سوچ – لوچ
ٽماهي ’مهراڻ‘ جو
جنوري- مارچ 2023ع جو پهريون پرچو ’امداد حُسيني
خاص نمبر‘ ڇپجي اوهان مهربان پڙهندڙن جي هٿن تائين
پهچي چڪو آهي، پرچو اوهان پڙهندڙن کي ڪيئن لڳو؟
خط لکي پنهنجن راين کان ضرور آگاهه ڪندا.
شڪرگذاري: امداد حُسينيءَ خاص نمبر لاءِ بورڊ جي
چيئرمين مخدوم سعيدالزمان
’عاطف‘ ۽ بورڊ جي سيڪريٽري محترمه گلبدن جاويد
مرزا، بورڊ جي ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبر ڊاڪٽر اسد
جمال پلي صاحب ۽ بورڊ جي سمورن اسٽاف ميمبرن سميت
جن وقت تي شايع ڪرڻ لاءِ دلچسپي وٺي پڌرو ڪيو.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ هڪ ڏينهن جي ڪوٺايل تقريب:
ڀيٽا تقريب: سنڌي ادبي بورڊ پاران 14 جولاءِ 2023ع
تي بورڊ جي ’مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ‘
آڊيٽوريم ۾ بورڊ جي اڳوڻن سيڪريٽرين محترم امداد
حُسينيءَ، ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ ۽ بورڊ آف
گورنرس جي ميمبرن سيد شبير شاهه ’هاتف‘ ۽ محترم
عبدالقادر منگيءَ صاحب جي علمي ادبي خدمتن کي ڀيٽا
پيش ڪئي وئي، جن ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر مخدوم
جميل الزمان ’جميل‘ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قابلِ
احترام شخصيتن کي ڀيٽا ڏئي انهن جي خدمتن کي
اُجاگر ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته بورڊ پنهنجي محسنن
کي ڪڏهن به ناهي وساريو. چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ ۾
ڪم ڪندڙ ناميارن شخصيتن کي مقالن ذريعي ڀيٽا پيش
ڪئي وئي آهي. ناليوارن اديبن، محترمه ڊاڪٽر
سحرامداد حُسيني، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، ڊاڪٽر دُرمحمد
پٺاڻ، محترم سرفراز راڄڙ، محترم شهاب الدين صديقي،
محترمه ريحانه نظير، محترم نصير مرزا ۽ محترم
صفوان سيد شبير شاهه ڀيٽا پيش ڪئي.
ڪتابن جي رونمائي:
ٽماهي ’مهراڻ‘ ’سائين امداد حُسيني جو خاص نمبر‘ ۽
بورڊ پاران شايع ٿيل امداد حُسينيءَ جي شاعريءَ جي
ڪتاب ’زرد مٽيءَ‘ جي رونمائي قومي اسيمبليءَ جي
ميمبر مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ جي صدارت، هيٺ ۽
بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘، محترمه
گلبدن جاويد مرزا (سيڪريٽري) ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ
(ميمبر)، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو (ميمبر)، محترم عزيز
فاطمه منگي، محترم سرفراز راڄڙ (ميمبر)، ڊاڪٽر
سحرامداد حُسيني، ڊاڪٽر ڪريم احمد خواجه، ڊاڪٽر
اسد جمال پلي (ميمبر) ۽ محترمه ثمينه ميمڻ (ايڊيٽر
’مهراڻ‘) ڪئي.
اردو- سنڌي مشاعرو:
بورڊ جي هن تقريب ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي تاريخ ۾
پهريون ڀيرو سنڌي اردو مشاعرو ڪوٺايو ويو جنهن ۾
حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ناليوارن اردو ۽
سنڌي شاعرن شرڪت ڪري پنهنجون تخليقون پيش ڪيون ۽
ڀرپور داد حاصل ڪيو. مشاعري جي صدارت محترم سرفراز
راڄڙ صاحب ميمبر بورڊ آف گورنرس ڪئي ۽ محترم نصير
مرزا ميزباني جا فرائض سرانجام ڏنا. هن هڪ ڏينهن
جي ڪوٺايل تقريب وقت سنڌي ادبي بورڊ طرفان بوڪ
اسٽال پڻ لڳايو ويو. سڀني مهمانن کي اجرڪن جا تحفا
ڏنا ويا ۽ چانهه ۽ رات جي ماني پڻ پيش ڪئي وئي،
هيءَ تقريب رات جو 11:00 بجه اختتام پذير ٿي.
