ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
ڪراچي
شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ کي فارسيءَ ۾
سمجهائڻ جي روايت
شاهه عبداللطيف جي دؤر (يعني ٻارهين صدي هجري يا
ارڙهين صدي عيسوي) ۾ عربي توڻي فارسيءَ کي علمي
زبان واري حيثيت حاصل هئي. ليڪن اها شاهه لطيف جي
شاعري ۽ فڪر جي عظمت هئي، جو جلدئي علمي حلقن ۾
سندس شاعريءَ کي فارسيءَ ذريعي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي
ڪوشش شروع ٿي وئي. شيخ عبدالرحيم گرهوڙي پهريون
صوفي عالم هو، جنهن کي ان عظمت جو احساس ٿيو، جو
پنهنجي مرشد ۽ وقت جي وڏي نقشبندي صوفي سلطان
الاولياء محمد زمان جي قولن جو عربيءَ ۾ شرح ڪندي
شاهه جي شاعريءَ جو حوالو آندائين. اهڙيءَ طرح
جڏهن شاهه لطيف جي شاعريءَ جو پهريون مڪمل مجموعو
’گنج‘ جي صورت ۾ مرتب ڪيو ويو ته ان جي شروعات سر
سسئي جي اهڙي بيت سان ڪئي وئي، جيڪو فارسي ۽ دنيا
جي عظيم صوفي شاعر مولانا روميءَ جي مثنويءَ جي
پهرين شعر سان هم معنى هو. اهڙي طرح’گنج‘ توڻي ٻين
رسالن ۾ مثنويءَ ۽ ٻين شاعرن جا فارسي اشعار ملن
ٿا، جن مان شاهه لطيف جي فارسي شاعريءَ جي روايت
سان خصوصي دلچسپيءَ جو ثبوت ملي ٿو. اهو ئي سبب هو
جو اڳتي هلي شاهه جي شاعريءَ کي فارسي ذريعي سمجهڻ
جي روايت جو آغاز ٿيو ۽ وقت سان گڏ اها روايت
مضبوط ٿيڻ لڳي، ايتريقدر جو شاهه جي رسالي جي
اوائلي نسخن ۾ سنڌي لفظن جي فارسي ۾ معنى ڏني وئي.
هن سلسلي ۾ سڀ کان پهرين برٽش ميوزيم وارو نسخو
(1)
اچي ٿو، جنهن جي حاشين تي فارسيءَ ۾ معنى ڏني وئي،
جيتوڻيڪ اهڙن لفظن جو تعداد گهڻو گهٽ هو.
شاهه لطيف جي شاعريءَ کي فڪري لحاظ کان ۽ فارسي
شاعري جي روايت ذريعي سمجهڻ جو باقاعدي آغاز
عبدالقادر بيدل ڪيو، جنهن 1264هه ۾ ’پنج گنج‘ ڪتاب
لکيو.
(2)
انهيءَ ڪتاب ۾ هن حق جي جستجو ۽ ڪامياب زندگيءَ
لاءِ چاليهن درجن کي ضروري سمجهيو ۽ هر هڪ دَرجي
جي وضاحت خاطر قرآن شريف جي آيت، حديث شريف، صوفي
ادب مان حڪايت، مثنوي روميءَ جا اشعار ۽ شاهه لطيف
جو بيت شاهديءَ طور آندا آهن. اسان هتي صرف هڪ
مثال پيش ڪريون ٿا.
چوڏهين درجي جو عنوان آهي:
در ترک انا نيت ومشاهدهء هويّت
يعني: خودي ڇڏ، خدا ڏس.
پهرين شاهديءَ طور قرآن جي آيت ”
فَاَيْنَمَا تُوَلُّوْا فَثَمَّ وَجْهُ اللّٰهِؕ
(البقره
- 15)“
ٻي شاهديءَ طور ديلميءَ جي روايت سان هڪ حديث آڻي
ٿو. ٽين شاهديءَ طور مولانا روميءَ جي مثنويءَ مان
هي اشعار ڏئي ٿو.
هر کرا باشد ز سينه فتح باب
او ز هر ذره ببيند آفتاب
يعني: جنهن جي دل جو دروازو کُلي پيو ته پوءِ اهو
هر ذري ۾ سج جي روشنائي کي ڏسندو.
چوٿين شاهدي مطابق صوفي ادب مان انهيءَ مفهوم واري
حڪايت آڻي ٿو، جنهن کي اسان طوالت جي ڪري نقل نٿا
ڪريون.
پنجين شاهديءَ طور هن سلسلي ۾ شاهه لطيف جو هيٺيون
بيت آڻي ٿو.
ڏسڻ ڏسين جي، ته همہ کي حق چئين،
شارڪ شڪ م ني، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾.
اڳتي وڌڻ کان پهرين اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته بيدل
کان به اڳ ۾ شاهه لطيف جي شاعري يا بيتن جا حوالا
سنڌ جي قادري سلسلي جي وڏي پير محمد راشد روضي ڌڻي
(1171 - 1234) جي ملفوظات
(3)
۽ سندس مڪتوبات
(4)
۾ ملن ٿا، جن جو مرتب خليفو محمود ڪڙيي وارو آهي.
اها ساڳي روايت پير محمد راشد جي فرزند سيد صبغة
الله جي ملفوظات ’خزانة المعرفت‘(5)
۽ سندس مڪتوبات ۾ ملي ٿي. ان کان پوءِ اها روايت
خليفي محمود ڪڙيي جي ملفوظات ۽ مڪتوبات ۾ ڇانيل
نظر اچي ٿي.
خليفي محمود سلوڪ جي شغلن جي سمجهاڻيءَ خاطر هڪ
الڳ ڪتاب ’محبوبية المحموديہ‘
(6)
تيار ڪيو، جنهن ۾ هُو ويهه حضور ۽ انهن جي ڪيفيت
بيان ڪري ٿو. انهن جي سمجهاڻي ۾ جتي هُو فارسيءَ
جي وڏن صوفي شاعرن جا حوالا ڏئي ٿو، اتي هُو
ڪيترن هنڌن تي شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي بيتن جي
حوالي سان سمجهاڻيون ڏئي ٿو. آخري ويهين حضور جي
سمجهاڻيءَ خاطر سُر سسئي مان هي بيت آڻي ٿو، جنهن
کي هو جذب جي ڪيفيت ٻڌائي ٿو:
سدا سائر سير ۾، توءِ تشنگي تار،
پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اُڃ اٿيار،
پنهون پاڻ پيار، ته اُڃ سين اُڃ اجهائيان.
اهڙيءَ طرح وري جڏهن خليفو گل محمد خليفي محمود جي
ملفوظات ’ڪنوز المعارف‘ مرتب ڪري ٿو ته هُو سنڌي
ڪلاسيڪي شاعري جي پوري روايت کي مد نظر رکي ٿو ۽
خاص طور شاهه جي شاعريءَ جي هڪ وڏي شارح جي صورت ۾
سامهون اچي ٿو. ياد رهي ته اهي سڀ ڪتاب فارسيءَ ۾
لکيا ويا آهن. ڊيگهه کان بچڻ خاطر اسين هتي مثال
ڪونه ٿا ڏيون.
