سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2021ع

باب:

صفحو:13 

ڊاڪٽر صنم لطيف

ڪراچي

 

 

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي شاعريءَ ۾ جماليات

جماليات شاعريءَ جو هڪ اهم موضوع آهي، اها فلسفي جي هڪ خوبصورت ۽ اهم شاخ آهي، جماليات حسن ۽ فن جو نالو آهي، انسان جي مزاج ۾ حسن و جمال آهي، ڇاڪاڻ ته  حسن ۽ عشق انسان جي فطرت ۾ شامل آهي. جيئن صوفي بزرگن ۽ شاعرن جو چوڻ آهي ته ’حسن‘ ئي ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ جو سبب آهي، اهو هڪ وسيع موضوع آهي. جنهن کي ڪنهن هڪ خاني يا حد ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي.

حسين و جميل اها شيءِ آهي جيڪا انسان کي مسرت ۽ خوشي ڏي. مطلب ته جمال ۽ خوشي هڪ ٻئي لاءِ اهم آهن، يعني هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، قرآن پاڪ جي هڪ سوره السجده ۾ آيل آهي ته:

ترجمو: ”پوءِ ان ۾ مناسبت ۽ هم آهنگي ڪمال جي حد تائين پيدا ڪئي ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ پوءِ توهان لاءِ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جا حواس ۽ دل ٺاهي، توهان شڪر به ڪندا آهيو ته تمام ٿورو.“

مٿئين آيت مان واضح آهي حُسن کي اسان حواسن ذريعي محسوس ڪيون ٿا، ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ جا حواس، جيڪڏهن اهي نه هجن ها ته جماليات بي معنيٰ، بي مقصد ۽ بي مطلب هجي ها، انهن حواسن ذريعي انسان حُسن و جمال جي پرک ڪري سگهندو آهي، پر حُسن و جمال کي پرکڻ لاءِ ڪو ماڻ ماپو يا ڪو معيار مقرر نه آهي.

الله تعاليٰ جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت تخليق انسان آهي، قرآن پاڪ ۾ فرمان آهي:

ترجمو: انسان کي نهايت ئي خوبصورت بڻايو ويو. (سورة التين، آيت 4)

ان مان خبر پوي ٿي ته انسان مڪمل طور تي حسين آهي يعني مٿي کان پيرن تائين سراپا سونهن آهي.

جماليات بابت دانشورن ۽ فلسفين جا مختلف رايا آهن جمال لاءِ (Aesthetics) جو اصلاح بام گارٽن استعمال ڪندي، ان کي فلسفي جي الڳ شاخ قرار ڏنو، اهو اصطلاح آهستي آهستي عام ٿيو پوءِ ان جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ وسعت ايندي جديد اصطلاح جي حيثيت حاصل ڪئي جنهن ۾ حسن ۽ فن جي موضوع تي بحث ڪيو وڃي ٿو.

(Aesthetics) هڪ يوناني لفظ آهي جنهن جو ادراڪ حواسن ذريعي ٿئي ٿو. جماليات بابت مجنون گورکپوري ’تاريخ جماليات‘ ۾ لکي ٿو ته:

"انگریزی زبان میں (Aesthetics) جمالیات سے کہیں زیادہ جامع اور بلیغ ہے۔ (Aesthetics) لغوی معنیٰ ہر اس چیز کے ہیں جس  کا تعلق حسن سے اور باالخصوص حسن لطیف سے ہو، اس اعتبار سے اگر اردو میں ترجمہ کیا جاٍئے تو (Aesthetics) کے لیے ’حسیات‘ یا ’وجدانیات‘ یا ’ذوقیات‘ بہترین اصطلاح ہو۔ مگر حسیات سے مغالطہ ہوتا ہے کہ یہ ’نفسیات‘ کی کوئی شاخ ہے جس کا تعلق انسان کی قوتِ حسن اور اس کے محسوسات سے ہے اور ’وجدانیات‘ سے معا ذہن تصوف کی طرف منتقل ہوجاتا ہے اور قیااس سے القائی یا حالی کیفیات کی معنی نکلتے ہیں اور ’ذوقیات‘ کچھ غیر واضح اصطلاح ہوکر رہ جاتی ہے۔ (Aesthetics) کا موضوع فنونِ لطیفہ ہی۔ اول اول ہیگل نے اس لفظ کو فلسفہ فنونِ لطیفہ کے معنوں میں استعمال کیا، اسی رعایت سے عربی اور اردو میں اس کا ترجمہ ’جمالیات‘ کیا گیا۔(1)

بام گارٽن حسياتي علم يا احساس ۽ جذبي جي اظهار کي مڪمل حسن سڏي ٿو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’جامع سنڌي لغت‘ ۾ جمال لفظ جي معنيٰ ۽ مفهوم کي هن طرح بيان ڪيو آهي:

”سونهن، حسن، سوڀيا، خوبصورتي، روپ، زينت، سهڻائي، ديدار.“(2)

’تاريخ جماليات‘ جي مصنف ڊاڪٽر نصيراحمد ناصر جماليات جي تعريف هن ريت ڪئي آهي:

جمالیات کا مطلب فلسفئہ حسن و فن ہے، اس سے حسن اور فن سے علمی انداز میں بحث کی جاتی ہے۔“ (3)

