجهه درستين سان، سنڌ سنگت جو جوڙجڪ آخرين طرح بحال ڪيو ويو. انهيءَ بعد چونڊون شروع ٿيون. ايندڙ سال لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:

1. جنرل سيڪريٽري   :       اياز قادري

2. جائنٽ سيڪريٽري :       شمشير الحيدري

3. خزانچي             :       موتيرام رامواڻي

4. آڊيٽر                       :       ع . ق . شيخ

عهديدارن جي چونڊن کانپوءِ، ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي هيٺيان 14 ميمبر چونڊيا ويا:

بشير مورياڻي، عبدالفتاح عبد، غلام سرور عباسي، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، شيخ حفيظ، معصوم هالائي، محمد علي اختر مورائي، مقبول ڀٽي، غلام نبي بهراڻي، ابن حيات پنهور، عبدالله رنگريز، احسان بدوي ۽ نورالدين سرڪي.

چونڊن بعد، پهرين بيٺڪ پوري ٿي.

ٻي بيٺڪ شام جو شروع ٿي. بيٺڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مسئلن تي بحث ٿيڻو هو، ۽ ٺهراءَ بحال ڪرڻا هئا. ميڙ جي صدارت، جناب عبدالفتاح ”عبد“ صاحب ڪئي. صدر صاحب، پنهنجي اوائلي تقرير ۾، ميڙ لاءِ رٿيل ڪاروبار طرف ڌيان ڇڪائيندي، اميد ڏيکاري ته جهڙيءَ زنده دلي ۽ اتساهه سان، پهرينءَ بيٺڪ ۾ جماعت جي بنيادي ڳالهين ۾ حصو ورتو ويو، تهڙيءَ ريت، هن بيٺڪ ۾ به نهايت سنجيدگيءَ سان، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ورتي ويندي.

صدر صاحب جي تقرير بعد، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي اهم مسئلن تي چڱو بحث هليو، ۽ خيالن ۽ راين جي ڇنڊڇاڻ ٿي. بحث جي روشنيءَ ۾ هيٺيان ٺهراءَ بحال ٿيا:

1. سنڌي ٻوليءَ جي آئيني حيثيت: ”هن سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن جو عقيدو آهي ته سنڌي ٻولي پاڪستان جي مکيه ۽ آڳاٽين ٻولين مان هڪ آهي. سنڌي ٻوليءَ جوعلم ادب، پاڪستان جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾، ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهي. سنڌي ٻولي، پاڪستان جي اڌ ڪروڙ آدم جي، صدين کان، جيئري جاڳندي ٻولي ٿي رهي آهي.

”هن ڪنوينشن کي ڄاڻ آهي ته سنڌي ٻولي، گذريل سوا صديءَ کان، سنڌ جي سرڪاري ٻولي ٿي رهي آهي. اهو حق، کيس هڪ ڌاريءَ ۽ مغربي حڪومت هٿان حاصل ٿي سگهيو هو. هيءَ ڪنوينشن نهايت دک سان ٿي ظاهر ڪري ته سنڌي ٻوليءَ جو هي حق اڄ پنهنجي لوڪشاهي حڪومت ۾، ان کان کسيو ويو آهي. ههڙيءَ طرح هڪ قائم ٿيل شاندار بنياد کي ريٽي، پاڪستان جي جوڙجڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ سرڪاري ٻولي نه تسليم ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌين سان وڏو ناحق ڪيو ويو آهي.

”هن ڪنوينشن جو زوردار رايو آهي ته پاڪستان جي جوڙجڪ ۾، سنڌي ٻوليءَ کي حقي جاءِ نه ڏيڻ ڪري، هڪ جيئري جاڳنديءَ ٻوليءَ سان، نه فقط وڏي بي انصافي ڪئي ويئي آهي، بلڪ سندس اسرڻ ۽ وڌڻ جي وسيلن کي پاڙن کان ئي وڍڻ جي تياري ڪئي ويئي آهي.

”هن ڪنوينشن جي زوردار گهر آهي، ته پاڪستان جي جوڙجڪ ۾، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو ٻولين کي سرڪاري ٻوليون تسليم ڪيو وڃي ۽ سندن اسرڻ ۽ وڌڻ لاءِ خاطريون ڏنيون وڃن.

