سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 02/ 2023ع

باب:

صفحو:14 

مير سجاد اختر ٽالپر

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

بـــدلـــو

 

”ائي بيبل، کٽولا ته ٻاهر ڪڍ، اندر ڪي اُٻس ڪونه ٿو لڳئي ڇا…؟“

صاحبان پنهنجي ڌيءَ کي وڏي واڪي سڏ ڪندي چيو.

”امان… اجهو ٿي کٽولا ڪڍان، رڳي پوتيءَ کي اوٽي ڏيئي وٺان…“

بيبل ڏندن سان ڌاڳي کي ٽوڙيندي وراڻي ڏني.

”ائي، اهو ڪم پوءِ به پيو ٿيندو، مزمان اچي ڪڙڪو ڪندا…، اُٿ امڙ…“

صاحبان اوٽيءَ تي پيل رليءَ کي کڻندي چيو.

”توبهه… امان شل ڪنهن جي پويان نه لڳين… آئي…!“

بيبل ڪاوڙ مان، پاسي ۾ پيل پيتيءَ تي پوتي اُڇلائيندي وراڻي ۽ کٽ پُٺي تي رکي، اچي ٻاهر اڱڻ تي رکيائين.

”امان، وري ڪهڙا ٿا مزمان اچن، مون کي ته ڪل ئي ڪونهي…“

کٽ ريڙهي، سڌو ڪندي بيبل وراڻي.

”ائي، ٻيو ڪو ڪونهي، مامهين ٿو اچنئي…“

صاحبان رلي کٽ مٿي وڇائيندي چيو.

”ڪو… خيريت ته آهي نه…!!“

بيبل ٻي کٽ پُٺي تي کڻندي، ماءُ کان پڇيو.

”سڀ خير آهي، مامهين جو پٽ ولايت مان پڙهي آيو آهي، سڀني وٽ ويو آهي، مامهين چيو ته هت به اينداسين، مون چيومانس ته اسين گريب ماڻهو ڇا ڏينداسين، پر مامهين ضد ڪيو ته امان نهڪار ته مون کان نڪو ٿي…“

صاحبان کٽ تي ويهندي تفصيل ڄاڻائي.

”ابي بيبي… ٻڌو آهي ماروٽ ولايت مان آيو آهي…“

بيبل جي گهاٽي سهيلي نوران، لوڙهي مان گهڙندي وراڻي.

”ائي ها امڙ… مون کي به يادگيرو ڪونه هو، پر جي رلي نه کڻان ها ته جيڪر مزمان پهچي وڃن ها…“

صاحبان، نوريءَ جي وڏي واڪي سڏ تي ورندي ڏني، ”چاچي بسم الله…“

نوران ٻنڄرو ٽپي، اڱڻ تي پير ڌريندي وراڻي.

”بسم الله امڙ… بسم الله…“

صاحبان به موٽ ۾ کيڪاريندي وراڻي.

نوران، بيبل کي ٻانهن مان ڇڪيندي ڪمري ۾ وٺي آئي.

”ائي مُئي نوري… مورڳو ٻانهن ئي ڪڍي هُئئي…“

بيبل نوران کان پاڻ ڇڏائيندي چيو.

نوري، بيبل جي ڳل تي چهنڊي پائيندي وراڻي:

”ها مائي، هاڻ ٻانهن به ٿي نڪري، اڃان ته ولايتي ٻانگو پهتو ڪونهي…“

بيبل کٽ تي پيل ويهاڻي کڻي نوريءَ تي اُڇلائيندي وراڻي:

”چپ ڪر، اڃان مزمان پهتو ڪونهي ۽ تنهنجو ڪُرڪو شروع ٿي ويو آهي…“

”اوهو… هينئر سان ايڏي حمايت…!!“

”چري چپ ڪر، نه ته ڏيندسين مار…“

”چه چه چه… ادي مون کي معاف ڪر، مون کي خبر نه هئي ته ولايتي ٻانگي جا…“

”نوري نوري نوري، اصل نه ڇڏينديمائين…“

”السلام عليڪم“

”ادا بسم الله ڪري آئين…“

”ڦُڦي…“

”ابا جيئندو رهين، خوش رهين، شل ڪوسو واءُ نه لڳنئي…“

ٻاهران اها جملا ٻُڌندي ئي ٻنهي جا ڪن کڙا ٿي ويا ۽ دروازي ڏانهن ڀڳيون.

”ابا، ولايت ۾ ٻڌو آهي ته هر ڪم مشين ڪندي آهي…“

”ها ڦُڦي… انسان وڏي ترقي ڪري ويو آهي…“

ڦُڦهين لاءِ جيڪو آندو اٿئي سو ته ڏي.“

”ها بابا…“

”ائي بيبي… ولايتي ته اصل چنڊ لڳو پيو آهي…“

”آخر ماروٽ ڪنهن جو آهي…؟!“

”خبر آهي خبر ته دانگي جي ڪاراٺ جو…“

بيبل، نوري کي وارن جي چوٽي کان جهليندي چيو:

”آئون دانگي جي ڪاراٺ آهيان…“

”ائي نه نه… مون ته ڀوڳ ٿي ڪيو…“

”بيبل امان، مامهين لاءِ چانهه ته ٺاهي اچ…“

صاحبان، بيبل کي سڏيندي چيو.

”اي نوري، وڃجان نه، آئون چانهه چاڙهيو اچان ٿي…“

بيبل، نوريءَ کي تاڪيد ڪندي چيو.

نوري هڪدم وراڻي:

”ها مومل راڻي، هي ناتر تنهنجي ٻانهي ڪيڏانهن ڪونه ٿي وڃي…“

بيبل پوتيءَ سان ويڙهجي سيڙهجي، مامي کي کيڪاريو.

