سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2023ع

باب:

صفحو:18 

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون

راڄو ڳوٺ- سال

 

 

 

پراڻي ڪراچيءَ جا ماڳ ۽ سنڌي شخصيتون

 

ڪراچيءَ جي ماڳن، مڪانن، علم ادب ۽ شخصيتن کان جيڪي ون يونٽ واري زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ يا ان کان اڳ رهندا هئا زياده واقف چاڪف هوندا. ظاهر آهي ته اُهي شخصيتون جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ يا پوءِ يا وري ون يونٽ واري زماني ۾ زنده هيون اُهي هاڻي نه هجڻ جي برابر آهن، اڪثريت انهن جي راهه عدم وٺي وڃي اَبدي دنيا ۾ آرامي ٿي. ڪن ڪن شخصيتن جي باري ۾ هن وقت ڪتابن ۾ پڙهندا آهيون ته انهن مئٽرڪ ڪراچيءَ سنڌ مدرسي مان ڪئي ان وقت سڄي ڪراچيءَ ۾ ٻه سنڌي اسڪول هئا هڪ سنڌ مدرسو ٻيو اين.جي.وي اسڪول بندر روڊ جيئن ته منهنجو ڪراچيءَ وڃڻ ۽ رهڻ ون يونٽ واري زماني ۾ ۽ ڀٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان پهريائين ٿيو ۽ مئٽرڪ به ڪراچيءَ مان ڪئي ان وقت جا حالات ڇا هئا، سنڌي ماڻهن جي آبادي ڪيتري هئي ڪراچيءَ جي پکيڙ ڪيتري حد تائين هئي يا وري ڪهڙيون علمي ادبي شخصيتون يا زميندار رهندا هئا انهن جا بنگلا ڪٿي ۽ ڪهڙي هنڌ هئا جن کي اکين سان ڏٺوسين. سوچيم جن کي جنهن حالت ۾ ڏٺو ڇو نه مختصر انهن جو تذڪرو ۽ تعارف ڪريان، جيئن ماضي قريب جي تبديليءَ کي عام قاري پڙهي ۽ سمجهي سگهي. انهن شخصيتن سان ڪا ياري دوستي ته نه هئي، پر انهن جا ٿاڪ گهر ڏٺم واٺم ڪجهه سان ملاقاتون پڻ ٿيون.