ادب جا ٻه اهم حصا آهن. هڪ نثر ۽ ٻيو نظم، شاعريءَ ۾ جمال جو ڀرپور استعمال ٿئي ٿو، جماليات جو گهڻو لطف ۽ خط شاعريءَ ۾ ملي ٿو، هتي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي ڪلام ۾ جماليات واري خوبين جو جائزو پيش ڪجي ٿو:

جماليات ۾ اسان کي گهڻيون شيون ملن ٿيون، فطري ۽ قدرتي منظر، ٻوليءَ جو جمال، جسماني جمال وغيره محبتن ۾ ئي جمال جو جلوو پَسي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته نفرت جي نگاهه ۾ نفرتون ئي نظر اينديون آهن.

افلاطون جي خيال موجب ڪائنات جي هر شيءِ ۾ حسنِ مُطلق جو پرتو/مظهر آهي ۽ صوفين وٽ پڻ اهو خيال ملي ٿو. حسنِ مطلق يعني الاهي ذات انسان جي اندر ۾ موجود آهي. جڏهن انسان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي (مان/آءٌ) يعني وجود وساري ان درد جي ڪرب مان گذري ڪشالا ڪڍي تڏهن ئي ان خالقِ حقيقي جي وجود سان ملي هڪ ٿئي ٿو، جيڪو حسنِ مُطلق آهي، جيئن مخدوم طالب الموليٰ جن فرمائين ٿا:

جيتر تون موجود، تيتر لاموجود هو هوندو

”مُوتوا قبل“ ٿي ماڻج مطلب نينهن ۾ ٿي نابود

دور وڃڻ ئي آهي اجايو ويجهو اٿئي وجود

ڪک پن ووڙڻ راند ٻاراڻي شاهد تون مشهود

سّر سبحان به تون ئي آهين سوچي ڪر سجود.(4)

مخدوم طالب الموليٰ جن ڪافي ۽ بيت جا اهم شاعر آهن سنڌي ادب جي ٺيٺ صنف بيت ۾ حسنِ مُطلق جي صفتن کي بيان ڪندي فرمائين ٿا:

هادي سو، حڪيم سو مالڪ سو مختار

رازق سو رحيم، سو جابر سو جبار

اڳ به سو، پوءِ به سو اڙين جو آڌار

”الله الغني وانتم الفقراء“ سوئي سو سردار

طالب الموليٰ مرد ٿي ڪر وحدت جو واپار

قادر سو ڪلتار قائم دائم ڪل تي.(5)

مٿئين بيت ۾ الله پاڪ جي وحدانيت بيان ڪندي قرآن پاڪ جي آيت جو استعمال مخدوم صاحب جن جي فني صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿو، ان جي خوبصورت استعمال ڪري سندس ٻوليءَ، فن، حسن ۽ جمال کي وڌيڪ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن کي سرورِ ڪائنات حضور اڪرم ﷺ جن سان محبت ۽ عقيدت آهي. هن ڪامل شخصيت جي حسن جي واکاڻ ڪندي سج، چنڊ ۽ ڪائنات جون ٻيون خوبصورت شيون ڪا اهميت نه ٿيون رکن، مخدوم صاحب جن پنهنجي بيت کي سهڻين تشبيهن سان سينگاري فرمايو آهي ته:

ڪٿي سنبل سهڻا ڪٿي مبارڪ مُو

ڪٿي چهرو چنڊ جو ڪٿي حبيبن جادو

ڪٿي شعاع شمس جو ڪٿي رهبر رو

ڪٿي تلوارون تير ٿيا ڪٿي احمد جا ابرو

ڪٿي اکيون عجيب جون ڪٿي ساغر ۽ سُبو

ڪٿي گل گلاب ۽ ڪٿي بدن جي بُو

لبن لعل لڄائيا ڏندن لک لُو لُو

هلڻ تان حبيب جي عجب ۾ آهو

ڪٿي فضيلت فردوس جي ڪٿي ڪامل سندي غو

حبيب آهي هو طالب مولا تنهنجو.(6)

مخدوم صاحب هڪ ٻئي بيت ۾ سهڻي تشبيهن ذريعي محبوب جي حسن جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته پيارو پرين سراپا سونهن آهي، سموري ڪائنات ۾ هن جهڙو سهڻو نه آهي، هڪ ٻئي شعر ۾ فرمائين ٿا ته جانب جو جمال حسابن ۽ ڪتابن جو مٿانهون آهي.

