سُگهڙ محمدقاسم راهمون
ڇاڇرو
سينگار
(بيت)
صورت سينگاري، آهي مورت موچاري، واه جي پياري
ڪيا سُهڻل سورهن سينگار عجب.
مُک ماهتابي، ڳل گلابي، رنگ رڪابي، اُڀرن آبي،
لئون جي لابي،
واهه لکين موهيا لک بار عجب.
ڀِرونءَ جاڙا، اُڀن آڙا، مُنهن مُهاڙا، ساجن
سُمهاڙا، ڪاتيءَ ڪُهاڙا،
واهه قُربئون ڪُٺا ڪَٽار عجب.
ڪجليون ڪاريون، قهر ڪَٽايون، مِرگهه موچاريون،
سُرمي سينگاريون
واهه اکڙيَن جا اُپٽار عجب.
گُهورن گهايا گهوٽ هزارين، مورڪن ماريا مرد
هزارين، اکڙيَن ماريا عاشق هزارين،
ڏسي آهه منجهان اِسرار عجب.
جانب جمالي، لب تي لالي، ڪَيف ڪمالي، چاهه چِٽالي،
مورت مثالي
واهه نيڻ نماڻا نِروار عجب.
ڏاڙهونءَ ڏندن، سُهڻا سندن، بازو بندن، چوٽا چندن
مِڙيا مُندن
واهه ماهه لقا منٺار عجب.
موتيو، مگرو مهڪ موچاري، چاهه چنبيلي چَمڪ چوڌاري
ساجن پنهنجي سِينڌ سَنواري
واهه ڪئين رنگ بنايا رُخسار عجب.
ريشم روحاني، زربفت زاهداني، نرگس نوراني، اطلس
ايراني.
واهه ويس پرينءَ وينجهار عجب.
شاهي شال، لوئيءَ لال، ريشم رومال، ڪَنجُري ڪَمال،
ڪيا بَخمل بتال
واهه اَرمق عَنبر اَنار عجب.
سهڻو صنوبر، مُشڪ عنبر، دِيدان دلبر، ڪئين رنگ
بنايا رهبر
واهه هر هنڌ کُلي هُٻڪار عجب.
جُهومَڪ جهالر جِهرمِر لاتي، پَنڙيون پازيب پرينءَ
پاتي، ڪيسر ڪَرني ڪُل ڪَماتي
واهه دُرَ پاتا دلدار عجب.
ونگيو والا، عمده اعليٰ، ڀِرون ڀالا، نين نِرالا،
ڪَجل ڪالا
واهه جانب جا جنسار عجب.
دِيدن دُناليون، عجب چاليون، ويڙهه ۽ واليون،
مَٿان نسِبيون نِراليون
واهه ڇيرن جي ڇَمڪار عجب.
چَينچل چوڙا، ٻانهين ٻِيڙا، پاتل پَنَڙا، مُنڊيون
ڇَلڙا، واڳيون وينڍڙا
واهه هِيرا لک هزار عجب.
بَينسَر بُولا، ڪنگڻ ڪَڙهولا، ٽوڙها ٽِڪلا، ڇَم ڪا
ڇالا، آهه اُجالا
واهه آهو چُشم اُپٽار عجب.
نَٿ نموري، دردُهري، چِرمي چَهري، پوپٽ پَهري،
سونا سُنهري
واهه زيور زينب دار عجب.
ڪَنٺمال ڪَڙيون، جانب جَڙيون، عاشقن اَڙيون،
دانهُون دڙيون، راڄن رڙيون
ڏسي رُوپ رنگيءَ رُوپدار عجب.
هلڻ هيڪار، سُبڪ رفتار، ڊيلن ڊُونڪار، دِلئون
ديدار چِٽا چمڪار
واهه چهچٽا چوڌار عجب.
چاهه ۾ چَلڻ، هاٿيءَ هلڻ، مُرڪيءَ مِلڻ، ٽِمڪيا
ٽُلڻ، خوشيان کِلڻ
واهه ٿيا دِل گُهريا ديدار عجب.
ڇَم ڇَمان ڇير وَڳي، ساجن سوري واهه جي سڳي، پاور
اڳيان ڪنهن نه پُڳي، ڀاڄ ڏيئي رعيَت ڀڳي
ڏسي ڀُورل ڀنڀا وار عجب.
چَلپَل چمڪا، ڇَم ڇَم ڇَمڪا، جيئن بجليءَ بَم ڪا،
جِهم رِم جَهمڪا
واهه جهانجهر جا جهلڪار عجب.
چَتونءَ چُهنبان واهه جي چُڻ ڀُن، ڀَؤنر ڀيرا ڏيئي
ڪن ٿا ڀُڻ ڀُڻ، مست محبوبان لاتي مُڻ جُهڻ
واهه دل گهُريا ديدار عجب.
پرينءَ پَلڪن پاتا پِيلا، رازق بنايا رنگ رسيلا،
حاضر ويلي هليا نه حِيلا
ڏسي رُوپ رنگينا رنگدار عجب.
موتيو مُگرو مَهڪ موچاري، نرگس نسرين آهي نِياري،
گُلاب چنبيلي خوشبوءِ چوڌاري
واهه هر هنڌ ٿي هُٻڪار عجب.
’قاسم‘ ڪمال، جانب جمال، مورت مثال، خواب نه خيال،
ناهي زوال
آهن حاضر پرينءَ هر وار عجب.
’راهُما‘ راز، عجب انداز، عرض ايلاز، پرينءَ
پاڪباز، سُهڻا ساز
ساجن اڳيان واهه صدبار عجب.
آهي سهڻو مجهه سنسار عجب، جانب منهنجو جهان سڄي ۾.
هاڻ اچون ٿا شالامار باغ ۽ نشاط باغ جي سهڻي سير
تي. هنن باغن تي ٻيڙين رستي گهڻا ويندا آهن. پر
اسان ٻيڙين جو سير گهڻو ڪيو هو تنهنڪري خشڪي جو
سير پسند ڪيوسين. آرتوار جي ڏينهن هنن باغن ۾ وڏو
ميلو لڳندو آهي. اڄ آرتوار جو ڏينهن آهي. جو اسين
به ٽانگو ڀاڙي ڪري باغ جي ميلي ڏانهن روانا
ٿياسين. اسان کان اڳ توڙي پوءِ ڪئين سواريون انهي
رستي تان باغن ڏي ٿي ويون ۽ ٻيڙين ۾ به گهڻيئي ٿي
ويا. موٽرون ۽ موٽر لاريون به ويون ٿي. اسان سان
هڪڙو ڪوئيٽا جو نوجوان هندو شامل هو. هي به ڏاڍو
شوقين ۽ سير ڪندڙ ماڻهو هو. شهر مٽي اڳي ٿياسين ته
تخت سليمان جي ٽڪري آئي، ان تي پيادل وڃبو آهي.
مٿس وڏو مڪان ٺهيل آهي. هندوئن لاءِ جدا ۽ مسلمانن
لاءِ ڌار پاڻي وغيره جو انتظام آهي. هتي هڪڙو هندو
فقير رهي ٿو جنهن جي هٿ ۾ سنڀال آهي. هن جي عزت به
گهڻي آهي. چيائون ٿي ته هتي حضرت سليمان تخت رکيو
هو ۽ هتي ديوَن کي حڪم ڏيندو هو. ديوَن ۽ پرين جا
تماشا ڏسندو هو. نهرن ۽ چشمن کي سڌارڻ لاءِ ديوَن
کي حڪم ڏيندو هو. هتي مندر ۾ هڪڙي تصوير ۽ هڪڙو
پراڻو بُت ٺهيل آهي. جنهن کي حضرت سليمان جي شڪل
چون ٿا. هندو ماڻهو اڪثر ڪري گهڻا ايندا آهن. هتي
هڪڙي درويش جي تربت آهي. هتي به چڱي رونق آهي.
ٽڪري مٽياسين ته چوڌاري ميوات جا هزارين وڻ نظر
آيا ٿي. ڪي توت ڪي ناسپتيون ۽ صوف ڪي زردالو ۽
انار وغيره، گهڻن قسمن جا بيشمار وڻ هئا. چوڌاري
وڏن ماڻهن جا بنگلا باغيچن سان گلزار ٿيو بيٺا
هئا. ۽ ننڍين ننڍين ٽڪرين تي راجا صاحب جا ڪئين
بنگلا ٺهيل هئا ۽ ڪي اڃا ٺهيا پئي ڏاڍو چڱو چهچٽو
هو. پلٽن جا به ڪيترا ئي تنبو ڍنڍن جي ڪپ سان ڏسڻ
۾ آيا ٿي. رستي سان سفيدن ۽ چنارن جا سهڻا درخت
بيٺل هئا. ڪجهه پنڌ کان پوءِ هڪڙي پهاڙ جي اڌ ۾
هڪڙو پراڻو محلو ٺهيل هو. چيائون ٿي ته پرستان آهي
پريون انهن جبلن جي غارن مان نڪري انهن محلن ۾
رهنديون هيون. پوءِ اچي حضرت سليمان جي اڳيان ناچ
ڪنديون هيون. پوءِ جي اهي ڳالهيون اعتبار جوڳيون
نه آهن، ته به هتي عام آهن. ننڍو وڏو چوي ٿو ته هي
ملڪ ديوَن ۽ پَرِيَن سان ڪنهن سمي ۾ ڀريل هو. ۽
چون ٿا ته هتي حضرت سليمان جو تخت هو. پر انهن
ڳالهين سان اسان جو مطلب ڪونهي باقي هي ملڪ آهي
اهڙو نزاڪتدار جنهن کي پرستان چوڻ ڪو عيب نه آهي.
