سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2023ع

باب:

صفحو:3 

مولوي عبدالحميد يوسفاڻي  (قسط ٽين)

عمرڪوٽ

 

 

حديث پاڪ جا چند راوي*

حضرت ابومعبَد مقداد بن الاسو رضي الله عنھ:

سندس نالو: مقداد، ڪنيت: ابومعبد، ابوالاسود، والد جو نالو عمرو هو. اسود بن عبد يغوث جي خاندان سان هن جي خاندان جو حلف طور تعلق هو، انهيءَ ڪري هيءُ مقداد بن عمرو جي بجاءِ مقداد بن الاسود سان مشهور ٿيو، ابتدائي مسلمان هو، حبش ڏانهن هجرت ڪيائين، غزون ۾ شامل رهيو. سندس پيٽ ٿلهو وڏو هو، هڪ رومي غلام سندس آپريشن ڪيو پر ناڪام ٿيو. انهيءَ ڪارڻ 33 هجري ۾ حضرت عثمانؓ جي خلافت واري زماني ۾ مقام سَرَف ۾ سندس انتقال ٿيو، حضرت عثمانؓ سندس جنازي جي نماز پڙهائي، جنت البقيع ۾ تدفين ٿي، ان وقت سندس ڄمار 70 سال هئي. هن کان 42 حديثون منقول آهن.

حضرت عبدالله بن مُغَفل رضي الله عنھ:

سندس نالو: عبدالله ۽ ڪنيت: ابوسعيد آهي، ڇهين هجريءَ ۾ مسلمان ٿيو، بيعت رضوان، حديبيه، فتح مڪه، غزوه تبوڪ ۾ بهادري سان شامل ٿيو. عهدِ نبوي ۾ مديني ۾ رهيو، حضرت عمرؓ کيس بصره ڏانهن روانو ڪيو. باقي سموري حياتي بصره ۾ رهيو، بدعتن کان نفرت ڪندو هو، سندس وصيت هئي ته منهنجو جنازو ابو برزه اسلمي رضي الله عنه پڙهائي، سندس وصيت تي عمل ڪيو ويو. ٻي وصيت هئي ته غسل جي پاڻيءَ ۾ ڪافور ملائجو، ٽين وصيت هئي ته ڪفن ۾ ٻن چادرن ۽ هڪ قميص کان وڌيڪ ڪپڙو نه هجي، چوٿين وصيت هئي ته جنازي جي پٺيان باهه روشن نه ڪجو، پنجين وصيت هئي ته بصره جو گورنر ابن زياد جنازي ۾ شريڪ نه ٿئي، سندس وفات 59 يا 60 هجري ۾ بصره ۾ ٿي.

حضرت اُمُ المومنين ميمونــ رضي الله عنھ:

سندس نالو: ميمونه، قبيلو: قريش، والد جو نالو: حارث، والده جو نالو: هند بنت عوف هو، سندس پهريون نڪاح مسعود بن عمرو بن عُمير ثقفيؓ سان ٿيو، پوءِ ابو رهمؓ سان ٿيو. 7 هجري ابورهم جي انتقال کان پوءِ سندس نڪاح حضور ﷺ جن سان ٿيو، جڏهن نبي ﷺ جن عمره جي لاءِ ويا هئا. احرام جي حالت ۾ ئي نڪاح ٿيو، اهو حضور ﷺ جن جو آخري نڪاح هو، مقام سرف ۾ جنهن جاءِ تي نڪاح ٿيو اُتي ئي سندس وفات به ٿي. جنازو ابن عباسؓ پڙهايو، صحيح قول مطابق 51 هه ۾ وفات ٿي. حضرت ميمونهؓ کان 46 حديثون روايت آهن.

حضرت اُم عطيــ رضي الله عنھ:

سندس نالو: نسيبه بنت حارثؓ آهي. هجرت کان پهرين مسلمان ٿي، نبي ﷺ مديني ۾ انصاري عورتن کان بيعت ورتي، اُنهن ۾ هيءَ به هئي. نبي ﷺ سان غزوه ۾ به شامل رهي. غزون ۾ هيءَ کاڌو تيار ڪندي هئي، سامان جي حفاظت ڪندي هئي، زخمين جي ملم پٽي ڪندي هئي. 8 هجريءَ ۾ نبي ﷺ جن جي نياڻي حضرت رقيهؓ جو انتقال ٿيو. ام عطيه ڪجهه عورتن کي ساڻ ڪري کيس غسل ڏنو، سندس هڪ فرزند غزوه ۾ شامل هو، بيمار ٿي بصره پهتو کيس خبر پهتي ته هيءَ بصره ڏانهن هلي بصره ۾ پهچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ سندس فرزند جو انتقال ٿي ويو، ٽن ڏينهن کان پوءِ خوشبوءِ گهرائي استعمال ڪيائين ۽ چيائين مڙس کان سواءِ ڪنهن جي لاءِ به ٽن ڏينهن کان وڌيڪ سوڳ جائز نه آهي، حضرت
ام عطيهؓ کان 40 حديثون مروي آهن.

حضرت ابو ثعلبـ خُشني رضي الله عنھ:

اڪثر روايتن مطابق سندس نالو: جرثوم آهي، ڪنيت: ابو ثعلبه آهي، شروعات ۾ اسلام قبوليائين، صلح حديبيه ۾ نبي ﷺ جن جو همرڪاب هو. بيعت رضوان ۾ حاضر هو، سندس ڪوشش سان سندس قبيلي وارا مسلمان ٿيا، ملڪ شام جي فتح کان پوءِ شام ۾ رهيو. نماز پڙهندي سجدي جي حالت ۾ وفات ڪري ويو، هن کان 40 حديثون روايت ڪيل آهن.