تنهنجو حسن اچي نه حسابن ۾،

تون پاڻ ئي پنهنجي جوابن ۾.(7)

انسان جي چهري ۾ وڌيڪ پُرڪشش ۽ من کي موهيندر خوبصورت اکيون ئي هونديون آهن، انهن کي خدا تعاليٰ جي هڪ خاص ۽ انمول نعمت سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سموري ڪائنات جي حُسن و جمال کي پَسي سک ۽ سڪون کي دل جي گهراين سان محسوس ڪري سگهجي ٿو. تنهنڪري سڀني شاعرن اکين کي وڌيڪ پُراثر انداز ۾ ڳايو آهي، سموري ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، عروضي توڙي جديد شاعريءَ ۾ اکين جو ذڪر اثرائتي انداز ۾ نظر اچي ٿو، اکين جي حوالي سان هڪ هندي دوهو ڪيڏو نه سهڻو آهي:

کانگا سبھ تن کائیو، چن چن کائیو ماس

دو نیناں مت کائیو، پیا ملن کی آس

ساڳئي وقت مخدوم صاحب جن جي جدامجد برصغير جي نامياري عالمِ دين قرآن پاڪ جي مفسر ۽ پهرين فارسي مترجم ۽ سنڌي شاعر حضرت مخدوم نوح سرور رحه اکين تي خوبصورت بيت چيو آهي:

اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،

آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي.(8)

هر شاعر اکين بابت ٿورا يا گهڻا شعر ضرور رچيا آهن، پر مخدوم صاحب جن واحد شاعر آهن جن اکين بابت پورو ڪتاب لکيو آهي.

ان موضوع تي سندن هڪ ڪتاب ’بي پير اکيون‘ جي نالي سان موجود آهي، اکيون ئي خاموشيءَ سان پيغام پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿينديون آهن، بغير زبان ۽ چَپ چورڻ جي دلي ڪيفيتن جو اظهار ڪنديون آهن.

مخدوم صاحب جن اکين جون مختلف حالتون بيان ڪيون آهن، جڏهن محبوب سوَ صدما ڏئي اڪيلو ڇڏي هليو وڃي کيس پنهنجي عاشق جي دلي ڪيفيت ۽ جذبن، احساسن جو احساس نه ٿئي ته به اکيون عاشق جو وڏو سهارو ٿين ٿيون، مخدوم جن فرمائين ٿا:

ڀلي سهڻو سوَ صدما ئي ڏئي ڀلي دلبر دل کان دور ٿئي

ڀلي نينهن ۾ يار نهوڙي نئي، ته به ڪين ڇڏن

غمناڪ اکيون.(9)

شاعرن کي اهو ڪمال حاصل آهي ته هو پنهنجي پرينءَ جي حُسن و جمال، سونهن ۽ سينگار کي سهڻين تشبيهن ذريعي ظاهر ڪن ٿا، مطلب  ته جاين جو جمال اهڙي اثرائتي انداز ۾ ڪن ٿا جو ان جو نقشو اکين جي سامهون اچي وڃي ٿو، جيئن مخدوم طالب الموليٰ جن جي هن بيت ۾ ظاهر ٿئي ٿو:

ڪارا ڪيس قريب جا، واسينگ ڄڻ وار

پيشاني پرين جي، چنڊ جئن ڪري چمڪار

اکيون هن عجيب جون، نرگس جئن نروار

جهڙا گل گلاب جا، تن کان وڌ رخسار

لعل لب لبيب جا، مٺڙا ٻئي من ٺار

وجهي ڪونج ڳچيءَ ۾، چهرا چندن هار

ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان، سڄڻ جا سينگار

جان ۽ جند نثار، طالب مولا تن تان.(10)

هڪٻئي هنڌ پرينءَ جي ڪارن وارن کي نانگ ۽ نانگ جي ڦوڪارن سان نرالي تشبيهه ڏيندي فرمائن ٿا:

واهه جو ٻڌين ٿو ونگيو وانگوڙو،

سمجهي سڀڪو نانگ هي جهوڙو،

تنهنجو قسم آئون ناهيان ڪوڙو،

منهنجا محب مٺل! ڦڻيون ڪڍيو ڄڻ ڏين ڦوڪارا(11)

سهڻيون ۽ من موهڻيون تشبيهون ڪلام جي حسن ۾ اضافو ڪن ٿيون، ان ڪافي جي هڪ ٻئي بند ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن محبوب جي سهڻين سڳين جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ان جي هلڻ جي خوبصورت انداز کي ڊيل کان وڌ سهڻو سمجهن ٿا، چون ٿا ته هن شعر ۾ محبوب جو حسن سنڌ جي ثقافت جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو آهي.

سهڻيون سڳيون ٻئي کولي هلين ٿو،

ڊيل کان وڌ تون چال چلين ٿو،

تن کي لڏڻ کان ڪين جهلين ٿو،

چوکا چوٽِي ڦلَ جهومر جاني ڪن جهلڪار(12)

هار سينگار ۽ زيور محبوب جي حسن ۽ جمال ۾ پڻ اضافو ڪن ٿا، جن جو ذڪر مخدوم صاحب جن تمام پُراثر ۽ سهڻي نموني ڪيو آهي، مخدوم صاحب جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي اها هڪ خاص خوبي آهي ته محبوب جي حُسن جي ڳالهه ڪو ٻيو موضوع هجي پر قبله سائين جن سنڌ جي ثقافت کي عين وسارين ٿا، مان سندن اعليٰ شاعريءَ سان گڏ سنڌ جي ثقافت سان محبت جو چِٽو مثال ملي ٿو، فرمائين ٿا:

منجهه ڪنن ايرينگ لڏن ٿا، ڳاڙهن ڳلن کي خوب چمن ٿا،

ناز منجهان ٻئي نوري نچن ٿا، عشق مان ڏين اڇل،

پيارا پري کان مارن موچارا،

هيرو نڪ ۾ آهي هزاري بولو، بنئيسر ميناڪاري،

چندن هار سڄو سونهاري برهه لائين بَڪل،

ڄڻ چمڪن ٿا چنڊ ۽ تارا(13)

مارئيءَ جي ملير سان محبت دنيا جي نقشي تي هڪ انمول ۽ لازوال مثال آهي، جيڪا ڏيهان ڏيهه مشهور آهي، مخدوم صاحب جن مارئيءَ جي محبت ۽ ملير جي منظرڪشي تمام بهترين نموني ڪئي آهي.

