سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2021ع

باب:

صفحو:2 

ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو

ڪنڊيار

اسلام جي تبليغ ۽ اسلام مخالفن سان حضور جن جو

سهڻو سلوڪ

اسلام ڪامل ۽ مڪمل دين آهي، اسلامي تعليمات جو مرڪز ۽ سرچشمو قرآن پاڪ ۽ سنتِ رسول ﷺ آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته اسلام زندگي گذارڻ جو هڪ پاڪيزه طريقو آهي، جيڪو حضور ﷺ جي سيرت جو آئينو آهي، پاڻ ڪريم ﷺ جي جدوجهد جو مقصد انساني فلاح جي سمورن شعبن تي مشتمل آهي، ان لحاظ کان انسان جي اجتماعي نظام سان تعلق رکندڙ ڪوبه اهڙو شعبو نه آهي، جنهن جي هرهڪ حصي ۾ تبديلي آڻڻ ۽ ان کي دينِ الاهيءَ جو تابع ڪرڻ جي جدوجهد ڪرڻ سندس زندگيءَ جو مبارڪ مقصد هو، ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڻ سڳورا پنهنجي انهيءَ انقلابي جدوجهد ۾ هر لحاظ کان ڪامياب ۽ سرخرو نظر اچن ٿا. علمي نقطئه نگاهه کان پاڻ سڳورن جي مبارڪ زندگيءَ جا ٻه پهلو تمام گهڻو نمايان آهن، جيڪي حقيقت ۾ هڪ ئي پهلوءَ جا ٻه جزا آهن. يعني اسلام جي تبليغ ۽ ان کي نه قبول ڪندڙن سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ. انهيءَ جو عملي اظهار هڪ طرف قرآن پاڪ ۾ احڪامن جي شڪل ۾ موجود آهي ته وري ٻئي طرف پاڻ ڪريم ﷺ جي ذاتي عملي زندگيءَ ۽ سندس سنت تي مشتمل آهي. ان سلسلي ۾ تاريخي ماخذن ۽ سيرت طيبه جي ڪتابن ۾ جيڪو اڻکٽ مواد موجود آهي، سو بلڪل واضح ۽ صاف انداز ۾ بيان ڪيل آهي. هڪ سچي مسلمان جي لاءِ ان جي پيروي ڪرڻ کان سواءِ ڪو چاروئي نه آهي. تحقيقي لحاظ کان ان ۾ واڌارو ته ڪري سگهجي ٿو، ليڪن ان ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو ڪنهن کي ڪوبه اختيار نه آهي.

سيرت طيبه جي مطالعي مان واضح ٿئي ٿو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن جي ولادت باسعادت جي زماني ۾ دنيا ڪفر ۽ گمراهي، جهالت ۽ ذلالت جي اونداهين ۾ وڪوڙيل هئي، اخلاق ۽ حياءَ جو نالو ۽ نشان ئي نه هو. قتل و غارت، ظلم ۽ خون ريزي عام هئي، اهڙي بدترين معاشري ۾ حضور ﷺ پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري نهايت بلند مرتبي تي نظر اچن ٿا. جيتوڻيڪ جو معاشري جو هر فرد خودغرض ۽ مفاد پرست بنجي چڪو هو، ليڪن ان هوندي به سندن نظر ۾ پاڻ ڪريم ﷺ کان وڌيڪ بهترين اخلاق ۽ ڪردار وارو ڪوبه شخص انهيءَ معاشري ۾ موجود نه هو اهوئي سبب هو، جو انهن اعليٰ اخلاقي صفتن جي ڪري مڪي جو هر فرد پاڻ ڪريم ﷺ کي صادق ۽ امين ڪري سڏيندو هو.(1)

نبوت ۽ رسالت اصولي طور تي تبليغ ڪرڻ ئي آهي، ان لحاظ کان سمورا نبي سڳورا حق جا داعي ۽ مبلغ هئا، ان صورت ۾ پاڻ ڪريم ﷺ  جن سڀ کان وڌيڪ اعليٰ درجي جا ڪامياب ترين مبلغ ثابت ٿيا آهن، جنهن جي خاص ۽ مخصوص تبليغي انداز سان اهڙو انقلاب برپا ٿيو، جنهن جو مثال انساني تاريخ پيش نه ٿي ڪري سگهي. ان لحاظ کان سندس سموري زندگي هڪ بي مثال داعي ۽ مبلغ جي زندگي آهي. هجرت کان پوءِ جيتوڻيڪ سندن اها حيثيت نه رهي، جيڪا مڪي ۾ هئي، ليڪن ان هوندي به پاڻ اسلام جا داعي ئي هئا. محقق پاڻ ڪريم ﷺ جي دعوتي ڪاميابين جو راز صرف ۽ صرف سندن ڪامياب ۽ بااصول تبليغ ئي ٻڌايو آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جو تبليغي طريقه ڪار انساني نفسيات جي عين مطابق هو. پاڻ سڳورن جي مخالفت ۽ کين اسلام جي اشاعت کان روڪڻ ۽ هراسان ڪرڻ جو آغاز ان وقت کان ئي شروع ٿي ويو هو، جڏهن پاڻ سڳورن پنهنجي رسالت جو اعلان ڪوهِه صفا کان ڪيو. انهيءَ ڏينهن کان گارگند، مسخري ۽ ٽوڪ، جسماني ايذاءُ ڏيڻ، دنياوي لالچ، معاشي ۽ معاشرتي بائيڪاٽ، تحقير ۽ تذليل، ڪوڙي ۽ بي بنياد پروپيگنڊا، بي مهل سوال و جواب، جهڙا رذيل طريقه استعمال ڪيا ويا، جن جو مقصد پاڻ سڳورن کي حق جي تبليغ کان روڪڻ ۽ اسلام جي اشاعت جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ هو. ليڪن پاڻ سڳورا انهن سمورين مصيبتن کي خوش دليءَ سان برداشت ڪندا رهيا.(2)