حضرت سَهَل بن حنيف رضي الله عنھ:

سندس نالو: سهل، ڪنيت: ابوسعيد، ابوثابت، ابو الوليد آهي والد جو نالو: حنيف آهي، جنگِ بدر سميت سڀني غزون ۾ شامل رهيو، خوبصورت هئڻ سبب نظرِبد لڳي هئي، جنگ جمل کان پوءِ بصره ۾ وڃي رهيو، جنگ صفين ۾ حضرت عليؓ جي طرفان شرڪت ڪيائين، سن 58 هه ڪوفي ۾ سندس وفات ٿي، حضرت عليؓ سندس جنازو پڙهايو، جنهن ۾ چئن جي بجاءِ ڇهه تڪبيرون چيون ۽ فرمايائون هي بدري آهي. هن کان ڪل 40 روايتون آهن.

حضرت عَمرو بن العاص رضي الله عنھ:

سندس نالو: عَمرو، ڪنيت: ابوعبدالله، ابومحمد، والد جو نالو: عاص والده جو نالو: نابغـﺔ آهي، قبيلي بنوسليم مان هو، بيشمار جنگون وڙهيون، حضرت عمرؓ کيس مصر جو گورنر مقرر ڪيو،  مصر ۾ ئي سندس وفات ٿي، سندس فرزند جنازو پڙهايو، هن کان 39 روايتون ملن ٿيون.

حضرت عباس بن عبدالمطلب رضي الله عنھ:

نبي ﷺ جن جو سڳو چاچو هو، دؤرِ جهالت ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ به حاجين کي پاڻي پيارڻ سندس ذمي هو، غزوه بدر ۾ مشرڪن سان گڏجي نبي ﷺ جن جي خلاف بيٺو پوءِ مسلمان ٿيو، مديني ۾ رجب جي مهيني ۾ 34 هه ۾ سندس انتقال ٿيو، حضرت عثمان غنيؓ جنازي جي نماز پڙهائي جنت البقيع ۾ تدفين ٿي، هن کان 35 روايتون منقول آهن.

فاطمـ بنت قيس رضي الله عنها:

سندس نالو: فاطمه، والد جو نالو: قيس بن خالد اڪبر بن وهب هو، قبيلي بنوڪنانه سان تعلق هو، سندس پهريون نڪاح: ابوعمرو بن حفص سان ٿيو، شروع اسلام ۾ مسلمان ٿي، سندس مڙس 10 هه ۾ کيس طلاق ڏني عدت حضرت عبدالله ابن ام مڪتومؓ جي گهر ۾ گذاريائين، ٻيو نڪاح اسامهؓ سان ٿيو، 23 هه ۾ حضرت عمرؓ جي انتقال کان پوءِ مجلس شوريٰ جو اجلاس سندس گهر ۾ ٿيندو هو، حضرت اسامهؓ جي انتقال کان پوءِ هن شادي نه ڪئي، ۽ پنهنجي ڀاءُ ضحاڪ سان گڏ رهندي هئي، جڏهن يزيد ضحاڪ کي عراق جو گورنر مقرر ڪيو تڏهن هيءَ به عراق هلي آئي، هن کان 34 حديثون مروي آهن.

حضرت معاذ بن اَنَس رضي الله عنھ:

سندس نالو: معاذ، والد جو نالو: اَنَس، قبيلو: جُهَنِي، مسڪن مصر آهي هن کان ڪل 30 روايتون منقول آهن.

حضرت صُهَيب بن سِنان رضي الله عنھ:

سندس نالو صهيب، ڪنيت: ابويحييٰ، والد: سِنان، والده: سلميٰ بنت قعيد آهي، اصل وطن قريه جيڪو موصل کي ويجهو لب دجله يا الجزيره ۾ آهي، سندس والد ۽ چاچو ڪسريٰ اُبِلــ جا عامل هئا، رومين ابله تي ڪاهه ڪيو تڏهن صهيبؓ قيد ٿي ويو، حضرت صهيب کي بني ڪلب خريد ڪيو، انهن کان عبدالله بن امجدعان وٺي آزاد ڪيو پوءِ ٻنهي نبي ﷺ جن جي خدمت ۾ پيش ٿي اسلام قبول ڪيو. پنهنجو سڀ ڪجهه اسلام تان قربان ڪيائين، تيراندازيءَ جو ماهر هو، 72 سالن جي ڄمار ۾ مدينه منوره ۾ انتقال ٿي ويو، تدفين جنت البقيع ۾ ٿي هن کان 30 روايتون آهن.

حضرت عياض بن حِمار رضي الله عنھ:

سندس نالو: عِياض، والد جو نالو: حِمار يا حَماد آهي، زماني جاهليت ۾ حضور ﷺ جن جو دوست هو، فتح مڪه کان پهرين مسلمان ٿيو، وٽس نبي ﷺ جن جو لباس موجود هو، مڪي ۾ نبي ﷺ جن جو پهراڻ پائي طواف ڪندو هو، هن کان 30 حديثون مروي آهن.