”ساڳئي وقت، هيءَ ڪنوينشن سنڌين کان به اها ئي زوردار گهر ٿي ڪري، ته جيستائين سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ڪري تسليم نه ڪيو ويو آهي، تيستائين انهيءَ ڏس ۾ هو زوردار آواز اُٿاري پنهنجون ڪوششون جاري رکن“.

2. سنڌي ادب ۽ سنڌي لائبرريون: ”هن سنڌي ادبي ڪنوينشن جو رايو آهي ته سنڌي ادب جي پيدائش جي رفتار اهڙي نه رهي آهي، جهڙي هئڻ گهرجي.

”هيءَ ڪنوينشن هر هڪ سنڌ واسيءَ کي اپيل ٿي ڪري ته سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن پڙهڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺن ۽ پنهنجي وت آهر اُهي خريد ڪندا رهن، جو سنڌي ادب جو واڌارو ٿيندو رهي.

”هيءَ ڪنوينشن پڄنديءَ وارن سنڌي سڄڻن کي گذارش ٿي ڪري ته هو پنهنجن گهرن ۾ سنڌي لائبرريون قائم ڪن؛ ۽ ساڳئي وقت، سنڌ جي پبلڪ جماعتن کي اپيل ٿي ڪري ته پنهنجي سهاري هيٺ سنڌي لائبرريون ۽ فري ريڊنگ روم کولين“.

3. سنڌي ٻولي ۽ ڪراچي يونيورسٽي: ”هيءَ سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ٻوليءَ سان اختيار ڪيل روش تي سخت افسوس جو اظهار ٿي ڪري.

”هيءَ ڪنوينشن، پاڪستان جي صدر ۽ يونيورسٽيءَ جي چانسلر جناب اسڪندر مرزا کي اپيل ٿي ڪري، ته موجوده سنڊيڪيٽ جي سنڌي ٻوليءَ ڏانهن اختيار ڪيل بي انصافيءَ کي دور ڪيو وڃي، ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سندس اصلوڪي حاصل ڪيل درجي تي قائم رکيو وڃي“.

4. سنڌي اديبن لاءِ معاوضي جي گهر: ”هيءَ سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن، سنڌي اديبن لاءِ معاوضي جي گهر جي دل جان سان همدردي ۽ پٺڀرائي ٿي ڪري.

”هن ڪنوينشن جي اها راءِ آهي ته ليکڪن ۽ ادبين جي لکڻين جي ڪا قيمت مقرر ئي ڪري نٿي سگهجي، ڇاڪاڻ ته سياسي ۽ سماجي ڪم ڪندڙن وانگر، اهي به زندگيءَ جي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ بنيادي حصو ٿا وٺن: کين پنهنجي اهڙيءَ قربانيءَ تي فخر آهي؛ تنهن هوندي به، انصاف جي تقاضا اها آهي، ته کين پنهنجي پورهئي ۽ محنتن جو مناسب اجورو ضرور ملڻ گهرجي.

”هيءَ ڪنوينشن مرڪزي سرڪار جي اشاعتي کاتي کان پرزور مطالبو ٿي ڪري، ته جئن هو پنهنجن انگريزي، اردو، بنگالي، عربي ۽ پارسي زبانن ۾ نڪرندڙ رسالن جي اديبن کي عيوضو ڏيندا رهيا آهن، اهڙيءَ طرح سنڌي زبان ۾ نڪرندڙ رسالي ”نئين زندگي“ جي ليکڪن کي به عيوضو ڏنو وڃي.

”هيءَ ڪنوينشن انهيءَ خيال جي پڻ آهي ته اُهي سنڌي رسالا، جي پنهنجن پيرن تي بيهڻ لائق آهن ۽ آسانيءَ سان اجورو ڏيئي سگهن ٿا، سي پڻ هن گهُر لاءِ مناسب فيصلو ڪن.