حضور ﷺ جي تبليغ جو مقصد صرف تبليغ ڪرڻ ئي نه هو بلڪه تبليغ جي ذريعي الله تعاليٰ جي دين کي عام ۽ غالب ڪرڻ هو ۽ اها هڪ حقيقت آهي دين ٽڪراءَ سان عام ۽ غالب نه ٿيندو آهي، بلڪه داعيءَ جي اعليٰ اخلاقي صفتن ۽ ڪردار جو اثر مخالف کي سوچڻ تي آماده ڪندو آهي، جنهن جي ڪري هو گمراهي کي ڇڏي حق جي راهه کي اختيار ڪرڻ تي سوچڻ شروع ڪندو اهي. انهيءَ لحاظ کان جڏهن سيرت طيبه جو مطالعو ڪريون ٿا، ته اسان کي پاڻ سڳورن جي تبليغي جدوجهد ۾ درجي بدرجي ڪوشش سان گڏوگڏ، مخاطب سان سندس نفسيات ۽ عقلي معيار جي مطابق سهڻو برتاءُ ڪرڻ به سمجهه ۾ اچي ٿو. پاڻ سڳورن جي تبليغي زندگيءَ ۾ جنهن اعليٰ وصف سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سا سندن رحمت واري صفت آهي، قرآن پاڪ سندن نبوت جو مقصد انهيءَ رحمت جو اظهار قرار ڏنو آهي. جيئن ارشادِ خداوندي آهي(3) :

ترجمو: يعني (اي محمد ﷺ) اسان توکي سمورن جهانن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو آهي، انهيءَ رحمت جي وصف کي پاڻ سڳورن جي مبارڪ زندگيءَ ۾ نمايان طور تي سپرد ڪيو ويو هو. هڪ ٻئي آيت ۾ الله تعاليٰ انهيءَ وصف کي پنهنجي خاص رحمت جو نتيجو قرار ڏنو آهي(4):

ترجمو:  يعني الله جي رحمت جي ڪري توهان ماڻهن سان نرم دل ٿيا آهيو ۽ جيڪڏهن توهان سخت دل هجو هان، ته هيءُ توهان کان پري ٿي وڃن هان. اهوئي سبب هو جو پاڻ سڳورا انهيءَ فطرتي رحمت جي ڪري اُمت جي حق کي قبول نه ڪرڻ جي ڪري پريشان ۽ بي قرار نظر ايندا هئا. پاڻ سڳورن جو فڪر اهوئي هو، ته ڪهڙي طرح سمورا انسان گمراهيءَ کي ڇڏي اسلام جي سلامتيءَ واري راهه اختيار ڪرڻ وارا بڻجي وڃن. پاڻ سڳورن جي انهيءَ فڪر ۽ بيقراريءَ کي قرآن پاڪ ۾ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي(5):

ترجمو: يعني متان انهيءَ غم جي ڪري پنهنجو پاڻ کي هلاڪ ڪري ڇڏين. دراصل هيءَ اها بيقراري هئي، جنهن جي ڪري پاڻ ڪريم ﷺ اسلام جي مخالفن جي هر ظلم ۽ جبر کي خوش دليءَ سان برداشت ڪندا رهيا. ايتريقدر جو پاڻ سڳورن هر ان ادا کي اختيار ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهيو، جنهن جي ڪري اسلام جا مخالف اسلام جي طرف مائل ٿي ٿِي سگهيا. جيڪڏهن ڪو ظلم مٿان ظلم ڪري ٿڪجڻ کان پوءِ حق جي دعوت ڏانهن متوجهه ٿي سگهيو ٿي، ته پاڻ سڳورن کين اهڙو ته ٿڪايو، جو وٽن حق جي دعوت کي قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه چاروئي نه رهيو ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عفو و درگذر، احسان و ايثار، محبت ۽ شفقت جي ڪري اسلام جي طرف مائل ٿي سگهيو ٿي، ته پاڻ سڳورن اعليٰ اخلاقي صفتن کي بلند ڪردار جي سانچي ۾ اهڙو ته ورجائي ڏيکاريو، جو اهو سندن ئي شايانِ شان هو. هيءُ اخلاق جو اهو اعليٰ مقام آهي، جنهن کي قرآن پاڪ ۾ ”انک لعليٰ خلق عظيم“(4) سان تعبير ڪيو ويو آهي. هڪ مسلمان ۽ رسول ﷺ جي سچي پيروڪار لاءِ اسلام جي مخالفن سان سهڻو برتاءُ حضور ﷺ جي اسوه جي روشنيءَ ۾ انهي جذبي جي بنياد تي هئڻ گهرجي. هيٺ اسان انهيءَ نقطئه نظر کي سامهون رکندي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:

1- خيرخواهي:

قرآن پاڪ ۾ انبيا عليهم الصلواة والسلام جي لاءِ نُصح يا ناصح جا لفظ ڪتب آندا ويا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته نبين سڳورن جو ڪلام ناصحانه ڪلام هوندو آهي، يعني انهن جي هر عمل جو اصلاح ۽ خيرخواهي هوندو آهي. جڏهن ڪنهن جو هر عمل خيرخواهيءَ جي جذبي سان هوندو آهي ته عام ماڻهو جو ان جي لاءِ پنهنجائپ جو احساس جنم وٺندو آهي، جنهن جي ڪري عزت، محبت ۽ احترام جا جذبا وجود ۾ ايندا آهن. پاڻ ڪريم ﷺ انهيءَ نفسياتي ۽ اخلاقي پهلوءَ کي اهڙي حڪيمانه انداز سان اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش فرمائي، جو سندن بدترين مخالف به موافق بنجي ويا. هندو سيرت نگار سوامي لڪشمن پرشاد لکي ٿو ته، مڪي جي فتح جي تاريخ ساز موقعي تي اسلام جي پيغمبر ﷺ ثابت ڪري ڏيکاريو ته پنهنجي ان دشمنن سان افضل ترين رحم جو مظاهرو ان وقت آهي، جڏهن توهان کانئس انتقام وٺڻ جي پوري طاقت ميسر هجي. هيءُ اهڙو اعليٰ ترين اخلاقي مظاهرو واقعو آهي، جنهن جو مثال پيش ڪرڻ کان انساني تاريخ قاصر آهي.(7)

