نورمحمد ’نورل‘ ڪنڀار
عمرڪوٽ
محمد خان ”مسڪين“ ڪنڀار
سنڌ جي سرزمين صدين کان ولين، درويشن، فقيرن،
عالمن، اديبن، شاعرن سُگهڙن ۽ هر فن جي ماهرن کي
جنم ڏيندي رهي آهي، عمرڪوٽ ضلعي جي تعقلي عمرڪوٽ
جي ڳوٺ سڻوهي (ڇور اولڊ) ۾ جنم وٺندڙ ”محمد خان
مسڪين“ ڪنڀار به انهن مان هڪ هو,
جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ سٺو انسان، مثالي استاد،
سٺو شاعر، ۽ سُگهڙ ٿي گذريو آهي.
جنمِ:
”مسڪين“ جو جنم خانداني روايتن موجب 1918ع ۾ ڳوٺ
”سڻوهي“ (ڇور پراڻه) ۾ ٿيو، سرڪاري رڪارڊ ۾ سندس
ولادت 1- سيپٽمبر 1923ع ڄاڻايل آهي.
پرورش:
محمد خان ”مسڪين“ ستن يا اَٺن سالن جو ٿيو ته سندس
والد گل محمد عرف گُلو فقير گذاري ويو. انهي بعد
سندس پرورش، تعليم ۽ شادي ابراهيم ڀٽي، چاچي محمد
اسحاق ۽ سندس سؤٽ محمد هاشم ولد محمد عمر جي زير
سايه ٿي.
حسب
نسب:
سندن نسب حضرت حارث سان ملي ٿو، حضرت حارث جا چار
پٽ (1) حسام (2) وليد (3) عبرت (4) يزد
وليد
جا
ٽي
پٽ:
(1) ڪنبر (2) ترڪ (3) پنهور، ڪنبر جو اولاد اڳتي
هلي ڪنڀر يا ڪنڀار سڏجڻ لڳو.
سندس
خاندان:
مسڪين جا وڏا اصل ۾ ڪڍڻ لڳ ضلعي بدين جا رهواسي
هئا، جڏهن سومرن جي جنگ لڳي ته ڪجهه ڪنڀار مارجي
ويا، جن مان سندن ڏاڏو هارون اُتي ئي روپا ماڙي
واري قبرستان ۾ دفن آهي. باقي هارون جا ٻه ڀاءُ
اُتان لڏي، مُهراڻي ڏانهن آيا. انهن مان هڪ ڀاءُ
عليم نبي سر شهر (ٿر) وٽ اچي رهيو. ۽ ٻيو ڀاءُ ڳوٺ
سڻوهي (ڇور اولڊ) تعلقي عمرڪوٽ (جيڪو ڇور اسٽيشن ۽
نئون ڇور جي وچ ۾ واقع آهي) ۾ اچي رهيو.
عظيم محقق ڊاڪٽر بلوچ صاحب (1) هڪ روايت ۾ ڄاڻايو
آهي ته سومرا خاندان جي جنگ جي نتيجي ۾ بچي ويل
سومرا به ڪنڀار جي گهر ۾ پناهه وٺي پليا. ساڳي
روايت ڪم و بيش تاريخ جي محقق جناب راڄ محمد پلي
صاحب صوفي محمد صديق
”صادق“ فقيرؒ جي سوانح ۾ ڏني آهي.
مسڪين جو شجرو:
سليمان
هارون
خميسو
اسمٰعيل
نٿو
هوندو
پٺائي
لڌو
لکاڏنو
سومار
اوڀايو
سائينڏنه
گل محمد گلوفقير
محمد خان مسڪين
ڪٽنب/قبيلو:
سائينڏني ولد اوڀايو کي چار پٽ هئا: (1) وَنهيون
(2) محمد عمر (3) محمد اسحاق (4) گل محمد عرف گلو
فقير.
1)
وَنهيون:
هن کي پٽ ڪونه هو، باقي نياڻين جي اولاد مان
”جانهيرو“ ۽ ”نُهٽو“ ۾ موجود آهن.
2)
محمد
عمر:
هن کي هڪ پٽ محمد هاشم ۽ هڪ نياڻي ٿي، محمد عمر
”صوفي فقير“ ۾ وفات ڪري ويو ۽ اُتي ئي مدفون آهي.
محمد هاشم ڇور اسٽيشن ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي
وفات ڪري ويو ۽ اُتي مدفون آهي. محمد هاشم کي چار
پٽ: (1) يار محمد (2) مولانا جاويد احمد (3) محمد
حسن پٽيل (4) محمد عمر ۽ ٻه نياڻيون ٿيون. جن مان
محمد عمر جو نثر ۾ ڪافي مواد موجود آهي ۽ سندس
سنڌي جا اکر به تمام سٺا آهن.
3)
محمد
اسحاق:
هن کي فقط هڪ پٽ ٿيو، محمد ابراهيم”پرواز“ سروري
جنهن جو سنڌ جي مشهور شاعرن ۾ شمار آهي.
سندس ڪلام ڇپيل ۽ اڻڇپيل حالت ۾ سندس فرزند
عبدالخالق ”عبد“ وٽ موجود آهي، پرواز صاحب جي
سوانح ۾ ڪلام ’مهراڻ‘ ۾ اچي چڪو آهي.
4)
گل
محمد
عرف
گلو
فقير:
هن کي فقط هڪ پٽ محمد خان ”مسڪين“ ٿيو، جيڪو
واديءِ ٿرپارڪر جو مشهور سُگهڙ ۽ شاعر ٿيو.
اولاد: محمد خان ”مسڪين“ کي پنج پٽ ۽ ٻه نياڻيون
آهن، جيڪي سمورا حال (2022ع) حيات آهن.
(1) نورمحمد ”نورل“ (راقم الحروف) جيڪو پڻ تعليم
کاتي ۾ نوڪري ڪري رٽائرڊ ٿيو آهي.
نورل کي شاعري$
جو شوق ورثي ۾ مليو، ۽ سندس استاد محترم مرحوم
محمد عمر ”معمور“
يوسفاڻي پلي صاحب آهي.
(2) گل محمد ”گل“ وٽ به شاعري ۾ ڪافي مواد موجود
آهي، گل محمد ”ڪنڀار قوم جو ذڪر“ نالي سان هڪ ڪتاب
لکيو آهي. جيڪو وٽس اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهي جنهن
۾ ”گل“ ڪنڀار قوم جو شجرو جيڪو والد صاحب ”مسڪين“
جو ترتيب ڏنل آهي. ڪنڀارڪي ڌنڌي ۾ استعمال ٿيندڙ
اوزار يا سامان ۽ ڪنڀار قوم جي شادين ۾ ٿيندڙ ريتن
رسمن جو ذڪر ڪيو اٿس.
(4) غلام مصطفيٰ به ماستري ڪري رٽائرڊ ٿيو آهي،
شاعري جو شوق رکي ٿو ۽ شعر لکي ٿو.
(5) بشير احمد به ماستري$
جي نوڪري ڪري رٽائرڊ ٿيو آهي، شاعري سان شغف اٿس.
ادبي مصروفيات:
محمد خان مسڪين پنهنجي استادانه پيشي سان گڏ
پنهنجي ڀرپور ادبي زندگي گذاري. مقامي سطح جي
سُگهڙن سان ٻولن جي ڏي وٺ کان علاوه علائقي ۾
ٿيندڙ ادبي مجلسن ۽ مشاعرن ۾ پڻ شرڪت ڪئي. صوفي
فقير ۾ ٿيندڙ ’بزمِ ادب صوفي فقير‘ جي ماهانه
ڪچهرين ۾ پڻ حصو وٺندا رهيا. 1960ع واري ڏهاڪي ۾
پهريائين جهوڪ شريف جي حضرت ارشاد عباس صاحب جي
صدارت ۾ جيڪي صوفي فقير ۾ مشاعرا ٿيا ان ۾ حصو
ورتائين. بعد ۾ قبله حضرت مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ سائين جي صدارت ۾ ٿيندڙ ناري پَٽَ جي سنڌ
سطح جي مشاعرن ۾ پڻ شاعري پڙهي داد حاصل ڪيائين.
تصنيفات:
مسڪين شاعري جي گهڻين صنفن ۾ لکيو آهي، جهڙوڪ،
ڪافي، وائي، غزل، نظم، ڀڄن وغيره.
نثر ۾ پڻ ڪافي مقالا ۽ مضمون لکيا اٿس.
ڀُٽاڻي جي انگي حساب جي ڪُنجي (گائيڊ) فائنل واري
دؤر جي انگي حسابن ۾ رياضي جو مشهور ۽ نالي وارو
انگي حساب هوندو هو، ”ڀٽاڻي جو انگي حساب“ تنهن جي
حسابن کي واٽ ۽ اصول سان حل ڪري ڪنجي جوڙي اٿس.
ڪنڀار قوم جو شجرو:
سندس قومي ڀان فقير محمد رمضان ولد تماچي ڀان
رهندڙ (سالار سومرو تعلقي ٽنڊوباگو ضلعو بدين) حال
رهندڙ ڳوٺ حاجي سليمان ڀان تعلقه ٽنڊوباگو ضلعي
بدين هن وقت عبدالغفور ڀان ولد محمد رمضان ڀان
فقير ساڳيو ڪم سنڀاليو اچي، جنهن وٽ چئن قومن (1)
سما (2) راهمان (3) هڱورجا (4) ڪنڀار قوم جو شجرو
حضرت آدم عليہ السلام تائين موجود آهي. مسڪين حضرت
آدم عليہ السلام کان اڄ تائين ڪنڀار قوم جو شجرو
محمد رمضان ڀان جي مدد سان لکي رکيو اٿس.
مسڪين جي زندگي جون ڪجهه يادگيريون جي نالي سان هڪ
ڪتاب لکيو اٿس.
تعليم:
سال 1930ع ۾ پرائمري اسڪول
”اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر“ مان ”ٻاراڻو“ پاس
ڪيائين، پوءِ گورنمينٽ پرائمري اسڪول (ڇور پراڻو)
ڳوٺ سڻوهي مان 1937ع ۾ ست درجا سنڌي پاس ڪيائين، ۽
چار درجا گجراتي به پاس ڪيائين. فائنل جي امتحان
جي تياري استاد محمد هاشم ”لاوطن“ سومرو وٽ ڳوٺ
”سيد غلام نبي شاهه“ تعلقي ساماري ۾ ڪري 1937ع ۾
ميرپورخاص سينٽر مان فائنل جو امتحان پاس ڪيائين.
ڪِرت/ڌنڌو:
ڪجهه وقت عارضي نوڪريون ڪرڻ بعد سال 1939ع ۾
ماستري جي نوڪري ملي، انهي وقت ماهانه پگهار -/10
رپيا هوندي هئي.
”مسڪين“ 1952ع کان 1962ع تائين فائنل جي شاگردن کي
فائنل جي امتحان جي تياري ڪرائي، امتحان ڏياريندو
رهيو، 1962ع کان پوءِ فائنل وارو طريقو ختم ٿي
ويو. اهڙي ريت محمد خان ”مسڪين“ 1939ع کان تعليم
کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندي
سال 1979ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.
همعصر:
محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي پلي، حاجي ولي محمد
ورياماڻي، محمد ابراهيم ”پرواز“، محمد ايوب ”ايوب“
آريسر، مير محمد ”ميرل“ فقير سومرو.
حليو ۽ لباس:
مسڪين قد جو ڊگهو، رنگ جو سانورو، چهري تي سنهي
ڏاڙهي رکندو هو، هميشه سفيد لباس پائيندو هو، مٿي
تي سفيد پٽڪو ٻڌندو هو.
وفات:
3 جون 2005ع بمطابق 25 ربيع الثاني 1426هه بروز
جمع شام 2/71 ساڍا ست بجي
درالبقا ڏانهن راهي ٿيو، سندس تربت ڳوٺ وهرو شريف
لڳ عمرڪوٽ ميان جان محمد جي قبرستان ۾ آهي.
ڪافي- روپ وهاڳ
هي جڳ سارو فاني بيشڪ، جنهن ۾ آهن سورئي سور،
جنهن ۾ آهن سورئي سور، دؤر دنيا جو ڏس دستور.
راڻو مومل لئي مستانو، هير لاءِ رانجهو ٿيو
حيرانو،
ليلان خاطر قيس ديوانو، ملڪن منجهه ويو ٿي مشهور.
سهڻي ساهڙ ڪاڻ تري ٿي، ليلان داسڙي لاءِ ڳري ٿي،
پرٽ پنهون لئي پاڻ مري ٿي، دلبر جنهن کان ٿيئڙو
دور.
حضرت يوسف ٻانهو ٿيئڙو، ذڪريا ڪرٽ سان وڍجي ويئڙو،
يونس پيٽ مڇي جي پيئڙو، دار تي لٽڪي ويو منصور.
عشق لکن جا سر لهرايا، شاهه گدا ”مسڪين“ مارايا،
”محمد“ مردن درجا پايا، مولا وٽ ويا ٿي منظور.
ڪافي- روپ جوڳ
درد دلبر جي ڪيو، ديوانه مان ڪنهن کي چوان،
نيهن جي ناتي ڪيو، نادان مان ڪنهن کي چوان.
باهه ڪيو بيمار منهنجو، بره واري سڀ بدن،
جان جيءَ پيا منجهه جلن، جولان مان ڪنهن کي چوان.
سوز جي سامان ڌاران، ناهه مون وٽ ٻيو ثمر،
هوت هڪ جي ياد ۾، حيران مان ڪنهن کي چوان.
روح کي راحت نڪي آ، قلب کي هت ڪو قرار،
ڦٽ فراقن جا چڪيا، ارمان مان ڪنهن کي چوان.
آه سردو رنگ زردو، ٿي ويو ”مسڪين“ جو،
مئي محبت جي ڪيو، مستان مان ڪنهن کي چوان.
ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ڏانهن منسوب پيشنگوئي
انگريزن اسان جي سنڌ ملڪ تي هڪ سؤ سال حڪومت ڪئي،
انهيءَ عرصي ۾ انگريز اسان جي ملڪ جي جاگرافي،
ٻولي، ادب، تاريخ، عوام جي سماجي پهلوئن ۽ مذهب
سان ڪهڙا ڪهڙا ويل وهايا ۽ ڪهڙن طريقن سان اهي ڪڌا
ڪم ڪيا اهو تمام وڏو داستان آهي، اسين انهن جي
تفصيلي ذڪر کي في الحال مؤخر ڪري اچون ٿا، لواري
شريف جي درگاهه تي پيدا ڪيل حالتن تي.
انگريز اسان جي سنڌ ملڪ جي سڀني طبقن جي ماڻهن جي
نفسيات جو مطالعو ڪيو ۽ انهي مطالعي جي گس کان ئي
اسان تي وار ڪيو، هنن کي خبر هئي ته هي جيڪي سنڌ ۾
آزادي جون تحريڪون اٿي پيون آهن، اهي ڪنهن به طرح
سان هن ملڪ مان سندن پير اکوڙينديون، هن حقيقت کي
سمجهندي هنن ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا، جن مان ڪي خاص
هن طرح سمجهه ۾ اچن ٿا.
1. برصغير ۽ خصوصاً سنڌ ۾ مذهبي اختلافن کي اڀارجي
۽ انهن جي مختلف گروهن جي مدد ۽ ٽيڪ ڪري انهن کي
مد مقابل آڻجي.
2. سنڌ ۾ موجود درگاهن ۽ درسگاهن جي عقيدن ۽
تعليمات ۾ موجود اختلافن ۽ اعتراضن کي اڀاري هڪڙن
جي سرپرستي ڪجي ۽ ٻين کي پنهنجي مخصوص سرڪاري
ڇاڙتن
(Planted Persons)
جي مدد سان همٿائجي ته جيئن ماڻهو هنن معاملن ۾
منجهي پون ۽ سرڪاري سڳوري ڇا پئي ڪري ان طرف سندن
ڌيان نه وڃي.
3. سنڌ ۾ موجود ماڻهن تي پنهنجو هٿ رکڻ لاءِ کين
سرڪاري اعزازت (خانصاحب، خان بهادر ۽ مختلف درٻارن
۾ ڪرسيون ڏيڻ) سان نواز جي هن معاملي ۾ ڪجهه ماڻهو
ته باقاعده سفارشن، سرڪار جي خدمت (جنهن ۾ ڪيترائي
عوام کي ڏکوئيندڙ ڪم پڻ شامل هئا) انهن ۾ مصروف ٿي
اعزازات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيا ته ڪجهه باهمت ۽
باڪردار ماڻهن تي سرڪار پنهنجو هٿ رکڻ خاطر اهي
اعزاز، انعام ۽ آفرين ناما سندن نالي ڪيا، پوءِ
وقت اچڻ تي انهن باهمت، بااصول ۽ باشعور ماڻهن
سرڪار جي اعزاز نامن کي پاسي تي رکي حق جي طرف ٿي
بيٺا. سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا گهڻا ئي مثال موجود
آهن.
4. انگريزن جي دور ۾ حزب اختلاف جو سمورو ڪردار
برصغير ۾ علماءَ ڪرام ۽ مختلف پيراڻن گادين جي
سجاده نشين ٿي ادا ڪيو ۽ اهي گادي نشين به اڪثر
عالم سڳورا ئي هئا.
انگريز سرڪاري کي هن ملڪ مان جيڪي قلمي ڪتاب،
نواردات ۽ ٻي ملڪيت پنهنجي ملڪ منتقل ڪرڻي هئي، ان
لاءِ ضروري هئو ته حزب اختلاف جي توجه ڪنهن ٻئي
مسئلي طرف متوجهه ڪرائجي. ٻي طرف اسلام دشمني ۾
هميشه اهڙائي مصنوعي مسئلا اٿاريا ويا، جن سان نه
صرف عوام جو رد عمل جذباتي هجي بلڪ مسلمانن لاءِ
ئي مشڪلاتون پيدا ٿين، هن قسم جي خود ساخته مسئلن
۾ يا ته مسلمانن کي برصغير جي ٻين غير مسلمانن سان
وڙهايو ويو يا وري مسلمانن جي مختلف گروهن کي پاڻ
۾ دوبدو آندو ويو.
هنن مسئلن پيدا ڪرڻ سان نه صرف انگريز سرڪار کي
پنهنجي واپسي جا مرحلا آسان ڪرڻ ۽ انهن کي طوالت
ڏيڻ ۾ مدد ملي پر ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين انهن
پيدا ڪيل مسئلن جي منفي اثرات جا فائدا پڻ حاصل
ٿيا.
هنن مسئلن جي لسٽ ۾ لواري شريف ۾ پيدا ڪيل ”مصنوعي
حج“ وارو معاملو به هئو، جنهن کي اهڙي طرح منجهائي
پيش ڪيو ويو جو اصل حقائق تائين پهچڻ ئي مشڪل ٿي
پيو، هن ڪم لاءِ سرڪاري مشينري ۽ سرڪاري ماڻهن کي
باقاعده سرگرم عمل ڪيو ويو. ڪوڙا اطلاع ۽ افواه
پکيڙي معصوم مسلمانن جي ذهنن ۾ غلط فهميون پيدا
ڪيون ويون. پروپئگينڊا منفاقت ۽ چاپلوسي جي هٿيارن
کي استعمال ڪري نقشبندي سلسلي جي سنڌ ۾ هن معتبر ۽
ممتاز درجي واري درسگاهه کي نشانو بڻايو ويو،
نقشبندي سلسلو ۽ لواري شريف جي نالي ۾ پيدا ڪيل
هنن افواهن جو ته پاڻ ۾ ڪوبه، ايمان ۽ عقيدي جو
تعلق ئي نه آهي. نقشبند جهڙي شريعت جي سخت پابندي
واري سلسلي ۾ وري هيءُ حج جهڙي اهم اسلامي رڪن
(فرض) سان هٿ چراند، مگر هنن حقائق تي سوچڻ، سمجهڻ
۽ تحقيق ڪرڻ جي فرصت ئي نه ڏني وئي ۽ اهڙو ممڻ متو
جنهن جي هل هنگامي ۾ حقيقتن تي ڪوڙ جا ڪيئي پردا
چڙهي ويا. سڄي علمائن جي حزب اختلاف هن هنگامي جي
مونجهارن جي ڪُن ۾ قابو ٿي پئي ۽ سرڪاري ڪارندن جو
هر حربو ڪامياب ويو. هن هنگامي جا تفصيل ته تمام
گهڻا آهن، جن ۾ عالمن جون مختلف محاذن تي ڪميٽيون
ٺهيون، 9- ذوالحج تي لواري شريف ايندڙ قافلن کي
روڪڻ لاءِ رستا جهليا ويا. هن عمل کي ’ستياگرهه‘
جو نالو ڏنو ويو، هن ستياگرهه جو اکين ڏٺو احوال
ڪجهه رسالن ۾ شايع ٿيو هو، ان جي مطالعي مان سرڪار
جي ڊپلوميٽڪ پاليسين جو بخوبي پتو پئي ٿو. هتي آءٌ
اڃان به هڪ ڳالهه ۾ منجهيل آهيان ته اسين هِن
معاملي کي ’مصنوعي حج‘ چئون يا نه. ڪٿي هيءُ فقرو
اسان کي غلط نموني ته نه ٻڌايو ۽ چوايو ويو آهي،
ڇو ته ’حج‘ معنيٰ ’حج!‘ ۽ حج اسلام جي پنجن فرائضن
مان هڪ اهم فرض آهي، پوءِ ان سان مصنوعيت سلهاڙڻ
ڪيئن صحيح ٿيندو. هن سلسلي ۾ اسانجي علماءِ ڪرام
کي منافقن جي ڪردار ۽ اسلامي معاشري ۾ ان جي
پيوستگي تي پڙهڻ، لکڻ ۽ سمجهائڻ گهرجي. منافق آهي
ڇا؟ ان ڇا جو ٺيڪ کنيو آهي ته هو اسلام کي نقصان
پهچائڻ لاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو؟ قرآن
مجيد ۾ بيان ڪيل منافقن جو نشانيون پاره قدسع الله
281) ۾ آيل سوره المنافقون جو تفسير پاڪ ۽ سيرت
پاڪ ۽ اسلامي تاريخ ۾ آيل واقعن جو چٽو اظهار ڪرڻ
گهرجي. مغالطن ۽ غلط فهمين جي رد ۾ آيل اسان جي
سنڌ جي هُن تاريخ جو صحيح رخ هڪ منصف جي حيثيت سان
متعين ڪرڻ گهرجي. هتي اسين هنن تمام تفصيلن کي
ڪنهن ٻئي موقعي لاءِ رکي صرف ان پيشنگوئي جو ذڪر
ڪنداسين، جيڪا پڙهندڙن کي حضرت مخدوم عبدالرحيم
گرهوڙي جي نالي ۾ مشهور ڪري ڏني وئي آهي.
حضرت مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي مان ۽ مرتبي کان
اسان جو ڪهڙو باشعور فرد اڻواقف هوندو. حضرت مخدوم
صاحب، عالمِ دين، مفسر، مجتهد، صوفي، مُدرس،
اولياءَ الله شاعر ۽ شهيد هو. هيتريون سڀ عزتون،
اعزاز ۽ مرتبا اسان جي ٻئي ڪنهن به بزرگ کي شايد
نصيب ٿيا هجن. سندن سوانح ۾ ديني، علمي ۽ ادبي
ڪارنامن جي وڏي فهرست آهي، پاڻ ڪيترن ئي اهم
تصنيفات جو مصنف هو ۽ سنڌي ۽ عربي ٻنهي زبانن ۾
سندس تصنفيون موجود آهن.
جڏهن (1956ع) علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو،
حضرت مخدوم عبدالرحيمؒ جي ڪلام کي سهيڙڻ ۽ ترتيب
ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اچي گرهوڙ شريف ۾ ترسيو هو ته
سندس لاءِ وڏو مسئلو اها پيشنگوئي هئي ته ”ڪلام
گرهوڙي“ ۾ شامل ڪجي يا نه.
هيءَ سڄي ڄاڻ ان وقت جي مقامي نوجوان محقق،
تاريخدان ۽ سڄاڻ شخص محترم راڄ محمد پلي صاحب کي
هئي، راڄ محمد صاحب مرحوم احمد علي مجذوب دل صاحب
کي پاڻ سان گڏ وٺي ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب سان
مليو. هن ملاقات وقت وڏيرو محمد عارب پلي همسفر
هو، جنهن هيءَ سڄي ڳالهه مون کي پاڻ ٻڌائي ۽
لکائي. راڄ محمد صاحب دائود پوٽي صاحب کي چيو ته
سائين هي پيشنگوئي گرهوڙي صاحب جي نه آهي، بلڪ
مسودي ۾ پوءِ داخل ڪئي وئي آهي، هن پيشنگوئي جو
ٺاهيندڙ محترم احمد علي ’مجذوب‘ دل صاحب آهي، جيڪو
پاڻ شاعر ابن شاعر، ابن شاعر آهي. دائود پوٽي صاحب
چيو ته هيءَ پيشنگوئي مسودي ۾ شامل آهي انڪري في
الحال ڪتاب ۾ متن کان ٻاهر ڪري رکون ٿا، بعد ۾ ان
تي ويچاربو تنهن تي احمد علي مجذوب مرحوم راڄ محمد
صاحب کي چيو ته جيڪڏهن دائود پوٽي صاحب کي منهنجي
شاعري گرهوڙي صاحب جي شاعري جهڙي ٿي لڳي ته منهنجا
ڀاڳ ڀلا! وڏيري محمد عارب جي چوڻ موجب هي ڪچهري
خوش مزاجي، بجاءِ خشڪيءَ تي ختم ٿي ۽ ڊاڪٽر دائود
پوٽي صاحب پيشنگوئي کي گرهوڙي صاحب جي ڪلام سان گڏ
اشاعت ۾ آڻي ڇڏيو ۽ هن غلط فهمي جو ازالو اڃا
تائين به نٿو ٿئي.
دراصل ستياگره واري زماني ۾ هي خيال جلسن جلوسن ۾
عام ٿيو ته ڇاڪاڻ ته مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي صاحب
جي لواري شريف جي جماعت ۾ تمام گهڻي معتبر ۽
مٿاهين حيثيت آهي سو اگر سندس نالي سان سندس
ٻوليءَ جي لهجي مطابق ڪجهه تُڪون آڻجن ته ماڻهن کي
وڌيڪ يقين ٿي ويندو ته گرهوڙي صاحب به پيشنگوئي
ڪري ويو آهي، ته لواري شريف ۾ هي حالات پيدا
ٿيندا،گرهوڙي صاحب جو نالو استعمال ڪري پنهنجي
احتجاج کي اڃا به سگهارو ڪري سگهبو.
هن پيشنگوئيءَ جي ٺاهڻ جي ذميواري مجذوب صاحب کي
ڏني وئي ۽ مولوي عبدالله مري ڦلهڏين واري ۽ مولوي
خيرمحمد نظاماڻي صاحب سندس مدد ڪئي.
مون وڏيري محمد عارب جي ٻڌايل هن ڪچهري کان اڳ هڪ
ڪچهري مولوي عبدالله مري صاحب سان به ڪئي هئي. ڇا
ته علم جو بحر هو، مرحوم جيترو علم ۾ گهڻو ان کان
گهڻي حليمائي، عجز ۽ نيازمندي. مون سان ائين ڪچهري
ڪيائين ڄڻ مون کان سکندو هجي. هن رتيءَ جي رهاڻ
مون کي ته سچ پڇ سندس معتقد ٺاهي ڇڏيو. آئون جڏهن
مڊل اسڪول ۾ پڙهندو هئس ۽ اسڪول ۾ هڪ انعامي
مقابلي لاءِ مون سندس سوانح عمري ۽ خدمتن تي هڪ
مضمون لکيو هو. ان مضمون تي مونکي پهريون نمبر
انعام مليو. بعد ۾ مون جڏهن کيس مضمون پڙهي ٻڌايو
ته انتهائي پيار ۽ پاٻوهه سان ان ۾ اضافو به
ڪيائين، پر ڪنهن به علمي رعب تاب کانسواءِ. پاڻ
ٻڌايائين ته فرنگين سڄي سنڌ ۾ درگاهن ۽ درسگاهن جي
تقدس کي پائمال ڪرڻ لاءِ مصنوعي درگاهون ٺهرائي
(انهن درگاهن، مان ڪي ته جانورن تي پڻ ٺهيل هيون.)