1968ع ۾ منهنجو ڪراچي وڃڻ ٿيو جوانيءَ جي عمر سياسي سماجي سوچ کان عاري اڻ واقف بلڪ پوري سنڌ ۾ عوامي سياسي سوچ نه هئي، البت ديني ماحول جي نسبت سان هڪ مدرسي ۾ داخلا ورتم، ان وقت ڪراچي موجوده حيدرآباد کان ننڍو شهر هو، مهاجر ڪٿي ڪٿي پٺاڻ، بنگالي، برمي ڪافي حد تائين نظر ايندا هئا يا ور مڪراني ٻروچ اصلوڪي حيثيت ۾ عام سنڌيءَ جو ته ڪو نالو نشان ئي نه هو مون کي ياد آهي ته آئون بهادرآباد ۾ رهندو هئس، صرف سنڌي ڳالهائڻ يا وري سنڌين کي ڏسڻ لاءِ ليمارڪيٽ ويندو هئس، جتي سنڌي ماڻهو ڪم ڪار سانگي ايندا ويندا هئا، زوريءَ انهن سان ڳالهائي سنڌ جي سڪ لاهيندو هئس، ڄڻ اها ڳالهه 54 سال اڳ جي لکي رهيو آهيان، پر حيرت انڪري اٿم ته هيڏو وڏو شهر سنڌ جو ۽ سنڌين جو نالو نشان ئي نه هجي، ناظم آباد آخري حصو ڪراچيءَ جو لالوکيت کان اڳتي ڪابه آبادي نه هئي، لياري کڏو مارڪيٽ وچ شهر جو جيڪا پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي آبادي هئي، گلشن اقبال جو ته وجود گهڻو پوءِ پيو، نه ته اتي جهنگ ئي جهنگ هو، سبزي منڊي بولٽن مارڪيٽ ۾ هئي، بس اهائي ڪراچي ڪياماڙي ۽ منوڙو گهمڻ لاءِ ماڻهو ويندا هئا، سولجر بازار گرومندر ڪراچيءَ جي اهم آبادي هئي شڪارپور ڪالوني، سنڌي هائوسنگ سوسائٽي اهم آباديون هيون، هتي لکڻ جو مقصد هيءُ به آهي ته ڪجهه ڄاڻ ان ڳالهه جي به ڏيندو هلان ته عام سنڌي ته نظر نه آيا پر ڪن ڪن هنڌن تي سنڌين جا پراڻا بنگلا ٺهيل هئا، ٻاهر هڪ اڌ چوڪيدار بنا ڪنهن پروٽوڪول جي بيٺل هوندو هو، چوري چڪاري دهشتگردي جو نالو نشان ئي نه هو، ان لاءِ انهن سنڌين جي بنگلن کي ڏسڻ جو موقعو ملندو هو ظاهر آهي ته اسان نه وڏا ماڻهو نه واقفيت بس اهو محسوس ڪندا هئاسين ته هيءُ سنڌيءَ جو گهر آهي، اسان جو مشغلو معمولي پڙهائيءَ کانسواءِ ٻيو صرف گهمڻ ڦرڻ هوندو هو، سياسي سوچ سمجهه جو اهو عالم هو جو اِها ته خبر نه هئي ته ون يونٽ ڇا آهي؟ خود ان زماني ۾ چند ليڊرن کانسواءِ عام سنڌيءَ کي ته خبر نه هئي، پر اڄ به پي.پي جي عام ووٽر کان پڇو ته ون يونٽ ڇا آهي ته نه ٻڌائي سگهندو، جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ ون يونٽ جي ٽوڙڻ جون خبرون اخبارن ۾ هلنديون هيون، ڪابه سنڌي اخبار منهنجي نگاهن مان نه گذري سواءِ عبرت اخبار جي جيڪا سنڌ ۾ هلندي هئي. ممڪن آهي ته ڪا هلندي هجي پر آئون بيخبر رهيس. برنس روڊ تي هڪ وڏي بلڊنگ هئي جنهن جو نالو شاهاڻي بلڊنگ هو، ان ۾ روڊ تي وڏو بورڊ  وفائي پريس جي نالي سان لڳل هو، خبر پيئي ته هتان سنڌي اخبار الوحيد نڪرندي هئي، هيءَ پريس مولانا دين محمد وفائيؒ جي هئي، جنهن ۾ سنڌ جا وڏا وڏا ناميارا سنڌي صحافي بقول علي احمد بروهي مرحوم جي ته اسان وفائي پريس ۾ تڏن تي ويهي تعليم سان صحافت ڪئي.