حضرت ابوعبدالله عثمان بن ابي العاص رضي الله عنھ:

سندس نالو: عثمان بن ابي العاص بن بشر بن وهبان بن عبدالله بن آبان الخ. طائف جي غزوه کان پوءِ مسلمان ٿيو، بصره جو شهر آباد ٿيو ماڻهن خواهش ظاهر ڪئي ته عُثمان بن اَبي العاصؓ کي بصره جو امير بنايو وڃي، پر حضرت عمرؓ چيو: آءٌ کيس طائف کان ڪيئن سڏايان جڏهن ته حضور ﷺ جن پاڻ کيس طائف جي اَمارت ڏني هئي، ائين ٿي سگهي ٿو ته هُو ڪنهن کي پنهنجو قائم مقام بڻائين، پوءِ پاڻؓ پنهنجي ڀاءُ حَڪَم کي پنهنجو قائم مقام بنائي بصره جي امارت سنڀالي، ۽ پوءِ مستقل طور بصره ۾ ئي رهيو، فقه ۽ قرآن جو وڏو عالم هو، سندس انتقال امير معاويهؓ جي دورِ حڪومت 55 هه ۾ ٿيو، پاڻ رضي الله عنه کان 29 روايتون آهن.

حضرت ابومالڪ اَشعَري رضي الله عنھ:

سندس نالي ۾ يارهن اختلاف آهن، سندس نالو: ڪعب يا عُبَيد يا عمرو آهي، ڪنيت: ابومالڪ آهي، ۽ قبيلو بني اَشعر آهي، غزوه خيبر جي موقعي تي پنهنجي قبيلي سان گڏ مسلمان ٿيو هو، ڪجهه غزون ۾ نبي ﷺ جن سان گڏ شامل رهيو، حجــ الوداع جا ڪجهه حصا هن کان روايت آهن، حضرت عمر رضي الله عنه جي دور ۾ طاعون سبب سندس وفات ٿي، هن کان 27 حديثون مروي آهن.

حضرت اَبويَحييٰ، اَبو محمد سَهل اَبي حَثمَتـ رضي الله عنھ:

سندس نالو: سهل، ڪنيت: ابويحييٰ هئي، والد جو نالو: عبدالله، والد جي ڪنيت: ابوحشمــ ۽ ڏاڏو ساعده هو، سندس جنم 53 هه ۾ ٿيو، شروع ۾ مدينه منوره ۾ رهيو پوءِ ڪوفي ڏانهن هليو ويو، نبي ﷺ جن جي حياتي تائين پاڻؓ اَٺن سالن جا ٿيا هئا، مصعب بن زبير رضي الله عنه جي زماني ۾ سندس انتقال مديني ۾ ٿيو. هن کان 25 حديثون منقول آهن.

حضرت عبدالله بن سَلام رضي الله عنھ:

سندس نالو: عبدالله، ڪنيت: ابو يوسف، لقب: حبر، سندس تعلق مديني جي يهودي خاندان قينقاع سان هو، سندس خانداني شجرو حضرت يوسف عليه السلام تائين پهچي ٿو، جهالت واري دور ۾ سندس نالو: حِصين هو، نبي ﷺ جن کان ڪجهه سوال ڪرڻ لڳو، جواب ملڻ تي مسلمان ٿيو، غزوه خندق ۾ شامل هو، نبي ﷺ جن فرمايو: هيءُ يارهون جنتي آهي، سندس وفات اميرمعاويهؓ جي زماني ۾ ٿي 43 هه سال هو، مديني شهر ۾ وفات ٿي، هن کان 25 حديثون منقول آهن.

حضرت اَوس بن اَوس رضي الله عنھ:

سندس نالو: اوس، قبيلو بني ثقيف هو، هن هڪڙو گهر ۽ هڪ مسجد جوڙي تيار ڪيا هئا، هن کان 42 روايتون آهن.

حضرت ابو واقد حارث بن عوف رضي الله عنھ:

سندس نالو حارث آهي، ابو واقد جي نالي سان شهرت ملي، فتح مڪه ۾ شامل هو، فتح مڪه کان اڳ مسلمان ٿيو هو، ۽ 86 هه ۾ وفات ڪيائين، سندس مدفن مهاجرين جي قبرستان ۾ آهي، هن کان 24 روايتون آهن.

حضرت ابوشريح خويلد بن عمرو رضي الله عنھ:

سندس نالو خويلد آهي، ڪنيت: اَبو شُرَيح سان وڌيڪ مشهور آهي، فتح مڪه کان اڳ مسلمان ٿيو ۽ فتح مڪه ۾ شامل هو، سخاوت ۾ مشهور آهي چوندو هو منهنجو کير، گيهه وغيره جيڪو وڻي بنا ڪنهن تڪليف جي ڪوبه استعمال ڪري سگهي ٿو، 68 هه ۾ وفات ٿي، هن کان 20 روايتون آهن.

حضرت ابو ثُريــ سَبُرة بن معبد رضي الله عنھ:

سندس نالو: سبره، ڪنيت: ابو ربيع، ابوثريه ۽ والد جو نالو: معبد هو، غزوه خندق ۾ شامل هو، حجته الوداع ۾ شامل هو، مديني جو رهواسي هو، سندس گهر مديني جي جُهينه پاڙي ۾ هو، ڄمار جا آخري ڏينهن ذي المُردَة ۾ گذاريائين. سندس وفات امير معاويه جي دور ۾ ٿي، هن کان 19 روايتون آهن.

حضرت اُم هَانئ رضي الله عنھ:

سندس نالو: فاخته، ڪنيت: اُم هاني، والد جو نالو: ابو طالب، والده جو نالو: فاطمه بنت اسد هو، پاڻ رضي الله عنها حضرت علي رضي الله عنه جي سڳي ڀيڻ هئي، هُبَيره بن عمرو مخزومي نَجران پهتو، نبي ﷺ جن فتح مڪي جي ڏينهن سندس گهر ويا ۽ شربت پيتائون، ۽ ڪجهه بچائي اُم هاني کي ڏنائون، هڪ ڀيري ٻڪري ڏيندي چيائون: اُم هانيؓ هيءَ ٻڪري وٺ خير ۽ برڪتن واري شيءِ آهي، سندس وفات امير معاويهؓ جي دور ۾ ٿي، هن کان 46 حديثون مروي آهن.

