مولانا عبدالرحمٰن جمالي
عمرڪوٽ
مولانا
عزيزالله ساند رحه
سنهو سهڻو بدن، ڊگهو قد،
سانورو رنگ، ڊگهو نوڪدار نَڪُ، سنها چَپ، تيز
اکيون جن مان ذهانت پئي بَکي، گول چهرو، جنهن تي
نمايان سونهاري، بلند وڻندڙ آواز جنهن مان دهشت جو
اظهار پيو ٿئي سليقيدار رفتار تيز، ڊگها هٿ سنهيون
آڱريون، موتين جهڙا سهڻا اکر مجلس جو مور، جهڙي
مجلس انهيءَ انداز سان گفتگو، غريب تي مهربان،
چرئي ۽ ٻارَ تي خاص ڌيان ڏيڻ وارو، سخي طبيعت، اهو
آهي مولوي عزيزالله رحه ساند، جميعت العلماء هند ۽
جميعت العلماء اسلام ضلع ٿرپارڪر جو ناظم اعليٰ،
ماهنامه ’قراني ولهيٽ‘ جو ايڊيٽر جميعت العلماء
صوبي سنڌ جي مجلس عامله جو رُڪن، مدرسئه مظهر
العلوم عربيه ولهيٽ جو مهتمم.
ساند ذات:
مولوي عزيزالله رحه جي ذات ساند آهي، ساند ذات اصل
راجپوت سوڍن مان مسلمان ٿيل آهي. ’سوڍا‘ راجپوت
نسل جي هڪ شاخ آهي، منجهانئس ڪيتريون ئي مسلمان
ذاتيون آهن. جهڙوڪ: سنگراسي ڏوهٽ وغيره جيڪي اصل
’سوڍن‘ مان آهن. جيڪي پوءِ مسلمان ٿيون، ساند ذات
سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهي، ٿوري گهڻي ڦيرگهير سان
تقريباً ساڳئي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿي.
اُتر ۾ ’ساند‘ ذات کي ’ساوند‘ سڏيو وڃي ٿو، اتي
ساند جي سرداري ’ڪاڪيپوٽن‘ جي حوالي آهي، ٻنهي
راڄن جو گڏيل سردار ڪاڪيپوٽو آهي.
وچولي ۾ ’ساند‘، ’ساند‘ سڏبا آهن. هتي ساندن جي
رهائش نواب شاهه، ٽنڊي آدم ۾ معلوم آهي، سندن وڏن
جي نالي ڪي ريلوي اسٽيشنون به آهن، جهڙوڪ: الهڏنو
ساند وغيره.
ٿر جا ساند:
ٿر ۾ وري ساند پنهنجو پاڻ کي ’سائوند‘ سڏائيندا
آهن، ٿر جا ’سائوند‘ پنهنجيءَ ذات کي 6 (ڇهن) مکيه
شاخن ۾ ورهائيندا آهن، سڀني ساندن کي انهن ڇهن
پاڙن مان ڪنهن به هڪ ڏانهن منسوب ڪندا آهن. (1)
آسڙ (2) ڀنا (3) وِڄڙ (4) وِسَ (5) جنا ۽ (6)
پنسي.
اها تقسيم ساندن جي چوڻ موجب سندن وڏن جي نالن جي
پٺيان آهي، سائوند پنهنجي وڏي جو نالو ٻڌائيندا
آهن ۽ ان جا چار پٽ: 1. آسَڙُ 2. ڀَنُو 3. وِڄَڙ ۽
4. وِيسو ٻڌائيندا آهن.
پر اها تقسيم صرف ٿر جي ساندن کي معلوم باقي اُتر
۽ وچولي وارا ساند ان کان يڪسر غير واقف آهن.
اسلام:
ساندن جو وڏو ڪهڙي دؤر ۾ مسلمان ٿيو، انهيءَ لاءِ
ساندن کان پڇڻ سان اهو معلوم ٿيو آهي ته سندن وڏو
حضرت بهاؤالدين زڪريا جي تبليغي اثر جي نتيجي ۾
مسلمان ٿيو، هو پنهنجي ڀائرن کان سڱابنديءَ جي
معاملي ۾ ناراض ٿي، دائرهء اسلام هيٺ آيو ۽ ساڻس
گڏ سندس پُٽ به مشرف اسلام ٿيا.
آسَڙَ:
مولوي صاحب عزيزالله ساند صاحب جو تعلق ’آسَڙ‘ شاخ
سان آهي، سندس وڏا جي ’ولهيٽ جا ميان‘ جي لقب سان
ملقب آهن، سي سڀ انهيءَ شاخ مان آهن.
ولهيٽ جا ميان:
ساند ذات ۾ ٻه ڳوٺ سندن درويشي ۽ علم جي ڪري مشهور
آهن، اهي ڳوٺ آهن ولهيٽ (ميئن واري) ۽ ٻهه (ميئن
واري).
ولهيٽ جو ڳوٺ، صوفي، ميرپورخاص روڊ لڳ عمرڪوٽ کان
اولهه طرف عمرڪوٽ تعلقي ۾ آهي. ولهيٽ جي ڳوٺ جي
ناري توڙي سنڌ ۾ علمي ساک آهي، هن ڳوٺ ۾ ڪيترائي
اهل الله پيدا ٿيا آهن، ۽ ڪيترائي عالم. اڄ به هن
ڳوٺ ۾ علم جي لاٽ روشن آهي. مدرسه جو اصل بنياد
1265هه کان اڳ پيل آهي.
1. ميان نصير محمّد ساند 2. ميان حبيب الله ساند
3. ميان عبدالرحيم ساند 4. ميان ابوالقاسم ساند ۽
5. ميان احمد ساند جن اهل علم ۽ صاحب ولايت ٿي
گذريا آهن. اهي سڀ بزرگ مولوي صاحب عزيزالله ساند
جي ڏاڏاڻيءَ پيڙهيءَ ۾ شامل آهن.
جنم:
مولوي صاحب عزيزالله ساند جو جنم سندن ٻڌائڻ موجب
1902ع ۾ آهي. سندن جاءِ ولادت ’ولهيٽ‘ ئي آهي. سنڌ
نسب نامو هن ريت آهي: مولوي عزيزالله پٽ حاجي
محمود پٽ محمد صابر پٽ دين محمد پٽ حاجي صالح.
مولوي صاحب پنهنجي پيءَ جو وچون پٽ هو، حاجي محمود
کي ٽي پٽ هئا: 1. عبيدالله 2. عزيزالله ۽ 3.
لقمان.
تعليم:
مولوي صاحب جي ابتدائي تعليم مولوي عبدالحق سمي وٽ
ٿي مولوي عبدالحق صاحب، مولوي محمد عثمان قرانيءَ
جو ابتدائي شاگرد هو. اعليٰ شاعر، بهترين مقرر،
سٺو ڪاتب، سندس هڪ غير مطبوعه تصنيف به آهي. مولوي
عبدالحق صاحب جو ڳوٺ ڇوڙ لڳ ’گوئڌاڻو‘ آهي. هُو
صاحب تعليم ڏيڻ جي شغل لاءِ گهر ٻار سميت ولهيٽ ۾
رهندو هو. ٽيئي ڀائر عالم ۽ فاضل هئا ۽ خدا جي
قدرت سان ٽيئي گڏوگڏ فقط هڪ هڪ هفتي جي وڇوٽيءَ
سان گذر ڪري ويا، مولوي عبدالحق سمي صاحب جن جي
وفات 1918ع ۾ ٿي.
مولوي صاحب عزيزالله ساند جن جي پنهنجي استاد
محترم جي وفات وقت عمر 15-16 ورهيه هئي، پاڻ رحه
پنهنجي والد بزرگوار جي چوڻ پٽاندر مولانا محمد
عثمان قرانيءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيا.
شادي:
پاڻ رحه اڃان درميانه ڪتاب پئي پڙهيا ته سندن سهري
بزرگ ميان عبدالرحيم ساند جن کين گهرائي سندن شادي
ڪرائي ڇڏي. ميان حاجي عبدالرحيم رحه پنهنجي وقت جو
پير هو. ناري جا اڪثر ماڻهو وٽس فيض لاءِ جوق در
جوق ايندا هئا. صاحب ذڪر هستي هئا، سندن مرشد ۽
استاد مشهور عالم خواجه حسن جان سرهندي جن هئا.
مولوي صاحب جي صرف هڪ نياڻي هئي جنهن جي نسبت
مولوي صاحب عزيزالله رحه سان ٿي. انهيءَ ڪري مولوي
صاحب ميان عبدالرحيم رحه، ميان صاحب کي پنهنجي ئي
گهر رهايو، چنانچه مولانا عبدالرحيم ساند صاحب جن
جي وفات پڄاڻا سڄي گهر جو بوجهه مٿس پيو.