مارن ري ماتام ياد پون ٿا ٿاڪ ٿرن جا،

ڦوڳ ڦلهاريا، ڪرڙ ڪڪوريا ساوا گاه، پٽن تي موريا،

پيا گولاڙا هرگام.(14)

ٻوليءَ کي شاعريءَ ۾ اهم حيثيت حاصل آهي، ٻوليءَ جي وصف يا تشريع ته مختلف علمن ذريعي ڪري سگهجي ٿي، پر نفسيات جي حوالي کان ٻولي انسان جي اندر جو آواز ۽ اظهار جو ٻيو نالو آهي، تنهنڪري لفظ پُرڪشش، پُراثر ۽ لطف ڏيندڙ هئڻ گهرجن، جن سان دل جي جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ٿي سگهي.

شاعري هڪ اهڙو دلڪش فن آهي، جنهن ذريعي دلي ڪيفيتن کي اثرائتي ۽ وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو. اهو شاعر جو ڪمال آهي ته هو لفظن جي جادوءَ سان پڙهندڙ تي سحر طاري ڪري دل کي موهي وجهي ٿو. ٻوليءَ جي جمال ۾ مخدوم صاحب جن کي اهو ڪمال حاصل آهي ته هو پڙهندڙ کي موهي وجهي ٿو، مٺي محبوب کي ڪهڙي نه پياري انداز ۾ دعا ڪن ٿا، فرمائين ٿا:

منهنجو ته وار وار ٿو دم دم دعا ڪري

ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي خدا ڪري.(15)

لفظن جي تڪرار شعر کي انتهائي خوبصورت ۽ پُرڪشش بڻايو آهي.

مخدوم صاحب جن وٽ فطري حسن به ڏسڻ وٽان آهي، هُو پنهنجي ڪلام ۾ انتهائي خوبصورت منظرڪشي پيش ڪن ٿا، سندن منظرنگاري جو اهو ڪمال آهي، جو اهو منظر هُوبهو اکين آڏو اچي وڃي. هتي نموني طور سر سارنگ جو هڪ بيت پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ منظرنگاريءَ سان گڏ جماليات جو جلوو پڻ نظر اچي ٿو، فرمائين ٿا:

اُٿيا اُتر پار کان ڪڪر ڪري ڪار،

سوين آهن سونهن جا، ساوڻ کي سينگار،

مٿان ميگهه ملار، مَنڊي بيٺا موج سان.(16)

مون هتي مخدوم صاحب جن جي جمالياتي شاعريءَ جو مختصر جائزو پيش ڪيو آهي، جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته سندن شاعريءَ جو هڪ وڏو حصو جمالياتي فن جو منظر آهي، جنهن تي هڪ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.

حوالا:

1.       مجنون گورکپوري، تاريخ جماليات، مڪتبئه عزم و عمل ڪراچي، 1966ع، ص 10-9

2.      ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغت، سنڌي ادبي بورڊ، 1981ع، ص 915

3.      ڊاڪٽر نصير احمد ناصر، ’تاريخ جماليات‘، جلد اول، فيروز سنز پرائيويٽ لميٽيڊ لاهور، راولپنڊي، ڪراچي، 1990ع، ص 9

4.      مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌ، 2011ع، ص 320

5.      ساڳيو، ص 64

6.      ساڳيو، ص 80

7.      مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ’بي پير اکيون‘، سروري پرنٽنگ ايجنسي درگاه روڊ، هالا نئون 1987ع

8.      ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، پاڪستان اسٽڊي سينٽر يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو 1999ع، ص 303.

9.             مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ’بي پير اکيون‘، سروري پرنٽنگ ايجنسي، درگاه روڊ هالا نئون، 1987ع، ص 34

10.   مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ’ڇپر ۾ ڇڙيون‘، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ 2011ع، ص 301

11.   ساڳيو

12.  ساڳيو، ص 337

13.   ساڳيو، ص 337

14.  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ’ڪشڪول‘، بزم سروري طالب الموليٰ، 1955ع، ص 1

15.   مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ’ديوان طالب الموليٰ‘، طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا، سنڌ، 2011ع، ص 357

16.  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ’ڪشڪول‘، بزمِ سروري طالب الموليٰ، 1955ع، ص 61

ميرزا فياض علي بيگ

حيدرآباد

 

 

 

 

ميرزا حامد علي بيگ ’حامد‘ جي غزل گوئي

 

شاعري هڪڙي خدائي ڏات آهي جنهن کي قدرت وٽان ملي ۽ ٻي وري خانداني اثر تحت هوندي آهي. جيڪڏهن اِهي ٻئي خوبيون ڪنهن شاعر کي مليل هجن ته ڄڻ سون تي سهاڳ مثل آهن. ميرزا حامد علي بيگ ’حامد‘ کي اِهي ٻئي خوبيون ورثي ۾ مليل هيون، جيڪو صدين کان پيڙهائتو شاعر هو. اِن ڏَس ۾ ميرزا ٻڍل بيگ چوي ٿو ته:

پيءُ ڏاڏي کان هي پيشو اسان جو هليو اچي،

پيڙهي به پيڙهي سخن جو سودو لڳو اچي.