حضرت عَمرو بن حُرَيث رضي الله عنھ:

سندس نالو: عمرو، ڪنيت: ابوسعيد، والد جو نالو: حُرَيث آهي. پاڻ رضي الله عنہ قريشي مخزومي آهي، نبي ﷺ جن جي وفات وقت سندس ڄمار 12 سال هئي، ڄمار جي پڇاڙيءَ وارا ڏينهن ڪوفه ۾ گذارڻ لڳو، ڪوفي جو امير ٿي رهيو، 85 هه ۾ انتقال ٿيو، هن کان 18 حديثون منقول آهن.

حضرت اُسَيد بن حُضَير رضي الله عنھ:

سندس نالو: اسيد، ڪنيت: اَبُوعَتِيڪ، والد جو نالو: حضير (جيڪو حُضيريــ قبيلي اوس جو سردار هو) خاندان: اَشهَلُ، قبيلو: اَوس آهي، جهالت جي زماني ۾ جنگين جي قيادت ڪندو هو، بيعت عقبه کان پوءِ مصعب بن عميرؓ جي هٿ تي مسلمان ٿيو، حُنَين ۾ اوس جو جهنڊو اُسيد سنڀاليو، نبي ﷺ جن سندس تعريف ۾ لفظ چيا آهن، سندس انتقال 20 هه ۾ ٿيو شعبان جو مهينو هو، حضرت عمرؓ سندس جنازي جي نماز پڙهائي، هن کان 18 روايتون آهن.

حضرت خالد بن وليد رضي الله عنھ:

سندس نالو: خالد، ڪنيت: ابوسليمان، لقب: سيف الله، پاڻؓ ام المؤمنين حضرت ميمونهؓ جو ويجهو مائٽ هو، غزوه اُحد ۾ مسلمانن کي شڪست ڏنائين. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ پهرين جنگ موتـﮧ ۾ شرڪت ڪيائين ۽ نو تلوارون ٽوڙيائين، جنهن تي حضور ﷺ جن کيس سيف الله جو لقب ڏنو، اُن کان پوءِ فتح مڪه، غزوه حنين، عزوه طائف، تبوڪ، سريه خزيمه، سريه نجران، سريه يمن، سريه عزيٰ ۽ ٻين ڪيترين ئي جنگين ۾ حصو ورتائين. حضرت عمرؓ 17 هه ۾ کيس معزول ڪيو هو. حضرت عمرؓ کيس حران ۽ موته جو گورنر مقرر ڪيو، پر هڪ سال کان پوءِ پاڻ ئي ڇڏي ڏنائون، پاڻؓ وٽ نبي ﷺ جن جا وار مبارڪ هئا، اُهي ٽوپي ۾ سبي اُها ٽوپي جنگن ۾ پائيندو هو، جيڪا يرموڪ جي جنگ ۾ ڪِري پئي ڳولي هٿ ڪيائين، سن 22 هه ۾ سندس وفات ٿي، هن کان 18 حديثون منقول آهن.

حضرت اَبُو رفَاعــ تَمِيم بن اُسَيد رضي الله عنھ:

نالو: تميم، والد جو نالو: اُسَيد آهي، خانداني شجرو: تميم بن اسيد بن عبدالعزيٰ بن جعونه بن عمرو بن قَيس بن رزاح بن عمرو بن سعد بن ڪعب آهي. فتح مڪه کان اڳ مسلمان ٿيو، فتح مڪه ۾ نبيﷺ جن سان گڏ هو، مڪي ۾ بيت الله جي اندر 313 رکيل بتن کي ٽوڙڻ واري روايت پاڻؓ کان ئي آهي، هن کان 18 روايتون آهن.

حضرت عبدالله بن سَرجِس رضي الله عنھ:

سندس نالو: عبدالله، والد جو نالو: سَرجِس آهي، قبيلي مُزَنِي سان تعلق هو، کيس مخزومي به چوندا آهن، بصره جو رهاڪو هو، هن کان 17 روايتون منقول آهن.

حضرت نواس بن سمعان رضي الله عنھ:

سندس نالو: نواس، والد جو نالو: سمعان بن خالد بن عمرو بن قرط هو، سندس تعلق بنوڪلاب قبيلي سان هو، شام ۾ رهيو، سندس والد نبي ﷺ جن وٽ شام مان پهتا ۽ جُوتن جو تحفو ڏنائون. نبيﷺ جن قبول ڪيو ۽ دعا به ڏني، هن کان 17 روايتون آهن.

حضرت سُلَيمان بن صُرَد رضي الله عنھ:

سندس نالو: سُليمان ۽ جهالت جي دور ۾ سندس نالو: يَسار هو، ڪنيت: اَبومُعَرَّف، والد جو نالو: صُرَد بن حَون هو، جنگ صُفين ۾ حضرت عليؓ سان گڏ هو، ڪوفي ۾ امام حسينؓ جي حامين مان هو ڪربلا جي واقعي تي افسوس ڪيائين، امام حسينؓ جو انتقام وٺڻ جي لاءِ سليمانؓ چار هزار فوج گڏ ڪري مروان بن حڪم جي فوج سان وڙهندو شهيد ٿي ويو، 93 سالن جي ڄمار جي سليمانؓ جي سِسِي ڪپي مروان جي حڪم تي پيش ڪئي وئي، پاڻؓ کان 15 روايتون آهن.

