عبدالواسع ’عبد‘ سهندڙو
شڪارپور
ڪتاب نه، موبائيل
استاد شاهنواز کي ڪتابن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو،
آهستي آهستي ڪتاب خريد ڪري هن پنهنجي گهر ۾ چڱي
خاصي لائبريري تيار ڪئي هئي، پنهنجي واندڪائيءَ جي
وقت ۾ ڪتابن کي پڙهندو هو. جڏهن به پهرين تاريخ
ايندي هئي ته پگهار وٺڻ مهل شهر مان ڪتابن جي
ننڍڙي بڊڙاڪ خريد ڪري گهر جي سودي سان گڏ آڻيندو
هو، زال ايترا ڪتاب ڏسي گهر ۾ پئي ڪِر ڪِر ڪندي
هئي ته ”هيترا پئسا ڪتاب وٺي وڃائين ٿو. ٻارن ٻچن
جي توکي ڪابه فڪر نه آهي. جنهن دريءَ ۽ ڪٻٽ ۾ هٿ
هڻ ته رڳو ڪتاب ئي ڪتاب آهن، دل ٿي چوي ته هنن
ڪتابن کي تيلي ڏيان. اچي سڄو گهر سيڙايو اٿن.
ماستر ته ٿيو آهين اڃا پڙهي ڪهڙو ڪميسر (ڪمشنر)
ٿيندين؟“ استاد شاهنواز چپ چاپ ڪري اهي طعنا تُنڪا
پيو سهندو هو. پر جي ٿورو به ڪُڇي ته پوءِ ته
”ڀنڀور کي باهه لڳي“ بس ”مِٺي به ماٺ مُٺي به
ماٺ.“
استاد شاهنواز پرائمري ماستر هو، هن کي مطالعي ۽
ڪتابن سان ڏاڍو شوق هو، پر رهندو شڪارپور کان ٻاهر
20 ڪلوميٽر کن پري پنهنجي ڳوٺ عظيم آباد ۾ هو ۽
اتي ئي پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو هو،
شهر شڪارپور ۾ مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا مس ويندو هو، پر
جيڪڏهن ڪا اوچتي ضرورت ٿي پوي ته پوءِ به وڃي نه
ته ”الاابلا خير صلا.“
اڄ پهرين تاريخ هئي سوچيائين ته پگهار ملندي ۽
معمول مطابق گهر جو سودو سوڌ وٺندس ۽ ان سان گڏ
ڪجهه نوان آيل ڪتاب به وٺندس. اهو سوچي اڳ ۾ اسڪول
ويو ۽ ڏيڍ بجي گهر واپس آيو ته سودي لاءِ هڪڙو
ٻاجڪو کنيائين ۽ پوءِ پنهنجي پٽ عامر کي چيائين ته
اچ ته شڪارپور هلون، سودو وٺڻ. پٽ کي چيائين ته
ڪوٺيءَ مان موٽر سائيڪل کي ڪڍ، اهڙيءَ طرح پنهنجي
جڙٿل موٽر سائيڪل کي هلائڻ لاءِ پنهنجي پٽ عامر کي
اشارو ڪيائين، پاڻ عامر جيڪو نائين ڪلاس ۾ پڙهندو
هو، موٽر سائيڪل سٺي نموني هلائي ويندو هو، ان ڪِڪ
هڻي موٽر سائيڪل چالو ڪيو ۽ استاد شاهنواز پٽ جي
پويان ويٺو ته موٽر سائيڪل هلڻ لڳو.
عامر جوان هو ان ڪري شوبازي ڪندي موٽر سائيڪل کي
تيز ڀيڙي پيو ته استاد شاهنواز ان کي ڍري هلائڻ
لاءِ چئي رهيو هو، ”ڪهڙي گهلَ ڪڍ آهي جو مينهن
واءُ هڪ ڪري هلائين ٿو؟ پٽ! آهستي هلاءِ ڪٿي ڪو
نقصان نه ٿي پوي.“
استاد شاهنواز سوچي رهيو هو ته اڄڪلهه جا ڇوڪرا
ڦوشريل آهن. پڙهڻ لکڻ تي ڪو ڌيان ڪونه اٿن بس سڄو
وقت رلڻ ۾ گم آهن، هن دفعي ته عامر به پيءُ کي چيو
ته ”مون کي ٽچ موبائيل وٺي ڏي نه ته منهنجو پڙهڻ
کان آڱوٺو آهي. عطوءَ جي پٽ کي به موبائيل آهي.“
توڙي جو پڻس سڄو ڏينهن تغاري کڻندو آهي. فَتو جي
پٽ کي به موبائيل آهي توڙي اهو به سڃو سکڻو آهي.
پر توکي ته مهيني ۾ سٺ هزار پگهار ملندي آهي پوءِ
به مون کي ٽچ موبائيل نٿو وٺي ڏين“. ماڻس به پٽ جي
وَرِ وَهندي چيو ته ”اڄڪلهه هر ٻار جي هٿ ۾
موبائيل آهي. منهنجو پٽ موبائيل ڪاڻ سڪندو وتي ٿو.