اِن دعويٰ جو بين ثبوت ميرزا حامد علي بيگ آهي، جنهن جو پيءُ ميرزا علي نواز بيگ، چاچو ميرزا حسين علي بيگ، ڏاڏو ميرزا غلام حيدر بيگ ’قنبر‘، وڏو مامو ميرزا قربان علي بيگ ۽ نانو ميرزا قاسم علي بيگ پنهنجي دؤر جا سٺا شاعر ٿي گذريا آهن. ميرزا غلام حيدر بيگ ’قنبر‘
۽ ميرزا قاسم علي بيگ ٻئي پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا ۽
مشهور مرثيه گو شاعر ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘
جا پ
ُٽ هئا. ان حساب سان پاڻ ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي طرفان پيڙهي به پيڙهي شاعر هو ۽ اِهوئي سلسلو سندس اولاد ۾ به قائم رهندو اچي.

 

ميرزا فياض علي بيگ

حيدرآباد

               ميرزا حامد علي بيگ ’حامد‘ جي غزل گوئي

 

ميرزا حامد علي ولد ميرزا علي نواز بيگ 19- مارچ 1925ع ۾ ميرزا محلي ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي پرائمري تعليم آسودومل پرائمري اسڪول نزد ڦليلي حيدرآباد (موجوده سيٺ حافظ پرائمري اسڪول) مان حاصل ڪئي. انگريزي جا ٻه درجا نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيا ۽ مسافرخانه اسڪول ميمڻ محله حيدرآباد مان سنڌي ڪاميٽي جو امتحان پاس ڪيو. نوڪري جي سلسلي ۾ پوليس کاتي، راشنگ کاتي، ميونسپل کاتي ۾ ناڪه منشي ۽ ٿورو وقت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٽ لغت واري آفيس ۾ نوڪري ڪيائين. اِهي نوڪريون 1940ع کان 1962ع تائين ڪيائين. 1963ع کان 1990ع تائين شهداداڻي حڪمران ٽالپر گهراڻي مير غلام علي خان ۽ مير مراد علي خان وٽ مير منشي ٿي رهيو.

ميرزا حامد علي بيگ جوانيءَ ۾

ميرزا حامد علي جي شادي 1946ع ۾ ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘ جي نياڻي سان ٿي. کيس چار پُٽ ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘، ميرزا فياض علي بيگ، ميرزا شمشاد علي بيگ، ميرزا منظور علي بيگ ۽ هڪ نياڻي (زوجه ميرزا جمشيد علي بيگ) اولاد ٿيا.

ميرزا حامد علي بيگ زندگي جا ڪيئي لهوارا اوڀارا نشيب فراز ۽ ڏکن سکن جا ڏينهن گذاري پنجهٺ سالن جي عمر ۾ 21- ڊسمبر 1991ع ۾ هن فاني دنيا مان انتقال ڪيو.

ميرزا حامد علي بيگ منهنجو والد هو. هِتي مون کي پنهنجي والد مرحوم جي شخصيت ۽ اُن جي شاعريءَ جي تعريف ۾ ڪا پُل ٻَڌڻي ناهي ۽ نه ئي وري کيس تاج الشعرا، مخدوم الشعرا، عمدة الشعرا، افضل الشعرا يا فخرِ شعراءَ جھڙن جڙتو القابن سان نوازي ڪو سندس شخصيت جي قدڪاٺ جو ڪو وڏو بُت کڙو ڪرڻو آهي؛ جو هُو مرحوم خود به اهڙن القابن يا ٺهلي واهه واهه کان ونئون ويندو هو. بس هُو پنهنجي طبيعت جو هڪڙو خوش طبع شاعر هو ۽ بزمٖ فتح، بزمٖ خليل ۽ بزمٖ ڪوثر جي سٺن شاعرن مان هڪ هو.

ميرزا حامد علي جا شاعريءَ ۾ استاد ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘، ميرزا علي بخش بيگ ’ڪوثر‘
۽ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ هئا، جن جي شاگرديءَ ۾ سندس شاعري، شاعريءَ جي شامياني ۾ چمڪي ۽ مقبوليت ماڻي سندس شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سندس ڪلام جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، هن سال 1938ع کان 1940ع جي وچ عرصي ۾ علم عروض جي مڪمل سکيا حاصل ڪري ورتي ۽ پهريون سلام 14- صفر 1359هه/ 24 مارچ 1940ع تي تصنيف ڪري ميرزا علي محمد کي اصلاح لاءِ ڏيکاريو. جنهن کيس اصلاح ڪري ڏني. هِتي ان جو عڪس ڏجي ٿو:

 

 