بيدل پنهنجي تصنيفن، ’سند الموحدين‘، ’رياض
العارفين‘ ۽ ’تقويت القلوب في تذکرة المحبوب‘
(7)
۾ وري شاهه لطيف جي ڪيترن منتخب بيتن کي اسلامي
دنيا جي وڏن صوفي شاعرن، سنائي، شيخ سعدي، مولانا
رومي، عراقي، حافظ شيرازي، مولانا جامي جي
شاعريءَ سان ڀيٽ ڪري ٿو، جنهن مان شاهه جي بيتن جي
معنويت وڌيڪ واضح ٿي بيهي ٿي. اهڙن بيتن جو اندازو
ٽيهارو کن آهي. هڪ هنڌ هي بيت آڻي ٿو:
صوفي لا ڪوفي، ڪونه ڀانئس ڪير،
منجهانئي منجهه وڙهي، پڌر ناهس پير،
جنين ساڻس وير، ٿئي واهر تنن جي.
هن بيت جي توضيح ۾ بيدل پنجين صديءَ جي وڏي صوفي
عبدالله انصاري (وفات 471هه) جو هي قول آڻي ٿو.
نکته: بدي با بدان سبکساري است و نيکي با نيکان خر
خاري است نيکي با بدان کار عبدالله است
ترجمو:
بُرن سان بُرائي ڪرڻ هلڪڙائي آهي ۽ نيڪن سان نيڪي
ڪرڻ بيوقوفي برابر آهي. عبدالله جو اصلي ڪم بُرن
سان چڱائي ڪرڻ آهي.
شاهه لطيف جا ٻه مشهور بيت ’بيدل‘ هن ريت آندا
آهن:
جيئڻان اڳي جي جئا، جُڳ جُڳ سي جئن،
موٽي سي نه مرن، مرڻا اڳي جي مُئا.
--
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا، اڳي جي جئا.
بيدل هنن بيتن جي تشريح ۽ توضيح خاطر مثنوي روميءَ
جا هيٺيان پنج بيت آڻي ٿو، جن مان پهريان ٻه بيت
خود منصور حلاج جا آهن.
اقتلونى اقتلونى يا ثقات |
|
ان فى قتلى حياتى فى حيات |
اقتلونى اقتلونى لائما |
|
ان فى قتلى حياتى دائما |
هر که مردن پيش جانش تهلکم است |
- |
نهي لا تلقو بگيرد او بوست |
و انکه مردن پيش او شد فتح باب
|
- |
سارعوا آيد مر اورا خطاب |
چونکه اندر مرگ بيند صد وجود |
- |
پس چو پروانه بسوز اند وجود |
(دفتر سوم-ابيات 3424 ۽ 3435، دفتر
اول بيت - 3984) |
ترجمو: اي منهنجا دوستئو! مون کي قتل ڪريو، وري
قتل ڪريو. بيشڪ منهنجي قتل ۾ منهنجو وري وري جيئڻ
آهي. اي منهنجا سڄڻئو، ڀلي مون کي ملامت ڪندي قتل
ڪريو، ڇو ته انهيءَ موت ۾ منهنجي دائمي زندگي آهي،
پر جيڪو سمجهي ٿو ته انهيءَ موت ۾ سندس هلاڪي يا
خاتمو آ هي ته اهو انهيءَ ۾ هٿ نه وجهي. هائو،
جنهن لاءِ مرڻ سان رهت جو دروازو کُلي پوي ته پوءِ
هن لاءِ جلدي اچڻ جو سڏ آهي. ڇاڪاڻ ته هُو پنهنجي
موت ۾ سوين حياتيون ڏسي ٿو، ان ڪري پرواني وانگر
پنهنجو سر قربان ڪري ٿو.
هِتان معلوم ٿيو ته شاهه لطيف جي انهن ٻن بيتن جو
اهو شرح جيڪو مثنوي روميءَ جي حوالي سان آهي، بيدل
جهڙو مثنويءَ جو عالم ۽ شارح ئي ڪري سگهي ٿو. بيدل
پنهنجي هڪ ٻي مثنوي ’دلڪشا‘ جي پڄاڻيءَ ۾ شاهه
لطيف جي هن بيت:
سڏن مٿي سڏڙا، واڪو هڏ م لاهه،
من ڪا ڪوڪ سندياءِ، ڪوهيارل جي ڪن پوي.
صرف هن هڪڙي بيت جي فارسيءَ ۾ شرح ٽيهارو کن بيتن
اندر ڪري ٿو.
اهڙي طرح مثنوي’رموز العارفين‘ ۾ شاهه لطيف جا
هيٺيان ٻه بيت آڻي ٿو:
وحده لا شريڪ لہ، اي هيڪڙائي حق،
ٻيائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسئا.
-- ۽ --
ڏسڻ ڏسين جي، ته همہ کي حق چئين،
شارڪ شڪ م ني، انڌا انهيءَ ڳالهه ۾.
انهن بيتن جي سمجهاڻيءَ خاطر چوڏهن فارسي شعر آندا
اٿس. اسان اهي بيت طوالت جي ڪري نقل نٿا ڪريون.
بيدل پاڻ قادري طريقي جو صوفي هو. ليڪن هن جو هڪ
وڏو همعصر سيد نور محمد شاهه
(8)(وفات
1270هه) تيرهين صدي سنڌ ۾ نقشبندي فڪر جو وڏو
ترجمان هو. هن جي فارسي شاعريءَ کان علاوه سنڌي
توڻي فارسيءَ ۾ ڪيترا مڪتوبات ملن ٿا. هڪ فارسي
مڪتوب جي پڄاڻي بيدل وانگر مٿي ڏنل بيت سان ڪري
ٿو، جيڪو هي آهي.
سڏن مٿي سڏڙا، واڪو هڏ م لاهه،
من ڪا ڪوڪ سندياءَ، ڪوهيارل جي ڪَنَ پوي.
تيرهين صديءَ ۾ ئي اسان کي ميين نورمحمد جو مرتب
ڪيل شاهه جو رسالو ملي ٿو، جيڪو 1284هه ۾ لکجي
پورو ٿيو. جيتوڻيڪ ان جو فقط پهريون حصو هن پاڻ
لکي پورو ڪيو ۽ باقي سندس پٽ ۽ ٻئي مائٽ ڪتابت
ڪيو. ليڪن رسالي جي حاشين ۾ شرح جا نُڪتا پاڻ
نروار ڪيائين ۽ اهڙيءَ طرح رسالي جي اندر جيڪي
ڏکيا يا نوان لفظ سمجهيائين، انهن جي معنى به پاڻ
لکيائين.
ميون نورمحمد هڪ وڏو عالم فاضل صوفي هو، جنهن کي
اسلامي تصوف سان گڏ فارسي شاعريءَ جي اعلى صوفيانه
روايت جو پورو ادراڪ هو. هن جي نظر ۾ ان شاعريءَ
جا وڏا ۽ بنيادي نالا آهن. فريد الدين عطار،
مولانا جلال الدين رومي، شيخ سعدي شيرازي، حافظ
شيرازي ۽ مولانا جامي وغيره. هو شاهه جي بيتن جو
شرح ڪندي قرآن شريف جون ڪيتريون آيتون حوالي طور
آڻي ٿو. ساڳئيءَ ريت ڪجهه حديثون ۽ صوفين جا اقوال
به برمهل استعمال ڪري ٿو.