صوفي روشن الدين ’روشن‘
ڪتاب:
’سير ڪشمير‘
ص56-57-58 تان کنيل
ڇپائيندڙ: بزمِ ادب صوفي فقير، وايا ڍورو نارو
ضلعو عمرڪوٽ
پرويز
حيدرآباد
ڪامڻي
هيل به مينهن ڪونه وٺا هئا. سڄو سانوڻ لکين اکيون
آسمان ۾ کُتَلَ هيون. پر بي ميار بادلن ٿر ڏانهن
لاڙو ئي ڪونه ٿي ڪيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪڪر ڪپار ۾ آيا
به ٿي، پر وسڻ بنا ئي ڏکڻ جي تيز هوا ٿر جي ڪَرِڪَ
واريءَ وانگر انهن اَبَرَن کي اُڏائي اتر طرف کڻيو
ٿي ويئي. لطيف سائينءَ جي نه هن سِٽَ جي ساڀيان
ٿئي ٿي ته: ’اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس
ڪيا......‘ ۽ نه ئي هُن سِٽَ کي ڪا معنيٰ ٿي ملي
ته: ’کڻ اکيون کِل يار ته وڃن سور سَنڌا
ڪَيو......‘ اکيون آسِونڌ به کڄيون ٿي، انهن اکين
۾ چمڪَ به پيدا ٿِي ٿي. سُڪل، ڦاٽل ۽ بي ماس چپن
تي مُرڪون به موريون ٿي، پر يار ڪونه ٿي کِليو.
يار ڪونه ٿي وسيو. سور سنڌا ڪري وڃڻ بدران، سورن
جا سٿا هڪ ٻئي مٿان سٿجي رهيا هئا. ڏکن جا انبار
گڏ ٿي رهيا هئا. جيئاپو مهانگو ۽ موت سستو ٿي پيو
هو. جيئڻ جي جنگ جاري رکڻ لاءِ اَن ۽ پاڻي اشد
ضروري هوندا آهن. سي ئي رڳو اڻ لڀ هئا، باقي الله
جو شڪر هو! انگ تي اوڍڻ لاءِ اوڇڻ ڪونه هو، باقي
پردو ۽ پناهه رکڻ وارو رب آهي! گذر ۽ سفر جا ڪارڻ
ڪونه هئا، باقي رزق رازق جي هٿ ۾ آهي! خير....!
ڪڏهن، ڪٿي ڪا ڇَنڊَ وٺي ته وٺي، نه ته ٻيو رڳو
آسرو ئي آسرو، اوسيئڙو ئي اوسيئڙو! اُها ڇَنڊَ به
ڪنهن ڪم جي نه! جيئري پساهه لاءِ ته هوا ۽ پاڻي
کپي. سو هوا ته اَڻَ مَئي هئي، پر پاڻي ڪٿان اچي!
پاڻي، جيڪو پيئڻ لاءِ به کپي ته اَن اُپائڻ لاءِ
به کپي. ٿريا ويچارا، ماروئڙا، ڍاٽيئڙا، ڏوٿيئڙا،
سانگيئڙا ويچارا سورن ۾ اچي ويا. اُڃن ۽ بکن ۾
سندن بدن جا هڏا ظاهر ٿيڻ لڳا هئا. اکيون اندر
وڃڻ لڳيون هيون. چپ سڪڻ لڳا هئا. ماسيريون مِٽون
ڪورجڻ لڳيون هيون. ماڻهن جا ڏنڌ نڪري پيا هئا. نه
ڪو سندن واهُرو، نه ئي ڪو وسيلو هو. نه سندن ڪو
ڌڻي هو ۽ نه ئي ڪو سائين! جن کين آسرا ڏيئي سندن
ووٽن سان سوڀون ماڻيون، سي پڳدار پنهنجي پڳن ٻڌڻ
جا جشن ملهائيندا رهيا، پر هي رڳو آسري ۾ ئي رهجي
ويا.
پوءِ جڏهن ڪا واهر ۽ ڪو وسيلو ڪونه ڏٺائون، تڏهن
هميشه جيان، لڙي پيا لاڙ طرف، مينهن ته لاڙ ۾ به
ڪونه وٺو هو. مٿان وري سنڌوءَ جو پاڻي به لاڳيتو
بند هجڻ ڪري لاڙ ۾ ٿيندڙ سارين جو فصل به وقت سر
ڪونه پوکجي سگهيو هو. سو خود لاڙ به ڏڪار جهڙين
حالتن کي مُنهن ڏيئي رهي هئي. پر الله جي آسري
ٿريا ويچارا، مري جهُري باقي جيڪي بچيا، تن لڏپلاڻ
شروع ڪئي. رُونجهو ۽ سندس خاندان به انهن لڏپلاڻ
ڪندڙ ماڻهن ۽ خاندانن مان هڪ هو. 45 سالن جو
رُونجهو، 35 سالن جي سندس زال ليلان، سندن
پُوڻيٺڙيءَ جي 16 سالن جي ڌيءَ ڪامڻي، ڪامڻيءَ کان
پٺيان لاڳيتا هڪ ٻئي مٿان ڄاول ٽي ڀائر ۽ تازي
ڄاول راڌُوڙي، جيڪا اڃان ڇهن مهينن جي مس هئي. ۽
انهن سان گڏ رُونجهي جي ستر ورهين جي پيرسن پوڙهي
ماءُ هئي، جيڪا اڳي اڃان لٺ جي ٽيڪ تي پيئي
ٽُرڪندي هئي، پر هيلوڪين بکن ۽ بدحالين کيس ٽرڪڻ
کان به ويهاري ڇڏيو هو. ٻن گڏهين مان هڪڙيءَ تي
گهر جو هنڌ ٽپڙ، ٿانو ٺِڪِر، سامان سڙو ۽ ٻيو اڀرو
سڀرو ٽپڙ ٽاڙي سٿيل هو ته ٻيءَ گڏهي تي پوڙهي ويٺل
هئي. ٻه ڍڳيون ۽ هڪڙو ڦر، جيڪي به بکن اڃن کان
بيحال هئا، پر پوءِ به ڦِنجهيون هڻندا، گهربا
سِربا پئي هليا. هڪڙو ڇوڪرو مال سُوڌو هِن مختصر
قافلي جي اڳيان پئي هليو. ٻه ڇوڪرا پاسن کان پئي
هليا. باقي رونجهو، ليلان ۽ ڪامڻي پٺيان هيون.
ننڍڙي راڌُوڙي واري واري سان ڪڏهن ماڻس وٽ، ڪڏهن
ڀيڻس وٽ، ته ڪڏهن پڻس وٽ، ته ڪيڏي مهل مرڳو
ڏاڏيهينس جي هنج ۾ گڏهه تي پئي هلي.
سک جون مختصر ساعتون ويندي ويرم ئي ڪين ٿيون ڪن.
کن پل ۾ گذريو وڃن، پر ڏکن ۽ ڏوجهاون جا ڏينهن
ورهيه ٿيو لڳن. بکن کان بيحال ماڻهن توڙي مال جي
وِک ڪانه ٿي وڌي. پنڌ ڪونه ٿي کٽو. مٿان وري ڪاڙهي
جي باهه. نِيهان (اونهارو) جي سِڄَ کي ڀلا ٻيو ڪم
به ڪهڙو! مٿان ڪاڙهو، هيٺان تتل واري وري وڻ نڪو
ٽِڻ. ويهجي ته ڪٿي ويهجي! ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ساهي پَٽجي
ته ڪٿي پَٽجي! نه ڇانوَ، نه ڇانورو. تتل واريءَ تي
ڪٿي ڪٿي پروڪي گاهه جا سڪل ٻوٽا، جن تي ڍڳيون
اونڌيون ٿيو وڃيو ڪِرَن، پر ماڻهو ڇا کائين!؟
واريءَ جي ڊِٻن جي اڻ کُٽ سلسلن وچان هيءُ قافلو
گهربو سِربو هلندو رهيو.
هڪ شاهي ڊٻ جي اوٽ مان نڪري هيءُ قافلو جيئن ئي
نروار ٿيو ته کين پري کان هڪڙو نم جو گهاٽو وڻ ڏسڻ
۾ آيو. هو سڀ ئي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ معمول کان وڌيڪ
تکيون وِکون کڻي اوڏانهن وڌڻ لڳا. سندن دلين ۾
وڏيون اميدون جاڳيون هيون: نم جي وڻ جي موجودگي
معنيٰ تڙ (ڳوٺ) جو هجڻ. تڙ جو هجڻ معنيٰ کوهه جو
هجڻ. کوهه جي موجودگي معنيٰ پاڻيءَ جو هجڻ، ۽ پاڻي
معنيٰ زندگي.....!
پر جڏهن اُهو قافلو دلين ۾ اڀري آيل اميدن سان اُن
نم جي وڻ وٽ پهتو. تڏهن کين حال حقيقت جي ڄاڻ پئي
ته کوهه پاڻيءَ کان خالي هو. تڙ انسانن کان آجو
هو. ڇاپري واري هوٽل جو چُلهو ڊٺل هو. لڳو پئي ته
هتي جا رهواسي پڻ مهينو کن اڳ ئي ٽپڙ کڻي راهي ٿي
ويا آهن. مانيءَ ڳڀي ۽ پاڻيءَ لپ جو آسرو ته لٿو.