(2) صبر ۽ تحمل:

صبر ۽ تحمل اسلامي عمل جو بنياد ۽ اسوه رسول ﷺ جو خصوصي امتياز آهي. هيءَ اها اعليٰ اخلاقي صفت آهي، جنهن کانسواءِ ايمان ۽ اسلام جو تصور بي معنيٰ بنجي وڃي ٿو. قرآن پاڪ ۾ اڪثر آيتون سڌي يا اڻ سڌي طرح صبر جي باري ۾ نازل ٿيل آهن. پاڻ ڪريم ﷺ جي مڪي زندگي صبر ۽ تحمل جو اعليٰ مثال آهي. پاڻ سڳورن پنهنجي مڪي زندگيءَ ۾ ڪافرن جي ظلم ۽ ستم جي مقابلي ۾ طاقت سان جواب ڏيڻ بجاءِ پُرامن نموني حبشه ڏانهن هجرت ڪرڻ جو حڪم فرمايو(8). مڪي جي قريش جي سماجي بائيڪاٽ جو جواب قطع تعلق جي بدران شعب ابي طالب ۾ قيد رهڻ کي ترجيح ڏني(9). طائف جي سفر دوران اُتان جي رهاڪن پاڻ سڳورن جي دعوت کي ته قبول نه ڪيو، بلڪه پٿرن جو وسڪارو ڪيو. ليڪن ان جي باوجود سندن خلاف بددعا جي بدران امن ۽ عافيت جي دعا ڪئي(10). صلح حديبه جي موقعي تي تحمل جو مظاهرو ڪندي رسول الله ﷺ نه لکڻ جي به اجازت ڏني(11). آخري خطبي جي موقعي تي انهن سمورن رسمن کي ختم ڪرڻ جو اعلان فرمايو، جيڪي معاشرتي تباهيءَ جو سبب بنجي سگهن ٿيون(11). مطلب ته پاڻ سڳورن جو انهن سمورين ناگوارين کي نظرانداز ڪرڻ جي منشا صرف هيءُ هئي، ته جيئن پاڻ سڳورا پنهنجي اعليٰ مقصد واري سفر کي جاري رکي سگهن، جنهن ۾ پاڻ سڳورا انتهائي ڪامياب نظر اچن ٿا.

(3) مذهبي آزادي:

اسلام عقلي مذهب آهي، ان جي دعوت ۽ تبليغ جا اصول حڪمت، دانش، وعظ ۽ نصيحت تي مشتمل آهن. اسلامي تعليمات جي روشنيءَ ۾ مذهب رضامندي خوش دلي ۽ خوداختياري جذبي جو نالو آهي. انجو تعلق قلب ۽ روح سان آهي ۽ اها حقيقت آهي ته دل ۽ روح تلوار جي زور تي تابع نٿو ڪري سگهجي. حضور ڪريم ﷺ تي ايمان آڻڻ دراصل يقين جو ٻيو نالو آهي. دنيا جي ڪابه طاقت زبردستي ۽ جبر سان ڪنهن ڪمزور ترين انسان جي دل ۾ يقين جو ذرو به پيدا نٿي ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ اسلام جو ابدي اصول ”لااکراه في الدين“ آهي(13). يعني دين ۾ ڪابه زبردستي نه آهي. ”قد تبين الرشد من الغيّ(14) ڇاڪاڻ ته هدايت گمراهيءَ کان ظاهر ٿي چڪي آهي(15):

ترجمو: يعني جيڪو چاهي سو قبول ڪري ۽ جيڪو چاهي سو انڪار ڪري. پاڻ ڪريم ﷺ انهي فطري اصول کي اختيار ڪندي ڪڏهن به زبردستي ڪنهن تي ايمان آڻڻ لاءِ زور نه ڀريو، بلڪه پاڻ سڳورن ان معاملي ۾ هر ڪنهن کي پوري آزادي عطا فرمائي ته جيئن عقل ۽ بصيرت رکندڙ شخص انهيءَ نور مان فيضياب ٿي سگهن ۽ گهٽ علم ۽ بيوقوف ڀلي محروم رهجي وڃي. ان حوالي سان ارشاد خداوندي آهي(14):