سڀ کان پهريائين سُر ڪلياڻ جي اٺن بيتن ۾ جتي شاهه
لطيف عشق ۽ سوريءَ کي پنهنجي منفرد انداز ۾ هڪ
جهڙو ڪري ڏيکاريو آهي، اتي ميون نورمحمد عطار جي
منصورنامه مان ست اشعار ساڳئي مفهوم وارا کڻي اچي
ٿو ته منصور کي ڪهڙين سختين ۽ صعوبتن کي مُنهن
ڏيڻو پيو هو. هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته عطار
پنهنجي مشهور نثري تصنيف ’تذڪرة الاوليا‘ توڻي ٻي
شاعريءَ ۾ جنهن نموني منصور جي سور سختين سهڻ جو
بيان ڪيو آهي، اهو سموري فارسي شاعريءَ جو وڏي ۾
وڏو استعارو آهي. هتي ’منصورنامه‘ جي جن ستن بيتن
اندر منصور جي سور سختين جو بيان ڪيو ويو آهي، ان
جو مثال سر ڪلياڻ جي انهن ستن بيتن ۾ بجا طور ملي
ٿو، جن ۾ شاهه لطيف عشق کي سوريءَ سمجهي ذڪر ڪيو
آهي. بيشڪ انهن بيتن ۾ شاهه لطيف منصور جو نالو نه
کنيو آهي، پر اها حقيقت ايڏي واضح هئي، جو نالو
کڻڻ غير ضروري هو، جيئن چوي ٿو.
سڪڻ ۽ سوري، ٻئي اکر هيڪڙي،
ٻنهي جي پوري، جيءَ ڏني نه جُڙي.
مولانا رومي دنيا جو وڏي ۾ وڏو صوفي شاعر آهي، پر
جيئن ته هو عطار کان پوءِ اچي ٿو ۽ هُو سندس
شاعريءَ کان متاثر به ٿيو هو، جو عطار کي پنهنجو
پيشرو ۽ رهبر تسليم ڪيو هئائين. اهڙيءَ طرح شاهه
لطيف کي وري مولانا روميءَ سان خاص اُنس هو، جو
ڪلياڻ جي ڇهن بيتن ۾ سندس نالو کڻي پنهنجي عقيدت
جو اظهار ڪيائين.
شاهه لطيف سر يمن ڪلياڻ جي اٺن بيتن ۾ صوفين جي ڪن
خاص حوالن سان سڃاڻپ ڪرائي آهي. صوفيءَ جو اهو
بنيادي تصور مثنوي روميءَ ۾ ملي ٿو. ميين نورمحمد
حاشين ۾ مثنويءَ جا هي ٻه شعر ڏنا آهن.
علم حق در علم صوفي گم شود
اين سخن کي باور مردم شود
صوفي ابن الوقت در مثال
لبيک صافي فارغ است از وقت و حال
ترجمو: حق جو علم صوفيءَ جي علم ۾ گم ٿي وڃي ٿو،
پر اها ڳالهه ماڻهن کي ڪيئن سمجهه ۾ ايندي. صوفي
پنهنجي وقت جو هڪ لمحو به ضايع نٿو ڪري، ليڪن ان
کان مٿين درجي وارو (صافي) وقت ۽ حالتن کان بي
نياز ٿي وڃي ٿو.
هنن بيتن جي سمجهاڻي اها آهي ته بيشڪ حق جو علم
مطلق آهي ۽ ٻانهي جو علم محدود آهي ته پوءِ اهو
ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته حق جو علم ٻانهي جي علم ۾ گم
ٿي وڃي. ان جي وضاحت هن ريت آهي ته جڏهن صوفي فنا
قلبي حاصل ڪري ٿو ته ان صورت ۾ جيڪو علم باقي بچي
ٿو، اهو حق جو علم ئي هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ هن جو
پنهنجو علم ختم ٿي چڪو هوندو آهي. هن بيت ۾ ان
ڪيفيت ڏانهن اشارو آهي.
شاهه لطيف روميءَ جي انهن بيتن جو مفهوم پنهنجي
وڌيڪ سمجهاڻيءَ سان گڏي هن بيت ۾ بيان ڪيو آهي.
صوفيءَ سير سڀن ۾، جيئن رڳن ۾ ساهه،
سا نه ڪري ڳالهڙي، جيئن پروڙي پساهه،
آهس ايءَ گناهه، جيئن ڪا ڪري پڌري.
هن بيت ۾ آيل لفظ ’سير‘ صوفي ادب جو خاص اصطلاح
آهي، جيڪو مثنوي روميءَ ۾ پڻ ڪيترا ڀيرا اچي ٿو.
هڪ هنڌ عارف ۽ زاهد جي سير جو فرق سمجهائيندي چوي
ٿو.
سير عارف هر دمي تا تخت شاه
سير زاهد هر مهي يک روزه راه
ترجمو: عارف هر لمحي بادشاهه (اصلي مالڪ يعني
الله) جي حضور ۾ پهچي ٿو، پر زاهد جي هڪ مهيني جو
سير هڪ ڏينهن جي برابر مشڪل آهي.
مٿين بيت ۾ شاهه لطيف ’سير‘ جهڙو اصطلاح استعمال
ڪري نه صرف روميءَ جي نظريي کي پنهنجو ڪيو آهي،
بلڪه ساڳئي وقت چوي ٿو ته اهو اهڙو پراسرار سير
آهي، جيئن انساني رڳن ۾ هلندڙ ساهه آهي. ٻيءَ سِٽ
۾ چوي ٿو پر صوفيءَ جو ڪم آهي ته ان راز کي اهڙو
مخفي رکي جو سندس پساهه کي به اها خبر نه پوي.
ساهه اهو آهي، جيڪو اندر کڻجي ۽ پساهه اهو آهي،
جيڪو ٻاهر ڪڍجي. شاهه لطيف چوي ٿو ته صوفيءَ جي
ذات کان سواءِ ٻيو ان جي سمجهڻ کان قاصر آهي. وري
جيئن ته اها ڪيفيت ذاتي طور فقط هن تائين محدود
آهي، تنهن ڪري ان جو ٻين کي ٻڌائڻ گناهه برابر
ٿيندو.
اهڙيءَ طرح يمن ڪلياڻ جو هڪ ٻيو بيت جنهن ۾ پڻ هڪ
عام صوفي ۽ سالم صوفيءَ ۾ فرق ڪيو ويو آهي. اتي
حاشيي ۾ ميين نورمحمد حافظ شيرازيءَ جو هي نهايت
مشهور بيت نقل ڪيو آهي، جيڪو اڪثر صوفي تذڪرن ۾
ملي ٿو.
راز درون پرده ز رندان مست پرس
کاين حال نيست صوفي عالي مقام را.