باقي نم جي ڇانوَ جا مزا خوب ماڻيائون. ڍڳيون
ويٺيون، گڏهيون ويٺيون ۽ ماڻهو به ويٺا. ساهي
پٽيائون، ٿڪ ڀڳائون. خالي اکين سان هڪ ٻئي ۾
نهاريائون. سندن اکين ۾ بنا پاڻيءَ جي سمنڊ اٿلي
پيا. ڪنهن جي به اکين ۾، ڪنهن جي لاءِ به، ڪابه
ميار ڪانه هئي. هيءَ ته قدرت جي ڪارسازي هئي. هِن
۾ ڀلا رونجهي يا ٻئي ڪنهن تي ميار ڪجي به ته ڪهڙي
ميار ڪجي! نه مُرڪ، نه ئي گراهه! نه آسرو، نه ئي
اميد ڪا!! ايتري ۾ راڌوڙيءَ جي معصومڙي ڪِيڪَ
اڀري. جيڪا سندس ماءُ جي هنج ۾ هئي ۽ ماڻس جي هڪڙي
ڇاتي چڳڙي، وري ٻي ڇاتي ٿي چڳڙيائين. سُڪل ۽
لڙڪندڙ ٺوٺ ڇاتين ۾ ٿڃ جي ڦِڙي جُڙي به ته ڪٿان
جُڙي! ٺلهيون ڇاتيون چڳڙيائين، پر جڏهن ٿڃ جي مُرڪ
به نه مليس ته وٺي ابهم ۽ معصومڙيون ريهون ڪيائين.
الا، الا! رب رازق آهي. هر ساهه واري کي روزي
رسائڻ سندس ذمو آهي. ڪِوليءَ کي ڪڻ ۽ هاٿيءَ کي مڻ
رسائيندو آهي. ان حقيقت تي انسانن جو ويساهه ۽
ايمان آهي، پر هي ٿريا!؟ هيءَ ابهم راڌوڙي!؟ ڪامڻي
جنهن جون سدا ملوڪڙيون اکيون ڏرا ڏيئي ويون آهن!
جنهن جون جوانيءَ جي جولان کان اُڀريل ڇاتيون سُڪي
پاسراٽين ۾ گم ٿي ويون آهن!؟ سندس پَڙو ڇيهون
ڇيهون ٿيل آهي! کيس پاتل چولي ڪلهن ۽ ڪنڌ وٽان بدن
جي گرِ سان گرجي پنهنجو رنگ مٽائي سڻڀي مِٽيءَ
جهڙي ڪاري رنگ جي ٿي ويئي آهي! پيئڻ لاءِ پاڻيءَ
جي سُرڪ ڪانهي ته وهنجڻ ۽ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ پاڻي
ڪٿان اچي!؟ جڏهن جوڀن ٻور جهليندو آهي، تڏهن
ٽاريون ٽهڪنديون آهن. تاڙي جي تنوارَ اڻ ٻڌيون ۽
اڻ سُڻلون سنڀارون ساريندي آهي. جسم جي انگ انگ
مان مهڪ مهڪندي آهي. بدن جو عضوو عضوو ڦُٽي ڦاريون
ٿي پوندو آهي. ڪُنوارپڻي جي سُرهاڻ سان آس پاس
واسبي آهي. ڇيڳرن ڇورن جون واڇون ٽڙي پونديون آهن.
ٻيرين جي ٻُورَ جي خوشبوءَ تي ڀونئرن وانگر
ڀنڀولجي شهزورن جون قطارون لڳنديون آهن ۽ عشق
عزازيل جا آزاريل عاشق مِڙي اچي مٿو ٽيڪيندا آهن.
پر هيءُ ڇا!؟ ڇا ڪامڻيءَ جي سورهن سال عمر ۽ ڇا هي
مهينن جا اڻ ڌوتل مٽيءَ هاڻا اڻڀا وار! ڪٿي آهي
اُهو ”پسينو گلاب“ جنهن جي اديب واکاڻ ڪندا آهن؟!
هتي ته پگهر جي ڌپ ۽ سڙانڌ ساهه ٿي گهُٽي! ڪٿي آهن
اُهي سُريلا خواب! ڪٿي آهي اُهو حَسين خيالن جو
هوا ۾ اڏامڻ! ڪٿي آهي اُهو نوعمريءَ جو جوڀن،
جولان ۽ جوانيءَ جي گرمائش! هتي ته غور ڪري ڏسڻ
سان ڏرا ڏيئي ويل ڪامڻيءَ جي اکين جي پوڇڙين وٽ اڻ
لکي آلائڻ ئي محسوس ٿي ٿي رڳو ۽ بس!! رُونجهو ۽
ليلان پنهنجي بيوسيءَ تي خاموش نوحا خوان هئا.
ٽِئي ڀائرَ نوجوانيءَ ڏانهن ويندڙ پيچري تي اگهاڙي
پيرين پنڌ ڪرڻ ۽ ڪنهن آس اميد جي نامڪملتا تي
خاموش سينه ڪوبي ڪري ماتم ڪرڻ تي مجبور هئا. جهُور
پوڙهي، جيڪا ڪِن جي ڏاڏي ته ڪنهن جي سس هئي ۽ ڪنهن
جي جيجل ماءُ هئي، سا ڪنهن سُکي ساعت جي دعا گهرڻ
بدران، پنهنجا ڏينهن پورا ٿيڻ لاءِ دل ئي دل ۾
ٻاڏائي رهي هئي. کانئس پنهنجي ڪٽنب ۽ ڪُڙمَ جو درد
ڏٺو ۽ سَٺو نٿي ٿيو. ٻه ڍڳيون ۽ هڪڙو ڦر اکيون
پوريو خاموش ويٺا هئا. هجين ڪو گراهه پيٽ ۾ جو
ويهي اوڳاري هضم ڪن! ٻه گڏهيون بيٺي بيٺي ننڊ ڪري
رهيون هيون. ڪنهن به ڪونه ٿي ڳالهايو. نم تي ڪو
ڳيرو به ويٺل ڪونه هو، جو گهُوگهُو تُو ڪري،
خاموشيءَ جو هرشيءِ تي واسو هو. سج ٽانڊا پئي
اوڳاڇيا. نِٽهڻ اُسَ هئي. واريءَ جي ڊٻن وچان نظر
جي حد تائين سُڃ ئي سُڃ هئي! رُڃ ئي رڃ هئي!!
۽ پوءِ جڏهن ڪاڙهي جوزور ٽُٽو، تڏهن وري اٿي پنڌ
پيا. بکيا ۽ اُڃيا. ٽُڪِرَ ۽ لَپَ جي آسري تي
اڳيان وڌڻ لڳا. هلندي هلندي ليلان جي هنج ۾ ئي
راڌوڙيءَ جي آخري هڏڪي ۾ پوري ٿي ويئي ۽ ساهه جي
تند ٽٽي ويئي، پر هو هلندا رهيا. نيٺ سج لهڻ کان
ٿورو اڳ ۾ هو اچي هڪڙي وسنديءَ جي ويجهو پهتا.
ڪابه حجت ڪانه هئي. ڪنهن به مهمان نوازيءَ جي توقع
ڪانه هئي. بک ۽ اگهاڙ هر هنڌ هڪ جهڙي هئي. پر پوءِ
به اڃان آس ڪانه ڀڳي هئي. الله مان آسرو ڪنهن لاٿو
آهي! وسنديءَ ويجهو پهچي عاجزيءَ مان عرض ڪيائون
ته اسان کان ڪا ڍڳي يا ڦر خريد ڪري وٺو ۽ ننڍڙيءَ
کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪريو.
ڳوٺاڻن حال هڪيو مال جي سودي جي ڳالهه ٽاري ڇڏي.
باقي هنن کي پاڻي به پياريائون ۽ معصومڙيءَ جي بي
جان جسم کي آخري جاءِ تي هٿيڪو ڪرڻ ۾ سندن دليان
جانيان ۽ هڙان وڙان مدد ڪيائون. کين رات به
ترسايائون ۽ مانيءَ ڀور، جهڙو ٿي سگهيو، تهڙو حاضر
ڪيائون.
خيرن سان صبح ٿيو. ڳوٺ جي سريالَ رُونجهي اڳيان هٿ
ٻڌي معذرت ڪئي ته اسين ڪا ڍڳي يا ڪو ڦرڦلو وٺي
ڪيڏانهن ڪنداسين. اسان جو پنهنجو مال پيو بکن مري.
اسان پاڻ لڏپلاڻ لاءِ پيا سوچيون. تنهنڪري ڳوٺ
وارن مان ڪنهن وٽ به مال وٺڻ جي پهچ ڪانهي.
باقي........!“ سريال ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني.
”باقي ڇا بابلا؟“ رونجهي پڇيو.
”باقي..... ڳالهه ئي اهڙي آهي، جنهن کي پڪ سان تون
منهنجي خود غرضي سمجهندين ۽ تنهنجي بيوسيءَ جو
ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش سمجهندين. پر ائين آهي
ڪونه. جي تون منهنجي نيت تي شڪ نه ڪرين ته جيڪا
ڳالهه آهي، سا توکي چوان.....!“
”چئي ڏي بابلا. اسان اوهان جو نمڪ پاڻي کاڌو ۽
پيتو آهي. اهو ٿورو اوهان جو عمر ڀر پيا
ڳائينداسين. باقي ڳالهه، ڳالهه سان ڇُٽندي. تون
چئو، ڇا ٿو چوين؟“
”ڏس ڀاءُ رونجها، هينئر هر ڪنهن کي پنهنجا ٻچا وات
۾ اچي ويا آهن. تنهن ڪري گهڻي ڊگهار ڪرڻ بدران
ٿورن اکرن ۾ ڳالهه کٽايان ته جيڪڏهن تون پاڻ تان
ڪجهه بوجهه هلڪو ڪرڻ چاهين ته آئون تنهنجي نياڻي
پنهنجي پٽ لاءِ رکڻ لاءِ تيار آهيان. اُن سان هڪ
ته هڪڙي ماڻهوءَ جو بار توتان گهٽجي ويندو ۽ ٻيو
ته آئون تنهنجي ڪجهه مالي مدد به ڪندس ته جيئن تون
وڃي ڪنهن هٿيڪي هنڌ تائين پهچي سگهين. هِن معاملي
۾ منهنجي طرفان ڪوبه زور بار ڪونهي. رضا خوشيءَ
سان جيڪڏهن ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته هائو، جي ڀلا نه،
ته اوهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهيو.“ سريال
پنهنجي ڳالهه ختم ڪري رونجهي جي مُنهن ۾ نهارڻ
لڳو.