جيڪڏهن هن مهيني موبائيل عامر کي وٺي نه ڏنئه ته
پوءِ چڱو نه ٿيندو.“
استاد شاهنواز سوچيو ته جيڪڏهن پٽ کي موبائيل وٺي
نه ڏنم ته پوءِ نه پٽ مون سان ٺهندو، نه وري زال.
گهر ۾ ٻارهوئي ڏچو ويندوئي ڪونه. ڪروڌ گهر جي دلي
جو پاڻي به سُڪائيندو آهي. ان لاءِ پندرهن سورهن
هزارن وارو سيٽ ضرور وٺي ڏيڻو پوندو. موبائيل وٺڻ
جي خيال سان اها ڳالهه ياد آيس ته بٽڻن واري
پنهنجي موبائيل جا به هڪ ٻه بٽن ڪم ڪونه ڪن ٿا اهي
به ٺهرايان. ٻيو هن طرف به خيال ويس ته اڳين مهيني
ڪتابن وارو چئي پيو ته استاد شاهنواز! اسان جو
ڌنڌو به ڊِم ٿيندو وڃي ٿو. ڏينهن ۾ ٽي چار ڪتابن
جا شوقين مس اچن ٿا ايتري بچت ڪونه ٿي ٿئي، جو
زندگيءَ جو گاڏو گهلجي. بس هاڻي ٻئي ڪنهن ڌنڌي
لاءِ سوچڻو پوندو. خاص طور ننڍي پوش ته ڪتابن جي
پڙهڻ کان پڙ ڪڍي بيٺي آهي، ڏينهون ڏينهن موبائيلن
جا دڪان وڌندا ٿا وڃن، ان لاءِ جو موبائيل جا
شوقين جو گهڻا ٿي ويا آهن. باقي ڪتابن جا پڙهندڙ
اٽي ۾ لوڻ برابر بچيا آهن. اوچتي اڳيان جهاڪو آيو
ته عامر هينڊل لاڙي نه سگهيو، جنهنڪري موٽر سائيڪل
وڏو جمپ کاڌو ته استاد شاهنواز جي خيالن جو سلسلو
ٽٽي ويو ڪاوڙ گهڻي آيس پر پي ويو.
شهر پڳو ته پهريان بينڪ ويو چيڪ ڀري ڪاؤنٽر تي
ڏنائين، ماڻهن جي پيهه هئي، اهو چيڪ مختلف مرحلن
مان گذرندو، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڪيش ڪاؤنٽر تي پهتو،
ته ڪيشئر وڏي آواز سان چيو شاهنواز! هن شاهنواز ۽
هم نام شاهنواز چيو جيءُ سائين ٻنهي جو آواز ٻڌي،
ڪيشئر پڇيو گهڻي رقم آهي، استاد شاهنواز چيو سٺ
هزار. هن چيو ها هيءُ تنهنجو چيڪ آهي. چيڪ تي صحيح
ڪري دستيءَ مان هزار هزار جا سٺ نوٽ ڪڍي استاد
شاهنواز کي ڏنائين استاد اهي نوٽ وٺي کيسي ۾ وڌا.
پٽ کي چيائين ته لکيدر هل ته ڪتاب وٺڻا آهن. عامر
ڪِڪ هنئي هنئين. استاد پويان چڙهي ويٺو. پٽ کي
چيائين ته ”اسڪول اچڻ کان پوءِ ڪتاب سَٽي رلڻ پنڻ
ويندو آهين، جهٽ دير لائبريريءَ ۾ ويهي ڪتاب نه
پڙهندو آهين. لائبريريءَ جا ڪتاب پڙهڻ ۾ ٻرو ٿو
چڙهئي، باقي موبائيل وٺڻ لاءِ تون ۽ ماڻهين
منهنجو اُڀ تپائي ڏنو آهي“. پٽ چيس اڄ موبائيل نه
وٺي ڏنئه ته مان اسڪوٽر کان لٿو هليو ويندس ۽ گهر
به نه هلندس. روز دوسوءَ وارا دلاسا ڏيندو آهين.
هائو بابا وٺِي ڏيندم، جڏهن هائو ڪئي اٿم ته اڃا
پٽ نه ٿي پوئي. اڄ ئي وٺي ڏي هاڻي ئي وٺي ڏي. هائو
هاڻي ئي تريءَ تي بهشت ڪري توکي وٺي ڏيان ٿو. رڳو
مون کي ڪتاب ته وٺڻ ڏي، ائين عامر اچي لکيدر تي
پڳو ته چيائين اولهه طرف ٿورو اڳڀرو هل هُو جيڪو
ونگ آهي اتي بيهار هلي. عامر اچي ونگ جي وٽ ۾ بريڪ
هنئي.