ترجمو: پردي پٺيان لِڪل راز مست رندن کان وڃي پُڇا
ڪر، ڇو ته انهيءَ حال جي خبر وڏن وڏن صوفين کي به
نه آهي.
هتي حافظ جي انهيءَ شعر جو موازنو شاهه لطيف جي هن
بيت سان ظاهر نظر اچي ٿو، جنهن ۾ هن پاڻ ’رندن‘ جي
ان ڪيفيت جو ذڪر ڪيو آهي.
صوفي سالم سي وئا، جي اڪثرسين اڏيار،
بازي بازندن کي، آهي اويسار،
پريان سين پهڪار، رنديءَ رساڻي ڪئا.
يعني اهي صوفي ڪامياب ٿيا، جيڪي گهڻي ميل جول کان
پاسو ڪندڙ هئا. هنن لاءِ صرف اها ئي وڻندڙ مشغولي
هئي، جنهن کان هو ڪڏهن به غافل نه ٿيا. سندن اها
ئي رنديءَ واري رمز (هر وقت محبوب جي خيال ۾ گم
رهڻ) هئي، جنهن ڪري کين پنهنجي پرين جو راضپو حاصل
ٿيو.
شاهه لطيف هڪ بيت ۾ ’صوفي لاڪوفي‘ جو اصطلاح وضع
ڪيو آهي، جيڪو هن مهل تائين اسان کي کانئس اڳ واري
صوفي ادب ۾ نظر نه آيو آهي.
صوفي لاڪوفي، ڪونه ڀانئس ڪير،
منجهان ئي منهنجو وڙهي، پڌر ناهس پير،
جنين ساڻس وير، ٿئي تني جو واهرو.
هن اصطلاح جي تشريح ۾ ميين نورمحمد هڪ نئون نُڪتو
نروار ڪيو آهي، هو لکي ٿو:
الصوفي
لاڪوفي
يعني درويش بي قوم است، او تابع حق است. حق کفو
ندارد. چنانکه سوره اخلاص هم درين معنى است.
يعني صوفي لاڪوفي انهيءَ ڪري آهي، ڇو ته هڪ درويش
ڪنهن ڪُڙم، قبيلي يا گروهه سان واسطو نٿو رکي،
بلڪه هو حق تعالى جي تابع آهي، جنهن جو ڪو همسر يا
برابر ناهي، جيئن سوره اخلاص ۾ آهي.
سر رامڪلي جو هڪ بيت هن طرح آهي.
رام رهين منجهه روح، ٻاهر ٻولين ڪِي ٻيو،
سدائين سفر ۾، مٿا ٿئن موهه،
ساميئڙا صبوح، سارئان گهڻو سيد چئي.
هن بيت ۾ جتي جوڳين ۽ عارفن يعني وڏيءَ منزل وارن
سالڪن جون صفتون بيان ٿيل آهن، اتي خاص الفاظ
’ٻاهر ٻولين ڪي ٻِئو‘ قابل توجهه آهن. ميين
نورمحمد انهن جي تشريح هينئن ڪئي آهي.
العارف اذا کمل نافق يعني شناسنده هرگاه که تمام
شد منافق شد. يعني در درون توحيد ورزند واز برون
مواعظ شهودي گونيد تافساد عام پيدا نگردد.
معنى: جڏهن عارف ڪامل ٿئي ٿو ته نفاق يعني اندر ۾
هڪڙي ٻاهر ٻي اختيار ڪري ٿو. يعني اندر ۾ توحيد تي
عمل پيرا رهن ٿا، پر ٻاهر ظاهر (شهود) موجب
ڳالهائن ٿا ته جيئن فساد پيدا نه ٿئي.
اهڙيءَ طرح رامڪليءَ جو هڪ بيت آهي، جنهن ۾ جوڳين
جي گودڙين تي جيڪي بظاهر گل نظر ايندا آهن، ان جي
سمجهاڻي ڏيندي چوي ٿو ته سندن گودڙين تي اهي گل
هٿرادو ٺهيل نه هوندا آهن، بلڪه هو اڪثر محويت جي
عالم ۾ گذاريندا آهن ته باهه جي ڀرسان ويهڻ سبب
سندن گودڙين تي باهه جون هوائي چڻنگون اڏامي
پونديون آهن، جنهن ڪري انهن ۾ سنها سوراخ ٿي
پوندا آهن، جيڪي پري کان گُلن وانگر لڳندا آهن.
اهو بيت هن ريت آهي.
جهڙا ڪرج ڪڪرا، تهڙا جاين ڦُل،
تن سامين جي سڌ مران، جن جي گودڙين ۾ گُل،
اندر منجهه امل، ٻاهر ڪوجها ڪاپڙي.
اتي حاشيي ۾ ميون نور محمد مثنوي روميءَ جو هي بيت
نقل ڪري ٿو، جنهن مان سندس مراد اهو ٻڌائڻ آهي ته
اهي سامي يا جوڳي دراصل عارف آهن، جن جي باري ۾
مثنويءَ ۾ لاتعداد بيت ملن ٿا. اهو بيت هي آهي:
هان وهان واين دلق پوشان منند
صد هزار اندو هزار و يک تنند
ترجمو: هائو، بيشڪ اهي منهنجا گودڙي پوش، جيڪي
هونئن ته هزارن ۽ لکن ۾ آهن، پر (روحاني طور) هڪ
جسم ۽ جان وانگر آهن.
تيرهين صدي هجري جي پوئين اڌ ۾ انگريزن جي اقتدار
بعد سنڌ ۾ فارسيءَ جو زوال شروع ٿي چُڪو هو. ليڪن
انهيءَ عرصي ۾ غلام محمد خانزئي (وفات - 1317هه)
جهڙو شاعر ۽ عالم پيدا ٿيو، جنهن ’شاهه جو رسالو‘
جو تتبع ڪندي 36 سُرن تي مشتمل پنهنجو رسالو
جوڙيو، جنهن ۾ اڍائي هزار کن بيت آهن. اهو رسالو
هڪ لحاظ کان شاهه جي بيتن جو شرح يا تعبير ۽ تفسير
آهي. خانزئيءَ جو واسطو پير جهنڊي وارن مان پير
سيد رشيد الدين راشدي (وفات - 1317هه) سان هو،
جيڪو پاڻ اهل دل شاعر هو. جنهن جي فرمائش تي
خانزئي، شاهه جي شاعريءَ جي روحاني تشريح ۽ تعبير
طرف آماده ٿيو ۽ هڪ مختصر رسالو ’منهاج العاشقين‘
تصنيف ڪيائين. ان جي شروعات هن ريت ڪري ٿو.
(9)
سوال السائل من
هٰذه
المنهاج هريکي ليلي و مجنون، سسئي پنهون، ميهار و
سهني، عمر مارئي، رانه مُومل،
سورٺ و راءِ ڏياچ، هير رانجهه،
اين عاشقان از ابتدائي تا اليوم در افواه شاعران
وغيره مردمان دريادگيري و در سرود گوي مي آيند چه
سبب و چه چيز دران باعث بود و مي باشد و کنايهء
هاي اوشان.