ميرزا حامد پنهنجو مذڪوره سلام ميرزا علي بخش ’ڪوثر‘ کي به ڏيکاريو. جنهن سلام پڙهي سندس همت افزائي ڪئي. بزمِ مشاعره لاڙڪاڻي طرفان مليل مصرع طرح ”يا الٰهي تا قيامت شل هجان دلبر سان گڏ“ تي ميرزا ’ڪوثر‘ سلام چيو هو، جيڪو پاڻ ميرزا حامد علي کي ڏيندي چيو ته هاڻي هِن طرح تي اوهان
 

ميرزا حامد علي بيگ پيريءَ ۾

به طبع آزمائي ڪريو. پوءِ انهيءَ طرح تي ’حامد‘
سلام ۽ غزل ٺاهي ميرزا ’ڪوثر‘ کي ڏيکاريا، جنهن انهن ۾ اصلاح ڪري ڏنا. پوءِ هِن اِهي ٻئي شعر اچي ميرزا ’مظفر‘ کي ڏيکاريا
. جنهن ان طرحي مصرع تي امام بارگاهه علي آباد ۾ مشاعرو ڪرايو، جنهن ۾ ميرزا حامد علي، ’منظور‘ تخلص سان پنهنجو چيل پهريون غزل پڙهيو:

 

 

يا الٰهي تا قيامت شل هجان دلبر سان گڏ،

۽ هجي دلبر سدا مون بيڪس و بي پر سان گڏ.

 

اڄ غزل خوان گڏ ٿيا بزمِ فتح ۾ واهه وا،

’مشتري‘ ’سلطان‘ ’مظفر‘ ’عاشق‘ و ’ڪوثر‘ سان گڏ.

 

تشنگي ويندي لهي سيراب ٿي ويندس تڏهن،

حشر ۾ ’منظور‘ هوندس ساقئ ڪوثر سان گڏ.

 

ميرزا حامد علي پهرين دؤر ۾ ساقي‘ ۽
’منظور‘ تخلص سان شعر چيو. پر پوءِ ’حامد ئي پنهنجي هر شعر ۾ بطور تخلص جي قائم رکيو. هِتي ”بزمٖ فتح“ جو مختصر ذڪر ڪرڻ لازمي سمجھان ٿو، جو ميرزا ’حامد‘ جيئن ئي شعور ڀريو ٿيو ۽ شعر چوڻ شروع ڪيو، ته هن پهرين
بزمٖ فتح طرفان ڪوٺايل غزل جي مشاعري ۾ پنهنجو غزل پڙهيو.

بزمِ فتح جيڪا فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر جي درٻار ۾ ٿيندڙ مشاعرن کانپوءِ حيدرآباد جي ٻي محفل ِ مشاعره جي بزم هئي. هيءَ بزم سنڌ جي مشهور مرثيه نگار ۽ مرثيه خوان ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ 1850ع ۾ پنهنجي تعمير ڪرايل امام بارگاهه علي آباد ۾ قائم ڪئي. جتي محفلن ۽ مشاعرن ۾ فقط حمد، نعت، قصيده ۽ سلام پڙهيا ويندا هئا، پر سال 72/1870ع  ڌاري سيد غلام محمد شاهه ’گدا‘ جي چوڻ تي ’بزمٖ فتح‘ طرفان غزليه مشاعره به ٿيڻ شروع ٿيا. جنهن ۾ گدا شاهه جي بيحد اصرار ۽ خواهش تي ميرزا فتح علي بيگ جي ٻن پُٽن ميرزا غلام حيدر بيگ ’قنبر‘ ۽ ميرزا قاسم علي بيگ غزل چوڻ ڏي توجهه ڏنو. اهي غزليه مشاعره ميرزا غلام حيدر بيگ جي اوطاق جيڪا ٽنڊو آغا ۾ آغائي سيدن جي مسجد جي اُڀرندي طرف هئي، اُن ۾ ٿيندا هئا، جتي آخوند محمد قاسم هالائي، فقير محمد عاجز، غلام محمد شاهه گدا، ميان امام علي ’رهي‘، سيد غلام مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي ٺٽوي‘ ۽ ٻيا شاعر شريڪ ٿيندا هئا. پوءِ ميرزا ٻڍل بيگ ۽ ميرزا دوست محمد بيگ پڻ انهن مشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا. اهي مشاعره 1905ع ۾ سيد غلام محمد شاهه گدا ۽ ميرزا قاسم علي بيگ جي انتقال ڪري وڃڻ بعد ختم ٿي ويا. پوءِ سال 1906ع کان 1916ع تائين ميرزا ٻڍل بيگ پنهنجي اوطاق ۾ غزليه مشاعره ڪرايا. اِهو غزليه مشاعرن جو سلسلو چڱي جاءِ والاري ويو ۽ نتيجي ۾ هِن خاندان ۾ ميرزا ٻڍل بيگ، ميرزا دوست محمد بيگ، ميرزا قربان علي بيگ، ميرزا امام علي بيگ، ميرزا حسين علي بيگ، ميرزا گل حسن ’احسن ڪربلائي‘، ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘، ميرزا حامد علي بيگ، ميرزا عباس علي بيگ، ميرزا عاشق علي بيگ، ميرزا غلام عباس بيگ ’وفا‘، ميرزا سلطان حيدر بيگ، ميرزا سڪندر علي بيگ ۽ ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘ جھڙا باڪمال سخنور غزل جي ميدان جا ڪامياب شهسوار ثابت ٿيا. راقم الحروف به پنهنجي انهن بزرگن جي نقش قدم تي هلندي صاحبٖ ديوان شاعر آهي.