بدعتن جو ڄار وڇايو. ڪجهه باڪمال بزرگن جي پونيئرن
جي جهالتن ۽ غفلتن سبب به ائين ٿيو. اسان جي علمي
درسگاهن جي وجود جو فائدو وٺي ڪيترن ئي نقلي مرشدن
پنهنجا ڍونگ پکيڙيا ۽ پئسا ميڙڻ جي لاءِ غريب ۽
معصوم عوام کي گمراهه ڪيو. پوءِ جڏهن هيءُ بدعتن ۽
خلاف شِرح جو عمل عام ٿيو ۽ مصنوعي درگاهن تي
گانجي ۽ شراب جا اڏا ٺهي ويا ته پوءِ جيڪي اصلي
درگاهون ۽ درسگاهون هيون، انهن جي خلاف پروپئگينڊا
شروع ڪئي ويئي ته درگاهن تي ههڙا بدعتي ڪم ٿا ٿين.
انهيءَ پروپئگينڊا جو اثر هو، جو ماڻهن جي هجومن ۾
سچ ۽ ساڃاهه کي ڳولي لهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويو هو، هن
سڄي جنگاه ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي کي پنهنجي
نثر جي مهارت مان فائدو وٺي اسلامي ناول لکڻ جو ڪم
سونپيو ويو، ڏيپلائي صاحب نه صرف اسلامي تاريخي
ناول لکي شهرت ماڻي، پر هن صاحب غير شرعي عملن ۽
اسلامن بدعتن جي پرچارڪن جن مصنوعي درگاهن جا روپ
ٺاهي پنهنجي معيشت بحال ڪئي، انهن جي بداعمالين تي
به ننڍا ننڍا ڪتاب لکيا جيئن مرشد جو ٻڪر، ”مرشد
جو آنو-!“ مرشد جو....! وغيره جن کي پروپئگينڊا
ڦهلائيندڙن ٻئي رخ ۾ استعمال ڪيو، ساڳي وقت هنن
پروپئگينڊا ڪندڙن ۽ نقلي درگاهن جي حمايت ڪندڙ ۽
زميندارن وڏيرن خلاف به ڏيپلائي صاحب تصنيفات
آنديون، ڏيپلائي صاحب جي ڪم کي خواه مخواهه ابتو
تعبير ڪيو ويو، کيس ايئن ظاهر ڪيو ويو ته ڪو هو
صاحب پيرن ۽ وڏيرن جي خلاف آهي، حالانڪ ائين بلڪل
ڪو نه هئو. ڏيپلائي صاحب جو هڪ ئي ناول سانگهڙ
انهن مڙني ابتڙاين جو رد آهي. اهڙي طرح مولوي احمد
ملاح جي شاعري کي به سڄي لواري شريف جي درگاهه ۽
خاص طرح نقشبندي سلسلي جي عقائد (جنهن جو هو خود
به پوئلڳ هو) جي خلاف استعمال ڪرڻ بجاءِ هن مخصوص
غلطفهمين جي موقعي جي پس منظر ۾ پڙهڻ سمجهڻ گهرجي.
گرهوڙي صاحب جي نالي ۾ ٺاهيل هٿرادو پيشنگوئي ۾
مجذوب صاحب پنهنجي ٻولي جي ڄاڻ جي استعمال سان گڏ
الف اشباع جي قافيي مان به استفادو ڪيو آهي ۽
گرهوڙي صاحب جون ڪي سٽون ۽ تڪون به هوبهو رکيون
آهن، جنهن سان عام پڙهندڙ کي هيءَ پيشنگوئي گرهوڙي
صاحب رحه جي ئي محسوس ٿئي ٿي. هڪ ڪچهريءَ ۾ سائين
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ٻڌايو ته هِن
پيشنگوئي جي ٺهڻ ۽ استعمال کان اڳ اسانجو (بلوچ
صاحب جو) نانا سائين هِن پيشنگوئيءَ جون ڪجهه
تُڪون ٻڌائيندو هئو. هيءَ ڪچهري مون ۽ فيض کوسو
صاحب اداره
K.T.N
لاءِ بلوچ صاحب جي گرهوڙي صاحبؒ متعلق گفتگو رڪارڊ
ڪرڻ وقت سندس گهر (قاسم آباد) ۾ ڪئي.
هيءَ پيشنگوئي 1359ع ۾ مڪتبه شمسيه سکر مان شايع
ٿي، جنهن ۾ اهو گمان ڪيو ويو ته اها پيشنگوئي
مرحوم محمد هاشم مخلص ٺاهي آهي، تذڪره لطفي
(1943ع) ۾ مخدوم لطف الله بدوي صاحب بغير ڪنهن
ٺاهيندڙ جو نالو کڻندي هن پيشنگوئي کي ڪنهن سگهڙ
جي قرار ڏنو آهي. هن جو مطلب ته ٻنهي کي اصل
ٺاهيندڙ جو نالو نه مليو آهي.
هن پيشنگوئيءَ کي سڀ کان پهرين مخدوم امير احمد
عباسي کهڙوي صاحب تحريري طور احمد علي مجذوب ڏانهن
سڌو منسوب ڪيو آهي، ٽماهي جي مهراڻ 4- 3- 1966
واري پرچي ۾ سندس مضمون شايع ٿيو آهي، مير حاجي
محمد بخش ٽالپر مهراڻ 1- 1982ع ۾ هن پيشنگوئي کي
’ٿي سگهي ٿو‘، جي لفظن سان مجذوب ڏانهن منسوب ڪيو
آهي.
ان کانپوءِ سيد احمد شاهه گرهوڙي ۽ درگاهه شريف
لواري طرفان پڻ وضاحتون شايع ٿي چڪيون آهن.
1961ع ۾ خانصاحب عبدالڪريم ڪريم پلي، محترم راڄ
محمد پلي ۽ معمور يوسفاڻي، جليل سروري، ولي محمد
وفا پلي صاحب ۽ احمد پلي مرحوم ڳوٺ خان صاحب عطا
محمد پلي ۾ اداره نوائي ادب جو بنياد رکي ڪتاب
وڻجارڻ وايون مصنف عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي شايع
ڪرايو، هن ڪتاب جي پيش لفظن، مقدمي ۽ تفريظ طور
جناب غلام گرامي صاحب مخدوم امير احمد صاحب ۽ محمد
عثمان ڏيپلائي صاحب پنهنجا مضمون شامل ڪيا. هن
ڪتاب ۾ احمد علي مجذوب جو ڪلام ۽ سوانح موجود آهي
۽ پاڻ ان وقت حيات هئا، دراصل هيءُ ادارو ۽ ڳوٺ ئي
اهڙو مرڪزي نقطو آهي، جتي هنن سڀني جون پاڻ ۾
گڏجاڻيون ٿيون آهن، پيشنگوئي تي گفتگو ٿي آهي ۽
پوءِ هر ڪنهن بزرگ پنهنجي طريقي سان روايت کي پڪن،
پختن، دليلن سان تحرير ڪيو آهي، هن ماحول جي
اُٿياڪ ۾ 6- 5 سال پهرين ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب
تائين به هن حقيقت کي پهچايو ويو آهي، جنهن صاحب
به نالن جي نشاندهي کانسواءِ هن پيشنگوئي کي
مصنوعي قرار ڏنو آهي، حالانڪ ان کان پهرين مڪتبه
شمسيه وارن پنهنجي اندازي سان مخلص مرحوم جوو نالو
کنيو آهي، محترمه غلام محمد گرامي صاحب جيڪو راڄ
محمد پلي ۽ عبدالڪريم صاحب جو دل گهُريو دوست ۽
محسن هو، ان مهراڻ 1971ع واري مضمون ۾ هنن ٻنهي
معززين جو نالو کڻڻ کانسواءِ اهو لکيو ته مولوي
مجذوب جا سوين احباب ان قول جا شاهد اڄ به موجود
آهن-!
گرامي صاحب جيڪا پنهنجي مضمون ۾ کلي راءِ ۽ مجذوب
صاحب جي اعتراف جو بيان پيو ڪري ۽ ڪچهري جنهن ۾
موجود ماڻهن جا نالا ٻڌائڻ کان پيو لنوائي اها
ڪچهري به راڄ محمد صاحب وٽ ئي ٿي آهي، جتي گرامي
صاحب ۽ مجذوب جون به خوب ڪچهريون ٿيون آهن. هنن
بزرگن مان ڏيپلائي صاحب ته هئو ئي خانصاحب عطا
محمد وٽ ملازم (منشي) پر کيس خانصاحب عطا محمد جا
فرزند چاچا چوندا هئا ۽ سندس علمي بصيرت سبب
پنهنجو بزرگ سمجهندا هئا. گرامي صاحب جن مصلحتن
تحت نالا نه کڻڻ جو لکيو آهي، اسين انهن مصحلتن
کان آگاهه هوندي به ان کي موخر ڪندي يا ڪنهن ٻئي
موقعي لاءِ ڇڏيندي، طوالت کان بچندي اچون ٿا مضمون
جي نتيجي تي ته ”مذڪوره پيشنگوئي مخدوم حضرت
عبدالرحيم گرهوڙي صاحب جي نه آهي.“ هنن حقائق جو
پس منظر به اسين ڏيئي چڪا سون ۽ انشاءَ الله ايندڙ
ڪنهن موقعي تي وڌيڪ ڳالهيون ڪبيون، هن موضوع تي
مون، محترم فيض کوسو صاحب (پروڊيوسر) جي
K.T.N
جي ’لواري شريف‘ تي تاريخ پروگرام ۾ به (جيڪو نيٽ
تي موجود آهي) ڪجهه واقعن جو بيان ڪيو هو. اها به
حقيقت آهي ته هن پيشنگوئي جو عوام جي زبان تي اچڻ
بعد ان ۾ جيڪا قطع و بريد ٿي آهي، اها به لوڪ گيتن
جي وجود جهڙي آهي. ان ڪري هن پيشنگوئي جا خالق هاڻ
گهڻائي اهڙا ماڻهو به آهن، جن پنهنجي ڪيني ۽ حسد
جي نمائش به ڪئي آهي.
اسين هن موقف ۾ سنڌ جي انهن بزرگ سان سهمت ۽ چٽا
آهيون ته ”هي پيشنگوئي گرهوڙي صاحب جي ناهي“، مٿين
تاريخي واقعي کي اگر اسين هن وقت ۾ جڏهن اسان جي
سنڌ ڪيترن ئي نون مسئلن ۽ دشمنن جي چالن جو شڪار
آهي، ٻيهر مطالعو ڪريون ٿا ته اندازو ٿئي ٿو ته
سنڌ جي سپوتن جي صفن ۾ وٿيون وجهڻ وارا اڳ به
موجود هئا ۽ هاڻي به نس پس ساڳي صورتحال آهي،
انڪري اسان کي سوچڻو پوندو ته ڪنهن به طرح اسان جا
اندروني اختلاف سنڌ جي ’وحدت‘ تي وار ڪندڙن جو
هٿيار نه بنجن ۽ سنڌ جي موجوده جاگرافيءَ تي ميري
اک رکندڙن کي سگهارو نه ڪن. ان ڪري اسان کي سنڌ جي
ايندڙ نسلن جي رهنمائي طور واقعاتي شاعري کي ۽
واقعاتي ڳالهين کي انهن واقعن تائين ڇڏي اڳتي
سوچڻو پوندو ۽ پنهنجي ساٿ کي مضبوط ڪري اڀرن سڀرن
جو خيال رکڻو پوندو ۽ پنهنجي اتحاد جي رسي کي
سگهارو ٺاهڻو پوندو.
هڪ جو هڻي هٿ کڻي، ٻيو جو جهلي گهاءُ
انهيءَ سرڪيءَ ساءَ اهي ڄاڻن ٻه ڄڻا
(گرهوڙيؒ )
مددگار ڪتاب:
1.ڪلام گرهوڙي، مولف: شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمربن
محمد دائود پوٽو، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ.
2. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (قدس سره)، سائين بخش
قبولائي، مولوي محمد عظيم بخش خان، شاهي بازار
شڪارپور، 1993ع.
3. گرهوڙي ڏانهن منسوب پيشنگوئي (مضمون)، (تحقيق ۽
تنقيد جي روشني)، مولانا غلام محمد گرامي (مرحوم)،
آڪٽوبر 1986ع، ناثر انتظاميا جماعت لواري شريف-
سنڌ.
4. گرهوڙي جون پيشنگويون، مرتب: مخدوم شبير احمد،
سهائي اشاعت گهر، حيدرآباد، 2010ع.
5. وڻجارن وايون (ڇاپو ٻيو)، عبدالڪريم پلي، سنڌي
ادبي بورڊ، 2022ع.
6. ٽماهي مهراڻ مختلف پرچا.
7. ماهوار قِرآني (ولهيٽ) جا مختلف پرچا.
وضاحت:
دائود پوٽي صاحب- 1934ع کان پير جهنڊي جي
لائبريريءَ مان هٿ آيل گرهوڙي صاحب رحه جي سنڌي
ڪلام تي ڪم شروع ڪيو، ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب کي
هيٺيان قلمي يا لاءِ راوي مليا کيس هڪ نسخو
گربخشاڻي صاحب کان مليو، عبدالحئي نقرچ وڏو نسخو
دين محمد سومري هٿان مليو.
1. ڪلام گرهوڙي 1904ع ۾ ڄام ڪانڀو خان جي اهتمام
سان ڇپيو.
2. ڪلام گرهوڙي- مولوي حاجي عبدالرحيم مگسي 1931ع.
3. سيد عطا حسين موسوي طرفان پڻ سنڌي ڪلام جا نسخا
مليا.
4. ميان گل حسن لواري واري وٽ پيل نسخو ماستر شير
محمد صاحب هٿان نقل ڪرائي ڀيٽ لاءِ موڪليو.