مامهيس مٿي تي هٿ رکي وراڻيو:

”امڙ، شل خوش رهين…“

انهي وچ ۾ احمد ٽيڏي اکين سان بيبل کي ڏسي رهيو هو، احمد کي اها بيبل ياد اچي ويئي، جيڪا هن سان گڏ لڪ لڪوٽي… ڪارا ليڪا لڪائي پائڻ… ۽ گُڏيون راند رچائيندي هئي ۽ هميشه ڪپڙا گندا ڪرڻ تي، صاف رهڻ جي هدايت ڪندي هئي، اڄ  اهائي ننڍي بيبل، جوانيءَ ۾ چوڏهين جي چنڊ جيان جرڪي رهي هئي. احمد به اچڻ شرط پيءُ ۽ ماءُ کي چئي چڪو هو ته هُو شادي ڪندو ته بيبل سان ڪندو، پيءُ کي ته ڪو اعتراض ڪونه هو پر ماءُ انهي رشتي جي ڪافي مخالفت ڪئي، پر احمد جي ضد اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيس.

بيبل سامهين چلهه تي چانهه ٺاهڻ لاءِ ويهي رهي.

احمد، ڦُڦي لاءِ ولايتي ڪپڙن جو جوڙو ۽ بيبل لاءِ قيمتي گهڙي ته اشرف لاءِ ولايتي برانڊ ريڊيو وٺي آيو هو.

”ادي، ڳالهيون پيون ٿينديون پر توکان ڪجهه گهرڻ آيا آهيون، خالي جهولي ڪري نه موٽائجان…“

رسول بخش پنهنجي ڀيڻ اڳيان وڏي اميد سان ڳالهه رکي.

”ادا هيءُ سڄو گهر توهان جو آهي، آءٌ ڪو جباب ڏيندس ڇا…؟“

تيسين بيبل چانهه اچي مزمانن کي ڏئي، پنهنجي ۽ نوريءَ جي چانهه کڻي ڪمري ڏانهن رواني ٿي.

”بس پوءِ بيبل مون کي احمد لاءِ ڏيئي ڇڏ…“

بيبل جيڪا اڃان ڪمري جي دروازي وٽ مس پهتي هئي تنهن اهي لفظ ٻُڌا ته چانهه جا پيالا هٿن ۾ ڇلڪي پيس، ڪٿي ڪکائين گهر واري بيبل ۽ ڪٿي موٽرن تي هلڻ وارو احمد…، نوري به اها ڳالهه ٻُڌي ڊوڙي اچي بيبل کي ڀاڪر پاتو ۽ نرڙ تي ڊگهي چُمي ڏيندي وراڻي:

”هاءِ الله… هاڻي ته اسين اونداهه ۾ ئي مري وينداسين، اسان جي پاڙي جو چوڏهين جو چنڊ ته ولايتي کنيو پيو وڃي…!!“

”نوري، مون کي ته ويساهه ئي ڪونه پيو اچي، ڪٿي آءٌ ڪو خواب ته ڪونه پئي ڏسان…“

بيبل ڀوءُ ۽ تعجب گاڏڙ لهجي وچان وراڻي:

نوري بيبل جا ٻئي هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليندي چيو:

”ڇو… اهو سچ نٿو ٿي سگهي ڇا…؟ توکي ته ڪوبه شهزادو وٺي وڃي سگهيو ٿي هي ته پوءِ به صرف ولايتي آهي…“

”نوري نوري… ڇا ماڻهوءَ جي خواهش ائين پوري ٿيو وڃي…“

نوري بيبل جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو:

”بيبي تنهنجو پيار سچو هو ۽ تنهنجين دُعائن رنگ لاتو آهي، ڇو توکي يقين نٿو اچي…؟“ ٻئي پاسي انهي ڳالهه سڄي ويڙهي ۾ باهه وارو ڪم ڪري وڌو هو، هر گهر احمد لاءِ آس لڳايو ويٺو هو، پر جڏهن بيبل ۽ احمد جي ڳالهه هُلي ته ڄڻ خاندان وارن تي ڪنهن ڏينڀو بڇي ڇڏيا هجن.

”ائي مائي ڏسو ته سهي… هيڏي خاندان مان وڃي گند جي ڍير تي ڪِريو…“

”ڏسو ته سهي، اسان جي راڻي ڪا گهٽ هئي ڇا… پر جي اکيون هجن ته نه…!!“

”اوڻندو سائي جا ڪوري جي من ۾، رسول بخش به وڃي اهو ڪم ڪيو آهي…“

” …پر ادا زماني ۾ پنهنجي حيثيت واري سان سڱ ڪري ها. وڃي علو جي گهران ڇوڪري ورتائين… جيڪي ويلي ۾ ٻڌا پيا آهن…“

”بس ڙي ادي… ڪنهن ڀاڳ سان ڪهڙي ريس…“

جيترا هئا وات اوتريون هيون ڳالهيون.

ٻيا ته روئي پٽي، قسمت جو ليکو سمجهي ماٺ ڪري ويهي رهيا، پر خيرو ته اصل مڇرجي پيو هو، هُو چار ڀيرا ساران جو سڱ، احمد لاءِ کڻي ويو هو، جنهن کي ته جواب ٿي ڏنائون ته اڃان احمد جي شادي جو ڪو خيال ڪونهي ۽ اوچتو اوچتو وڃي علو جي گهر اٽڪيا، خيروءَ جي اها پوري خاندان ۾ بي عزتي هئي، جنهن ۾ هو پِڄرو پئي.

بيبل جي ڀاءُ اشرف ته مٺايون ورهايون هيون، علوءَ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ، گهر جو معاشي گاڏو اشرف ئي هلائيندو هو، هڪ ته اشرف جي ڪُلهن تان بار لٿو هو ته ٻيو ڀيڻ لاءِ اهڙو مانائتو رشتو مليو هو، بيبل ته ڄڻ واءُ ۾ اُڏري پئي، لکين سپنا اکين ۾ گهر ڪري ويهي رهيا هئس.

خيرن سان ڪجهه ئي ڏينهن ۾ باقاعدي مڱڻي جي رسم ڪرڻ مامي وارا دهل دمامن سان اچي پهتا، ڳيچ، گانا توڙي ڍولڪ جي پئي ٿاپ لڳي ته اوطاق ۾ اها خبر وِڄ وانگر اچي ڪڙڪي، ”اشرف جو خون ٿي ويو…“ اوطاق سڄي ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي، ديري ۾ اها خبر ڪنهن قيامت کان گهٽ نه هئي بيبل خوشي، خوشي جي ماڳ، مورڳو صدمي ۾ بيهوش ٿي ويئي، سڄي ديري ۾ روڄ راڙو ۽ ماتم پئجي ويو، خيرو وڃي ٿاڻي تي پيش پيو ٻٽي خون جو اقراري بڻجي، ٿاڻي ۾ اشرف ۽ ساران جا لاش گڏ پيل هئا. ساران جي چهري جي مُرڪ ۽ اشرف جي چهري جي معصوميت صاف بکي پئي.

