سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2023ع

باب:

صفحو:13 

 لوڪ ادب

لال ملوڪ کرڙ اوڏ

عمرڪوٽ

 

 

سڻيهل ۽ بينجهو (لوڪ داستان)

راجپوتانا جي علائقي ۾ هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جنهن وٽ هڪ چارڻ رهندو هو، هن چارڻ جو ڪم هو راجا سان گڏ اُٿڻ ويهڻ، امل وغيره راجا کي هٿ سان ڏيڻ مطلب ته تمام وفادار نوڪر ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ هُو چارڻ گذاري ويو، هن کي هڪ پٽ هو جنهن جو نالو بينجهو هو. بينجهو ننڍو ڇوڪرو هو. ٿورن ڏينهن ۾ مزدوريءَ تي بيهڻ لاءِ ڳوٺ ۾ ماڻهن کي چوڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته هن جو پيءُ موالي هو، تنهن نشن ۾ گهر خالي ڪري ڇڏيو هو، ڳوٺ جي ماڻهن گڏجي هن کي گابن ۾ ڌنار رکيو.

هيڏانهن وري راجا وٽ ٻيا نوڪر چاڪر رهڻ لڳا، راجا کي امل وغيره ڳاريو ڏين، پر راجا کي نشو ٿئي ئي نه هڪڙي ڏينهن راجا خيال ڪيو ته منهنجي پراڻي نوڪر جي پُٽ بينجهي کي گهرائي هن جي هٿن جو امل وٺجي ته من نشا ٿين. اُنهي ڏينهن ڪنهن نوڪر کي حڪم ڪيو ته وڃ بينجهو گابن ۾ بيٺو آهي هن کي وٺي اچ راجائي حڪم موجب نوڪر بينجهو وٽ ويو ۽ بينجهو کي وٺي راجا وٽ آيو، راجا بينجهو کي حڪم ڪيو ته تون مون کي امل ڳاري ڏي من تنهنجي هٿ جو ڏنل امل اُڳي. تنهن تي ويچاري بينجهي جيئن تيئن امل ڳاري راجا کي ڏنو، امل ڳارڻ راجا جي رهاڻ ۾ ويهڻ بينجهو ڇا ڄاڻي هن بچپن کان ئي گابا چارڻ شروع ڪيا هئا.

وارتائن جا وير اهڙي نموني ڳالهه ڪندا آهن، ٿوري دير کان پوءِ راجا کي نشن جا اَلوٽ چڙهي ويا، راجا ڏاڍو خوش ٿيو ۽ بينجهي کي گابا ڇڏائي پاڻ وٽ حاضري نوڪر ڪري رکيائين.

سدا نه سنگ سهيليان، سدا نه راجا ديس،

سدا نه جڳ ۾ جيوڻا، سدا نه ڪالا ڪيس.

قدرت منهنجي مالڪ جي ٿورن گهڻن ڏينهن کانپوءِ راجا رهاڻيون رس ملڪ جا مزا ماڻي پرلوڪ پڌاريو، وڃي سرڳ جا سک ماڻيائين.

’لڇمڻ سوني جهوپڙي‘ جي مصداق هاڻي راجا جو پُٽ بينجهي جي وفاداري ۽ سچائي سڃاڻي نه سگهيو تنهنڪري بينجهو راجائي دربار ڇڏي گهر اچي ويٺو؟

راجائي رهاڻن جا مزا ماڻيل سو گهر سک نه پيو اچي، امل جو ٻانڌاڻي به زور ٿي ويو هو، سو پيو ٻين راجائن جا اوتارا نهاري ۽ ميئان پيو نپوڙي، ميئان چئبو آهي ڪپهه جي ڪپڙي کي جنهن مان امل ڇاڻبو آهي. اُنهن جو رس پيو چوسي. اُنهيءَ ڳوٺ جي چارڻن گڏجي خيال ڪيو ته بينجهي جي هاڻي ڪٿي شادي ڪرائجي، سو ڪنهن گنات وٽ ويا وڃي بينجهي جي ڪچي شادي ڪري آيا. جنهن کي مڱڻي به چئبو آهي.

وينجهو موالي سو گهر ۾ ملڪيت به ڪونهي رڳو نشي جي ڌُن ۾ لڳل هو، ڳوٺ جي چارڻن بينجهي کي چيو ته هاڻي اسين تنهنجي ويهانءَ جا ڏينهن به چٽا ڪري آيا آهيون باقي ڏهه ڏينهن آهن.

بينجهي سوچيو ته مون وٽ خرچ آهي ڪونه جو شادي ڪجي ڇو نه وڃي ڪا اهڙي ڳالهه ڪجي جو شادي درهم برهم ٿي وڃي ۽ اُنهن تي شادي لکائي جو ڏنڊ وٺجي ۽ وڃي امل ڪجن، سو ٻي ڏينهن ٺهي سنڀري پنهنجن سهرن ڏانهن روانو ٿيو، هلندي هلندي وڃي منزل کي ويجهو پيو موسم وسڪاري جي هجي، بينجهي جا سهرا ويچارا مارو ماڻهو هجن، علائقو به ريگستاني هجي، مينهن به زور وُٺا هجن. ٻاجهري به جهار تي هجي، ڇاهيون ۽ گدريون به جام نڪتيون هجن.

اُنهيءَ گس تي بينجهي جي سوهري جو کيت هجي جيڪو گس بينجهو وٺيو پي ويو هن جا نشا لٿل هجن، ڪابه سرت نه هجي وڃي اُنهي کيت ۾ پيو؟ ڪهاڻين جا ڪويسر هن نموني ڳالهه ڪندا آهن ته هن کيت جي جهار بينجهي جي مڱ اُڏائي رهي هئي. جنهن پنهنجي ٻنيءَ ۾ اوپرو ماڻهو ڏٺو، نڪتو به ڪيڏانهن ڪونه سو پيرا کڻي پويان لڳي، ڇا وڃي ڏسي ته هڪ ڇاهين ڀڳي آهي اُنهي تي ويٺو جهيرون کائي. ويچاري کي ڪهڙي خبر ته هي ڪو مڱيتو آهي، سو ٻانهن مان جهلي پيهي هيٺ وٺي آئي. جنهن پيهي تي چڙهي هُوءَ جهار اُڏائيندي هئي، پوءِ هن کي سٺي ڇاهين پنهنجي هٿ سان ڀڃي ڏنائين ۽ پڇيائين ته تون ڪير آهين، ڪيڏانهن ٿو وڃين، هتي ڪهڙي ڪم سان آيو آهين، هن جواب ۾ چيو ته آءٌ چارڻ آهيان منهنجو نالو بينجهو آهي هن ڳوٺ ۾ منهنجي شادي ڪچي ڪيل آهي اُها لکائي هن جي عيوض ڌن وٺي وڃي امل پورو ڪندس تنهن تي هن سوچيو ته شايد هي بينجهو موالي منهنجو مڱيتو آهي جو سهيليون مون کي روز چونديون آهن ته تنهنجو مڙس موالي آهي. سو هن کي پيهي هيٺ ويهاري هن کي چوڻ لڳي ته تنهنجي مڱ منهنجي سوٽ آهي، آءٌ هينئر گهر وڃان ٿي تون اِتي ويهه توکي ڌن آڻي ڏيان ٿي ڀلي وڃي امل کاءُ، ائين چئي هُوءَ پنهنجي گهر رواني ٿي، وڃي پنهنجي ماءُ کي چيائين ته منهنجو مڱيتو بينجهو پنهنجي کيت ۾ آيو آهي، مٿان ڪيل احوال سڄو ڪري ٻڌايائين. اِهو ٻڌي بينجهي جي سَسَ تمام وياڪل ٿي ويئي، ٿوري دير کان پوءِ ڪجهه ڌن ۽ سير جيترو امل ڳوٺ مان ڇڏائي ڪجهه ڌن ۽ سير جيترو امل ڳوٺ مان ڇڏائي سندس ڌيءَ کي ڏنائين ۽ چيائين ته هن کي ڏيئي اُتان پوئتي روانو ڪر، متان ڳوٺ ۾ چوپچا ٿئي، سو ويچاري امل ۽ پئسا کڻي کيت تي آئي امل ڳاري هن کي ڏنو ۽ پئسا به ڏنا هن کي باقي امل ڏيئي روانو ڪرڻ مهل چيائين ته هاڻ خبر ڏي ڪير آهين. ڪيڏانهن ٿو وڃين هتي ڪهڙي ڪم آيو آهين، اُنهي مهل نشي ۾ پُر هجي سو چيائين ته توکي مون اڳي ٻڌايو آهي ته بينجهو منهنجو نالو آهي، چارڻ ذات جو آهيان، اُٺ وڃايو اٿم تنهن جي ڳولا ۾ آهيان، تنهن تي هن ڇوڪري جنهن جو نالو پارتي هو سا هن جي مڱ به هئي تنهن چيو ته تون شادي ٽوڙڻ آيو هئين هاڻ وري ڇا ٿو چوين، تنهن تي هن چيو ته ڪيل شاديون هندو رواج موجب مرڻ گهڙي تائين به ٽوڙبيون ڪونه آهن، اهڙو وچن منهنجي اڳيان نه ڳالهاءِ ائين چئي رمندو رهيو، ٿورن گهڻن ڏينهن پنهنجي ڳوٺ آيو. ڳوٺاڻا اڳيئي ڄڃ جي تياري ۾ هئا سو هن کي ڏسي شادي جو سانباهو ڪيائون.