جواب ازين سوال هيچ علم و نتيجه عقل خبري معلوم
نمي شود چرا که ازينها کنايه و سرود و نامهاي
ايشان گرفته مي شود.
ترجمو:
هي رسالو منهاج آهي. سوال ڪندڙ جو سوال آهي ته
مجنون ۽ ليلى، سسئي ۽ پنهون، ميهار ۽ سهڻي، عمر ۽
مارئي، راڻو ۽ مُومل، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ، هير ۽
رانجهو وغيره. اُهي عاشق اول کان وٺي اڄ تائين
شاعرن ۽ ڳائيندڙن جي وات ۾ آهن. ان جو آخر ڪهڙو
سبب آهي ۽ انهن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي. انهن ۾ آخر
ڪهڙو راز سمايل آهي، جو سندن نالو اڃا تائين پيو
ورجائجي ۽ ڳائجي؟
جواب: هن سوال بابت ڪو خاص علم يا نتيجو سمجهه ۾
نه آيو آهي، جنهن سان پڪيءَ طرح معلوم ٿي سگهي، ڇو
ته انهن عاشقن جي نالن ۽ سُرودن ۾ خاص ۽ علحدي
معنيٰ ۽ مراد رکيل آهي.
ان کان پوءِ مصنف هر سُر جي خاص نالن ۽ اُهڃاڻن
بابت پنهنجي تعبير پيش ڪري ٿو. پنهون مان مراد
مطلوب يعني محبوب آهي ۽ سسئي مان مراد طالب حق
آهي. جيڪو اول عدم جي پردي ۾ هو ۽ جڏهن پيدا ٿيو
ته ’هئڻ‘ جي مڪان ۾ آيو.
ڀنڀور مان مراد آهي ’هيءَ دنيا يا جهان‘، ڪيچ مان
مراد ’ملڪ وحدانيت جو‘. اهڙيءَ طرح سسئي پنهونءَ
جا ڪُل ٽيهه ڪنايا سمجهائي ٿو ۽ هر هڪ جو معنوي
مطلب بيان ڪري ٿو.
ساهڙ ۽ سهڻيءَ ۾ ’سُهڻي‘ مان مراد طالب آهي. ساهڙ
مان مراد ’مطلوب‘ ۽ ڏم مان مراد ’نفس اماره‘ آهي.
سهڻيءَ جو ميهار جي اک ۾ ڦلو ڏسڻ مان مراد مرشد جي
قولن ۽ فعلن ۾ عيب ڳولهڻ آهي. ڪچو دلو مان مراد
آهي ’غير شرعي ڪم‘.
عمر مارئي ۾ عمر مان مراد ’نفس امارو‘ ۽ مارئي مان
مراد آهي ’ابدال جو روح‘. مارئي جو مڱيندو آهي ذات
پاڪ، جنهن سان ازل ۾ ابدالن جي روح لائون لڌيون.
ملير مان مراد ’ملڪ وحدانيت‘ ۽ ڪوٽ مان مراد ’هي
جهان‘. اهڙيءَ طرح عمر مارئي جا ويهارو کن ڪنايا
سمجهائي ٿو.
راڻي ۽ مومل ۾ چوي ٿو ته راڻي مان مراد آهي ’ذات
پاڪ‘ يا ’رسول خدا‘ يا ’مرشد ڪامل‘ يا ’عمل صالح‘
۽ مومل مان مراد آهي ’طالب جا ڪوجها ڪم‘. ڪاڪ مان
مراد آهي’هي جهان‘.
ٻين سُرن جي اهڙين تمثيلي معنائن کي ڊيگهه جي خوف
کان ڇڏي ڏيون ٿا.
غلام محمد پنهنجي انهيءَ مختصر رسالي ’منهاج
العاشقين‘ جي آخر ۾ شاهه جي ٻن بيتن جي مثالي
تشريح پيش ڪري ٿو. اسان هتي سُر سسئي جي هڪ بيت جي
سندس ڪيل تشريح پيش ڪريون ٿا. هڪ لحاظ سان اهو بيت
معنوي لحاظ کان نهايت دقيق آهي. اهو بيت هي آهي.
مَ ڪي هاڙهي هل، مَ ڪي ويهه ڀنڀور ۾،
ڪُوڙي ڪج مَ ڪنهن سان، سچي ساک ۾ سَلُ،
جانب ڪاڻ مَ جَلُ، سُکَ وسار مَ سسئي.
فارسي ۾ شروعات هن ريت ڪري ٿو:
بعضي چنين طور معلوم مي شود که ’هاڙهه‘
کِنايه ملک شريعت متابعت محمدي است.
و ڀنڀور
کنايه اين جهان است.
ڪوڙي ڪج مَ ڪنهن سان،
کنايه اثباتي کردن ذات پاک چونکه از هاره و
ڀنڀور
مانع شد، اشاره طريقت فنا في الله است و چون بدرجه
فنا في الله رسيد بقلب خود پنهون حقيقي را ديد....
هاڻي اسان هن بيت جي سندس ڏنل معنى جا اقتباس ڏيون
ٿا. هيءَ ترجمو ڊاڪٽر دائود پوٽي جو آهي. هاڙهي
مان مراد آهي ’ملڪ شريعت جو، متابعت محمدي‘.
ڀنڀور مان مراد آهي ’هي جهان‘ جڏهن هاڙهي ۽
ڀنڀور ٻنهي ڪنان منع ٿو ڪري، تڏهن اشارو ٿو ڪري
’فنا في الله جي واٽ ڏي‘.
’ڪوڙي ڪج مَ ڪنهن سان‘
تنهن مان مراد آهي ’ذات پاڪ جي اثباتي‘ جڏهن
(طالب) فنا في الله جي درجي کي رسيو ۽ پنهنجي
حقيقي پنهونءَ کي قلب منجهه ڏٺائين. تڏهن ماسوا
الله (خدا کان سواءِ) سڀ دفع ٿي ويو. تهان پوءِ
هاڙهو ۽ ڀنڀور ٻئي ’هُئڻ‘ جي ڦرهيءَ تان ميٽجي
ويا. پوءِ جڏهن حال هئڻ جو ويو ۽ ذات جي اثبات ٿي،
تڏهن حقيقي پنهونءَ جي ذات اثبات ڪرڻ، سو پڻ عين
ڪوڙ آهي‘.
’سچي ساک ۾ سَلُ‘
يعني جڏهن ذات جي ڳجهي رمز، صفاتي سيني تي پڌري
ٿئي، تڏهن اها ڳالهه علم سان ظاهر ڪرڻ غلط آهي.
’جانب ڪاڻ مَ جَلُ‘
جڏهن فنا في الله جي درجي کي رسي ۽ حقيقي پنهونءَ
سان هڪ ذات ٿئي، تهان پوءِ ان جي طلب ۾ جلڻ پڻ غلط
آهي.