”اشرف ڪارو هو، منهنجي ڌيءَ ان سان ڦِٽل هئي، مون انهي ڪاري ۽ ڪارِيءَ کي ماري وڌو آهي، هاڻي ڀل ڦاهي چڙهي وڃان پرواهه ناهي.“

خيروءَ جو چٽو موقف هو، خيرو ته ڦاهي چڙهي يا نه چڙهي، پر بيبل جي ته دنيا ئي لُٽجي ويئي هئي.

”رسول بخش خان…، اشرف ڪارو هو سو مارجي ويو ۽ خيرو به ڦاهي چڙهي ويندو تنهنڪري ڀلو انهي ۾ آهي ته ويهي راڄوڻي ڪريو، علو وارو ته ويڙهو هونئن ئي تباهه ٿي ويو پر خيروءَ جو ويڙهو تباهه ٿيڻ کان بچائي وٺو…

راڄ جي چڱي مڙس، رسول بخش کي گهرائي چيو: ”سائين وڏا آهيو، راڄ ڌڻيءَ آهيو جيڪو وڻنئو سو چئو پر اشرف ڪارو ڪونه هو، اُن جي ساک ته هي بي زبان وڻ به ڏيندا…“

رسول بخش ڳوڙها ڳاڙيندي چيو: ”پر رسول بخش خان، ڪير هينئن پنهنجي نياڻي ڪُهندو ۽ خواري جو ڳٽ پنهنجي گلي ۾ وجهندو، ضرور ڪا ته ڳالهه هوندي، تڏهن ته اهو ٿيو آهي…“

راڄ جي چڱي مڙس ارباب خان، رسول بخش کي سمجهائيندي چيو: ”پر… سائين، اهو اشرف… سائين منهنجو اشرف، ساران کي پنهنجي ڀيڻ سمجهندو هو، ڪڏهن ميري اک ڇا پر اک کڻي به ڪين نه نهاريندو هو، سو سائين ڪارو ڪيئن ٿو ٿي سگهي…“

ارباب خان، رسول بخش جي جواب جي بدلي ۾ وراڻيو: ”رسول بخش خان، هُل ته اهو آهي، لاش به ٻنهي جا گڏ مليا آهن… خيرو اقراري به ٿيو آهي… باقي ڪهڙي ٿي ثابتي رهي… دل تي هٿ رکي رسول بخش خان ٻُڌائي… باقي ڪهڙي ثابتي گهرجي…“

رسول بخش، ڪرسيءَ تان اُٿندي وراڻيو: ”سائين جيئن اوهان جي مرضي…“

۽ روانو ٿي ويو.

راڄوڻي لاءِ راڄ جي چڱي مڙس سڀني کي اوطاق تي گهرايو هو، اوطاق ۾ گوڙ لڳو پيو هو، هرڪو پنهنجي پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ مشغول هو، علو جي ويڙهي ۾ ته ڪو مرد ماڻهو رهيو نه هو، باقي سندس مامي کي امين طور گهرايو هئن.

خيرو وارن جو موقف هو ته ”سائين اسان هنن کي تڏهن معاف ڪنداسين جڏهن اسان کي نياڻيءَ جي بدلي نياڻي ڏيندا نه ته پلاند پراڻا نه ٿيندا آهن…“

رسول بخش، پنهنجو ورتل سڱ هنن کي ڪيئن ڏي سو سخت مخالفت ڪرڻ لڳو، پر راڄ کان ته ڪو ڏاڍو ڪونهي نه. ڳوٺ جي پرئي مڙس سڀني جون ڳالهيون ٻڌي ۽ حالتن جي گنڀيرتا کي سمجهندي، بيبل جو سڱ خيروءَ وارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڏنو جنهن تي رسول بخش خون جا ڳوڙها ڳاڙي ويهي رهيو.

بيبل، جيڪا احمد جي لال ڪنوار ٿيڻي هئي سا زنده لاشو بڻجي، پنهنجن سو ارمانن جو گلو گهُٽي خيروءَ وارن جي گهر سڱ چٽيءَ جي جاهلاڻي قانون جي نذر ٿي وئي.

 

بهادر ٽالپر

بدين

 

 

 

ٻه ننڍڙيون ڪهاڻيون

 

(1) ڪافڪا چهرا پڙهي ٿو

ائين به نه هو ته ڪافڪا ۾ اُٻهروپڻ نه هو…! اهو جلدباز ضرور هو… جهڙي جلدبازي ڪڏهن ڪڏهن سنجيده ۽ بڻائتي اعليٰ نسل واري ٻار ۾ هوندي آهي…! ۽ پوءِ اوچتوئي اوچتو محسوس ٿيندو آهي ته هن ڪجهه ڪيو ئي نه هو…!! هڪ خيالي گهٽيءَ مان ڪافڪا جو ڪو ڪردار ڇلانگ لڳائي ڪٿان ائين نڪتو جو ڪافڪا کي خبر ئي نه پئي…! خبر به ڪيئن پئي ها جو ڪافڪا ته اڃان ان ڪردار جو چهرو پڙهڻ ئي شروع نه ڪيو هو… ته سندس ڪردار کي اُٻهرائي اچي ورتو… ڪافڪا ايترو ته مايوس ٿيو… جو اُٻهرائيءَ ۾ خودڪشي جو فيصلو ڪري ورتائين… ۽ پنهنجي ويجهي دوست جي ڪنن ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳو… ڪجهه ماڻهو ڪافڪا کي تاڙي رهيا هئا… پاڻ ۾ چوڻ لڳا… ”آخر ڪافڪا کي ٿي ڇا ويو آهي…؟“ ڪنهن ڪيئن… ته ڪنهن ڪيئن ٿي چيو…! ان کان اڳي جو ڪافڪا خودڪشي ڪري، پاڻ کي ماري ڇڏي ها، هُن فيصلو ڪيو ته ماڻهن جا چهرا پڙهڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن خيالي اسڪرپٽ جو سهارو وٺڻ گهرجي…! آخر هُو مٿا ڪٽ ڪندي هڪ نتيجي تي پهچي ئي ويو… ۽ پنهنجو ڌار ”اسڪرپٽ“ جوڙيائين. جنهن کي ’اميج‘ جو نانءُ ڏئي هو گهٽين ۾ رُلندي گهُمندي، ماڻهن جي چهرن کي پڙهڻ لڳو… نيٺ هُو هڪ ڏينهن هميشه لاءِ گُم ٿي ويو… هاءِ افسوس! هن جي گُم ٿيڻ واري خبر سندس دوست جي واتان به نه ٻڌي وئي… پر چوٻول ضرور پيدا ٿيو… ۽ ماڻهن کي اها سُڌ پئي ته ڪافڪا پويان پڙهڻ جو هڪ بنهه انوکو اسڪرپٽ ڇڏي ويو آهي… سندس هزارين قارين مان فقط ڪن سنجيده ذهنن ان اسڪرپٽ کي سمجهڻ ۽ پائڻ جي ڪوشش ڪئي… ۽ پوءِ ڪافڪا پويان ڄڻ ته پنهنجو هڪ نسل ڇڏي سچ پچ الوداع ٿي ويو…!!!