استاد شاهنواز موٽر سائيڪل تان لٿو ۽ پٽ کي چيائين
ته اتي ٻه منٽ بيهه ته ڪتاب وٺي اچان. استاد هيٺ
ڪنڌ ڪندي دڪان تي چڙهيو ته هن کي هيٺيون فرش
ٽائيلس جو لڳو. هن سمجهيو ته ڪتابن واري کي وڏي
بچت ٿئي ٿي جو سِرون پٽائي ٽائيلس هڻايا اٿس، وري
ٿورو اکيون کڻي نظر ڦيرايائين ته چوڌاري شيشا نظر
آيس، وري همراهن ڏي نظر ڪيائين ته اهي به مَٽيل
هئا.
دڪان جو مالڪ ٻن ٽن گراهڪن کي موبائيلون ڏيکارڻ ۾
مشغول هو. ان ڪري استاد جي اچڻ جي هن کي خبر ئي نه
پئي، استاد هڪو ٻڪو ٿي ويو ته ”ڀليي کي ڀؤ نه آهي“
شايد مان ڀلجي ٻئي دڪان تي آيو آهيان، دڪان کان
ٻاهر نڪتو ۽ جائزو ورتائين، دڪان ته هوبهو ساڳي
جاءِ تي آهي پوءِ ڪتابن جي ڪٻٽن جي جاءِ تي
موبائيل جا شيشا ڪيئن اچي ويا. دل ۾ چيائين مان به
ڪراڙو ٿيو آهيان، هونئن به گهرواري هَري هَري
چوندي آهي ته تنهنجو دماغ ڪم نه ٿو ڪري. واقعي
هاڻي ته منهنجو دماغ نٿو ڪم ڪري. ائين سوچيندي
دڪان ۾ ٻيهر آيو ۽ دڪاندار کان پڇيائين ابا هتي
اڳي ڪتابن جو دڪان نه هوندو هو؟ يا وري مان ڀليو
آهيان، دڪاندار چيس چاچا تون ڀليو نه آهين، تون
صحيح آهين، دڪان ساڳيو آهي دڪان جو شيپ ۽ دڪاندار
مٽجي ويو آهي. ڇو ابا ڪاڏي لڏي ڀڄي ويو؟ خبر نه
آهي ته ڪاڏي ويو؟ باقي دڪان جي مالڪ ٻڌايو پئي ته
ڪتابن جو چلتو گهٽجي ويو هئس ۽ ايتري تائين جو
ڪرايي جا به پئسا نڪرڻ مشڪل ٿي ويا هئس، مالڪ کي
اچي چاٻيون ڏنائين ته هاڻي هيءُ ڪتابن وڪڻڻ وارو
ڌنڌو اسان کان زور آهي.
استاد شاهنواز جا طاق لڳي ويا ته هاڻِ منهنجي شوق
جو ڇا ٿيندو، مان وقت ڪيئن گذاريندس ۽ دل ڪيئن
وندرائيندس، ڏاڍو مايوس ٿيو، سوچڻ لڳو ته هيءُ
موبائيل هڻي هنڌ ڪندي. نئين پوش جو رهيو کهيو نور
به چٽ ڪندي.
پٽ کي موبائيل وٺڻ واري ڳالهه ياد آيس ۽ پٽ کي
سڏيندي چيائين اچ هيڏي مٿي چڙهي آ. هن ڏٺو ته ابا
ته موبائيلن جي دڪان تي بيٺو آهي چيائين پئي ته
ڪتاب وٺندس. شايد ابي کي ويسر جي بيماري ٿي پئي
آهي. ڪتابن بدران موبائيلون ڏسڻ ويو آهي.
عامر آيو چيائين ته موبائيل وٺندي نه، عامر چيو
هائو، استاد شاهنواز دڪاندار کي چيو ته ابا ٽچ ۾
پٽ لاءِ ڪو هلڪڙو موبائيل ته ڏيکار، چاچا هلڪڙي ۾
هلڪڙي به ويهه پنجويهه هزار کائيندي، باقي ٻيون لک
ڏيڍ تائين به آهن.
ٻه ٽي دٻا اڳيان شيشي تي رکندي چيائين ۽ هرهڪ جون
خاصيتون ۽ خوبيون ٻڌائيندو پئي ويو. هيءُ ويهه
هزار، هيءُ پنجويهه هزار ۽ هيءُ ٽيهن هزارن جي
آهي. عامر به انهن دٻن کي اُٿلائي پٿلائي ڏسي رهيو
هو. وچ ۾ رکيل دٻي جي لاءِ پڇيائين ته هن جي ريم
گهڻي آهي؟ دڪاندار چيو 64 ريم آهي. ڪيمرا ڪيئن
آهي؟ ڪيمرا زبردست اٿس. توهان جي لاءِ هيءَ سٺي
ثابت ٿيندي. استاد شاهنواز جي دل چئي پئي ته جيڪر
ويهن هزارن واري وٺي ته اهي پنج هزار به بچي پَون.
عامر جو ضد ته پنجويهن هزارن واري وٺي ڏي. استاد
هڪ تي، عامر ٻي تي، ڪاوڙ مان دڪان مان لٿو پئي ويو
ته استاد چيس اچ اچ! وڃي منهن ڪارو ڪر، ڌوڙ پاءِ
تون به منهن ۾، دڪاندار کي پئسا ڳڻي ڏنائين.
