پيرزاده غلام رسول بابجي سرهندي
مٽياري
سنڌ آزاد ڪانفرنس
(سنڌ
آزاد ڪانفرنس، حيدرآباد ۾ 15-16 نومبر 1932ع جي
موقعي تي
پير حاجي غلام مجدد سرهندي مٽياروي
صدر استقباليه ڪميٽي طرفان ڏنل
خطبو)
معزز حضرات! منهنجي لاءِ هيءَ نهايت خوشي جي ڳالهه
آهي، جو اوهين صاحب اسان جي پُرخلوص دعوت قبول
فرمائي، سياري جي اڻ سهائيندڙ مُند ۾ تمام وڏي
انداز ۾ هتي اچي هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا آهيو،
اوهان بزرگن جي اهڙي تڪليف وٺڻ ۽ سرگرمي مان صفا
پڌرو آهي ته سنڌ جا رهاڪو پنهنجن ضروري حقن جي
حاصل ڪرڻ لاءِ پوري طرح سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ اها
ڳالهه اسان جي صوبي جي واسطي هڪڙو نيڪ شگون آهي،
مون کي خبر آهي ته اسان جي قوم مان ڪم ڪرڻ جي طاقت
نابود نه ٿي ويئي آهي ۽ سنڌ ۾ ٿوري ئي گذريل زماني
۾ قومي تحريڪن جي ڪاميابي ان ڳالهه جي گواهه آهي ۽
هن وقت به اوهان جو هِتي رونق افروز هجڻ ان جي
شاهدي ڏيئي سگهي ٿو.
حضرات! هي ته پڪ آهي ته جيڪڏهن سچي جوش و خروش ۽
پڪي ارادي سان اوهان صاحب پنهنجي صوبي کي بمبئي
کان ڌار ڪرڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي ته پوءِ ڪابه
دنيوي طاقت اوهان کي انهي غير قدرتي ۽ نقصان ڪار
تعلق کي ٽوڙي ڇڏڻ کان روڪي نه سگهندي جو 90 ورهين
کان نهايت ظلم ۽ زبردستي سان پيدا ڪيو ويو آهي ۽
جنهن جي ڪري سنڌ جي ترقي جي اُميدن جو سمورو سرسبز
باغ سڙي ويو آهي.
انگريزن
1943ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو، هن قبضي
تي جنرل نيپئر ڪوبه فاتحانه فخر
نه ڪيو، پر لکيو ته مون سنڌ تي
قبضو ڪرڻ جو ڏوهه ڪيو. هن وڏي
ڏوهه کان پوءِ 1947ع تائين
انگريزن طرفان سنڌ جي جاگرافي،
تاريخ، تعليم، ادب، ٻولي، مذهبي
رواداري، انتظامي امور ۽ سماجي
شعور جي سلسلي ۾ اڻ ڳڻيا ڏوهه ڪيا
ويا، جن جا تير سنڌ کي اڃان به
ڏکوئين ٿا. اها حقيقت آهي ته سنڌ
جي حڪمرانن ته مياڻي ۽ ناريجاڻي
جون جنگيون هارائي اقتدار کان
محرومي کي قبول ڪيو، پر سنڌ جي
عوام، همدرد ۽ هڏڏوکي اڳواڻن ڪڏهن
به فرنگي اقتدار کي قبول نه ڪيو.
هميشه موقعو ملندي ئي پنهنجي
ناراضگي ۽ نفرت جو اظهار ڪيو.
1843ع کان 1947ع تائين حڪمرانن جي
هر ڪنهن ڏوهه ۽ چال جو ڀرپور
احتجاج سان جواب ڏنو.
سنڌ جي هنن هڏ ڏوکي ۽ همدرد
اڳواڻن ۾ حضرت پير غلام مجدد
سرهندي المعروف حاجي پيرزاده صاحب
جو نهايت اهم ڪردار رهيو آهي. پير
صاحب پنهنجي سڄي حياتي مسلم اُمه
۽ سنڌ جي سرزمين جي خدمت ۾ گذاري.
پاڻ پنهنجي اميرانه زندگي تي هن
ڏکيائين واري گس کي ترجيح ڏني، نه
صرف پاڻ پر پنهنجي سڄي جماعت
(مريدن) ۽ معتقدن سميت فرنگين جي
خلاف جهاد ۾ صف آرا رهيا،
ايستائين جو جيل جون صعوبتون
برداشت ڪيائون، پر حق جي راهه تان
هڪ وِک به پوئتي نه هٽيا. خلافتِ
تحريڪ، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي
خواه تحريڪِ پاڪستان ۾ سندن ڪيل
جدوجهد جو رڪارڊ شاهد آهي. خلافتِ
تحريڪ دوران کين تُرڪيءَ جي خليفي
طرفان هڪ خط لکيو ويو، جنهن ۾
مسلمانن جي خليفي جو اعتراف ڪيل
آهي ته پوري برصغير مان تحريڪ جي
سلسلي ۾ گهڻي مالي امداد اوهان
(پير صاحب) جي طرفان ڪيل آهي. خاص
ڳالهه ته پاڻ تحريڪِ آزادي جي
انهن مخلص اڳواڻن مان آهن، جن
پاڪستان ٺهڻ بعد ڪنهن به صَلي،
مال ۽ ملڪيت جي طلب نه ڪئي ۽
آزادي جي نعمت جا شڪر ادا ڪري
سياسي آکاڙي کان پاسيرا ٿي ويا.
پير صاحب جي شخصيت ۽ ڪم تي جيڪو
ڪم هن وقت تائين ٿيو آهي، اهو به
بهتر آهي خاص طور قاضي مقصود صاحب
جون ڪاوشون داد لائق آهن، پر اڃان
هن سلسلي ۾ گهڻو ڪم رهي ٿو جيڪو
اڃان اسان جي محققن تي فرض آهي.
سندن هيءُ تاريخي خطاب ادارهِ
مهراڻ کي سندن پڙپوٽي پيرزاده
غلام رسول بابجي عنايت ڪيو آهي. (اسد
جمال)
|
گذريل کان گذريل تاريخ کي اوهين جاچي ڏسندا ته به
اوهان کي سنڌ جي اهڙي خراب ۽ ويچاري حالت ڏسڻ ۾ نه
ايندي جهڙي 1843ع کان پوءِ ٿي اٿس. سر چارلس نيپئر
کان يعني انگريزي حڪومت قائم ٿيڻ کان اڳ ڪيترن ئي
قسمن جون حڪومتون سنڌ ۾ پئي رهيون آهن. انهن مان
ڪن ۾ ڪوتاهيون ۽ ڪمزوريون به هيون ۽ ڪن ۾ سنڌ جي
ترقي ۽ امن و امان جي لاءِ هزارين خوبيون به هيون
ڪنهن مهل ڌارين قومن سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي، ۽ ڪڏهن
وري ملڪي ماڻهن جو دور دوره اسان جي سنڌ ڏٺو آهي
پر انهن سڀني حڪومتن جي اها وڏي خوبي هئي جو سندين
سلطنت ۽ اختياريون اسان جي صوبي جي قدرتي حدن
تائين محدود هيون. انڪري جيڪي چڱا يا مَٺا قانون
قاعدا ٺهندا هئا ته انهن تي هلڻ ۽ انهن کي عمل ۾
آڻڻ لاءِ تڪليف يا گهٽتائي نه ٿيندي هئي ڇو ته عام
پبلڪ جا جذبا ۽ خيال ۽ انهن قاعدن جي متعلق هر
ڪنهن قسم جي موافق يا مخالف راءِ تمام جلد ۽ تمام
سولائي سان اسان جي صوبي جي تختگاهه ۽ وقت جي
حاڪمن تائين پهچي ويندي هئي ۽ هينئر وانگر نه هو
جو بمبئي تائين انهن کي ڊگهو سفر ڪرڻو پوي.