’سُک وسار مَ سسئي‘
جڏهن هڪ ذات ٿئي، تهان پوءِ ’هُئڻ‘ جي زماني جو غم
۽ ڏُک گم ٿي ويو. ذات ۾ ڪو غم ناهي، سڀ خوشي ۽ سُک
آهي. تنهن ڪري جو سُک ذات جي هڪ ٿيڻ ۾ آهي، سو سُک
نه وسارج. جڏهن ذات ۽ صفات ٻئي هڪ ٿيون، تنهن کان
پوءِ غم ڪرڻ ڪچائي جي حالت آهي. اها حالت اڃا
فهمايش جي محتاج آهي، پر جا حالت پڪي حال ۾ آهي،
تنهن کي فهمايش ڏيڻ جي حاجت ناهي. اها حالت پنهنجي
پاڻ سمجهندڙ آهي. والله اعلم بالصواب
هن سلسلي جي آخري وڏي علمي ڪوشش مير عبدالحسين
سانگيءَ جو فارسيءَ
۾ لکيل ڪتاب ’لطائف لطيفي‘(10)
آهي، جيڪو 1305 /1888 جي تصنيف آهي. هي ڪتاب شاهه
لطيف جي سوانح طور سولي فارسي نثر ۽ نظم ۾ لکيل
آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف جي خاندان، حياتي ۽ صوفي
سلسلي کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان جو مواد مصنف کي
مليل اُهي زباني روايتون آ هن، جيڪي کيس شاهه لطيف
جي استاد خاندان جي فرد ميين احمد ڀٽيءَ ٻڌايون
هيون. بلڪه جنهن کي هو تصوف ۾ پنهنجو استاد مڃي ٿو
۽ چوي ٿو ته هُو شاهه لطيف جي تصوف تي پنهنجي وقت
۾ ڪو ثاني نٿو رکي. سانگي ’لطائف لطيفيءَ‘ جي
شروعات تصوف جي نهايت باريڪ مسئلي خدا جي ذات جي
ظهور جي ’ڇهن مرحلن‘ ’تنز لات سته‘ سان ڪري ٿو.
اتي هُو ٻڌائي ٿو ته هاهوت ۽ باهوت لاتعين جا
مرحلا آهن ۽ لاهوت احديت ۾ اچي ٿو ۽ ان کانپوءِ
وحدت، جبروت ۽ واحديت آهن. تعين ٽيون ملڪوت سڏجي
ٿو ۽ تعين چوٿون عالم مثال آهي. تعين پنجون عالم
شهادت ۽ تعين ڇهون عالم ناسوت آهي.
اڳتي هلي وري ناسوت، ملڪوت، جبروت ۽ لاهوت جي
مختصر سمجهاڻي هن ريت ڏئي ٿو. ناسوت يعني آدم
بناتات مان آهي جيڪو گويا هي ظاهري عالم يا عالم
عناصرآهي. ملڪوت جو واسطو ارواح سان آهي، جنهن کي
عالم خيال ۽ عالم غيب به چون ٿا. جبروت وري پهرين
تجلي نور خاص جي آهي. لاهوت، اهو احديت آهي ۽
لامڪان بي شان آهي، جنهن جو نالو الله تعالى آهي.
مير سانگيءَ ’لطائف لطيفي‘ نهايت عقيدت سان لکيو،
تنهن ڪري ان ۾ پنهنجي فارسي شاعريءَ جو زورِ قلم
به ڏيکاريائين. شاهه لطيف جي حياتيءَ تي هڪ
طائرانه نظر وجهندي، نظم جون هي سٽون لکيائين.
به بين ترکه آن تارک حق پرست
که هرگز به دنيا نيالوده دست
بوده لا مکان بيگمانش مکان
به ناسوت مي ماند چون ميهمان
پي آنکه ناسوتيان را ز لطف
کند مثل ارواح پاکيز و لطف
برد سوئي جبروت با خويشتن
با امن و امان از شر اهرمن
به ’عبدالحسين‘ است شادي مزيد
که گرديد قطب زمان را مريد.
ترجمو: هن حق پرست دنيا ڇڏڻ واري جي ورثي کي ڏس،
جنهن ڪڏهن به پنهنجا هٿ دنيا جي مٽيءَ سان ميرا نه
ڪيا. هن جو مڪان لامڪان هيو. هُو ناسوت (هن جهان)
۾ مهمان طور رهيو. هُن جي مهربانيءَ سبب ناسوتين
جا ارواح پاڪ ۽ صاف ٿيا. هُو سندن روحن کي شيطان
جي شر کان بچائيندي پاڻ سان گڏ جبروت ۾ وٺي ويو.
عبدالحسين وڏي ڀاڳ وارو آهي، جو اهڙي زماني جي قطب
جو مريد ٿيو آهي.
سانگي هڪ هنڌ شاهه لطيف جي رسالي تي مجمل انداز ۾
روشني وجهندي چوي ٿو ته ان جي ڪهڙي تعريف ڪجي جو
اها بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. هن جي بيتن ۾ ڪهڙي
شيءِ آهي، جيڪا نه آهي. مقامات، تجليات، شيونات،
تعينات، رياضات، عبادات ۽ مڪاشفات وغيره مان ڪا
شيءِ ڇڏيل نه آهي. هُو ڪيترن هنڌن تي سمجهاڻي خاطر
بيتن جو ترجمو ڪري ٿو. اسان هتي هڪ ٻن مثالن تي
اڪتفا ڪريون ٿا.
هل هيين سي هوت ڏي، ڇپر هڏ م ڇُل،
آرياڻي امل، ڪايا ۾ ڪانڌ ٿيو.
يعني ”بدل بايد رفت بجانب دوست، بغير تلاش اطراف.
درون خود جستجو بايد، چرا که ازان محبوب مرغوب
قيمتي در وجود موجود به مقتضاي اين که بيت:
يعني: دوست ڏانهن دل سان هل ۽ جبل ۾ اجايو نه رُل
پنهنجي اندر ۾ ڳول ته اهو بي مثال محبوب توکي اتي
ملي ويندو. جيئن هن بيت ۾ آهي:
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکين لک هزار،
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌاروڌار،
پريم تنهنجا بار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.
يعني ”قالب اجسادي بسيارو بيشمار بوده اند و جان
همه از واحد عالم ارواح بوده است. لاکن ديدار جدا
و تصاوير جدا از اختلاف صورت جسماني مي باشد. پس
اي معشوق نشانهاي تو کرا گفته کرا گويم.“
معنى: جسماني قالب تمام گهڻا، بلڪه ڳڻڻ کان ٻاهر
آهن. پر انهن سڀني ۾ ساه هڪڙو عالم ارواح مان آيل
آهي. ائين شڪليون ۽ انهن جو ديدار جدا جدا آهن. ان
ڪري اي محبوب، تنهنجون نشانيون ڪهڙيون چئي ڪهڙيون
چوان.
رسالي جي هن بيت جي ترجمي بجاءِ وري ان جي تشريح
ڪري ٿو.
جسي ۾ جبار جو، خفي خيمو کوڙ،
جلي تون زبان سين، چارئي پهر چور،
فڪر سين فرقان ۾، اسم اعظم ڏور،
ٻيا در وڃي ۾ ووڙ، ايءَ امل اهائين سپجي.