ٻي ڏينهن تي ڄڃ رواني ڪيائون ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڄڃ گناتن جي ڳوٺ پهتي ڳوٺ وارا ڄاڃين کي سامهان آيا پاڻ ۾ ملي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خوشيون ملهائڻ لڳا.

هندو ڌرم مطابق شادي جون رسمون و رواج شروع ڪيا ٻي رات جو چونئري ڦيرا ڏيرايا ويا، خيرن جي شادي سماپت ٿي ڄڃ واپس رواني ٿي، منزلون ماڻيندي اچي واپس ڳوٺ پهتي، موالي جون سڄي ڳوٺ کي رهاڻ ۽ رسائي جون دعوتون شروع ٿي ويون.

ڏيج ته پارتي جي پيارن مائٽن تمام گهڻو ڏنو هو، پر هي روز رهاڻيون اوتارا ۽ امل اٺئي پهر الوٽ. کاڌي خرار ختم ٿي وڃن ويٺا شينهن بک مرن، ٿورن گهڻن ڏينهن وڃي بنا ڪنهن ڌنڌي جي چنئوري جو در بچيو. اُهو ڏينهن به گذري ويو اچي شام ٿي بينجهي پارتيءَ کي چيو ته اڄ رات جو مون کي چنئوري جو در ڪڍي ڏي، ته وڪڻي صبح جو رهاڻ ڪيون، جيڪڏهن رهاڻ نه ڪئي ته منهنجو ساهه نڪري ويندو.

اُنهي تي پارتي جواب ڏنو ته سڀاڻي ڇا وڪڻندين، هل ته منهنجي مائٽن هلون منهنجو پيءُ شاهوڪار آهي اُتان ججهو ڌن وٺي اَچون پوءِ ويٺو ڪي ڏينهن رهاڻيون ڪر.

اِهو ٻڌي وينجهو تمام خوش ٿيو، ڪجهه رات گذرڻ کان پوءِ پارتي کي چيائين ته هلو هلو توهان جي مائٽن، سو سنڀري سنجهي سهڙڻ جي ڪيائون.

رات سڄي هلڻ ۾ گذري ويئي صبح ٿيڻ تي پارتيءَ جي مائٽن جا جهوپڙا ويجها ڏسڻ ۾ آيا ۽ پارتي چوڻ لڳي ته هيءُ منهنجي مائٽن جا آهن تنهن تي هن سوچيو ته هي منهنجي ساهورن جا گهر آهن ۽ آءٌ پهريون دفعو وڃان ٿو، اڳي ٻيهندي تي به آيو ڪونه آهيان سو مون کي رهاڻ به ڪرڻي آهي.

پارتي کان پڇڻ لڳو ته تو وٽ ڪجهه پئسا آهن مون کي رهاڻ ڪرڻي آهي. پارتي جواب ڏنو ته مون وٽ تو ڇا ڇڏيو آهي جو وري گهرين ٿو. اهو پارتي جو جواب ٻڌي هن چيو ته تون هاڻي ڀلي تنهنجي مائٽن وڃ پنهنجي هاڻ موڪلاڻي آهي، هاڻ گڏ سرگ ۾ ٿينداسون. تنهن تي پارتي چيو ته تون ائين نه ڪر مون جيئري کي ڇڏي نه وڃ، ”بس جوڳي رمتا ڀلا“ بينجهو واپس روانو ٿي ويو. هيڏانهن هُوءَ ڀڳي پنهنجي مائٽن ڏانهن، مائٽن کي چيائين ته منهنجو پتي مون کي اڪيلي ڇڏيو ٿو وڃي ۽ وڃڻ مهل چيائين ته هاڻ سرگ ۾ ڀيڙا ٿينداسون، ويچارا ماروئڙا پارتي جا مائٽ اُٺن گهوڙن تي چڙهي پويان لڳا.

هيڏانهن بينجهو ڊوڙندو ڊڪندو پي ويو، امل به ڪونه هو نشا به لٿل هئا، واٽ تي هڪ زبردست نانگ ننڊ ۾ ستل ڏٺائين، سو وڃي نانگ ۾ هٿ وڌا. نانگ کي جهلي قابو ڪيائين نانگ هن کي ڏنگ به هنيو، ڏنگ هڻڻ تي هن کي امل جا نشا به ٿي ويا، وارتائن جا وير اهڙي نموني چوندا آهن نانگ جي ڦيڻ ۾ امل جو عنصر آهي، سو هن کي نشا ٿي ويا ”مرڻ بجاءِ.“ هيڏانهن پٺيان اُٺن ۽ گهوڙن وارا هن جا ڪي سالا ڪي سهرا اچي پهتا، جنهن ڏانهن نانگ کڻي وري سو ڪنواٽ ڪڏائيندووڃي ڀڄندو. وري جنهن ڏانهن وري سوڪميت ڪڏائيندو وڃي ڀڄندو. اهڙي طرح هن سڀني کي واپس ورائي ڇڏيو ۽ پاڻ راهه وٺي نانگ سوڌو رمندو رهيو.

جتي نشو لهي اُتي وري نانگ کان چَڪ هڻائي ته وري نشن ۾ الوٽ ٿيو پوي، پر جتي نانگ چَڪَ هڻي اُتي ڪوهڙ (ڪوڙهه) ٿيو پوي، ائين ٿيندي ٿيندي نيٺ سڄو بدن گند ٿي ويو، سڄي جسم مان جتان ڪٿان گند وهڻ شروع ٿي ويو. هاڻ ڪوبه روزگار جو طريقو ڪونهي، هڪ ناريلي هٿ ڪيائين جيڪا هٿ ۾ جهليو. پنندو وتي، ڪٿان اَٽو ملي، ڪٿان داڻا ملن، ڪٿان ناڻو ملي. پنندو پنندو هڪڙي چارڻن جي وڏي ڳوٺ ۾ اچي پيو هر گهر سدائون هڻندو هڻندو نيٺ هڪڙي شاهوڪار چارڻ جي گهر اڳيان اچي سدا هنئين. ايتري ۾ هڪ ٻيو ويدي به اچي نڪتو، ويدي چئبو آهي جيڪو ويد جي ڄاڻڻ وارو هجي، هن کي پڙهي هر نموني جي خبر ڏي. ويدي کي ڏسي اُنهي چارڻ جي وڏ ڪنوار ڌيءَ ۽ هن جون ست سهيليون گڏجي ويدي وٽ آيون، هن کي چوڻ لڳيون ته ويدي ويد کولي ٻڌاءِ ته هن شاهوڪار چارڻ جي ڌيءَ مها سندري سڻيهل جو ليک ڪنهن سان آهي.