شادي بعد به تعليم:
مولوي عزيزالله رحه جن شاديءَ بعد به تعليم جاري
رکي، مولوي عبدالحق مرحوم جي وفات بعد وڏيري
عبدالستار ساند پنهنجي پٽ مولوي محمد علي جي
پڙهائڻ لاءِ مولوي عبدالرحمٰن زنگي کي مدرسه ۾
تعليم ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو. ان بعد ڳوٺ جو هڪ ٻيو
عالم مولوي عبدالمطلب ساند مدرسي ۾ مدرّس ٿيو.
مولوي عزيزالله مرحوم سندن نائب جي حيثيت ۾ مدرسي
۾ پڙهائيندا هئا ۽ رهيل تعليم وٽن پوري ڪري دستار
بند ٿيا.
مرشد:
ميان حاجي عبدالرحيم ساند رحه جن خواجه حسن جان
سرهندي جا مريد ۽ خليفا هئا، تنهنڪري ميان
عزيزالله رحه جن به خواجه صاحب سان عقيدت جي واٽ
رکيو آيا، سندن والد محترم مٽيارين جي پير حاجي
غلام مجدد جان المعروف ’حاجي پيرزاده‘ جي خاندان
جو مريد هو، تنهنڪري پاڻ رحه پنهنجي والد بزرگوارن
جي مرشد سان به تعلق استوار رکيو.
پير غلام مجدد مرحوم خلافت تحريڪ جي بانين مان هو،
مٿن مولانا حسين احمد مدني رحه ۽ مولانا شوڪت
عليءَ سان گڏ ڪراچيءَ ۾ ڪيس هليو ۽ کين ٻه سال سزا
آئي. ساڻن گڏ سندن خليفي مولوي عبدالقيوم پلي کي
به ٻه سال سزا آئي ۽ ٻئي ٻه سال قيد ڪاٽي حيدرآباد
جي ناراجيل مان آزاد ٿيا.
انهيءَ وقت مولوي صاحب اڃا ننڍي ڄمار جي ڪري خلافت
تحريڪ جي ناميارن ڪارڪنن مان نه هو، پير صاحب جو
واسطو آل انڊيا سطح جي تحريڪن سان هو. تنهنڪري
مولوي صاحب رحه جن جو واسطو آزاديءِ هند جي پروانن
سان، ٿيڻ هڪ لازمي امر هو، جن جو سرخيل مولانا
محمود الحسن ديوبندي رحه هو جو شيخ الهند جي نالي
سان مشهور آهي. انڪري پير صاحب رحه جن پنهنجي پُٽ
(مولانا غلام الرسول جان سرهندي) کي تعليم لاءِ
ڊاڀيل ۾ موڪليو. هي مدرسو مولانا شبير احمد عثماني
صاحب برپا ڪيو جنهن ۾ مولانا انور شاهه ڪشميري ۽
مولانا اعزاز علي ديوبنديءَ جهڙا جيد عالم ۽ بي
نظير اولياء تعليم ڏيندا هئا. مولوي صاحب جن جي
پير صاحب سان نسبت هئڻ ڪري تحريڪ سان لاڳاپو ٿي
ويو.
جميعت العلماء ناره:
حضرت قرانيءَ صاحب جن جي حڪم سان سندن شاگردن هڪ
جماعت ٺاهي جنهن کي ”علماءِ ناره“ جي جماعت جي
نالي سان موسوم ڪيو ويو، جنهن جو صدر مولانا قراني
رحه جن کي چونڊيو ويو.
انهيءَ جماعت جي مقصدن ۾ بدعتي جماعتن جي بيخ ڪني
ڪرڻ به هو، ڇو ته 1917ع کان پوءِ ٿرپارڪر ۾
قادياني، اسٽيٽون قائم ٿيون جن پنهنجي تبليغ شروع
ڪري ڏني هئي. جنهنڪري علماء ڪرام کي انهن جي
مقابلي لاءِ تنظيم جي صورت ۾ منهن ڏيڻو پيو. مولوي
عزيزالله رحه انهيءَ جماعت جو ناظم هو.
صدر: مولوي محمد عثمان قراني رحه
نائب صدر: مولوي محمد علي جوڻيجو رحه ڳوٺ محمد
عالم پلي
ناظم: مولوي عزيزالله ساند رحه ولهيٽ
نائب ناظم: ميان احمد ساند رحه ولهيٽ
جڏهن ته هي جماعت علماءِ ناره جي جماعت هئي جنهن
جو مقصد دين جي خدمت اجتماعي طور ڪرڻ هو. هن جماعت
۾ مولانا قرانيءَ جا سمورا شاگرد جيڪي ناري ۾
پکڙيل هئا، شامل ٿي ويا.
جميعت العلماءِ هند:
انهيءَ دور ۾ جميعت العلماءِ هند سموري هند ۾
’علمائن جي جماعت‘ جي طور سان ڪم ڪري رهي هئي. ان
وقت ان جو صدر مولانا ڪفايت الله ديوبندي هو ڇو ته
شيخ الهند جن وفات ڪري ويل هئا. صوبه سنڌ ۾ هن
جماعت جو صدر مشهور عالم حضرت مولانا محمد صادق
کڏي (ڪراچي) وارو ۽ مشهور اهلِ قلم ۽ اهلِ علم
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ناظم هو.
جميعت العلماءِ هند سان ادغام:
’جميعت العلماءِ ناره‘ کي مولانا قرانيءَ جي حڪم
پٽاندر ’جميعت العلماء هند‘ سان منسلڪ ڪيو ويو.
سندس تنظيم هيٺين ريت 1930ع ڌاري ٿي.
صدر: مولانا قراني
نائب صدر: مولانا محمد علي جوڻيجو رحه
ناظم: مولوي عزيزالله ساند صاحب ولهيٽ
نائب ناظم: ميان احمد ساند ولهيٽ
حضرت قراني رحه جي وفات:
انهيءَ تنظيم کان پوءِ حضرت مولانا مولوي محمد
عثمان قراني رحه جن وفات ڪري ويا تقريباً 1355هه
بمطابق 1935ع ڌاري. مولانا محمد عثمان قراني رحه
سنڌ جي ناميارن عالمن سان هو، هن پنهنجي تعليم جي
تڪميل سنڌ جي مشهور قاضي خاندان جي هڪ فرد مولانا
لعل محمد مٽياريءَ واري وٽ مٽيارين ۾ ڪئي. ان بعد
پنهنجي ئي ڳوٺ محمد عمر ڀنڀرو ۾ 15 رجب 1315هه
بمطابق 1895ع ڌاري مدرسو جاري ڪيائين. سندس انهيءَ
مدرسي ۾ الله پاڪ ايتري برڪت وڌي جو سنڌ،
بلوچستان، جوڌپور رياست جا ڪيترائي ناميارا شاگرد
ٿيا جن پنهنجن علائقن ۾ علم جي خدمت ڪئي اڄ تائين
ڪندا اچن پيا.
مولانا مسلسل 40 سال انهيءَ مدرسي ۾ تعليم ڏني،
سندن فارغ التحصيل عالمن جي لسٽ 150 کان مٿي آهي.
سندن مختلف استادن ۾ وقت جا وڏا وڏا عالم اچي وڃن
ٿا. حديث جي دوره ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ 3 مهينا ديوبند
به ويا هئا.
نئين سر تنظيم:
مولانا قراني جي وفات بعد سندن جاري ڪيل تحريڪ جي
از سر نو تنظيم ڪئي ويئي:
صدر: حضرت مولانا محمد علي جوڻيجو
نائب صدر: مولانا حاجي عبدالڪريم ميمڻ چيلهه
وارو
ناظم: مولانا عزيزالله ساند، ولهيٽ
نائب ناظم: مولوي ميان احمد ساند صاحب ولهيٽ
انهيءَ وقت هندوستان جي آزاديءَ وارين سڀني پارٽين
پنهنجو ڪم انتهائي زور سان ڪرڻ شروع ڪيو هو، مسلم
ليگ ۽ ڪانگريس گڏيل ڪوششون ڇڏي جدا جدا پليٽفارم
تي اچي چڪيون هيون. جميعت العلماء هند به سياست ۾
گهڙي چڪي هئي، جيئن ته هن جماعت جو وجود مدارس
عربيءَ جي شاگردن ۽ عالمن تي هو ۽ اهي برصغير سڄي
جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙيل هئا، انهيءَ ڪري هن جماعت جو
آواز ملڪ جي هر حصي ۾ پهچي ويو ٿي، پر هن جو تعلق
عوامي نه هو، خاص علماء ۽ تعليم وارا ديندار
شخصيتون ته سندس معاون هيون. انهيءَ ڪري جميعت جي
اڳواڻن کي سياسي پليٽفارم لاءِ ملڪ جي ٻن جماعتن
مان ڪنهن به هڪ سان ساٿ ڏيڻ جو خيال پيدا ٿيو.