(2) هستي

آءٌ ان ڏينهن ڪِرندي ڪِرندي بچيس… نه رڳو آءٌ ان ڏينهن ڪِري رهيو هئس… پر مون سان گڏ هر اها شيءِ ڪِري رهي هئي… جنهن شيءِ کي پنهنجي هستي هئڻ جو ذرو به گمان هو…! هستي کان ٻاهر… ۽ هستي جي اندر… ٻه متضاد پهلو هر شيءِ ۾ موجود هئا… ان کان اڳي جو آءٌ صفا ڊهي پنهنجي هستيءَ تان هٿ کڻان ها… منهنجي هستي جي اندر واري شعور مون کي اندر طرف… ۽ منهنجي ٻاهر واري شعور مون کي ٻاهر طرف ڇِڪڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو هو…!! پريان ڪجهه ماڻهو ڪوڏرون کڻي موت بابت ڳالهيون ڪندا ٿي ويا… پر ترسو! اڃان آءٌ وهم ۾ نه جڪڙيو هئس… منهنجي مُنهن تي جواني جو سج هو… ۽ اندر ۾ عشق جا اُلا هئا… ورندي رات سچ ته چنڊ جي رات هئي… ۽ منهنجا ڪنهن سان قبرستان واري ڪنڊ جي ڄارين جي جهڳٽي ۾ وصل جا پئمانا هئا… مون فقط ڪوشش ڪئي ته ڪي ڪيئن به ڪري اُهو رانديڪو بچي… جيڪو مون قرض کڻي پنهنجي پُٽڙي لاءِ ورتو هو… جيڪو رانديڪي لاءِ ضد ڪندي اوچتو ڪِريو هو… ۽ هن جي هٿ تريءَ ۾ ٿمايل ڀڳڙا ڪِري ڪنهن جي هستي جيان وکڙي ويا هئا……!!!

 

يار محمد چانڊيو

 

 

 

ٻه ننڍيون ڪهاڻيون

 

(1) رقاصا

عجيب محبت جي ڪهاڻي جهڙي محبت هئي…! جنهن کي سمجهندي انتظارَ ۽ روماسا جي وچ ۾ ڪيترائي سال گذري ويا، پر هُنن جواني جي سفر ۾ عشق جو هڪ ليئو پائي، اڳتي قدم وڌائڻ ۾ ڪاميابي نه ماڻي… انتظار جا ڪيترائي سج لٿا ۽ اُڀريا… پر هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ هنن جي وس ۾ نه هو!

روماسا: يونيورسٽيءَ جي ڪلاس ميٽ آهي… ننڍي وڏي ڳالهه تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ واري… مرڪي ته ماحول معطر ٿيو وڃي… ۽ ڳالهائي ته پوپٽن جون قطارون هن جي واس وٺڻ لاءِ منتظر بنجي وڃن!!

ليڪن روماسا جي ان جادوگرانه ادائن انتظار کي نه موهيو هو… هن ڪوئل جي آواز جهڙي روماسا ڏي اکيون کڻي نهارڻ ته پري جي ڳالهه هئي، ليڪن هُن بابت سوچڻ به گوارا نه سمجهيو هو… هن جي پسند جو معيار به عجيب هو… ڪويل جي ترنم جهڙو سڀاءُ رکندڙ روماسا جي هار سينگارن انتظار جي خوابن ۾ به نهارن جا رنگ نه ڀريا هئا.

”تون ڪهڙي مٽي جي پيداوار آهين؟“

يونيورسٽيءَ جي ڪاريڊور مان گذرندي روماسا انتظار جو اڳ جهلي بيٺي هئي؟“

”مان؟“

”ها  تون!“

”مان… مان آهيان… بس!!“

”ڇا آهين تون؟“

”آوارا مزاج… پنهنجي مرضي ۽ پنهنجي پسند جي معيارن وارو!!“

”توکي ڇا پسند آهي…؟ جواني جا ٽهڪ توکي نه ٿا وڻن… ڪوئل جي ڪوڪار تنهنجو ڌيان نه ٿي ڇڪائي… محبت جون سچيت ڪهاڻيون توکي ڊرامن جون سينَ ٿيون ڀانئجن… تون… تون!!“

”توکي چيو اٿم ته، مون کي ملڪئه ترنم جو آواز ناهي وڻندو، مان عيسيٰ خيلوي کي پسند ڪندو آهيان، مون کي محبت جو راڳ ناهي وڻندو، منهنجو روح ڪُتن جي ڀونڪن سان ريجهي وڃي ٿو!!“

”ڇا عورت تنهنجي پسند ۾ شامل ناهي؟“

”آهي… پر…!“

”اها عورت، جنهن جون اکيون شراب جي نشي ۾ چور هجن… اها عورت جنهن جا کليل زلف پوپٽن جي اُڏامندڙ پرن جيان اڌ کلن ۽ اڌ بند هجن… اها عورت جنهن جي آواز ۾ درياهه جهڙو شور هجي…!!“