حضرت صَعب بن جَثامــ رضي الله عنھ:

سندس نالو: صعب، والد جو نالو: جثامه بن يزيد بن قيس بن عبدالله، ليثي قبيلي سان تعلق هو، حجاز جي زمين ۾ واقع اَبوا ۾ سندس قيام رهيو، حضرت ابوبڪر صديقؓ جي دورِ خلافت ۾ انتقال ٿيو، هن کان 16 حديثون مروي آهن.

حضرت خَولَــ بنت حڪيم رضي الله عنھا:

سندس نالو: خوله، ڪنيت: اُمّ شريڪ هئي، سندس تعلق سُليم قبيلي سان هو، سندس نڪاح عثمان بن مظعونؓ سان ٿيو، سن 2 هه ۾ عثمان بن مظعونؓ جي وفات کان پوءِ ٻيو نڪاح نه ڪيائين، ڏينهن جو روزا رکندي هئي ۽ رات ۾ نفل پڙهندي هئي، حضرت خولهؓ کان 15 روايتون آهن.

حضرت ابولبابـ بشير بن عبدالمنذر رضي الله عنھ:

سندس نالو: رفاعه يا بشير هو، ڪنيت: ابولُبابَـﺔ هئي، قبيلي اَوس سان تعلق هو، عُقبـﺔ ثانيـﺔ ۾ مسلمان ٿيو، اڪثر غزون ۾ شرڪت ڪيائين، غزوه بدر ۾ نبي ﷺ جن سان گڏ سوار هو، مقام روما وٽ نبي ﷺ جن ابولبابهؓ کي مديني جو امير بنائي واپس مديني طرف موڪليو ۽ مالِ غنيمت ۾ حصو به رکيو، غزوه قينقاع ۽ غزوه سويق جي موقعن تي حضور ﷺ جن کيس مديني جو امير بنايو. سندس وفات: نبي ﷺ جن جي زماني ۾ ٿي، حضرت ابوالبابهؓ کان 15 حديثون روايت آهن.

حضرت طلق بن علي رضي الله عنھ:

سندس نالو: طلق، والد جو نالو: علي، ڪنيت: ابوعلي حنفي يمامي، هن کي طلق بن ثمامه به چوندا آهن، مسلمان ٿيڻ جي لاءِ يمامه وارن سان گڏجي آيو هو، هن کان 14 روايتون آهن.

حضرت عبدالرحمٰن بن سمرة رضي الله عنھ:

سندس نالو عبدالرحمٰن، ڪنيت: ابوسعيد، والد جو نالو: سَمُرة هو، فتح مڪه جي ڏينهن مسلمان ٿيو، جاهليت جي دور ۾ سندس نالو: عبدالڪعبه هو، غزوه تبوڪ ۾ شرڪت ڪيائين، سَجِستان کان غَرناطه تائين جا علائقا فتح ٿيڻ ۾ سندس وڏو هٿ آهي، مينهن جي مُندن ۾ ٻُهارو کڻي واٽون صاف ڪندو هو، سجستان ۾ مقيم ٿي ويو اُتي ئي 50 هه ۾ سندس انتقال ٿيو، هن کان 14 حديثون مروي آهن.

حضرت سَلمان بن عامِر رضي الله عنھ:

سندس نالو: سلمان، والد جو نالو: عامر بن اوس بن جعد قبيلي ضبي مان آهن، هن کي بصرين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، هن کان 13 روايتون آهن.

حضرت معاويھ بن حڪم رضي الله عنھ:

سندس نالو: مُعاويه، والد جو نالو: حَڪَم آهي، هجرت کان پوءِ مسلمان ٿيو، هن کان 13 حديثون روايت آهن.

حضرت سَلمان بن عامِر الضبِي رضي الله عنھ:

سندس نالو سلمان (رضي الله عنه)، والد جو نالو: عمار، خانداني شجرو هيءُ آهي: سلمان بن عامر بن اوس بن حجر بن عثمان بن عمرو بن الحارث الضبي، بصره ۾ رهندو هو، هن کان 13 روايتون آهن.

حضرت عروة البارقي رضي الله عنھ:

سندس نالو: عُروه ۽ والد جو نالو: اَبُوجَعد اَسَدي آهي، قبيلي بارِق سان تعلق هو، جيڪو يمن ۾ آهي، حضرت عمرؓ کيس ڪوفي جو قاضي بنايو هو، هن کان 13 روايتون آهن.

ميان رسول بخش تميمي

جاتي

 

 

 

تعلقي جاتيءَ جا قديم هنڌ

(نند ڪوٽ ۽ رڙي)

 

وادي مهراڻ سنڌ پنهنجي قديم تهذيب کان هنڌين ماڳين مشهور پئي رهي آهي. هن جي ڪنڊ ڪُڙڇ  ۾ پکڙيل پراڻن آثارن مان هن جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي اڄ به هن جي عظمت جو نشان بڻيل آهن. هن واديءَ مان دلچسپي رکندڙ ملڪي توڙي غير ملڪي ماڻهن وڏي جفاڪشي ڪري ان جي کنڊرات مان خوبصورت ۽ شاندار ماضيءَ جو پتو ڪڍيو آهي.پر اڃا تائين ڪي اهڙا هنڌ آهن جن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي. محقق حضرات جي عدم دلچسپي سببان سنڌ جو تاريخي خرانو لٽجي رهيو آهي. جاتي تعلقي ضلعي ٺٽي جا قديم آثار به اُن جو حصو آهن. جن مان نند جو ڪوٽ، سئدو بندر،رڙي جو مقام ديرو ۽ ميرن جا ريسٽ هائوس خاص حيثيت رکن ٿا.