سندس فرزند علي نواز وفائي جيڪو پوءِ وزير به ٿيو پر ان بلڊنگ تي سال 2000ع تائين مون وفائي پريس جو نالو سنڌيءَ ۾ لکيل ڏٺو، ان وقت انٽرڪانٽينل هوٽل ڪانه هئي ڪراچيءَ جي وڏي ۾ وڏي هوٽل فريئر روڊ تي ميٽروپول هوٽل هئي، جيڪا گورنر هائوس جي ويجهو هئي. هاڻي ختم ٿي چڪي آهي ان وقت تائين ڪابه 3 اسٽار، 4 اسٽار يا 5 اسٽار هوٽل نه هئي ۽ نه ئي ڪو اهڙو رواج هو، سولجر بازار ۾ گهمندي ڦرندي هڪ اهڙي بنگلي تي نظر پيئي جيڪو لواريءَ واري پير احمد زمان ۽ پير گل حسن صديقيءَ جو هو، جتي پير گل حسن صفا سادي طرزِ زندگي سان ٻاهر هڪ دِڪيءَ تي ويٺل نظر ايندا هئا، سندن سادگي انتها درجي جي هئي. پاسي ۾ اردوءَ جو مشهور شاعر ”جون ايليا“ جو گهر هو، ان جي پاسي ۾ رئيس امروهي ۽ جنگ جو ايڊيٽر سيد محمد تقيءَ جو گهر هو، سولجر بازار ۾ ڪافي سنڌين جا بنگلا هئا، جن تحريڪِ آزادي يا تحريڪِ پاڪستان ۾ حصو ورتو. 1968- 1969ع تائين زنده جاويد هئا، انهن سان ملاقات به آسان هئي، پر اسان ۾ سمجهه شعور جي ڪمي ڇو ته سنڌي ايترا هئا جو آڱرين تي ڳڻي سگهجن، آبادي به گهٽ هئي، پٺاڻن، پنجابين جون لوڌون آباد ته هيون البت بنگالي برمي گهڻا هئا، جيڪي گهڻي حد تائين مدرسن ۾ پڙهندا هئا، ون يونٽ جي خاتمي جا بيان اخبارن ۾ ڇپبا هئا، پر اسان کي ته ڇا پر سنڌ جي عام سنڌيءَ کي به ان وقت خبر نه هئي ته ون يونٽ ڇا آهي؟ سنڌ جا وسيلا ڇا آهن، پارليامينٽ ڇا آهي؟ مغربي پاڪستان جو گورنر ڪير آهي؟ چند وڏيرن، ميرن، پيرن وٽ سيٽون هيون، باقي الله الله خير صلاح. موجوده دور ۾ ئي سنڌي ماڻهوءَ کي پنهنجي باري ۾ سياسي يا سماجي طور تي خبر نه آهي جڏهن ته هيءَ ڳالهه ته 50 سال پراڻي آهي، ڪراچيءَ ۾ مڪرانين جو ڌاٻو گهڻو هو ته اهي ويڙهو آهن، سئنيمائن تي گهڻي حد تائين مڪراني رکيل هئا. اتي جيڪي ڪنٽرول ڪندا هئا. سئنيمائن جو رواج گهڻو هو، ڪڏهن ڪڏهن ليمارڪيٽ ۾ سنڌي فلم به لڳندي هئي، عمر مارئي، پرديسي وغيره اتي وڃي ڏٺيسين. ان ۾ کڏي مارڪيٽ، لياري، چاڪيواڙي جا سنڌي مڪراني ناظرين ۾ هوندا هئا، بازار جن ۾ ليمارڪيٽ به هئي.