رُونجهو ڳالهه ٻڌي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير
کانپوءِ چيائين: ”بابلا سائين، مون کي ٿورڙي مهلت
ڏيو ته جيئن آئون پنهنجي گهر ڀاتين سان صلاح
ڪريان.“ ائين چئي رونجهو پريان ويٺل پنهنجي ڪٽنب
وٽ آيو ۽ ڪامڻيءَ سميت سڀني کي گڏ ويهاري سربستي
ڳالهه ڪري ڏنائين.
ماڻس، جوڻس سميت ٽنهي پٽن انهيءَ ڳالهه جي سخت
مخالفت ڪئي ته: ”اسين پنهنجو ننگ وڪڻي انگ ڍڪيون
يا پنهنجو پيٽ ڀريون، تنهن کان بکيو ۽ اگهاڙو مري
وڃڻ ڀلو آهي. ’ڀلي بک ڀرم جي، شال مَ وڃي شان!‘
بکيا ڏکيا هلي ڪنهن وسنديءَ تائين پهچنداسين، پوءِ
الله مالڪ آهي. حياتي ۽ موت اُن جي هٿ وس آهي.
جنهن کي مرڻو هوندو، سو ڪامڻيءَ کي وڪڻڻ کان پوءِ
به مري ويندو. تنهن ڪري اٿو ته هلون. ڪامڻيءَ کي
وڪڻڻو ناهي......!!“
رُونجهو مُنجهي پيو: ’سندس ماءُ، سندس زال ۽ خود
سندس ڌيءَ ڪامڻيءَ جي حالت ڏسي سندس اَندر وڍجي
رهيو هو. ڍور ڪير وٺڻ لاءِ تيار ڪونه هو. پنڌ جو
اندازو ڪونه هو ته اڃان ڪيترو اڳيان وڃڻو آهي.
اُڃو ۽ بکيو هلي به ڪيترو هلي سگهجي ٿو. خود ڍور
به هڏن مُٺ ٿي رهيا آهن. سي به ڪير وٺڻ لاءِ تيار
ڪونهي. راڌوڙي ته الله کي وڃي پرتي، پر هيءَ
ڪامڻي...... پٽن کان به پياري منهنجي پهرين ڌيءَ
ڪامڻي..... اُڌي ساماڻي ڳوڌي ڌيءَ ڪامڻي.......
جنهن ۾ منهنجو ساهه اٽڪيل آهي، تنهن کي ڪيئن
وڪڻان.....!؟ ڪامڻيءَ کي وڪڻي، انهن پيسن مان اٽو
وٺي کائيندس..... اُن کان ته زهر کائي مران ته
اِهو ڀلو آهي.... ڪامڻيءَ جي پيسن مان ورتل گراهه
منهنجي نڙيءَ مان هيٺ لهندو ڪيئن......!؟ پر....
پر..... آئون ڪامڻيءَ کي وڪڻان ڪٿي پيو! ڪامڻيءَ
جو پيسن عيوض سودو ڪٿي پيو ڪريان....! ڌيءَ تان
ڀاڙَ وٺي کائڻ ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جو ڪم ٿورو ئي ڪو
هوندو آهي. اهو ڪم ته ڪو بي غيرت ئي ڪري سگهي ٿو.
ڪوبه مڙس ماڻهو ته ائين سوچي به نٿو سگهي، پر آئون
ته منهنجي جڳر جي ٽڪري کي هيئن پنهنجي اکين اڳيان،
بيوس ٿي مرندي به ته ڏسي نٿو سگهان! جڏهن آئون
سندس گراهه جو ڪو حيلو نٿو ڪري سگهان ته پوءِ ڀلي
وڃي ڪنهن ٻئي وٽ گراهه ته کائي. جيڪڏهن آئون سندس
بک اگهاڙ نٿو ڍڪي سگهان ته ڀلي وڃي ڪنهن ٻئي وٽ
اگهاڙو انگ ته ڍڪي. مون وٽ نه سهي، پر ڪنهن ٻئي وٽ
جيئري ته هوندي...! جي جيئري هوندي ته ڪڏهن ڪڏهن
اچي مُنهن ته ڏسيو وڃبو. پر جي بکن اُڃن مري ويئي
ته پوءِ......!’ اِهو سوچي رونجهي کان اوڇنگار
نڪري ويئي.... جنهن کي هُو ضبط ڪري اندر ئي اندر
روئندو رهيو ۽ وڍبو رهيو. ترڳا ترڳا ٿيندو رهيو. ۽
پوءِ بنا لڙڪن جي ڀِنَلَ اکيون اگهيائين ۽ دل جهلي
چيائين: ”بابلا، جيڪا اوهان جي مرضي، ڪامڻيءَ کي
نٿا ڏيو، ته نه سهي، پر منهنجو خيال هو ته
راڌوڙيءَ کانپوءِ جي ڪامڻي بچي پوي ته ڪڏهن ڪڏهن
کيس ڏسيو اکيون پيون ٺرنديون، پر جي هوندي ئي
ڪانه، ته پوءِ.......!“ هُو وڌيڪ ڳالهائي ڪونه
سگهيو. ڪجهه دير جي ماٺ کان پوءِ، جڏهن هُن پنهنجو
درد پنهنجي ئي اندر اوتي ورتو، تڏهن گهر گهلي
روئندڙ آواز ۾ چيائين: ”اٿو ته هلون.“
”نا ٻاپُو.... مون کي اڳتي ناهي هلڻو....! منهنجي
ڏاڏي، منهنجي ماءُ، منهنجي ٽن ڀائرن ۽ منهنجي بابا
جون زندگيون بچائڻ لاءِ مون کي اِهو سودو منظور
آهي..... مون کي اهو سودو منظور آهي..... ٻاپُو!!“
ڪامڻيءَ کان سڏڪو نڪري ويو ۽ ڊوڙي وڃي پڻس جي
ڇاتيءَ سان لڳي.
مير سجاد اختر ٽالپر
ٽنڊو جان محمد
تيزاب
هوءَ برن وارڊ ۾ داخل هُئي، هُن جي چهري جو ٻيو
آپريشن ٿي چڪو هو، پر هوءَ وري ساڳي سوڀيا نه بنجڻ
جهڙي هُئي ۽ نه ئي بنجي سگهي هُئي، هاڻي هوءَ نه
جيئرن ۾ هُئي نه ئي مئلن ۾.... ڪڏهن اُهي ڏينهن
هُئا جو آرسيءَ وٽان منهن ئي نه هٽائيندي هُئي
ايستائين جو سندس ماءُ جهڙٻيندي چوندي هُئي ته
”ڇوري پنهنجو پاڻ کي نظر هڻندي. ڇا، هاڻ ڇڏ پچر
آرسي جي.“ پر هوءَ ماءُ جي ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري
ڇڏيندي هئي، پر هاڻ ته آرسيءَ کان ئي ڀوءُ لڳندو
هئس.
سوڀيا ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍي پياري، گوري چٽي،
گول مٽول، وڏيون چيروايون اکيون، انهي ڪري سڀ ڪو
پيو گُڏي گُڏي ڪري سڏيندو هو. اهو نالو جوانيءَ
اچڻ تائين پيو سڏبو هو. جنهن تي سوڀيا ڪاوڙبي هُئي
ته هاڻ هوءَ وڏي ٿي ويئي آهي، هاڻ ته هُن کي گُڏي
نه سڏيو، پر جواني ۾ حُسن ويتر نکري آيو هئس.
ريشمي چلڪيدار وار، جاڙوان تير ڪمان جهڙا ڀرون،
ڍنڍ جيان گهريون نيريون اکيون، مٿن مور جي پنکن
جهڙا وڏا ڇپر، موڪرو ڪُشادو نرڙ، مخروطي نڪ، گول
گپن جهڙا گُلابي ڳل ته سُهڻا سنڌڙي انب جي ڦارن
جهڙا چپ ۽ مٿان وري ڦوهه جواني جو رنگ پوءِ ڄڻ ته
جنت مان ڪا اپسرا زمين تي لهي آئي هُجي، يونيورسٽي
توڙي خاندان ۽ اوڙي پاڙي جا نوجوان حسرت سان آهون
ڀريندا هئا ته هي اپسرا الائي ڪهڙي خوشنصيب گهر جي
لڄ بڻجندي....!
پر هائي ڙي قسمت.... چوندا ڪونه آهن ته حُسن ڇا
کائيندو، کائي ته قسمت کائي سو انهي مصداق سوڀيا،
پنهنجي پيا جي گهر بجائي آغا خان اسپتال جي برن
وارڊ ۾ پُهچي ويئي هُئي، اسپتال جي ڪمري ۾ هن جو
ڪروڌ وجود پيل هو، سندس ماءُ لاءِ هوءَ اڄ به گُڏي
هُئي ۽ ماني کارائڻ وقت گُڏي ڪري سڏيندي هئس، ماءُ
جي ائين سڏڻ تي هوءَ روئي پوندي هُئي ڳوڙها بيشڪ
گهري ڍنڍ جهڙين نيرين اکين مان نڪري، گُلابي ڳلن
بجائي بدبودار، ڪاري سڙيل ڳلن تان ترڪي، هيٺ بيڊ
تي ڪري پنهنجو وجود وڃائي ويهندا هُئا، هوءَ ڪنهن
ڪنهن وقت ماضي جي پاتارن ۾ گُم ٿي ويندي هُئي ۽ نه
چاهيندي به سندس جي چهري تي اڻ لکي مُرڪ ڦهلجي
ويندي هئس.....