نند جو ڪوٽ: ”نند جو ڪوٽ“ جي نالي ٻڌڻ سان ”راجا نند“جي دور جو تصور ذهن ۾ تري اچي ٿو، جنهن سان سنڌ جو مشهور رومانوي داستان ”مومل راڻو“ تعلق رکي ٿو. جڏهن ته مومل راجا نند جي ڌيءَ هئي ۽ راڻو مينڌرو، همير سومري جو وزير هو.

مومل راڻي جي انهيءَ قصي ۾ آيل تاريخي جڳهين تي تقريباً سڀئي مصنف متفق ٿا ڀانئجن ته هي قصو 15 صدي جو آهي.

جڏهن راجا نند، گجر راجپوت ماٿيلي تي راڄ ڪندو هو. مومل سندس ڌيءَ هئي جنهن جي سونهن ملڪان ملڪ مشهور هئي. سندس ٻي ڌيءَ سومل جادوگرياڻي هئي. جنهن جيسلمير جي لڊاڻي شهر جي ڪپ تي جادو جو شهر اڏيو هو.

ڪنهن سمي کان وٺي نند ڪوٽ کي مقامي ماڻهو ”راجا نند جو ڪوٽ“ ڪري چون ٿا. انهيءَ روايت کي سنڌ گريٽيئر ڪراچي ضلعي 1927ع ۾ مغلڀين جو ذڪر ڪندي به تسليم ڪيو آهي. (ص. 670) ٻئي طرف جاتي شهر جي ڏکڻ اولهه طرف ڪاڪ نالي ڳوٺ موجود آهي، جنهن جي ڀرسان به ڪنهن پراڻي ڍوري جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪ طرف اهي ڳالهيون آهن جن مان ڪي قدر اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته راجا نند جو به هن طرف سان ڪو تعلق رهيو آهي ته ٻئي طرف تاريخ راجا نند  جي بادشاهيءَ کي ماٿيلي سان منسوب ڪيو آهي. مشهور انگريزي مؤرخ اليٽ پنهنجي سنڌ جي تاريخ ۾ (ص. 105) لکي ٿو ته ماٿيلي جي ڪوٽ جو بنياد پهرين راءِ گهراڻي 495ع ڌاري وڌو هو، کانئس پوءِ ايندڙ گهراڻا به مٿس عمارت اڏرائيندا رهيا تان جو سن 1395 ڌاري جُڙي راس ٿيو انهيءَ زماني ۾ راجا نند مٿس حاڪم هو. آخر سوال ٿو پئدا ٿئي ته هيءُ عظيم الشان قلعو ڪنهن جو اڏايل آهي.

سنڌ جي تاريخ جو هيءُ هڪ حصو آهي، جنهن کي سمجهائڻ ۽ ان تي مزيد تحقيق ڪرڻ نه صرف سنڌي محققن جو فرض آهي، پر آثار قديم جي اختياري وارن جو به فرض عين آهي. هاڻي اچو ته نند ڪوٽ جي کنڊرن تي نظر وجهون.

نند ڪوٽ جا کنڊرات جاتي کان چار ميل اوڀر طرف بيگنا واهه جي اولهندي ڪپ تي جاتي کور واهه روڊ  لڳ ديهه کاڙڪ ۾ واقع آهن. نند ڪوٽ تقريبن ٻن ڪلاڪن تي مشتمل آهي. هن جي ايراضي تقريباً 32-35 ايڪڙ ٿيندي.