هاڻي سوال اهو هو ته ڪانگريس سان ٺاهه ڪجي يا مسلم
ليگ سان؟ ان تان مسلمان عالمن ۾ اختلاف ٿي پيا.
ڪن جو خيال هوته ڪانفريس سان ٺاهه ڪجي ان گروهه جو
اڳواڻ مولانا حسين احمد مدني هو، چونڪه مولانا
حسين احمد مدنيءَ جي حيثيت شيخ الهند جي شاگردن ۾
مٿي هئي. پاڻ رحه شيخ الهند صاحب جا رفيق، خاص هئا
۽ رازدار پڻ، ساڻس گڏ مالٽا جي قيد ۾ به هئا.
مولانا جي وزير جنگ سلطنت ترڪيه سان ملاقات ڪرائڻ
وارا به پاڻ رحه هئا. ترڪيءَ مان مدد ۽ خطوط
هندوستان جي آزاديءَ جي تحريڪن ڏانهن آڻڻ ۽ مرڪز
(جيڪو هند مان بدلائي مدينه منوره ۾ ڪيو ويو هو).
احڪام پهچائڻ جو سمورو ڪم مولانا مدنيءَ معرفت
ٿيندو هو. مولانا مدنيءَ جي روبرو انور پاشا شيخ
الهند کي حڪم ڪيو ويو ته آزاديءَ هند جو ڪم غير
مسلم تحريڪن سان گڏجي ڪريو.
انهيءَ ڪري مدني رحه جو خيال هو ته آزاديءَ لاءِ
سياسي پليٽفارم تي به گڏجي ڪم ڪجي، چونڪه هندوستان
جي وڏي جماعت ڪانگريس هئي، انهيءَ ڪري مولانا جو
خيال هو ته جميعت کي ڪانگريس سان منسلڪ ڪجي،
مولانا سان جماعت جا وڏا وڏا ارڪان شامل الراءِ
هئا جن ۾ مولانا ڪفايت الله به شامل هو.
مخالفن جو خيال هو ته جيئن ته اسانجي جماعت هڪ
اسلامي نظريي جي آهي، مسلم ليگ ۾ مسلمان گهڻا آهن
۽ اڪثريت وارا صوبا به مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويا
آهن. انهيءَ ڪري اسان کي مسلمانن سان تعاون ڪرڻو
پوندو. انهيءَ جماعت جو سرغنه مولانا اشرف علي
ٿانوي رحمة الله عليہ هو، ان سان قاري محمد طيب
مهتمم مدرسه مولانا شبيراحمد عثماني، مولانا ظفر
احمد عثماني، مفتي محمد شفيع جهڙا وڏا عالم به
شريڪ هئا.
جميعت العلماءِ سنڌ:
خوشقسمتيءَ سان شيخ الهند جي مقرر ڪيل سڄي
هندوستان جي ڇهن آزاديءَ جي مرڪزن مان چار اچيون
ٿا وڃن، کڏو (ڪراچي)، امروٽ، پير جهنڊو ۽ ڀر چونڊي
شريف، مولانا محمد صادق کڏي وارو رحه شيخ الهند جي
خاص رازدارن مان هو. مولانا محمد صادق جي حڪم سان
انگريزن جي اها پيادل فوج، جيڪا عراق ۾ ترڪي جي
فوج سان وڙهڻ بلوچستان رستي سان ويئي ٿي. سا سردار
نورالدين مينگل جي هٿان ’وڍ واري علائقي‘ ۾ برباد
ٿي ويئي ۽ بچيل فوج به مجبوراً ڪراچيءَ موٽي آئي.
سردار نورالدين مولانا محمد صادق رحه جو شاگرد هو.
ان کان سواءِ بلوچستان ۾ مولانا صاحب جا ڪيترائي
شاگرد جڳهه جڳهه تي پکڙيا پيا هئا. اهڙو ڪم مولانا
محمد اسحاق گنگي ’گهڙي لس ٻيلي واري‘ به مولانا جي
حڪم سان ڪيو.
اهڙو مجاهد شيخ الهند جي تحريڪ جو رازدار جميعت
العلماء سنڌ جو صدر هو. انهيءَ ڪري مولانا کڏي
وارو، مولانا مدنيءَ جا حامي هئا ته اسان کي
ڪانگريس سان گڏجي، سياسي طور انگريزن جو مقابلو
ڪرڻ کپي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ جميعت العلماء
سنڌ جا اڪثر علماءِ ڪرام انهيءَ ڪانگريس سان
شموليت جي خيال سان متفق هئا.
مولانا مدني رحه مدرسئه مظهرالعلوم کڏي ۾ آيا،
جميعت العلماء سنڌ جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ جميعت
ٿرپارڪر پاران مولانا عزيزالله ساند صاحب ۽ مولوي
محمد مبارڪ پلي رحه شريڪ ٿيا.
اجلاس جي شروع ٿيڻ سان حضرت مدني رحه پنهنجيءَ
تقرير ۾ ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ جي فائدي ۾ پنهنجا 19
دليل پيش ڪيا ۽ پنڊال ۾ موجود مندوبين کان راءِ
طلب ڪئي ته هٿ مٿي کڻي پنهنجي راءِ ڏين ته جميعت
کي ڪانگريس سان شامل ٿيڻ کپي يا نه؟
انهيءَ وقت جميعت جي جميع ارڪانن مان ٿرپارڪر جو
نوجوان محمد مبارڪ پلي اٿي بيٺو، جنهن چيو ته
”حضرت! اسان کي ٻڌو وڃي ته اسين پنهنجي راءِ پيش
ڪريون! مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ ۾ مسلم قوم کي ڪهڙا
فائدا آهن؟ اميد ته اسان اوڻيهن کان وڌيڪ دليل پيش
ڪري سگهنداسين، انهيءَ قول جي تائيد ۾ مولانا
عزيزالله رحه به آواز ملايو. انهيءَ بعد پير حاجي
غلام مجدد سرهندي مٽيارين وارو به اُٿيو. مولانا
عبدالقيوم بختيارپوري به انهن بزرگن ۾ شامل رهيو.
لاڙ جا اڪثر عالم جميعت العلماء ٿرپارڪر جا حامي
هئا ۽ اُتر جا عالم مولانا کڏي واري ۽ حڪيم صاحب
جي راءِ جا هئا. مجموعي طور سنڌ جا گهڻا عالم
ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ جي حق ۾ هئا. انهيءَ ڪري
مولانا مولوي عزيزالله ساند ۽ سندن جماعت ميٽنگ
هال مان نڪري ويئي.
جميعت العلماء ٿرپارڪر جو جميعت العماء صوبي سنڌ
سان اختلاف ٿي پيو، جنهنڪري صوبئه سنڌ جي ناظم
حڪيم سيوهاڻي رحه ٿرپارڪر جي تنظيم کي ٽوڙڻ جو
اعلان ڪيو.
صوبئه سنڌ طرفان ٿرپارڪر لاءِ نئون تنظيمي ڍانچو:
ٿرپارڪ ۾ عمرڪوٽ جي مشهور زميندار ۽ عالم مولانا
مولوي قاضي نورمحمد صاحب کي حڪيم صاحب ضلعي
ٿرپارڪر جي جميعت جي نئين سر تنظيم ڪرڻ لاءِ حڪم
ڪيو، قاضي صاحب مولانا محمد علي صاحب کي زور ڀريو،
(جو پاڻ قاضي صاحب اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو هو) ته هو
مولانا کڏوي رحه سان شامل ٿي ڪم ڪري، پر مولانا جي
ئي سياست هئي جنهنڪري ميٽنگ هال ۾ مولوي مبارڪ ۽
مولانا عزيزالله رحه جن پيش ڪئي هئي، سو مولانا
محمد علي رحه انڪار ڪيو.
قاضي صاحب جي ڪوششن سان جميعت ٿرپارڪر جي تنظيم هن
ريت عمل ۾ آئي:
مولوي صاحبزاده محمد اسمٰعيل جان سرهندي (پير
ابراهيم جان سرهندي جو والد) صدر
مولوي قاضي نورمحمد رحه ناظم
۽ ٻيا ٿرپارڪر جا نوجوان ۽ ننڍا عالم گڏ ڪري نئون
ڍانچو تشڪيل ڏنو ويو. مولوي محمد علي صاحب، مولوي
عزيزالله ساند صاحب، مولوي عبدالحڪيم صاحب، مولوي
عبدالڪريم صاحب ۽ ٻين جميعت جي سرڪرده اڳواڻن تي
ڇاڇري ۾ ڪيس ڪيو ويو.
جميعت العلماء اسلام هند سان تعلق:
چونڪه جميعت العلماء هند مرڪز ۾ ٻه حصا بڻجي ويئي
هئي. مولانا شبير احمد عثماني مرڪز ۾ جميعت
العلماء هند جي مقابل جميعت العلماء اسلام نالي
سان هڪ تنظيم قائم ڪئي.