جيئن ته ايڊيٽر جي حيثيت سان منهنجي سامهون ”امداد
حُسيني نمبر“ جو وڏو ڪم هو، تنهنڪري ايڊيٽوريل
بورڊ جي ميمبر ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب هن ريگيولر
پرچي (اپريل- جون 2023ع) جو ڪم پنهنجي ذمي کنيو ۽
لڳ ڀڳ مڪمل ڪري ڏنائين، مون کي خوشي ٿي ته مون
امداد حُسيني خاص نمبر جو ڪم مڪمل ڪيو ته هيءُ
پرچو آڻڻ ۾ مون کي دير نه لڳي، اداره ’مهراڻ‘
ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو تهدل شڪرگذار آهي جنهن
تعاون کانسواءِ هيءُ ڪم وقت تي اچڻ ممڪن نه هو.
پَڳهه ڇوڙي پنڌ پيا:
سيد علي مير شاهه:
سيد
علي مير شاهه صاحب سنڌي ادب جو هڪ معتبر ۽ مٿانهون
نالو آهي، پاڻ مشهور ديني، علمي، ادبي، سياسي ۽
سماجي شخصيت هئا، سندن نالو هڪ ماهر زرعي آبادگار
طور به سڄي سنڌ ۾ مقبول هو. 1970ع واري چونڊن ۾
ٽنڊو محمد خان واري سيٽ تان صوبائي اسيمبلي ميمبر
لاءِ حصو پڻ ورتو هئائون، پر ڪامياب نه ٿي سگهيا.
پاڻ سنڌ آبادگار بورڊ تنظيم جو بنياد پڻ وڌائون،
جنهن ۾ آبادگارن جا مسئلا هن فورم تي اُجاگر
ڪيائون.
پاڻ هِن تنظيم جي پليٽ فارم تان ’آبادگار‘ (ديني ۽
زرعي) رسالو پڻ جاري ڪيائون. پاڻ ڪجهه وقت جامعه
عربيه اسڪول ۾ استاد پڻ رهيا. 2000ع ۾ پاڻ سنڌ جي
نگران حڪومت ۾ آبپاشي، پبلڪ هيلٿ سروسز، ورڪس اينڊ
سروسز کاتن ۾ سنڌ جو نگران وزير به رهيو.
پاڻ ڪجهه وقت ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽي صاحب سان گڏ
پڻ ڪم ڪيائون. پاڻ تمام بهترين مقرر هئا. عربي
ادب جو کين وڏو مطالعو هو، پاڪستان سطح تي وڏا
جامع ليڪچر ڏنائون. سيرت صحابه سندن پسند جو موضوع
هو ۽ بلاشبه سندن جوڙ جو ٻيو عالم ۽ مقرر هن موضوع
تي نه هو.
پاڻ محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي کي قائم ڪري وڏا
ادبي اجلاس ۽ مشاعرا پڻ ڪرايائون. سندن تمام گهڻو
علمي ۽ ادبي پورهيو موجود آهي. ٻه ڪتاب: (1) ڏاهپ
جا ڏس ۽ (2) سيرت صحابه شايع ٿيل آهن.
پاڻ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جا به
عالم ۽ شارح هجڻ سان گڏ ڀٽائيءَ جي راڳ جا به ڄاڻو
هئا ۽ وٽن تسلسل سان ڀٽائيءَ جو راڳ پڻ ٿيندو
رهيو. کين سنڌ سرڪار لطيف ايوارڊ پڻ ڏنو آهي.