”هيءَ ڪنوينشن سنڌي اديبن کي به گذارش ٿي ڪري ته، هو پنهنجن حقن لاءِ تيستائين جدوجهد جاري رکن، جيستائين سندن جائز گهُر قبول ڪئي وڃي. ساڳئي وقت، هيءَ ڪنوينشن، سنڌي اديبن کي اهائي صلاح ٿي ڏئي ته هو پنهنجي ادبي تخليقن پيدا ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪن، ۽ سڀني رسالن ۽ اخبارن سان اڳي جيان تعاون ڪندا رهن“.

5. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ سنڌي پروگرام: ”هيءَ سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سنڌي پروگرام تي ناراضپي جو اظهار ڪندي، ريڊيو اختياريءَ وارن کي اپيل ٿي ڪري ته سنڌي پروگرام کي وڌيڪ دلچسپ بنائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.

”هن ڪنوينشن جي اها راءِ آهي ته ادبي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پراڻي ادب سان گڏ، نئين ادب کي پڻ نشر ڪرڻ لاءِ قدم کڻجن.

”هيءَ ڪنوينشن، ريڊيو اختياريءَ وارن کي اها به گذارش ٿي ڪري ته حيدرآباد جي مقامي اديبن سان گڏ، سنڌ ۾ رهندڙ ٻين اديبن کي به ريڊيو پروگرامن ۾ حصي وٺڻ لاءِ وجهه ڏنا وڃن.“

6. سنڌي درسي ڪتاب: ”هيءَ سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن، درسي ڪتابن جي اهميت ۽ مقصدن کي خيال ۾ رکي، تعليم کاتي جي بالا اختياريءَ وارن جو ڌيان انهيءَ حقيقت طرف ٿي ڇڪائي، ته سنڌي درسي ڪتابن ۾، اڪثر سنڌي لفظن بدران عربي ۽ پارسي ڏکيا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.

”هن ڪنوينشن جو زوردار رايو آهي ته اها ڪار سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ نهايت هاڃيڪار آهي. تنهنڪري هيءَ ڪنوينشن، تعليم کاتي جي اختياريءَ وارن کي گذارش ٿي ڪري ته آئندي انهيءَ ڳالهه جي پرهيز ڪئي وڃي ۽ سنڌي شاگردن لاءِ صاف ۽ سولي سنڌيءَ ۾ ڪتاب مهيا ڪيا وڃن.“

7. سنڌي ٻولي ۽ ريلوي اختياريءَ وارا: ”هيءَ سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن، ريلوي اختياريءَ وارن کان زوردار گهر ٿي ڪري، ته ورهاڱي کان اڳ وانگر، هاڻ به ريلوي اسٽيشنن جا نالا، اشتهار، ريلن جا وقت خواه ٻيا نوٽيس وغيره، سنڌي ٻوليءَ ۾ به شايع ڪيا وڃن.“

8. ڪراچي ائڊمنسٽريشن ۽ سنڌي ٻولي: ”هيءَ سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن، چيف ڪمشنر، ڪراچيءَ طرفان، ويجهڙائيءَ ۾ جاري ڪيل حڪمنامي خلاف احتجاج ظاهر ٿي ڪري، جنهن موجب سڀ لکپڙهه صرف اردو يا انگريزيءَ ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيل آهي.

”هيءَ ڪنوينشن اها گهر ٿي ڪري، ته اڳ وانگر، سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ لکيل درخواستون وغيره قبول ڪيون وڃن.“

سنڌي ادبي بورڊ

”سنڌي ادبي بورڊ“ هڪ قومي ادارو آهي، جنهن جو واحد مقصد سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي علم و ادب کي فروغ ڏيڻ آهي. سنڌي ادب ورهاڱي کان پوءِ جنهن ڪسمپرسيءَ جو شڪار ٿيل هو،ان جي اپٽار ڪرڻ کان سواءِ،هيءَ ڳالهه پوري ڀروسي سان چئي سگهجي ٿي ته ادب جي اِنهيءَ جمود ۽ پسماندگيءَ کي ختم ڪرڻ ۾، سنڌي ادبي بورڊ، پنهنجي محدود وسيلن ۽ وس آهر،ڪافي جدوجهد ڪئي آهي. هن وقت تائين بورڊ انهيءَ ڏس ۾ جيڪو ڪم ڪيو آهي، ان جو مختصر تفصيل پڙهندڙن جي عام واقفيت لاءِ هتي عرض رکجي ٿو.