۽ حضرات! اسان جي صوبي جي هيءُ پهرين بدبختي هئي،
جو هن کي بمبئيءَ جي دامن سان چنبڙايو ويو. ان وقت
جي گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو ۽ بمبئي جي ڪارفرما
حڪومت جي وچ ۾ انهي زماني ۾ ڪجهه گڙٻڙ هئي ۽
انهيءَ ڪري اسان کي به نقصان پهچي ويو ۽ گذريل 90
ورهين کان سندين انهي مخالفت جو اگرو نتيجو اسين
اڃان تائين پيا ٿا ڀوڳيون، مرڪزي حڪومت ۽ بمبئي
سرڪار جي انهي جهڳڙي جو هيءُ اثر ٿيو جو لارڊ
ايلنبرو کي ولايت واپس گهرايو ويو ۽ سندس جاءِ
نشين لارڊ هارڊنگ جي وقت ۾ سنڌ کي بمبئيءَ سان
لڳائي ڇڏيو ويو، انهي تاريخي جهيڙي جو تفصيل هيءُ
آهي ته پهريائين لارڊ ايلنبرو ميجر آئوٽرام کي
ڪمشنر مقرر ڪيو ته هُو سنڌ جي ميرن سان صلح جي
گفتگو ڪري، پر لارڊ ايلنبرو کي هُو ماڻهو پسند نه
هو، تنهنڪري نيٺ سرچارلس نيپئر کي سنڌ جي ڪم جي
هلائڻ لاءِ ”ناظم اعليٰ“ مقرر ڪيو ويو، ڇو ته هيءُ
سندس دوست هو، هوڏانهن سرچارلس نيپئر کي بمبئي جي
عهدي وارن سان ڪجهه دشمني ۽ نفرت هئي ان ڪري سنڌ
جي لاءِ بمبئيءَ جي فوج جي بدران بنگال جي فوج هن
جي هٿ هيٺ رکي ويئي ۽ ان ڪري هيڪاري بمبئيءَ سرڪار
جو ساڻس ضد وڌي ويو، پر لارڊ ايلنبرو گورنر جنرل
سندس مددگار هو ۽ نه رڳو ايترو پر ڪلڪتي يا بمبئي
جي سپهه سالارن يا ڪنهن به سول يا فوجي کاتي جي
عملدارن جي معرفت کانسواءِ ئي هر ڪنهن ڪم ڪار بابت
ساڻس ڳجهي خط و ڪتابت ڪندو رهندو هو، ۽ اها ڳالهه
اهڙي هئي جنهن جو انگريزي نظام حڪومت ۾ مثال ملي
نه ٿي سگهيو، تنهنڪري بمبئي سرڪار جي ناراضگي اڃا
وڌي ويئي.
جيتوڻيڪ لارڊ ايلنبرو کي بمبئيءَ جي انهي روز بروز
وڌندڙ ضد ۽ ناراضپي جو ڊپ ٿيو ٿي، پر تڏهن به انهي
گڙٻڙ جو مڙس ٿي مقابلي ڪرڻ جو هن پڪو فيصلو ڪري
ڇڏيو ۽ سنڌ کي جدا صوبو بڻائي سرچارلس نيپئر کي هن
جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيائين، هن 20 سيپٽمبر 1843ع
ڊيوڪ آف ولنگٽن کي (جو اُن وقت وزير هو) هڪڙو خط
لکيو جنهن ۾ سنڌ جي لاءِ بنگال جي فوج آڻڻ بابت
ذڪر ڪندي ۽ سنڌ ۾ ٻن صوبن (بمبئي ۽ بنگال) جي فوج
گڏ رکڻ ۾ جيڪي تڪليفون پيش آيون ٿي انهن جو بيان
ڪندي پنهنجو رايو ظاهر ڪري ٿو ته جيڪڏهن بمبئي جو
لشڪر سنڌ ۾ رهيو ته تمام جلد بنگال جي لشڪر ۾ به
بمبئي جي لشڪر جي فضول خرچي جي عادت پکڙجي ويندي ۽
اُنهي خط ۾ هيءُ به لکيو هئائين ته هند سرڪار
پنهنجي رپورٽ ۾ سنڌ جي جدا صوبو رکڻ لاءِ سڀيئي
سبب چٽيءَ طرح بيان ڪيا آهن، سواءِ هڪڙي سبب جي جو
خاصي اهميت رکي ٿو ۽ اهو هيءُ آهي ته اسين جيڪڏهن
انهي سوال جو فيصلو نه ڪري ڇڏيون ها ته اُهي ماڻهو
جيڪي رڳو پنهنجي ذاتي غرضن ۽ فائدن جا ڳولائو آهن
تن جي طبيعتن جو لاڙو هميشه ان طرف رهي ها ته ”سنڌ
کي بمبئي کاتي جي هٿ هيٺ رکيو وڃي“ ۽ سنڌ کي سڌو
سنئون مرڪزي حڪومت جي ماتحت رکڻ سان ئي منجهس عمدي
۽ اثرائتي حڪومت قائم ڪرڻ جي اُميد ڪري سگهجي ٿي.
پر انهن سڀني ڳالهين هوندي بمبئي سرڪار ايتري
واويلا مچائي ڏني جو نيٺ تمام جلد گورنر جنرل کي
سنڌ جي آئينده نظامِ حڪومت جي لاءِ بمبئيءَ سان هم
صلاح ٿيڻو پيو ۽ هن ڊائريڪٽرن جي جماعت کي لکي
موڪليو ته صوبي سنڌ کي بمبئيءَ سان لڳائڻ جي موڪل
ڏني وڃي ۽ سنڌ جي لاءِ بمبئي سرڪار فوج جو بندوبست
ڪري. ۽ سول ۽ فوجي کاتا بمبئي جي گورنر جي هٿ هيٺ
رکيا وڃن ۽ جيستائين سرچارلس نيپئر سنڌ ۾ رهي
تيستائين گورنري ۽ سپهه سالاري جا عهدا اُن وٽ
رهندا.
لارڊ هارڊنگ بنگال جي فوج سنڌ مان ڪڍي ڇڏي ۽ بمبئي
جي فوج وڌائڻ شروع ڪري ڏني ۽ جيستائين سرچارلس
نيپئر رٽائر ڪري ئي ڪري تيستائين سنڌ کي بمبئي سان
ملائڻ جي تجويزن تي هوريان هوريان عمل ڪرڻ لڳو.
اهڙين مخالف حالتن هيٺ سرچارلس نيپئر جو وڌيڪ رهڻ
عجيب ڳالهه ٿئي ها، انهيءَ ڪري هن آگسٽ سنه 1847ع
۾ پنهنجي عهدي کان استعفيٰ ڏيئي ڇڏي ۽ کانئس پوءِ
بمبئي سرڪار مسٽر پرنگل کي جو ان وقت بمبئي سرڪار
جو چيف سيڪريٽري هو سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ هن جي
عهدي کي ”سول انتظام جو ڪمشنر“ اهو نالو ڏنو ويو ۽
هن کان پوءِ سنڌ سرڪار جي سيڪريٽريءَ جي عهدي جو
نالو ”اسسٽنٽ ڪمشنر“ رکيو ويو.
مٿئين تفصيل مان اوهان تي روشن ٿي ويو هوندو ته
لارڊ هارڊنگ رڳو اسان کي انهيءَ لاءِ بمبئيءَ جي
حوالي ڪيو جو لارڊ ايلنبرو ۽ بمبئيءَ جي وچ ۾ سنڌ
جي سوال بنسبت ضد ۽ دشمني وڌي ويئي هئي ۽ اسان جي
حقن ۽ فائدن کي قربان ڪرڻ ۽ اسان جي صوبي کي بمبئي
سان لڳائڻ جي ڪري ئي اهو اختلاف دور ٿي سگهيو ٿي.