انهيءَ ڪري مولانا محمد علي ٿرپارڪر جي پنهنجي
حمايت جي دوستن سان گڏ پير غلام مجدد سرهندي جي
چوڻ سان مرڪز ۾ جميعت العلماء اسلام هن سان رابطو
قائم ڪيو.
رسالئه قراني جو اُجراءُ:
حضرت مولانا محمد عثمان قرانيءَ جي وفات بعد جميعت
جي اڳواڻن مان مولانا عبدالحڪيم ميمڻ صاحب رحه جن
راءِ ڏني ته جماعت جي ڪم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ان
جي آواز کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين رسائڻ لاءِ رسالو
جاري ڪجي، مولوي صاحب جي راءِ کي وزن ڏنو ويو ۽ هڪ
ماهنامو جاري ڪيو ويو. جنهن جو نالو ’قراني‘ رکيو
ويو. ان جو ايڊيٽر مولوي عزيزالله ساند ۽ نائب
ايڊيٽر ميان احمد ساند صاحب، ناظر مولوي محمد
مبارڪ پلي رحه، جڳهه اشاعت ڳوٺ ولهيٽ مقرر ڪرڻ ۾
آئي.
رساله جي پاليسي:
رسالي جي پاليسيءَ ۾ اتحاد بين الاحناف، بدعتي
فرقن جي مخالفت، اسلامي تعليم جي اشاعتِ عام جهڙا
عنصر شامل رهيا. رسالي جي پهرين پرچي جي ايڊيٽوريل
۾ لکيو ويو ته ”هن رسالي جي ڪڍڻ جو مقصد اتحاد بين
الاحناف آهي،. ديوبندي ۽ بريلوي ٻئي حنفي آهن،
ٻنهي کي هڪٻئي تي حملا نه ڪرڻ کپن، ڪوبه ديوبندي
وهابي ناهي ۽ ڪوبه بريلوي بدعتي ڪونهي، مدارسﷺ
عربيءَ جي سنڀال ڪرڻ، ديني تعليم کي زور وٺائڻ، هن
رسالي جي خاص مقصدن ۾ شامل آهن.
باطل فرقن جو مقابلو:
رسالي جي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت
قاديانين جو زور هو، انهيءَ ڪري رسالي ۾ انهن جي
ترديد تي خاص زور ڏنو ويو، انهن جي خلاف جلسا
ڪرايا ويا جن جو احوال به رسالي ۾ ملي ٿو. عمرڪوٽ
جي شيعن ۽ احناف درميان مناظري جو احوال به ملي
ٿو. جنهن ۾ شيعن پاران مناظر محمد بشير ۽ سنين
طرفان مولانا عبدالحق رباني هو.
نبي سر جو مناظرو:
نبي سر ۾، قاديانين خلاف مناظرو ٿيو، جنهن لاءِ
مولانا عبدالحق معمار کي امرتسر مان گهرايو ويو،
قاديانين پنهنجي پاران مباهله جي چئلينج پيش ڪئي
پر وقت سِر نه آيا تنهنڪري هي مناظرو ٿي نه سگهيو،
اهڙي نموني سان رسالي مان ان وقت جي سرگرمين جو
پتو پوي ٿو.
لنواري:
سنڌ صوبي ۾ لنواري شريف هڪ اهم علمي مرڪز رهي آهي،
حضرت مخدوم محمد لنواري وارو به هن ئي خاڪ جي
پيدائش هو، حضرت جن جي مريدن مان مخدوم عبدالرحيم
مڱريه گرهوڙي به مشهور ٿي گذريو آهي. سنڌ جي علمي
لئبرري مان لنواريءَ جي لئبرري اڄ به پهريون نمبر
آهي. انهن جي خاندان مان مخدوم گل محمد جي وقت
اهڙا شعر ڇپيا ۽ اهڙيون دعوائون سامهون آيون، جن
تي علماء ڪرام طرفان اعتراض اُٿيا. مولوي احمد
ملاح اهڙين ڳالهين کي عالمن جي سامهون آندو جن
حڪومت کان مطالبو ڪيو ته انهن ڳالهين کي بند ڪرايو
وڃي. ”انگريز ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسيءَ
تي عمل ڪندا هئا. جنهنڪري حڪومت عوام جي ڳالهه کي
بلڪل رد ڪري ڇڏيو ۽ عالمن کان ضمانت وغيره ورتي
ويئي. انهيءَ ڳالهه عوام کي طيش ۾ آندو. نتيجو
ستياگره تائين پهتو.
جميعت العلماء ٿرپارڪر:
جميعت العلماء ٿرپارڪر به اعلان ڪيو ته مجاهد تيار
ٿين، انهيءَ اعلان سڄي ضلع ۾ باهه ٻاري ڇڏي.
رضاڪار ڀرتي ٿيڻ لڳا. مولوي صاحب عزيزالله ساند جن
انهن جي قيادت ڪئي. جهنڊو تيار ڪيو ويو، مولوي
نورمحمد نظاماڻي جي شعر کي سيج طور ڪم آندو ويو،
هرهڪ رضاڪار جي ساڄي ڪلهي تي ڪاري ڪپڙي تي لکيل هو
ته:
اسين قربان ڪعبه تان، وڃي جي سِرُ ته بسم الله.
اهڙيءَ ريت ٿرپارڪر جا رضاڪار جڏهن پهتا ته هو
سڀني کان نمايان ڏسجڻ ۾ پئي آيا ۽ سندن گرفتاريون
به پهرين شروع ٿيون، مولانا مولوي عزيزالله ساند
صاحب کي حيدرآباد جيل ۾ بند ڪيو ويو. ڪجهه عرصي
بعد لنواري جي حج بند ٿيڻ بعد کين آزاد ڪيو ويو.
جيل ۾ تبليغ:
حيدرآباد جيل ۾، مولوي صاحب رحه کي قيدين کي ديني
سکيا ڏيڻ جو ڪم سونپيو ويو، پاڻ رحه خون ۽ ڌاڙي جي
ڏوهارين جي بيرڪن ۾ وڃي کين درس و هدايت ڏيندا
هئا. مولانا صاحب جن چوندا هئا ته سندن تعليم جي
ڪري هنن جي مصنوعي زندگين ۾ انقلاب اچي ويو ۽ هو
باقاعده روزي ۽ نماز جا عامل بڻجي ويا.
مسلم ليگ ۾ شموليت:
مولوي صاحب جن جميعت العلماء هند کان جدا ٿيڻ بعد
جميعت العلماء اسلام جي واسطي سان مسلم ليگ ۾ شامل
ٿيا، ڇو ته سندن مرشد پير غلام مجدد سرهندي
مٽياروي به مسلم ليگي ليڊرن مان هئا.
ٿرپارڪر ۾ مسلم ليگ جو ليڊر خانبهادر غلام محمد
خان وساڻ هو، سندس مقابلي ۾ مرحوم غلام حيدر شاهه
هو، انهيءَ ڪري 1946ع جي چونڊ ۾ مولانا صاحب جن،
خانبهادر وساڻ جي حمايت ڪئي، جيڪو ڪامياب ٿيو،
انهيءَ بعد مولوي صاحب جن جي حمايت مسلم ليگ سان
هميشه شاملِ حال رهي.
سياست کان رٽائر ٿيڻ:
پاڪستان جي وجود بعد مسلم ليگ ئي اڪيلي سياسي
پارٽي هئي. ميدان ۾ ٻي ڪابه سياسي پارٽي نه هئي،
انهيءَ ڪري مسلم ليگ ۾ ڌڙي بندي شروع ٿيڻ لڳي.
سازشن ۽ ڊاه ٺاهه جا عجيب ڪرشما ظهور پذير ٿيا.
سچا ڪارڪن، حالتن جي بي مهري سبب ماٺڙي ڪري ويهي
رهيا، پير غلام مجدد صاحب جن سياست کان ڪناره ڪش
ٿي حيدرآباد ۾ هڪ ڇڏيل بنگلي کي ’فقيرانه
جهونپڙيءَ‘ جو شرف عطا ڪيو، انهيءَ ڪري مولانا
مولوي عزيزالله ساند صاحب رحه پڻ سياست کان رٽائرڊ
ٿي وري دوباره مدرسي جي ڪم ۾ جنبي ويا.
1949ع ۾ سندس ڀائيٽو مولوي عبدالسميع ساند فارغ
التحصيل ٿيو، جنهن کي مدرسي ۾ ’مدرس‘ ڪري رکيائين،
۽ پاڻ رحه پنهنجي جهونن دوستن حافظ غلام محمد
هاليپوٽي ۽ حافظ جان محمد پلي کي سڏي چيائون ته
”پنهنجو ڪم هاڻي مدرسي جي خدمت آهي.“ هڪ ڪکن جي
مسجد کي بنياد بنائي، مدرسي جي نئين سر احياءُ
ڪيائون.