ترجمو: يعني جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها، ته زمين جي سمورن ماڻهن کي ايمان وارو بنائي ها، ته ڇا اي پيغمبر ﷺ تون ماڻهن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪندين ته اهي ايمان وارا بنجن. حضور ﷺ جن جي حياتيءَ جي آخري زماني ۾ عرب جي اڪثر قبيلن اسلام کي اختيار ڪرڻ شروع ڪيو هو. جنهن قبيلي جو سردار ثمامه اتفاق سان مسلمانن جي هٿان گرفتار ٿي مدينه شريف آندو ويو. پاڻ ڪريم ﷺ جن کيس مسجد جي ٿنڀي سان  ٻڌي ڇڏڻ جو حڪم فرمايو، پاڻ سڳورا جڏهن مسجد ۾ تشريف آور ٿيا، ته کانئس خير و عافيت معلوم فرمايائون. ان تي ثمامه جواب ۾ چيو، ته اي محمّد ﷺ جيڪڏهن منهنجي قتل جو حڪم فرمائيندين ته اهو هڪ قاتل کان انتقام هوندو. جيڪڏهن احسان ڪندين ته اهو هڪ شڪرگذار شخص تي احسان ٿيندو. ۽ جيڪڏهن رقم وٺي آزاد فرمائيندين ته توهان جيڪي گهرندو سو ادا ڪندس. اهو ٻڌي پاڻ سڳورا خاموش ٿي ويا. ٻئي ڏينهن تي به ساڳئي گفتگو ٿي، ٽئين ڏينهن به جڏهن ساڳئي ڳالهه ٻولهه ٿي ته پاڻ سڳورن حڪم فرمايو ته ثمامه جي رسي کولي کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ثمامه تي انهي توقع جي خلاف احسان ۽ ڪرم جو اهڙو ته اثر ٿيو، جو مسجد کان ٻاهر نڪري ڀرسان هڪ باغ ۾ وڃي غسل ڪيائين ۽ مسجد ۾ واپس اچي زور سان شهادت جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو(15). اهڙي قسم جا سوين واقعا حديث ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ موجود آهن ته پاڻ سڳورن ڪڏهن به ڪنهن تي ايمان آڻڻ لاءِ طاقت ۽ قوت کي استعمال نه فرمايو.

(4) ناگوارين کي برداشت ڪرڻ:

حضور اڪرم ﷺ پنهنجي مبارڪ زندگيءَ ۾ جنهن برداشت جو مظاهرو فرمايو، تنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. پاڻ سڳورن جي مڪي زندگيءَ جو هر لمحو ته برداشت ئي برداشت هو، ليڪن مدني دور به اهڙي قسم جي واقعن کان وانجهيل نه آهي. عبدالله بن ابي مشهور منافق هو. بدر جي لڙائيءَ کان وٺي پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ ڪوبه اهڙو موقعو نه ڇڏيائين، جنهن ۾ منافقانه ڪردار ادا نه ڪيو هجائين. تبوڪ کان واپسيءَ تي جڏهن سندس نفاق واضح ٿي ويو ته سندس پٽ جيڪو مضبوط عقيدو رکندڙ پڪو مسلمان هو، پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجي منافق پيءَ جي قتل جي اجازت گهريائين ۽ عرض ڪيائين ته يا رسول الله ﷺ مون کي پنهنجي پيءُ جي قتل جي اجازت ڏيو، ائين نه ٿئي جو ڪو ٻيو مسلمان جوش ۾ اچي کيس قتل ڪري وجهي ۽ مان وري ان کي پيءُ جي محبت ۾ قتل ڪري وجهان، ۽ گنهگار ٿي پوان. پاڻ سڳورن کيس قتل جي اجازت ڏيڻ جي بجاءِ فرمايو، ته ماڻهو ڇا چوندا ته محمّد ﷺ پنهنجي ساٿين کي قتل ڪرائيندو ٿو وتي(18). ان کان علاوه نجران جي عيسائين جو پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ حاضري ڀرڻ کان پوءِ مسجد نبوي ۾ پنهنجي طريقي سان نماز ادا ڪرڻ(19). ۽ ثقيف قبيلي جي بت پرست مشرڪن جي وفد کي مسجد نبويءَ جي هڪ ڪُنڊ ۾ تنبو هڻي رهائڻ، حالانڪ مديني ۾ تنبو هڻڻ لاءِ ڪافي جڳهه موجود هئي(20) پاڻ سڳورن جي برداشت جا اعليٰ مثال آهن. ايتريقدر جو ڪنهن صحابي سڳوري جي زبان مان هيءُ لفظ به اُچارجي ويا ته سائين هيءُ ته ناپاڪ آهي. پاڻ ڪريم ﷺ فرمايو(21):

ترجمو: يعني زمين تي سندن ناپاڪائي جو ڪوبه اثر نٿو ٿئي. مولانا مناظر حسن گيلاني پاڻ سڳورن جي انهيءَ برداشت ۽ سهڻي سلوڪ کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، اسان اندازو نٿا لڳائي سگهون ته ٽٽل انسانذات جي انهيءَ آخري جوڙڻ واري جوڙڻ ۾ پنهنجي ڪردار کي ڪيتري حد تائين پهچايو. انسانيت جا اعليٰ ترين خيرخواه اهڙا انسان ئي ٿي سگهن ٿا.(22)

(5) مذهبي آقائن ۽ پيشوائن جو احترام:

اسلام باطل مذهبن جي آقائن ۽ پيشوائن کي برو ڀلو چوڻ کان منع ڪري ٿو. هيءُ هڪ اهڙو ناپسنديده عمل آهي، جيڪو مخالف مذهب رکندڙ ۾ ڪاوڙ ۽ ڪشيدگي پيدا ڪري ٿو. پاڻ سڳورن جي مبارڪ حياتيءَ ۾ ڪوبه اهڙو مثال نٿو ملي، جنهن ۾ پاڻ سڳورن ڪنهن ۾ نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي لفظ پنهنجي زبان مبارڪ سان ڳالهايا هجن. سندن نبوت ۽ رسالت جو اصلي مقصد جيئن ته غير مسلمن کي اسلام جي امن واري روشنيءَ ۾ داخل ڪرڻ هو. انڪري پاڻ سڳورن هر انهيءَ عمل کان روڪجڻ جي تعليم ڏني آهي، جنهن سان ڪشيدگي پيدا ٿيڻ جو انديشو هجي، قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي(23):

ترجمو: يعني جن کي (ڪافر) الله کانسواءِ سڏين ٿا، تن کي گاريون نه ڏيو نه ته اهي به بي علميءَ سان بي ادبي ڪري گاريون ڏيندا، حضور ﷺ جن جڏهن اسلام جي دعوت شروع ڪئي، ته ان وقت ڪعبة الله ۾ 360 بت رکيل هئا. پاڻ ڪڏهن به ان باري ۾ نه سوچيائون ته ڪو انهن بُتن کي ڀنڃي ڀورا ڪيو وڃي بلڪه انهن بُتن جي مزاحمت ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي دعوتي ڪم کي جاري رکيو، آخرڪار اهڙو وقت به آيو، جو سندن هڪ ئي اشاري سان ڪعبة الله سمورن بُتن کان پاڪ ٿي ويو.(24)