ائين ڪندي استاد زماني سان سمجهوتو ڪيو. زماني سان
هلڻ لاءِ پنهنجي قدرن کي بدلائڻ لاءِ مجبور ٿي
پيو، سوچڻ لڳو ته پٽ جو شوق ته پورو ٿيو. منهنجي
شوق جو ڇا ٿيندو، منهن ڀيلو ڪري دڪان تان لٿو.
هيڻي لهجي ۾ پٽ کي چيائين هل هاڻي سودي واري دڪان
ڏي، عامر اڄ ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو ۽ استاد پنهنجي
ارمانن جو قتل ٿيندي ڏسندي رهجي ويو. استاد جي
اکين اڳيان اوندهه اچڻ لڳي ۽ هن جو مٿو به ڄڻ ڦرڻ
لڳو. پر پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي موٽر سائيڪل تي
چڙهي ويٺو ۽ عامر ڪِڪ هنئين ته گاڏي هلڻ لڳي.
استاد کي پنهنجو بٽڻن وارو موبائيل ٺهرائڻ به وسري
ويو. ٻيو خيال اهو ٿيس واندڪائيءَ جي وندر لاءِ
مون کي به اڳين پگهار تي ٽچ موبائيل وٺڻي پوندي.
ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ ڪتاب نه ته، موبائيل ته ٿي
پوندي، ائين ڪندي سودي واري دڪان تي آيو ته استاد
سودو خريد ڪرڻ لاءِ موٽر سائيڪل تان لٿو. سودو
خريد ڪري گهر پهتا ته گهر واريءَ باجڪي ڏانهن گهور
مان ڏسندي، چيو ته ڀري آئين باجڪو ’ڪتابن‘ سان.
استاد فخر سان ڪنڌ لوڏيندي چيو نه نه! سائين ڪتاب
نه موبائيل!
ذوالفقار علي “هالار” سومرو
ڄام شورو
ڏاڍي ڏُکي آهيان
ڪُونجَڙِيءَ ڪالَھ لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌَمِ چِتِ؛
آءٌ جِنين رِءَ هِتِ، گَھنگَھرَ گھارِيان ڏِينهَنڙا
(شاھه)
هُوءَ
رستي تي بيٺي هئي،
هن سان هڪ ننڍڙي ڇوڪري به گڏ هئي،
هن رڪشي واري کي رڪشو روڪڻ جو اشارو ڏنو، هوءَ رڪشي ۾ تڪڙ منجهان چڙهي پئي ۽ هن جي ڀرسان سيٽ تي هڪ ٻيو
ماڻھو به ويٺل هو، هن ان جي پرواھ بغير ڇوڪريءَ کي وچ تي ويهاري پاڻ پاسي کان ويهي رهي. رڪشا ڪجھ اڳتي هليو ته ان جو تيل ختم ٿي ويو رڪشا وارو لهي ڀرسان پمپ ٿان تيل وٺڻ
ويو ته هن ڀڻڪيو ته اڳي ئي دير پئي ٿئي وري ويتر دير- پاسي ۾ ويٺل ماڻهوءَ هِن ڏانهن ڏٺو ۽ ھِن، هن ڏانهن ڏٺو،
وري ٻنهي نظرون هيٺ ڪيون. ڪجھ دير کان پوءِ هنن جون نظرون هڪ ٻئي ڏانهن اوچتو کڄي ويون.
هنن وري نظرون چورايون، پر اتفاق سان هر هر نظرون
ملي پيون وڃن آخر هنن هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ ٿورو
مسڪرايو، پر عورت جي چھري تي پريشانيءَ جا آثار نمايان نظر اچي رهيا هئا،
هن نيٺ عورت سان ڳالهائڻ ۾ اڳرائي ڪئي ۽
پڇي ورتو ته توهان ڪٿي ويٺا آھيو ۽ هاڻي ڪاڏي پيا وڃو
؟
عورت نماڻائيءَ مان چيو مان پرديسياڻي آھيان. هيءُ
گهڙي کن لاءِ چپ ٿي ويو،
پر هن کي اندر جي اڻ تڻ چپ رهڻ ڪونه
ڏنو وري هن عورت کان پڇيو ته
پرديسياڻي ڪيئن ؟
ايتري ۾ رڪشا وارو تيل وٺي آيو ۽ رڪشا
اسٽارٽ ڪري هلڻ لڳو
هيءُ ٻئي خاموش ٿي ويا پر ٻنهي کي بيقراري چين سان ويهڻ نه پئي ڏئي ۽ هر هر هڪ ٻئي ڏي نهاري رهيا هئا. رڪشا وارو به شيشي مان ڪيڏي ڪيڏي مهل عورت کي ڏسي رهيو هو ۽ درديلا ڪلام وڏي آواز ۾ هلائڻ شروع ڪيا
نيٺ هنن خاموشي ٽوڙي رڪشا واري کي چيو ته آواز ڪجھ گھٽ ڪر آواز ڪجھ گھٽ ٿيو ته هن وري سوال ڪيو تنهن تي عورت چيو ته قصو وڏو آھي!