5. مير خان محمد ٽالپر جو نسخو محمد اشرف قاضي
ٽنڊي جان محمد واري کان مليو.
6. بلوچ صاحب به ڪجهه ڪلام هٿ ڪري ڏنو.
خاص ڳالهه ته اها خبر نٿي پوي ته هنن نسخن مان
ڪهڙن ۾ هيءُ پيشنگوئي شامل آهي ۽ ڪهڙن ۾ نه آهي.
مخدوم سليم الله صديقي
پاٽ شريف
زبدة المواليد
سونهاري سنڌ هر دور ۾ اهڙين شخصيتن کي جنم ڏنو جن
جي خوشبو نه صرف ڏيهه کي واسيو بلڪ پرڏيهه ۾ به
انهن جو واس محسوس ڪيو ويو. نبي آخر زمان ﷺ جن به
سنڌ مان ايندڙ هير جو ذڪر فرمايو آهي:
هير هلايو هل، هيڪاندن ٿي هاڪَ،
سُڪن ڀِڃايو ماڪَ، مرڪي ڏنو مارن.
(سليم)
محترم
حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري نه رڳو ”زبدة
المواليد“ جو سنڌي ترجمو ڪيو، پر ان کان اڳ سندس
ڏهن ضخيم جلدن تي مشتمل تحرير ”افهام القاري شرح
صحيح بخاري به زبان سنڌي“ تحرير ڪري هِن مان واري
ڪم کي مانائتي انداز ۾ پيش ڪري سنڌي ٻولي ۽ سماج
لاءِ جيڪا خوشبو ڦهلائي ان جو قدر صرف سنگهندڙ ئي
ڄاڻندا.
پنهنجي قلمي ڪاوش کي جاري رکندي سڪندري صاحب ”زبدة
المواليد“ جو عربيءَ مان سنڌيءَ ترجمو ڪري شايع
ڪرايو آهي، جنهن جي تخريج ۽ تحقيق مفتي عبدالخالق
راهمون سڪندري جن ڪئي آهي.
”زبدة المواليد“ جو زبان عربي مصنف سيد علي محمد
شاهه دائري وارو المتوفي 1287هه آهي. يقيناً دائري
وارن جون علمي ۽ ادبي خدمتون اهل سنڌ لاءِ هڪ روشن
باب جي حيثيت رکن ٿيون.
هن ڪتاب ۾ ميلاد شريف سان منسلڪ روايتون ۽ رائج
طريقا ڄاڻايل آهن. اڪثر ڪري خطيب پاڻ ڪريمن ﷺ جن
جي حياتيءَ جي مختلف پهلوئن کي مستند حديثن جي
حوالي سان بيان ڪندو ويندو هو ۽ مولود چوڻ وارا ان
جي پڄاڻيءَ تي مدح ۽ مولود چوندا هئا، اهي ئي
ڳالهيون ”زبدة المواليد“ يا ميلاد نامي ۾ سيد علي
محمد شاهه دائري واري تحرير ڪيون آهن. سائين علي
محمد شاهه اڏيرولعل ۾ جنهن مدرسي جو بنياد وڌو
اُهو دائري وارو مدرسو سڏيو ويو ۽ انهي نسبت سان
عام طور خود سيد علي محمد شاهه به دائري وارو يا
دائرائي سڏيو وڃي ٿو. دراصل هي دائري وارو مدرسو
مغل دور ۾ اگهاماڻي ۾ قائم ڪيو ويو جنهن جو باني
عبدالحميد ولد محمد ولد درس پلي هو، عبدالحميد جو
اولاد درس پلي جي پنجن پاڙن (پيرج، سومريجا،
حميدجا، ۽ ويسا) مان ’حميدجا‘ پاڙو سڏيو وڃي ٿو.
درس عبدالحميد کان پوءِ سندس ٽيون نمبر فرزند ميون
سڄڻ معلم ٿيو جنهن بعد ۾ مدرسي کي منتقل ڪري مِسڻ
(ٽنڊوالهيار) جي قريب قائم ڪيائين، جتي بعد ۾ حافظ
اسمٰعيل ثاني ۽ حافظ علي محمد سنيهڙو به هي مدرسو
هلائيندا هئا، جنهن کانپوءِ اُهو مدرسو ميئين ڪامل
سنڀاليو. ميئين ڪامل جي ان خطي جي مشهور بزرگ
ميئين صابر ولهاري سان روحاني جهڙپ ٿي، ان بعد
ميون ڪامل ساماري تعلقي جي ديهه چنگل ۾ منتقل ٿيو.
اُتي به دائري واري نالي سان مدرسو جاري رکيائين،
سائين علي محمد شاهه هن مدرسي ۾ تعليم ورتي يا نه
اِها تصديق ڪونه ٿي ٿئي، البته ’پلي‘ ذات جي عالمن
۽ بزرگن سان سندن تعلق گهرو ۽ گهاٽو رهيو ۽ پاڻ
نماز جي مسئلن تي هڪ ڪتاب ”مفتاح الصلوات“ درس
عبدالمالڪ پلي جي چوڻ تي لکيائين، جنهن جو ذڪر پاڻ
ڪتاب جي مقدمي ۾ ڪيو اٿس، شاهه صاحب پنهنجي مدرسي
۾ به ساڳي دائري واري مدرسي جي طرز تي کٿابين کي
گول دائري ۾ ويهاري سبق ڏيندا هئا جنهنڪري هيءُ به
دائري وارو مدرسو مشهور ٿيو.
سنڌ جي انهن مستند تاريخي روايتن جي بنياد تي
سهيڙيل شاهه صاحب دائري واري جي عربي ڪتاب کي مفتي
عبدالرزاق مهراڻ سڪندري سليس سنڌي جو لباس ڍڪائي
عام پڙهندڙ لاءِ نه رڳو سهنج پيدا ڪيو آهي، بلڪه
تاريخ جي هڪ اهم باب کي پڻ محسوس ڪيو آهي. جنهن
لاءِ کيرون لهڻي.
ميرزا دبير
ڪتاب ”تحقيقي مقالا ۽ لغوي تنقيدون“
(جائزو)
”مقاله“ عربي زبان جو لفظ آهي، جنہن جي معنيٰ آهي:
چيل ڳالهه- گفتگو- تفصيلي مضمون.
”مقاله“ ڪنهن موضوع بابت پوشيده حقيقتن کي حتمي
دليلن سان حوالن جي روشنيءَ ۾ چِٽو ڪري نتيجو اخذ
ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو. ”ڪشاف تنقيدي
اصطلاحات“ موجب: ”مقالہ
وہ
جامع نثری
مضمون
ہے
جس میں
کسی
خاص موضوع پر عالمانہ
تحقیق
و تنقید
کی
گئی
ہو۔“
سنڌي ادب ۾ مقاله نگاريءَ جو فن گھڻي وقت
کان مروج آهي ۽ سنڌ جي مشهور و معروف اسڪالرن جا
مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻيل آهن. جن
مان ورهاڱي کان پهرين، سنڌي ٻوليءَ جي مشهور رسالن
”روح رهاڻ“، ”سنڌو“، ”اديب سنڌ“ ۽ ورهاڱي کانپوءِ
”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ ۾ سنڌ جي ادب ۽ تاريخ جو
وڏو اهم ۽ ناياب ذخيرو سمايل آهي.
سنڌ جي ادب، تاريخ ۽ ثقافت بابت تحقيقي
مقالا لکڻ ۽ مواد جي کوجنا ڪري مستند حوالن جي
روشنيءَ ۾ حتمي نتيجا اخذ ڪرڻ جو جديد مغربي
تحقيقي طريقيڪار ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ
ڏَسايو، پر انهيءَ طريقيڪار کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائودپوٽه جو اهم ڪردار رهيو. ڊاڪٽر
دائودپوٽه جا گھڻي قدر تحقيقي مضمون ۽ مقالا سنڌي
ٻوليءَ جي اهم ماهوار رسالن ”سنڌو“ ۽ ”نئين زندگي“
جي صفحن جي زينت بڻيل آهن. جن مان ماهوار ”نئين
زندگي“ ۾ شايع ٿيل مضمون ۽ مقالا خانم خديجه
دائودپوٽو ”مضمون ۽ مقالا“ جي ئي نالي سان ڪتابي
صورت ۾ سهيڙيا. جڏهن ته ماهوار ”سنڌو“ رسالي ۾
ڇپيل مضمون ۽ مقالا ”سون برابر سڳڙا“ جي نالي سان
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي مرتب ڪيا.
ڊاڪٽر دائودپوٽه جا ”مضمون ۽ مقالا“
ڪتابي صورت ۾ سندن وصال بعد سال 1978ع ۾ شايع ٿيا. جنهن کانپوءِ سنڌ جي ٻين
به اسڪالرن جي مضمونن ۽ مقالن جا مجموعا سندن وفات
کانپوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ لڳا. جن ۾ ڊاڪٽر
عطا محمد حاميءَ
جي مقالن جو مجموعو ”وکريل موتي“ مقصود گل سهيڙي،
سندن پهرين ورسي 03- جون 1983ع جي موقعي تي شايع
ڪرايو ۽ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ جي مضمونن
جو مجموعو ”مضامين ِ
خليل“ عبدالقيوم ’صائب‘
مرتب ڪري، سندن پهرين ورسي 19- نومبر 1983ع جي موقعي تي پڌرو ڪرايو.
ڊاڪٽر دائودپوٽه کانپوءِ جديد تحقيقي
طريقيڪار کي اڳتي وَڌائڻ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جو نالو سرفهرست آهي. ڊاڪٽر بلوچ جا سنڌ جي ادب،
ثقافت ۽ تاريخ بابت لکيل تحقيقي مضمون ۽ مقالا
پنهنجي اهميت ۽ افاديت ۾ منفرد مقام رکن ٿا؛ جيڪي
”ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا“ (07 جلد)، ”سنڌ جي تاريخ“،
۽ ”مضمون ۽ مقالا“ جي عنوانن سان شايع ٿيا آهن.
انهن کانسواءِ سنڌ جي ٻين به مشهور و معروف
اسڪالرن جي مضمونن ۽ مقالن جي مجموعن مان سيد حسام
الدين راشديءَ جا مقالا ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“
مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو (1992ع)، لطيفيات تي
معمور يوسفاڻيءَ جا مقالا ”ڀٽائيءَ جو مطالعو“
مرتب: ڊاڪٽر اسد جمال پَلي (2005ع)،
ڍوليو ڍٽ ڌڻي (لطيفيات) معمور يوسفاڻي، مرتب: اسد
جمال، ڪائو ڪمايوم، مصنف: معمور يوسفاڻي، مرتب:
اسد جمال، سنڌ ۾ شاهه ولي الله جا همعصر بزرگ،
معمور يوسفاڻي، مهراڻي جو مور، معمور يوسفاڻي،
پروفيسر محرم خان وگھامل جا مقالا ”سنڌ- سنڌي ٻولي
۽ سنڌي شاعري“ (آڳاٽو دؤر) مرتب: محمد ابراهيم
جويو (2007ع)، ڊاڪٽر اياز قادري جا مضمون ۽ مقالا
”مشعل ِ اياز“ (2007ع)، ڊاڪٽر حميده کهڙو جا مقالا
”سنڌ- ماضي، حال ۽ مستقبل“ مترجم: منصور قادر
جوڻيجو (2007ع)، سرفراز احمد ڀٽيءَ جا مقالا
”مقالات ِ سرفراز“ ترتيب: ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
(2011ع)، غلام رباني آگرو جا مضمون ۽ مقالا ”ٿيا
قلبَ قرار“ مرتب: نصير مرزا ۽ الطاف آگرو (2013ع)،
انور پيرزادي جا مضمون ۽ مقالا ”جديد سنڌي ادب“
(2010ع)، سراج جا مضمون ۽ مقالا ”مون جا سِرجي
سِٽ“ (2017ع) ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جا
مقالا ”ميراث ِ مجيدي“ (2020ع) ڪتابي صورت ۾ شايع
ٿيا آهن، جيڪي سنڌ جي علم و ادب ۽ تاريخ ۾ خاص
اهميت رکن ٿا.
ان ئي سلسلي جي معروف اسڪالرن ۾ اسان کي
هڪڙو نالو سنڌ جي هڪ اهڙي معتبر هستيءَ جو به ملي
ٿو، جنهن پنهنجي منفرد شخصيت ۽ علم و ادب تي
استعداد رکندڙ نقاد ۽ علم اللغات ۾ هڪ سُڄاڻ لغت
نويس جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرايو آهي ۽ اُهو نالو آهي
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛
جنهن جون سنڌي ٻولي، ادب، لوڪ ادب، ڪلاسيڪي شاعري
۽ لغت نويسيءَ لاءِ ڪيل ڪاوشون ڀلا ڪنهن کان
ڳُجھيون آهن!
هيءُ ڪتاب ”تحقيقي مقالا ۽ لغوي تنقيدون“
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي تحقيقي مقالن جو مجموعو
آهي، جيڪو سندن فرزند ڊاڪٽر اسلم سنديلي محنت سان
نهايت سهڻي انداز ۽ اسلوب ۾ موضوع وار ترتيب ڏئي،
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي ۽ پيڪاڪ پبلشرس
ڪراچي جي سهڪار سان شايع ڪرائي سال 2022ع ۾
منظرعام تي آندو، جنهن جي قيمت آهي -/800 رُپيا.