بهرحال لارڊ ايلنبرو انهيءَ اختلاف جي ڪري گورنر
جنرلي جي عزت ۽ عهدو وڃايو ۽ اسان جي هزارن ورهين
جي جدا زندگي برباد ڪري ڇڏي ويئي، پر بهرصورت
بمبئيءَ کان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ غير ممڪن ڳالهه نظر
آئي ڇو ته گهڻين ڳالهين جي فيصلي ڪرڻ لاءِ هي
ڳالهه تمام ڏاڍي ضروري نظر آئي ته بروقتي انتظام
قائم ڪيو وڃي، ان ڪري 1868ع جي ڊيليگيشن ايڪٽ جي
مطابق بمبئيءَ جي گورنر پنهنجون اختياريون ڪمشنر
کي سونپي ڇڏيون ۽ ان لاءِ اهو عذر ڏنو ويو ته سنڌ
جي ڪمشنر کي ليفٽيننٽ گورنر جهڙيون اختياريون حاصل
ڪين آهن، جهڙي طرح قيدين کي هڪڙي جيل مان ٻئي جيل
ڏي موڪلڻ يا جوابدارن کي ڌارين حڪومتن جي حوالي
ڪرڻ جون اختياريون. ان مان ثابت ٿي ويو ته سنه
1847ع کان وٺي اڄ تائين اسان کي گورنردار اجلاس
ڪونسل جو ڪجهه به فائدو ملي نه سگهيو آهي. صوبي
بمبئي جي لاءِ سڌارا ٿي رهيا آهن، ۽ بمبئيءَ ۾
هڪڙي مجلس وزارت موجود آهي، جنهن بابت چيو ٿو وڃي
ته سنڌ سميت سموري صوبي بمبئي جي لاءِ ڪم ڪري رهي
آهي، پر اسان جو صحيح ۽ سچوپچو حاڪم رڳو ڪمشنر
آهي، جو سونپيل اختيارين جي مطابق اسان تي شخصي
حڪومت ڪري رهيو آهي، ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته
جڏهن کان سنڌ جي رهاڪن سنڌ جي جدا ڪرڻ جي ڳالهه
چوري آهي، ان وقت کان وٺي صوبي بمبئي اسان جي ڪمن
۾ زياده دلچسپي وٺڻ ۽ توجه ڏيڻ شروع ڪيو آهي، پر
انهيءَ دلچسپي ۽ توجه ۾ واڌاري ٿيڻ جي اُميد ڪانهي
۽ سچ پچ ته بمبئي سان اسان جي اٽڪائي رکڻ جو هي
نتيجو نڪتو آهي جو سنڌ جي پبلڪ جو آواز مري ويو
آهي ۽ اسان جي دانهن ۽ جذبات جي ڪابه وقعت ڪانه
رهي آهي. اسان جي زراعت ۽ زمينداري جون ڳالهيون
صوبي بمبئي کان بلڪل جدا طرح جون آهن جن جو اتي
سمجهي سگهڻ به ناممڪن آهي ۽ مليريا ۽ پڻ قسمين
قسمين بيمارين جي ڪري اسان جي تندرستي ناس ٿي رهي
آهي، ۽ اسان جي تعليم ڏي به ڪجهه ورهين کان اڳ
ڪوبه خيال ڪونه ٿي ڏنو ويو. گورنمينٽ بمبئي جي
فائدي ۾ رڳي هي ڳالهه آهي ته هن هند سرڪار جي مدد
سان هتي سنڌ ۾ سکر بئراج ٺهرايو آهي پر اُهو به
رڳو ان ڪري اسان جي لاءِ مصيبت ثابت ٿي رهيو آهي،
جو انهي جي ڪري سنڌ جي آزاديءَ جي برخلاف هي دليل
ورتو پيو وڃي ته بمبئي سرڪار ان جي خرچ پوري ڪرڻ
جي ضامن آهي پر سچ پچ ته اها ڳالهه صفا حقيقتن جي
برخلاف آهي، ڇو ته سنڌ ۾ اُها غير آباد زمين جا
وڪري لاءِ موجود آهي اُهائي بئراج جي سموري خرچ
ڀري ڏيڻ جي سچي ۽ صحيح ضامن آهي.
حضرات! سنڌ جو بمبئيءَ سان لاڳاپو رهيو ته ڪڏهن به
سنڌ جو ڇوٽڪارو نه ٿي سگهندو، صوبي بمبئي جي ساخت
ڪجهه اهڙي طرح واقع ٿي آهي جو جڏهن جدا جدا علائقن
جا ميمبر اچي ڪونسل ۾ گڏ ٿين ٿا، تڏهن صفا ائين
پيو ڏسڻ ۾ اچي ته هُو سڀئي جدا جدا قسمن جا ماڻهو
آهن، ۽ هر شخص کي معلوم آهي ته بمبئي ڪائونسل ۾
اصل اتفاق ۽ ٻڌي ڪانهي ۽ انڪري ڪوبه ميمبر راضي
ڪونهي. خود بمبئي جا سمجهدار ۽ صاحبِ دماغ بزرگ به
انهي عجيب و غريب ڳانڍاپي تي افسوس ظاهر ڪن ٿا، ۽
اسان سان ته پنڌ جي هُدي ۽ زبان رسم و رواج جي
اختلاف جي ڪري بيحد تڪليف ۽ آزار آهي. صوبي بمبئي
جو اُهو ڪليڪٽر يا انجنيئر جنهن اگرچه گهڻي وقت
تائين صوبي بمبئي ۾ نوڪري ڪري تجربو حاصل ڪيو آهي،
۽ هن جو تجربو هتي سنڌ ۾ بدلي ٿي اچڻ تي بالڪل
بيڪار ثابت ٿئي ٿو، بلڪ هن کي نئين سر هتي اچي
تجربو حاصل ڪرڻو پوي ٿو، جنهن جو نتيجو هي ٿيو آهي
جو صوبي سنڌ جا عملدار ۽ رعيت بالڪل جدا شيءِ
ليکجڻ ۾ اچي ٿي. سنڌ جي شامل ٿي رهڻ ڪري درحقيقت
رڳو صوبي بمبئي جي پکيڙ ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ۽
بمبئي جي انهي فائدي لاءِ اسان کي لاچار ڪيو ويو
آهي.
(هن تاريخي خطبي جو آخري صفحو اسان وٽ ضايع ٿي ويل
آهي، باوجود ڪوششن جي ڪٿان حاصل نه ٿي سگهيو آهي،
اگر ڪنهن به صاحبِ علم وٽ موجود هجي ته اسان کي
ارسال ڪيو وڃي ته عين نوازش ٿيندي. هي اهم تاريخي
خطاب آهي جيڪو سادي سلوڻي زبان ۾ آهي ۽ سنڌ جي
بمبئي کان علحدگي واري تحريڪ جي رڪارڊ جو اهم حصو
آهي. هيءَ خطاب اسٽنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد سنڌ
طرفان شايع ٿيل آهي. (اسد جمال)
نصير مرزا
حيدرآباد
ائين پڌرو پرين هو هزارن ۾
(ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي- ياترا)
ڪيڏو نه سٺو سٺو ڏينهن، 10-هين ڊسمبر 2022ع،
خانصاحب عبدالڪريم پلي صاحب جي 1961ع ڌاري مرتب
ڪيل مشاهيرن جي ڪافين واري مجموعي ”وڻجارن وايون“
جي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٻيهر شايع ڪرايل نئين
ٻئين ڇاپي جي مل محمود ادبي سٿ پاران پڌرائي تقريب
۾، دلبر دوست نفيس احمد شيخ ناشاد سان گڏجي عمرڪوٽ
شهر واري خوبصورت مزمل گيسٽ هائوس پهتو هوس. جنهن
لاءِ سفر واري آساني عزيزم ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ
مهيا ڪري ڏني. اڙي واهه! ڇا ڏسان ته تقريب ۾ هر
طرف جد امجد خانصاحب عطا محمد پلي خانوادي جا
شهزادا... جن مان ڪي ڪي ته منهنجا اڳ ڏٺل وائٺل ته
ڪي وري نوان نوان نؤخيز چهرا... جيئن پيارو حسن
رسُول پلي، حُسين رسُول، اختر علي پلي، فيض الحسن،
جونيئر عبدالڪريم پلي، ميان محمد اسماعيل وفا،
ميان محمد ڪريم ميڪائيل وفا، پر تقريب ۾ بطور
ميزبان، آيلن کي آڌرڀاءُ ڪندڙ ته هي نؤخيز نوجوان
حسن رسول... (جنهن تي اهو نالو پتو پيم ته والدين
پاران حسن درس جي قربت ۾ رکيو ويو هو)... ۽ هيءَ
ڪيڏي نه محبوب محفل، جنهن ۾ جي ڊاڪٽر اسد جمال پلي
موجود، ته براڊ ڪاسٽر ۽ سُگهڙ علي نواز پلي به
حاضر. گڏوگڏ سهڻو شاعر محمد اشرف پلي. بهترين
نثرنگار ارباب نيڪ محمد، شاعر خطائي ٿيٻو، سهڻو
شاعر حاجي ساند، تر جو وضعدار سياست ڪار حاجي محمد
بقا پلي، وفادار سياسي ڪارڪن حاجي انور علي راڄڙ،
پر سچ پڇو، سهڻي جوان، حسن رسول پليءَ تي نظر پيم
ته، بي اختيار ڪريم سائينءَ جو هيءُ شعر چپن تي
اچي ويم:
ائين پڌرو پرين هُو هزارن ۾،
جيئن چنڊ لڳي ٿو تارن ۾.
هاڻي اسٽيج جي صورتحال ته عزيزم نفيس احمد شيخ
ناشاد کي تقريب ۾ خاص مهمان جي منصب تي فائز ڪيو
ويو ۽ هن ناچيز کي صدارت سونپي ويئي. سبحان
الله.... جزاڪ الله!
تڏهن ڇا ڏسان عزيزم ڊاڪٽر اسد پليءَ پاران واڌاري
سڌاري سان شايع ڪرايل ’وڻجارن وايون‘ جي هن ٻئي
نئين ڇاپي جي پڌرائي کان اڳ عمرڪوٽ جي سياسي ۽
سماجي حلقن ۾، نئون نئون متعارف ٿيندڙ نوجوان حسن
رسول پليءَ کي، آجياڻي پيش ڪرڻ جي لاءِ سڏ ٿيو ته،
مون چپن ۾ ڪريم سائين جو هي شعر هن لاءِ پڙهيو:
هيرَ وانگر هُلي به پئو پيارا،
ڪجهه گهڙين لئه، گهُلي به پئه پيارا.