وري هن سوال ڪيو ته هي ڇوڪري تنهنجي آھي؟
هن وراڻيو ته
هيءَ منهنجي ڏوهٽي آھي. هن کي عجب لڳو ته هن جي عمر ته
ايتري ڪانه آھي 30 سالن جي مس هوندي هن اندازو لڳايو.
هن عورت ڏانهن تجسس واري انداز ۾ نهاريو ته عورت هن ڏانهن ڏسي مسڪرائي ڏنو
۽
پنهنجو قصو هن طرح سان شروع ڪيو
مان ڌاري آھيان ٻي ذات واري منهنجي مڙس جي
هيءَ
چوٿين شادي آھي. عورت اتي ٿوري ساهي کڻي هن کان پڇيو ته تنهنجو نالو ڇا آھي تون ڇا ڪندو آھين ؟
هن
پنهنجو
نالو ٿورو گهٻرائي رازداري انداز ۾ ٻڌايو ته
منهنجو نالو اڪرم آھي مان صحافي آھيان شهر ۾ رهندو
آھيان.
اڪرم عورت کان پڇيو ته توهان جو مڙس ڇا ڪندو آھي؟
تنهن تي هن چيو ته پرائويٽ نوڪري ڪندو هو هاڻي بيمار ٿي پيو آھي
۽
نوڪريءَ تي ڪونه
ويندو آھي سڄو ڏينهن گهر ۾ پيو مٿو ھڻندو آھي،
پٽن،
نُهن سان ۽ مونسان پيو جهيڙو ڪندو آھي وڏو
ظالم شخص آھي.
ٽي زالون اڳ ۾ مري ويون اٿس مون کي به
نيٺ
ماري ڇڏيندو؛
هن جي منهن
۾ نراسائي ڇلڪي رهي هئي.
اڪرم وري هن کان سوال ڪيو توهان هن سان
شادي ڪيئن ڪئي ؟ هن پنهجي نرڙ تي هٿ رکي چيو بس
قسمت، منهنجا مائٽ لالچ ۾ اچي ويا ۽ پيسن عيوض
منهنجو سڱ ڏنو
هاڻي ته
مان ڦاسجي وئي آھيان.
هن کي نو ٻار آھن پنج پهرين مان اها وئي
وارو وڄائي،
اهي ٻار وڏا آھن مون جيڏا ۽ مون
کان وڏا ٻه ڇوڪرا ۽ ٻه
ڇوڪريون پرڻيل آھن، باقي پنج ٻار؟
هڪ وڏي ڇوڪري مونسان گڏ آھي، هُو ٻئي پرڻيل ۽ جدا آھن ويڙهو هڪڙو آھي
باقي ڇنون ۽ َمَنهنَ جدا جدا آھن ٻڪرين جا ڌڻ
ٻارن جا ڌڻ موچڙي
جو زيپٺ لٺين سان ڪٽڪو ڄڻ ڪو ڍور ٿو ڪٽجي شل نه
ڪا مانيءَ کي دير ٿئي گارين ۽ بجن جي روڙ
مائٽن ڏي ڇو نٿي وڃين، مائٽن ته هيءَ
جزا ڳچيءَ
۾ وڌي آھي
هاڻي ڀائر ۽ ڀاڄايون ڀائن ئي ڪونه .
اڳ ۾ اسان شهر
۾
رهندا
هئاسين هن کي نوڪري هئي،
مان سلائي ڪندي هئس گذارو ٿي ويندو هو،
مون وٽ سلائيءَ
لاءِ مايون اينديون هيون هن کي شڪ هوندو ته
هيءَ خراب آھي.
هيءُ مايون هن کي خراب ٿيون ڪن متان ڀڄي وڃي
تنهنڪري ڪم تي گهٽ ويندو هو ۽ نظرداري ڪندو
هو،
ڇو ته
پوڙهو هو ۽ مان جوان جماڻ.
هن وري رڪشي واري ڏي ڏٺو جيڪو هنن جون
ڳالهيون ٻڌي رهيو هو،
هن آھستي چيو پوڙھو ڇا،،،،،،،،
تنهن ڪري پيو شڪ ڪندو هو مون به پنهنجي قسمت سمجھي پئي وقت سان سمجهوتو ڪيو هن جي ڳالهين
مان اڪرم محسوس
ڪيو
ته هيءَ
عورت پڙھيل آھي.
اڪرم موقعي جو فائدو وٺندي هن کان هي سوال
ڪري ورتو،
توهان هن مان مطمئن
آھيو؟
عورت اڪرم جي اکين ۾ اکيون ملائي ۽
پنهنجائپ واري انداز سان ڪنڌ سان انڪار
ڪيو ۽ مرڪي پئي هاڻي هنن ۾ ڪو به
اوپرائپ وارو تصور نه هو.
رڪشي واري به
سمجهو ته هيءُ پاڻ ۾ مائٽ آهن الائي ڇا!