مدرسي جي مسجد جي تعمير:
مدرسي جي مسجد جيڪا ڪکائين هئي سا شهيد ڪرائي پڪي
مسجد جو بنياد رکيائين ۽ ٽي پڪيون ڪوٺيون شاگردن
جي رهائش لاءِ پڻ اَڏڻ ۾ آيون. اهڙيءَ ريت مدرسو
پنهنجن اجراء جي پنجن سالن ۾ (1954ع) پڪي مسجد ۽
پنجن ڪوٺين سان معمور ٿيو. سنڌ جي هرهڪ حصي کان
سواءِ بلوچستان ۽ راجستان جا شاگرد پڻ اچڻ لڳا.
ٿوري ئي وقت ۾ هڪ ننڍو مدرسو دارالعلوم جي جاءِ
وٺي بيٺو.
بيماري:
1956ع تائين مولوي صاحب رحه جن ٺيڪ ٺاڪ ۽ چاق
نوبنا هئا، تنهن بعد گهڻي ڪم ڪرڻ ڪري سندن صحت
ڪِرڻ لڳي، ’سِلهه‘ جهڙي خطرناڪ بيماري کين
’موروثي‘ طرح ورثي ۾ آئي. سندن دوستن گهٽ ڪم ڪرڻ
جو کين مشورو ڏنو. پر پاڻ شاگردن جي پُورائي لاءِ
ويهي نه سگهيا. 40-45 ماڻهن جي ماني، پوشاڪ رهائش
دوا درمل جي بندوبست لاءِ هر جڳهه تي پهچندا هئا.
پاڻ رحه نه صرف پنهنجي مدرسي پر چونئري (تعلقي
جيمس آباد) واري مولوي محمد ابراهيم خاصخيليءَ جي
مدرسي شير خان چانڊئي جي ڳوٺ مولوي رسول بخش جي
مدرسي جي به سنڀال ڪندا هئا. سندن صحت تي هيتري ڪم
جو اثر پوڻ لازمي هو، پاڻ رحه ڪجهه عرصو ڪم صفا
بند ڪري ڇڏيو. 1957ع کان 1960ع تائين مولوي صاحب
جن جي ڪم ۾ وقفو پئجي ويو.
ٻيهر سياست ۾:
1960ع بعد وري جميعت العلماء اسلام جي قيادت وري
اُڀري آئي. مولانا غلام غوث هزاروي صاحب جن جميعت
جون واڳون سنڀاليون. وري پراڻا ساٿي ڳولي ڪڍيائون.
تنهنڪري 1963ع ۾ جميعت العلماء اسلام ضلع ٿرپارڪر
جي تنظيم ٿي ۽ پاڻ رحه (مولوي عزيزالله ساند) ضلع
ٿرپارڪر جا ناظم اعليٰ مقرر ٿيا.
جميعت العلماء اسلام ٿرپارڪر:
مولوي محمد اسحٰق ولد مولانا محمد علي جوڻيجو
صدر
مولوي علي اصغر شاهه کاروڙو
نائب صدر
مولوي عزيزالله ساند ولهيٽ
ناظم اعليٰ
مولوي عبدالسميع ساند صاحب
نائب ناظم
استعفيٰ:
ايوب خان جو دؤر هو، محترمه فاطمه جناح ايوب خان
جي مقابلي ۾ آئي هئي، جمهوريت لاءِ تڙپ شروع ٿي
وئي. مولوي صاحب جا پراڻا ساٿي، ايوب خان جي سياست
ڪري ٽٽي چڪا هئا. مولانا عبدالحق رباني محترمه
فاطمه جناح جي ورڪ ۾ لڳي ويو وساڻ صاحب به ايوب
خان جي مخالف ليگ ”ڪائونسل مسلم ليگ ۾ شامل هو.
سوال هو ته عورت سربراهه حڪومت ٿي سگهي ٿي يا نه؟
مولوي صاحب رحه جن صدر جميعت العلماء اسلام
ٿرپارڪر کي خط لکيو ته ”منهنجي صحت ٺيڪ ناهي، ڄمار
به اجازت نٿي ڏي، ازانسواءِ حالتون اهڙيون اچي
بيٺيون آهن جو هڪ طرف عورت آهي ته ٻئي پاسي جابر،
چنانچه منهنجي اوهان سان صرف همدردي آهي سا آهي
باقي آءٌ اوهان جو سياسي سهارو نٿو بڻجي سگهان.
انهيءَ ڪري منهنجي استيعفيٰ منظور ڪري نئون انتخاب
ڪرائيندا.“
مولوي محمد اسحٰق صدر جميعت ٿرپارڪر، بذاتِ خود
ولهيٽ مدرسي ۾ آيو، چيو ته اوهين ڀل ڪم نه ڪريو پر
تبرڪ طور اوهان جو نالو اسان لاءِ مفيد آهي،
انهيءَ ڪري اوهان جي استيعفيٰ منظور نه آهي. وقت
فيصل آهي، هرهڪ انسان ان جي وهڪري ۾ وهندو آهي، پر
ڪي انسان اهڙا آهن جي حالات جو مقابلو ڪندا آهن.
اهڙا انسان هئڻ کان ٿورا هوندا آهن پر ٻين لاءِ
مثال بڻبا آهن، مولوي صاحب رحه به اهڙن انسانن مان
هو، رمضان 1386هه آهي. اسان چند رفيق مولوي صاحب
جي فرزند ميان اسحٰق سميت ”انصاف هوٽل حيدرآباد ۾
ٽِڪيل آهيون. ٽي.بي سينٽوريم ڪوٽڙيءَ جي سپرنٽنڊنٽ
جي چوڻ مطابق مولوي صاحب کي ٻئي ڏينهن تي داخلا
ملڻي آهي. چند ڊاڪٽر دوست، مولوي صاحب کي ٽي.بي
سينٽوريم ۾ داخلا لاءِ پيا چون، مسٽر نورمحمد
دراني ته ڪاوڙجي روانو ٿي ويو، جو مولوي صاحب پيو
چوي ته ”هاڻي دوا جو وقت ويو.“ اسان جو اصرار حد
کان وڌندو ڏسي مولوي صاحب چيو: ”مولوي صاحب!
(عبدالرحمٰن) متان آءٌ اوهان دوستن تي اڄ ڏينهن
کان پوءِ وڌيڪ بار بڻجي پوان! انهيءَ ڪري آءٌ حڪم
ٿو ڪريان ته گاڏي وٺي اچو ۽ ڳوٺ هلو!“
19 رمضان 1386هه رات جو 9 بجي گاڏي آئي، مولوي
صاحب جي طبيعت ناساز اسهال جن جو ٻن ڏينهن کان زور
هو، هٽي چڪا آهن. ميرپورخاص 11 بجي پهتاسين، مولوي
صاحب مانيءَ جي طلب ڪئي پر نه وڻي. چانهه جو ڍُڪ
پيئڻ ٿيو، 1 بجي ڳوٺ ولهيٽ پهتاسين. ٻئي ڏينهن صبح
جو پاڻ رحه مولوي صاحب عبدالسميع ۽ ٻين عزيزن کي
سڏي چيو ته ”منهنجي قبر، مائٽاڻي قبرستان ۾ نه
ڪجو، پر منهنجي قبر مدرسي جي ڀر ۾ ڪجو“ مدرسي جي
خدمت ڪندو رهجين!“ اهي هئا چند جملا جي مرد فقير
پنهنجن ساٿين ۽ عزيزن کي چيا. 27 رمضان تي مون کي
موڪل ڏنائون ته ڀل وڃي عيد ڪريان ۽ موٽي اچي مدرسي
جي چالو ڪرڻ جو تاڪيد ڪيائون. 4 شوال 1387هه مطابق
1966ع تي حاجي محمد عيسيٰ چونئرائي مون وٽ پهتو ته
مولوي صاحب مرحوم 2 شوال 1387هه تي گذاري ويو.
اِنالِله و اِنا اِليہ راجِعُون.
بقول معمور يوسفاڻي:
”عزيز مدرسه، عزيزِ وطن، عزيزن کان وڇڙي ويو.“
سندس قبر، مدرسه جي ڀر ۾ اسان کي همٿائي رهي آهي
پر جي همٿ هجي ته! (هن وقت مسجد جي توسيع ٿيڻ ڪري
سندن تربت مسجد جي اڱڻ ۾ ڏکڻ- اوڀر ڪُنڊ ۾ اچي وئي
آهي.)