”پوءِ ته توکي اها عورت ڪڏهن نه وڻندي هوندي، جنهن جي جيون ۾ موهن ۽ مڪليءَ جهڙي خاموشي هجي!“

”نه!“ انتظار اکيون مٿي کڻي روماسا جي اکين ۾ جهاتي پائي وراڻيو هو، ”مون کي ته اها عورت به ناهي وڻندي، جنهن جي اکين ۾ سچي محبت جا خمار هجن…!! اها عورت به منهنجي پسند ۾ ناهي شامل، جنهن جي جوڀن جي مدهوشيءَ سان دنيا ڇرڪ نه ڀري…!!“

”تنهنجي ڪهڙي پسند آهي…؟ ڪهڙو نالو ڏجي ان پسند کي؟؟“

”آوارگي!“

”ڪهڙي آوارگي!؟“

”دنيا گردش ۾ هجي… وقت جا طوفان برپا هجن… بس خاموشي نه هجي… خاموشي مون کي کائڻ ايندي آهي، خاموشي کان ڪُتن جون ڀونڪون به بهتر آهن!!“

”ڪُتن جون ڀونڪون؟“

”ها“. وراڻيو هئائين، ”ڪُتا رُڪجي ويل زندگيءَ کي روان دوان رکن ٿا!!“

ان ملاقات کان پوءِ هُو ٻئي يونيورسٽيءَ جي هڪ ئي ڪاريڊور مان ايندي ۽ ويندي ڪڏهن به رڪجي نه بيٺا هئا… ڪڏهن به هڪ ٻئي جي اداس نيڻن ۾ جهاتي نه پاتي هئائون… هنن جي پسند ۽ ناپسند ۾ زمين ۽ آسمان جيڏو تضاد هو!!

ليڪن وقت گذرندي روماسا تبديل ٿي وئي، اها اربع جي اداس شام هئي، جڏهن يونيورسٽيءَ پاران هڪ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، ان تقريب ۾ هن پنهنجا مزاج تبديل نه ٿيڻ جي باوجود به پنهنجي لباسَ ۽ ادائن کي تبديل ڪري ورتو…! هن انتظارَ جي اکين ۾ ويهڻ لاءِ ڊانسنگ گرل جو روپ ڌاريو… اجنبي محبت جي جيت لاءِ هن پنهنجي ڪنوارن خوابن کي اسٽيج تي پرفرمانس جو ويس پارائي وِسڪيءَ جي ڪڙاڻ کي زهر سمجهي به اندر ۾ اوتيو. سوچيائين ”منهنجي حسن جا انڪاري انتظارَ، منهنجي انتظار جي پڄاڻي ٿي… اڄ کانپوءِ تنهنجون نگاهون منهنجي لاءِ منتظر هونديون… تون منهنجي پويان پويان هوندين ۽ مان تنهنجي بيوسيءَ تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندس… تنهنجا آوارا مزاج خواب هاڻي ٺڪاڻي تي اچڻا ئي آهن… تنهنجي مغروريءَ جو انت اچڻ وارو آهي…! تون پاڻ کي روڪي ڏيکارجانءِ!!“

اسٽيج تي ميوزڪ آن ٿي.

مستيءَ جا جُملا آلاپيا:

روماسا جي رقصَ اسٽيج ۽ سموري حال ۾ موجود دلين ۾ ٿرٿلو برپا ڪيو… ڪيتروئي وقت شرميلي روماسا پنهنجي حسن ۽ جوڀن جي زور تي سراپا رقاصا ٻنهي پازيبن کي لهرايو، جڏهن اکين جي آرسين ۾ جهاتيون پائي مڇي جيان ڦٿڪڻ تي اچي پهتي، تڏهن هن اُداس اکين سان اک ٽيٽَ ڪري انتظار ڏي نهاريو… شرابي اکين سان عشق جو سنديس ڏيندڙ انتظار جون اکيون جهڪيل هيون، روماسا جي قاتل ادائن جي تيرن جڏهن پنهنجو اثر ظاهر نه ڪيو، تڏهن هن جي بند اکين مان ڳوڙهن جو وڏ ڦڙو پلٽجي پيو، ڏک ڀري آواز ۾ بي ساخته کانئس سڏڪا آلاپجي ويا، چيائين ”انتظار ڪٿي آهين…؟ هي شرابي نيڻ… هي جوڀن جو ناچ… ۽ هي منتظر مَن تُنهنجي نگاهن جو محور بڻجڻ گهري ٿو… تون خاموش ڇو آهين…؟ ڪهڙي وسڪي تنهنجي اکين کي ٻوٽي ڇڏيو آهي!!“

ان سمي اسٽيج کان هيٺ هال ۾ ويٺل انتظار ڇرڪ ڀري مٿي اسٽيج تي نهاريو… وقت جي تيز رفتار ۾ بدلجي ويل روماسا کي رقاصا جي روپ ۾ ڏسندي هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ پوءِ تڪڙا قدم کڻي هن مٿي اسٽيج تي اچي پنهنجي چادر روماسا جي جوان جسم تي ويڙهي آهستي وراڻيو، ”روماسا مون کي هاڻي نارين جو ناچ ناهي وڻندو… مان هاڻي عيسيَ خيلوي کي ڇڏي عابده پروين جي صوفياڻي راڳ کي روح جي راحت بنايو آهي… مان تبديل ٿي ويو آهيان روماسا…!!“

”ڪڏهن کان؟“

”جڏهن کان منهنجي ماءُ گذاري وئي آهي، تڏهن کان منهنجي گهر ۾ ڪوبه رقص ناهي ٿيندو… ڪا به محفل ناهي مچندي… ڪوبه پيءُ جو نالو ناهي پڇندو!“ ”تنهنجي ماءُ رقاصا هئي؟“

”ها!“ انتظار جون اکيون ڇلڪي پيون، چيائين ”مان ان رقاصا جو پٽ آهيان، جنهن کي منهنجي پيءُ جي نالي جي پتو ناهي… مان سڄي زندگي پنهنجي ماءُ جي اڳيان ڪنڌ نوائي حياتي گذاري… پر!“