سيد علي مير شاهه صاحب ڪڙيو گنهور لڳ جوڻا ۾ 10
آڪٽوبر 1934ع تي پيدا ٿيا ۽ 29 ڊسمبر 2022ع تي
وفات ڪيائون. پونئرن ۾ چار فرزند: سيد حسن شاهه،
سيد محمد شاهه، سيد سليمان شاهه ۽ سيد اسد شاهه
ڇڏيا اٿن.
قمر مورائي:
تازو
سنڌي ادب جو گوشائتو ليکڪ قمرالزمان ميمڻ عرف ’قمر
مورائي‘ ولد محمد خان ميمڻ هن جهان کي خيرآباد ڪري
وڃي واصل باالله ٿيو. قمر صاحب جو جنم 12 جولاءِ
1944ع تي موري ۾ ٿيو، پاڻ تعليم بعد مختلف نوڪريون
ڪندي ڪندي 1974ع ۾ اين.اي.ڊي يونيورسٽي مان ڊپٽي
رجسٽرار جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. کين ننڍي هوندي
کان ئي ادبي ذوق دامنگير ٿيو. هن نثر ۾ به لکيو ته
شاعريءَ سان به شغف رهيو. سندن شاعرانه تربيت
’بزمِ طالب
الموليٰ‘ جي مشاعرن ۾ شرڪت سان پڪي پختي ٿي. پاڻ
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا پڻ بنيادي ميمبر هئا.
مختلف سماجي تنظيمن ۾ پڻ ڪم ڪيائون، وٽن گهر ۾ هڪ
ننڍي لئبرري پڻ موجود هئي، گذريل ڪجهه سالن کان
پاڻ ٽماهي ’مهراڻ‘ لاءِ مسلسل شاعري موڪليندا
رهيا، جيڪا شايع ٿيندي رهي. پاڻ 3 فيبروري 2023ع ۾
هن فاني جهان کي الوداع ڪري راهِ رباني جا راهي
ٿيا. سندن شاعريءَ جو ڪافي مواد سندن پونئرن وٽ
اڻڇپيل موجود آهي.
مير
عبدالرحيم المعروف مير حاجن ٽالپر:
مير حاجن ٽالپر ولد مير محمد عثمان ٽالپر 01 نومبر
1970ع تي ڳوٺ حاجي عبدالرحيم ٽالپر لڳ پيرو لاشاري
۾ ڄائو. پاڻ پيشي جي لحاظ کان استاد ھئا. سُگھڙائپ
جي شروعات 15 سالن جي عمر کان ڪئي. مير حاجن
ٽالپر سنڌ جو تمام وڏو ناليوارو سُگهڙ
ھو، جنھن سُگھڙائپ
جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي، ڏھس، ويھس، ڏٺ پرولي،
ڳجھارت، ٽيھه
اکري، سينگار شاعري تي طبع آزمائي ڪئي. ان کان
سواءِ پاڻ غزل ۽ نظم جو به
تمام وڏو شاعر هو. جيڪڏهن ھن کي مولوي حاجي احمد
ملاح ثاني چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. مير حاجن
ٽالپر سادي طبيعت جو مالڪ ھو، پاڻ ھر ڪنھن سان
نھٺائي ۽ نوڙت سان ملندا هئا.
پنجن ڇهن
سالن
کان
گُڙدن
جي تڪليف ۾ مبتلا رهيو. اڄ سنڌ ھڪ تمام وڏي سُگھڙ
۽ شاعر کان محروم ٿي ويئي. سندس وفات 13 اپريل
2023ع بمطابق 22 رمضان المبارڪ 1444ھجريءَ
تي ٿي.
گل حسن ڪلمتي:
تازو
اسان جي سنڌي علم و ادب، تاريخ ۽ آثارِ قديمه جو
ماهر ۽ ڪراچيءَ جي حوالي سان اهم سماجي شخصيت
محترم گل حسن ڪلمتي 17 مئي 2023ع تي وفات ڪري ويو.