اڙي واهه.... حجاب ئي حجاب ۾، پر ڪيڏو نه اعتماد
سان حسن رسول آيلن جي آجيان ڪئي ۽ سچ پچ کيس ٻڌي
مون کي ته اهڙي خوشي ٿي، جهڙي سندن والد ۽ منهنجي
دوست ڊاڪٽر رسول بخش پليءَ کي کيس ٻڌي ٿئي ها.
پوءِ ڪتاب ”وڻجارن وايون“ جي پڌرائي ٿي ته ان ۾ لڳ
ڀڳ 47 شاعرن جون چونڊ ڪافيون ۽ مختصر سندن تعارف
هو. پوءِ فهرست تي نظر وڌم ته ڪتاب اندر پهريون
شاعر صوفي صادق فقير هو ۽ آخري عبدالڪريم پلي
صاحب. تقريب ڇاڪاڻ ته ”مل محمود پليءَ ادبي سٿ“ جي
پليٽ فارم تان هئي، سو سوچيم، جنهن جو کائجي، تنهن
جو ڳائجي. تڏهن ڪتاب جي ورق گرداني مان مون مل
محمود جي ڪافين جا هيٺيان ٿل ۽ مصرعه انڊرلائين
ڪيا ۽ دل ئي دل ۾ واهه واهه به ڪندو رهيس... ٿورو
چَس انهن مان اوهين به وٺو:
عقل مت کان الڳ جاني، برهه جي بات ٻي آهي.
.......
حُسن تنهنجي ڪري جلوو، موهيو مون کي جُڙيا جاني.
.....
ڪنان بجليءَ سندءِ صورت، چٽي چهري اچي عبرت
پلي پينار کي رحمت، پـَسايو پاڪ پيشاني
سبحان الله، مل محمود پليءَ جو هي ڇا ته پاڪيزه
لهجو محسوس ٿيو مون کي.
اجهو ان ڏس ۾، اهم ڳالهه هيءَ به ته، ڪتاب اندر
آندل شاعرن مان، بيشڪ ته هاڻي ڪوبه حيات نه آهي ۽
ڊاڪٽر اسد جمال سڀني ان دور جي حيات شاعرن جو
احوال وفات جي سالن ۽ سندن ادبي خدمتن سميت حاشين
۾ ڏنو آهي، ٻي طرف ڪتاب جي اصل مواد کي حرف به حرف
ساڳيو رکيو آهي، انهن سڀني جي بعد ۾ اڪثر شاعرن
جون ڪافيون اڄ به سداحيات، امر ۽ جهر جهنگ ۾
گونجنديون ملنديون اٿم.
ها! بيشڪ ته ويهين صديءَ جي اهڙن اڪثر شاعرن مان
ڪن سان صرف منهنجي چهره شناسائي هئي پر ڪن ڪن سان
ته روبرو به آئون ملي چڪو هوس، پر اهڙن مڙني مان،
مخدوم سائين طالب الموليٰ کي ڇڏي ڪري، ۽ خاص ڪري
هي جيڪي ڪريم پلي سائين ۽ وفا پلي سائين ۽ انهن
سان ته..... ائين سمجهو ملڻ جا مون کي نشا ئي
پنهنجا ٿيا.... ۽ کيپ ئي کرا نصيب ٿيا. ها، بيشڪ
راڄ محمد پلي صاحب سان ڪڏهن آئون نه ملي سگهيس، پر
ذاتي لائبريريءَ ۾ بوڪ شيلف ۾ پياري ڊاڪٽر اسد
جمال پليءَ پاران مرتب ڪيل انهن ٽنهي عظيم ڀائرن
جا هيءُ ڪتاب، مون لاءِ ڄڻ املهه تحفن وانگر...
مثال طور نالا پڙهو....
ڪيا سانگ سانوڻ
– ڪريم پلي
]21-
آگسٽ 1940ع – 4 نومبر 1991ع[
چنڊ جهڙا پرين
– ڪريم پلي
]21-
آگسٽ 1940ع – 4 نومبر 1991ع[
درد هزارين هڪڙي دل
– وفا پلي
]17-
ڊسمبر 1944ع- 17 اپريل 2020ع[
وڙهيا واڳيا واپريا
– راڄ محمد پلي
]6
جنوري 1941ع – 16 ڊسمبر 1991ع[
هاڻي هتي ڇا لکي ڇا لکان پنهنجي ڪريم سائين لاءِ ۽
ڪٿان آڻيان سندن تعريف لاءِ نت نوان لفظ، سو سندن
ئي لفظن ۾ هيئن پيو کين خراجِ عقيدت پيش ڪريان:
سهڻن ۾ سندس نه ڪو ثاني هو
جهڙسُ نه جُڙيل ڪو جاني هو
ڪو مَٽ نه هئس مهه پارن ۾
ائين پڌرو پرين هو هزارن ۾
تڏهن دور ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي جي اباڻي
قبرستان (کيجڙياري شهيد) ڏانهن، نؤ تعمير پياري
وفا پليءَ جي تربت ڏانهن ڌيان به ته هليو ويو هئم
تڏهن پريان کان سندس تربت مان سندس ئي هن شعر جا
پڙاڏا مون صاف ٻڌا:
ڪوبه ايندو نه ريگزارن ۾
راهه ڪنهن جي وفا نهاري ٿو
ياد آيم، ڪيترا ورهيه اڳ ڪريم سائين جي وفات....
يا تازو پوءِ وفا پلي سائين جي وصال تي به، ڳوٺ
خانصاحب عطا محمد پلي، آئون وڃي نه سگهيو هوس...
پر ’وڻجارن وايون‘ ڪتاب جي پڌرائي کان ڪجهه مهينا
پهرين ڪريم صاحب جي ورسي تي لطيف ننگر اچڻ ٿيو ۽
تقريب کان پهرين مدد علي سنڌي، نفيس احمد شيخ ۽
حافظ احمد الدين انڍڙ ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ جي
رفاقت ۾ خانصاحب عطا محمد پليءَ جي ڳوٺ پڻ وڃڻ
ٿيو، جتي پلي برادران جي قديم اوطاق ۽ ان جي پويان
رهائشي حاويليون..... جيڪي ڪنهن وقت مون پري کان
ڏٺيون هيون. اڙي واهه! قديم اوطاق ته بصورت ملبه
اتي هاڻي به موجود هئي، پر ان جي ڀرسان ڇا ڏسان،
شيش محل نما شاندار اوطاق نظر آيم، جيڪا اندران
هاسٽل نما ۽ جنهن جو مٿي مهمان خانو پڻ شاندار،
جتي فرزند وفا پلي، نورچشم ميڪائيل وفا ۽ محمد
اسماعيل وفا سان گڏ ادا اختر پلي به تعزيت وٺڻ
لاءِ موجود. تڏهن هٿ فاتحه کان اڳ ياد آيم، وفا
وصال کان سال اڌ اڳ به، جڏهن جڏهن به هُو حيدرآباد
چيڪ اپ لاءِ آيو، علي نواز پليءَ سان گڏجي ريڊيو
تي ضرور مون وٽ ايندو هو ۽ جيترو به وقت مون سان
گڏ هوندو هو، ان وقت..... پاڻ تي آئون ڪيڏو نه
فخرمند پيو ٿيندو ۽ پاڻ کي ياد ڏياريندو هوس... ڏس
نصير، تنهنجا ڇا ته ڀاڳ؟! وفا پليءَ جهڙو شاعر تو
وٽ ويٺو آهي تڏهن هُو اڪثر چوندو، ڪڏهن اچ نه يار،
عمرڪوٽ. تنهن تي وراڻيندو هوس، توهان جا سمهڻ جاڳڻ
جا وقت ئي پنهنجا، مٿان هي به ٻڌو اٿم، حاويلي ۾
گوشه نشين ٿا رهو ۽ ٻاهر نڪرو ئي ڪونه ٿا. تڏهن
چيائين، گهٻراءِ نه، تون نياڻين جهڙو پٽ آهين
نصير، توکي اندر حاويليءَ ۾ گهرائي وٺندس....
ٻه ڀائر ٻه شاعر- محمد وفا پلي، عبدالڪريم پلي
ياد آيم، ڪريم سائين ۽ وفا جي هاڪ ڌاڪ، سخا ۽ سندن
وڏي شاعراڻي حيثيت کان ته، آئون شروع کان ئي آگاهه
هوس، پر ٻنهي ڀائرن سان روبرو منهنجي پهرئين
ملاقات جي تاريخ هئي 9-مارچ 1989... بلڪل ئي ان
ڏينهن جڏهن ريڊيو حيدرآباد پاران ڪل سنڌ اردو سنڌي
مشاعري ۾ شرڪت لاءِ هو اسان جي دعوت تي آيل هئا.