هِن ڪتاب لاءِ ٻه اکر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جا
لکيل آهن. پيش لفظ
”جوڙ جُتيءَ جو ناهيان“ جي عنوان سان ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙي لکيا آهن. جنهن
پاڻ سنڌ جي مانائتي اسڪالر کي سندن علمي ۽ ادبي
خدمتن جي پيشٖ نظر ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو:
”سنڌي زبان شناسيءَ ۾ نه اڳ ڪو اهڙو غواص ڪنين ٻُڌو نه پوءِ
اکيين ڏٺو. سمنڊ مُنهن ڪرڻ ۽ سوجھڻ جي قابليت ۾
اهڙو يڪتا ۽ يگانو هو، جو عجب مان عالم به پيا
فرمائيندا رهيا ته: ”کيس ڏاتر پاران ڏات ڏني ويئي
اٿس!“ سو بيشڪ سندس تدبر، اڀياس ۽ حتمي راءِ جي
آڏو نه ڪو اچي سگھيو نه شايد ڪو آئينده سينو ساهڻ
۽ سر کڻڻ جي همت ڌاري سگھي.“ (ص:9)
...۽ پوءِ ڊاڪٽر صاحب ڪتاب ۾ شامل هر هڪ مقالي جو اڀياس ڪري، ڊاڪٽر سنديلي
صاحب جي تحقيق، تنقيد ۽ لغت شناسيءَ جو فني نقطهء
نگاهه کان جائزو پيش ڪيو آهي. اُن کانپوءِ ڪتاب
لاءِ پنهنجي پاران ”ڊاڪٽر سنديلو- لغوي نقاد“ جي
عنوان سان ڊاڪٽر اسلم سنديلي لکيو آهي. جنهن ۾ پاڻ
”جامع
سنڌي لغات“ بابت ڪجھ حقيقتون ۽ وضاحتون ڊاڪٽر
مرليڌر جيٽلي جي خطن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيون آهن،
جنهن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي سنڌي ٻوليءَ
جي لغت لاءِ جاکوڙڻ جي پروڙ ملي ٿي.
هِن ڪتاب ”تحقيقي مقالا ۽ لغوي تنقيدون“
۾ شامل مقالن کي موضوع وار چئن حصن ۾ هِن
ريت ترتيب ڏنو ويو آهي: (1) ”لغات ۽ لغوي
تنقيدون“،
(2) ”ڪلاسيڪي ڪلام جو تحقيقي جائزو“، (3)
”شخصيتون“ ۽
(4) ”متفرقا“. پهرين حصي ”لغات ۽ لغوي تنقيدون“ ۾
چار تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا شامل آهن. جن مان پهرين
مقالي ”جامع سنڌي لغات تي هڪ نظر“ ۾ ”جامع سنڌي
لغات“ (تحقيق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) جي جلد
پنجين تي اڀياس ڪري، لغت نويسيءَ جي پنجن پهلوئن
(1) اعرابن جي اهميت، (2) لفظن جا مونث، مذڪر،
واحد، جمع، (3) لفظن جا شواهد، (4) اصطلاح (5) لفظ
اشتقاق ۽ معنيٰ، کي واضح ڪيو ويو آهي. هيءُ تفصيلي
مقالو قسطوار ٽماهي ”مهراڻ“ 4/1988، 3/1989 ۽
4/1989ع ۾ ڇيپو هو. ٻيو مقالو ”سنڌي وئتپتي ڪوش“
(مصنف: جھمٽ مل نارومل وسڻاڻي) جي اهميت ۽ افاديت
تي مشتمل آهي، جنهن ۾ لفظن جي اشتقاق، درست تلفظ ۽
لغت لکڻ جي اهڃاڻ جو تجزيو بيان ڪيل آهي. ٽيون
مقالو راجسٿاني دوهن جي ڪتاب ”ڍولا مارو“ (مصنف:
جھمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي) جو اڀياس ڪري اصلاحي رايا
۽ وضاحتون شاهدن سوڌيون پيش ڪيون ويون آهن ۽ چوٿون
مقالو آهي ”ڪير سمجھائي؟ جواب: لغت سمجھائي“، جيڪو
دراصل سيد عطا حسين شاهه موسويءَ جو ڪتاب ”تحقيق
لغات سنڌي“ تي تنقيدي مضمون ”ڪير سمجھائي؟“
جو جواب آهي. ڊاڪٽر سنديلي انهيءَ مضمون جو جواب
”لغت سمجھائي“ جي عنوان سان رقم ڪري موسوي صاحب جي
ستن نُڪتن جو جواب ڏنو آهي.
ڪتاب جو ٻيو حصو ”ڪلاسيڪي ڪلام جو تحقيقي
جائزو“ ڏهن مقالن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ (1) ”قاضي
قادن جو ڪلام“، (2) ”شاهه جي رسالي تي هڪ نظر“،
(3) ”شاهه ڀٽائيءَ جي بيتن جي ڪسوٽي“، (4) ”شاهه
ڀٽائيءَ جي ڪلام جو لغوي پهلو“، (5) ”شاهه جي
رسالي جون غلط پڙهڻيون“، (6) ”شاهه ڀٽائيءَ جو سير
سفر“، (7) ”آغا صوفيءَ وارو سچل جو رسالو“، (8)
”سچل جو سرائڪي ڪلام“، (9) ”سچل جي ڪلام جا ڪي
انوکا الفاظ“ ۽ (10) ”سامي: آهن اگم اپار“ جي
عنوانن سان ڊاڪٽر سنديلي سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي
شخصيت ۽ سندن ڪلام جي پڙهڻين ۽ لفظن جي لغوي
معنائن، خصوصيت ۽ فني ڪمالات جو اڀياس ڪيو آهي.
ڪتاب جي ٽئين حصي ”شخصيتون“ ۾ سنڌ جي چئن
مشهور و معروف شخصيتن جي زندگيءَ جو احوال ۽ سندن
علمي ۽ ادبي خدمتن تفصيلي جائزو بيان ڪيل آهي، جن
جا عنوان آهن: (1) ”سنڌ جو مرد مومن- شمس العلماءُ
دائودپوٽو“، (2) ”حاجي محمود ’خادم‘“، (3) ”شيخ
اياز جي ڪلام جو لغوي پهلو“ ۽ (4) ”عبدالرحمان
چانڊيو“. جن مان خاص ڪري لاڙڪاڻي جي ڪُهنه مَشق
شاعر ۽ اديب حاجي محمود ’خادم‘ جي زندگيءَ جو
احوال ۽ سندن ادبي خدمتن جو تفصيلي جائزو رقم ڪيو
ويو آهي ۽ ڪتاب جو آخري ۽ چوٿون حصو ”متفرقا“ ڇهن
مقالن تي مشتمل آهي، جن جا عنوان آهن: (1) ”قلمي
نسخا“، (2) ”سنڌي نالا“، (3) ”سنڌ جو ڌنار“، (4)
”هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو“، (5) ”ملهه جو پهلوان“
۽ (6) ”سنڌي ٻولي کي للڪار“.
اهڙي ريت ڪتاب ۾ شامل جملي مقالا ۽ مضمونَ پنهنجي پنهنجي موضوع
جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت جا حامل آهن،
خاص ڪري لغت نويسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي اڀياس ۾
هيءُ ڪتاب نهايت اهم ماخذ ۽ سونهون ثابت ٿيندو.
سيد عبدالحسين شاهه موسوي
گهوٽڪي
نامه نغز و نادر نامه
تحقيق، تلخيص ۽ مقدمو: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
تاريخ سنڌ
جي مآخذن جي تدوين جي ڪم جي ابتدا
✰
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ڪئي، جنھن سنڌ
کان ٻاهر ويھي ٻن بنيادي ماخذن ”چچ نامه“ (1939ع) ۽ ”تاريخ معصومي“
(1938ع) مدون ڪيا ۽ مٿن عرقريزي سان حاشيا ۽
تعليقات لکيا. کانئس پوءِ سنڌ جي ٻن جڳ مشھور محسن عالمن ان ڏس ۾
وکون وڌايون.
✰ سنڌ جي سپورنج ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”لب تاريخ سنڌ“
(1959ع)،
”تاريخ طاھري“ (1964ع)، ”بيگلار نامه“ (1980ع)، ”چچ نامه“ (1983ع)، ”باقيات
از احوال کلهوره“ (1996ع)، ”تاريخ بلوچي“
(1996ع) ۽ ”تاريخ بلوچي“ (1996ع) ڏنا۔
✰ مورخ سنڌ - پير سائين حسام الدين راشدي ”مظهر شاهجهاني“
(1962ع)،
”ترخان نامه“ (1965ع)، ”مکلي نامه“ (1967ع)، ”تحفـﺔ الڪرام“
(1971ع). ڪيئن به
ان ڳالھ جي اظھارڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿي
ته تاريخي مآخذن جي تدوين ۾ حاشين، تعليقات ۽
ضميمن جي اهتمام ڪرڻ ۾ پير سائين حسام الدين
راشدي جو ڪو مٽ ناهي. پاڻ متن ۾ آيل ماڳن ۽
رجال بابت ڪارآمد ڄاڻ جا انبار لڳائي ڇڏي ٿو.
✰
شير محمد نظاماڻي ”فتح
نامه“
✰
ميرزا سائين عباس علي بيگ
”ظفر نامه“ (1984ع)
✰
سيد ڊاڪٽر معين الحق
”ذخيرة الخوانين“ 3 جلد (ترتيب وار 1961ع،
1970ع ۽ 1974ع)
✰
سائين ڊاڪٽر قريشي حامد
علي خانائي ”جنگ نامه“، منظوم (1995ع)
✰
ڊاڪٽر انصار زاھد خان
”نصرت نامه ترخان“ (2000ع)
✰
سائين نبي بخش شر
’دانش‘
”شاه نامه عالم“ ”جنگ نامه کهرري“، ”اعلاميه“،
”قصيده بمدح ميان عبد النبي خان“، ”خيرپور
نامه“، ”في بنا امصار سند“، البت
’دانش‘
جي محنت اڃا اڻ ڇپيل آهي.
سنڌ کان ٻاهر جن فاضل محققن تاريخ سنڌ جي
مآخذن جي تدوين ڪئي انھن مان:
✰
عبدالحي حبيبي افغاني
”تازه نواي معارک“ (1959ع)
✰
ڊاڪٽر خضر نوشاهي ”تاريخ
بلوچي“ (1996ع)، ”جنگ نامه“، منظوم (1996ع)
تاريخ سنڌ جي مآخذن کي مدون ڪندڙن ۾ تازو جنھن فاضل دانشمند
پنھنجو حصو ڳنڍيو آهي اهو آهي ڊاڪٽر عبدالغفار
سومرو. هونئن ته ڊاڪٽر سومري سنڌ ۾ صوفياڻي
ادب تي اهم ۽ بنيادي ڪم ڪيو آهي. توڙي جو گھڻو
اڳ سنڌ جي صوفياء جا چار اهم تذڪرا جن مان هڪ
آغا بدر عالم دراني ”تحفـﺔ
الطاهرين“ (1956ع) ۽ ٻه تذڪرا پير حسام الدين
راشدي ”حديقـﺔ
الاولياء“ (1967ع)، ”تذڪره مشايخ سيوستان“
(1974ع) ۽ هڪ ڊاڪٽر خضر نوشاهي ”معيار سالکان
طريقت“ (2001ع) پڌرا ٿيا هئا، پر اهي صوفياء
جي احوال تي مشتمل هئا، ليڪن سنڌ ۾ صوفياء جي
پنھنجي سرجيل صوفياڻي ادب، فڪر فلسفي ۽ سندن
تعليمات تي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت هئي. ان ڏس ۾
ڊاڪٽر سومري پاڻ موکيو آهي ۽ سنڌ جي اھم
صوفياء جي فڪر ۽ تعليمات تي نھايت معياري ڪم
ڪيو اٿس. بھرحال ڳالھ ٿي هلي تاريخ سنڌ جي
مآخذن جي تدوين جي،
”نامه نغز“
سنڌ جي تاريخي مآخذن مان ڪلھوڙا دور جو نھايت
اهم ۽ بنيادي مدرڪ آهي. جيڪو هاڻي سنڌ جي
معروف ڏاهي ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي تحقيق،
تلخيص ۽ مقدمي سان سينگارجي، ڊاڪٽر اين اي
بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ۽ ثقافت،
سياحت، نوادرات ۽ آرڪائيوز کاتي پاران عمدو
ڇپيو آهي.
ڪتاب جو
سنڌي، فارسي ۽ انگريزي سٽاءُ هن ريت آهي:
- ناشر
پاران، ڊاڪٽر الطاف جوکيو
- پيش لفظ،
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
- مقدمو،
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
- فارسي متن
۽ سنڌي ۾ خلاصو
- تشريحي
حوالا [باغ علي جي مثنوي ۾ جيڪي تاريخي واقعا
بيان ٿيل آهن ۽ ان ۾ جن ڪردارن حصو ورتو آهي،
انھن تي ڪجھ تفصيل سان حاشين ۾ روشني وڌي وئي
آهي.]
- ڪتابيات
- ضميمو:
جمن چارڻ جا ميان يار محمد ڪلھوڙي ۽ مير
عبدالله خان جي جنگ بابت بيت
Foreword by
Dr. Kaleemullah Lashari
Preface by Dr.
Abdul Ghaffar Soomro
تبصري هيٺ
تاريخي تصنيف جو نالو
سنڌ جي تاريخ تان صدين جو لٽ لاهڻ لاءِ جڏهن اسان جي فاضلن ۽
محقق مورخن سانڀاها ڪندي تاريخ سنڌ جي مآخذن
جي بازيافت لاءِ جاکوڙڻ شروع ڪيو، تڏهن مورخ
سنڌ - پير حسام الدين راشدي ڪلھوڙا دور جي ٻن
مآخذن جي نشاندهي ڪئي. هڪ
”نامه
نغز“،
ٻيو
”نادر
نامه“.
اول الذڪر جي مصنف لاءِ ته ڪوبه ابھام نه هو،
البت ثاني الذڪر تصنيف غلط طور ميان نور محمد
ڪلھوڙي ڏانھن منسوب ٿي وئي. غلط انتساب جو
بنيادي سبب شڪ ناهي ته مخطوطي جي مالڪ-
پروفيسر حافظ محمود شيراڻي جي پير صاحب کي ڏنل
ابتدائي ڄاڻ ئي هوندي ۽ خود اصل مخطوطي جو
سندن دست رسي کان دور هجڻ هو.