هن کي چٽي طرح ياد هو.
”جڏهن عيد ملن پارٽي، سندس سهيلي آمنه جي گهر رکيل
هُئي تنهن ڏينهن هن ميرون رنگ جو سُهڻو وڳو پهريو
هو جو سندس ماءُ ڪن جي پويان ڪارو ٽڪو لائي ڇڏيو
هو ته متان ڪنهن جي نظر نه لڳي وڃي. تڏهن هن مذاق
۾ پنهنجي ماءُ کي چيو هو ته: ”ٺهيو ٺهيو امان،
هاڻي اهڙو به سُهڻي نه آهيان جو ماڻهو ٻين کي ڇڏي
مون کي نظر هڻن“.
۽ جڏهن انهي عيد ملن پارٽي ۾ پُهتي هُئي ته سڀني
سکين هن کي ڪيئن نه گهيري وڌو هو ڪنهن سکيءَ وارن
کي ٿي هٿ لاتو ته ڪنهن وري سندس جو گُلابي ڳلن تي.
”ائي ميڪ اپ کان بغير به چمڙي ڪيڏي نه صاف ۽ نرم
اٿس...!!!!“
”وار ته اهڙا ريشمي آهن ڄڻ مڪئي جي سنگ جا
وار....!!!“
”اک ۾ ڪجل ڪيڏو نه پيو ٺهي، يار اڄ ته ڪجل به خوش
ٿيو هوندو ته آءٌ اهڙي ئي اک جو گهُرجائو
هئس....!!!“
”ائي مُرڪ ته ڏسوس مُرڪندي ڪيئن ڳلن ۾ کڏا ٿا
پونس، الا....! ادي انهي کڏن ۾ جيڪو ڪريو سو وري
اُٿي ئي نه سگهندو....!!!“
جڏهن هن کي اهڙي قسم جا ريمارڪس ٻُڌڻ لاءِ مليا
پئي، تڏهن آمنه جو ڪزن شاهزيب پنهنجي ڀيڻ رُقيه کي
وٺڻ آيو هو. هن جي نظر جڏهن سوڀيا تي پئي ته هُو
اتي ئي پنڊ پهڻ ٿي بيهي رهيو رقيه ٻانهن
جهجهوڙيندي چيس،
”ادا، ڪٿي گم ٿي وئين....؟“
هُو ڇرڪ ڀري هوش ۾ آيو هو، هُو ڀيڻ سان گڏ واپس ته
آيو، پر پنهنجو پاڻ کي اتي وڃائي آيو، بس پوءِ هُو
سوڀيا جي ڪڍ لڳي ويو هاڻ هُن جو جيئڻ مرڻ ڄڻ سوڀيا
پويان هو. الائي ڪٿان نمبر هٿ ڪري، سوڀيا کي فون
ڪرڻ لڳو، سوڀيا تنگ ٿي فون ئي بند ڪري ڇڏيو، پر
شاهزيب اصل هن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري وڌو هو. آخر
تنگ ٿي سوڀيا پنهنجي والد صاحب کي شاهزيب جي باري
۾ ٻُڌايو ته سوڀيا جو والد اخلاقن، شاهزيب جي
والدين سان شڪايت ڪئي پٽس جا لڇڻ ٻُڌايا، انهي
شڪايت ڪرڻ کان پوءِ شاهزيب ويتر چڙي پيو، جڏهن ته
هُن کي اها به خبر هُئي ته سوڀيا جي مڱڻي پنهنجي
مامي جي پٽ سان ٿيل آهي، پر تڏهن به هُن سوڀيا جي
گهر پنهنجن ٻن لوفر دوستن سان اچي، سوڀيا جي والد
کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ ڌمڪي ڏيندي چيائين ته: ”جي
سوڀيا جي شادي ٻي ڪنهن هنڌ ڪيوَ ته نتيجا ڏاڍا
اڳرا نڪرندا، اهو سڱ منهنجو آهي، جي سوڀيا مون کي
نه ملي ته ڪنهن کي به ڪانه ملندي.“
انهي ڳالهه ٿيڻ کان پوءِ، سوڀيا جي والدين سوڀيا
جي شاديءَ لاءِ ڏينهن ٻڌي ڇڏيا هُئا ۽ خود سوڀيا
به انهي واقعي کان پوءِ صفا هراسجي ويئي هُئي ۽
يونيورسٽي وڃڻ به ڇڏي ڏنو هُئائين جڏهن ته سوڀيا
جي پيءُ حد جي ٿاڻي تي ڪمپلين به ڪئي هئي، پر چون
ڪونه ٿا ته قضا ڪا پُڇي ايندي آهي ڇا؟ سو سوڀيا
پنهنجو امتحاني فارم ڀرائڻ لاءِ پنهنجي سکي فيروزه
سان گڏجي يونيورسٽيءَ آئي هئي. انهي جي خبر شاهزيب
کي الائي ڪيئن پئي جو هو سوڀيا جو گس جهلي بيهي
رهيو. سوڀيا پنهنجين سکين سان گڏ گهر وڃڻ لاءِ
جيئن يونيورسٽيءَ مان نڪتي ته شپاڪ سان هن جي چهري
تي ڪا شيءَ اچي ڪري، اُن شيءَ ڪرڻ سان ئي سوڀيا
جون اصل دانهون نڪري ويون ۽ درد ۽ پيڙا وچان زمين
تي ڪِري پئي، انهي بدحواسيءَ ۾ سوڀيا جي سکين کي
ٻيو ڪُجهه سُجهيو ڪونه، سو هن کي کڻي هاسپٽل
پهتيون، سوڀيا جو پورو چهرو تيزاب جي ڪرڻ ڪري سڙي
چڪو هو، هڪدم سور ڇڏائڻ سان گڏ آرام ڪرڻ واريون
انجيڪشن به هڻي ڇڏيائون. پوءِ هوءَ هاسپٽل جي برن
وارڊ ۾ منتقل ٿي ويئي. پوءِ رشتا به ڌاريا ٿي ويا
هنن جون ته ٻه به ويون ته ٻارنهن به، ڄڻ اها قيامت
صرف هنن لاءِ هُئي ۽ پوءِ ماءُ ويچاري هاسپٽل
حوالي ته سندس پيءُ ڪيس جي حوالي.....
سوڀيا جي چهري جا ٻه آپريشن ٿي چُڪا هئا، پر چار
آنا به فرق ڪونه پيو. اڄ ٽيون پلاسٽڪ سرجريءَ جو
آپريشن هُئس، ماءُ ڌيءَ انهي انتظار ۾ هيون ڪهڙي
وقت آپريشن لاءِ وٺي ٿا وڃن ته سوڀيا جو پيءُ
هاسپٽل جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو ته، ”گُڏي شاهزيب
کي ڦاسيءَ جي سزا اچي ويئي آهي.“
سوڀيا پيءُ ڏانهن نهاريندي چيو: ”بابا تُنهنجي
گُڏي به ته هميشه لاءِ مري ويئي هاڻ جي قاتل کي
سزا به ملي وڃي ته ڪهڙي ڪم جي....“
پيءُ ڌيءَ جي مٿي تي هٿ رکندي وراڻيو: ”ٻچڙي هڪڙي
سوڀيا مُئي ته ڇا؟ پر هن سزا کان پوءِ ٻيون هزارين
سوڀيائون من بچي پون.....“
پيءُ جي اکين مان ٻه لُڙڪ نڪري، سوڀيا جي وارن ۾
ڪري جذب ٿي ويا.
بهادر ٽالپر
بدين
پيپر ويٽ هيٺان
هُو دريءَ وٽ چرندڙ پُرندڙ پاڇولي جيان پهتو ته
دريءَ مان اندر ايندڙ روشنيءَ ان پاڇي کي اڃا به
واضح ڪري ڇڏيو…!! هن پٺتي مُڙي ان کي ڏٺو ته
مايوسي اڃا به وڌي ويس…!! هن جي ٻن آڱرين ۽ چپن وچ
۾ سگريٽ جيان هڪ قلم هو ۽ من اندر سوچن جي رک ۾
لکڻ واري ڪنهن چڻنگ جو متلاشي هو…!! پريان ٽيبل تي
پيپر ويٽ هيٺان پنا پيل هئا…!! ڪمري جي ڪئنواس ۾
اصل مسئلو نه ته پنن جو هو… ۽ نه ئي قلم جو…!!
البت ان ويل هڪ حادثو ٿي پيو، جو اڻ ڄاڻائيءَ مان
حسب عادت هن ڏند ڪرٽيا ته وچ ۾ آيل قلم انهن جي زد
۾ اچي ٻه اڌ ٿي پيو…!! هن هيٺ ڪريل اڌ کڻڻ بنان ئي
دريءَ مان ٻاهر ڏٺو… ته ٻاهر جي منظر ڦڪي مرڪ
مرڪِي سندس ڄڻ سواڳت ڪيو…!! ٻاهر ڪجهه ماڻهو رستي
جي ڪناري ڪنهن ڳالهه تان ’تون ڇا… تون ڇا…‘ ۾
مصروف هئا. اهي ماڻهو فقط نگاهه جي حد تائين سند
فوڪس ۾ آيا… ۽ پوءِ تِرڪي ويا…!!