مڪراني ملير، ليمارڪيٽ، چاڪيواڙي، ڪنڀار واڙي جون سنڌين سان مٽيون مائٽيون هيون، خود منهنجي ڳوٺ ۾ به ڪافي ٻروچ، مڪراني ونهيون شاديون ڪري آيون، جن ۾ منهنجي چاچي به شامل آهي، جيڪا ملير ڄام ڳوٺ جي قلباڻي بلوچ هئي. اهڙي طرح ڪجهه بنگالي عورتون به سنڌين جي گهرن ۾ ونهيون ٿي آيون. جن جو اولاد اوقاد اسان جي مٽن مائٽن ۾ به آهي، هاڻي ڄڻ هُو سنڌي آهن، هڪ ڀيري سولجر بازار ۾ گهمندي ڦرندي هڪ اهڙي بنگلي تان گذر ٿيو جنهن تي بورڊ محمد ايوب کهڙو جو لڳل هو، ڪافي سالن کان پوءِ خبر پيئي ته محمد ايوب کهڙو صاحب اهو بنگلو مسجد کي وقف ڪري ڏيئي ڇڏيو. ٿوروئي اڳيان پارسين ۽ ڪجهه هندو ڪميونٽي جا پراڻا بنگلا هئا، پارسي ڪالوني پارسي معنيٰ باهه کي پوڄڻ وارا جن کي پراڻي زماني ۾ مجوسي چيو ويندو هو، پاڻ سڳورن ﷺ جي زماني ۾ ايران جو طاقتور بادشاهه ”يزدگرد“
مجوسي باهه پرست پارسي هو. هر ڪميونٽيءَ ۾ هاڻي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته 2 لک کان زياده دنيا ۾ پارسي نه آهن، جيڪي بمبئي، ڪراچي ۽ ايران ۾ رهن ٿا، پر ايرانين کين ماري ڀڄائي ڪڍيو آهي. گهڻن اسرائيل جو رخ ورتو، اهڙي طرح ڪجهه بهائي فرقي جا ايراني به رهندا هئا جيڪي اسرائيل هليا ويا، ڪراچيءَ جو مشهور ماما پارسي اسڪول به  هڪ مجوسيءَ جو ٺهرايل آهي، جتي شهر جي وڏن وڏن ماڻهن جا ٻار پڙهندا آهن، هيءُ اسڪول اڄ تائين آب تاب سان قائم آهي. ۽ پارسين جي قبضي ۾ بندر روڊ تي واقع آهي سپريم ڪورٽ جو مشهور جج جنهن ضياء جي دور ۾ ڀٽي صاحب جي حق ۾ فيصلو ڏنو، جن ۾ هڪ مجوسي پارسي جج جسٽس دوراب پٽيل هو. پارسي ڪنهن به ڌارئين سان مٽي مائٽي نه ڪندا آهن، ۽ نه ئي پنهنجي دين جي تبليغ ڪندا آهن، انڪري وڌي نه سگهيا. پنهنجن مُردن ميتن کي نه پوريندا آهن، ۽ نه ئي باهه ڏيندا آهن. ڪراچيءَ ۾ سندن هڪ قبرستان آهي جيڪو مشهور آهي اتي لاش ڇڏي ايندا آهن، جيڪو ڳجهن جو کاڄ ٿيندو آهي، چئوپاسان ديوار ڏنل آهي ڊفينس جي مين روڊ تي آهي، جيئن ته مون مٿي لکيو آهي ته سولجر بازار بندر روڊ ڪراچيءَ جا اصلي قديمي ماڳ آهن خاص طور تي سنڌي وڏن جا جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد هئا. انهيءَ سولجر بازار ۾ هندستان جي بي.جي.پي پارٽي جي سربراهه ايل.ڪي.آڏواڻيءَ جو بنگلو به هو، اِها خبر تڏهن پيئي جو مشرف جي دور ۾ جڏهن هُو پاڪستان جي دوري تي آيو ته کيس انهيءَ اباڻي بنگلي تي وٺي آيا ۽ ڪجهه گهڙيون ان گهر ۾ تواضع سان کيس نوازيو ويو، اها ائڊريس به ايل.ڪي.آڏواڻي جي جمشيد روڊ جي هڪ اسڪول جي حاضري رجسٽر مان ملي، جيڪا پوءِ ميڊيا ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي ۽ کيس اسڪول جو سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو.

سنڌي وڏيرا ڪي ته بنگلا فروخت ڪري وڃي جديد پوش علائقن ۾ رهيا ڪن گهر فروخت ڪري ڇڏيا، پر اُهي گهر اڃان اصلي حالت ۾ موجود آهن ۽ پنهنجي ساخت سان پنهنجي اصلي مالڪن جي سڃاڻپ ڪرائين ٿا. ڪن تي وري وڏا پلازا جڙي ويا آهن نشان به نه رهيو.