بھرحال
”نامه
نغز“
جو مدون ڊاڪٽر عبدالغفار صاحب مقدمي ۾ ڄاڻائي
ٿو ته باغ علي جڏهن سٺ ورهين جي ڄمار کان چڙهي
هليو تڏهن هن هي تاريخي مثنوي ٽن ورهين جي
عرصي ۾ لکي مڪمل ڪئي. مصنف پنھنجي منظوم
تاريخي تصنيف جي منڍ ۾ پنھنجي انھي تصنيف جو
نالو–
”نامه
نغز“
ٻڌايو آهي، خود هن تاريخي مثنوي جي نالي
”نامه نغز“
مان ابجد جي حساب سان ١١٥٣ھ برآمد ٿئي ٿو جيڪو
گويا ڪتاب جي شروعات جو سال آهي:
بدين داستان شغل را ساختم
يکي
”نغز
نامه“ پرداختم
بعهد خدايار خان شير نر
سپهدار عــــباســـي
نامور
دراصل هن پنھنجي تصنيف / مثنوي جا ٻه نالا تجويز ڪيا: ”نامه
نغز“ ۽ ”نادر نامه“. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر سومرو
ٻڌائي
ٿو ته
”نامه
نغز“
۾ ٻن هنڌن تي مختلف نالن
”نامه
نغز“
۽
”نادر
نامه“،
۽ ٻن ساڳين بيتن ۾ ساڳئي سال تي غور خوض ڪرڻ
بعد ڪنھن به قسم جي شڪ شبھي جي گنجائش باقي
نٿي رهي ته جنھن
”نادر
نامه“
کي ميان نور محمد جي تصنيف سمجھيو ويو ۽ اها
١١٥٥ھ ۾ تصنيف ٿي اهو ڪو ٻيو ڪتاب نه پر اهو
ساڳيو
”نامه
نغز“
آهي يا ائين کڻي چئجي ته
”نادر
نامه“
انھي
”نامه
نغز“
جي هڪ حصي جو نالو آهي. ڇو ته شروعات ۾ ڪتاب
جو نالو
”نامه
نغز“،
اندر هڪ هنڌ ان جو نالو
”نادر
نامه“
ٻڌائي ٿو هڪ لحاظ سان باغ علي ان
کي
”نادر نامه“
جو نالو انڪري به ڏنو هوندو ته ان ۾ گھڻي
۾ گھڻا
اشعار يعني ٻن
کان اڍائي هزار شعر سنڌ ۽ هند مٿان نادر جي حملي ڦرلٽ بابت آهن.
مصنف پاران تصنيف جي اختتام جي تاريخ هن ريت
آهي:
چون اين قصه کار کردم تمام
ورا نادر نامه کرديم نام
ز باغ علي غنچه ها شگفت اگرچه درين نامهء خام گفت
سوي سر سال هجري نگر
که بستم درين نامه صد گھر
هزار و صد و سال پنجاه پنج کشيدم سه سال اندين نامه رنج
١١٥٥ھ
که عمرم گذشت از برون سال شصت
که هرگز کسي راز دل من نجست
✰
’خائف‘
–
”نامه
نغز“
۾ جن تاريخي احوالن کي احاطي ۾ آندو آهي
✰ حمد باري تعالي ۽ ڪلھوڙن جو نسل ۽ اڳين
بادشاهن جي تعريف
✰ اڪبري سپھ سالار جو آدم شاھ کي جاگير ڏيڻ.
✰ خدايار خان جو حڪمراني سان سرفراز ٿيڻ ۽
سندس اولاد / پٽن جي باري ۾.
✰ جامع مسجد خدا آباد جي تعريف جنهن کي
خدايار خان تعمير ڪرايو.
✰ خدايار خان خدا آباد جو شھر ٻڌرايو جتي پان
ويھندو هو ۽ ان شھر جون خوبيون.
✰ شڪارگاهن جو احوال جتي خدايار خان شڪار
ڪندو هو.
✰ خدايار خان وٽ فريادي جو مڌو دائودپوٽي
خلاف دانھن.
✰ بھاري فقير جي مڌو دائودپوٽي ۽ سندس ساٿين
مٿان لشڪر ڪشي
✰ خيري فقير ۽ موهل جي مڌو دائودپوٽي هٿان
مارجي وڃڻ.
✰ خدايار خان جو دائود پوٽن جي پويان ديلي
(ٻيٽ) طرف لشڪر روانو ڪرڻ.
✰ سمڀا ۽ عزت خان دائودپوٽي ۽ سندس ساٿين شاھ
نوبھار جو خدايار خان وٽ ميڙ کڻي اچڻ چراغ شاه
۽ سيد عبدالقادر جو گڏ اچڻ ۽ خدايار خان جو
کين معاف ڪرڻ.
✰ عبدالله خان بروهي طرفان سبي ۾ مراد فقير
(ڪليري) مٿان لشڪر ڪشي.
✰ عبدالله خان بروهي جو ديري حاجي خان تي
حمله آور ٿيڻ.
✰ عبدالله خان جو بھاري فقير هٿان مارجي وڃڻ.
✰ سنڌ ۽ هند مٿان نادر شاھ افشار جي حملي
ڦرلٽ بابت.
”نامه
نغز“
۾ گھڻي
۾ گھڻا
اشعار يعني ٻن
کان
اڍائي هزار شعر افشار جي حملن ۽ غارت گري
متعلق آهن.
✰ ڪڇ جي ڪانجي حاڪم سان مقابلي جو تفصيلي
احوال
✰ بدين جي تاجن منڌري جي زور وٺڻ ڪانجي وٽ
پناھ وٺڻ. ڪانجي ڪوٽ تي پوري تياري سان حملو
ڪري بارودي سرنگ وڇائي قلعي کي اڏائڻ اهو
واقعو ١١٥٩ھ ۾ ٿيو جنھن جو سال باغ علي هن ريت
بيان ڪيو آهي:
نوشتم ز تاريخ هجري چنان
که پيشت کنم آشکار از نهان
هزار و صد و شصت يک بود کم
رقم بر سر سال هجري زدم
✰
باغ علي، ميان نور محمد جي
حياتيءَ جو جيڪو آخري وڏو واقعو بيان ڪيو آهي.
اهو نادر شاه جي ١١٦٠ھ ۾ قتل ٿيڻ کان پوءِ
احمد شاھ طرفان هند ڏانھن ٽي دفعا پيش قدمي
آهي. اهو احوال به هن هزارين بيتن ۾ ڏنو آهي
جيتوڻيڪ انھن واقعن جو سنڌ سان ڪو واسطو ڪونه
هو. پر هن نادر شاه جي حملي وانگر احمد شاه
ابدالي جو اهڙو احوال ڏيڻ ضروري سمجھيو.
✰
نادر شاهـ جي قتل کان پوء
ميان نور محمد جا ٻه پٽ ميان غلام شاھ، ميان
عطر خان ۽ محمد مراد سنڌ واپس پھچي ويا، جو
ذڪر
ڊاڪٽر سومري
صاحب جي مقدمي مان چند مزيد اقتباس
✰
سنڌ ۾ فارسي شاعري جي
تاريخ ۾ خاص طور رزميه شاعري جي لحاظ
کان
هي وڏي م وڏي مثنوي آهي. 6306 شعر آهن. البت
هن کان پوء مير صوبدار جيڪو فاتح سنڌ مير فتح
علي جو پٽ هو تنهن ڪلھوڙن سان ميرن جي لڙائي
فتحنامو اندازاً ويھ هزار بيتن ۾ لکيو
جيڪو اڃا تائين اڻ ڇپيل آهي.
✰
هن کان اڳ باغ علي جي شعر
کي
معمولي ڪوٺيو ويو آهي ۽ سندس زبان کي عاميانه
چئي سندس قدرداني کي گھٽايو ويو آهي. ليڪن
اسان جي خيال ۾ باغ علي جي سموري شعر کي
عاميانه چوڻ ۽ معمولي سمجھڻ سراسر ناانصافي
ٿيندي. فن شاعري جي لحاظ
کان سڀني شعرن کي اعلي پايي جو نٿو چئي سگهجي ۽ نه وري هر شاعر جو
هر شعر اعلي هوندو آهي. اها حقيقت آهي ته ڇھن
هزارن
كان
وڌيڪ شعرن تي مشتمل مثنوي ۾ جيترا تاريخي
واقعا بيان ٿيڻ کپن ها اوترا بيان نه ڪري
سگھيو آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي گھڻي طوالت کان ڪم ورتو ويو آهي. تاهم اهو تسليم ڪرڻو
پوندو ته هن جو شعر پختو ۽ شاعري جي بنيادي
فني لوازمات تي اڪثر پورو آهي. ان کي عاميانه
۽ معمولي چئي رد ڪري نٿو سگھجي.
✰
باغ علي شاهنامي
کان
ايترو متاثر آهي جو نه صرف شاهنامي وارو بحر
متقارب اختيار ڪري ٿو پر گھڻي
ڀاڱي اهي ئي تشبيھون، استعارا ۽ رنگ ڍنگ
استعمال ڪري ٿو.
✰
هڪ لحاظ سان باغ علي تي
اهائي تنقيد ڪري سگھجي ٿي ته هن جي مثنوي
جيتوڻيڪ سنڌ ۽ هند جي حوالي سان تصنيف ٿيل آهي
پر ان ۾ سمورو ماحول شاهنامي وارو ملي ٿو. ان
۾ مقامي رنگ تمام گھٽ نظر اچي ٿو ان جو سبب
باغ علي وٽ مشاهدي جي ڪمي آهي. ظاهر آهي ته هن
کي جنگ جي ميدان ۾ وڃڻ جو موقعو ڪونه مليو هو.
هن جيڪي ڪجھ لکيو
اهو هڪـ هنڌ ويھي
لکيو
آهي يا وڌ ۾ وڌ ڪجھ قابل ماڻھن
کان ٻڌي پنھنجي خيال کي ڊوڙايو آهي. ليڪن هتي باغ علي
کي
جنھن ڳالھ لاءِ داد ڏئي سگھجي ٿو، اهو هي آهي
ته بھرحال انھن لڙاين ۾ جن مقامي ڪردارن يعني
بھادرن حصو ورتو آهي انھن جا وڌ ۾ وڌ نالا ڏئي
ٿو. اهي سڀ نالا اسان کي تاريخ جي ڪنھن به
ڪتاب ڪونه ٿا ملن. ان جو مطلب ته باغ علي اهڙن
ڪردارن بابت پنهنجي سطح تي پوري معلومات هٿ
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي جو ايترا نالا ڏئي
سگهيو آهي. اهڙي طرح هو جڏهن نادر شاھ جي
قنڌار
کان دهلي طرف لشڪر جي رواني ٿيڻ جو بيان ڪري ٿو ته ان ۾ هو
لشڪر جي منزلن بابت پوري ريت آگاھ ڏسجي ٿو، ان
سان گڏ نادر شاھ يا احمد شاھ ابدالي جي لشڪر ۾
ڪھڙا پھلوان يا بھادر هئا انهن جا نالا به هو گھڻي ڀاڱي صحيح ڏئي
ٿو.
باغ علي
'خائف' جي وفات جي تاريخ
ڊاڪٽر عبدالغفار اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”توڙي جو ”نامه نغز“ ١١٥٥ھ
۾ لکجي پورو ٿيو، پر شاعر پنھنجي تاريخي مثنوي
۾ پوء به واڌار ڪندو آيو البت سن ١١٦٤ھ کان پوءِ
”نامه نغز“
۾ ڪنھن به واقعي جو ڪوبه اشارو نه ٿو ملي.“
ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته ”شاعر جنھن محنت ۽
عرقريزي سان پنھنجي مثنوي کي لکيو آهي، ان جي
تقاضا هئي ته پاڻ باقاعدي ان جو خاتمو لکي ها
پر موجوده صورت ۾ ان جو اختتام اوچتو ٿئي ٿو.
ان مان پڪو گمان ٿئي ٿو ته باغ علي ١١٦٤ھ کان
١١٦٥ھ دوران ڪنھن به وقت وفات ڪري ويو آهي.“
فارسي متن ۽
مقدمي مان ٻن ڳالھين جي اوک ڊوک
1. اڪبري
سپھ سالار جو آدم شاھ کي جاگير ڏيڻ
مغل شھنشاھ اڪبر جو سپھ سالار عبدالرحيم خان خانان جڏهن هيٺين
سنڌ (سيوهڻ ۽ هيٺ ٺٽي وارا علائقا) فتح ڪرڻ
لاءِ بکر پھتو، تڏهن فتحيابي واسطي ميان آدم
شاھ وٽ دعا ڪرڻ لاءِ ڪھي ويو، جتي ميان صاحب
سندس حق ۾ دعا گھري ۽ خان خانان کيس پرڳڻو
چانڊوڪو نذراني ۾ پيش ڪيو.
مٿي اسان مختصر واقعو ڏنو آهي. جنھن کي تحفـﺔ
الڪرام واري قدري ڊيگھ سان بيان ڪيو آهي. شاعر
- نامه نغز ۾ اهو واقعو هن ريت بيان ڪيو آهي:
يکي نسل چنه که آدم به اسم بود شاه نامي تنومند جسم
درين سلسله او نهم پشت بود دهد خانخانان بجاگير جود
ويجھي زماني ۾ ڪلھوڙا دور تي جن تفصيل سان لکيو آهي انھن اهو
واقعو
”تحفـﺔ
الڪرام“
تان نقل ڪيو آهي، منڍ ۾ اهو ئي سمجھيو پئي ويو
ته اها ڳالھ مير علي شير
’قانع‘
ئي لکي آهي ليڪن
”نامه
نغز“
جي اشاعت کان پوء معلوم ٿيو ته کانئس اڳ باغ
علي خائف پھريون لکي آهي، ظاهر آهي ته حڪمران
طبقي ئي لکرائي هوندي. ڊاڪٽر صاحب
”نامه نغز“
تي جيڪو مقدمو لکيو آهي ان ۾ اها ڳالھ به آندي
اٿس. جڏھن ته
”تاريخ
معصومي“
جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو اڪبر بادشاھ ان
ڌاري پرڳڻو چانڊوڪو مير محمد معصوم بکري کي
جاگير ۾ ڏنو هو. اھڙي صورت ۾ خان خانان اهو
پرڳڻو آدم شاھ کي نذراني ۾ نه ٿي ڏئي سگھيو.
2. ميان
شاهل محمد جو گھاڙ واھ کوٽائڻ
’قانع‘
واھ جي کوٽائي ميان شاھل محمد ڪلھوڙي سان غلط
منسوب ڪئي آهي. جيتوڻيڪ يوسف ميرڪ پنھنجي
تاريخ
”مظھر
شاهجھاني“
۾ چٽائي سان لکيو آهي ته مير محمد ابڙي اهو
واھ کوٽايو هو.
ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب
”نامه
نغز“
کي جنھن خطي نسخي تان ايڊٽ ڪيو آهي اهو ڪنھن
وقت ميرزا گل حسن بيگ احسن ڪربلائي جي ملڪيت ۾
هو.
”نامه
نغز“،
فضيلت پناه شرافت نگاه مُلا الله بخش جي چوڻ
تي محمد شريف فاروقي ڪتابت ڪيو. خود مُلا
الله بخش به فاروقي هو، مذڪور فاروقي گھراڻو
درازن جو هو ۽ منجھس ڪيترائي فاضل ۽ شاعر هئا.
منجھن اڻويھين صدي عيسوي ۾ هڪ
باغ علي فاروقي به هو جيڪو پڻ فارسي جو شاعر هو. متان
”نامه
نغز“
جو مصنف مذڪور باغ علي کان ڪي پيڙهيون مٿي
انھي گھراڻي مان هجي. کيس انھي گھراڻي ۾
ڳولھجي متان ان اتي لڀي پوي.
ڪلھوڙا دور جي هن اهم تاريخي مآخذ جي محققاڻي تدوين تي ڊاڪٽر
عبدالغفار سومري صاحب کي ڍير ساريون واڌايون،
گڏوگڏ ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج
ريسرچ سينٽر جي سٿ جنابان ڊاڪٽر الطاف محبوب
جوکيي ۽ ارشد بلوچ کي واڌايون۔
عبدالستار درس
ڪلياتِ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي
مرثيو ڪائنات ۾ موجود ادب جي سڀ کان قديم ترين
صنف سُخن آهي، جنهن جو تعلق انسان جي درد وارن
جذبن سان آهي. جڏهن انسان پنهنجي پُردرد جذبن
جو شاعريءَ جي شڪل ۾ اظهار ڪندو آهي ته اهو
اظهار انساني دلين تي نشتر وارو ڪم ڪندو آهي،
اهڙي شاعري درد ۽ غم جو مهاساگر هوندي آهي.
جنهن کي مرثيي جي عنوان سان سڏيو ۽ ياد ڪيو
ويندو آهي. ڪائنات ۾ مرثيو لکڻ جي ابتدا
ابوالبشر حضرت آدمؑ پنهنجي پُٽ حضرت هابيل جي
شهادت تي ڪئي، جيڪا سرياني ٻوليءَ ۾ هئي. حضرت
آدمؑ جو چيل مرثيو اڄ به حضرت هابيل جي قبر تي
لکيل آهي، جيڪا قبر دمشق جي پهاڙن ۾ موجود
آهي. عربي ٻوليءَ ۾ ان مرثيي جو ترجمو ڪيو ويو
۽ ٻولين تي ٿيل جديد تحقيق ۾ اهو تسليم ڪيو
ويو آهي ته سرياني ٻولي سنڌي ٻوليءَ جي
ابتدائي شڪل آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪتاب ”اڻ گجيو راڙو ٿيو“
جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، هونئن ته سنڌ ۾ مرثيه
گوئي جي تاريخ تمام آڳاٽي آهي، پر سيد ثابت
علي شاهه ڪربلائيؒ جي مرثيو نويسيءَ کانپوءِ
سنڌ ۾ ڪوبه اهڙو مرثيه نويس شاعر پيدا ئي نه
ٿيو آهي، جيڪو هن صنف ۾ سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائيءَ کان اڳتي نڪري سگهيو هجي. سنڌي
ٻوليءَ ۾ مرثيه نويسيءَ واري صنف جي فني خوبين
۽ خصوصيتن جي لحاظ سان سيد ثابت علي شاههؒ تي
پڄاڻي ٿي آهي.
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائيؒ جديد سنڌي مرثيي جو باني شاعر آهي ۽
سندس مرثين کي اڄ لڳ ڀڳ پوڻا ٽي صديون گذري
وڃڻ جي باوجود عوام ۾ ايتري ته پذيرائي حاصل
آهي جو اڄ به سڄي سنڌ ۾ برپا ٿيندڙ عزاداريون
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ جي مرثيي کانسواءِ
اڻپوريون تصور ڪيون وينديون آهن.
ڪليات جو مرتب ڪندڙ پروفيسر اعجاز شاهه رضوي
”عرضِ حال“ عنوان هيٺ لکي ٿو ته ”اسان جي
خاندان لاءِ اها ڳالهه باعثِ عزت ۽ باعثِ فخر
آهي ته اسان جي جداَمجد سيد ثابت علي شاههؒ کي
سنڌي مرثيي جي بانيءَ هئڻ جو اعزاز حاصل آهي،
ان کان پوءِ اسان جي خاندان ۾ مرثيه گوئي ۽
مرثيه نويسي جو سلسلو جاري و ساري رهيو آهي.
اهو اسان جي لاءِ ڇڏيل ورثو آهي. جنهن کي
سنڀالڻ ۽ ان جي نشر و اشاعت ڪرڻ اسان جي اهم
ذميوارين ۾ شامل آهي. ان سلسلي ۾ نه صرف اسان
جا بزرگ پر اسين به پنهنجي وس آهر پاڻ
پتوڙيندا رهيا آهيون.
سيد ثابت علي شاههؒ اڪيڊمي سنڌ ڪافي سالن کان
سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ جي فن، فڪر،
شاعريءَ ۽ ادبي خدمتن کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ
لاڳيتو اشاعتي سلسلو قائم رکندي اچي. اڪيڊمي
ڪجهه ئي سالن اندر 12 کان وڌيڪ ڪتاب شايع
ڪرائي چڪي آهي. ”ڪلياتِ سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائي“ جيئن ته گهڻو اڳ شايع ٿي هئي ۽ هن
وقت ناياب ٿي چڪي هئي. ان ڪري ان کوٽ کي پورو
ڪرڻ لاءِ اڪيڊمي پاران ماه جولاءِ 2023ع ۾
”ڪُلياتِ سيد ثابت علي شاهه ڪربلائيؒ “ کي
نئين سِر مُرتب ڪري شايع ڪرايو ويو آهي، جنهن
جا مرتب ڪندڙ پروفيسر اعجاز علي شاهه رضوي ۽
ميرزا نجم الحسن آهن. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 460
صفحن تي خوبصورت سرِورق سان پڪي جلد سان
”ڪُليات سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي“ ٻيهر شايع
ٿي پڌري ٿي چڪو آهي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ بڪ
اسٽال ۽ يادگار اڪيڊمي سيد ثابت علي شاهه
ڪربلائيؒ ميرن جا قُبا هيرآباد حيدرآباد تان
حاصل ڪري سگهجي ٿي.
لطيف
دانش
ڪتاب:
’وڻجارن
وايون‘ جي تقريب رونمائي
10 سيپٽمبر 2022ع ڇنڇر جي ڏينهن مَل محمود
ادبي سٿ عمرڪوٽ پاران مزمل گيسٽ هائوس عمرڪوٽ
۾ خانصاحب عبدالڪريم ”ڪريم“
پلي جي ڪتاب ”وڻجارن وايون“ جي ٻي ڇاپي جي
تقريب رونمائي ٿي گذري. تقريب ۾ نالي وارن
اديبن، شاعرن ۽ محققن سان گڏوگڏ علم و ادب سان
چاهه رکندڙ استادن توڙي شاگردن پڻ وڏي تعداد ۾
ڀرپور شرڪت ڪئي. پروگرام جي صدارت ڪندي مشهور
براڊڪاسٽر اديب ۽ شاعر محترم نصير مرزا صاحب
چيو ته خانصاحب عبدالڪريم پلي جو هيءُ ڪتاب
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ واڌارو آهي، جنهن ۾ ڪافي
گو شاعرن جي سوانح ۽ سندن منتخب ڪلام ڏنل آهن.
تاريخ جي ڄاڻو ٽماهي ’مهراڻ‘ جي سابق ايڊيٽر
شاعر ۽ اديب نفيس احمد ناشاد چيو ته خانصاحب
عبدالڪريم پلي جا هونئين ته ڪيترائي ڪارناما
آهن پر سندن اهم ڪارنامو عمرڪوٽ ڊگري ڪاليج جو
قيام آهي، جيڪو سندن علم سان چاهه جو واضع
ثبوت آهي، ڪتاب تي ڳالهائيندي نفيس احمد شيخ
جو چوڻ هو ته هي ڪتاب 1961ع ۾ اداره نوائي ادب
پاران ڇپجي پڌرو ٿيو هو. جنهن ۾ ٻه حصا هئا،
حصه ممات ۽ ٻيو حصه حيات. هن وقت حصه حيات جا
سڀ شاعر پڻ وصال فرمائي ويا آهن. ڊاڪٽر اسد
جمال 1961ع کانپوءِ جو سندن ادبي ۽ شاعرانه
احوال وفات تائين مڪمل ڪيو آهي، ۽ سندن
تصنيفات جو به ذڪر ڪيو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته
هي ڪتاب سنڌي ادب جي شاگردن جي لاءِ هڪ بهترين
تحفو آهي، جنهن ۾ صوفي صادق کان ويندي
عبدالڪريم پلي تائين جو تذڪرو ملي ٿو. ڊاڪٽر
اسد جمال پلي صاحب جي ڪوششن سان هيءُ ڪتاب
اسان جي هٿن ۾ موجود آهي ۽ پاڻ ۽ سندن بورڊ جي
ٽيم مبارڪباد جا حقدار آهن، سو اسين ڊاڪٽر
صاحب کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ مل محمود پلي
ادبي سٿ جي معزز ميمبرن کي پڻ مبارڪباد ڏيون
ٿا. جن هيءَ شاندار تقريب منعقد ڪئي آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي نمائندگي ڪندي هن ڪتاب کي
ايڊٽ ڪندڙ نالي واري اديب ۽ محقق جناب ڊاڪٽر
اسد جمال پلي چيو ته اسين ٿورائتا آهيون، سنڌي
ادبي بورڊ جي چيئرمين سائين مخدوم سعيدالزمان
”عاطف“ صاحب جن جا، جو پاڻ اهڙي ناياب ڪتاب جي
ڇپائيءَ جي اجازت ڏنائون. ڊاڪٽر صاحب، جناب
عبدالڪريم پلي جي شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته
خانصاحب عبدالڪريم پلي صاحب هڪ گهڻ رخي شخصيت
جو مالڪ هو، جيڪو صرف شاعر ۽ اديب نه پر
موسيقي جو به سٺو ڄاڻو هو، سندن اوطاق تي اڪثر
راڳ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون، جن ۾
سينگار علي سليم کان ويندي عابده پروين تائين
راڳي شامل هوندا هئا.
ان کان علاوه ٻين مقررين ۾ جناب حاجي ساند،
علي نواز پلي، ارباب نيڪ محمد ۽ مير حسن آريسر
پاران خانصاحب عبدالڪريم پليءَ جي سنڌي ادب جي
لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ خانصاحب عبدالڪريم
پليءَ جي شخصيت جي ٻين رُخن تي ڳالهايو ۽ سندن
ذاتي زندگيءَ جي حوالي سان سامعين کي آگاهه پڻ
ڪرايو.
جڏهن ته ٻين معزز مهمانن ۾ مهمانِ خاص جناب
حاجي محمد بقا پلي صاحب، حاجي انور راڄڙ، لطف
علي پلي، محمد سالم، ايڊوڪيٽ منور علي، ڪامريڊ
عنايت الله، جونيئر عبدالڪريم پلي ۽ اختر پلي
شامل هئا.
اسٽيج سيڪريٽري جناب اشرف پلي ۽ سندن سٿ پاران
سڀني مهمانن کي اجرڪون پارايون ويون ۽
مانجهاندي جو بندوبست پڻ هو.
محمد رفيق جمالي
ڪتاب ’مضامين طالب الموليٰ‘ جي تقريب رونمائي
سنڌ جي ناليواري شاعر، محقق ۽ نثر نويس
حضرت
مخدوم محمد
زمان
طالب الموليٰ جي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”مضامين طالب الموليٰ“
جي رونمائيءَ جو پروگرام سنڌي ادبي بورڊ جي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
آڊيٽوريم ۾ مورخه 5- مئي 2023ع تي
’طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا‘
جي
تعاون سان ٿي گذريو.
پروگرام جي ڪمپيئرنگ جا فرائض
مشهور براڊ ڪاسٽر
محترم نصير مرزا صاحب سرانجام ڏنا. تلاوت جو
شرف آخوند نظر محمد صاحب حاصل ڪيو. جنهن کان
پوءِ نصير مرزا صاحب سائين طالب الموليٰ جي
حمد شريف پڙهي ٻڌائي.
ان کان پوءِ نعت شريف لاءِ شيرين زبان حافظ ساجد احمد
عمراڻي صاحب کي سڏيو ويو. جنهن طالب الموليٰ
سائينءَ جي ڪتاب ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘
مان نعت شريف ”مٺا
مير
مرسل- ولهين
جو تون والي‘ ٻڌائي.
حمد
۽ نعت کان پوءِ پروگرام جو باقاعده آغاز ڪيو
ويو. پروگرام جي
آغاز بعد سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ۽ سروري
جماعت جي اڳواڻ مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ صاحب
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ، قومي اسيمبلي جي ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ جي
اڳوڻي چيئرمين ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا
۽ مخدوم غوث الحق سرور نوحؒ جي گادي نشين
سائين مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ صاحب کي اجرڪ
پارائي. ان کان پوءِ نصير مرزا
صاحب بورڊ جي سيڪريٽري گلبدن جاويد مرزا کي
دعوت ڏني، ته هُوءَ
مهمان خاص ۽ بورڊ آف گورنرس جي ميمبر جناب
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب
۽
ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب کي اجرڪ پارائي.
ڪتاب ’مضامين طالب الموليٰ‘ جي رونمائي پروگرام کي صدارتي
خطاب ڪندي سروري جماعت جي روحاني پيشوا، قومي
اسيمبلي جي ميمبر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي
چيئرمين مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ چيو ته هيءُ ڪتاب منهنجي ڏاڏي ۽ مرشد
جو آهي. مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جون سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي خدمتون
ڪنهن کان لڪيل ناهن. طالب الموليٰ سائين نه
صرف سياستدان، پر پاڻ سٺو ليکڪ، شاعر ۽
عالم هو. هن جون تمام گهڻيون ادبي خدمتون آهن.