سندس ولادت 5 جولاءِ 1957ع تي ٿي. هُو پهريائين
پرائمري استاد ٿيو ۽ بعد ۾ ضلع ڪائونسل ۾ پبلڪ
رليشن آفيسر طور ڪراچيءَ ۾ ملازمت ڪيائون. هُن
ڪراچي جي ڳوٺن ۾ لائبرريون قائم ڪيون ۽ ڪافي
تنظيمن سان گڏ سماجي ڪم ڪيائين. انيس انصاري
اڪيڊمي طرفان لائيف ٽائيم اچيوومينٽ ايوارڊ کين
ڏنو ويو. ’موکي متارن‘ جي ايراضي ۾ ڪونڪر جبل جي
دامن ۾ سندن رهائش ۾ ڪميونٽي سينٽر ۽ سٺي لئبرري
پڻ موجود آهي، پاڻ انهن سڀني سياحن جا ميزبان رهيا
جيڪي ’موکي متارن‘ جي آثارن کي ڏسڻ لاءِ پهتا.
سندن اهم تصنيفاتن ۾: (1) سسئيءَ جي واٽ (2) شيرِ
دريا (3) عشق جون ڳليون (4) برف جو دوزخ (5) ڪراچي
سنڌ جي مارئي (6) ڪالاش (7) ڪراچيءَ جا لافاني
ڪردار (8) سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ (9) ڪراچيءَ جون
رهائشي اسڪيمون شامل ٿيل آهن.
سرور نواز ٻگهيو:
محترم
ڄام نندو عرف سرور نواز ٻگهيو ولد محمد نواز ٻگهيو
خيرپورناٿن شاهه ۾ جنم ورتو ۽ 18 اپريل 2023ع تي
ڪوٽڙيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، هن انگريزي ادب ۾
ايم.اي پاس ڪئي. هن وڪالت به ڪئي ته استاد پڻ
رهيو. هُن پنهنجي زندگي جا آخري سال ڪوٽڙي ۾
گذاريا. هُو سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙيءَ جو سرگرم رُڪن
هو ۽ ڪافي ڀيرا سنگت ڪوٽڙيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهيو.
علم ادب جو ڪوڏيو هو، شاعريءَ سان گهڻو شغف
رکيائين. سندس ست ڪتاب شايع ٿيل آهن. ڪوٽڙي ۽
حيدرآباد خواه ڄام شوري جي ادبي مجلسن ۾ اڪثر
موجود هوندو هو، کيس ”شهباز ايوارڊ“ ۽ سنگت طرفان
”علي بابا“ ايوارڊ پڻ مليا. هُو سٺو شاعر هو. سنڌي
ادبي سنگت کان علاوه بزمِ روح رهاڻ، رهبر ادبي
سوسائٽي (راس)، استاد بخاري ادبي فورم ۽ سنڌ ڪلچرل
فورم سان لاڳاپيل رهيو. سندس 7 ڪتاب شايع ٿيل آهن.
بامروت ۽ بافضيلت شخص هو، کيس مقامي قبرستان ۾ دفن
ڪيو ويو آهي، الله پاڪ کيس اڳئين جهان ۾ خوش ۽
آباد رکي.
سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين، سيڪريٽري، ايڊيٽورل
بورڊ ۽ ٽماهي ’مهراڻ‘ جو سمورو سٿ هنن اهلِ قلم
صاحبن جي وڇوڙي تي سندن خاندانن سان غم ۾ شريڪ آهي
۽ دعاڳو آهي ته الله پاڪ مرحومين کي جنت ۾ جايون
عطا فرمائي (آمين)
حرف آخر:
اداره ’مهراڻ‘ پنهنجي سمورن لکندڙن ۽ پڙهندڙن جو
نهايت گهڻو شڪرگذار آهي ۽ مستقبل ۾ اها اُميد ڪجي
ٿي ته سندن تعاون ۽ محبتون قائم رهنديون.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر ’مهراڻ‘
دريا خان جي سنڌي شاعري فڪر جي گهرائي ۽ خيال جي
سچائي جي ڪري سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي سونهن آهي.