هاڻي اهو به گھٽ پيو ڏسي اڪرم به
مرد هو.
رڪشي واري هاڻي وري ماستر منظور جا درديلا
ڪلام هلائڻ شروع ڪيا.
اڪرم ۽ عورت پنهنجي ڪچھريءَ ۾ هئا.
اڪرم عورت کان پڇيو توهان جي تعليم ڪيتري
آ ؟ هن چيو ميٽرڪ بي گريڊ.
اڪرم کي عجب لڳو پڙھيل لکيل عورت عذابن ۾. اڪرم چيو توهان نوڪري ڇو نٿا ڪريو.
عورت وراڻيو ته
نوڪري ملي ڪاٿي ٿي ڏاڍي ڪوشش ڪئي آ.
پر توهان کي مڙس نوڪري ڪرڻ ڏيندو؟
ها هاڻي ڪرڻ ڏيندو پاڻ ڪمائي ڪونه ٿو سگهي.
چوي ٿو ڀلي ڪر
.
اڪرم هن کان وري سوال ڪيو توهان هينئر
ڪاڏي ٿيون وڃو ؟
هن چيو ته
شهر ٿي وڃان اتي منهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيوو
رهندا آھن انهن ڏي ٿي وڃان انهن کان پئسا گھريا
اٿم ڪو سامان وٺي گهر جو، ڪو سلائيءَ جو سامان ۽ ڪجھ ڪپڙو وٺي گذر ڪجي .
منهنجي ماسات شبانه به
هيلٿ ۾ نوڪري ڪندي آھي ۽ گهر ۾ بيوٽي پالر به
اٿس وقت ڏاڍو سٺو ٿو گذرين،
مان به چوان ٿي ڪا نوڪري ملي وڃي، توهان ڪوشش ڪيو،
اڪرم چيو ها مان ڪوشش ڪندس اها ادي شبانه
اسان جي ڀرسان رهندي آھي ٿوري مفاصلي تي هن جو ٻي
ڪالوني ۾ گهر آھي.
ايتري ۾
رڪشو به اچي اسٽاپ تي رسيو.
اڪرم هن کان موڪلائڻ جي ڪئي ته هن عورت اڪرم کي پارت ڪئي مون
کي نوڪري وٺرائي ڏيو مان توهان کي مناسب پيسا به ڏيندس ڇو ته
اڄڪلھ نوڪريون پئسن کانسواءِ
ملن ڪونه ٿيون.
اڪرم ڪنڌ سان ها ڪئي. عورت چيو مان شبانه
ڏي ايندس ۽ توهان ڏي ضرور ايندس منهنجي ڪم جي پارت
اٿو مان ڏاڍي ڏکي آھيان.
اڪرم رڪشي مان لٿو
۽ هي به
لٿي رڪشي وارو ڏسندو رهيو.
ڪجھ ڏينهن گذريا ته هوءَ
شبانه
سان گڏجي، اڪرم جي گهر آئي.
اڪرم ان وقت گهر ۾ موجود ڪونه هو.
اڪرم جي گهر واري هنن کان حال احوال ورتا
۽ هنن جي خاطر توازع
پڻ سٺي نموني سان ڪئي
شبانه، اڪرم وارن ڏي ايندي رهندي
آ. تنهنڪري هنن جو پاڻ ۾ قربت وارو رستو هو.
اڪرم جي گهر واريءَ هن کان نالو پڇيو ته منهنجو نالو ته
روشني آھي پر زندگي اونداهي ۾ گذري رهي آھي.
تنهن تي اڪرم جي گهرواريءَ روشنيءَ
کي چيو ته، تو وانگر تنهنجو نالو به ڪيترونه
ڀلو آھي شبانه تنهنجي ماساتِ ته
ڀاڳن واري آھي
جنهن کي تو جهڙي ماسات ملي آ،
تنهن تي ٽهڪڙا پئجي ويا.
روشنيءَ
چيو گهڻن ڏينهن کان پوء ڪا خوشي ملي آھي.
شبانه
پڇيس ڪهڙي خوشي روشني چيو ههڙي جو دوست ۽ ڀاڄائي
جو ملي اٿم،
ها ڀاڄائي پنهنجو نالو ته ٻڌاءِ.
ها منهنجو نالو ڀاڳ ڀري آھي پر ادبي نالو
سنجها آھي مان ۽ منهنجو گھروارو سماجي ڪارڪن آھيون
پنهنجي وس آھر پيا انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪوشش
ڪندا آھيون مالڪ ڀلائي ڪندو آ.
ايتري ۾ اڪرم به اچي ويو هٿ ۾ اخبارون ڊائري ۽ ٻچن لاءِ ڪجھ ميوات سبزي کير
بسڪيٽ وٺي کنيون آيو
روشني سنجها کان پڇي ورتو ته توهان ادا اڪرم کي اسان جو ڪيڏي مهل اطلاع ڏنو؟
سنجها وراڻيو ته مون ڪونه
ٻڌايو!