اخلاق:
مولوي صاحب سخي طبيعت، صبر جو ڌڻي، همٿ جو درياءُ،
خوش خلوق (موت جو مالڪ، ملڻسار، غريب پرور، يتيمن
جو هڏ ڏوکي هو، وڏن ماڻهن سان عام رواجي تعلق رکڻ
وارو، وقت تي سچ چوڻ وارو انسان هو، ڪنهن کان به
ڊڄڻ سندن طبيعت ۾ هوندوئي ڪونه هو. ڪهڙو به وڏو
ماڻهو هجي، ڪا ڳالهه سندس ذهن ۾ خلافِ شرع معلوم
ٿي ته چوندي نه گُسندا هئا. غريب جي سنڀال ڪرڻ ۽
ان جي مدد ڪرڻ ۾ کين خوشي محسوس ٿيندي هئي. مهمان
نوازي سندن خاص شان هو، اسان هميشه پنهنجي اکين
سان ڏسندا هئاسين ته 10-15 مهمان هوندائي هوندا
هئا. ماني پچائڻ جو ڪم صرف سندن اهليه ڪندي هئي،
جا نيڪ خاتون خود انهن هستين مان هئي. جن جو ذڪر،
قلبي هميشه جاري رهندو آهي. پاڻ رحه وقت جي وڏي
اهل الله جي نياڻي هئي.
شاگردن جي خدمت ڪرڻ، سندن پسنديده مشغلو هو، سڀ
شاگرد کين پنهنجي ماءُ جو درجو ڏيندا هئا. ميان
محمد عثمان ساند جو غريب ڳوٺ جو باشندو آهي، وٽس
چند دوست اچي ويا جي خاص محمد عثمان جا واسطيدار
هئا. محمد عثمان چئي ٿو ته منهنجي حالت ان وقت اها
هئي جو گهر ۾ ڪجهه ڪين هو. مولوي صاحب منهنجي چهري
مان معلوم ڪري ويو. مون کي ٻاهر ڪڍي چيائون ته
”بابا! مون کي اجازت ڏي ته تنهنجن دوستن جي آءٌ
ماني ڪريان.“ ائين چئي مون کي چيائين ته وڃي
منهنجي گهران ماني تيار ڪرائي کڻي اچ. ۽ مهمانن کي
کاراءِ، پاڻ رحه واپس وڃي مهمانن وٽ ويٺو. انهن
سان ڳالهين ۾ اهو ذڪر ڪرڻ لڳو ته ”ادا، اڄ توهان
محمد عثمان جا مهمان آهيو، اسان جي مهماني اوهان
کي سڀاڻي کائڻي پوندي.“ مهمانن کي خبر به نه پئي
ته ڪو اسان جي مهماني مولوي صاحب ڪئي آهي.
کين سواليءَ جي سوال پوري ڪرڻ ۾ وڏي خوشي محسوس
ٿيندي هئي. هڪ دفعي مدرسي مان نڪتا احمد شاهه
گرهوڙيءَ وٽ ڪنهن ڪم لاءِ ويا. اتان وارو ٿيا ته
بچاءُ بند تي هڪڙو شاهه صاحب سوالي گڏيُن. مولوي
صاحب کي بهترين ڪوٽ (شيرواڻي) پاتل هو. شاهه صاحب
سوال ڪيو ته مولو صاحب اوهان جو ڪوٽ مون کي ڏيو.
مولوي صاحب بغير ڪنهن هٻڪ جي ڪوٽ شاهه صاحب کي
ڏنو. ڪوٽ ته ڏيئي ويٺو پر ان ۾ پئسا به رهجي ويا.
پنهنجي رفيق حافظ جان محمد صاحب کي چيائون ته
”حافظ صاحب ڪِرايو پاڻ وٽ ڪونه اٿئي. سو ڀرڻو
پوندءِ. حافظ صاحب وراڻيو ته ”سائين پئسا سوير پيا
هئا هينئر ڪيئن ختم ٿي ويا. جيئن ته پئسا ڪوٽ ۾
هئا. جڏهن ڪوٽ اهلِ بيت جي سوال ۾ ويو ته پئسا به
هليا ويا. اهلِ بيت جي عزت ۽ محبت ڪافي ڪندا هئا.
دوستي:
دوستي رکڻ ۾ مولوي صاحب رحه جن فياض رهيا. سندن
دوستيءَ جو دائرو وسيع هو. وڏن ماڻهن کان وٺي فقير
به سندن دوستيءَ جي حلقي ۾ شامل هئا. پوري سنڌ ۽
ان کان ٻاهر سندن دوستن جا ٽولا هئا.
تصانيف:
مولوي صاحب جي ٻن ٽن ننڍڙن ڪتابڙن کان سواءِ ڪابه
تصنيف موجود ڪانهي، فضائل الصلوات، فضائل رمضان،
شيعه ۽ پنج تن، تقيه، شيعه ۽ اهل بيت. اهڙي قسم جا
ننڍا ڪتاب مولوي صاحب ڇپائي ماڻهن ۾ مفت ورهايا
هئا. باقي ”قرانيء“ جا ايڊيٽوريل پڙهڻ وٽان آهن.
جن ۾ مولوي صاحب جي قلم جي جولاني پئي تجلا ڏئي.
شعر:
ڪڏهن ڪڏهن مولوي صاحب جي زبان مان بي اختيار شعر
نڪرندا هئا سندن لکيل ڪو ديوان وغيره ناهي. طبيعت
شاعراڻي هُينِ، سندن تخلص ”عنصر علي“ هو، وعظ ڪندي
ڪجهه في البديهه شعر به چئي ڏيندا هئا. هڪ دفعي
شاگردن جي ٻاراڻي حال موافق حضرت بلال رحه جو قصو
شعر ۾ لکي ڏنائون:
ٿي هنيائون، ٿي وڌائون، تاب تِڙڪي تاءَ تـٖـي،
احد واحد ٿي ڪيائين ذڪر پنهنجي ذوقَ تي،
اِيءَ ڏٺي اهڙي جا حالت، صاحب صديق جا.
”ذڪر ظاهر ڪيم ڪر تون، محٰب جاني مون مٺا!“
هڪ دفعي مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ ڏي جڏهن
سندن (پير صاحب جي) منزل هوندي پلي واري ڳوٺ ۾ ٿي
هئي. پاڻ هيٺيون شعر خط جي سِري تي لکي مُڪائون.
مرد مسيحا جي اسان کي دلبرا! درڪار آهِ
طالب الموليٰ جي اڳيان، هي التجا اظهار آه.
سيد ڄامن شاهه کاروڙي واري جي قبر تي فارسيءَ ۾ هڪ
شعر لکيل هو جيڪو پڻ سيد علي اصغر شاهه جي چوڻ
موجب مولوي صاحب عزيزالله جو آهي.
انهن کانسواءِ مختلف ڪتابن تي سندن سهڻن اکرن سان
ڪي شعر لکيل آهن، پر ايترا گهڻا ڪنيهي جو ڪو
مجموعو ٿي سگهي. بهرحال ان ڳالهه کان انڪار نٿو
ڪري سگهجي ته پاڻ رحه شاعراڻيءَ طبيعت جا حامل
هئا. باقي شعر تي طبع آزمائي سا گهٽ ڪيائون.
اهلِ علم دوست:
مولوي صاحب جن خود عالم هئا. تنهنڪري سندن دوستيءَ
۾ وقت جا وڏا وڏا عالم به شامل هئا.
مولانا محمد صادق کڏو (ڪراچي):
مولانا کڏي وارا، مولوي صاحب رحه کان عمر ۾ وڏا
هئا. تنهنڪري پاڻ رحه کين استادن جي زمري ۾ رکندا
هئا. سندن چوڻ هو ته ”مون ڪنهن به امير جو
دسترخوان مولانا کڏي واري جي دسترخوان کان ڪشادو
نه ڏٺو.“ جميعت جي ڪم يا رسالي جي ڇپائيءَ لاءِ
(جو عباسي ليٿو پريس مان ڇپيو هو). مولوي صاحب
گهڻو وقت کڏي ۾ گذاريندو هو. اتي سندن ملاقات،
مولانا کڏي واري سان اڪثر ٿيندي رهندي هئي. پاڻ
رحه، مولانا رحه جي ذات کان ڏاڍا متاثر پئي رهيا.
پاڻ رحه، مولانا رحه کي وقت جي وڏن عالمن مان
ڳڻيندا هئا. پاڻ رحه، مولانا محمد صادق سان اختلاف
بعد به مٿين راءِ جا هئا. چنانچه اسين هنن بزرگن
جي اعليٰ اخلاق جو انداز لڳائي سگهون ٿا ته اختلاف
بعد به حقيقت بياني سندن شان هو.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي:
سنڌ جي اهل قلم طبقي جو مشهور سرواڻ مولوي صاحب
رحه جن سندس اخلاق جو ذڪر سٺي انداز ۾ ڪندا هئا.