انتظار ماڻهن سان ڀريل اسٽيج تي ويهي هڪ گهَري نگاهه سان روماسا جي پيرن ۾ پاتل پازيب کي گهوري ڏٺو ۽ پوءِ وري لڙکِڙائي چيائين ”روماسا! زندگي جي شورَ منهنجي ڪنن ۾ تاڪيون ڀريون… مان بيزار ٿي ويو آهيان ڪُتن جي ڀونڪن مان… مان تبديل ٿي ويو آهيان ان مصنوعي زندگيءَ مان، جِتي گلن جي واس جي اهميت ناهي… جتي محبت جو ڪو قدر ڪونهي… جتي بي نام پٽ در در جون ٺوڪرون کائي، پيءُ جي نانءُ کان به بي خبر هجن… توکي به تبديل ٿيڻو پوندو روماسا، تبديل ٿيڻو پوندو…!!“

ان لمحي سڀني تماشاين انتظار جي هٿن ۾ روماسا جو پڪڙيل هٿ ڏسي ٿڌو ساهه ڀريو، ليڪن پوءِ به اسٽيج پوري جوهه ۽ جلال ۾ رقصان هئي، نه هو ته روماسا جو رقص نه هو نه هو ته انتظار جو جهڪيل ڪنڌ نه هو!!

(2) جيون رتوڇاڻ

صفوران ويچاري.

سڄو ڏينهن ڪم ڪار جي بِلي!

رونبي جي موسم روزن جو مهينو رونبو به ڪري ته روزا به سڀ رکي!

صبح جو سويري ٻڪرين جي سنڀال ۽ منجهند جو گهر جي ڪم ۾ گَر تَل.

زماني جي لاهين، چاڙهين جا ڏک هن جو مقدر هئا. ڄمڻ کان اڳ يتيم، ڄمي ته ماءُ به مري ويس! هڪ صفوران، هڪ ڀاءُ ٿوري وڏي ته ٽڪن وِڪاڻي!

ڀاءُ ڀيڻ جو وارث! پنج ٻڪريون، ڇَهه رڍون، ۽ قسمت؟

ڪراڙي پهاڄ، ڀَچِرُ مڙس!

سانجهي سَمي:

صفوران روزي کولڻ جي آس ۾ ڏير جي ٺهيل نُک تي ويٺل، سڄي ڏينهن جي ٿڪل بيحال صفوران ساهه هيٺ نه مٿي.

پلاڻي پنڊي، اڌ چانورن جي مانيءَ جو!

۽ هڪ وَٽو جهاري جو آذان آئي. صفوران پنهنجي ڪمزور هٿن کي دعا جو درجو ڏنو. ”مالڪ! اجڙيل ويڙهو وري آباد ڪر…!!“

هن جو ويڙهو هو: هڪ مڙسالو، هڪ پُٽ! هڪ ڀاءُ!!

(ٽيئي سال، سزا کان قيد ٿيل).

”وڪيل صاحب…! مان زائفان ذات تي رحم کاءُ… پنجن هزارن گهٽ ٽي ويهان توکي ڏنيون آهن،… ٻيا به ڏينديس… خدا ڪارڻ اڄ مون کي منهنجا آزاد ڪرائي ڏي…!! روز نوان آسرا…!!“

”اَڙي مائي! رڍ ٻڪري جي چوري ناهي… تنهنجن خون ڪيو آ، خونُ!!“

”وڪيل ميان رَن زال تي رحم ڪر… هڪڙو مرد ئي آزاد ڪرائي وِجهه… گهر کائڻ ٿو اچي!“

”ڪهڙو هڪڙو نالو کڻ؟“

صفوران سوچڻ ۾ گُم سُم.

”بلوچو!

سانولو!!

سيفل!!

صفوران اٽل فيصلي تي پهتي،

”ڀاءُ آزاد ڪرائي ڏي.“

”سيفل!“

”ها!“

”پٽ يا مڙس ڇو نه؟“

”اَبي جي قبر جي ميارَ نه کڻنديس!!“

ٽاڪ منجهند:

وڪيل ڪورٽ مان موٽيو ته چپن تي ڪاميابيءَ جي مرڪ هئس.

”مبارڪون مائي! ٽئي آزاد ٿي ويا!!“

صفوران خوش بيحد خوش.“

شام نيرِڙي شام:

صفوران جو اداس مُک ٻهڪي پيو.

هن قيد مان آزاد ٿيل، پُٽ جي نراڙ تي ڊگهي ڳراٽڙي پاتي!

ڀاءُ کي ڀاڪرن ۾ ڀري رُني، ۽ مڙس جي اکين ۾ شرم کان چتائي نه ڏسي سگهي،

واپسي:

ڳوٺ جي اسٽاپ تي لاريءَ جي بيهندي اوچتو ٽاڪوڙ مچي ويو.

”نه ويندؤ، تهان جي زال…ڀيڻ… ماءُ!!!“

ڀاڄ!

دانهون، هڪلون، گولين جا لڳاتار آواز!!

ڪيهاٽ:

بلوچو ۽ سانولو خون ۾ وهنتل… ”دشمن پلاند وٺي ويا.“

صفوران ويچاري:

اڳ يتيم ۽ ڇوري ڇِني هاڻي، بيواهه ۽ ننڌڻڪي!!

 

محمد قاسم ڪلوئي

ٽنڊوجان محمد

 

 

 

 

 

سڄڻ ياد پياس

 

 

اڳي ماضي ڏانهن سوچن خيالن کي ڊوڙائي ذهن کي بيهاريون ٿا ته خدا ڪري اها ماضي وري واپس اچي، ۽ وڏڙن جا اوطااقن تي کل ڀوڳ چرچا ۽ ٽهڪن جا پڙاڏا وري گونجن ، وري اوطاقون وسن شال وري ويڙها آباد ٿين. هڪڙو ويڙهو هوندو هو اڱڻ، اڱڻ سان گڏيا پيا هوندا هئا ٿلهو ٿلهي سان گڏ هوندو هو. اڱڻ جي اڳيان مال جا واڙا هوندا هئا.