باقي هي سڀ ڪجھ ڪيئن وٺي آيو تنهن تي
سنجها چيو ته هي روزمره
جون شيون آھن جيڪي روز وٺي ايندو آ،
تنهن
تي روشنيءَ
چيو،
اسان جا مرد هڪ شي وٺي ايندا ته ٻي وسري ويندي اٿن
.
سنجها چيو ادي توهان ٺيڪ ٿا چئو ماحول سان
گڏ سوچ به بدلجي ٿي،
ايتري ۾ اڪرم به
ھٿ منهن ڌوئي آيو ته
سنجها کيس ٻڌايو ته اڪرم هيءُ مهمان آيا آھن توهان سان ملڻ ٿا چاهن سندن
ڪو توهان ۾ ڪم آهي.
اڪرم مهمانن کي سلام ڪيو ۽ سنجها کي
چيائين اديءَ واريون ڪيڏي مهل آيون آھن توهان
ڪاخدمت ڪئي آھي يا نه.
شبانه
چيو اسان جي ڀيڻ سنجها ڪا گهٽ آ ڇا؟
ٽھڪڙو پئجي ويو اڪرم کي سڀ خبر هئي پوء خبرون
چارون ٿيون روشنيءَ
اڪرم کي چيو ادا توهان ڪا ڪوشش ورتي ادا؟
اڪرم چيو ها هڪ
NGO آھي تنهن ۾ ٻهراڙين ۾ آفيس کولڻ لاءِ جاءِ آھي.
توهان تياري ڪيو پوءِ اطلاع ڪيو مان انهن کي وٺي ايندس روشنيءَ جو چهرو خوشي مان ٻھڪي پيو.
هُو موڪلائي هليون
آيون.
هنن ٻنهي پاڻ ۾ ڪچهري ڪئي. هڪ ٻئي جا خيال ٻڌا.
روشنيءَ به
پنهنجي گهر واري کي سموري ڳالھ ٻڌائي،
جيڪو چئي رهيو هو لڳي ڏکيو ٿو! توکي خبر ناهي اهي
پراين عورتن کي استعمال ڪندا آھن مطلب جا ماڻهو
اٿئي.
اسان ڳوٺاڻا سادا، شهر جا ماڻهو ڏاڍا هوشيار آھن.
تون نٿي سمجھين انهن جي چال کي.
روشني ڪجھ مايوس ٿي اهو
ته آھي،
پر ادو اڪرم ۽ ڀاڄائي سنجها ڏاڍا سٺا، سچا ۽ تيڏا
سهڻا آھن خدا خير ڪندو،
تون رڳو شڪ ۽ گمان پيو ڪندو آھين.
هُو پنهنجي گهر واريءَ کي به
وٺي ايندو تون ڏسجان ته ڪيڏا سٺا ماڻھو آھن،
اسان سان دوکو نه ڪندا !!
روشني وري سوچن ۾ پئجي ٿي وڃي،
ڪمال به
صحيح ٿو چوي.
منهنجا پنهنجا ماءُ پيءُ ڀائر لالچ ۾ اچي مون
کي پئسن عيوض پوڙهي سان پرڻائي ڇڏيئون. هُو
ته پراوا آھن ڌاريا الائي ڪير، نه
ذات جي خبر نڪا چار.
سڄي رات سوچيندي رهي.
ايئن ڏينهن راتيون سوچن ۽ ڳڻتين ۾ انتظار انومانن
۾ گذرنديون رهيون.
ڪڏهن اميد ته
ڪڏهن نراسائي.
هڪ ڏينهن اڪرم ادي شبانه ڏي پنهنجي گهر واريءَ سنجها کي موڪليو ته
سومر تي آفيسر ايندا.
ادي روشنيءَ جي ڳوٺ ھلبو
۽
پاڻ ٻئي زال مڙس اسان سان گڏجي هلندا، ته جيئن اتي ڪاتڪليف نه
ٿئي.
ٻئي ڏينهن شبانه ۽ ان جو
گهرواروي
امجد روشنيءَ کي فون ڪري ٻڌايو ته
هن سومرتي اسان ۽ ادو اڪرم، سنجها ۽ ڪجھ ٻيا
آفيسرز اينداسين توهان تيار رهو.
روشني خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي، وري جڏهن پنهنجي مڙس ڪمال جو خيال پيو اچيس ته ڳڻتي ۾ وٺجي پئي وڃي.
چوندا آھن ارادا مضبوط هجن ته
ڏکيا ڪم به آسان ٿي پون.
آخر هن پنهنجي مڙس کي مڃائي ورتو ۽ ڪمال کان واعدو ورتو ته مهمانن سان سٺي نموني سان هلڻو آ.
ھُو اسان جي ڳوٺ ۾ ٿا اچن انهن جي عزت اسان
جو فرض آ.
ڀلائيءَ
جو بدلو ڀلائي آھي.
رب سائين ڀلائي ڪندو.
ڪمال خان چيو ڪرين ڪمال ٿي چڱو ڏسون ٿا نه
ته
گولي هڪڙي.