سنڌ جي علماء کي مولانا مدنيءَ جي چوڻ سان ڪانگريس
۾ آڻڻ ۾ گهڻو زور، مولوي صاحب رحه حڪيم صاحب جي
طرفان بيان ڪندا هئا. انهيءَ ڪري حڪيم صاحب جي اثر
جي خبر پوي ٿي ته هو ڪيتريقدر ڪامياب ناظم اعليٰ
جميعة العلماء سنڌ هو. حڪيم صاحب جي حاضر جوابي
مزاحي طبيعت جو ذڪر عام ڪندا هئا، سندن عالمانه
گفتگوءَ کي بار بار دهرائيندا هئا. حڪيم صاحب جو
ناري جي اڪثر خاندانن سان واسطو هوندو هو، خاص ڪري
مولوي قاضي نورمحمد پلي صاحب سان گهڻو واسطو هوندو
هو، هڪ دفعي حڪيم صاحب جي دعوت ميان محمد حسن شاهه
چيلهه واري ڪئي، جو عالمن جو تمام وڏو قدردان
هوندو هو.
انهيءَ دعوت ۾ ڳوٺ جا معتبر ماڻهو، ڪچهري ڪرڻ لاءِ
آيل هئا، جن ۾ جميعة العلماء ٿرپارڪر جونائب صدر
مولانا مولوي عبدالحڪيم چيلهه وارو به هو، جڏهن
ماني آئي ته شاهه صاحب ميان محمد حسن شاهه ۽ حڪيم
مولوي عبدالحڪيم کي مانيءَ جي صلاح هنئين. مولوي
صاحب جواب ۾ چيو ته آءٌ ماني کائي آيو آهيان، پر
زور ڪرڻ تي ماني کاڌائون، ڳالهين شروع ٿيڻ جي ڪري
مولوي صاحب اوستائين ماني کائيندو رهيو جيستائن
حڪيم به هٿ ڪڍيو. اتي حڪيم صاحب مِزاحاً مولوي
صاحب کي چيو ته ”مولوي صاحب! خدا ڪيو جواوهين ماني
کائي آئيو ورنه شاهه صاحب کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوي
ها.“
مولانا عبدالڪريم چشتي شڪارپور:
سنڌ جي مشهور عالم مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جي
مولوي صاحب سان دوستي هئي، چشتي صاحب به مشهور
صحافي، اهلِ علم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، ڪيترا ڀيرا
مولوي صاحب چشتيءَ کي عمرڪوٽ ۾ گهرايو، سندن خط و
ڪتابت اخير تائين قائم رهي، اسان جي پڙهڻ واري دور
۾ به چشتيءَ جا مولوي صاحب وٽ خط ايندا هئا.
مولانا داد سلطان ڪوٽي:
مولانا سلطان ڪوٽيءَ سان به سائين مولوي عزيزالله
جو تعلق هو، کين جميعة جي جلسن ۾ گهرائيندا هئا.
مولوي صاحب پڇاڙيءَ ۾ پير جي ڳوٺ ۾ مدرس هو.
مولانا عبدالحق رباني وفات:
(1983-12-19):
مولانا عبدالحق ربانيءَ سنڌ جي عالم طبقي ۾ بلند
حيثيت رکندڙ هئا. پاڻ رحه سنڌ جي انهن عالمن مان
آهن جيڪي شاهه ولي الله رحه جي فلسفي جا ڄاڻو هئا.
مولانا محمد قاسم نانوتوي جا ڪتاب به جيڪڏهن ڪو
سمجهڻ چاهيندو هو ته مولوي صاحب وٽ پهچندو هو.
نصرپور مان مولوي صاحب ان وقت به ”المبلغ“ ڪڍندا
هئا، جڏهن مولوي صاحب عزيزالله ساند جن ولهيٽ مان
”قراني“ ڪڍندا هئا. مولوي صاحب جي سياسي توڙي علمي
تحريڪ ۾ مولانا ربانيءَ جو ساٿ هوندو هو. خاص ڪري
قراني توڙي علمي تحريڪ ۾ مولانا ربانيءَ جو ساٿ
هوندو هو. خاص ڪري قراني جماعت جي مناظرن ۾ کين
گهرايو ويندو هو. بدين وارو مناظرو غير مقلدن سان
ٿيو، ان ۾ پير احسان الله مرحوم ۽ مولانا
عبدالرحيم پڇمي وارن سان حنفين جي طرفان مولانا
رباني حضرت قراني جا معاون به هئا. نوجوان هئڻ ڪري
مناظره ۾ هئا، عمرڪوٽ ۾ شيعن جي مناظري ۾ مولانا
رباني سنين طرفان مناظر هئا.
مولوي هدايت الله هالائي:
مولوي هدايت الله هالا جو ويٺل، وڏو اهلِ قلم،
عالم هو، علماء ۾ اڪثر تحرير جو مارو گهٽ هوندو.
مولوي صاحب عزيزالله عباسي ليٿو پريس مان رسالو
ڇپائيندا هئا، پروف جي سڄي نظرداري مولوي صاحب
هدايت الله جي حوالي هئي، مضمون ۾ مناسب تبديليءَ
جا به کين حق هئا. مولوي محمد مبارڪ جو لکيل رسالو
”انڪشاف الحقيقت“ جو بدعتي فرقن جي جامع تاريخ
آهي. ان ۾ مولوي صاحب هدايت الله جو وڏو هٿ هو.
پاڻ رحه ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف، شاعرِ بيباڪ پڻ
هئا. سندن ڪي ڪتاب ڇپجي به چڪا آهن. عربي اشعار
جيڪي رسالي قرانيءَ ۾ ڇپيل آهن ۽ حضرت قراني جي
وفات متعلق قطعئه تاريخ پڻ مولوي صاحب هدايت الله
جا چيل آهن. غريب هئڻ ڪري مشهوري نه ٿي باقي مولوي
صاحب سنڌ جي ناميارن اهل قلم مان هو. ڪراچيءَ ۾
رهندو هو. شادي به اتي ڪيائين. سندن اولاد جي علمي
استعداد جي ڪابه خبر ناهي، سندن ذاتي ڪتبخانو به
قابلِ ديد هو.
حضرت پير غلام مجدد سرهندي، مٽياري:
پير صاحب جن سائين مولوي صاحب جن جا خانداني مرشد
هئا. سندن سياسي، سماجي زندگيءَ جا رفيق، مولوي
صاحب جن پير صاحب جن جي سخا جا قائل هئا. بعض
حالتن ۾ شرعي مسئلن تي سندن پير صاحب سان ٽڪر
ٿيندي هئي پر حق چوڻ ۾ پاڻ مرشد کان به نه هٻڪندا
هئا.
حضرت پير سائين پاڳارو:
موجوده پير صاحب پاڳاري جي والد (حضرت صبغت الله
شاهه سورهيه بادشاهه) سان به مولوي صاحب جو تعلق
هو، جميعة العلماء ٿرپارڪر جو صدر مولانا محمد علي
پير صاحب پاڳاري جو مريد هو. انهيءَ ڪري به مولوي
صاحب رحه جو جماعت سان واسطو قائم ٿيو. ازانسواءِ
مولوي عزيزالله ۽ مولوي محمد علي مرحوم ۽ ٻين کي
پير صاحب ڪيٽيءَ تي گهرايو، جتي ساڻن نجي گفتگو
ڪندي حڪم ڪيائون ته اسان کي جهاد جو خيال آهي،
اوهان ماڻهن ۾ جهاد جي تبليع ڪريو.
حضرت سيد حاجي غلام شاهه کاروڙو عمرڪوٽ:
حضرت سيد غلام شاهه کاروڙي جي درگاهه جو سجاده
نشين هو، جيڪا عمرڪوٽ کان 3 ميل پري ڇور رستي تي
آهي. مشهور نيڪ هستي ٿي گذريا آهن. مولوي صاحب
سندن محبت الرّسول جا قائل هئا. اهلِ علم جا خاص
قدردان هئا، سخي طبيعت سندن دسترخوان تي فقراء
جوانبوه هوندو هو، هن وقت سائين شاهه مراد شاهه
سندن وڏو فرزند گادي نشين آهي. الله تعاليٰ سندن
علمي گهر کي آباد ڪري، سندن وچون فرزند علي اصغر
شاهه ولهيٽ مدرسي جو شاگرد آهي. (سائين شاهه مراد
صاحب 14- فيبروري 1995ع اڱاري جي ڏينهن وفات ڪئي.
هن وقت سائين شاهه مراد جو پوٽو سيد سردار علي
شاهه، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ ڪلچر جو صوبائي وزير
آهي).