تڏهن ياد اٿم، مشاعري بعد، ٻئي ڏينهن ساڻن سان
ملڻ، پيئڻ ۽ کائڻ جو موقعو به ته مليو ۽ اهڙي محفل
۾ مون يڪدم ڄاتو، ڪريم پلي، نهايت سنجيده سڀاءَ،
مدبر، ڌيرج ڌيرج سان ۽ کرج ڀريي آواز ۾ گفتگو ڪندڙ
هستي ..... پر سندن مقابلي ۾، وفا جي گفتگوءَ جو
انداز وري انگلائتو، مزاجن چهڪڻو، ٻهڪڻو ۽ جنهن وٽ
ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ۽ چپن تي هر وقت سدابهار گُلن
جهڙي مرڪ..... تڏهن هي به ڄاتم، ته ڪريم سائينءَ ۾
نوڙت نيازمندي ۽ حضور شرمي گهڻي هئي، پر وفا، بي
پرواهه، البيلو، ۽ پنهنجي نمايان ادبي قد ڪاٺ کان
به پورو پورو آگاهه. ان ڪري بي حد بااعتماد پڻ.
خير المختصر... وفا واقعي به غزل جو وڏو وڏو شاعر
۽ نالو... پر ڪريم پلي به بابا ڪير سڏائي... سندن
ڪافيون ائين سمجهو ته جديد سنڌي ڪافين جو نڪ آهن،
جن ۾ هي ڇا ته موسيقيت سان لبريز مصرعه:
ڪيا سانگ سانوڻ وري ڙي وري ڙي
چِڪيا چاڪ ٿي دل چري ڙي چري ڙي
....
ڪيو سڏ ڪلالن، پروڪي پيئڻ لئه
ملاريءَ ۾ ڏسبو، مري ڙي مري ڙي
.....
پيون ياد گذريل گهڙيون پيار ڀريون
اکين آب آيو، تري ڙي تري ڙي.
ياد آيم، ڪنهن وقت هن ملڪ جي پاڻ وڪڻڻي سياست
ڪاريءَ سان به ته ڪريم سائينءَ پيچ پاتو هو پر
پوئين دؤر جي چالباز سياستڪارن جا رويه ڏسي،
انهيءَ ڌُر کان هو ڌار ٿي ويو هو ۽ بي اختيار چئي
به ڏنو هئائين:
جنهن جي ڌوڪن جو ڇيهه ئي ڪونهي
تنهن جي الفت کان ڪئي اسان توبهه
سبحان الله... موسيقيءَ سان لبريز ڪريم سائينءَ
جون اهي سڀ سٽون آهن يا کليل آسمان ۾ رواني سان
اڏامندڙ ڪونجن جون قطارون......
ياد آيم، ڪريم سائينءَ جو هيءُ شعر به ڪنهن وقت
مون کي ڪيڏو نه وڻندو هو:
ڍَڪ نه خدارا مصحف رُخ تون
ڀَل ڪو ڪري ڪا دير تلاوت
ائين هر وڏي شاعر وانگر هي، ڪريم پلي سائين
به...... ڇا ته پُراميد شاعر، جيڪو دنيا مان ويندي
ويندي هي به چوندو ويو:
شايد جلـدي روئـڻو پوَنـئي
خوب ڏئي وٺ ٽهڪ جهالت
پر هي وقت به..... ڪيڏو نه ظالم يارو، نؤتعمير
پـَلِي هائوس، جيڪو شيش محل نما پئي مون کي
نظر آيو، ان جي ڀرسان سانجهيءَ جي سناٽي ۾ ٻاهر
نڪرڻ وقت ڇا ڏسان؟ ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پليءَ
واري پراڻي اوطاق... جتي ڪنهن وقت پلي برادران
پنهنجن دل گهرين يارن سان محفلون مچائيندا هئا.
اُها اڌ زمين دوز..... ۽ جنهن جا در و ديوار
خسته...... ۽ جنهن جو فرنيچر به درهم برهم. يعني
بقول گلزار صاحب:
باهر اجاڙا، اندر ويرانا....
يارا سلي سلي...
۽ ڪهڙن ڪهڙن نه هستين جي آوازن جا پڙاڏا آئون
اندران انهي ملبه محل مان ٻڌان ٿو... ۽ چپن ۾ چوان
ٿو، ياحسين! هي ته عبدالقادر جوڻيجي جو آواز ۽ هي
علي بابا، شمشيرالحيدري جا ٽهڪ... ۽ هي سينگار علي
سليم، عابده پروين، غلام قادر لنجواڻي ۽ وحيد علي،
جا سُر ۽ آلاپ... تڏهن ڀڙڀانگ بنگلي جي چؤطرف اڀري
آيل بي ترتيب جهنگ به ته مون کي نظر آيو ۽ اماوس
رات ۾ جنهن جي وچ ۾ ان اڪيلي..... اداس ۽ ڪُهنه
بنگلي کي ڏسي، جدامجد، قليچ بيگ صاحب جي ڪافيءَ
جو..... هي مصرعه چپن تي بي اختيار اچي ويم...
سڀ خان ڇڏي ويا خاني
ڪر ڌيان دنيا آهي فاني.
محمد خان مسڪين ڪنڀار
ڇور
گناه کيست؟
(گناهه ڪنهنجو؟)
”هڪ ئي مضمون جا پارسي اشعار“
نظيري فرمائي ٿو ته:
راضي شدن بوعده فردا گناهِ من!
امشب وفائـﻶ وعده نه کِردن گناه کيست؟
عاشق چوي ٿو ته اي محبوب! اهو سچ پڇ ته منهنجو
گناهه آهي، جو تو مون سان سڀاڻي جو واعدو ڪيو ۽
آءٌ ان تي يقين ڪري راضي ٿي ويس، مگر اهو ته ٻڌاءِ
ته اڄ رات تو مٿئين انجام کي پاڻي نه پياريو سو
ڪنهن جو گناهه آهي؟
رنجيدن و ز بزم برفتن گناهِ من!
از دست غير باده گرفتن گناه کيست؟
منهنجو گناهه اهو آهي جو آءٌ رنجيده ٿي بزم (مجلس)
مان اٿي ويس، پر هي ته ٻڌاءِ ته منهنجي ويٺي رقيب
کان پيالو وٺي پيئڻ ڪنهن جو گناهه آهي؟ ڇا اهڙي
حالت اکين سان ڏسي به آءٌ اتي ويٺو هجان؟
فارسيءَ
زبان جي تعليم اسان جي سنڌي معاشري
مان ناپيد ٿيندي وڃي. جهڙيءَ طرح
سنسڪرت، گجراتي ۽ هندي زبانن جا عالم
اسان کي سنڌ ۾ ڳوليا ڪونه ٿا لڀن،
اهڙي طرح اهو وقت پري ڪونهي جا اسان
کي فارسي جا عالم ۽ ڄاڻو به نه ملي
سگهندا. حالانڪ فارسي زبان جو تعلق
سنڌ سان قبل مسيح دور کان ملي ٿو،
اسلام جي آمد بعد اسان جو تمام گهڻو
ديني ادب فارسي ذريعي پهتو اهي، عربي
زبان جون ڪيتريون تصنيفون فارسي ۾
ترجمو ٿيون. تصوف جي علم فارسي جا
ڪتاب ’ڪورس‘ تي رکي پڙهايا ويندا هئا.
گهڻي قدر اسان وٽ عربيءَ کي فارسيءَ
جي معرفت پڙهايو ويو. مدرسن ۾ لات سان
جهولي پڙهڻ جو نظارو فارسي لاءِ ئي
مخصوص هو. خبرنه آهي ته فارسي جي
جلاوطني جي سازش ڪٿان شروع ٿي، مگر
اها حقيقت آهي ته سنڌي ادب ۽ شاعري جي
فن ۽ فڪر جي واڌاري لاءِ اها ڪاري ضرب
آهي. فارسي صدين کان ۽ صدين تائين سنڌ
جي درباري ۽ دفتري زبان رهي آهي. سنڌي
سماج جنهن ۾ ’شاهه جو رسالو‘ اسين
رهبر طور پڙهون ٿا، اهو به ”مثنوي
مولانا روم“ جي مطالعي بعد ئي لکيو
ويو آهي.