ويدي جواب ۾ چيو ته مون کان ليک جو نه پڇو، ليک لکيو هوندو آهي پاڻهين ٿي ويندو. مون کي رب جي نالي خيرات ڏيو ته وٺي ٻي در وڃان تنهن تي سڻيهل جي سهيلين چيو ته ادا ليک ۾ ڪاوڙ ڪونه ڪبي، جيڪو هجي سو ٻڌاءِ ويدي مجبور ٿي ويد کوليو، ويد نهاري سوچي ويچاري چوڻ لڳو ته ليک ۾ ڪاوڙ ڪونهي.

هاڻي ٻڌو ته اوهان کي ٻڌايان هن مها سندري سڻيهل جو ليک هن بينجهي سان آهي جيڪو ويدي کان اڳ سدا هنيون بيٺو هو.  اهو ٻڌي هنن کي تمام گهڻي ڪاوڙ ٿي، سڀني گڏجي بينجهي تي حملو ڪيو، سڻيهل هن کي ٻانهن مان جهلي وٺي کڻي اُڇليو، ويچارو ڪوهڙ جو مريض اڳيئي هيڻي حال هو، سو وڃي مال جي واڙي منجهه ڪِريو. ناريلي به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي اڳيين ڳوٺ مان گهُريل داڻا به هارجي ويا، نانگ کي به ڏاڍو ڌڪ آيو، جيڪو هن جي چادر ۾ ٻڌل هو، وري به ستن سهيلين سان گڏجي ويچاري بينجهي کي ڌڪ هڻڻ لڳيون ۽ سڻيهل پنهنجي پيءُ کي به ٻڌايو، تنهن پپر جي وڻ هيٺان ٻڌي اُڇلائي ڇڏيو. هُو غريب رڙيون ڪندو رهيو، ايتري ۾ ڪو ڳوٺاڻو پهتو تنهن قياس ڪري ويچاري کي کولي روانو ڪيو. جڏهن هيءُ ڳوٺ مان نڪري ٻاهر روانو ٿيو ڇا کڻي ڏسي ته هڪ ڪالڪا ديوي جو مندر هن ڳوٺ جي ٻهراڙي ۾ ڀرسان آهي. اُتي جي ڌنارن کان پڇي پوري خبر لڌي جنهن هن کي پڪ ڏني ته هي ڪالڪا ديوي جو مندر آهي. سچي دل سان جيڪو ڏکويل هجي سو هُن کي ياد ڪري هو هن جا ڪم پورا ڪندي جيڪي گهرندو سو ملندو، اهو ٻڌي ڊُڪندو ڊوڙندو وڃي ڪالڪا ديوي جي شرن پيو دل جي گهراين سان ورلاپ ڪرڻ لڳو. ورلاپ ڪندي ڪندي ڪجهه دير کان پوءِ ڪالڪا ديوي مٿس راضي ٿي، اڳيان اچي پڇڻ لڳي گهُر جيڪي گهُرڻو هجي انهي تي بينجهي وراڻي ڏني ته مون کي وَچن ڏيو ٽينوار ڪالڪا ديوي هن کي وَچن ڏنو تڏهن بينجهي چيو ته پهرين گهران ٿو منهنجو جسم سڄو ڪنچن ٿي وڃي تمام مهاسندر بَنجي ڪالڪا ديوي ڪجهه گُرو منتر پڙهي شوڪاريو ته بلڪل ڪنچن ديهي ۽ مها سندر ٿي ويو ٻيو گهران ٿو منهنجي شادي سڻيهل سان ٿئي ۽ پورا چار ڦيرا هن سان ڦران، ٽيون گهران ٿو مون کي اهڙي ڪا شيءِ ڏيو جيڪا مون وٽ هجڻ سان مون کي پورو جڳ نمي؟

ڪالڪا ديوي اهو ٻڌي جادو منتر، گرو منتر پڙهي خدا کي ٻاڏائڻ لڳي خدا هن جي ٻُڌي، ڪالڪا ديوي بينجهي کي چيو ائين ٿيندو، ائين چئي الوپ ٿي ويئي.

بينجهي نانگ کي ڇوڙي اُتي ڇڏيو پاڻ اباڻي ڳوٺ روانو ٿيو. الوپ ٿيڻ مهل بينجهي کي بين ڏني هئي ۽ چيائين ته بين وڄائڻ سان انسان ته ٺهيو پر جهنگ جا جانور به جهڪي پوندا.

جڏهن هي پنهنجي اباڻي ڳوٺ پهتو تڏهن وڃي بين وڄائڻ لڳو. بين جو آواز اهڙو پيارو مٺو، من موهيندڙ جيڪو جتي سو تتي ٻُڌڻ سان سڀڪو حيران ٿيو پوي؟ ٿورن گهڻن ڏينهن هيٺين هوا بين جا من موهيندڙ آواز سڻيهل جي ڳوٺ سڻيهل جي ڪنان پيا بين ٻڌي سڻيهل پڇا ڪرڻ شروع ڪئي هي بين ڪير وڄائي ٿو، تنهن تي ڪنهن ڳوٺاڻي چيو ته بينجهي نالي هڪ چارڻ آهي، جيڪو ’گئوواڙ‘ ڳوٺ جو رهاڪو آهي.

گئوواڙ ڳوٺ نالو اُنهي ڪري پيو هو جو بينجهو ننڍي هوندي ڳئون چاريندو هو، هندي ٻولي ۾ ڳئون چارڻ واري کي گنوار يا گئوواڙ چوندا آهن. تڏهن هن کي يادگيري آئي ته ويدي منهنجو ليک بينجهي سان ڪيوهو، اُهو شايد بينجهو هي آهي. سو اندر اندر پڇائون ڪرڻ لڳي، ٿورن ڏينهن ۾ پتو لڳي ويو ته بينجهي جهڙا مهاسندر نئوجوان ملڪ ۾ ڪي ٿورا هوندا. اهو ٻڌي هن پڪو ارادو ڪيو هن بينجهي سان شادي ڪندس. بينجهي کي اڳي ڳالهيون ياد هيون، هاڻ سڻيهل ۽ بينجهي جي شادي لاءِ مانگا روانا ٿيا، هلندي هلندي نيٺ ڪچي شادي ٿي آخر پڪي شادي جا ڏينهن چِٽا ٿيا؟

بينجهو پنهنجي ڳوٺان ڄڃ وٺي سڻيهل جي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو، ڄڃ هلندي منزلون ماڻيندي نيٺ سڻيهل جي ڳوٺ پهتي، سامهان پَڙ ڄاڃي خوشي سان مليا ڏاڍا سوڻ ساٺ ۽ ريتون رسمون ٿيون. ٻيءَ رات چنوري جي ٿي هٿوڙيو جوڙايو ويو. هٿوڙيو جوڙائڻ معنيٰ ڪنوار جي هٿ گهوٽ جي هٿ ۾ جهلائڻ، انهيءَ کي مرڻ جيئڻ جو وچن يا ٻڌن چئبو آهي. هڪ ٻي سان پوري حياتي سچائي ۽ وفاداري سان نڀائڻ. ڪنوار گهوٽ حوالي ڪرڻ، پوءِ هندو ڌرم مطابق چنوري جا ڦيرا شروع، چنوري جا ڦيرا چار هوندا آهن، بينجهي ٽي ڦيرا چنوري جا ڦِريا، چوٿون ڦيرو ڪونه ڦريو، هٿ ڇڏي ٻاهر بيهي رهيو، سڻيهل چنوري منجهه هئي اُتي عجب کائي بينجهي کي چوڻ لڳي:

”جانيڙا آوتا ڏيک ڪي مانڏيئڙا هس مڙيا،

چنوري ڦرتي تنا ڪيسا ٻاڻ باهيا.“

سڻيهل چيو ته ڄاڃي ايندا ڏسي پڙ ڄاڃي ڏاڍا خوش ٿيا پاڻ ۾ ڀاڪر پائي مليا، چنوري جا ڦيرا ڦرندي توکي ڪهڙو ٻاڻ لڳو، جو منهنجو هٿ ڇڏي چنوري مان ٻاهر هليو وئين. تنهنتي وري بينجهو چوڻ لڳو:

”سڻيهل او ڏِن چِتارَجو بالَم هٻيڙيو باڙَ،

ناريڙي ٽڪڙا چار ڪَڻ چگي گئين چڻڪلين.“

چوي ٿو اُهو ڏينهن ياد آهي مون کي ٻانهن مان جهلي واڙ ۾ اُڇليو هو، ناريڙي به ڀڳي هئي ۽ داڻا جهرڪيون کائي ويون.“ ناريڙي ناريل مان ٺهندي آهي پراڻي زماني ۾ ناريڙي ٿانو جو ڪم ڏيندي هئي.

وري بينجهو چوي ٿو:

مارَڻ نان مست هئي ساتان سهيليان ري ساٿ،

پيپڙ هيٺان پَدمڻي مين هئي هئي جوڙيا هاٿَ.

چوي ٿو ته مون کي مارڻ لاءِ ستن سهيلين سان گڏجي مستي ۾ اچي وئي هئين، پپر جي وڻ هيٺيان مون هٿ ٻڌي رڙيون ڪري جند ڇڏائي هئي.

وري بينجهو چوي ٿو:

ٻانڌي ٿاري ٻاپَ پيپڙَ هيٺان مِنا پاڙيو،

بينجهو هون آپ اگوڻو بير باڙيو.

وري چوي ٿو ته تنهنجي پيءُ پپر هيٺان ٻڌي مون کي اُڇلي ڇڏيو هو، آءٌ اهو ساڳيو آهيان، پنهنجو بدلو ورتو اٿم ۽ اها ڏي وَٺ ٿيندي رهي تان جو سورج شاخون ڪڍيون.

صبح ٿيڻ تي بينجهو پنهنجي ڄڃ وٺي واپس روانو ٿيو، ٿورن گهڻن ڏينهن واپس پهتو:

”جان تِلَ ڪورا ڀَلا جان پيڙهائي، ڪَڍجي تيل،

اَڌي گهاٻري ڏونا ٿوڪان سين جا.“

يان ته تِر ڪورا ڀلا يا منجها تيل ڪڍائجي، اڌا گهاٻرا ٻنهي ڪمن کان ويا مطلب ته چئن چنوري جي ڦيرن کان سواءِ نڪاح نٿو ٿي سگهي، هن ٽي ڦيرا کاڌا ها، تنهنڪري سڻيهل نه پرڻي نه ڪنواري هئي.

هاڻ ڪئين نياپا ڪئين قاصد بينجهي ڏانهن موڪليندي رهي، پر بينجهي جواب ۾ چوائي موڪليو ته:

”اي نَدِيان اي نيٻڙيان اي گواڙئي روگام،

سڻيهل ٿي گهڻو چِتار سو نر بينجهي رو نام.“

چوي ٿو ته هي نديون ۽ هن جي ڪپن تي سهڻا نمن جا وڻ ۽ ڳئووار جو ڳوٺ سڻيهل هاڻ تون نر بينجهو گهڻو ياد ڪندئين، بهرحال قاصد ۽ نياپا سڻيهل جا هلندي رهيا.

هڪڙي ڏينهن سنڌ جا سوداگر گجرات مان ڍڳا سودي واپس سنڌ آيا ٿي جڏهن سڻيهل جي گهر جي ڀر ڏيئي مٽيا تڏهن سڻيهل ڏسي اُنهن سوداگرن کي چوڻ لڳي ته توهان سنڌ ويندا انهن وراڻي ڏني ته: اسين سوداگر آهيون مال سنڌ ڪاهيو ٿا وڃون، سڻيهل چيو ته منهنجو نياپو کڻيو وڃي بينجهي کي ڏجو، هاڻ ٿي نياپو ڏي، ڇا ڪچهري ٻڌي:

”سنڌڙي ران سوداگر سڻيهل ران سيڻا،

بينجهي آگڙ باچجو روڙي بِد بيڻا.“

چوي ٿي سنڌ جا سوداگر بينجهي جي وطن جا منهنجا سيڻ آهيو، بينجهي کي چئجو ته سڻيهل چڱي ڀلي ويٺي تنهنجي يادگيري ڪري ۽ توکي به خوش چڱا ڀلا چئي موڪليو اهي، مون کي وٺي وڃ؟

ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ روهَه ولايت مان ڪونجون ولر ڪريو سنڌ ڏانهن پي آيون، جڏهن سڻيهل جي گهر مٿان مٽيون اُنهيءَ وقت سڻيهل گهر مان ڪچرو کڻي ٻاهر اُڇلائڻ ٿي ويئي، ڪونجن جو ولر ڏسي سڻيهل سوچيو ته هي ڪونجون سنڌ وڃن ٿيون، انهن کي نياپو ڏيان من بينجهي کي ڏين، سو هاڻ ٿي ڪونجن کي نياپو ڏي؟

”اُتر اُڦراٽيا، ڏکڻ سامهڙيا،

سڻيهل سندا سنڏيسا ڪَهجو ڪونجڙيا.“

ڪونجن کي چيو ته اتر ڏس کان اُڏامي ڏکڻ ڏانهن وڃڻ واريون ڪونجون، منهنجو هي نياپو وڃي بينجهي کي ڏجو. اهو ٻڌي ڪونجون هيٺ لهي آيون ۽ سڻيهل کي چوڻ لڳيون:

”مانَکَ هُوان تو مي ڪهان مي اَهان ڪونجهڙيا،

سڻيهل سندا سنڏيسا لِکَ ڏيو پانکڙيا.“

ڪونجون چوڻ لڳيون ته انسان هجون ته اسين چئون، اسين آهيون ڪونجون پکي تنهنجو نياپو اسان جي کنڀن تي لکي ڏي، اسين پَرَ پکيڙي بينجهي جي اڳيان وڃي بيهنديون سين پاڻ پڙهي ڏسندو.