سڀ کان پهريائين، بورڊ محسوس ڪيو ته جيڪڏهن ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ صحت ۽ سليقو، جلد بنديءَ ۾ سونهن ۽ جٽاءُ، ۽ قيمتن ۾ هلڪائي ۽ ڪشش آڻڻي آهي، ته ان لاءِ چڱي موچاري پيماني تي خاص پنهنجو هڪ ڇاپخانو قائم ڪرڻ گهرجي. چنانچه ان جو فوراً اهتمام ڪيو ويو، ۽ بورڊ جو اهو ڇاپخانو سنڌ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي – جنهن ۾ هن وقت ڏيڍ لک کن جي مشينري ۽ ٻيو سامان موجود آهي.

ساڳئي وقت، نون ڪتابن لکارائڻ، ڌارين ٻولين تان ترجمن ڪرائڻ، ۽ اڳ ڇپيل مگر ناپيد ٿي ويل ڪتابن کي ٻيهر شايع ڪرڻ جو هڪ پروگرام تيار ڪيو ويو، جنهن تي آهستگيءَ ۽ خاموشيءَ سان باقاعدي عمل ٿي رهيو آهي.

هن وقت تائين بورڊ هيٺيان ڪتاب ڇپائي چڪو آهي.

تاريخ معصومي: هيءَ سنڌ جي هڪ مستند تاريخ آهي، جا فارسيءَ ۾ ڇپيل هئي؛ ان جو ترجمو ڪرائي، بورڊ پنهنجي وطني ڀائرن کي پنهنجي تاريخ سان روشناس ڪرائڻ لاءِ شايع ڪيو آهي. ڪتاب جو مترجم سنڌ جو مشهور اديب ۽ عالم مولانا امير احمد صاحب آهي.

ڪُليات حمل: حمل خان لغاري سنڌ جي انهن عظيم عوامي شاعرن مان آهي، جن جو ڪلام هيج مان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳايو ۽ ٻڌو وڃي ٿو. انهيءَ عظيم شاعر جي ڪلام کي گڏ ڪري، ڇپايو ويو آهي. ان جو سهيڙيندڙ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي.

ديوان بيدل: فقير قادر بخش ”بيدل“ سنڌ جي بزرگترين صوفي شاعرن مان هڪڙو هو، جنهن سنڌ جي روحاني ورثي کي ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ پنهنجو من موهيندڙ شعري جامو ڍڪائي مقبول عام ڪيو. بيدل جو سمورو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام، محترم عبدالحسين شاهه موسويءَ جو گڏ ڪيل، بورڊ ڇپايو آهي.

چچ نامو: سنڌ جي تاريخ جي ٻي اهم ڪڙي چچ نامو به اصل فارسيءَ ۾ ڇپيل هو، جنهن جو بورڊ لاءِ سنڌي ترجمو مولانا امير احمد صاحب ڪيو، ۽ محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان جي تصحيح ڪئي، ۽ ان تي سير حاصل حاشيا لکيا.

خوش خصلت خاتون: اسان جي سنڌي ادب ۾ عورتن لاءِ پاڪيزه ادب جي اڻاٺ آهي. انهيءَ ڪري بورڊ محترمه بادام ”ناتوان“ جي مضمونن جو هيءُ مجموعو ڇپايو آهي.

آفتاب ادب: مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سنڌ جي انهن اديبن ۽ انشا پردازن مان هو، جن تي سنڌ بجا طور فخر ڪري ٿي. حڪيم صاحب جو هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ان جي علمي ۽ ادبي صلاحيت تي هڪ مستند تصنيف آهي.

تاريخ ريگستان: ٿرپارڪر جو ريگستاني حصو سنڌ جو هڪ اهم ڀاڱو آهي. ان جي تاريخ، سنڌ جي تاريخ جو مکيه حصو آهي.هيءُ ڪتاب سنڌي پرائمري اسڪول جي هڪ لائق استاد محترم رائچند هريجن لکيو آهي.