هاڻي واپس اچون ٿا ميرزا حامد علي جي غزل گوئيءَ طرف. سال 72_1971ع ڌاري سيد احسن الهاشمي ٽنڊو آغا ۾ اچي رهيو ۽ پراڻي تعلقات جي بِنا تي هي به امام بارگاهه علي آباد ۾ ٿيندڙ محفلن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو. جيئن ته هاشمي صاحب پاڻ خود به بهترين شاعر هو ۽ اسان جي خاندان جا اهل قلم بزرگ پڻ سخن شناس هئا، جنهنڪري احسن الهاشمي جي شرڪت ڪرڻ سان به مذهبي توڙي غزل جا بهترين ۽ يادگار مشاعره ٿيا. انهن ۾ هڪڙو غزليه طرحي مشاعرو جناب مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن جي طرحي مصرع مخدوم صاحب هيءَ ڏني:لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾“. اِن مصرع طرح تي ’حامد‘ جو غزل پڙهو: 

غلط آهي اگر آهي گمان ۾،

سوا هُن جي نه ڪجھ آهي جھان ۾.

 

اثر اهڙو ٿيو آهه و فغان ۾،

لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾.

 

پڇيو هُن حال، مُرڪي مون چيو هيئن،

گذاريان روز و شب آهه و فغان ۾.

 

گِران ڏاڍو گذاريم عشق ۾ وقت،

سوا تنهنجي نه ڪجھ آيو گمان ۾.

 

گلشن ِ شاعريءَ ۾ ’حامد‘ جي غزل جي گلن تڏهن ٽِڙڻ شروع ڪيو، جڏهن هُو بزمٖ خليل جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي طرحي ۽ غير طرحي غزل پڙهڻ لڳو ۽ سندس غزلن جي خوشبوءَ چمنستانِ غزل کي معطر ڪري ڇڏيو. زمٖ خليل‘ جو باني ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ هو، جنهن سال 1948ع ۾ هي بزم قائم ڪئي. ’بزمٖ خليل طرفان مليل طرحي مصرعن تي ميرزا ’حامد‘ جي چيل غزلن ۾ رواني ۽ مصرع طرح تي گرهه لڳائڻ جو اندازِ بيان ته ڏسو:

”دست ِ ساقي مان ڪِريو جام خدا خير ڪري“

دستٖ ساقي ۾ ٿيّو جام خدا خير ڪري،

ڪيئن پِيئان آءٌ مَئي گلفام خدا خير ڪري.

 

مست نظرن جو قسم، حُسنٖ تبسم جو قسم،

پنهنجي هٿ ۾ مون وَتو جام خدا خير ڪري.

 

پنهنجي ويجهو ايندو ڏسندي مون کي يارو يڪ لخت،

دست ِ ساقي مان ڪِريو جام خدا خير ڪري.

 

منتظر جنهن جي لئي ’منظور‘ هيس سالن کان،

گهر سندم آيو سو گلفام خدا خير ڪري.

 

”هوا بدلي وئي آهه اڄ زماني جي“

نشاني پنهنجي مَٽائي مون آشياني جي،

چُمي مون چونٺ اچي تنهنجي آستاني جي.

 

ويو هُئين ڪلهه تون روٽري ڪلب ۾، اڄ

ڀلي هليو وڃ دعوت ٿئي جيم خاني جي.

 

زماني ساڻ هلڻ گهرجي هاڻ جو ’منظور‘،

هوا بدلجي وئي آهي اڄ زماني جي.

 

”هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي“

افسوس مليو مون کي ڪو همراز نه آهي،

ڪنهن ساڻ سَليَم دل جو تڏهن راز نه آهي.

 

پُر سوز ٻُڌي منهنجو ته آواز چو بلبل،

هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي.

 

هر حال ۾ تو ساڻ وفادار رهيو آ،

’منظور‘ مٺا، يار دغا باز نه آهي.

 

”مستي ۾ آهي ساقي گردش ۾ جام آهي“

بزمٖ خليل ۾ اڄ هيءَ ڌُوم ڌام آهي،

مستي ۾ آهي ساقي گردش ۾ جام آهي.

 

رندن کي پيئڻو اڄ ڪوثر جو جام آهي،

بزمٖ خليل ۾ ٿيّو جو انتظام آهي.

 

’حامد‘ ڪلام آهي رنگين تنهنجو بيشڪ،

رنگين تنهنجو بيشڪ حامد ڪلام آهي.

 

”شمع وانگر ڪو ٻَري رات گذاري ته سهي“

وصل جي رات صبر سان ڪو گذاري ته سهي،

وصل جو صبح اهو شڪر سان گهاري ته سهي.

 

هي صدا آئي ٿي پرواني جي محفل ۾ ڏسو،

شمع وانگر ڪو ٻَري رات گذاري ته سهي.