(6) عبادتگاهن جي حفاظت:

پاڻ ڪريم ﷺ جن نه صرف غير مسلمن جي معبودن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان منع فرمايو، بلڪه انهن جي عبادتگاهن جي احترام جو به حڪم فرمايو. پاڻ ڪريم ﷺ نجران جي عيسائين سان جيڪو معاهدو ڪيو، ان جو هڪ فقره هيءُ به هو ته انهن جي گرجائن ۽ ڪليسائن جي حفاظت مسلمانن جي ذمي هوندي.(25) مولانا محمد تقي اميني فقهي ڪتابن جي حوالن سان نقل ڪيو آهي، ته فقهه جي عالمن مسلمانن کي ٻين مذهبن جي عبادتگاهن ۽ مذهبي رهبرن جي احترام جو حڪم صادر ڪيو آهي. ڪتاب الخراج ۾ آهي(26):

ترجمو: يعني يهودين ۽عيسائين جي عبادتگاهن کي نه ڊاٺو وڃي. نماز جي وقتن کانسواءِ کين ناقوس وڄائڻ کان به نه روڪيو وڃي ۽ نه کين سندن عيد جي ڏينهن تي صليب ڪڍڻ کان روڪيو وڃي. پاڻ ڪريم ﷺ جن جڏهن به ڪنهن لشڪر کي جهاد لاءِ روانو فرمائيندا هئا، ته ٻين هدايتن سان گڏ اهو به تاڪيد ڪندا هئا، ته ڪنهن به عبادتگاهه سان ڪابه هٿ چراند نه ڪئي وڃي.

(8) جان ۽ مال جي حفاظت:

اسلام ۾ انساني جان ۽ مال جي حفاظت هڪ اهڙو بنيادي حق آهي، جنهن ۾ مسلم ۽ غير مسلم جي ڪابه تميز نه رکي وئي آهي. ايتريقدر جو اسلام ۾ هڪ انسان جو قتل سموري انسانيت جو قتل قرار ڏنو ويو آهي. ارشاد رباني آهي(28):

ترجمو: يعني جنهن شخص ڪنهن انسان کي قتل ڪيو ۽ فساد ڦهلايو، ان ڄڻ سموري انسانيت کي قتل ڪيو. اسلام جيئن ته انسان جي جان جي احترام ۽ پاسداريءَ جي تعليم ڏئي ٿو، بلڪه ڪنهن به انسان جي حقن کي غصب ڪرڻ واري جي لاءِ سخت سزا به مقرر ڪئي آهي. اسلام قتل جي جيڪا سزا قصاص مقرر ڪئي آهي، ان ۾ مسلم ۽ غير مسلم ۾ ڪوبه فرق نه رکيو آهي. ڇاڪاڻ ته قصاص جو حڪم عام آهي.(29) پاڻ ڪريم ﷺ جن جو فرمان آهي:(30)

ترجمو: يعني جيڪڏهن ڪنهن معاهدو ڪيل غير مسلم کي قتل ڪيو، سو جنت جي خوشبوءِ سنگهڻ کان محروم ٿيندو، جڏهن ته جنت جي خوشبوءِ چاليهن سالن جي پنڌ تائين محسوس ٿيندي. ٻي روايت ۾ آهي ته جنهن معاهدو ڪيل غير مسلم تي ظلم ڪيو يا ان جي حقن ۾ ڪوتاهي ڪئي يا سندس طاقت کان وڌيڪ مٿس بار رکيو يا ان جي مرضيءَ کانسواءِ کانئس ڪا شيءِ ورتي. آءٌ قيامت جي ڏينهن خود ان جي خلاف فريادي بنجندس(31) اسلامي فقہ جي روشني ۾ نقل ڪيل آهي ته جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪنهن غير مسلم جي ملڪيت مان شراب يا خنزير کي ضايع ڪري ته ان مسلمان کي ان جي قيمت ڏيڻي پوندي.(32) جڏهن اسلام ۾ حرام ڪيل شيءِ جيڪا غير مسلم جي ملڪيت ۾ آهي، تنهن جي نقصان جو پورائو ڪرڻ ضروري آهي، ته پوءِ واضح ٿئي ٿو ته ان جي ملڪيت جي جائز حصي کي نقصان پهچائڻ ڪيڏو نه وڏو جرم آهي.

(9) تاليف قلب:

سرورِ ڪائنات ﷺ جي هڪ اعليٰ اخلاقي ۽ تبليغي خصوصيت تاليف قلب يعني پاڻ ڪريم ﷺ جو سهڻو برتاءُ، جيڪو غير مسلمن ۽ نون مسلمانن سان ان غرض سان هو ته جيئن اهي اسلام کي شفقت ۽ رحمت تصور ڪن. قرآن پاڪ ۾ خرچ جا جيڪي موقعا ۽ جڳهون تجويز ڪيون ويون آهن، تن جي تشريح ڪندي مولانا مفتي محمد شفيع صاحب تاليف قلب جي مختلف قسمن تي روشني وجهندي لکي ٿو ته انهن ۾ ڪجهه شخص اهڙا هئا، جن جي متعلق اهو واضح هو ته اهي به تبليغ ۽تعليم جو اثر وٺن ٿا ۽ جنگ ۽ مقابلي سان آماده ٿين ٿا. اهي صرف احسان ۽ سهڻي سلوڪ کان متاثر ٿين ٿا. پاڻ ڪريم ﷺ جي ته چاهت اها هئي، ته ڪنهن طرح سان خدائي خلق ڪفر ۽ گمراهيءَ کي ڇڏي اسلام جي نور سان منور ٿئي. انڪري پاڻ سڳورن هر انهيءَ تدبير کي اختيار فرمايو، جنهن سان هي ماڻهو متاثر ٿي سگهن. اهڙي قسم جي شخصن تي خرچ ڪرڻ تاليف قلب ۾ شمار ٿئي ٿو.(33) حديث ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ ان قسم جا ڪيترائي مثال ڏسي سگهجن ٿا. حنين جي موقعي تي پاڻ سڳورن غنيمت جي مال مان جيڪو واڌارو حصو عطا فرمايو، تنهن جو مقصد به تاليف قلب هو. پاڻ ڪريم ﷺ جي انهيءَ سهڻي برتاءَ انهن نون مسلمن کي مخلص بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.(34)