ڪوٽ جا آثار ايترا ته واضح آهن، جو جيڪڏهن اڄ به انهن جي کوٽائي ڪجي ته ڪافي معلومات ملي سگهي ٿي. ڪوٽ کي چئن دروازن مان ٻن دروازن جا نشان موجود آهن. هر دروازي جي ويڪر 33 فٽ آهي. ڪوٽ جي اُڀرندي طرف اَٺن برجن جا پڌرا نشان موجود آهن، جتي حفاظتي دستا ويهندا هئا. هر برج جي درميان 64 فٽن جو سراسري مفاصلو آهي. برج جو قطر ساڍا ست فٽ آهي. ڪوٽ جي ديوار ساڍا ڇهه فٽ ويڪري آهي ۽ ان ۾ هڪ ۽ مُني فٽ جون سرون استعمال ٿيل آهن. ڪوٽ جي اُڀرندي ديوار تقريبن 712 فٽ ڊگهي آهي. جنهن ۾ اٺ برج آهن. هر برج جي اڳيان ڪن ڪوٺين جا بنياد ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هر ڪوٺي 7x8 فوٽ جي آهي. برج نمبر ڇهين وٽ ڪنهن جاءِ جا بنياد ڏسڻ ۾ اچن پيا. ستين ۽ اٺين برج جي وچ ۾ هڪ دروازو آهي، جيڪو 33 فٽ ويڪرو آهي، ڪوٽ جي ڏاکڻين ديوار ۽ ڪل 18 برج آهن ۽ سندس ڊيگهه تقريبن 1152 فٽ آهي. ڪوٽ جي هن ديوار جا بنياد بلڪل پڌرا آهن، جيڪي شاهدي پيا ڏين ته ڪنهن سمي واقعي هي شاهي ڪوٽ هو. هن ديوار جي ٽئين ۽ چوٿين برج جي وچ ۾ هڪ دروازي جا نشان ڏسڻ ۾ اچن پيا. دروازي جي بلڪل سامهون هڪ ٻئي جي پويان ٽن جڳهين جا بنياد محسوس ڪجن ٿا. پهرئين ٻن جاين جي ماپ 12.5x7 ۽ 9x17 آهي، جڏهن ته پوئين جڳهه ڪا شاهي محلات محسوس ڪجي ٿي. مقامي روايت مطابق اها راجا نند جي محلات هئي محلات ۾ لاتعداد ڪوٺيون هيون. برج نمبر ستين کان ديوار جي لڳو لڳ ننڍين وڏين ڪوٺين جي لاڳيتي قطار شروع ٿئي ٿي. جيڪا 15 برج تائين هلي ٿي. چوٿين ۽ پنجين برج جي وچ ۾ هڪ ٺِڪر جو چَرو لڳل آهي، جنهن جو قطر اڍائي فٽ کن ٿيندو. اٺين برج جي اولهه واري ڪنڊ جي ٻاهران اٺ ڪوٺيون آهن ۽ ٻن کوهن جا نشان موجود نظر اچن ٿا. هڪ کوهه جو قطر پنج فٽ ۽ ٻئي جو ٻاهرين ڪوٺين جي ماپ ساڍا ست فٽ آهي. ٻاهرين ڪوٺين  تي مشتمل هڪ ٻي جاءِ جا نشان موجود آهن. ٻارهين ۽ تيرهين برج جي ٻاهران هڪ عاليشان عمارت جي بنياد جا نشان نظر اچن ٿا جنهن ۾ لاتعداد ڪمرا آهن، اولهه طرف ست برج آهن. برج نمبر چوٿين ۽ پنجين جي وچ ۾ ڇهن ڪوٺين جا نشان آهن. برج نمبر ڇهين ۽ ستين جي وچ ۾ به ڪوٺين جا نشان محسوس ٿين ٿا. ڪوٽ جو اُتريون ۽ اُلهندو حصو اڀرندي ۽ ڏاکڻي حصي کان قدري زبون ٿي چڪا آهن. اُترئين حصي ۾ سترنهن برج آهن ۽ سندن ڊيگهه تقريبن 1088 فٽ ٿيندي. جڏهن ته ڏاکڻي حصي ۾ هڪ برج وڌيڪ آهي، جيڪو اٺين ۽ نائين برج جي وچ واري قلعي اندر وڌيل ديوار جي ڪري آهي. ان ڪري اولهه ۽ اُتر طرف هڪ برج جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. اُترئين ديوار جي پهرين ۽ ٻئي برج وٽ ڪن ڪوٺين جا نشان موجود آهن. پنجين ۽ ڇهين برج جي سامهون ڪوٽ اندر ڪن جاين جا نشان شروع ٿين ٿا. ٻن جڳهين کان پوءِ تقريبن 75 فوٽن جي مفاصلي  تي زمين جي مٿاڇري کان اڍائي فوٽن جي بُلنديءَ تي هڪ عمارت جو ملبو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن متعلق چيو وڃي ٿو ته اها راجا نند جي لاڏليءَ ڌيءَ مومل جي محلات هئي. اها تقريبن 95 فوٽ هم چورس آهي. محلات ۾ ڪافي ڪوٺيون محسوس ڪجن ٿيون. دالان ۽ پيل پاين جا نشان اڃان به چڱي طرح ڏسي سگهجن ٿا. محلات جي ديوار ٽي فٽ ويڪري آهي. ۽ ان ۾ ڪم آيل سرون هڪ ۽ مُني فوٽ جون استعمال ٿيل آهن. ڪوٽ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. ڏاکڻين طرف برج نمبر 8 کان هڪ سڌي ديوار وڃي ٿي، جيڪا ڪوٽ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. ڪوٽ جون اڪثر عمارتون ڪوٽ جي اُڀرندي اڌ ۾ واقع آهن ۽ اُلهندي حصي ۾ مومل جي محلات ۾ ڪن جڳهين جا آثار ظاهر آهن.

نند ڪوٽ جي مکيه کنڊرن جي اوڀر طرف هڪ فرلانگ پرڀرو بيگنا واهه جي کاٻي ڪپ تي پنهون ٿهيم جي زمين ۽ ٻن عمارتن جا نشان نظر اچن ٿا. هر عمارت ٻارهن ڪمرن تي  تقريبن 2816ع چورس فٽن تي مشتمل آهي انهن عمارتن جي بنيادن تي چُن جو ڪم ڪيل آهي. اندران مُني انچ جو راڳو اڄ به ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. محسوس ڪجي ٿو ته اهي عمارتون راجانند جون مهمان سراءِ هيون يا خدمتگارن جي رهڻ جو جڳهيون هيون. ان کان علاوه انهيءَ علائقي ۾ پنهون ٿهيم ۽ حسن پٽيل ٿهيم جي زمين ۾ به دڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جنهن ۾ ڪاري سرن جا ٺڪراٽ جابجا پکڙيل نظر اچن ٿا ۽ ڪنڀارڪي سامان جا پور به ڪثرت سان ملن ٿا. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي ڪي کُورا هئا يا ڪا نهائين هئي. قلعي جي ڏاکڻين طرف پراڻي ڍوري جا نشان محسوس ڪجن ٿا. ان متعلق مقامي ماڻهن پوڙهن جي روايت مطابق معلوم ٿيو ته اهي کاڙڪ درياءَ هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ هن خطي کي آباد ڪندو هو. انهيءَ درياءَ جي پويان هن علائقي کي ديهه کاڙڪ ڪري چيو وڃي ٿو. اهوئي درياءَ جاتي تعلقي جي رڙي واري مشهور ڳوٺ کي آباد ڪندو جنهن جي سُڪڻ جي ڪري رڙي به برباد ٿيو نند ڪوٽ ۾ استعمال ٿيل سرون پڪي مٽي جون آهن ڪن صدين گذرڻ بعد به نظر ايندڙ سرون سخت ۽ پڪيون آهن. البته دَٻبل سِرون  ڪمزور ٿي ويون آهن. ٿوري زور سان ٽٽيو پون. نند ڪوٽ جي سرن کي هتان جا ماڻهو ٽٽل عضوي يا وائي سور لاءِ علاج طور استعمال ڪندا آهن. هتان کان مليل ڪي ننڍا ٽڪرا آهن، جن تي ڪابه لکت ڏسڻ ۾ نٿي اچي . ٺڪرن جي ٿانون ۾ هتي سليٽ جي پٿر جهڙي ڪاري مٽيءَ جا ڀڳل ٽٽل ٿانو جابجا ملن ٿا. هن تي چٽسالي به ٿيل آهي. اها مٽي عام مٽيءَ کان سخت ۽ پائيدار محسوس ڪجي ٿي.