 

يار قاصد کي چيو آئون اچان پيو، پنهنجو،

چئج ’حامد‘ کي اڱڻ پهرين ٻهاري ته سهي.

7- جولاءِ 1955ع ۾ بزمٖ خليل طرفان منظور نقوي جي ڏنل مصرع طرح تي سيد منظور نقوي جي مطب ۾ مشاعرو ٿيو.

جيئن ته اصناف سخن مان ميرزا صاحب جو غزل سان چاهه هو ۽ کيس ڪيترن ئي سنڌي ۽ اردو جي شاعرن جا غزل برزبان ياد هئا. جڏهن هن پاڻ خود غزل چوڻ شروع ڪيا، تڏهن غزل ۾ پنهنجي دلي جذبات جو کليل اظهار ڪيو آهي:

جفا ڪري يا دغا ڀَل ڪري مگر ’حامد‘،

مون کي ٿي پنهنجي پرين جي رهي پَچار اڃان.

 

جڏهن هن جا غزل پڙهجن ٿا ته اِهوئي محسوس ٿئي ٿو، ته هن واقعي غزل کي غزل جي ئي شايانِ شان لکيو آهي ۽ پنهنجي همعصر غزل گو شاعرن ۾ ساڻن ڪلهوڪلهي سان ملائي نمايان نظر اچي ٿو. سندس غزل ۾ سادگي ۽ رنگيني ته ڏسو:

دعا اِها ئي زبان تي ٿي بار بار اچي،

خدا ڪري ته اَڱڻَ موٽي منهنجو يار اچي.

 

اثر هي آههَ جو منهنجي جو هُو چوي وَتندو،

خبر نه آهي ڇو دل کي نه ٿو قرار اچي.

 

عشق جي چوٽ لڳڻ بعد پرينءَ جي ياد ۾ ويراڳ جا پار اوسارڻ به غزل جو هڪ جُز آهي. ’حامد‘ وٽ تغزل جو اهڙو منفرد انداز هِن رنگ ۾ ملي ٿو:

پَون پُور پَل پَل پرينءَ جي پَسڻ جا،

نه گذرن ٿا پَل هي ڏکن جي سَهڻ جا.

 

وِهامي وئي وصل جي رات ليڪن،

نه آثار ظاهر ٿيا هُن جي اچڻ جا.

 

لڳي عشق جي چوٽ آهي ٿيا مون لئي،

ڏکيا ڏينهن جيئڻ جا ۽ سنهنجا مرڻ جا.

 

هِن ئي غزل ۾ مطلبي يارن جو شڪوه ڪندي:

وئي يارَ يارن منجھان نڪري ياري،

رهيا بس رڳو کائي پي مَٽڻ جا.

 

وري اِن ئي غزل جي مقطع ۾ يار کي هينئر ئي وڃڻ جا سانباها ڪرڻ لاءِ هيئن ٿو چوي:

هينئر ئي ته آيو تون ’حامد‘ ڏي آهين،

نه سانباها ڪر جلد جاني وڃڻ جا.

 

هِتي ’حامد‘ جي غزلن مان چونڊ غزلن جو انتخاب ڏجي ٿو:

ڏٺو آهي توکي مون هر انجمن ۾،

انهي روپ ۾ ۽ انهي پيرهن ۾.

 

گل و خار اٽڪي پيا پاڻ ۾،

پياري پرين سان جو آيس چمن ۾.

 

مظفر ۽ ڪوثر سخندان سخنور،

ٿو سِڪو هلي جن جو مُلڪ سخن ۾.

 

مون کي ڇو نه ’منظور‘ ٿي ناز ان تي،

نه ثاني ٿيو جنهن فهم ِ فطن ۾.

*

نهان درد فرقت ٿيو چشمِ تَر ۾،

جگر ۾ جگر ۾ جگر ۾ جگر ۾.

 

جا ٿي سونهن رشڪ ِ قمر ۾ سا ناهي،

قمر ۾ قمر ۾ قمر ۾ قمر ۾.

 

جا ’حامد‘ جي خوبي اکين جي سا ناهي،

ڪڪر ۾ ڪڪر ۾ ڪڪر ۾ ڪڪر ۾.

*

عجب ناز انداز آهن سڄڻ جا،

اُٿڻ جا ويهڻ جا اچڻ جا وڃڻ جا.

 

هي عشق و محبت هي قربت هي فرقت،

فقط راز دردن جي آهن سَهڻ جا.

 

هينئر ئي ته آيو تون ’حامد‘ ڏي آهين،

نه سانباها ڪر جلد جاني وڃڻ جا.

*

’حامد‘ شاعريءَ جو آغاز 1940ع کان ڪيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي اثاثي ۾ حمد، نعت، منقبت، قصيدا، سلام، نوحا، مرثيه، غزل ۽ ڪجهه قطعات بطور يادگار ڇڏيا آهن. پاڻ امام بارگاهه علي آباد ۾ ٿيندڙ هر طرحي ۽ غيرطرحي مذهبي ۽ ادبي مشاعرن ۾ آخري وقت تائين باقاعده پنهنجا شعر پڙهندو رهيو. هُو ڪڏهن ترنم ۾ ته ڪڏهن تحت الفظ شعر پڙهندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org