(10) عزت ۽ احترام:

اسلام ۾ هر انسان کي عزت ۽ شرافت حاصل آهي. ان ۾ مسلم ۽ غير مسلم نيڪ ۽ بد جو ڪوبه فرق نه رکيو ويو آهي. انسان جي حيثيت ۾ هرهڪ احترام جي لائق آهي. حضور ﷺ جي سيرت طيبه ۾ انساني عزت ۽ احترام جا ڪيترا ئي مثال موجود آهن، پاڻ ڪريم ﷺ ان سلسلي ۾ مسلم ۽ غير مسلم جي فرق کان سواءِ پنهنجي اعليٰ اخلاق جو مظاهرو فرمايو. پاڻ سڳورن نه صرف پنهنجي تعلق وارن جي بيماريءَ جي حالت ۾ سندن مزاج پرسي ڪئي، ليڪن هڪ يهودي ڇوڪري جي بغير ڪنهن مذهبي مت ڀيت جي عيادت ڪرڻ فرمائي.(35) جڏهن ڪنهن يهوديءَ جو جنازو گذرندو هو، ته پاڻ سڳورا ان جي احترام ۾ اُٿي بيهندا هئا، ته جيئن ساڻن همدردي جو اظهار ٿئي. سهل بن حنيف رضه ۽ قيس بن سعد قادسيه ۾ موجود هئا. انهن جي سامهون هڪ جنازو گذريو ان کي ڏسي ٻئي ڄڻا اٿي بيهي رهيا، کين ٻڌايو ويو ته هيءُ هڪ غير مسلم جو جنازو آهي، ان تي ٻنهي سڳورن جواب ۾ فرمايو ته هڪ دفعي مديني ۾ پاڻ سڳورن جي سامهون هڪ جنازو گذريو ته پاڻ سڳورا اٿي بيهي رهيا.

پاڻ سڳورن کي ٻڌايو ويو ته هيءُ يهوديءَ جو جنازو هو، ان تي پاڻ سڳورن فرمايو هو ته ڇا هيءُ انسان نه آهي(36). هڪ دفعي ڪجهه شخص گرفتار ڪري مدينه منوره آندا ويا. پاڻ سڳورن ڏٺو ته انهن ۾ هڪ عورت آهي، جنهن جي مٿي تي چادر نه آهي. پاڻ ڪريم ﷺ کيس پنهنجي چادر مبارڪ مٿي ڍڪڻ عطا فرمائي. ڪنهن عرض ڪيو ته سائين هيءَ عورت غير مسلم آهي، پاڻ ارشاد فرمايائون ته ڪجهه به هجي، ليڪن نياڻي آهي(37). اهوئي عظيم اخلاق آهي، جنهن سان نفرت جي بجاءِ محبت ۽ اخوت جا جذبا وجود ۾ اچن ٿا.

(11) عفو ۽ درگذر:

عفو ۽ درگذر اسوه رسول ﷺ جي اها نمايان صفت آهي، جنهن پاڻ ڪريم ﷺ کي سموري انسانيت جو رهبر ثابت ڪيو آهي. سندن فرمان مبارڪ آهي:(38)

ترجمو: يعني ته الله تعاليٰ برائيءَ کي برائي سان نه ٿو ڌوئي بلڪه برائي کي ڀلائي سان صاف ڪري ٿو. برائي سان برائي نه ٿي مٽجي. هيءُ اها عمده تعليم آهي، جنهن جي ڪري اسلام جا مخالف پاڻ ڪريم ﷺ جي سامهون ڪنڌ نوائڻ تي مجبور ٿي ويا. انساني تاريخ ۾ فتح مڪه جو واقعو پاڻ ڪريم ﷺ جي لازوال عفو و درگذر، فراخدلي ۽ وسيع قلبي جو روشن مثال آهي. انهيءَ موقعي تي جڏهن ڪنهن اصحابي سڳوري جي زبان مان هيءُ لفظ نڪتا، ته اڄ بدلي ۽ انتقام جو ڏينهن آهي. جڏهن پاڻ سڳورن هيءُ لفظ نڪتا ته اڄ بدلي ۽ انتقام جو ڏينهن آهي. جڏهن پاڻ سڳورن هيءُ لفظ ٻڌا ته (39) .

ترجمو: يعني اڄ رحم جو ڏينهن آهي، ۽ جڏهن سندن جاني دشمن کي پيش ڪيو ويو ته پاڻ سڳورن فرمايو:

ترجمو: يعني اڄ توهان تي ڪابه ميار نه آهي. الله توهان جي گناهن کي معاف فرمائي. هُو سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهي. ”اذهبوا و انتم الطلقاء“(40) وڃو توهان سمورا آزاد آهيو، اهڙيءَ طرح خيبر ۾ زهر ڏيڻ واري يهودي عورت کي معاف فرمايو(41).