هُو دريءَ کان ٿورڙو پٺتي سِرڪيو ته غير محسوس
طور هوا اچي اها جاءِ والاري…!! هُو هوا کي ٿڌن
ساهن ۾ کڻندو اچي ٽيبل وٽ بيٺو… جتي پيپر ويٽ
هيٺان پنا پيل هئا… انهن کي ڏسي سندس ڪارين ڪارين
اکين ۾ هوبهو پنن جهڙا اڇا لڙڪ اچي ويا…! ۽ هُو
بادلن ۽ طوفانن جون ڳالهيون سوچڻ لڳو…!! سندس
ڪارين ڪجرارين اکين دري وٽ هوا جي موجودگي ۽ ان جي
رخ ۾ تبديلي بابت کيس آگاهه ڪيو ته هن جلدي جلدي
ٻه- ٽي ٻوٽا ڪمري جي ڪئنواس ۾ لڳائي ورتا ۽ انهن
کي پنهنجين اکين جي آب سان سيراب ڪرڻ لڳو… ان وچ ۾
هن جي نظر اوچتو هوا ڏانهن هلي وئي… جيڪا هڪ عورت
جو روپ وٺي دريءَ وٽ بيٺل هئي… ۽ پنهنجي ٿڌن ساهن
سان ڪا ڪهاڻي پڙهي رهي هئي… دريءَ مان پريان
جهنگلي ٻڪرارن جي ويس ۾ ڪي طوفان ڪن لائي سندس
ڪهاڻي ٻڌي رهيا هئا… عورت انهن کي ڏسي بي اختيار
مسڪرايو… ۽ پوءِ هن لڄ مان پاڻ کي پنهنجي پوتيءَ
جي پاند سان ٻوٿ ڍڪي ڇڏيو… البت وِڄ کي چمڪڻو هو
سا ته چمڪي ئي وئي…!!
هُو ٻوٽن کي پاڻي ڏيندي ڏيندي پوڙهو ٿي ويو… ٻوٽا
نه اٿڻا هئا ته نه اٿيا… تڏهن هن کي هر شيءِ جي
تخليق ڪندڙ ماءُ ياد آئي… ڇاڪاڻ ته ماءُ جي ڪک ئي
هئي جنهن مان هر شيءِ تخليق ٿي سگهي ٿي…!! پوءِ هن
پاڻ ۾ هڪ حساس ماءُ وارا جذبا، حساس ٻوٽن لاءِ
محسوسڻ شروع ڪيا ته جلدئي ٻوٽا اُسرڻ نسرڻ لڳا ۽
ڪمري جو ڪئنواس حسين بڻجي ويو… دريءَ وٽ بيٺل عورت
ڊوڙندي ڊُڪندي ڏانهس آئي… ته ٻوٽن جي پنن جي لُڏڻ
سان هڪ خاص قسم جو رڌم جنم وٺڻ لڳو…!!
هن عورت کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻوٽن
جي لڏندڙ لمندڙ پنن هڪ ٽهڪ ڏنو… هن ان ٽهڪ کي
پنهنجي سماعت جي ڊائري تي اڻ ڏسجندڙ هٿن ۾ گمنام
قلم سان لکي محفوظ ڪري ڇڏيو… هن ان ٽهڪ جي سحر ۾
وري به عورت کي پنهنجي ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته
ڪمري جي دريءَ مان وِڄ جو اکين کي کيرو ڪندڙ چمڪاٽ
ٿيو… ته هُو بيهوش ٿي ٽيبل سان ٽڪرائي وڃي فرش تي
ڪِريو… پيپر ويٽ جي سرڪي وڃڻ سان ان جي هيٺان پنا
هڪ هڪ ٿيندا ٽِڙندا پکڙندا ويا… انهن تي هڪ عظيم
ڪهاڻي هئي… جنهن کي فقط ڪمري جون اُداس اکيون پڙهي
رهيون هيون…!!
ارشادِ سومرو
حيدرآباد
معصومھ
معصومه اسان گڏ اسڪول ۾ ٻار پڙهائيندي هئي، شڪل
صورت ۾ مور جهڙي، ڪم گو ۽ خاموش طبيعت جي مالڪ
هئي. بس پنهنجي ڪم سان ڪم رکندي هئي. ڪنهن کي به
شڪايت جو موقعو نه ڏيندي هئي، ٻارن کي به توجه ۽
ايمانداريءَ سان پڙهائيندي هئي، ڪلاس وٺي فارغ ٿيڻ
کان پوءِ به اسٽاف روم جي ڪُنڊ ۾ ويهي ڪاپيون چيڪ
ڪندي يا ڪونه ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويندي، دنيا
جهان کان الڳ هن جي پنهنجي دنيا هئي.
مان هن سان ڳالهائڻ جي اڳڀرائي ڪري چونديس هئس:
”معصومه! ڪيئن آهين؟“
معصوميت مان وراڻيندي:
”بلڪل ٺيڪ آهيان، مالڪ جا ڪرم آهن.“
مان وري هروڀرو گهر جون ڳالهيون پڇڻ شروع ڪندس.
”ڀاءُ ڀاڄائي ڪيئن ٿا هلن؟“
”ڏاڍا سٺا، ڄڻ ته امان بابا هجن.“
وري به مرڪي چوندي، مرڪ هن جي لبن تي خوبصورت
لڳندي هئي، مرڪ سان گڏ هن جي نماڻن نيڻن ۾ لڪل ڪرب
جهلڪي پوندو هو، هن جي مرڪ پويان ڪيترائي سڏڪا لڪل
هوندا هئا، مان هن جي نيڻن ۾ لڪل ڪرب ۽ اذيت کي
محسوس ڪري وٺندي هئس، جيڪي پاڻ اهڙن پيچرن جا
پانڌيئڙا هجن، انهن کان ٻين جو ڪرب ڪيئن لڪندو؟
وري اجايو سوال ڪندس.
”معصومه! ڳالهائين ڇو نٿي؟ چپ ڇو آهين؟“
”ڇا ڳالهايان؟“
”جيئن اسان هروڀرو ٿا ويٺا اجايو ڳالهايون.“
مان هن کي ڳالهائڻ لاءِ همٿائڻ لاءِ چونديس هئس:
”بس، اوهان ڳالهايو ٿيون نه، مان ٻڌان ٿي اهوئي
ڪافي آهي.“
پر، الائي ڇو مون کي پڪ هئي ته هوءَ دنيا کان فرار
ٿيڻ ٿي چاهي، تڏهن ته اڪيلي ٿي رهي.
مون هن سان ڪيترائي ڀيرا اندر جو حال اورڻ جي ڪوشش
ڪئي، پوءِ مرڪي ڳالهه ٽاري ڇڏيندي هئي، پر مون کي
پڪ هئي ته هن جي اندر ۾ اذيتن جا آڙاهه آهن، جن هن
کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي، مون کي هن جي پرسرار
شخصيت کي کولڻ جي جستجو جاڳي پئي، مان جڏهن به
اسڪول کان واپس گهر ايندي هئس ته هن جي ئي باري ۾
سوچڻ لڳس هن جو معصوم چهرو اڳيان ڦرڻ لڳندو هو.
ان سلسلي ۾ مون سندس مائٽ اياز سان رابطو ڪيو جيڪو
اسان جي اسڪول ۾ ڪلارڪ پڻ هو، اياز هن جي باري ۾
مون کي سڀ ڪجهه ٻڌايو، ته مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو،
ته قسمت هن سان ڪيڏو ويل وهايو آهي.
معصومه هڪ معصوم ۽ سٻاجهڙي ڇوڪري هئي، پيءُ، ماءُ
جي به لاڏلي هئي، جڏهن سندس ماءُ اوچتو دل جي دوري
پوڻ سبب فوت ٿي، بابا ته اڳ ئي اڪيلو ڇڏي ويو هو،
هوءَ هاڻي ڀاءُ ڀاڄائي جي رحم ڪرم تي هئي، ڀلا
ڀائر ۽ ڀاڄايائون به ڪي اَبي امڙ جي جاءِ تي ٿيا
آهن؟ هنن کي هن جي ڏک، سک ۽ بيماريءَ جي ڪهڙي
پرواهه؟
هو ته هن کي پاڻ تي بار سمجهڻ لڳا، هوءَ به چپ چاپ
پنهنجي دنيا ۾ گُم هئي، معصومه صبح جو اسڪول ۽
واپسيءَ ۾ پنهنجي حصي جي گهر جي ڪم مان فارغ ٿي
پاڙيوارن جا ڪپڙا سِبي ٽائيم پاس ڪندي هئي.
هن کي نوڪري به ماءُ جي سروس دوران فوت ٿيڻ تي ملي
هئي، پينشن جا پئسا به معصومه جي نالي ٺهيا،
جيستائين پينشن جا پئسا ڀاڻس نه ورتا هئا ته وڏو
پيار ۽ پاٻوهه مان قرب ونڊيندا هئا، جڏهن پئسا وٺي
پورا ڪيا ته قرب به پورا ٿي ويا.
پر پوءِ به هوءَ ڀاءُ ڀاڄائيءَ جي هر طرح سان مالي
مدد ڪندي هئي. ڀاڻس اُڌارا پئسا وٺندو هئس ته ڪڏهن
به واپس ڪونه ڪندو هو، ان باوجود هن کي گهر ۾ صرف
ٽن ويلن جي مانيءَ کان سواءِ ڪنهن به شيءِ تي ڪو
به حق نه هو، ڪڏهن ڪڏهن هوءَ هنن جي زيادتين تي
زبان به کولي ويهندي هئي، ته سندس قربدار ڀاڄائي،
باهه ٿي بي اختيار چوندي هئي، ”هاڻي تو چريءَ سان
ڪير ڳالهائي؟ توسان ڳالهائي پاڻ ڦاسائڻو آهي ڇا؟“
هن جي مهربان ڀاڄائي هن تي چريءَ جو ٺپو هڻي ڇڏيو
هو، جڏهن ته هوءَ بلڪل نارمل هئي، سندس رَويو هُن
کي چيڙائي ڇڏيندو هو، ڀاڄايائون پنهنجين ڀينرن جا
عيب ائين لڪائينديون آهن، جيئن پراڻي ڀت کي ليپو
ڏئي سندس عيب لڪائبو آهي. نڻاڻن جي ننڍڙي خاميءَ
کي وري ائين اُڏارينديون آهن، جيئن هارياڻيون ڇڄ ۾
ڪڻڪ وجهي وائرينديون آهن، نڻانون ته آهن ئي نير
مان ٻڏل باقي ڀاڄايائون ته هونديون ئي آهن کير مان
ڌوتل.