سڻيهل ڪجهه ٻول ڪونجن جي کنڀن تي لکي موڪليا ۽ ڪونجون اُڏاڻيون وڃي بينجهي جي ڳوٺ ”گواڙئي“ تي لٿيون، پر پکيڙي بينجهي اڳيان بيٺيون، بينجهي ڏسي چيو ته: ”سوڍا اُها سيم هر وهندي ڦِٽي ڪئي.“ اُنهيءَ کان پوءِ جيئن جيئن جدائي وڌندي ويئي تيئن تيئن وِرهه وڌندو ويو. تان جو وڃي سڻيهل ”هيماڙي“ ڳرڻ لاءِ رواني ٿي، ”هيماڙو“ هڪ پاڻي جو تلاءُ جنهن ۾ ونهجڻ ڻ سان جسم سڄو ڳري ويندو آهي. هڏا به ختم ٿي ويندا. سڻيهل جيئڻ کان مرڻ بهتر سمجهيو، هيماڙي رواني ٿي جيڪا واٽ بينجهي جي گهرن جي ڀر ڏيئي مٽندي هئي:

”جوار پڪي آڀو هئا من چڙهيو ماڙي،

اڃا بينجهاڙيل نه بڙيو هل هنئان هيماڙي.“

سو سڻيهل ٺهي سنڀري اُتان اچي نڪتي، واٽ تي هڪ ٻڪرار گڏيو جيڪو بينجهي جي ڳوٺ کان ڪجهه مفاصلو پري ٻڪريون چاري رهيو هو، هن جو اهڙي مهاسندري ڏٺي سو اڳ کان ڦِري آيو ۽ چوڻ لڳو ته مون کي امان جي دعا ڪيل آهي، ته توکي جهنگ ۾ ڪنوار ملندي، سو تون ملي آهين، هلي ٻڪرين کي ليڙا ڏي اُهو ٻڌي سڻيهل سوچيو ته مڙس ڪو کوٽو ۽ چريو آهي، ماڻس جي ڏٽي تي ٻڪريون پيو چاري.

سو هن کي چيائين ته تون به سچو تنهنجي ماءُ به سچي پر هاڻ هينئن ڪر هي جيڪو ڳوٺ ڏسين پيو انهيءَ ڳوٺ ۾ وڃ بينجهي نالي هڪ چارڻ آهي تنهن کي چئي اچ ته سڻيهل ”هيماڙي“ ڳرڻ پئي وڃي، آءٌ ٻڪرين ۾ بيٺي آهيان، سگهو اچ ته پوءِ تنهنجي ڳوٺ هلون، اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، سو وٺي جُتي هٿ ۾ کڻي وٺي کڻي ڀڳو سڻيهل ٻڪريون ڇڏي رواني ٿي ويئي، هيماڙي، ٻڪريون ڪنهن هاري جي ٻنيءَ ۾ پيون تنهن ڪاهي ڍڪ ۾ ڏنيون.

هيڏانهن هو بينجهي کي چئي واپس اچي ڏسي ته نڪي عورت نڪي ٻڪريون سو پيرا کڻي ٻڪرين جي پويان لڳو. وڃي ڍڪ ۾ ڇڏائين، هيڏانهن سڻيهل ٿورو اڳتي هلي ڇا ڏسي ته تونٻڙ نالي هڪ ڀِٽ تنهن ۾ ٻاوري جو اهڙيون ڪامون سهڻيون ۽ سٺيون بيٺيون آهن جو هنن کي ڏسي سڻيهل دل ۾ سوچيو ته آءٌ ٻاوري ٿيان ها ته به سٺو هو، ڇو جو بينجهو اُٺ ۽ گهوڙا ڪاهڻ لاءِ ڪام وڍي هٿ ۾ کڻي ها، هن جا هٿ مون کي لڳن ها آءٌ هن جي هٿن جي سونهن هجان ها، چوڻ لڳي:

”من ڪهي ٻاوَري هئا تونٻڙ ري ٿڙيئي

بينجهاڻل بادِي ڪانٻڙين ڪڙت آگڙيئي.“

ائين چئي اڳتي وڌي، ڳوٺ ۾ وڏو بڙ ڏسڻ ۾ آيو، وري چوي ٿي:

”من ڪهي بڙلو هئا اُگتي واٽڙيئي،

بيجهاڻل ڪري بڇامڻا بڙتي ڇانوڙيئي.“

مطلب ته آءٌ بينجهي جي اوٽي تي جي بڙ ٿيان ها ته هو منهنجي ڇانوَ جيڏاهن وري ها تيڏاهن پيو کٽون سيري ها، ائين چئي هو اڳتي هلڻ لڳي، وري دل جا سور دل ۾ نه ماپڻ لڳا، تڏهن چوڻ لڳي:

اونديان او نينٻڙيان او گواڙئي رو گام،

ايهي سڻيهل رو ساسرو مانهنجي هينئڙي پهتي نه هام.

هونديون هونمن جي وڻن جون قطارو هُو بينجهي جو ڳوٺ سڻيهل جي سهورن جو آهي.

منهنجي هئين جي هام به رهجي ويئي، سڀ آسرا پَلي روئي رواني ٿي.

هاڻ سڌو روخ ڪيائين هيماڙي ڏانهن نياپو بينجهي کي به پهتل هو، تنهن اُٺ تي پلاڻ ٻڌي وٺي کڻي اُٺ کي ڪاهيائين سو وڃي هيماڙي پهتو، اُٺ پاسي کان لِڪائي ٻڌي ڇڏيائين. هيماڙي جي گهيڙ تي بين ڇڏي پاڻ لِڪي ويٺو، ڏسان ته سڻيهل هيماڙي ۾ ڍري ٿي يا نه، ڪجهه دير کان پوءِ سڻيهل به اچي پهتي، سڌو هلي آئي گهيڙ تي جان کڻي ڏسي ته بينجهي جي بين پئي آهي، هن بين ڏسي بينجهي کي سمڌو ته بينجهي متان منهنجي جدائي جي آگ سهي نه سگهيو هجي، متان هيماڙي ڳري ويو هجي، سو پاڻ به ڪپ تي بيهي پنهنجيون آڱريون ۽ ڪَرايون ڏسي هنن کي پاراتو ٿي ڏي ته:

”ڪيڪو برڻيان ڪڙايان ارگت بَهي آگڙيان،

بينجهي گڙ نه لاگين ٻڙ جو ٻانهڙيا.“

مطلب ته سچي ڪيسر جي رنگ جهڙيون ڪرايون ٻانهن جون ۽ سنهيون ليهون، آڱرين جون اُنهن جو ڀاڪر بينجهي جي ڪنڌ ۾ نه پيو، اُنهن کي چيو ته اوهين شل ٻري خاڪ ٿيو، ائين چئي هيماڙي ۾ گهِڙي پيئي گوڏي جيڏي پاڻيءَ ۾ ويئي ٻانهون به اندر وڌائين، ايتري ۾ بينجهو ظاهر ٿي چوڻ لڳو ته هاڻ نڪري اچ ته ڳوٺ هلون، تڏهن جواب ڏيڻ لڳي:

”آڌي ۾ آڌو رهيو، آڌو گڙيو گات،

هيتاڙو همين گهري جائو، هئي هئي مسڙي هاٿ.“

مطلب اڌ جسم ڳري ويو باقي اڌ کڻي گهر هلي ڪهڙا هٿ ملينداسون.

بينجهي جواب ۾ چيو:

”سڻيهل هال گهري مين پنگڙا ڌڻ پاڙسان،

ڪاٻَٺَ ڪانڌ ڪري جونا ڏيو جوار سان.“

چوي ٿو سڻيهل هاڻ تون گهر هل آءُ تو پنگلي کي پاريندس هڪ ڪواٽي ٺهرائي جهونا ديوَ ديوتا جتي آهن اُتي وٺي وڃي زيارت ڪرائيندس، من تون مالڪ ڪري چڱي ڀلي ٿي وڃين. واراتن جا وير هن طريقي چوندا آهن، سڻيهل ٻاهر نڪري آئي بينجهي کڻي وڃي اُٺ تي ويهاري؟ جنهن جو گوڏن ۽ ٺونٺين تائين ماس ڳري ويو تنهن کي سور جا ڪاڙهه هوندا، سو اُٺ تي به ويهي نه سگهي، بينجهي اُٺ اُٿاريو ٿوري دير ۾ گواڙئي جي ڳوٺ پهتو، مٿان رات پيئي سور ٻارڻ ٻاري ڏنا. رڙيون ڪندي رات وهامي ويئي پرهه سيلهو هنيو بيجهي اُٺ تي سٺي نموني پلاڻ ٻڌو، سڻيهل کي کڻي وڃي اُٺ تي ويهاريو ۽ اُٺ اُٿاريو ۽ چيائين اُتي هلي جهيڪ ڪر جتي ڪالڪا جو ٿانَ آهي پوءِ ته اُٺ ويرون واهي ڇڏيون، واءَ گڏ ڳالهيون ڪندو سورج ڪَني مس ڪڍي اُٺ اچي ڪالڪا ديوي جي مندر تي پهتو.