تازو جي.ايم.سيد جو بنگلو حيدر منزل سولجر بازار به فروخت ٿي ويو، جنهن جو چرچو اخبارن ۾ جام هليو. ون يونٽ ٽٽي صوبا جيئن به هئا آزاد ٿيا ملڪي حالات خراب ٿيڻ لڳا، يحييٰ خان ملڪ جو سربراهه ٿي ويو، اليڪشن جو اعلان ٿيو، جنهن اليڪشن جي نتيجي ۾ ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو، يعني بنگلاديش. حالات اليڪشن کان خرابيءَ جي طرف وڌڻ لڳا، اسان ۾ به ڪجهه سياسي شعور جاڳڻ لڳو، انهن ڏينهن ۾ اليڪشن مهم جا سياسي جلسا شروع ٿيڻ لڳا. جت سنڌي ماڻهوءَ کي ڏسي ڳالهائڻ لاءِ ترسندا هئاسين، اهي بسون گاڏيون ڀري ڪراچي ۾ صرف جلسن لاءِ سياستدان کين وٺي اچڻ لڳا، ڇو ته سنڌي سياستدانن کي جلسا ڪرڻا هئا، مهاجر، پٺاڻ، مڪراني پنهنجي ليڊرن جي جلسن ۾ اچڻ لڳا، سنڌي ڪراچيءَ ۾ هئا ئي ڪونه، يحييٰ خان جي فوجي حڪومت هئي، ان لاءِ سنڌي آيا ته ٿي، پر ڊپ ۾ جلسي کان ٻاهر نه ٿي نڪتا، متان ڀلجي نه وڃون، يا بس نه هلي وڃي. يا ڪو کڻي نه وڃي، اهو حال هو 1970ع کان اڳ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو. ون يونٽ جي آخري ڏينهن جو سولجر بازار کي ان حوالي سان به وڏي اهميت هئي جو نبيل گبول جو ڏاڏو الهه بخش بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو، ان جو به بنگلو سولجر بازار ۾ هو، جتي سندس پٽ نبيل گبول جو والد عبدالستار گبول رهندو هو، جيڪو پي.پي دور ۾ يعني ڀٽي صاحب جي زماني ۾ ليبر جو وزير ٿيو.

جيئن ته طالب العلم جي حيثيت سان واقف نه دوست ڪراچيءَ جي آباديءَ به ايتري ڪا وڏي نه هئي ان لاءِ رڳو پيو سنڌين جا بنگلا جاچيندو هئس ته ڪو ٻولي ڳالهائڻ وارو ملي. هڪ دفعي سولجر بازار کي ويجهو خواجن جي جماعت خاني جي پويان هڪ وڏو بنگلو هو، جتي ڪا انگريز يا عيسائي ميم رهندي هئي، جيڪا عمر جي ڪافي وڏي هئي، جڏهن نڪرندي هئي ته ماڻهو پري کان سڀ ڏسندا هئا، ڪنهن چوڪيدار ٻڌايو ته هيءَ شاهنواز ڀٽي جي ٻي ٻي گهرواري آهي. هتي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو به ڪڏهن ڪڏهن ايندو آهي، والله اعلم.

سولجر بازار نشتر پارڪ جي پاسي ۾ اهلِ تشيعه جو وڏو جماعت خانو آهي، جنهن کي محفل شاهه خراسان جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، چند وکن تي مرزا اعجاز بيگ جيڪو مرزا قليچ بيگ جو شايد پوٽو آهي، ان جو بنگلو هو جيڪو اڃا تائين موجود آهي. آئون سمجهان ٿو ته مرزا اعجاز بيگ جي عمر 90 سال جي ويجهو هوندي، منهنجي ساڻس عليڪ سليڪ تمام گهڻي هئي، فارسي بالڪل ايراني انداز ۾ ڳالهائيندا آهن، ٻولي ۽ تاريخ جي حوالي سان بهترين دانشور آهن، سندن نياڻي شايد ڪراچي يونيورسٽيءَ جي فارسي ڊپارٽمينٽ جي هن وقت چيئرمين آهي يا هئي.