فارسي زبان جا وڏا مبلغ،
شوقين ۽ استاد مدرسن مان پيدا ٿيا
انگريزن جي دور ۾ اسڪولن جا استاد
اڪثر فارسي جا ماهر هئا. هن مضمون جو
ليکڪ مرحوم محمد خان ’مسڪين‘ ڪنڀار به
استاد هو. بيت بازي کان وٺي موضوعاتي
بحثن تائين فارسي زبان تفريحي ادب پڻ
مهيا ڪيو جيڪو شاگردن جو خاص مشغلو
رهيو، هيءُ مضمون به اهڙي تفريح جو
نمونو آهي، جيڪو مرحوم محمد خان مسڪين
جي فرزند محترم نورمحمد ’نورل‘ اسان
کي ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن لاءِ خاص
موڪليو آهي. -
اسد جمال
|
قدسي فرمائي ٿو ته:
دل دادن وَ سخن نشنيدن گناهِ من!
دلبردن وَ نگاه نه کردن گناه کيست؟
اهو ته واقعي منهنجو قصور آهي جو مون دل ڏني ۽
ڪنهن جي به نصيحت تي ڪن نه ڏنم، پر دل وٺي ڪري به
نگاهه نه ڪرڻ ڪنهن جو ڏوهه آهي؟
عرفي فرمائي ٿو ته:
گرد سر تو گشتن وَ مردن گناهِ من!
ديدن چنين وَ رحم نه کردن گناه کيست؟
اهو سندم گناهه آهي ته آءٌ توتان صدقي ٿي مري ويس،
مگر مون کي اهڙي حالت ۾ ڏسي به رحم نه ڪرڻ ڪنهن جو
گناهه آهي؟
دردِ دلِ حزين بنو گفتن گناهِ من!
بر حرف غير گوش نهادن گناه کيست؟
واقعي اهو منهنجو قصور آهي ته مون پنهنجي غمزده دل
جو حال توکي الف کان ي تائين سمورو چئي ڏنو، مگر
اها ڪنهن جي خطا آهي ته مون ڏانهن ڪوبه ڌيان نه
ڏنئي ۽ رقيب جي ڳالهه ڪن ڏيئي ٻڌڻ لڳين؟
عرفي سپردن دل مسکين گناهِ من!
دل بردن وَ نگاه نه کردن گناه کيست؟
عرفي جو اهو قصور آهي ته هن مسڪين دل تنهنجي سپرد
ڪئي، مگر دل پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ ۽ پوءِ اک کڻي به
نه نهارڻ ڪنهن جو گناهه آهي؟
صيدي فرمائي ٿو ته:
روئـﻶ ترا در آئينه ديدن گناهِ من!
آيا بروئـﻶ آئينه ديدن گناه کيست؟
برابر اها مون کان خطا ٿي ته جڏهن سڌيءَ طرح
توڏانهن نهارڻ جي طاقت نٿي ٿيم، تڏهن انهيءَ وقت
جڏهن تون آرسي ڏسي رهيو هئين تڏهن سندءِ جمال جو
مشاهدو ڪري ورتم. جيڪڏهن تون آرسي نه ڏسين ها ته
آءٌ به ديدار نه ڪريان ها، پوءِ ڀلا هاڻي اهو ڏوهه
ڪنهن جو چئبو؟
اَفصح فرمائي ٿو ته:
بي خود شدن ز نرگس مست نگاهِ من
از سائيه نگاه رميدن گناه کيست؟
سندءِ نرگس جهڙين مست اکين ڏانهن ڏسي بيخود ٿي وڃڻ
ته منهنجو ڏوهه آهي، مگر منهنجي نگاهن کان به ڀڄڻ
ڪنهن جو قصور آهي؟
لائق فرمائي ٿو ته:
لائق به قيد وَ بند نمودن گناهِ من!
بردن بزير تيغ وَ نکشتن گناه کيست؟
اهو ته سندم قصور آهي ته مون پاڻهي پاڻ کي تنهنجو
قيدي بنائي ڇڏيو، مگر تلوار جي هيٺيان رکي به قتل
نه ڪرڻ ڪنهن جو گناهه آهي؟
فائق فرمائي ٿو ته:
عاشق شدن به پيش تو تقصير ما بود!
بيگانگي وَ رنجش بيجا گناه کيست؟
توتي عاشق ٿيڻ ته منهنجو قصور آهي، مگر اي يار!
پنهنجي عاشق کان پاسو ڪرڻ ۽ رنج ٿيڻ ڪنهن جي خطا
آهي؟
آصف فرمائي ٿو ته:
در زير تيغ غمزه طلپيدن گناهِ من!
دست از ستم به ناز کُشيدن گناه کيست؟
سندءِ نظر جي تلوار هيٺ پيو تڙڦڻ ته منهنجو قصور
آهي، مگر تڙڦندڙ کي به ائين ئي ڇڏي ڏيڻ ۽ قتل ڪرڻ
کان وڏي ناز سان هٿ کڻي وٺڻ ڪنهن جي خطا آهي؟
نصرت فرمائي ٿو ته:
مردن در انتظار نگاهت گناهِ من!
دانستن وَ نگاه نه کردن گناه کيست؟
بيشڪ اهو منهنجو گناهه آهي ته آءٌ انهيءَ انتظار ۾
ئي مريس ويس ته تون ڪڏهن ٿو مون ڏانهن نهارين، پر
اهو ڄاڻڻ (ته هو هن طرح مري رهيو آهي) ۽ نگاهه نه
ڪرڻ ڪنهن جو قصور آهي؟
سالڪ فرمائي ٿو ته:
آمد بهار وَ ابر سيه مست مي رسد!
سالک اگر تو باده نه نوشي گناه کيست؟
بهار اچي ويئي ۽ ڪارا ڪارا ڪڪر عجب مستيءَ سان
ڊوڙي رهيا آهن. سالڪ! اگر ههڙي وقت به تون نه پئين
ته قصور ڪنهن جو؟
افصح وري پناه کيست تي هينئن ٿو چوي ته:
افصح بسر پناه به شاهانِ روزگار!
شاه جهان پناه به بين در پناه کيست؟
اي افصح! بادشاهن جي پناهه ڇو ٿو ڳولين؟ ڇو نٿو
انهيءَ جي پناهه وٺين جنهن جي پناهه ۾ شاهه جهان
بادشاهه آهي.
نظيري صاحب ته هن شعر ۾ غضب ٿو ڪري:
چون بگذرد نظيري خوني کفن بحشر!
خلقي فغان کنند که اين داد خواه کيست؟
جڏهن قيامت جي ڏينهن نظيري رت ۾ رڱيل ڪنهن پهري
اچي لنگهندو ته خلقت عجب ۾ پئي پڇندي ته هي ڪنهن
جو فريادي آهي؟
راڄ محمد پلي
عمرڪوٽ
آه! مير محمّد بخش ٽالپر صاحب
اوچتو اطلاع مليو ته سرڪار محبت آثار امير ابن
امير، امير ابن اسير، مشاهير بينظير، جناب مير
محمد بخش ٽالپر صاحب، هن فاني دنيا مان وصال ڪري
وڃي دارالبقاء جي حوالي ٿيو آهي. عقل خام اعتبار
نه ڪري، دل انهيءَ ڳالهه کي تسليم نه ڪندي، پريشان
کان پريشان ٿي وئي، هوش و حواس ڄڻ ختم ٿي ويا،
ايتريقدر جو پڇڻ لاءِ به دل گواراه نٿي ڪيو ته اها
به ڪا حقيقت هوندي؟ يا ڪو غلط اطلاع آهي. ڪونه ڪو
ضرور ترديد ڪندو، دل ۽ دماغ حقيقت کي مڃڻ لاءِ
ڪافي ڪوشش ڪئي مگر حقيقت پنهنجي جاءِ تي اٽل آهي،
فونن تي فون اچي ڪڙڪيا ماڻهو به پهتا، آخرڪار
ڳالهه مڃڻي پئي ته موت بيشڪ حق آهي ۽ هو پنهنجو حق
وٺي ويو موت ڇو آهي؟ ڇالاءِ آهي؟ ۽ موت جي موسم
ڪهڙي آهي؟ ان قسم جون ڪيئي ڳالهيون سوچيندي
سوچيندي وڏن جا ويچار ۽ خيال سامهون آيا ته،
”نڪا مند مرڻ جي، نڪو جيئڻ جال.“
دل کي تسليم ڪرڻو پيو ته واقعي! شيرِ سنڌ جو چشم
چراغ گُل ٿي ويو آهي ۽ سنڌ سڳوريءَ هڪ عالم، اديب،
خطيب، تاريخدان، مورخ ۽ محقق کان محروم ٿي چڪي
آهي، عموماً اميران سنڌ ۽ خصوصاً ماڻڪاڻي سرڪار جي
خصوصيات، تاريخ جي روايات، حڪايات، وضعداري،
بُردباري، علم حڪمت، مساوات و وزارت، ديانت و
شرافت، فصاحب، بلاغت، ۽ وضعداري جو هڪ عظيم داستان
جو باب اختتام تي پهتو آهي.