سنڌ حڪومت کي عوام ۽ تعليم سان گهٽ دلچسپي
آهي. آئون چاهيان ٿو ته سنڌ جا سڀ ماڻهو
پڙهيل لکيل هجن. جميل
سائينءَ وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته مخدوم طالب الموليٰ سائين جتي پيپلز
پارٽيءَ لاءِ
پنهنجي خاندان کي
وصيت ڪئي
ته پ.پ کي ڪونه ڇڏبو،
اتي سنڌي ادبي بورڊ جي به پارت ڪئي. هن چيو ته
شيخ اياز هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته مخدوم
طالب الموليٰ پنهنجي همعصرن ۾ ايترا شاعر،
اديب ۽ نثر نويس پيدا ڪيا،
جيڪا پڻ هڪ تاريخ آهي. هن چيو ته مخدوم نوحؒ
جي تصنيفات پڙهڻ عام ماڻهن جي وس جي ڳالهه نه
آهي. هن تجويز ڏيندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ کي
هڪ ڪافين جي محفل جو پروگرام ڪرڻ گهرجي.
۽ وڌيڪ چيو ته
سنڌي ادبي بورڊ جو پهريون بڪ اسٽال هالا ۾ ٺهڻ گهرجي،
جنهن جو بندوبست آئون ڪندس. ڪرايو به اسان
ڏينداسين، پوءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ دڪان
کولرايا وڃن. سنڌي ادبي بورڊ جي ترقياتي رٿائن
لاءِ سنڌ حڪومت سان ڳالهائيندس. قبله سائين
وڌيڪ چيو ته ڄام شوري ۾ گرمي به گهڻي آهي، ۽
سردي به. جون جولاءِ ۾ پروگرام ڪرائي لاڳاپيل
وزير کي گهرايو، پوءِ ان کي احساس ٿيندو ۽
پوءِ بورڊ جي ترقي لاءِ رٿائن جي منظوري
ڏيندو. هن چيو ته سنڌ سدائين خوشحال ۽ سرسبز
رهندي.
قبله مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ چيو ته ڪجهه
وقت اڳ وزيراعليٰ هائوس ۾ نون صوبن جي ڳالهه
ٿي ته مون ان وقت جي وزيراعظم گيلاني صاحب کي
چيو ته ٻين صوبن جا جيترا به حصا ڪيو، اوهان
مرضي وارا آهيو. سنڌ ۾ هڪ به ٻيو صوبو ٺاهڻ
قبول نه آهي. هن چيو ته آئون جڏهن صوبن بابت
وزير هئس ته هڪ سمري موڪلي هئي، ته سنڌ
کي ٽوڙي ٻيا صوبا ٺاهڻ بدران، ان
جا ڪجهه حصا،
جيڪي
ٻين صوبن ۽ ملڪن ۾ اچي ويا آهن، اهي واپس ڪري، سنڌ ۾
شامل ڪريو، جنهن جو اڃا تائين جواب نه مليو.
ان کان اڳ نصير مرزا صاحب پنهنجي خاص لهجي ۾ جناب مخدوم سعيد
الزمان ’عاطف‘ صاحب جي سنڌي ادبي بورڊ جي
چيئرمين طور ڪيل خدمتن جو حوالو ڏيندي مخدوم
سعيد الزمان ’عاطف‘ سروري تنظيم جي چيئرمين کي
اسٽيج تي سڏ ڪيو ته هال ۾ موجود سڀني ماڻهن
اُٿي بيهي آجيان ڪئي.
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان صاحب، اسٽيج تي
ويٺل معززين ۽ حاضرين کي سلام ڪرڻ بعد چيو ته
سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي ويجهي ماضيءَ ۾ پنهنجي
محدود بجيٽ باوجود کوڙ سارين نين روايتن جو
بنياد وجهي،
پنهنجي وڏڙن جي خواهشن، اميدن ۽ مشن کي نه رڳو
پورو ڪيو آهي ۽ پنهنجي وڏڙن جي علم، ادب
ٻوليءَ سان دوستي واري روايت کي برقرار رکيو
آهي. جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان جاري ٿيندڙ
رسالن ٽه ماهي
’مهراڻ‘، ماهوار
’سرتيون‘ ۽
’گُل ڦُل‘ کي وقت سر شايع ڪرڻ سان گڏ هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتاب شايع ڪرايا
ويا آهن، جن ۾ بورڊ جي ختم ٿيل ڪتابن جي ٻيهر ڇپائي به شامل آهي. سنڌي ادبي بورڊ
جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ جو وڌيڪ
چوڻ هو ته مخدوم طالب الموليٰ اڪيڊمي سٺا ڪتاب
ڇپرايا آهن. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ منهنجو استاد
آهي. ادبي بورڊ کي سنوارڻ ۾ مخدوم طالب
الموليٰ جو وڏو ڪردار آهي، سندس دؤر ۾ ملازمن
جي پينشن حڪومت کان منظور ڪرائي،
سنڌي ادب لاءِ بي مثال خدمت ۽ ملازمن جو مستقبل محفوظ ڪيو آهي.
جميل سائينءَ جي دؤر ۾ بورڊ جي گرانٽ مختلف وقتن ۾ 4 ڪروڙ مان وڌائي 10
ڪروڙ تائين پهچائي
وئي. قومي ادارو سنڌي ادبي بورڊ سنڌ ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي
امانت آهي. بورڊ ۽ ادب جي ترقيءَ جي رٿائن
لاءِ حڪومت کي لکيو آهي. هر ضلعي جي تاريخ،
سنڌ جي علمي ادبي شخصيتن تي الڳ الڳ صورت ۾
ڪتاب
ڇپرايا ويندا. ڪتابن جي
ڇپائيءَ لاءِ فنڊز جي ضرورت آهي. سوين مسودا موجود آهن ۽ وڌيڪ ملي
سگهن ٿا. ملازمن لاءِ رهائش، محققن جي سهولت
لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان منسوب جديد
۽ ڊجيٽلائيز لائبريريءَ جي منصوبابندي آهي. سنڌ جي سماجي، سياسي، مذهبي شخصيتن تي
انگريزي زبان ۾ ڪتاب لکي ڇپائڻ جي رٿا آهي.
بورڊ جي ترقيءَ لاءِ سنڌ حڪومت کي لکيو
آهي، مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ کي گذارش آهي
ته ذاتي ڪوشش وٺي سنڌ حڪومت کان رٿائون منظور
ڪرائي. هن چيو ته ادبي تنظيمون ۽ فرد تنقيد
ڀلي ڪن، پر جيڪي اسان چڱا
ڪم ڪريون پيا، انهن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين.
مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ وڌيڪ چيو ته بورڊ جي بڪ اسٽال جي
بلڊنگ تمام پراڻي ٿي وئي آهي، زبون حال آهي.
ان جي نئين سر تعمير لاءِ اسان سنڌ حڪومت کي
لکيو آهي. ان کان سواءِ اصل ڳالهه ڪتابن جي
ڇپائي جي آهي، جنهن لاءِ اسان وٽ فنڊ محدود
آهن. بورڊ ۾ اڳ هڪ عدد ڇپائي جي وڏي مشين هئي،
پر اها الائجي ڪيڏانهن وئي! بورڊ جي رسالن ۽
ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ هڪ نئين مشين خريد ڪئي آهي. هن وقت تائين اسان 183
ڪتاب ڇپرايا آهن. 50 کان 55 ڪتاب، جن تي ڪم
هلندڙ آهي. جيڪي ڇپرايا ويندا. سنڌ جي
پرسنلٽيز (خدمتگارن) جي شخصيتن تي ڪلر فل
انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ڇپرائي سڄي دنيا ۾ گفٽ
ڪيو ويندو. سنڌ جي ماڳن مڪانن بابت ڪتاب
ڇپرايو ويندو، جيڪا هڪ وڏي تاريخ آهي.
تقريب جي مهمان خاص سنڌ جي نوجوان محقق، ضلعي مٽياري جي اديب
قاضي مقصود سڀ کان پهرين اسٽيج تي ويٺل ۽
حاضرين کي سلام ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي خطاب ۾
چيو ته اڄ ڪتاب ’مضامين طالب الموليٰ‘ جي
رونمائي تقريب ٿي
رهي
آهي. هن جو پهريون ڇاپو 1994ع ۾ ڇپيو ۽ هيءُ ٻيو ڇاپو آهي. پهرين ۽ ٻئي ڇاپي بابت
جميل سائينءَ جا تاثر ڏنل آهن ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جو مهاڳ لکيل
آهي. جنهن مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جي پيدائش کان وٺي، ان جي ادبي اوسر
تائين جو جائزو پيش ڪيو. هن چيو ته ڪتاب ۾ ڪُل
45 مضمون شامل آهن. پهريون مضمون نبي ڪريم ﷺ
جي شان ۾ آهي، آخر تائين سڀ مضمون تمام سٺا ۽
بهترين آهن. مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جو قومي مزاج رهيو آهي. انهن جي هر مضمون ۾ اعليٰ قسم جي
ٻولي استعمال ٿيل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي
بابت لکيل مضمون اعليٰ درجي ۽ تحقيق جي بنياد
تي لکيل آهي. اهو مضمون ڪجهه اڻڄاڻ ماڻهن جي
مفروضن، مخدوم خاندان ۽ ڀٽائي صاحب جي اختلافن
بابت هو، جنهن جي جواب ۾ اهو مضمون لکيو آهي.
ان کان پوءِ مهمان خاص ۽ بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ڊاڪٽر در
محمد پٺاڻ صاحب پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، منهنجو سروري خاندان جي ٽن پيڙهين سان تعلق رهيو
آهي.
سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ سائين
امين فهيم سان، پوءِ سندن
پوٽي جميل سائين سان ٿي. اڳتي هلي اهو شخص
سرور نوح رحه جو گادي نشين ٿيو. پهرين سائين
طالب الموليٰ جي صحبت ۾ رهڻ ۽ سکڻ جو موقعو
مليو. مخدوم خاندان جي وڏ ماڻهپ اها آهي ته
سندن پيار ۽ خلوص ۾ کوٽ ناهي. سنڌ جي تاريخ ۾
مخدومن ادب ۾ پنهنجو الڳ مڪتب فڪر متعارف
ڪرايو آهي. جنهن جو بنياد مخدوم طالب الموليٰ
رکيو. مخدوم طالب الموليٰ
قادر الڪلام، عظيم شاعر، محقق، نثرنويس آهن. هن چيو ته
سنڌي ادبي بورڊ جون ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪيل
ڪوششون ساراهه جوڳيون رهيون آهن. هن ادب جي
واڌاري لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن. هن
چيو ته مخدوم سعيد الزمان صاحب بورڊ جا
چيئرمين ٿيا ته منهنجو ان سان رشتو قائم ٿيو.
هي خاندان دوستن جا دوست ته آهن ئي، پر دشمن
سان به سٺو سلوڪ ڪندا آهن. اڄ جنهن ڪتاب جو
مهورت ٿيو آهي،
ان جو مهاڳ منهنجو لکيل آهي. آئون سندن مريد
نه آهيان، پر معتقد آهيان. مخدوم صاحب شاعري
جي شروعات ’ڪافي‘
سان ڪئي.
تقريب ۾ اديبن، شاعرن کان سواءِ سروري جماعت جا اڳواڻ ۽
ڪارڪن تمام وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا هئا.
آڊيٽوريم مڪمل ڀرجي ويو. وڌيڪ آيل مهمانن لاءِ
الڳ ڪرسين جو بندوبست ڪيو ويو. تقريب دوران
ڪتاب ’مضامين طالب الموليٰ‘ جون ڪاپيون هال ۾
ويٺل ماڻهن ۾ ورهايون ويون، جنهن سان گڏ سنڌي
ادبي بورڊ جو خوبصورت ڪئلينڊر 2023ع به حاضرين
کي تحفي طور پيش ڪيو ويو. ان کان پوءِ طالب
الموليٰ اڪيڊمي پاران سڀني مهمانن کي ’ڊنر
باڪس‘ پڻ ڏنا ويا. تقريب بابت سنڌي ادبي بورڊ
جي سيڪريٽري گلبدن جاويد مرزا، نصير مرزا،
نواب ڪاڪا، يوسف سنڌي، نظير ناز، ڊاڪٽر نواز
علي شوق،
ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ ٻين ميڊيا سان مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ جي ڪتاب ۽ ان جي ادبي خدمتن تي تفصيل
سان ڳالهايو. ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جو
بڪ اسٽال پڻ لڳايو ويو. جتي رعايتي اگهه تي
ڪتاب وڪرو ڪيا ويا.
تقريب رونمائي پروگرام ۾ پ پ اڳواڻ ۽ بورڊ آف گورنرس جي ميمبر سرفراز
راڄڙ، يوسف سنڌي، پروفيسر سيد منصور علي شاهه،
سڌ سماءُ کاتي جي آفيسرن محمد صابر ڪاڪا، سيد
جي. ايم. شاهه، غلام نبي ميمڻ، غلام نبي سمون،
سنڌي ادبي بورڊ جي سمورن آفيسرن، ثمينه ميمڻ
(ايڊيٽر مهراڻ)، نجمه پنهور
(ايڊيٽر گل ڦل)، گلبانو هادي
(ايڊيٽر سرتيون)،
لعل خاتون، ڄام سپڙ رونجهو، رفيق جمالي،
حافظ احمدالدين انڍڙ، عبدالصمد ٻٻر،
فرحان علي ڀٽي ۽ ٻين سڀني
ملازمن
شرڪت ڪئي. اديبن،
دانشورن، شاعرن، صحافين، سروري جماعت جي
عهديدارن ۽ مريدن، ڄام شوري جي ماڻهن تمام
گهڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان بعد جناب نصير مرزا
صاحب پنهنجي خاص انداز سان تقريب جي پڄاڻي
ڪئي.
|