بس ڏاڍ جي ڏيهه ۾ ڪير ڳالهائي؟ اها طاقت ئي آهي،
جيڪا انسان کي ظالم بڻائي ظلم ڪرڻ جي سگهه ٿي عطا
ڪري، ڪڏهن ڀاڄايائين جو پڙ ڀاري ته ڪڏهن نڻانن جو
پڙ مٿانهون پر هت ته معصوم معصومه ئي چڪيءَ ۾ ٿي
پيٺي.
ڪڏهن ڪڏهن ته ڀاڄائي مڙس جا ڪن به ڀريندي هئي ته
سندس ڀاڻس به کٽ تي ويهي پير لڙڪائي ٻانهون کنجي
ڏمر مان معصومه سان مخاطب ٿي چوندو هو:
”تون! آخر چاهين ڇا ٿي؟ منهنجي زال سان ظلم ڪيو
اٿئي، تون بابا جو قرض آهين جيڪو مان لوڙيان ٿو،
پاڻ ته مري جان ڇڏائي ويا، توکي منهنجي مٿي ۾ هڻي
ويا، توکي مان ٿو پاليان.“
ڀاءُ جون خون خوار اکيون ڏسي دل ئي دهلجي ويندي
هئس، ڇو جو هن هڪ ڏينهن مٿي تي پادرن جو وسڪارو
ڪيو هئس، جنهنڪري مٿي ۾ به سور رهندو هئس، هوءَ ڊپ
وچان چپ چاپ پنهنجي ڪمري ۾ اچي، اکين مان آب هاري
پنهنجي خدا سان مخاطب ٿيندي هئي.
”اي منهنجا رب! تون ايڏي وڏي ڪائنات جو مالڪ آهين،
تون مون کي صرف هڪ ننڍڙو گهر ڏئي ڇڏ، جتي مون کي
ڪوبه بابا جو قرض نه چوي، نه ماني کائڻ جو مهڻو
ڏي.“
هوءَ پنهنجي خدا سان ائين حال اوريندي هئي، ڄڻ ته
ڪا ماءُ هجي، رب پاڪ به ته پنهنجي مخلوق سان ستر
مائن جيترو پيار ٿو ڪري نه!
هوءَ جنهن گهر ۾ ڀاءُ سان رهندي هئي، اهو به سندس
پيءُ ماءُ جو ئي ڇڏيل گهر هو، پر سندس پيءُ مرڻ
کان اڳ پٽ جي نالي ڪري ويو، ڇو جو نياڻيون ته ڄمڻ
سان ئي پيءُ ماءُ جي ڪلهن تي بار هونديون آهن،
جيستائين گهر ۾ هجن، معصومه به گهر جي وارث هوندي
لاوارث هئي، انڪري جو اسان جي معاشري ۾ نياڻين جو
پيءُ جي ملڪيت ۾ ڪوبه حصو نه هوندو آهي، پالي شادي
ڪرائڻ به سندن فرض نه، احسان هوندو آهي، ويچاري
معصومه جي نصيب ۾ ته شادي به نه هئي، ۽ وري سندس
ڀاڄائي لاوارث هوندي به گهر جي وارث هئي. هوءَ گهر
جي هر شيءِ جي مالڪ هئي ته وري مڙس جي به لاڏلي
هئي، هن کي مٿي ۾ سور پوندو هو ته آڌي رات جو به
اسپتال کڻي ويندو هو، باقي معصومه جي بيماريءَ جي
ڪابه پرواهه نه هئس، ويتر هنن جي روين هن کي اڌ
چريو ڪري ڇڏيو هو.
سندس ڀاڄائي ته پاڻ کي ڪو وڏي عقلمند فلسفي
سمجهندي هئي، ڄڻ ته آڪسفورڊ يا جامعه الزهره جي
پي.ايڇ.ڊي هولڊر هجي، بس سڄو کيل نصيبن جو آهي،
”ڪٿي چور سُڃا، ڪٿي ڍور سُڃا.“ سياڻن جو چوڻ آهي
ته، ”گهر جا ڪتا ڀاڙيا نه ٿين ته، گدڙن جي ڪهڙي
مجال جو لوڙها لتاڙن“ ڀائر زالن جا مڄو نه ٿين ته،
زالن جي ڪهڙي مجال جو نياڻين جي عزت نه ڪن؟ گهر جي
مرد جو رويو ۽ عقلمنديءَ سان هلڻ ڪري زال جي به
عزت ٿئي ته، ماءُ ڀيڻ جي به ٿئي.
پٽ شاديءَ کان پوءِ امڙ جي نيڻن جا اوجاڳا ته وري،
ابي جي جسم جا پگهر ۽ ڪشالائي وساري ڇڏيندا آهن.
ڄڻ ته زالن ئي پالي نپائي وڏو ڪيو اٿن.
ڪاميابي ماڻين ته اهو نه چوندا ته، ”ابي امڙ جي
دعائن جو ڦل آهي.“ وڏي فخر سان چوندا ته، ”جيون
ساٿياڻيءَ جي سهڪار جو ثمر آهي.“ اتي ڀلا معصومه
جو ڪهڙو قدر؟
معصومه جي رام ڪهاڻي ٻڌي اندر ۾ وڍ پئجي ويا،
معصومه چري ته ناهي پوءِ هن تي اهو قرب ڀريل ليبل
ڇو لڳل آهي؟ نياڻيون گهڻو ڳالهائين ته اڌڙيل سڏجن،
خاموش رهن ته چريون، هن سماج جا به عجيب قاعدا ۽
قانون آهن، جيڪي صرف عورتن تي لاڳو ٿيندا آهن، ۽
مرد....... مرد انهن قاعدن قانونن کان بلڪل به آجا
هوندا آهن.
مون پڪوپهه ڪيو ته ان سلسلي ۾ ادا اياز سان ملي
معصومه جو مسئلو حل ڪنداسين، اڄ جيئن اسڪول ويس ته
فري ٽائيم ۾ ادا اياز جي آفيس ۾ ويس، هُو تمام
بهترين انسان هو.
”ادا اياز! مون کي اوهان سان معصومه جي باري ۾
ڳالهائڻو آهي؟“ مون ادا اياز سان مخاطب ٿيندي چيو:
”جي ڀيڻ حڪم ڪيو؟“
اياز مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪندي چيو:
”ادا اياز! معصومه جو علاج ڪرائجي؟“
مون ادا اياز کي مشورو ڏيندي چيو:
”پر، هن جا گهر وارا ته اسان کي ماري ڇڏيندا.“
اياز معصومه جي گهر ڀاتين کان ڊڄندي چيو:
”اسان هنن کي خبر به نه ڏينداسين، اهو ڪم اسان
اسڪول ٽائيمنگ ۾ ڪنداسين، اوهان ڊاڪٽر کان ٽائيم
وٺجو، مان ڊاڪٽر وٽ معصومه کي وٺي ويندس.“
”۽ علاج جا پئسا؟“
”پئسا ڪري وٺنداسين، ڪنهن جي زندگيءَ کان مٿي پئسا
ناهن.“
”پوءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيندو؟“
اياز وري سوال ڪيو:
”ادا! ڏسو معصومه ڪا چري ناهي، هن کي ٽارچر ڏئي
اهڙو ڪيو ويو آهي، هوءَ اسڪول ۾ آهي ته بلڪل ٺيڪ
آهي، ۽ گهر ٿي وڃي ته، اڌ چري آهي، ان جو مطلب ته
سڄو مسئلو سندس گهر ۽ گهر ۾ رهندڙ مائٽ آهن.“
”پوءِ هن جي علاج مان ڪجهه نه ورندو.“
اياز ٽيبل تي رکيل رجسٽر کي بند ڪندي چيو:
”پوءِ، ڇا ڪجي؟“ مون وراڻيو:
”معصومه جي شادي ڪرائجي.“
اياز جي اهڙي جواب تي، منهنجي اکين ۾ آس جا ڏيئا
ٻري پيا.
”ها، اوهان ٺيڪ ٿا چئو، معصومه کي هڪ پيار ڪرڻ
واري ساٿيءَ جي ضرورت اهي، جيڪو هن جي ناسور ٿيل
ڦٽن تي پيار جا پها رکي، سڪ جو سيڪ ڏئي، ڦٽن تي
محبت جو مرهم رکي.“
”تون وري ڪڏهن کان نفسيات جي ماهر ڊاڪٽر ٿي آهين؟“
ادا اياز کِلندي طنز مان چيو.