موت ۽ حيات ان جي ڪشمڪش ۽ ان جي تغير کي ئي ثبات
آهي.
سکوں
محال ہے،
قدرت کے
کارخانے
میں،
ثبات ایک
تغیر
کو ہے
زمانے
میں۔
ورنه ان نقصان جي تلافي ڪڏهن به ٿي نٿي سگهي. اهو
تغير جو قاعدو، قانون ۽ اصول آهي، هاڻي وري ڪو مير
خاندان ۾، اهڙو مردِ مجاهد، نيڪ نفيس، بيدار مغز،
بزله سنجه، شيرين مڪال، خوش خيال، دانش ۽ بينش جو
صاحب پيدا ڪري ته ان کان بعيد نه آهي، هن قضيه
نامرضيه کي ڪو وقت دوست ۽ دشمن، سنگتي ۽ ساٿي،
پنهنجا پرايا، ويجها ۽ پراهان ۽ عزيز و ڀائر پيا
ڀنڻ ڪندا ۽ مرثيه چوندا، وسرڻ ۽ وسارڻ جهڙو قضيو
ئي ڪونهي، واقعي ڪهڙو نه صحيح فرمايو آهي، اردو جي
مشهور شاعر مير تقي مير:
تھمتے
تھمتے
تھین
آنسو، رونا ہے
یہ
کچھ ہنسی
نہیں
ہے۔
مون ناچيز جو جناب مير صاحب ماڻڪاڻي سرڪار سان ستن
پيڙهين جو واسطو آهي، تعلق ۽ واسطا، اچڻ ۽ وڃڻ،
ميل ملاقاتون حالات تي مدار رکن ٿيون، ڪڏهن گهٽ ته
ڪڏهن وڌ، تاهم غميون ۽ خوشيون، مرڻا ۽ پرڻا گڏ
ملهائبا آيا آهن. گهڻي مُدت بعد وري انهن تاريخي
تعلقات کي جيارڻ لاءِ پاڻ ملهايو ۽ هميشه پاڻ ئي
اچن ۽ وڃڻ ۾ گوءِ ثبقت کڻي ويندا هئا.
هڪ دفعي جيڪو به مير صاحب سان مليو ٿي، ڪهڙي به
ذوق و شوق جو ماڻهو ڇو نه هجي، اهو نه کين
وساريندو هو، ۽ نه ئي پاڻ ان کي وساريندا هئا. ڇو
ته پاڻ هڪ ڪثيرالاذوق، متنوع ۽ متغائر مزاج جا
ماڻهو هئا، تنهنڪري پاڻ هر ذوق و شوق، رنگ ۽ ڍنگ ۽
وضع قطع جي ماڻهو سان همخيال ٿي ويندا هئا. يا هن
کي پنهنجو همخيال بڻائي ڇڏيندا هئا، ڇو ته کين هر
موضوع تي وسيع مطالعو ۽ معلومات هئي. کين لکڻ ۽
پڙهڻ سان ته بنهه گهڻو شوق ۽ دلچسپي هوندي هئي.
تحرير و تقرير ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندا هئا. سندن
اميرانه ۽ ساده وضع قطع، قدوقامت ۽ منهن مبارڪ
اهڙو ته پُرڪشش ۽ ان سان گڏ رعبدار به هو. جو
اڻواقف کين پهرين ملاقات ۾ لازمي متڪبر سمجهندو
هو، مگر جيترو به کيس ويجهو ۽ قريب ويندو هو،
اوترو کين اسيريءَ ۾ فقيريءَ ۽ وجاهت ۽ شرافت نظر
ايندي هئي، سندن شيرين ڪلامي ۽ نرم گفتگو کين
گهيري وٺندي هئي، سندن روح رهاڻ اهڙي ته رس ڀري ۽
قرب واري ڪچهري هوندي هئي جو ڇا چئي، ڇا چئجي؟
هر ڪنهن سان هڪجهڙو، هر موضوع تي گفتگو ڦرندي
ايندي، علمي و ادبي بحثن سان گڏ، بزله سنجي، چرچو
ڀوڳ، لطيفه گوئي ۽ نقل نظير به ڪندا ويندا هئا،
ابتدائي پنهنجي ميرن، ٽالپرن ۽ ٻروچن کان ڪندا
هئا، پوءِ ٻين تي ته، ڪا ميار ڪونه هوندي هئي.
بشرطيڪه سندس ڪچهريءَ جا ماڻهو هڪجهڙا هجن يا همه
پلئه ۽ همه پياله هجن، ڪو ڪامورو ڪڙو يا ڪو ٽرڙو
نه هجي، نه ته سندن زود رنجي ۽ خودداريءَ به مشهور
هئي، ڪهڙو به لاٽ صاحب يا حيثيت جو مالڪ هجي، مير
صاحب وڙهندي به اصل نه مڙندو هو.
سياسيات، سماجيات، معاشيات، نباتات، حيوانات، وضع
قطع، تصوف و طريقت ۾ پنهنجي حال و خيال ۽ قلم ۽
ڪال ۾، علم و حلم ۾، ادب و تاريخ ۾، تاريخ جي
تعبير و تفسير ۾، اُن جي مطالعي جو سندن هڪ مخصوص
نقطئه نظر جي علم انساب، علم اقوام، علم آثار، علم
فلڪيات، علم طبعيات، علم بشريات، علم آثار قديمه،
علم منقول و معقول، تاريخي ۽ نيم تاريخي روايات و
حڪايات کي جانچڻ ۽ پرکڻ جو، سنڌ جي مڙني محققن ۽
دانشورن کان هڪ جُدا، نرالو ۽ پنهنجو هڪ منفرد ۽
مثالي زاويه نگاهه هو. جنهنڪري چند قلم پوش ۽ قلم
فروش کانئس تمام گهڻو لهرائيندا ۽ پاسو ڪندا هئا.
خصوصي طرح مير دور جا آثار، قلعا، قبا ۽ واسطيدار
مخصوص ماڻهو ڳولي ڳولي وڃي لڌائون ۽ ان جي معلومات
۽ حفاظت به ڪيائون، انهن جي حال و احوال، ۽ روايات
و حڪايات کي قلمبند به ڪيائون. ميرن جي عسڪري حالت
نو جي اهميت ۽ ماڳن مقامن جو به وڏو ڄاڻو ۽ پارکو
هو.
تڏهن جا هٿيار پنهوار، پوشاڪ، پوتيون، آداب عسڪري،
دربار، راڄ، ڀاڳ سان مير حضرات جا بادشاهي وڃڻ بعد
تعلقات ڪيئن هئا؟ ۽ ڪهڙا رهندا هئا؟ شاديءَ، غمي،
موقع محل، علم و ادب، شاعريءَ ۽ ٻيا ذوق، قاعدا،
قانون، ازين قسم جي معلومات جو وٽن وڏو خزانو هو،
وڏي معلومات ۽ رهاڻ هئي.
مير دور ۾ ٻروچ ڪٿي ڪٿي، ڪهڙا ڪهڙا مقرر ڪيا ويا
هئا، ان جو مختلف قومن جو هڪٻئي سان تعلق، غمي
خوشي، مرڻي پرڻي جون رسمون، انهن مان ڪهڙا اڃان
بچيا آهن؟ انهن سڀن جي وٽن ڄڻ فهرست مرتب ٿيل هئي.
شاباس هئي سندن حاضر دماغي، ۽ ذهن جي چٽائي کي! جو
’فر فر‘ منٽ ۾ پيڙهين جون پيڙهيون ٻڌائي ويندو هو.
مختصر ته، مير دور تي ”اٿارٽي“ هو، سندن علم،
تاريخ سنڌ، تاريخ هند، اسلامي تاريخ ۽ تواريخ
اقوام عالم جو ته، وڏو ڄاڻو ۽ باخبر هو، مير ۽
انگريز، قومون ۽ قبيلا ۽ قبيلائي زندگيءَ جي ڄاڻ
جو شوق ۽ سندن خاص موضوع هو، ۽ اُن تي پورو عبور ۽
پنهنجي مخصوص راءِ رکندا هئا.
دنيا دم گذر آهي، اُن جو ڪيترو ويهي راڳ ڪبو ۽
ويراڳ پرائبو، ان جي لاءِ سنڌ جي ڪنهن سگهڙ بلڪل
صحيح فرمايو آهي:
وئي خاڪ کائي، گهڻن جو مٿو،
اڃان خاڪ جو پيٽ ڀرجي نٿو.