مينهن، ٻڪرين، ڍڳين جا ڌڻ اڱڻ جي اڳيان ۽ هڪڙي ئي ويڙهي ۾ پيون سونهنديون هيون. اڱڻ جي اڳيان ڀاڳين جون تازيون ٻڌل هونديون هيون جڏهن تازين جون نظرون ڀاڳين تي پونديون هيون، ائين هڻ ڪاٽ ڪري اُٿنديون هيون ڄڻ ڀاڳين کي سڏڙا ڪنديون هيون ته لانگ واري اسان تي ويهو ته اسين ڀي ڪي تازيون آهيون. اڳي مال ڀٽارو جيڪڏهن ڀاڳئي کي ڏسندو هو ته خوش ٿيندو هو. نچندا ڪُڏندا ۽ ناز ڪندا هئا. ايڏي محبت هوندي هئي  مال ڀٽاري سان، پنهنجي مال ڀٽاري کي اولاد وانگر ڀائيندا هئا. پهرين مال ڀٽاري کي چارو ڏيئي پوءِ ماني کائيندا هئا.  وڏيرو اسان جي سنڌ جي ثقافت آهي. وڏيرو اسان جي سنڌڙي جو سينگار آهي  تاريخ آهي، ادب، حياء، شرم، مان مرتبو، راڄ ڀاڳ، اوطاقون، خوشحال ويڙها، شاديون مراديون، فيصلا سڀ وڏيري کي جڳائيندا هئا. سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيرن جي تاريخ ڀري پئي آهي انهن ڪلاسيڪل وڏيرن مان وڏيرو سانوڻ خان به هڪ هو. سدائين  اوطاق مهمانن سان ڀري پئي هوندي هئي، کٽون هنڌ وهاڻا وري کٽن تي وڃايل پٿراڻيون، ٽڪن واريون رليون ڀرت ڀريل وهاڻا جيڪو وڏيري جي اوطاق تي مهمان ٿي ايندو هو ان جي دل ٺري پوندي هئي. وڏيري جي اڱڻ تي ٻڌل تازيون مهمانن کي ڏسنديون هيون ته ائين تِتر وانگر ڀڙڪا ڏينديون هيون اُڇلون پيون کائينديون هيون. تازين جي پيرن ۾ ٻڌل لوهه جا نيئر ائين ڇڻڪاٽ ڪندا هئا، ڄڻ ڪي گهنگهرو وڄي پيا هجن  ڄڻ ڪي ڇير ڇم ڇم پيا ڪن، ڄڻ ڪي ساز ڇڙي پيا هجن. وڏيرو سانوڻ خان تازين تي چڙهندو هو ته ڄڻ ڪو جنگ جي ميدان ۾ بيٺو هجي. رڪيب ۾ پير وجهي لانگ ورائي ويهندو هو ته تازيون ائين پکيءَ وانگر اُڏامنديون هيون. طوفان ٿي ڳوٺ واري بڙ واري ڍوري مان وڻن جي لامن کي پينگهي وانگر لوڏا ڏيندي پُراڻ درياءَ جي ڪنڌيءَ تي ڄارين وارو رستو وٺي ڌُڌُڙ اُڏائيندي روانيون ٿينديون هيون ته ”ٻيو سارو خير“ پُراڻ ڪنڌيءَ تي رهندڙ ڳوٺن جون جوانڙيون ائين لوڙهن مان ليئا پائي ڀڙڪو ڏيئي ڪارن ڪاڪلن کي ڪُلهن تي ڦيرائي پوتيءَ کي ڇاتيءَ تي  وراڪا ڏيئي ائين نهارينديون هيون ۽ دل چوندي هئي ته وڃي وڏيري سان هوائن جو سير ڪجي.

اُتي نوران کي به چانڊوڪيءَ رات ۾ وڏيري جي سِڪَ لڳندي هئس، پُراڻ درياءَ پار ڪري اچي وڏيري سان ملندي هئي. ”مون کي سڪ محب ميهار جي“ سهڻي وانگر نه پُراڻ درياءَ جي پرواهه پاڻي جي لهرن ۾ تري لاکي ڦُلاڻي جي گهيڙ مان نڪري اچي پراڻ ڪنڌي سرنهن جي پِيلن گُلن جي هڳاءَ ۾ رُوح رهاڻ ڪندي هئي.

”ڇاتيءَ کي اُڇل ڏيئي ڪاريهر ڪاڪل کي وراڪا ڏيئي ڪُلهن تي آڻي بيهاريندي هئي ته ڄڻ ڪي سانوڻ جا مينهن وسي پيا هجن ڄڻ ڪي ڪارا ڪڪر ڪُلهن تي لهي آيا هجن.“

پنهنجي ڀوري بدن تي ٽڪن واري پوتي بونڇڙيءَ جي گهُنڊُ، ڪري اچي سانوڻ خان جي سامهون اچي بيهندي هئي ته ٽڪن واريءَ بونڇڙي پوتيءَ تي جڏهن عاشق جي نظر پوندي هئي ته هڪڙي نظر نيري اُڀَ تي وجهي نوران کي ڏسندو هو ته آسمان جا سڀئي تارا ڄڻ نورا جي بونڇڙي تي لهي آيا هجن، پري کان نوران کي ڏسندو هو ته سياري جي سرد راتين ۾ چانڊوڪيءَ جي مڌر روشنيءَ ۾ ڄڻ ڪا وڄ پئي وراڪا ڏي.

ڪي اُتر پار کان کنوڻيون تجلا ڪري ........

وڏيرو نوران کي سچي محبت وارا ڀاڪر پائي ٽڪن واري بونڇڙي پوتيءَ جو ” گهُنڊُ“ کولي چوندو هو:

گهُنڊُ کول ديدار ڪرائين، مين آيا مک ويکڻ،

مين آيا مک ويکڻ مين آيا مين آيا.