پنهنجي چاچي حضرت حمره رضه قاتل وحشي سان درگذر جو معاملو فرمايو، جڏهن هن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي آغوش ۾ پناهه ورتي ۽ اسلام قبول ڪيو. پاڻ سڳورن کيس صرف ايترو فرمايو ته جڏهن تون منهنجي سامهون اچين ٿو ته مون کي منهنجو چاچو ياد اچي وڃي ٿو(42). حضرت حمزه رضه جي جيري کي ڪڍي چٻاڙڻ واري عورت هنده کي معاف فرمايو. فتح مڪه جي موقعي تي جڏهن هوءَ نقاب ڍڪي آئي، ته جيئن پاڻ سڳورا کين سڃاڻي نه سگهن ۽ کي امن ملي وڃي. ليڪن پاڻ سڳورن سڃاڻڻ جي باوجود کيس معاف ڪري ڇڏيو(43). اُحد جي لڙائيءَ ۾ سندن چهري مبارڪ کي زخمي ڪرڻ وارن جي لاءِ مغفرت جي دعا گهريائون(44) جڏهن کين دشمن جي لاءِ بد دعا گهرڻ لاءِ عرض ڪيو ويو ته فرمايائون ته مان دنيا ۾ زحمت لاءِ نه بلڪه رحمت جي لاءِ آيو آهيان(45)، اِفڪ جي واقعي ۾ حضرت عائشه رضه تي بهتان مڙهڻ ۾ منافقن جو سردار عبدالله بن ابي سرفهرست هو، ليڪن پاڻ سڳورن هميشه ساڻس رحم ۽ ڪرم جو معاملو فرمائيندا رهيا. جڏهن هو مري ويو ته پاڻ سڳورن ان جي ڪفن ۾ پنهنجو پهرياڻ ڏنو. ۽ مغفرت جي لاءِ دعا گهري. حضرت عمر رضه جڏهن بار بار روڪڻ تي ڪيو، ته رحيم ۽ ڪريم نبي ﷺ جن فرمايو(46):

ترجمو: يعني مون کي اختيار ڏنو ويو ان ڪري مون نماز پڙهائڻ کي ترجيح ڏني، جيڪڏهن مون کي معلوم ٿي وڃي ته ستر دفعا مغفرت گهرڻ کان پوءِ به هن کي معافي ملي ويندي، ته مان ايترا دفعا مغفرت جي دعا گهران هان. عڪرمه ابوجهل جو پٽ مڪي جي فتح جي موقعي تي يمن ڀڄي ويو. سندس گهرواري مسلمان ٿي وئي هئي. سندس ڪوشش سان عڪرمه به مسلمان ٿي ويو. هوءَ کيس پاڻ ڪريم ﷺ جن جي خدمت ۾ ساڻ ڪري آئي. حضور ﷺ جن خوشيءَ مان ايترو ته تيزي سان عڪرمه ڏانهن وڌڻ لاءِ اُٿيا، جو سندن جسم مبارڪ تان چادر لهي وئي، ۽ سندن زبان مبارڪ تي هيءُ لفظ جاري رهيا:  مرحبا باالراکب المهاجر(47) اي هجرت ڪرڻ وارا سوار تنهنجو اچڻ مبارڪ آهي، اهڙي رحم ۽ ڪرم، عفو ۽ درگذر جي باري ۾ مشهور مشترق عالم ٽورانڊري پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته غير ضروري معاملن ۾ پنهنجي ذاتي توهين کي برداشت ڪرڻ ۽ اسلام جي پيغمبر جي همت ۽ حوصلي واري صفت ظاهر ڪري ٿي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن بي مثال ۽ منفرد شخصيت جا مالڪ هئا(48).

تجزيو:

موجوده دور ۾ مسلم اُمت نازڪ مرحلن مان گذري رهي آهي. اسلام جا مخالف پنهنجي طاقت ۽ قوت سان اسلام کي مٽائڻ جي لاءِ پنهنجي سمورين صلاحيتن ۽ قوتن کي اهڙيءَ طرح ڪتب آڻي رهيا آهن، جهڙي طرح شروعاتي دور ۾ مڪي جي مشرڪن اسلام کي مٽائڻ جي لاءِ استعمال ڪيون. اهڙي نازڪ صورتحال ۾ اسان جي نجات ۽ فلاح جو واحد رستو صرف ۽ صرف اسوه رسول ﷺ کانسواءِ ٻيو ڪوبه نه آهي. جيڪڏهن اسان اسوه رسول ﷺ کي ڇڏي ڪفر جي طريقه ڪار مطابق انهن سان مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي ڪڏهن به شڪست نٿا ڏئي سگهون. قرآني تعليمات مان اها ڳالهه واضح طرح سان واضح آهي ته ڪفر ڪڏهن به طاقت ۽ زبردستيءَ سان نه ٽٽي سگهيو آهي. بلڪه انبيا عليهم الصلواة والسلام جي اسوه جي بنياد تي اعليٰ اخلاق وصفن سان نامراد ٿيو آهي. قرآن پاڪ جو هيءُ واضح اعلان:

ترجمو: يعني توهان ئي مٿانهان هوندو، جيڪڏهن توهان سچا مؤمن آهيو، اسان کي هر وقت ياد ڏياري ٿو ته اسان ايمان جي بنياد تي انهن اعليٰ اخلاقي صفتن کي پيدا ڪرڻ جي جدوجهد ڪريون ۽ جڏهن اهي اعليٰ اخلاقي صفتون انفرادي ۽ اجتماعي طور تي مسلمانن جي زندگيءَ ۾ نمودار ٿينديون، ته ڪفر وٽ حق جي راهه کي اختيار ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو باقي نه رهندو. الله تعاليٰ اسان کي دين جي صحيح سمجهه ۽ فهم عطا فرمائي. آمين

حوالا ۽ اشارا:

1.   علامه عبدالرحمٰن ابن خلدون: ’سيرة النبي ﷺ‘ (اردو) مترجم ڊاڪٽر حافظ حقاني ميان قادري، الفيصل ناشران ڪتب لاهور، 2001ع، ص 159