سنڌ جو سينگار: سنڌ صوفين، شاعرن ۽ سگهڙن جي سرزمين آهي. ڪيترائي اهڙا عوامي شاعر ۽ سگهڙ اسان جي سنڌ ديس ۾ ٿي گذريا آهن، جن جو شعر ۽ ڪلام نهايت پاڪيزه ۽ اعليٰ آهي، پر اڄ تائين پڙهندڙن جي اڳيان پهچي نه سگهيو آهي. انهيءَ ڏس ۾ چند مشهور سگهڙن جو ڪلام محترم عبدالڪريم سنديلي گڏ ڪيو آهي، جو بورڊ ڇپايو آهي.

سنڌ جو سفر: منشي لطف الله گجرات جو هڪ مسلمان عالم، انگريزن سان گڏجي 1837ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو. سنڌ ۾ هن جيڪي ڪجهه ڏٺو، سو پارسيءَ ۾ قلمبند ڪيائين. انهيءَ کي سنڌيءَ ۾ سنڌ جي مشهور صحافي قادر بخش نظاماڻيءَ ترجمو ڪيو آهي.

سنڌي زبان ۾ ورهاڱي کان اڳ ادب جا ڪي اهڙا بهترين گل ڇپيا هئا، جي هميشه سنڌي ادب کي پنهنجي سونهن ۽ سڳنڌ سان واسيندا رهندا؛ پر زماني جي سرد مهريءَ، انهن گلن کي گمناميءَ جي اهڙيءَ ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، جو انهن جو اُتان ٻاهر اچڻ مشڪل هو. سنڌي ادبي بورڊ اهڙن سمورن شهپارن کي نئين سر سهڻيءَ ۽ سٺيءَ ڇپائيءَ سان شايع ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ته جيئن اهي ادب ۾ هڪ مستقل جاءِ حاصل ڪري سگهن. انهيءَ پروگرام ماتحت، شروع کان ئي، مرزا قليچ بيگ مرحوم جا ڪتاب، مرحوم شمس الدين ”بلبل“ جون تصنيفون ۽ اهڙن ٻين فوت ٿي ويل عالمن ۽ اديبن جا ڪتاب ڇپائڻ جو پروگرام هو: مرزا صاحب جي تصنيفن لاءِ سندن وارثن سان ڳچ عرصي کان لکپڙهه هلي رهي هئي، جا هاڻي پوري ٿي آهي، ۽ هاڻي مرزا صاحب مرحوم جا ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ هٿ ۾ کنيا ويا آهن. ”بلبل“ مرحوم جي ڪتابن کي پڻ بورڊ منظور ڪري ڇڏيو آهي؛ رڳو سندن وارثن جي اجازت ملڻ، ۽ کانئن ڪتابن جي نئين سر ترتيب ڏنل نسخن حاصل ڪرڻ لاءِ بورڊ ترسيل آهي، جنهن لاءِ به ڪافي عرصي کان لکپڙهه هلي رهي آهي. مرزا قليچ بيگ مرحوم ۽ ”بلبل“ مرحوم جي ڪتابن کان سواءِ ٻين به سنڌ جي ڪيترن ئي فوت ٿي ويل اديبن ۽ عالمن جا ڪتاب آهن، جن جي حق تصنيف حاصل ڪرڻ لاءِ سندن وارثن سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن وقت بورڊ جيڪي پراڻا ڪتاب ٻيهر ڇپايا آهن، سي هي آهن:

حيات النبي: رسول اڪرم صلعم جي حياتيءَ تي هيءَ ناياب تصنيف مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم جو لافاني شاهڪار آهي، جو اڳ به ڪيترائي ڀيرا ڇپجي چڪو هو، ۽ خود بورڊ به ان کي تازو ٻه دفعا ڇپايو آهي.

سير ڪوهستان: هن ڪتاب جي مقبوليت انهيءَ مان ظاهر آهي، ته بورڊ ان جي نئين ڇاپي کي به ٻه ڀيرا شايع ڪري چڪو آهي.

گل شڪر: سنڌي پهاڪن جو هيءُ گلدستو به هڪ لافاني چيز آهي، ۽ ٻن سالن جي عرصي اندر ٻه دفعا ڇپجي چڪو آهي.

بلو کوکر: سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ناولن مان هڪ لافاني چيز آهي. اصل هڪ انگريزي ناول تان اخذ ڪيل آهي، جنهن کي ادب ۾ هميشه هڪ مستقل مقام حاصل رهندو.