بينجهو اُٺ کي جهيڪي سڻيهل کي پُٺن تي کڻي ڪالڪا ديوي جي مندر ۾ ڍَري سڏ ڪرڻ لڳو، ڪالڪا ديوي- ڪالڪا ديوي- ڪالڪا ديوي سڏن جي آواز تي اچي پهتي ۽ چوڻ لڳي گهُر جيڪي گهُرڻو هجي تنهن تي بينجهي چيو ته تنهنجي وچن مطابق سڻيهل کان منهنجو چوٿون ڦيرو رهيل آهي. سڻيهل هٿين پيرين پنگلي ٿيو ويٺي آهي، وڃين اڳيان لاٿائين، هاڻ تنهنجو وچن پورو ڪر، ڪالڪا ديوي ايشور کي ياد ڪري ڪجهه گرومنتر ڪجهه جادو منتر پڙهي شوڪاريو سڻيهل جي ديهي ڪنچن ٿي ويئي، ڄڻ ته ٻارهن ورهين جي ڇوڪري بنجي پئي، مهاسندر اڳيئي گهڻي هئي، مٿان ڪالڪا ديوي سينگاري ڇڏيو، پوءِ چوٿون ڦيرو اُتي ڪالڪا ديوي جي مندر جي ٿلهي تي کاڌائون، پوءِ اُٺ تي روانا ٿيا، ڪالڪا ديوي الوپ ٿي ويئي هاڻ خوشين جا کوڙ ڪپڙن ۾ نه پيا ماپن. سالن جا وڇڙيل جوڙو گڏجي خوشيون ملهائيندو ڳوٺ پهتو، ڳوٺ سارو خوشين ۾ نه پيو ماپي، ڪئين مبارڪون ۽ واڌايون مليون.

سڻيهل ۽ بينجهي هاڻ گواڙئي جي ڳوٺ ۾ رهي سک سنپتي جو وقت گذارڻ لڳا. هڪ ڏينهن سڻيهل کي ڳوٺ جي سهيلين ٻڌايو ته ادي بينجهو اڳي هڪ زال پارتي نالي پرڻيو هو، هن کي به مائٽن ۾ ڇڏي آيو آهي، سڻيهل اِهي خبرون سهيلين جون ٻڌي بينجهي کي چيو ته جيڪا اڳي تنهنجي زال هئي هن کي وٺي اچ، هوءَ منهنجي وڏي ڀيڻ آهي اُنهي کان سواءِ منهنجي نه سرندي سڄي رات اِهو قصو ڪيائون، نيٺ خير جو سڄ ڪَني ڪڍي بينجهي ڳالهه قبول ڪري اُٿي گهوڙي تي سنج ٻڌا، ڪميت ڪڏائيندو سهوراڻي راڄ ڏانهن روانو ٿيو، مٿان سرامڻ ٽيج جهڙو پرب هو. ڳوٺ جي هڪ جيڏين سهيلين ڳوٺ کان ٻاهر بيٺل هڪ بڙ مان لوڏون ٻڌيون، سهيليون سڀ اچي گڏ ٿيون، پر پارتيءَ کي به ڪوٺي آيون، ٻيون سڀ ڪپڙي لٽي نه پي ماپيون. پارتي پراڻي جوڙي ۾ اچي نماڻي ٿي بيٺي. سڀني مان سهڻي بااخلاق ۽ وڏي هئي ٻيو ته مڙس جو وڇوڙو به هو تنهن ڪري سڀني پهرين لوڏ لڏڻ لاءِ پارتيءَ کي صلاحيو پارتي پهرين انڪار ڪيو پر نيٺ نيڻ نماڻا پُسائي لوڏ لڏڻ لاءِ لوڏ تي چڙهي اچي سهيلين لوڏا ڏنا، جڏهن لوڏ مَتي تڏهن هن جي مٿي تان ”ساڙون“ وائلو لهي ويو، هن جا وار لوڏ جي واري سان پَٽَ کي پي لڳا، اُنهي موقعي تي بينجهو به گهوڙي سوار اُتي پهتو گهوڙو جهلي هن مهاسندري جي وارن جا وارا ڏسڻ لڳو، جڏهن پارتي لوڏا لوڏ جا کائي هيٺ لٿي تڏهن بينجهو چوڻ لڳو:

”بَڙ بَڙ لاڻي هينڏ تي سر بِلاڻي ڪيس،

ٻيجين سڀ سرنگي ڪپڙي تون ڪيون ميلي بيس.“

هن چيو ته بڙ تي لوڏون کائڻ ۽ وڏن وارن واري مها سندري ٻين سڀني کي نوان ڪپڙا آهن توکي پراڻو وڳو ڇو آهي هن جواب ۾ چيو:

”آڏا ڏونگر بَنَ گهڻو پتي وَسي پرديس، هيڪلو آوي نه سگهي اِس وِڌَ ميلي بيس.“

مطلب ته منهنجو مڙس پرديس ڌرتي تي آهي، ڏونگر ۽ بن آڏو آهي اڪيلو اچي نٿو سگهي، هن جي جدائي ۾ هيڻي حال آهيان، تنهن تي بينجهو هن کي چوڻ لڳو:

”آگ لڳي اُڻ ڏونگري بيج کِري اُڻ ڏيس،

اَوَران سين چت ڌرو سينگا ڪرليو بيس.“

مطلب ته اُنهن ڏونگرن کي باهه لڳي مٿان ڪا کِنوڻ ڪِري تون ڌارين سان پيار ڪر ۽ سٺا ڪپڙا ڍَڪَ تنهن تي وري بينجهي کي پارتي جواب ۾ ٿي چوي:

”تارا منڏڙ ڊَهَه پَڙي ڌرتي ڌال نه هو،

اَوَران سين چِتَ ڌَران دنيا ڪَڙَ اُٿل هو.“

مطلب ته ڌارين سان مون قرب ڪيو ته تارا آسمان سڀ ڪِري پوندا ۽ ڌرتي تي اَناج نه ٿيندو ۽ ڌرتي ڌُٻي اُٿلي پوندي، اهو ٻڌي لاجواب ٿي اڳتي ڳوٺ ۾ ڍريو پڇائيندو پڇائيندو وڃي سهورن جي گهر پهتو، گهوڙو ٻڌجي ويو داڻو پاڻي ملي ويا، بينجهي جو آڌار مان ڪرڻ شروع ٿيا، مطلب سهوراڻيون ريتون رسمون ٿيڻ لڳيون، بينجهي ۽ پارتي هڪ ٻي کي سڃاتو ڪونه هو، بينجهو اڃان ويچار ۾ هو ايتري ۾ پارتي به گهر آئي، هن بينجهي ۽ گهوڙي کي ڏسي سوچيو ته هي بڙ وارو ساڳيو آهي، هتي ڪيئن آيو آهي. سو پنهنجي ڀاڄائي کان پڇڻ لڳي ته هي ڪير آهي، هتي ڪيئن آيو آهي، تنهن تي هن جواب ڏنو تنهنجو مڙس بينجهو آهي، توکي ڇڏي ويو هو، هاڻ توکي وٺڻ آيو آهي.