سندس سادي پر مٿانهين خيال واري ڪافي ” آءٌ ڪانگا
ڪر ڳالهه“، جڏهن ڀڳت ڪنور جي سريلي آلاپ ۾ ٻڌجي ٿي
ته سوچ جي اونهائيءَ ۾ وڃي من پِريان جي پار پهچي
ٿو.
سنڌي سرائڪي ٻئي ٻوليون پاڻ ۾ جاڙيون ڀينر آهن.
سنڌ ۾جتي سنڌيءَ کي وڏي چاهه سان ڳالهايو، پڙهيو ۽
لکيو وڃي ٿو، اُتي سرائڪي به مانَ محبت لائق سمجهي
وڃي ٿي، خاص ڪري سرائڪي ڪلام ته ڄڻ سڀني جي ساهه
سان سانڍيل ٿو رهي.
دريا خان سنڌيءَ سان گڏ سرائڪيءَ کي به پنهنجي
شاعريءَ وسيلي نپايو ۽ نوازيو آهي. مجلسي زندگي
جنهن پيار، محبت، علم عقيدت، عقل فضيلت ۽ فڪر
هدايت جي راز نياز سان سينگاري وڃي ٿي، تنهن ۾
هتان جو غريب، امير ڀاڱي ڀائيوار رهي ٿو. هر ڪنهن
وٽ پنهنجي وت آهر اها رنگيني ڏٺي ويندي آهي؛ ڇاڪاڻ
ته اُن جي وسيلي دوستي ۽ وفاداري سان گڏ سماجي خير
خواهي، شادي غمي، ڪسي پڪي وغيره جي ڇيڙي نبيري
ٿيندي رهي ٿي. هي ڄڻ هڪڙي قسم جي تهذيبي تربيت جو
باعثبڻجي ٿي. هتي سنڌي سرائڪي جي نه فقط شاعري بلڪ
ٽوٽڪا، ٽوڻا ۽ ٻيا ٽاڻا به پيا هلندا آهن، جنهنڪري
مجلسي زندگي هيڪاري وڌيڪ دلچسپ ۽ ضروري لڳندي آهي.
دريا خان جنهن محبت سان سنڌي زبان کي پنهنجي فڪر
۽ خيال جو خزانو بڻايو آهي، اُتي سرائڪيءَ کي به
چڱو سرمايو عطا ڪيو اٿائين......
-”نياز“ همايوني
[”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه- فقير دريا خان جو ڪلام“،
مقدمو: ص 31- 32]
ميان سرفراز ڪلهوڙو
(1751 - 1777)
*
بسم الله، محمد شاهه، ڪر پناهه، پرين تون،
منجهه درگاهه، ڪيم آهه، مٿي راهه رسين مون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون،
آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻج تون،
پسي پاڻ، ڪرم سان، ڏکيا ڏان ڏئين مون،
ڀلا ڄام......
”يڪسبون“، ڪم زبون، ڪيم خون، خطائون،
ميٽي ڏوهه، پناهه توهه، ڪر بخش عطائون،
ڀلا ڄام......
’سرفراز‘ کي اداس، آهي آس اوهان ڏون،
راءِ راس، بند خلاص، خوبي خاص، ڏئين مون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
*
مولوي الله بخش ”اٻوجهو“
(1847 – 1901ع)
ڪلام
صلح سانت سان جي سڀئي گڏ گذاريو،
انهيءَ ڳالهه ۾ جي سچي سمجهه ڌاريو،
نمين ننگ وطني اوهين جي نهاريو،
انهيءَ ڳالهه کي غور سان جي ويچاريو،
ته ڪهڙو نه سُک ٿي پوي سڀ ڪنهين کي،
ٿئي سنڌ ڪشمير وطني ٻنهين کي.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
سيّد قطب علي شاهه ”قطب“
(1814 – 1910ع)
ڪلام
جبل جهاڳيندو وت، مانَ ٻاروچي کي ٻاجهه پوي.
آڏا ڏونگر، لڪيون، سائين ڏيندو ست.