گل ڦل: ”جوت“ اخبار ذريعي پرمانند ميوارام مرحوم جيڪي مضمون لکيا هئا، هيءُ ڪتاب انهن جو مجموعو آهي. سنڌي ادب ۾ هن ڪتاب کي اوچو مقام حاصل آهي. اصل ٻن جلدن ۾ شايع ٿيل هو؛ بورڊ ان کي هڪ ئي جلد ۾ پڌرو ڪيو آهي.

جهان آرا: هي اصلوڪو اخلاقي ۽ اصلاحي ناول پنهنجي طرز جو هڪ بهترين شاهڪار اهي.

سون ورنيون دليون: لالچند امرڏني مل مرحوم جو انگريزي تان ترجمو ڪيل هي ناول، ٻين خاصيتن سان گڏ، ٻوليءَ جي گوناگون خوبين جي لحاظ کان هر طبقي کان پنهنجو داد حاصل ڪري چڪو آهي.

راسيلاس: انگريزيءَ مان ترجمو ٿيل هي ناول پڻ سنڌي ادب جو هڪ نادر شاهڪار آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: سرڳواسي ڀيرو مل مهرچند سنڌي ٻوليءَ جي، جا خدمت ڪئي، سا ڪنهن کان ڳجهي ڪين آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بنياد ۽ تاريخ تي سير حاصل بحث ٿيل آهي. ڀيرو مل مرحوم هيءُ ڪتاب لکي، سنڌي زبان تي هڪ وڏو ٿورو ڪيو آهي.

هدايت الانشا: مولوي هدايت الله پاڻ هيءُ ڪتاب اٽڪل 50 سال اڳ ڇپايو هو. مرحوم غلام محمد شهواڻيءَ ان جي هڪ حصي کي نئين سر ترتيب ڏيئي شايع ڪرايو هو، جيڪو حصو پڻ هاڻي مارڪيٽ ۾ ناپيد آهي. سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ انشاء جي فن تي هيءُ پنهنجي طرز جو پهريون ڪتاب آهي. بورڊ انهيءَ ڪتاب کي پراڻيءَ صورتخطيءَ مان ڦيرائي، نئين صورتخطيءَ ۾ مڪمل طرح ڇپايو آهي.

گل: هيءُ ڪتاب سنڌي ادب جو هڪ سهڻو شاهڪار آهي، جو ڪيترن سالن کان ناپيد آهي. بورڊ ان کي هاڻي ٻيهر ڇپايو آهي.

 انهن ڪتابن کان سواءِ، هن وقت جيڪي ڪتاب پريس ۾ آهن، ۽ جي عنقريب شايع ٿيڻا آهن، سي هي آهن:

تحفة الڪرام: سنڌ متعلق فارسي تاريخن مان سڀ کان مستند ۽ اهم تاريخ ” تحفة الڪرام “ آهي. بورڊ انهيءَ جو ترجمو مولانا امير احمد صاحب کان ڪرائي ڇپائي رهيو آهي. عنقريب هيءُ مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.

سنڌي لغت (جلد پهريون): محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي زيرنگراني، ڪافي محنت ۽ خرچ سان، سنڌي لغت ٽن جلدن ۾ تيار ٿي ويئي آهي. محترم ڊاڪٽر دائودپوٽو صاحب ان تي نظرثاني ڪري رهيو آهي، ۽ جيئن جيئن وٽانئن مسودو تصحيح ٿي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي نگاهه مان نڪرندو، پريس ۾ پهچي ٿو، تيئن تيئن ان جي ڇپائي ٿيندي رهي – اندازو آهي ته لغت جو پهريون جلد هن مالي سال جي آخر ڌاري مارڪيٽ ۾ ڇپجي ويندو.

ديوان قليچ: محترم اجمل بيگ مرزا پنهنجي والد بزرگوار جي ڪلام بلاغت نظام کي ايڊٽ ڪري، مڪمل ديوان جي صورت ۾ بورڊ جي حوالي ڪيو آهي، جو هن وقت ڇپجي رهيو آهي، ۽ اميد آهي ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهچي ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com