بس پوءِ ته خوشين ۾ نه پئي ماپي؟ بينجهو ڪجهه ڏينهن اُتي رهي سرامڻ ٽيج ڪري پوءِ سهورن کان موڪلائي پارتي گڏ وٺي واپس روانو ٿيو، منزلون ماڻيندو واپس پهتو. سڻيهل ۽ پارتي پاڻ ۾ ملي ڏاڍيون خوش ٿيون، بينجهي جا سڀ مطلب پورا ٿيا ۽ هو ٽيئي گڏجي سنڀالڻ لڳا.

تن ترسيا من مڙيا ڏک به ڏور ٿيا،

سڄڻ پاڻو پاڻ ۾ کِلي کير ٿيا.

 

 

 

 

بيت

 

نوريءَ جا نياز، ڪينجهر ڏٺا ڪالهه هئا،

اُنهيءَ جي انداز، موهيا مور ملوڪڙا.

نوريءَ جا نياز، ڪينجهر ۾ ڪالهه هئا،

اُنهيءَ جي آواز، چُميا تماچي تَڙَ کڻي.

ڪينجهر ۾ ڪالهه، هُيون تنوارون تماچيئين،

اڄ جي ماري ڳالهه، ويرانو واڪا ڪريو.

ڪينجهر ۾ ڪال، ملاحن مکيون مڪڙيون،

نوريءَ جي نيازَ کي موهيو ڪنهن نه مال،

اڄ جو پَسيو حال، رڙيون ٿو روح ڪري.

ڪينجهر توتي ڪَک، ڪوڙن ڪانئيرن جا،

جا تو پسي رَک، سا مانگر مور نه ڀانئيان.

ڪينجهر تي ڪيهون، ته ڪوڙا ڪانيئرا آئيا،

جن جلائي پنهنجي جيءَ کي جوکَمَ جلائيا،

جنين گُڻ گنوائيا، تن ئي ڪينجهر ڪنو ڪيو.

ٻُڌي ڀَل ڀلير، ڪينجهر تنهنجي ڪالهه هئي،

نه ملاحن، مڪڙيون، نه ڪي وير وزير،

نه تماچي تڙ ڌڻي، نه نوريءَ جو ته نظير،

نه گلبدن گجريون، نه کلون نه کير،

هڪيون ناهن ’حبيب‘ چوي، سهڻيون ڪي سُڌير،

نڪا ناوڪ نيهن جي نڪي جيءَ سندي جهير،

نقل ٿي نَخچير، تڏهن ڪينجهر پيو ڪنو ٿئي.

ڪينجهر جو جَل اَجل، ڪالهه ڏٺو هيئي ڪاپڙي،

اڄ اُهو اَمل، اَلاءِ ويو اُڏاري.

نه ڪينجهر جا ڪَنول نه نوريءَ جا ته نيازَ،

گندرين گُداز، ويو ويچارين وِسري.

وئي ويچارين وسري، پاٻوڙا پوشاڪ،

نه گند انهن جي گوڏ ۾، نه سي تڙ خوراڪ،

نه حيرت حسن جي نه ئي هاڪ و هاڪ،

لِڪا ڀوڻن لوڪ ۾ اڳوڻا عُشاق،

اڄ پڻ چڪيم چاڪ، ڪويڄن جي ڪُريت جا.

ڪينجهر ساڻ ڪُريت، ڪئي ڪانئيرن اچي،

جن ڇاڇر ۾ ڇڙيون هڻي، پاڻي ڪيو پليت،

ڪونهي سونهون سچ جو، جو چوي سچ سُچيت،

هَنج ويچارا هليا ويا، سُپت ڀريا سُپيت،

پکين ڇني پريت، هليا اڏامي اوهري.

ويا اڏامي اوهري ڇَن پَٽ ڇڏيائون،

ٻگهن پڻ ٻاڪاريو ته هليا هُتائون،

اُنهان پوءِ آءٌ، چُڻان ڪهڙيءَ چُنهب سان.

چڻان ڪهڙيءَ چُنهب سين اَن ڀٽارو آئون،

هنجن سواءِ ’حبيب‘ چوي درد ونديون دانهون،

سهڻا سُئائو، ڪينجهر ۾ ڪالهه هئا.

ڪينجهر ۾ ڪالهه هئا، هنج ويچارا هاڻ،

رهيا هِتِ ڪا راتڙي، اٿن ڪي اهڃاڻ،

محبتي مهماڻ، ڪينجهر ۾ ڪالهه هئا.

ڪينجهر ڪالهه ڇڏي ويا، اُڏامي اوهري،

نوريءَ جي نياز کي گوندر ۾ ويا گڏي،

هاڻي هن هڏي، ’حافظ‘ پيو حيران ٿئي.

حافظ پيو حيران ٿئي، پسي ڪينجهر ڪاڻ،

ڄام جهڙا ڄامڙا، هت ماڻهو ٿيا مَهاڻ،

پاڻ پَڏائين پاڻ، بودَلا بهرامَ جا.

نه سي تڙ نوريئن نه ڄام ۽ ڄاموٽ،

هاڻي اُنهين ڀيڻئين، نيلم پوائنٽ ڪجئين نوٽ،

ٻيڙين، بتيلن بدران بيٺا اٿئي بوٽ،

اٺئي پهر اَلوٽ، اُڀا عاشق جيوڙا.

اُڀا عاشق جيوڙا، جنين گُر نڪي پير،

نه مزا مهراڻ جا نڪي ٿڌڙي هير،

ڪينجهر سر ڪوماڻيو، ڪيو آلودگيءَ اسير،

جهڙس نه هو جڳ ۾، نوريءَ جيئن نظير،

هاڻي هڻي حمير، سُپيون پولارَ ۾.

ڪينجهر ڪيڏارو، ڪُڇي پئي ڪُريت جو،

وَهي وڪامجي ويو، جَر سندس سارو،

هاڻي اچي اوچتو ڪو حامي هزارو،

جيئن بنجي سهارو، هڪيو اچي ’حبيب‘ چئي.

”لِ ڪَڻين“ ڪينجهر منجهان موڪلائي وئي مَيءِ،

هاڻي هلي پئي ’حبيب‘ چئي، ٻولي سندي ٻي،

اصل ويو لڏي، دانهون ڏيان در ڪنهن جي؟

ٻارهين ڪوهين ٻوليون بدلجن پيون ڀليون،

ڪينجهر جي ڪمال جون ڪي جاني هيون جُهليون،

اکيون بي پَليون، رهن ڪين ريهاڻ کان.

ª


 

فقير احمد چانڊيو (1960-1898ع)

سانوري- ڪنري

سسئي جا بيت

هلج هاڙهي سامهين، ڪري سڪ ثمر،

”احمد“ چئي عجيب لئي، ٿڪي ٿيلج ٿر،

ڪونهي ڪميڻيءَ جو، ڪو ڏيهن تي ڏمر،

مٿي مارڳ مر، ته ڪوهيارو ڪانڌي ٿئي.

مٽي نڪو مائٽي، سنڱ نه سياڪو،

نه ڪا چاڙهي چئو درو، نه ڏونگر کي ڏاڪو،

لُوهي لوءَ لڪن تي، وڌم وراڪو،

اتي آلاڪو، اٿم آريءَ ڄام جو.

مٺيون کائن ملڪ ۾، ڏکيون ڏيهاڻي،

وندر جي واٽن تي، پرڀ نه ڪو پاڻي،

هلي هوتاڻي، ات اڻ سونهين آڏو اچي.

اڻ سونهين آڏو اچي، ڀري پانهه پير،

ڪاف اڙانگا ڪيچ جا، ات ڪوڙي پهچي ڪير،

جن جي هوتاڻيءَ سان هير، سي لڪ لنگهنديون لاڏڪيون.