وندر جي به وڻن ۾، پاڻ رکندو پت.
چرخو ڀڃي ڪر ٽڪريون، ڪانڌ بنا نا ڪت.
”قطب“ پير پنهونءَ جو، نئي نهارج نت.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
خليفو ڇُٽو درس
(1338هه – 1275هه)
*
فڪر فرحي رمز رندان، صحيح سُڃاڻن سالڪ ٿا.
تڙي تڪبر ڪڍيئون ڪاهي، اصل وڏائي نانگن ناهي،
عشق الاهي ان کي آهي، ساميڙا سي سرت سبحان.
واصل حق سان آهن ويراڳي، صورت تن سڃاتي ساڳي،
رام ريجهايو جاڳي، جلن جلالي منجهه جولان.
جوڳين پنهنجي جان جلائي، دل ۾ درد جي دونهين
دکائي،
حاصل حق جي ڪري ڪمائي، نانگا نڪري ٿيا نيشان.
چار عناصر ملت وارا، پارس پنج ئي سيد سونهارا،
ٻارهن ٻيا به اله جا يارا“، صحيح سڃاڻج سي سلطان.
(ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ مصنف: عبدالڪريم’ڪريم‘ پلي)
مولانا محمد عثمان ’قراني‘
(1355هه – 1226هه)
*
جت نبي هرهڪ ڪندو، نفسي نفسي جي پڪار،
اُت گنهگارن جون ضامن ۽ شفاعت دار تون.
سڀ نڌڻڪن جو ڌڻي ۽ سڀ عليلن جي شفا،
سڀ انڌن جو تون سهائو، مُطلع الانوار تون.
بي وسيلن جو وسيلو، گمراهن جو رهنما،
هٿ جهلي اڳتي اڪارج، سڀ اڙين آڌار تون.
”في يدي ڪانت لواءِ الحمد“، ايڏو ٿيو عروج،
ڪنهن نه حاصل تو سوا، سڀ ڏيهه جو ڏاتار تون.
يا عظيم الخلق، ناهي، تو سوا ٻي ڪا پناهه،
ڪل هوت هيبت جي مهل، تارين اچي ڪا تار تون.
ڏينهن محشر ماڳ ۾، ماڙهو مڙئي مِڙندا جتي،
اُت ’قِراني‘ کي تون ڪامل، مِل مٺا منٺار تون.
(ڪتاب: ’مهراڻي جا مور‘ مصنف: معمور يوسفاڻي)
*
حاجي احمد مجذوب ’دل‘
(1966ع – 1997ع)
*
وسي آب اوتون، ڪري ٿو ابر مان،
ڪئي پلر پالوٽ، ڪاري ڪڪر مان.
ڀريون مينهن ڀرپور، تليون ترايون،
ڀري دلڙا آيون، پنوهاريون پلر مان.
ڪئي بوند برسي، بهاري ڀٽن تي،
اٺي جي اچي ٿي، ٿڌي هير ٿر مان!
ڦلاريا آهن ڦوڳ، ٻهڪي آ ٻاٽي،
عطر جي اچي ٿي، عُمر بوءِ بر مان!
گولاڙن ڪيا گُل، پيا ٻُوهه ٻهڪن،
کٿوريءَ جي خوشبو، اچي جهنگ جهر مان.
وٺو ملڪ ’مجذوب‘، ٿيون سرهيون سنگهاريون،
ڪڍي ڇڏ عمر تون، نماڻي نير مان.
(ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ مصنف: عبدالڪريم’ڪريم‘ پلي)
نواب الهداد خان لغاري ”صوفي
(1823 – 1882ع)
ڪلام
جنهنجو خيال دل تي تنهن جي ٿو ڳالهه ڳايان،
هر وقت هر گهڙي ۾ سو فڪر ٿو پچايان.
”موتوا قبل انت موتوا“ آهي تنهن سندو اشارو،
غازي ٿي هن غزا کئون ڪيئن پير پٺ تي پايان.