هي خاڪ جوخاڪ سان ۽ پيٽ جو پيٽ سان ازل کان جهيڙو
آهي، جيڪو تاقيامت نبرڻ جو ئي ڪونهي. مير صاحب
مرحوم جا ذڪر والاذڪار ويهي لکجن ته ڪيئي ڪتاب
جُڙي ويندا.
انهيءَ ڪم کي التوا ۾ رکندي، سندن پوين سان، جنهن
۾ مير الحاج احمد خان صاحب، مير شير محمد خان ۽
سندن سڀني ڀائرن ۽ سندس لائق ڀائيٽي ۽ نياڻي مير
صاحب سان معذرت خواه ۽ دعاگو آهيون ته کين باري
تعاليٰ صبر جميل جي توفيق و تلقين عطا فرمائي ۽
مير صاحب مرحوم مغفور کي خلدبرين و جنت الفردوس
عطا فرمائي ۽ سندن پوين کي، سندس علمي ذخيره جي
سانڍڻ جو توفيق ڏئي، جيڪي صاحب، سندس صحيح معنيٰ ۾
باقيات ۽ صالحيات ۾ شمار ٿين، مير صاحب ۽ ٻين
دانشورن جي پسنديده پيغام محبت تي عمل پيرا رهن:
محبت شد، سکون بخشد، دل و جان،
محبت حاصل دنيا و دين است.
سياست ۽ سماجي اُٿي ويٺي، تحريڪِ آزادي، حُريت ۽
عوامي راڄن جا فيصلا ۽ نياءُ نبيرائي سندن گهر جون
شيون هيون، حريت ۽ انگريزن خلاف تحرڪ وٺڻ جي ته
سُتي کين ننڍپڻ ۾ پينگهي کان ئي مليل هئي. ملهه،
همت ۽ شجاعت، حُريت ۽ استقلال جا داستان شيرِ سنڌ
جا به ٻاراتڻ کان ڪن پين، سمجهه ڀري عمر کي رسي،
پنهنجي وڏي ڀاءُ الحاج احمد خان ٽالپر صاحب سان گڏ
سياست جي عملي ميدان ۾ نڪري نروار ٿيو. ٻنهي ڄڻن
سياست ۽ راڄ ڀاڳ ۾ سٺي ساک ۽ چڱو نالو ڪڍيو. عوام
جي ڀرپور خدمت ڪيائون، سنڌگير شهرت جا مالڪ ٿيا ۽
ڏاڍو ڪجهه وقت مقبول رهيا. ٿري سياست تي خصوصي طرح
ڇانيل رهيا لوڪل بورڊ کان ويندي سنڌ اسيمبلي ۽
مغربي پاڪستان جي اسيمبليءَ تائين پهتا. الحاج مير
احمد خان ٽالپر صاحب پوءِ جلد رٽائرڊ ڪري ويو ۽
پوءِ مير محمد بخش خان ٽالپر صاحب جي حوالي سياسي
۽ سماجي ڪم ڪيائون.
اوائل ۾ ٻنهي گڏجي، هر تحريڪ ۾ حصو ورتو، خلافت،
احرار، خاڪسار، هندو مسلمان اتحاد لاءِ ڪافي ڪم
ڪيائون پر جڏهن مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو ته
مسلم ليگ ۾ رهيا، پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏو حصو
ورتائون. مير صاحب ڏهه سال لوڪل بورڊ جو چيئرمين ۽
وائيس چيئرمين ٿي رهيو. مغربي پاڪستان جي
اسيمبليءَ جو به ميمبر چونڊبو آيو. اسيمبليءَ ۾
سردار لُنڊ صاحب ۽ مير صاحب سوالن جا بادشاهه هئا.
اهڙا ته عوام جي مذاق ۽ مفاد وٽان سوال ڪندا هئا،
جو اسيمبليءَ سيشن دوران ضلعي آفيس ڏينهن رات کليل
رهندي هئي وڏي ڌاڪ ۽ هاڪ وارو ميمبر هو. ضدي،
خوددار ۽ ڳالهه مڃائڻ وارو ۽ مڃڻ جو ملوڪ هو. هڪ
بهترين پارليامينٽرين هو، وڏو نالي وارو ماڻهو
ٿئو، بخت کيس ڪونه ڇڏيو.
عوامي، سياسي ۽ ثقافتي ڪمن ۾، زميندارئ هن درويش
صفت مير صاحب صفا وساري ڇڏي؛ پر توڪل وارن کي
تڪليف رب پاڪ ڪونه ٿو ڏئي. هاڻ ٿورن سالن کان ڄڻ
سياسي طرح رٽائرڊ هو. مگر ادبي ۽ ثقافتي ڪمن ۾ زور
شور سان حصو وٺندو آيو. هر علمي و ادبي سيمينار،
مجلس ۽ نشست ۾، صوفيانه ميلي ملاکڙي ۽ اجتماع ۾
شريڪ ٿي، پنهنجي خيالن ۽ مشورن سان نوازيندو هو.
نوجوانن ۽ شاگردن سان ته سندن بنهه گهڻو پيار هو.
ادب ۾ نون لکندڙن، شاعرن اديبن ۽ سگهڙن جي همت
افزائي تمام گهڻي ڪندو هو. مارئي جو ميلو، سندن هڪ
وڏو ثقافتي ڪارنامو آهي. جنهن کي سندن سياسي
مخالفتن، سياسي ميلو چيو آهي، يا چوندا هئا، پر
ميلو لڳائڻ هڪ وڏي همت ۽ جرئت جو ڪم آهي. بر ۾
بازار ڪرڻ، عالمن، اديبن، دانشورن، غريب سگهڙن،
ڀٽن ڀانن ۽ فنڪارن کي ڪوٺي وڃڻ، سندن ئي همت جو ڪم
هو، اڳ جن اديبن، شاعرن اکئين ٿر نه ڏٺو هو، تن به
وڃي ڏٺو. ڏاڍو سٺو رنگ لڳو.
افسوس اهو آهي جو اُتي ڪي اهڙا سنگت وارا پيدا
ڪونه ٿيا، جيڪي وڏو نه، ته به نندڙو ڏينهن ميلي جي
ئي صورت ۾ ملهائيندا رهن ها ته، ميلو اڃا هلي ها.
ٿر، بر ۽ اُن جا ماڻهو، بيباڪ ۽ بي ذوق ۽ وري ميلي
کي سندن مخالفن سياسي رنگ ڏنو. مير صاحب هٿ ڪڍيو ۽
ميلو بند ٿي ويو. نيٺ انسان کي مارئي وانگر وطن
ورڻو آهي، پاڻ پڇاڙي جو ڪاتيارن جي قطب سان بيعت
ڪيائون. ۽ ”الله الله“ ڪندا هئا. تصوف سندن خاص
موضوع گفتگو بنجي ويو، تصوف جي تعليم ته مير صاحب
کي هيڪاري هيرو ڪري ڇڏيو. سڀ مذهبي جهڳڙا، تحزب ۽
تخرب جي مهلڪ ذهني ۽ روحاني مرضن کان بچي ويو.
جسماني ۽ روحاني. هڪ انسان دوست،
صوفي منش ۽ آزاد خيال انسان هو. انسانيت جو همدرد
هو. سندن مخالف ڇا به چون، سندس سياسي خيالن سان
مون کي ۽ ٻين کي به اختلاف ٿي سگهي ٿي. پر سندس هڪ
چڱي گهر جي موچاري ماڻهو کي هڪ انسان چوڻ ڪوبه
ڪلام ڪونهي، بقول غالب ”هر ماڻهو کي به انسان ٿيڻ
۾ گهڻو ڪجهه کپي ٿو.“
آدمی
کو بھی
میسر
نہیں
انسان ہونا۔
آخري
حياتي ذڪر فڪر ۾، تصنيف و تاليف ۾، علمي ادبي ۽
سماجي ڪمن ۾ مصروف رهيا. سندن اولاد لائق آهي،
زمينداري ڪم کان پاڻ پري هن وقت ڪيترن علمي، ادبي،
سماجي، اسلامي ۽ انساني خدمت جي ادارن جا رڪن،
همدرد، وائيس چيئرمين، صدر ٿي هلندا پي آئيا.
صحافت ۽ صحافيانه سندس حيثيت خدمت جو هڪ جُدا باب
آهي. ڪيترن سفيد پوش ماڻهن جي مدد ڪندو هو، پر
ڪفايت ۽ قناعت، سندن مثالي هئي. ڪنهن جو قول آهي
يا حديث ته ”جنهن کي ڪنايت جو علم اچي ويو ۽ ان تي
عمل پيرا ٿيو ته ڄڻ زندگيءَ، تمدن ۽ تهذيب جا سڀ
علم اچي ويس.“
خدا کيس مَرهي خلد آشيان ڪري. آمين
|