روشني سڄي ڏڪي ٿي وڃي،
يا الله خير ڪجان.
آخر سومر تي اڪرم سنجها، شبانه،
امجد
۽
ٻه
آفيسر هڪ جو نالو امر ٻئي جو نالو خليل هو ۽ هڪ
عورت ضلعي آفيسر پرھ جيڪا روشنيءَ سان گڏ پڙھي
هئي
روشني پنهنجي گهر جي آڳر تي چار کٽون چوڌاري رکي تن تي ٽڪ جون رليون وڇائي، آر تي اڻيل اڇا وهاڻا رکي ڇڏيا هئا مهمان
اتي اچي ويٺا.
روشنيءَ جي جڏهن پرھ تي نظر پئي ته پرھ به
هن کي ڏٺو. ٻنهي هڪ ٻئي کي سڃاتو ڀاڪرين پئجي ويون
پرھ چيو روشني تون!
روشنيءَ
کي خوشي ۽ ڏک جا گڏيل ڳوڙها اچي ويا،
جيڪي هن پوتيءَ جي پلاند سان اگهي ڇڏيا.
پوءِ
ٻنهي حال احوال ڪيا سڀ ڏسندا دنگ رهجي ويا.
سنجها چيو مون چيو هو نه
روشني ڀاڳ واري آ.
اسان جي آفيسراڻي روشنيءَ
جي سهيلي نڪري پئي.
تنهن کان پوء ميٽنگ ٿي روشنيءَ
کي ڳوٺ ۾ سلائيءَ
جو سينٽر کولڻ جي منظوري ملي وئي جتي ڳوٺ جي عورتن
کي هنر ۽ تعليم جي سکيا ڏني ويندي.
اهو سينٽر روشني جي نگراني هيٺ
ڪن ڪندو
۽ سنجها ۽ شبانه
کي سرپرست مقرر ڪيو ويو.
چاچي ڪمال کي ان جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيو ويو،
بعد ۾ ماني کاڌي ۽ سينٽر جي ڪاميابيءَ
لاءِ دعا ڪئي وئي.
اڄ روشني ڳوٺ ۾ هنر سان گڏ علم جي روشني پکيڙي رهي
هئي ۽ زندگي آرام ۽ آسانيءَ سان گذاري رهي هئي
”ڪنهن هڪڙي خاص موضوع يا فن جو مطالعو، طالبعلم کي
فقط انهيءَ هڪڙي پاسي جي ئي خبر ڏئي ٿو. مثلاً،
جيڪڏهن ڪو علم جي ميدان جو پانڌيئڙو جنگي فن ۾
ماهر آهي؛ ته هو رڳو انهيءَ ئي ڪم ۾ ڪامل هوندو:
پر ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن هو تاريخ، فلسفي، ادب، ۽
زندگيءَ جي ٻين ضروري علمن کان به واقف ٿي وڃي، ته
جيڪر اهي علم، هُن کي وڌيڪ روشني بخشيندي، انهيءَ
لائق بنائي سگهن ٿا، جو هو پنهنجي خاص مهارت واري
ڪم ۾ به ڪيتريون ئي وڌيڪ اصطلاحون ۽ سڌارا آڻي
سگهي. انسان جي ارتقا به، منزل بمنزل، ان طرح پئي
ٿِي
آهي، جو مختلف ڪاملن ۽ اڪابرن هڪ سان ٻِي،
۽ ٻيءَ سان ٽي شي ڀيٽي، نيون نيون شيون جوڙي،
انساني تهذيب ۽ تمدن کي تهائين وڌيڪ روشن ڪرڻ جي
پئي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن فيلسوف رڳو حڪيم ’ارسطو‘
جي فلسفي کي ئي چهٽيا رهن ها، ته فلسفو يا حڪمت
اڃا شايد ٻارن واري گول- ڦيريءَ- راند کان اڳتي
ڪانه اڪري ها. مختلف علمن جون ايتريون ساريون
ترقيون فقط نظر جي وسعت ۽ اونهي اڀياس جي ڪري ئي
ٿيون آهن. ڪنهن هڪڙي فن ۾ ماڻهوءَ جو ماهر ٿيڻ
برابر ڪاميابيءَ لاءِ ضروري آهي؛ پر سندس اهڙيءَ
تعليم کي ٻين علمن جو مطالعو ۽ ٻي عام معلومات پاڻ
وڌيڪ پختو ۽ ڪارگر ڪريو ڇڏين. تنهنڪري پنهنجي
مخصوص علم يا فن جي دائري کان ٻيءَ عام معلومات جا
جيڪي بي شمار املهه ماڻڪ هر طرف پکڙيا پيا آهن، تن
کي نظرانداز ڪري، پنهنجي ئي علم يا فن ۾ ذهن کي
دفن ڪري ڇڏڻ، سچ پچ ته هر معنى ۾ پنهنجي علمي
آپگهات جي برابر آهي!“
-ڪتاب
”آرٽ آف لِونگ“ تان ورتل اقتباس
رسالي ’مهراڻ‘ 2/1989ع تان کنيل |