دنيا جي دوستي ۽ عقبيٰ جي اعتراضي،
مشڪل ته باهه پاڻي رلمل ڪري رلايان.
جنهن نفس ڪيو پريشان، تنهنجون ته هي مرادون،
ڪپڙا چڱا هنڍايان چوکو ڪِين کاڄ کايان.
”صوفي“ اميد رکجي، آهي دوست ڏنو دلاسو،
”لاتقنطوا“ تي تڪيو رحمت رفيق ڀايان.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
گل محمد رند
(وفات: 1310هه)
*
وڌايو ورهه کي ويڄن، نڪو ٿا فيض ڪن ڦيڻا!
برهه جو باز ٻولائي، چنبن ۾ دل ويو چائي،
ڦٽيو ڦاڙيو ڪپيو کائي، تڏهن ٿياسون جهڄي جهيڻا.
مٺي محبوب جا مرڪي، ڏني آ سوز جي سرڪي،
طبيبن جا ٻُڪي ٻرڪي، ٻڪيءَ تنهن ساڻ ٿيا ٻيڻا.
سڻي منهنجو عرض آزي، کلي ٿيو ’رند‘ تي راضي،
ڀڳي دشمن سندي بازي، هڻي سي خر ڪيئين هيڻا.
(ڪتاب: ’مهراڻي جا مور‘ مصنف: معمور يوسفاڻي)
مرزا دوست محمّد بيگ ”دوست“
(1862 – 1920ع)
ڪلام
هجر ۾ محبوب جي جند جان ڳاريو ڳاريان،
آرزوئي وصل ۾ ڳوڙها آءٌ هاريو هاريان.
منهنجي قسمت ۾ لکيو جو مالڪِ تقدير آهه،
ڪير ٻيو پاري سوا منهنجي آءٌ پاريو پاريان.
جي اچي منهنجي اڱڻ ۾ پيرڙا پائي پرين
نقشِ پاءِ يار تان سر ساه واريو واريان،
هيڪڙائي هٿ ڪري آءٌ ٻَنِ ٻيائي کي ڏيان،
آءٌ بيگاني يار ڌاران ٻيو نه ڌاري ڌاريان.
رات مرڪي مون کي چو دلدار منهنجي، منهنجا ”دوست“
آءٌ ته تو جهڙا سوين عاشق ساريو ساريان.
(ڪتاب: ’دُرِناياب عرف يادِ رفتگان‘ مصنف: مخدوم
طالب الموليٰ)
*
مظهرالدين ’مظهر‘ تونيه
(1942ع – 1999ع)
ڪافي
مون کي مارن سان ملائي، اها جدائي ڪيئن باب ۾ بڻي!
مون
کي مارن جون ڳالهيون ڳارن ٿيون، سدا سڪ انهيءَ ۾
ساڙن ٿيون،
رويو اکيون تن لاءِ تاڻن ٿيون، آيو عمر آهي مون کي
زوري کڻي.
دل ۾ پنوهارن جي تار اٿم، شاهي شان سان نه پيار
اٿم،
ڏاڍو
ڏکن جو سر تي بار اٿم، ڪئي قسمت مون سان جاڙ گهڻي.
’مظهر‘
ڳري ويو آهي ماس هڏن، بچيو نه ڪوئي آهي خون بدن،
’تنيه‘ روئي وهائي ٿو نير اکين، هاڻي کٽي قسمت
جيئن قادر کي وڻي!
(ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ مصنف: عبدالڪريم’ڪريم‘ پلي)
حاجي فقير پلي
(1733 - 1813)
*
ساراهيان سچو ڌڻي، جو ڪل تي آهي قدير،
ٻيو سوجهرو سنسار جو، مرسل ماهه منير،
ضامن ضعيفن جو آهي، دلبر دستگير،
اوکي ۾ اڙين کي، اچي ڏيندو سيد سڌير،
هيڻن جو ”حاجي“ چئي، آهي آسرو امير،
اندر منجهه اُڪير، آهي آري ڄام جي.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
عبدالمطلب ’مطلب‘ خاصخيلي
(وفات 2009- 12- 23)
غزل
ڇا طبابت ڪن، طبيبا برهه جي بيمار جي،
ريءَ پرين ناهي ٻڪي ٻي عشق جي آزار جي.