يعني ”هر مئنفس که دم مي بردارد چون بداخل مي رود،
آنگاه ’الله‘ آواز ’دارد‘ و چون دم خارج مي شود
آواز ’هو‘ مي آورد. پس هر نفس بذکر ’الله هو‘ مي
باشد مگر دانسته باشد و اگر از و غافل بود پس نفع
نيايد.“
معنيٰ: هر ساهوارو جڏهن ساه کڻي ٿو ۽ جڏهن اهو
ساهه اندر کڻي ٿو ته ’الله‘ چوي ٿو ۽ جڏهن ساهه
ٻاهر ڪڍي ٿو ته ’هو‘ جو آواز ڪڍي ٿو. ان ريت هر
پساهه ۾ ’الله هو‘ جو ذڪر شامل آهي، هر وقت ڄاڻي
واڻي ائين ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ان کان غافل ٿيو ته
پوءِ ڪو فائدو نه ٿيندو.
ساڳئي بيت جي معنى کي مڪمل ڪندي چوي ٿو:
اگر از نفسهائي خود مخبر نباشد ازان ذکر جلّي
حاصلي ندارد و در ظاهر تسبيح گفته شود. و به
فڪر
در مصحف مجيد اسم اعظم بياب اعني در شريعت طريقت
را تلاش کن و از اطراف و اکناف دريافت مکن، چونکه
آن مايه بي بها از درون توواز اينجا پيدا آيد.
معنى: ان ريت جيڪڏهن ڪو پنهنجي ساهن کان واقف ناهي
ته ان کي ظاهري ذڪر مان ڪو فائدو نه ٿيندو. بلڪه
غور فڪر سان قرآن مجيد ۾ اسم اعظم کي ڳولهڻ گهرجي.
يعني شريعت ۾ طريقت کي تلاش ڪجي ۽ ان لاءِ ٻئي
ڪنهن طرف واجهائڻ نه گهرجي، ڇو ته اها املهه موڙي
تنهنجي اندر ۾ آهي ۽ اتان ئي حاصل ٿيندي.
شاهه لطيف مولانا روميءَ جي مثنويءَ جي حوالي سان
طالب جي باري ۾ جيڪي ڇهه بيت چيا آهن، سانگي انهن
مان هڪ بيت جو مطلب هن ريت سمجهائي ٿو:
طالب قصر، سونهن سر، روميءَ جو آهي،
تاڙي جي لاهي، ته منجهان مشاهدو ٿئي.
اعنى طالب کاخ است و حسن جهان و ازان رومي ماني
بوده مي باشد. اعني نقاش اگر پرده بردارد درون
مشاهده به شود.
معنى: طالب هڪ محل آهي، جنهن ۾ جهان جو حسن مشهور
رومي نقاش مانيءَ جي هٿان چٽيل آهي. ان ڪري جڏهن
اهو نقاش پردو هٽائي ٿو ته اندر ئي اندر مشاهدو
ٿئي ٿو. آخر ۾ چوي ٿو: طالب طاق است که مرشد مي
نگارد. مطلب طالب محراب وانگر آهي، جنهن تي مرشد
چِٽ ڪڍي ٿو. گويا مرشد ئي نقاش آهي. گويا هتي
سانگي مثنوي روميءَ ۾ چيني ۽ رومي نقاشن درميان
مقابلي واري حڪايت ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
مولانا دين محمد وفائيءَ جي لکڻ موجب گذريل وقت ۾
عالمن ۽ سالڪن جو شاهه جي شعر سان ايڏو شغف هو جو
وقت جي وڏن ڄاڻن کان ان جون معنائون لکي پڇندا
هئا. مخدوم حاجي فضل الله پاٽائيءَ کان سندس ڪنهن
مريد شاهه صاحب جي هيٺين شعر جي معنى پڇي هئي.(11)
ماڻڪ منڌ هٿان، پيتيءَ ۾ پرزا ٿيو،
سڄو تان سيد چئي، لهي لک سوا،
ڀڳي پڄاڻان، پدمان پري ٿيو.
مخدوم ان جو عربيءَ ۾ جواب لکي صوفيانه شرح ڪيو
آهي.
شاهه لطيف جي اعلى فهم ۽ فڪر واري شاعري وقت جي
عالمن کي ايڏو متاثر ڪيو، جو ان کي فارسيءَ ۾
منظوم ڪرڻ شروع ڪيائون. هن سلسلي ۾ مولوي هدايت
الله هالائي جو نالو سرِ فهرست آهي، جنهن لاءِ
مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو ته هن شاهه صاحب جي
رسالي جو چئن جلدن ۾ شرح لکيو هو، مگر ان جو قلمي
مسودو هڪ سفر ۾ چوري ٿي ويس. مولوي هدايت الله جي
شاهه جي چند بيتن جو ترجمو ’نئين زندگي‘
(12) ۾ شايع ٿيو هو، جنهن مان هڪ ٻه
مثال هتي پيش ڪجن ٿا.
پُڇ پريان ڪر پاڻ، پر گهران پاسو ڪري،
سوتان توهين ساڻ، جنهن لئي جفائون ڪرين.
جستجوئي يار کن از خويشتن |
_ |
اجتناب از غير او دائم بکن |
جانجانان با جان تو در تو نهان |
_ |
آنکه بهر او شدي محنت کشان |
هدايت الله مشتاق ساڳئي سر جي هڪ وائي جو خوبصورت
ترجمو هن ريت ڪري ٿو:
وڃي وڃي ٿينديس ويجهي، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي،
آڏا ڏونگر لڪيون، موٽج محب مجيجي،
پرين پنهوار تو چُئان، ٻير آهيان ٻي جي،
نم گهرجي نيهه جو، آهيان آءٌ آريءَ جي،
جا نه هلندي هوت ڏي، پيءَ تنهين جو پيجي.
رفته رفته مي شوم نزديک حال، |
_ |
بهر ديدار حبيب بي مثال |
صحره و کوه و جبل حائل شدند، |
_ |
باز آ اي واقف و دانان حال |
اي هواي نغمي مي گويم ترا، |
_ |
من شدم پيوستهء عهدهء لايزال |
شبنم شوق و محبت بايدم |
_ |
تاکه شاخ خشک يابد ابتلال |
آنانکه جذبهء او به جانانش نه شد |
_ |
هست مرغوب دلش ساز زوال |
شاهه جي رسالي جي سر آبري سسئي منجهان چند بيت
ناياب فارسي ترجمي سان ’بياض ڀٽائي‘ (13)
عنوان تحت ’الرحيم‘ رسالي ۾ شايع ٿيا هئا، جيڪي
نهايت اعلى ترجمي جو مثال پيش ڪن ٿا. اسان ڪجهه
مثالن تي اڪتفا ڪريون ٿا.
ڪن ٿي، ڪيچين ڪُڇيو، ڪُڇ م ٿا ڪڇن،
اشارتون ان جون، سُڪوتا سُڄن،
وٽان ويهي تن، سڻ ته سوز پرائيين.