نوران ڀي گهُنڊُ کولي ديدار ڪرائيندي هئي. پراڻ جي پٽن تي ڪي گُل ٽڙيا هجن ڄڻ ڪا بهار جي مند آئي هجي. هر طرف خوشبوءِ خوشبوءِ هجي. وڏيري ٿڌو ساهه ڀريندي چيو:

”نوران،“

”جيءُ“ نوران پراڻ ڪنڌيءَ تي هڪڙو ننڍڙو پٿر پاڻيءَ ۾ اڇلائيندي وراڻيو. پٿر اُڇلائڻ سان پراڻ جي شفاف پاڪ پويتر اڇي اجري کير جهڙي پاڻي ۾ هلڪيون لهرون نوران جي مرڪ جهڙيون اڀرڻ لڳيون ته پراڻ جو پاڻي به سون جهڙو چمڪندڙ لڳو.

وڏيري چنڊ جي چانڊاڻ ڏانهن ڏسندي چيو ته:

هيءُ ڏس پراڻ جي پٽن جي خاموشي، ڪيڏو نه پُرسڪون ماحول تنهنجي ۽ منهنجي ٿڌڙي ساهن جو آواز اچي رهيو آهي.

”ٻي محبت جي سڪ آهي ملڻ سان ڀي نٿي لهي“ بس ”جڏهن تنهنجي ياد ۾ توسان ملڻ لاءِ اندر ۾ مچ ٻرندا آهن تڏهن نوران مون کي اها خبر ڪانه پوندي آهي .“ ڪي تازي جون نيئرون کوليون اٿم يا نه جيئن شاهه سائين چيو ته:

نَوَ نيئر ڏهه ڏانوڻون،

پنڌرنهن پيند پياس،

جڏهن سڄڻ ياد پياس،

ڇِرڪ ڇنائين هيڪڙي،

پوءِ آءٌ ائين هوندو آهيان.

”الا ايڏي محبت مونسان سانوڻ خان“ نوران وارن جا ونگ وجهندي هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو:

”ها نوران محبت انڌي ٿيندي آهي ڪا ذات پات ڏسي نڪي دين ڌرم ڏسي، نڪي امير غريب ڏسي.“

”ڀلا هڪڙي ڳالهه چوان! نوران ڄارن جا پن پٽيندي وڏيري کي اُڇلائي هنيا ته:

”نوران هي ڄارين جا پن ڪنهن پنکڙين کان گهٽ ناهن.“

”رئيس هيءُ ڄارين جا پن منهنجي پاران پراڻ کي ڀيٽا آهي.“

”واهه واهه توکي خبر آهي لاکي ڦُلاڻي ڄارين کي سونا زيور پارايا “

”اهو لاکو ڦُلاڻي هو، سخي ڏاتار هو آءٌ ته نوري نماڻي آهيان جنهن ڄام تماچي کي پاٻوڙا پيش ڪيا“

”اهي ڀي ڄام تماچي قبول ڪيا“ اڙي چري توکي تنهنجي ڳالهه وسري وئي آهي جيڪا تو هينئر مونسان ڪئي. هڪڙي ڳالهه پڇان

”اها ڳالهه ڪيڏانهن وئي نوري نماڻي“ وڏيري نوران جي بونڇڙيءَ جو پلو ڇڪيندي چيو.

”تون الائي قبول ڪندين الائي نه“

”مون کي تنهنجي هر ڳالهه قبول آهي نوريءَ“

”پوءِ تون مون سان شادي ڪندين، هن تازي تي ويهاري ڪنهن ڏورانهين ڏيهه وٺي هل جتي تون ۽ مان هجون“ بس وڏيري جڏهن نوران جي واتان اهو جملو ٻڌو تڏهن پٿر بڻجي پيو بت تراش جو بت بڻجي پراڻ جي ڪنڌيءَ تي بيهي هڪڙي نظر نوران تي وجهي ٻي نظر پراڻ جي پاڪ پويتر پاڻي تي وجهندي منهن تي پاڻي جا ڇنڊا هڻندي چيائين ته ”نوري هي پراڻ جو پاڻي اسان جي لاءِ پويتر آهي هتي ڪيترائي قصا ڪهاڻيون جڙيل آهن. هن جي اڇي اُجري تاريخ آهي هتي ڀٽائي کان وٺي غوث بهاؤالحق تائين درويشن جا پير آهن. ڀٽائي صاحب چيو آهي ته:

ڍٺ ڍريءَ، پٽ پيون، آيون ڪاهي ڪا ماري،

وٺا پٽ پراڻ جا وٺيون ساماري،

ڪڪر منجهه ڪاري وڄڙين پسو ويس ڪيا.

”مون اها سوچ رکي توسان نوري محبت ڪئي آهي، آءٌ ڳوٺ جو چڱو ۽ وڏيرو آهيان  هي راڄ ڀاڳ هي اوطاقون، هي اوطاقن تي ڪچهريون هيءُ راڄ ڀاڳن جا فيصلا سڀ مون سان آهن. آءٌ جي ائين ڪندس ته پوءِ هيءُ منهنجي اڱڻ تي ٻڌل سڀ تازيون ڪاريون، ڪنڍيون سڀ خاڪ ٿي وينديون سڀ مٽيءَ ۾ ملي ويندو نه نوري نه.“

جن جا اڇا اُجرا اڱڻ آهن، انهن لاءِ لطيف سرڪار فرمايو آهي:

اڱڻ تازي، ٻاهر ڪنڍيون، پکا پٽ سهن،

سُرهي سج پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن،

آسان ۽ پرين، شل هون برابر ڏينهڙا.

مون ته توسان ڀٽائيءَ جي امر بيت جهڙي محبت ڪئي آهي.

”وڏيري پراڻ جي پاڻيءَ مان نظرون مٿي کڻي پوئتي ڏٺو ته، نه نوري ته نه هئي صرف نوريءَ جي پيرن جا نشان هئا، جتي ڪجهه دير اڳ نوري بيٺي هئي. وڏيرو رڪيب تي پير رکي لانگ ورائي ويٺو ۽ پُراڻ کي مخاطب ٿيندي چائين ته:

”اي پراڻ تون گواهه رهجان ته مون نوران سان هميشه سچي محبت ڪئي هئي.“

ڪي اُوڏائي ڏور ڪي ڏور به،

اوڏا سپرين، ڪي چڙهن نه چت تي،

ڪي وسرن نه مور، جيئن مينهن،

ڪنڍيءَ جا پور تيئن دل وراڪو دوست سين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org