”ادا! هن ظالم زماني جا ستم ۽ تجربا ئي ماڻهن کي
ماهر ٿا بڻائي ڇڏين، نه ته.“
”نه ته، ڇا؟“ هن جملو اڌ ۾ ڪٽيندي چيو،
”نه ته، هيءُ زمانو ته ماهر نفسيات کي به نفسيات
جو مريض ٿو بڻائي ڇڏي، جيئن اسان جي خوبصورت ۽
بهترين، پنهنجي وقت جي شوخ اداڪاره روحي بانوءَ کي
به پنهنجن جي ستم ظريفيءَ چريو ڪري زندهه لاش
بڻائي ڇڏيو هو، جنهن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ سندس
پرستار ديوانا هوندا هئا، اُها روحي بانو لاهور جي
روڊن تي رُلندي وتندي هئي.“ هيءَ دنيا ڪيڏي نه بي
رحم آهي.“ مون روحي بانوءَ جي مثال ڏيندي چيو،
”ها، بلڪل انسان ايترو بي حس به ٿي سگهي ٿو؟ افسوس
آهي، پوءِ ويچاريءَ معصومه جو ڪهڙو شمار آهي.“
اياز به افسوس مان چيو،
”پنهنجن جا ستم ته چڱن ڀلن کي چريو ڪري ڇڏين، پر
اسان کي ملي معصومه کي اصل حالت ۾ آڻڻو آهي.“
مون اياز کان مدد گهرندي چيو،
”ها، بلڪل مان اوهان جي هر ممڪن مدد ڪندس.“
هن مدد ڪرڻ جي حامي ڀريندي چيو.
”معصومه جي لاءِ ڪو ڇوڪرو ڳولهجي، اوهان جي نظر ۾
ڪو آهي؟“ مون سوال ڪيو.
”نه، آهي ته ڪونه ڳولهي وٺبو ڳولهڻ سان ته خدا به
ملي ويندو آهي.“ هُن اميد مان چيو،
”پر، مون ڳولهي ورتو آهي، صرف اوهان جو ساٿ
گهرجي.“
مون وراڻيو:
”واهه! ڏاڍو سٺو، مان هنن سان ڳالهائيندس، ڪير
آهي؟“ اياز بيتابيءَ مان چيو،
”اوهان“، مون هٿ جي اشاري سان چيو.
ادا اياز ڪو به جواب نه ڏنو، پر معصومه اهي سڀ
ڳالهيون آفيس جي در ۾ بيٺي ٻڌي رهي هئي، اسان کي
هن جي اچڻ جي خبر ئي نه پئي، اسان ڳالهين ۾ ائين
گُم هئاسين، معصومه اڄ اچانڪ ڪنهن ڪم سانگي آفيس ۾
آئي هئي. تڏهن ته سياڻا چوندا آهن، ”ڪنڌيءَ کي به
ڪن هوندا آهن.“
مون ڳالهه مٽائيندي چيو،
”معصومه! ڪيئن آهين؟“
”بلڪل ٺيڪ آهيان، مالڪ جا ڪرم آهن.“
هن مرڪي وراڻيو، هن جي مُرڪ ۾ لڪل خوشي ظاهر ٿي
پئي، هن جي نماڻين اکين ۾ آس جا ڏيئا چمڪڻ لڳا، هن
جي اکين ۾ ٻرندڙ مشعل جو تاب نه سهندي مان آفيس
مان ٻاهر هلي آيس.
هاڻي هوءَ روز بهاني بهاني سان اياز جي آفيس ۾ وڃڻ
لڳي، ان کان اڳ هوءَ ڪڏهن ڪم سان به اياز جي آفيس
۾ نه ويندي هئي، اگر اياز آفيس جي ڪم سانگي به
سڏائيندو هئس تڏهن به بخار جو وارو اچي ويندو هئس،
۽ هاڻي ته روز تيار ٿي ايندي هئي.
هوءَ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بلڪل به بدلجي وئي، هن جي
اکين ۾ اُميد جا ڏيئا ٻري پيا، هن جي من ۾ محبت جي
اهڙي ته ميخ لڳي، جنهن سون جيان سوڌي ڪُندن ڪري
ڇڏيس، هوءَ پريت جي اهڙي منزل جي راهي ٿي پئي،
جنهن جي ڪابه منزل نه هوندي آهي، هن من جي مندر ۾
آس جا ڏيئا ٻاري، نراس جو سڀ نحوستون ساڙي رک ڪري
ڇڏيون هيون.
محبت جي معجون ۾ به اهڙو معجزو هوندو اهي، جو چرين
کي سياڻو ۽ دانائن کي ديوانو ڪري ڇڏي، جڏهن نينهن
جا نشا وجود تي واسو ڪندا آهن ته، نيڻ مشعل بڻجي
ٻرڻ لڳندا آهن، ته جسم به مي رقصم ٿي رقص ڪرڻ
لڳندو آهي، ته وري لَبن تي به چاهت جا گيت گونجڻ
لڳندا آهن.
هن جي لبن تي به ڪيئي امر گيت گونجڻ لڳا، هوءَ
اڪثر سرمد سنڌيءَ جو گيت ”دل جي ويران رڻ تي ڪڪر
بانورا ٿورڙوئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿئي؟“ ڳائيندي،
سندس اکيون آليون ٿي وينديون هئس، ۽ مان به ڏکاري
ٿي ويندي هئس، هن جي مٺڙي آواز ۾ درد ۽ سرور جو
اهڙو سنگم هو، جو عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي،
اسان اڪثر بريڪ ٽائيم ۾ هن کان ڪونه ڪو درد ڀريو
گيت ٻڌندا هئاسين، هاڻي ته اسٽاف روم ۾ معصومه جي
گيتن سان گڏ سندس بي ساخته ٽهڪ به گونجڻ لڳا، ڄڻ
ته خاموش ۽ مرده جسم ۾ نئون روح پئجي ويو، زندگي
هن جي اڱڻ تي ڇيريون پائي نچڻ لڳي.
مون کي معصومه جي هن تبديليءَ تي حيرت به ٿي ته
خوشي به ٿي، معصومه اونداهين مان روشنيءَ طرف موٽ
کاڌي هئي.
اڄ ادا اياز جي سالگره هئي، مان هن کي وِش ڪرڻ
سندس آفيس ۾ ويس.
”ادا اياز! اوهان کي سالگره جون مبارڪون هجن.“
مون ادا اياز لاءِ آندل تحفو ڏيندي چيو، مون هن کي
ڀاءُ ڪيو هو، ۽ هر سال هن لاءِ ڪونه ڪو تحفو به
آڻيندي هئس.
”ادي! وڏي مهرباني، اوهان کي به الله پاڪ آباد
رکي.“
هن تحفي ڏيڻ جو ٿورو مڃيندي چيو ۽ مون کي ويهڻ
لاءِ به چيو.
”ادا! اوهان نوٽ ڪيو آهي؟ معصومه ۾ ڪيتري نه
تبديلي اچي وئي آهي؟“
مون معصومه جي ڳالهه ڇيڙيندي چيو،
”ها، بلڪل مون به ڏٺو آهي، هوءَ بلڪل به بدلجي وئي
آهي.“
اياز به حيران ٿيندي چيو.
”خبر اٿوَ ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟“
مون اياز کان ئي سوال ڪيو.
”ڪهڙو؟“ اياز جواب ۾ سوال ڪيو.
”ان جو ڪارڻ اوهان آهيو، هُن من مندر ۾ اوهان جي
مورتيءَ جي آرتي اُتارڻ شروع ڪئي آهي.“
مون هن کي معصومه جي معصوم محبت جو احساس ڏياريندي
چيو.
”اڇا، پوءِ هن مندر جي ديوتا کي ته خبر به ناهي؟“
ادا اياز حيرت مان چيو.
”پوءِ اهو هُن جو نه اوهان جو قصور آهي، دل کي دل
سان راهه هوندي آهي.“ مون وراڻيو.
”هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ.“
ادا اياز ڳائي جواب ڏنو.
”ها، هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ئي ته ڏکيو آ، جڏهن
سمجهبو ته دنيا جا رنگ ئي بدلجيو وڃن. جيئن،
معصومه بدلجي وئي آهي.“ مون وراڻيو.
”اڇا، ته انسان علاج کان وڌيڪ روين سان صحتمند ٿي
زندگيءَ جي نراس مان نڪري آس جي پيچرن جو پانڌي ٿي
ٿو وڃي.“
هن به منهنجي راءِ جي تائيد ڪئي.
”بلڪل، اهو سڪ جي ستي ۽ محبت جي معجون جو ڪمال
آهي، جيڪو موت جي بستري تان به زندگيءَ جي آس ڏئي
جيئاري ٿو ڇڏي.“ مون وراڻيو.
”بلڪل، سچ ٿا چئو، انساني رويا ئي انسان کي جيارين
۽ مارين ٿا.“ اياز افسوس مان چيو.
”ادا! اڄ اوهان جي سالگره آهي ۽ معصومه اوهان جي
جنم ڏينهن جا ڏينهن هٿن تي ڳڻيا آهن، هن اوهان
لاءِ شيشي جو تاج محل ۽ گلن جو تحفو ورتو آهي،
هوءَ ٿوري دير ۾ اوهان لاءِ کڻي ايندي.“
مون هن کي معصومه جي تحفي آڻڻ بابت ٻڌايو.
”اڇا!“ هن حيرت مان وراڻيو.
”ها، هوءَ اوهان سان من اندر خاموش محبت ٿي ڪري پر
اظهار ڪرڻ جي سگهه ڪانه اٿس.“
مون وراڻيو.
”پر، مان هن معصوم معصومه کي ڪيئن دوکو ڏيان؟ مان
معصومه کي نه ڪنهن ٻئي کي پسند ڪندو آهيان.“
اياز ايمانداريءَ سان چيو.
اياز جي اهڙن لفظن ٻڌڻ سان، آفيس جي دروازي جي اوٽ
۾ بيٺل معصومه جي هٿن مان تاج محل ۽ گل ڇڏائجي پَٽ
تي ڪِري پيا، ۽ تاج محل جي ڪِرڻ جي آواز تي اسان
ڇِرڪي دروازي ڏانهن ڏٺوسين، پر معصومه جي دل جي
ٽٽڻ جو آواز ڪنهن به نه ٻڌو. |