لڪ لنگهنديون لاڏڪيون، جي پيئون پنهون پار،

”احمد“ چئي عجيب ري، گهڙي هت مَ گهار،

ٻي سڀ ڪوڙيءَ ڪار، ڪيچ هلندو قافلو.

ڪيچ هلندو قافلو، کڻي لاشڪ لڏ،

ترار کان تکي وهي، اُت سڄي آڏي اڏ،

ڪنبن ٿا ڪميڻن جا، سندا هيڻن هڏ،

سڻي منهنجا سڏ، من آڏو آرياڻي اچي.

آڏو آرياڻي اچي، ته مون وڏوئي ڀاڳ،

ڪنهن نه لڌو ڪڏهين، ڪو ساجن ري سهاڳ،

ڪونهي ڪميڻيءَ جو، موڙهن ڪونهي ماڳ،

جنهن لڳو دوستاڻو داڳ، سي عيبن کان آجيون ٿيون.

سي عيبن کان آجون ٿيون، جن ساجن سڃاتو،

پختو پيچ پريت جو، جن پنهونءَ سان پاتو،

تنينءَ جو کاتو، ڏيندو هوت هٿن سان.

 

 

فقير وفا ولي محمد هوت

چرواڻ

بيت

ڪانگل چئج قريب کي، حال هٿيڪو هي،

موٽي اچ محبوب تون، دوا دارون ٿي،

ڪونهي حال هوت جو، عجيب اوهان ري،

لُڙي اچن لِک لا، لائق لک سندئي،

جايون اندر جيءَ، اڏي ڏيان اوهان کي.

ڪانگل چئج قريب کي، پرت سندو پيغام،

ويهڻ توکي واٽ تي، هردم آه حرام،

رکي پَرَ پيرن تي، سوين ڏج سلام، گولو هي غلام.

ڪانگل چئج قريب کي، مٿي چوٽ چڙهي،

قلب تنهنجي قرب ۾، ڪارو ٿيو ڪَڙهي،

لڳي ميخ محبت جي، اندر جيءَ جڙي،

پنو مان پڙهي، ڪو اچڻ جو احسان ڪرين.

جانب تنهنجي جدائي جا، اندر ۾ ارمان،

ڏکن سندا ڏاج ڏنئي، ٻيا سورن جا سامان،

تنهنجي هِت هجر ۾، هوت رهي خيران،

الله لڳ احسان، ڪر ڪي محب ملڻ جا.

جانب تنهنجي جدائي ۾، دل ڪري دانهون،

ڦٿڪيو هن فراق ۾، روز ڏسان راهون،

وڌ مَ پڙ ”پيرن“ تي، سوين سُکائون،

مڙئي مون مجبور جا، وسَ ويا واهون،

عجيب اورانهون، اچي ٿي اسان کي.

جانب تنهنجي جدائي ۾، جيءَ اندر جهوري،

قرب ۾ ڪنڌ ڪڍڻ، اَناحق نسوري،

دل لٿي وئين دادلا، زور ڪري زوري،

لالڻ لڳي تو سندي، لـﺆن لـﺆن منجهه لوري،

چور ڪري چوري، کسي دل کسڪي وئين.

ساري تنهن سڄڻ کي، پيا ڳچ ڳري،

منهنجي سَري ڪانه ڪا، تنهنجي ڪيئن سري،

هيڏيون نه ڪر ’هوت‘ سين تون واپس آ وري،

پسي منهن محبوب جو پوندا نيڻ ٺري،

نه ته ويندس مفت مري، بره سندي هن باهه ۾.

زندگي- خود پاڻ ۾ هڪ ڪهاڻي آهي

اصل ۾ انسان جي زندگي خود پاڻ ۾ هڪ ڪھاڻي آهي- انيڪ ننڍين وڏين گهٽنائن، حادثن، سُکن، ڏکن،  سپنن، حقيقتن، ارمانن، اٺسٺن، ڪاميابين، ناڪامين، لاهين چاڙهين، مختلف سطحن تي مختلف رشتن ناتن سان ڀرپور ڪهاڻي! هڪ اهڙو چتر، جنهن ۾ سڀ رنگ سمايل آهن. فرق فقط گهاٽائيءَ ۽ ڇڊائيءَ جو آهي.

اهڙيءَ طرح تهذيب جي ترقي به هڪ لنبو قصو آهي. غارن ۽ غفائن جي گهري انڌيري کان وٺي شاهي شهرن جي اوچين عمارتن اندر جڳمڳائيندڙ بتين تائين.

ڪهاڻيءَ کي، تنهنڪري، انسان ۽ هن جي زندگيءَ ۽ هن جي تهذيب جي ترقيءَ کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي من کي، اردگرد جي سمايل ماحول کي، وراٽ جيون کي، سمجهڻ جي جڳياسا ئي انسان کي اڄوڪو ادب ڏنو آهي. انهيءَ جڳياسائي ڪنهن وقت ماڻهو جي من ۾، رستي جي هڪ وڻ کي ڏسي، ويچار پيدا ڪيو هوندو. سوال ۽ انهيءَ سوال جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو اُتپن ڪيو هوندو ته ”هي وڻ هت ڪڏهن کان آهي؟ ڇا اُهو اُن وقت به هو جڏهن مان ڪونه هوس؟ ڇا اهو تڏهن به هوندو جڏهن مان ڪونه هوندس؟- سو، جڏهن نه هوندس، هي وڻ هت هوندو، تڏهن ڇا مان ’ڄاڻي سگهندس‘ ته هي وڻ اڃا تائين آهي؟

انهيءَ جڳياسا ۾ ڪلپنا اڻٽر طرح جڙيل آهي ۽ ٻنهي جي گڏيل دين انڀو آهي. اهڙيءَ طرح ڏٺو وڃي ته ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ انسان جي سڀاويڪ پرڪرتي آهي.

لعل پشپ

رسالو مهراڻ 2/2004ع تان کنيل


* لال ملوڪ پُٽ واڌومل ’کرڙ‘ اوڏ تاريخ پهرين جنوري 1944ع تي ’سيٺ ٽيڪم شا‘ جي اوطاق (لڳ ڳموري) تعلقو عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. کيس ابتدائي تعليم ڳموري جي اسڪول مان حاصل ٿي ۽ سندس تربيت به ’سُگهڙن‘ ۽ ’ساڌن‘ جي وچ ۾ ٿي. کيس ڪبير ڀڳت کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي مارواڙي ڀڳتن جا ٻول ياد هئا. هُو پنهنجي ڌرم ۽ عقيدي ۾ ويدانتي هو. سماجي شعور وارو ماڻهو هو، خانصاحب عبدالڪريم پلي، سيٺ ٽيڪم شا ۽ حاجي فتح محمد راڄڙ جون زمينداريون سنڀاليائين. راڻو چندر سنگهه به سندس گهڻي عزت ڪندو هو، هو يونين ڪائونسل خانصاحب عطا محمد پلي ۾ ڪائونسلر به رهيو. پنهنجي هارپي ۽ هلٽ وارو هو، اوڏن جي راڄ ۾ کيس چڱي مڙس جي حيثيت حاصل هئي، کل ڀوڳ ۽ چرچو به سندس شغل هو. ڳموري جا محمد عمر ولد جان محمد پلي، عبدالرحيم ڪوري ۽ سومرو ڀيل سندس پڳمٽ يار هئا. سٺو سُگهڙ هو ۽ نثرنگار پڻ هو. ٽي فرزند هوند راج، هيمراج، ڀيمراج ۽ چار نياڻيون ڇڏي 12 ڊسمبر 2013ع تي پرلوڪ پڌاري ويو. سندس سپوت داماد (جمائي- جوائي) ساهو اوڏ هن احوال ۽ مواد ۾ اسان جي خاطرخواه مدد ڪئي، (اسد جمال)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org