رڙي- ماڳ: نند جو ڪوٽ کان پوءِ ٻيو جاتي تعلقي جو رڙيءَ جو مقام به هڪ تاريخي هنڌ آهي. جاتيءَ کان سورهن ميل اوڀر طرف آهي. چون ٿا ته هتي به هڪ وڏو شهر آباد هو، جيڪو پنهنجي شاهوڪاريءَ سبب مشهور هو. هن ۾ چؤطرف پڪل مٽيءَ جي چُوري تمام گهڻي انداز ۾ ملي ٿي، پر ڪنهن عمارت وغيره جو ڪو نشان نٿو ملي. هن وقت هتي ٻه مقبرا اڌوري حالت ۾ موجود آهن. تنهن کان سواءِ ٻيا ٻه ٽي ڊٺل مقبرا جن جا نشان به موجود آهن. انهن مقبرن مان هڪ مقبرو سيد نور شاهه جو آهي ٻيو دولها ٻائيءَ جو آهي. باقي ٽي ڊٺل مقبرا جن مان هڪ کي جنائي جو مقبرو ڪري چوندا آهن. انهن مقبرن جي متعلق خبر پوي ٿي ته اهي اسمائيلي خواجن جي مرشدن جا آهن. انهن مقبرن جي ڀرسان اوڀر ۾ هڪ مٽيءَ جو ڍير آهي، مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق اها مائي رڙيءَ جي تُربت آهي. چيو وڃي ٿو ته اها مائي سيد نور شاهه جي خدمتگار هئي. سيد نور شاهه جي خدمت جي صلي جي هن علائقي جو نالو هن جي نالي پٺيان رکيو. رڙي شهر متعلق پتو پوي ٿو ته هي شهر پهريان جتن جي حوالي هو پوءِ انهيءَ کان خواجن ورتو. اها خبر جت قوم جي سردار ملڪ غلام حسين ملڪاڻي کان پئي جنهن ڪري اهو مثال به ڏيندا آهن ته ”رڙي ٽڪن پڙي جتن کي مليو جواب“ اتي جي هڪ رهاڪو صالح محمد عرف ڪاڪا رڙيءَ جي ڪن شاهوڪارن جا نالا ٻڌايا ۽ انهن متعلق هڪ پهاڪو پڻ ٻڌايو. انهيءَ کان علاوه به ٻين ڪن درويشن جون تربتون موجود آهن، باقي شهر جا نشان ڏسڻ ۾ نٿا اچن البته انهن مقبرن جي چؤگرد هاڻي وڏا دڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سيد نور شاهه جي مقبري جي اڳيان اٽڪل 25 فٽن جو هڪ  مضبوط ڪاٺ جو ٿنڀ کُتل آهي، چيو وڃي ٿو ته جنهن به ڪاٺ سان هٿ چراند ڪئي آهي تنهن کي ضرور نقصان رسيو آهي. سيد نور شاهه نالي هڪ ماڻهو سنڌ اندر اسمائيلي فرقي جو پايو وڌو هو، ٿي سگهي ٿو ته اهو ساڳيو ئي بزرگ هجي، جيڪو هتي دفن آهي. ساڳئي وقت هيءُ بزرگ اسمائيلي خواجه جو مرشد آهي. مضمون جي ڊيگهه سبب باقي هنڌن جو ذڪر بعد ۾ ڪبو، جن جو ذڪر رهيل آهي اهي آهن، سينڊو بندر، شاهپور عرف محمد طور ۽ درگاهه مغلڀين. هنن ماڳن جو ذڪر محترم عابد لغاري صاحب 82-1981ع ڌاري پنهنجي سفرنامي ”سنڌ“ تاريخ ۽ ثقافت جي آئيني ۾“ ڀرپور طريقي سان ڪيو آهي، جيڪو نئين زندگي (81-1980ع) ۾ شايع ٿيو آهي. آءٌ هنن ماڳن جو سفر ۾ سندس رهنمائي ڪندو رهيو، ڪجهه سال پهريائين جڏهن هڪ پرائيويٽ T.V چئنل لاءِ مومل راڻي تي پروگرام ڪرڻ لاءِ پروڊيوسر فيض کوسو صاحب ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي پهتا ته به مون سندن ڀرپور رهنمائي ڪئي، اهڙي طرح هيءَ آثار پهريائين فوٽوگرافي ۽ پوءِ موويءَ ۾ محفوظ ٿي ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org