حضرت ميان حاجي محمد حسن شاهه چيلهه:
چيلهه جو ڳوٺ عمرڪوٽ کان 16 ميل کن ڏکڻ ۾ عمرڪوٽ
رستي تي آهي. ساداتن جا 3-4 گهر آهن. جن مان سيد
ميان محمد حسن شاهه به ٿي گذريا آهن. پاڻ مولوي
صاحب ۽ جماعت جا خاص معاون هئا. جڏهن قاضي نورمحمد
صاحب جميعت جي علماء تي ڇاڇري ۾ ڪيس داخل ڪرايو ۽
ميان محمد حسن شاه سندس خاص معاون هن اڪثر ڪيس جو
خرچ ميان صاحب تي هوندو هو، وڏو زميندار هجڻ جي
باوجود به سڄي ڄمار ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن شريف پاڻ
پڙهائيندو هو، سندس شاگرد اڄ به سٺا قاري آهن. پاڻ
سٺا فارسي دان هئا. لنواريءَ وارن بزرگن جا مريد
هئا پر عالمن جي فتوى بعد ان مريديءَ تان دستبردار
ٿيا، پڪا موحد ۽ نيڪ انسان هئا. اڄ به سندن فرزند
سيد علي محمد شاهه سندن گادي نشين آهي جو اهلِ علم
جو وڏو قدردان آهي.
ان کان سواءِ مولوي محمد نوح خاصخيلي مولوي محمد
ابراهيم خاصخيلي، مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگوري
وارو، مولوي عبدالخالق ’عبد‘ پلي، مولوي فضل محمد
مڱڻهار، ميان محمد اسماعيل ’قاسم‘، حافظ خان محمد
’مُلون‘ ڪوري، حاجي پرچو پلي، حاجي برهان راڄڙ، مل
محمود پلي، حافظ دُرمحمد پلي، مولوي غلام محمد
ڪلوري، مولوي مريد علي هاليپوٽه، مولوي عبدالله
آريسر، مولوي فيض الحق، رانگيواڙو ڪراچي، مولوي
محمد صالح ميرپورخاص، مولوي عطاوالله پٺاڻ سندن
ساٿي هئا.
سياستدان:
سنڌ جي سياستدانن مان مولوي صاحب جو واسطو هيٺين
سياستدانن سان هو. پير الٰهي بخش، وزيراعظم سنڌ،
مولوي صاحب رحه جو ساڻس خاص تعلق هو. پير صاحب
اهلِ علم جو قدردان هو.
ازانسواءِ مير بنده علي خان وزيراعليٰ سنڌ،
خانبهادر غلام محمد وساڻ، سيد غلام نبي شاهه،
خانصاحب عطا محمد پلي، وڏيرو محمد عاقب پلي،
وڏيرو محمّد سگهو پلي شادي پليءَ وارو سندس
دوستيءَ جي حلقي ۾ شامل هئا.
اديب:
مولوي صاحب رحه خود صحافي هو، انهي ڪري سنڌ جي
اهلِ قلم سان سندن خاص واسطو هو، ماهنامه توحيد ۽
قراني جو خاص مقابلو هوندو هو. قراني جي فائلن ۾
توحيد جي مقابلي ۾ ڏاڍا مزيدار مضمون آهن، توحيد
غيرمقلدن ۽ قراني حنفين جي ترجماني ڪندو هو.
مولانا خيرمحمد نظاماڻي:
مولانا خيرمحمد نظاماڻي سنڌ جي بزرگ اديبن مان
آهي، سندس ۽ مولوي صاحب جا ادبي مقابلا به ڏسڻ
وٽان آهن. مولانا نورمحمد نظاماڻي، ايڊيٽر ”طيراً
ابابيل“.
سنڌ جي غيور اديبن جو مثال مرحوم نورمحمد نظاماڻي
هو. سندس رسالو ”طيراً ابابيل“ عجيب طرح جي مضمونن
سان لبالب هوندو هو.
خدايا بحقِ خداونديت، ڏي توفيق طيراً ابابيل کي،
ته نصرمّن الله جو نعرو هڻي، ڀڃي بت باطل جي هر
فيل کي.
سادي پوشاڪ، هٿ سان پورهيو سندس شان هو، هيٺيان
صاحب مولوي صاحب رحه جي خاص دوستن مان هو.
محمد هاشم مخلص ايڊيٽر ”مسلمان“، محمد عثمان
ڏيپلائي ايڊيٽر، مصنف ۽ مترجم، شيخ عبدالمجيد
سنڌي، حاجي محمود هالائي ايڊيٽر ”همدرد“ عبدالڪريم
سعدي ايڊيٽر ”الهلال“. لطف الله حُساماڻي سب
ايڊيٽر ”خادم وطن“، مولانا رحم علي پلي انچارج
ايڊيٽر ”الوحيد“.
1935ع کان 1938ع تائين (رسالي جي جاري رهڻ تائين)
سندن سنڌ جي اهلِ علم سان گهڻو ۽ گهاٽو واسطو
رهيو، رسالي مان اها به سڌ پوي ٿي ته دهليءَ مان
خواجه حسن نظامي به خاص خط لکي مولوي عزيزالله کان
لنواريءَ جي حالات بابت معلومات حاصل ڪئي.
رفقاء خاص:
حافظ غلام محمد هاليپوٽو:
وفا جو شان جي ڳولڻو هجي ته مولوي صاحب جي يار
حافظ غلام محمد هاليپوٽي جي زندگي پڙهجي. پاڻ ڍوري
ناري جي ڀر ۾ بلال هاليپوٽي جي ڳوٺ جا ويٺل هئا ۽
ڍوري ناري جي جامع مسجد جا پيش امام هئا. مدرسي
ڪڍڻ بعد مولوي صاحب رحه جن کانئن پيش امامي ڦٽي
ڪرائي ۽ کين مدرسي ۾ معاون ڪري رکيو. مدرسي جي
سفارت جو سڄو بار حافظ صاحب تي هو. حافظ سچار
انسان هو، موقعي ۽ سهل سر چاپلوسي ڪڏهن نه ڪيائون.
سچي ڳالهه منهن ٽوڙ ڦهڪائي ڏيندا هئا. پوءِ ڪنهن
کي وڻي يا نه وڻي. حافظ صاحب ۽ مولوي سائين
عزيزالله ڪنريءَ ۾ حسن رند اسٽيشن جي ڀر ۾ ڪنهن
رئيس جي ڳوٺ ۾ پهتا جنهن مسجد لاءِ ٽيئر ۽ گاڊر
ڏيڻا ڪيا هئا. حافظ کان رئيس سوال ڪيو ته”حافظ
صاحب! هڪ عشق جي شهيد هڪ عورت ڀڄائي. پوءِ جڏهن هن
کان اها عورت کسي ويا ته هُن گولي هڻي پاڻ شهيد
ڪري وڌو. ماڻهو سندس شهادت کان منڪر آهن. اوهان جو
ڪهڙو خيال آهي.“ حافظ صاحب نه ڪئي همه نه ڪئي تم
بغير ڪنهن هٻڪَ جي جواب ڏنو چي ”ابا! اهو شهيد
ڪونهي بلڪه ان جو موت مردود جو موت آهي.“ انهيءَ
تي رئيس ڪاوڙجي پيو، حافظ چيو ته ”رئيس! تنهنجي
ڪاوڙ جي مون کي پرواهه ناهي، باقي اها تولاءِ
هاڃيڪار ضرور آهي.“ ائين چئي حافظ هليو ويو.
سندس وفات مولوي صاحب رحه جي حياتيءَ ۾ ٿي الله
پاڪ غريقِ رحمت ڪريس.
حافظ جان محمد پلي:
حافظ جان محمد پلي، مولوي محمد علي جوڻيجي جو
ابتدائي شاگرد هو، ڄمار ۾ مولوي صاحب عزيزالله
ساند کان گهڻو وڏو، دراز قد، باهمت، پهلوان مڙس
هو. حافظ غلام محمد کان پوءِ مولوي صاحب جو وڏو
معاون هن سياري اونهاري مدرسي ۾ پيو ڪم ڪندو هو.
شاگردن جي هر طلب پوري ڪرڻ حافظ صاحب جو فرض هو،
گوشت جي طلب ٿي ته حافظ صاحب ڪو ڍور يا پهرو
پهچايو، زبردست خادم ۽ اڻ ورچ هستي هو حافظ صاحب
سدائين دلائل الخيرات پڙهندڙ ۽ خشيّتِ الٰهي ۾
رئندڙ رهيو. سندس صحبت تَرَ جي جميع اهلِ الله سان
هئي. حاجي حبيب الله پلي ڳموريءَ واري جو مٿن خاص
اثر هو. سندس حالاتِ زندگي ۽ عبادت جي حقيقت
شاگردن کي اڪثر ٻڌائيندو هو. مولوي صاحب جي عمر ڀر
خدمت ڪيائين. مولوي صاحب جي وفات بعد به سخت بيمار
ٿي پيو. مولوي صاحب جي وفات جو ٻڌي، بيل گاڏيءَ ۾
چڙهي، پنهنجي ڳوٺ محمد شريف پليءَ کان جيڪو مدرسئه
ولهيٽ کان ٻه ميل پرتي آهي، مدرسي ۾ آيو ۽ مولوي
صاحب جي قبر تي فاتحه پڙهي شاگردن کان موڪلائي ڳوٺ
ويو. ان بعد سُتت ئي وفات ڪري ويو. الله پاڪ کيس
غريقِ رحمت ڪري. |