لا دوا آهي جهان ۾، مرض محبت جو ميان،
ڇا ٻڌايان مان حقيقت عشق جي اسرار جي.
درد منهنجي جي دوا دلدار جو ديدار آ،
آرزو دل ۾ سدا دلدار جي ديدار جي.
ٿو سڪان ساريان هنجون هاريان هجر ۾ هِت هميشه،
من اندر ’مطلب‘ محبت آ مِٺي منٺار جي.
(ڪتاب: ’مهراڻي جا مور‘ مصنف: معمور يوسفاڻي)
*
محمد يونس جليل سرورري
(1932ع – 2016ع)
*
هجر ۾ محبوب جي جند جان ڳاريو ڳاريان،
عشق وارا ٿا پڙهن بس الف جو هڪڙو اکر،
زير جي ناهي ضرورت ۽ نڪا گهرجي زبر.
سور واري ساز جي سر سوز ۾ سرها سدا،
پور پرين جا پچائن پاڻ ۾ چارئي پهر.
مئي محبت جي پين ۽ مست محبت ۾ مدام،
رند رندي رمز جي رازن کان آهن باخبر.
عيش عشرت عيب آهي عاشقن لئه اصل کان،
ورهه وارا واپرائن ٿا ورهه وارو وکر.
پار پرين جي پڄڻ لئه پرت وارا پنڌ پيا،
سوز جي سيني سان گڏ سامين کنيو سانڍي ثمر.
قربداري جي قريبن جي ڪرين حال ’جليل‘،
ڪات سان ڪنڌڙو ڪپي تون قرب تان قربان ڪر.
(ڪتاب: ’وڻجارن وايون‘ مصنف: عبدالڪريم’ڪريم‘ پلي)
*
ڀڳت رامچندر
(1851 - 1765)
*
ڪلمو وڏي قرب مان، پائي ويٺو ڀر،
اها راهه رامچندر چئي، آهي پيغمبريءَ پر،
گروءَ سندو گهر، آهي اندر جي اوطاق ۾.
*
ڪلمي سڀ ڪڪوريا، خواجه، نبي ۽ شاهه،
لڳن رنگ ’رامچندر‘ چئي، اندر ٿيا اجها،
ڀڃي سڀئي ڀاءَ، نسورو ئي نور ٿيا.
(ڪتاب: ’مهراڻي جا مور‘ مصنف: معمور يوسفاڻي)
*
انور پيرزادو
(1945ع – 2007ع)
*
ڇو ته لفظ ۽ جملا
سوچان ٿو
تصوير جُڙي نه سگهندي
ڇو ته لفظ ۽ جملا.....
ايڏا پيڙهيل ناهن
جيڏا منهنجي ڳوٺ جا
ماڻهو آهن
لفظ ڪنهن رئندڙ ٻار جي
اک مان ٽِمندڙ ڳوڙها ناهن
ليڪا آهن
خالي ليڪا آهن....!
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار سيال)
*
نظر لاکائي
(1956ع – 2007ع)
غزل
مان ڪين هوندس، منهنجا بيت هوندا،
هي سنڌ هوندي، هي گيت هوندا.
منهنجا گيت ڪافيون، غزل ۽ ڏوهيڙا،
جهنگن ۾ جهونگارڻ وارا ڪي ته هوندا.
جنين ساڻ جيون گڏجي مون گهاريو،
مون کان پوءِ منهنجا سڄڻ سي ته هوندا.
حياتي پڄاڻا، ڪندؤ ياد ڇا ٿيو؟
مٿان مڻ مٽيءَ جا قبر جي ته هوندا.
پراون جو ڪوئي ’نظر‘ ڏوهه ناهي،
زخم پنهنجن جا دل تي ته هوندا.
(ڪتاب: ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘چونڊ: ذوالفقار
سيال) |