انهيءَ علائقي ۾ انگريزن جي زماني جا ڪجهه سرڪاري 3 ۽ 4 بنگلا به هئا، جيڪي تمام وڏا پر پراڻي انداز ۾ ٺهيل انهن ۾ ڪير رهندو هو يا آهي البت ايترو ضرور ياد اٿم ته ماڻهو چوندا هئا ته اِهي بنگلا سرڪاري آهن، هڪ وڏي بنگلي ۾ هڪ سنڌي پوڙهو شيخ رهندو هو صوم صلواة جو پابند ڇڙي هٿ ۾ کڻي گهمندو هو سڄي سولجر بازار اوڙو پاڙو سندس عزت احترام ڪندو هو ۽ کانئس ماڻهو ڊڄندا هئا، شادي نه ڪيائين. هڪ مهاجر شادي شده نوجوان جنهن کي پٽ ڪيو هئائين، جنهن کي گهڻو پوءِ ڪسٽم ۾ آفيسر ڀرتي ڪيائين ان سان گڏ هڪ دفعي آئون به ان بنگلي ۾ ويس جتي ان پوڙهي ڪاموري جا ايوب خان صدر پاڪستان سان گڏ ڪافي تصويرون هيون، ذات جو شيخ هو، چوندا هئا ايوب خان جي زماني ۾ ڪراچيءَ جو ڪمشنر هو، ون يونٽ واري زماني ۾ هو وڌيڪ ڪا خبر نه آهي، قاضي ڄاڻي قيام ڄاڻي.

1969ع ۾ ون يونٽ ٽُٽو، اهو اعلان يحييٰ خان رات جو 12 بجي ڪيو جيڪو اسان به ريڊيو تان ٻڌو. ڪراچيءَ جا مهاجر اسان کي سنڌي ماڙهو ڪري سڏيندا هئا، هيءَ حالت هئي ڪراچيءَ جي. ڪراچي بندرگاهه روڊ تي ڊينسو هال کان پهريان ۽ خالق ڏني هال کان اڳيان خالق ڏنو حال، مين روڊ تي ان ۾ مولانا محمد علي جوهر ۽ پير غلام مجدد سرهنديءَ تي انگريزن جي دور ۾ بغاوت جو مقدمو هليو هو. اهو حال اڃان تائين بطور يادگار موجود آهي، کيس سامهون هندن جو پراڻو مندر جيڪو اڃان تائين پنهنجو پاڪستان ٺهڻ کان اڳي هو وجود بچايو پيو اچي، ساڄي پاسي هڪ علائقو لائيٽ هائوس آهي جيڪو بلديه جي عمارت کان پهريائين اچي ٿو، ان پراڻي تمام وڏي مندر جو باني مباني ان وقت ڪاڪو تيرٿ داس نالي هڪ ديوان هو. گهڻو پوءِ اليڪشن جي ڏينهن ۾ ڪاڪو تيرٿ داس جلسن ۾ وڏي پروٽوڪول سان ايندو، بهترين ڌوتي نهرو ڪٽ ٽوپي، انتهائي خوبصورت عمر ساٺهيڪو کن سال سمورو جلسو کيس ڏسندو هو، اسان به کيس زوريءَ سلام ڪندا هئاسين ته هيءُ وڏو ماڻهو آهي، ڪيترن سالن کان پوءِ خبر پيئي ته ڪاڪو تيرٿ داس ڪروڙن جي ڌن دولت مندر جو سون چاندي کڻي راتو رات انڊيا ڀڄي ويو، اها خبر ان زماني ۾ اخبارن ۾ سرخين سان شايع ٿي. ڪراچي سولجر بازار پوري ملڪ جي سياستدانن جو اڏو بنجي ويو، جتي پوري ملڪ جا ليڊر نشتر پارڪ واقع سولجر ۾ اچي جلسا ڪرڻ لڳا، ڇو ته ماحول اليڪشن جو ٿي رهيو هو ليڊر ڪميونٽين جي بنياد تي گاڏين ڪارن ٽرڪن ۾ ماڻهو کڻيو ايندا هئا، ته جلسا ٿين.

مستقل رهائش ڪراچيءَ جو ته سنڌي ماڻهن جي سوچ ئي نه هئي. 1968ع ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به مليا جن چيو ته اسان پاڪستان ٺهڻ کان گهڻو اڳ اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿياسين، اسان سنڌ جا رهاڪو آهيون، انهن کي سنڌي ٻولي به نه ٿي آئي، ڌارين ۾ مٽيون مائٽيون ڪري ويهي رهيا پوئتي موٽڻ نه ٿيو، ڳالهائڻ ٻولهائڻ وارو ڪير نه هو، تان جو کين مادري زبان ئي وسري ويئي.

(هلندڙ)

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org