گوش باش آن دلبرت گفتار کرد |
_ |
بند کن لفظ آن که سخني يار کرد |
آن اشاراتي که يارا را بود |
_ |
از سکوت حاضران حاصل شود |
در حضور شان نشين و دار گوش |
_ |
تاکه يابي در دل خود سوز جوش |
سَڻ ته سوز پرائيين، ’آءُ‘ چيائون اڄ،
ٻولي ٻي نه سکئا، ’پاڻان‘ چوندءِ ’ڀڄ‘
واڄي جئن م وڄ، ٻُڌ ته ٻيائي لهين.
گوش کن تا سوزيابي عاشقا |
_ |
تا حبيب و وضمت گفتا بيا |
نزدايشان نيست غير از اين مقال |
_ |
کاين خودي و هستيت را کن زوال |
سوز چون بربط مکن اندر حضور |
_ |
بشنواز ياران که گردد شرک دور |
ٻُڌ ته ٻيائي لهين، ’آءُ‘ اُت نه آهه،
ڪُڇڻ ڪڍي لاهه، ڪن ٿي، ڪيچين ڪُڇئو.
بشنو از ياران که گم گردد من |
_ |
وبا آنجا نباشد جُز توئي |
طوق گفتار خودت را دور کن |
_ |
گوش باش آن يار آيد در سخن |
ڪن ٿي ڪيچين ڪُڇيو، ڪُڇ م ڪُڇيائون،
رهي نه رتيءَ جيتري، انهن وٽ آئون،
وڍي وڌائون، هو جو وڻ ’هئڻ‘ جو.
گوش باش آن يار گويد گفتگوي |
_ |
دلبرت گفتا کلام تو مگوي |
پيش او چيزي نمانده چو کبود |
_ |
از خودي و هستي و جان و وجود |
آن وجودي دني را بداند |
_ |
حميد کرد از بيخ و بُنش قطع و بريد |
ڪٽارو ۽ ڪوش، اڱڻ آريءَ ڄام جي،
ديت آهي دوس، مارڳ ۾ مُين جي.
خنجر و تير و تفنگ و قتل عام |
_ |
هست در ايوان يار بر دوام |
کشته تيغ حبيب بردرش |
_ |
خون بهاي نيست الا خود سرش |
سڏ مَ ڪر سڏن ري، هلڻ ريءَ م مهل،
جلڻ ريءَ مَ جَلُ، رئڻ ريءَ متان رُئين.
اي مناجات خلوص اورا مخوان |
_ |
اي
سلوڪ
غم م شو زين ا روان |
اي تپ عشقش مشو هرگز تپان |
_ |
اي بکاي دل مشو گريه کنان |
سر سسئي منجهان هڪ وائي جو ترجمو به مثالي حيثيت
رکي ٿو.
ڳالهيون هوت ٻروچي ساڻ،
منهنجي جيءَ جون جيڏيون.
با حبيب و دوست پاکي نزاد |
_ |
بست گفتار دل و راز نهاد |
ڇُلي پيٺس ڇپرين، سڱ تنهنجي ساڻ،
سر کشيدم در جبال و کوهسار |
_ |
باهمان پيوستگي و اعتماد |
چڙهي ڏاڍين ڏونگرين، پرزا ڪنديس پاڻ
ذره ذره اين وجود خود کنم |
_ |
درصعود اين جبال و اين جماد |
رُلي ڇُلي ڇپرين، ڄاڻ وڃايم پاڻ
اندرين گرديده و آوارگي، |
_ |
عقل و دانش رانمودم انتقاد |
هتان هڏ نه ڇڏيان، سندو نينهن نڌاڻ،
ترک هرگز من نه گردانم زدست |
_ |
ذوق و شوق همه حُب و وداد |
نصيب ڪر نه سسئي کي، پنهون اٺ وٿاڻ
اين عديم و بي نشان وا کن نصيب |
_ |
آن حريم و بارگاه خوش کباد |
گذريل صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو
(14) (وفات 1986ع) شاهه جي
رسالي جي ٽيهن سُرن جي منتخب بيتن جو عربي نثر ۾
ترجمو ڪيو ۽ نياز همايوني (15)
وري نون سُرن منجهان منتخب بيتن جو منظوم فارسيءَ
۾ ترجمو ڪيو هو. سال 2020ع ۾ اهي ٻئي ترجما تازو
ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ طرفان شايع ٿي چُڪا آهن. ان
کان سواءِ استاد غلام مصطفيٰ دادوي (16)
شاهه جي ٽيهن سُرن مان نموني طور چند بيتن جو
عربيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو هو، جيڪو هن 1992ع ۾ پاڻ
شايع ڪرايو هو.
ڪتاب ۽ حوالا
1.
بياض سنڌي تصنيف زبدة الواصلين شاهه عبداللطيف -
يعني شاهه جو رسالو (برٽش ميوزيم وارو نسخو) تصحيح
۽ تحقيق - ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه عبداللطيف
ثقافتي مرڪز ڪميٽي، ڀٽ شاهه 1969 / 1399هه
2.
پنج گنج (ص 134 - 136)، تصنيف عبدالقادر عرف قادر
بخش بيدل، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ
شاهه حيدرآباد 1396هه / 1976ع
3.
مجمع الفيوضات - سيد محمد راشد ’روضي ڌڻي‘ جامعه
راشديه ’سڪندريه پبليڪيشنز‘ پير جو ڳوٺ - ڪنگري
ضلع خيرپور - 1421 / 2000ع
4.
مڪتوبات شريف - سيد محمد راشد ’روضي ڌڻي‘ - شاهپور
چاڪر، ضلع سانگهڙ - 1417 / 1966ع
5.
خزانة المعرفت - پير سائين پاڳارو صبغت الله شاهه
(اول) جامعه راشديه ’سڪندريه پبليڪيشنز‘ پير جو
ڳوٺ - 1928 / 2004ع
6.
محبوبية المحموديہ - محموديه اڪيڊمي - ڪڙيو گهنور
شريف - گولاڙچي 1414 / 1994
7.
احوال و آثار عبدالقادر بيدل صوفي القادري - ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو - سنڌي ادبي بورڊ، 2012ع
8.
نور محمد شاهه ڪنڍائي جو اهو سمورو مواد اڃا قلمي
صورت ۾ آهي، جيڪو تحقيق جي آخري مرحلن ۾ آهي .
9.
رسالو غلام محمد خانزئي جو (ص 586 - 587) شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه حيدرآباد
1405 / 1985ع تصحيح: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
10.
لطائف لطيفي - مير عبدالحسين سانگي - ڀٽ شاهه ڪلچر
ڪاميٽي سال 1969ع
11.
لطف اللطيف (ص - 209) مولانا دين محمد وفائي -
ڪراچي 1950ع
12.
ماهنامو ’نئين زندگي‘، جون 1966ع
13.
رسالو ’الرحيم‘ شاهه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد
سنڌ، جون 1972ع
14.
رسالہ السيد عبداللطيف ڀٽائي - الدکتور فضل رحيم
سومرو - ادارة الثقافة حکومة السند 2020ع
15.
گلبانگ لطيف - ترجمه منظوم فارسي نياز همايوني -
اداره فرهنگ دولت سند 2020ع
16.
الشاهه عبداللطيف بهتائي و منتخباة اشعاره -
الاستاد غلام مصطفى دادوي - حيدرآباد سنڌ 1992ع |