2.  ’دائره معارف اسلاميه‘، جلد 19، (اردو) دانش گاهه پنجاب لاهور، 1986ع، ص 134

3.  الانبيا/آيت 107

4.  آل عمران، آيت 109

5.   الکهف، آيت 19

6.  القلم، آيت 48

7.  سوامي لکشمن پرشاد، ’عرب کا چاند‘ (اردو)، مڪتبه تعمير انسانيت لاهور، ص 162

8.  مولانا صفي الرحمٰن مبارکپوري، ’الرحيم المختوم‘ (اردو) المڪتبه سلفيه لاهور، 2003ع، ص 132

9.  نجاب الله صديقي، ’اسلام کا نظامِ مجاصل‘ (اردو) مکتبه چراغ کراچي، 1944ع، ص 272

10.             مولانا وحيد الدين خان، ’تعميرِ انقلاب‘ (اردو) فضلي سنز لاهور، 1984ع، ص 36

11.              طاهر محمود اشرفي، ’رواداري سيرت طيبہ ڪي روشني مين‘ (اردو) عمر پبليڪشنرز، 2000ع، ص 32

12.             ايضاً، ص 33

13.             البقره، آيت 256

14.             ايضاً

15.             الکهف، آيت 29

16.             اليونس، آيت 99

17.             ابوالفرج عبدالرحمٰن، ’اخلاقي النبي ﷺ‘ (اردو) عبدالرحمٰن حبيب گنج لاهور، ص 49-50

18.             صحيح بخاري، جلد اول، کتب الجنائر، ص 343

19.             ڊاڪٽر ظهور احمد اظهر، ’فصاحت نبوي‘ (اردو) اسلامڪ پبليڪيشنرز لاهور، 1982ع، ص 371

20.            قاضي زين العابدين ميرني، ’نبيّ عربي‘ (اردو) جيد برقي پريس دهلي، 1358، ص 137

21.             مقالات سيرت/پروفيسر عبدالماجد، 2004ع، وزارت مذهبي امور اسلام، ص 87

22.            مولانا مناظرا احسن گيلاني، ’مسلمانون ڪي فرقه بنديون کا افسانه‘ (اردو) اداره اسلاميات لاهور، 1976ع، ص 44

23.            الانعام، آيت 108

24.            قاضي محمّد سلمان منصورپوري، ’رحمة اللعالمين‘ (اردو)، جلد اول، شيخ غلام علي اينڊ سنز لاهور، ص 118

25.            حڪيم ابوالبرڪات عبدالرؤف داناپوري، ’اصح السير‘، (اردو)، نورمحمد کارخانه تجارت کتب ڪراچي، 1922ع، ص 473

26.            امام يوسف، ’ڪتاب الخراج‘، ص 143، بحواله مولانا تقي اميني، ’اسلام اور جديد دور ڪي مسائل‘، ص 335

27.            ايضاً.

28.            المائده، آيت 32

29.            البقره، آيت 189

30.            مجيب الله ندوي، ’اسلام ڪي بين الاقوامي اصول و تصورات‘ (اردو) مرڪز تحقيق ديال سنگهه ٽرسٽ لئبرري لاهور، 1990ع، ص 20

31.             مولانا صلاح الدين، ’بنيادي حقوق‘ (اردو) اداره ترجمان القرآن لاهور، 1978ع، ص 44

32.            مولانا سيد ابوالاعليٰ مودودي، ’اسلام رياست ۾ دمبون ڪي حقوق‘ (اردو)، اداره ترجمان القرآن لاهور، ص 16

33.            مفتي محمد شفيع عثماني، ’تفسير معارف القرآن‘ جلد 4، (اردو)، اداره معارف ڪراچي، 1996ع، ص 401

34.            محمد احمد باشميل، ’غزوه حنين‘ (اردو)، مترجم: اختر فتح پوري، نفيس اڪيدمي ڪراچي، 1988ع، ص 271-274

35.            علامه شبلي نعماني، ’سيرة النبي ﷺ‘ جلد اول (اردو) اسلامي ڪتبخانه لاهور، ص 300

36.            فتح الباري شرح صحيح بخاري، جلد 3، ص 214

37.            ’سيرت النبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم‘ ص

38.            مولانا وحيدالدين خان ’کاروانِ جيات‘ (اردو) فضلي سنز ڪراچي، ص 185

39.            ابن القيم الجوزي ’زاد المعاد‘ (جلد اول) (اردو) مترجم: ڊاڪٽر مقتدي حسن الازهري، ادبيات لاهور، ص 423

40.            محمد احمد هاشمي، ’فتح مکه‘ (اردو) مترجم: اختر فتح پوري، نفيس اڪيڊمي ڪراچي، 1984ع، ص 294

41.             محمد احمد باشميل، ’فتح خيبر‘، (اردو) مترجم: مولانا اختر فتح پوري، نفيس اڪيڊمي ڪراچي، 1985ع، ص 196

42.            سيد سلمان ندوي، ’خطباتِ مدراس‘ (اردو)، اداره اسلاميات لاهور، 1982ع، ص 119

43.            ڊاڪٽر خالد علوي، ’انسان کامل‘ (اردو)، الفيصل اردو بازار لاهور، 2001ع، ص 667

44.            ’سيرة النبي ﷺ‘ جلد 6، ص 82

45.            ’سيرة النبي ﷺ‘ جلد 6، ص 82

46.            صحيح بخاري، جلد اول، ڪتاب ’الجنائر‘، ص 343

47.            ابراهيم العمادي، ’خاتم النبيين‘ (اردو) مڪتبه سلطاني ممبئي، 1950ع، ص 177

48.            مقالات سيرت/رشيد احمد جالنڌري، 1989ع، وزارت مذهبي امور اسلام آباد، ص 270

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org