ايم.حنيف لغاري
ٽنڊوالهيار
ولي محمد طاهرزادو
محترم ولي محمد طاهرزادو صاحب هڪ ناميارو اديب،
سنڌي زبان جو ڄاڻو، جاکوڙي انسان، بهترين اُستاد،
سچو سماجي ڪارڪن هو.
سنڌي لوڪ ادب جي ڪَک پن کي سونهاري سنڌ جي ڪُنڊڪڙڇ
مان ميڙي، سهيڙي ۽ رات ڏينهن پيرين پيادو هلي، لوڪ
ادب جا انمول موتي گڏ ڪيائين. هُو ٽنڊي الهيار جو
هيرو موتي ته ڇا پر، سڄي سنڌ جي سڃاڻپ هو.
پاڻ جڏهن نوڪري سانگي سنڌي ادبي بورڊ سان لاڳاپيل
هو ته ان عرصي دوران سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختلف
صنفن کي يڪجا ڪرڻ ۾ جيڪو پاڻ پتوڙيائين ۽ اڻٿڪ
محنت ڪيائين ان لاءِ سدائين هي سنڌي سماج سندس
احسانمند رهندو.
جيڪڏهن ڪو اهو ڏسڻ ۽ پرکڻ چاهي ٿو، پوءِ اهو عالم
هجي، اديب هجي، شاگرد يا عام ماڻهو جيڪو پنهنجي
ڪلچر ۽ تهذيب سان دلچسپي رکندڙ هجي. ته ولي محمد
طاهرزادو ڪيڏي وڏي ادبي قد ڪاٺ جو انسان هو ته هو
سندس وفات کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل
سندس ڪتاب ’سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو‘ ضرور مطالعو
ڪري. هيءَ هڪ شاندار تحرير آهي، جيڪا نه رڳو سندس
زندگيءَ جي گهاريل گهڙين جو سَرمايو آهي پر علم جي
اُڃايلن لاءِ هڪ مشعلِ راهه آهي. سندس همعصر اديب،
يار دوست ته گهڻا هي جهان ڇڏي چڪا آهن، پر آءٌ
انهن کي به سندس يار سڏيندس، جيڪي سندس علمي، ادبي
۽ قلمي پورهئي جي چشمي مان پنهنجي اُڃ اُجهائيندا
رهن ٿا.
اها به قسمت جي ستم ظريفي چئجي جو سندس ڪيترائي
مضمون، اڻ ڇپيل ڪتاب ۽ ٻيو علمي مواد 2010ع واري
ٻوڏ جي نظر ٿي ويو. اهو ولي محمد جنهن کي ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ پَل پري نه ڪندو هو ۽ ادبي کيتر ۾
هميشه پنهنجو ٻانهن ٻيلي رکيائين، تنهن کي اسان
بيقدرن گُمنام بنائي ڇڏيو واه زمانه تنهنجا رنگ.
سندن فرزندن مان آءٌ اها اُميد رکندس ۽ گڏ ڪري کين
عرض به ڪريان ٿو ته عظيم پيءُ جا پُٽ هجڻ جي ناتي،
سائينءَ جي ادبي ڪم کي ڇپايو ۽ وڏي پيماني تي ٽنڊي
الهيار ۾ سائينءَ جي ورسي ملهائي فرض به نڀايو ۽
پنهنجي ڪُلهن تان قرض جو بار به هلڪو ڪريو.
سائين ولي محمد نه رڳو هڪ ليکڪ بلڪ گهڻ رخي شخصيت
رکندڙ انسان هو. پاڻ وڏو سگهڙ بهترين صحافي ته هئو
ئي، مگر ماڻهن جا ڪم ڪرڻ، مسڪينن جي مدد ڪرڻ، انهن
جي ڏکن سورن جو ساٿي بنجڻ ته ڄڻ سندس مٿي جي ڀري
هئي. پاڻ ٽنڊي الهيار جو ڄڻ، مسڪين جهان خان کوسو
هو. ٽنڊوالهيار ۽ ڀرپاسي کي بنيادي سهولتون ڏيارڻ
لاءِ ٿيلهو هر وقت درخواستن سان ڀريو پيو هوندو
هوس.
بنا معاوضي جي سماجي ڀلائي جو هلندڙ گهُمندڙ ادارو
هن سنڌي ادب جو هي ستارو 11 مارچ 1915ع ۾ سنڌ جي
سماواتي پرڳڻي جي ٽنڊي الهيار شهر جي ميمڻ پاڙي ۾
پيدا ٿيو.
سائينءَ جي ڄم جي تاريخ سندس ڪتاب ’سنڌ جو لوڪ
ثقافتي ورثو‘ جي پوئين صفحي تي (بيڪ پيچ) جيڪو
محترم عبدالحفيظ قريشي طرفان لکيل آهي. ان ۾ سال
1928ع لکيل آهي، جيڪا شايد غلطي سبب لکجي ويئي
آهي، راقم وٽ سائينءَ جي هٿ اکرن ۾ جيڪو سن لکيل
آهي سو 1915ع آهي ۽ گڏوگڏ 1990ع ۾ سائينءَ لکيو ته
هن وقت منهنجي ڄمار 76 ورهيه آهي. ان حساب سان
جيڪو سَن بيهي ٿو سو 1915ع آهي. سندن والد صاحب جو
نالو محمد طاهر هو ۽ ذات جا قمبراڻي شيدي هئا.
سندن نُک ۾ ٻه ٽي طاهرزادا بزرگ ٿي گذريا آهن.
تنهنڪري پاڻ قمبراڻي يا شيدي بجاءِ طاهرزادو سڏائڻ
کي وڌيڪ اهم ۽ فضيلت ڀريو سمجهيائون.
پاڻ اڃا ننڍي ڄمار جا ئي هئا ته سندن ڏاڏي ’آمي‘
(آمنت) کيس زوريءَ جهلي ٽنڊي الهيار جي مُلا مڪتب
2 ۾ داخل ڪرايو، جيڪو مرحوم حافظ لونگ (حميدالدين)
هلائيندو هو. کين زوريءَ داخل ڪرائڻ جو به هڪ ڪارڻ
هو سو اهو هو ته، سندس چاچو نالي محمد ٻارهن سالن
جي عمر ۾ ڳاهوري واهه ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو هو
۽ سائين ولي محمد کي به انهيءَ واهه ۾ وهنجڻ جي
عادت پئجي ويئي هئي. سندن ڏاڏي کي پنهنجي پٽ جو
گهاوَ ڪونه وسريو هو. سو خوف وچان کيس مڪتب ۾
ڇڏيائين ته جيئن سندس اها عادت بدلجي وڃي.
پاڻ ان مڪتب ۾ ست سال پڙهيو ۽ ڏينهن رات اتي ئي
پاڻ قرآن پاڪ جا پنج پاره ياد ڪيائين ۽ باقي قرآن
شريف ناظره پڙهيو. جنهن کان پوءِ سندن والد صاحب
کيس سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ ڇهين درجي مان ئي
ورنيڪيولر فائينل جو امتحان حيدرآباد سينٽر مان
ڏنائين ۽ ٽي سؤ اميدوارن مان پاڻ 28 نمبر تي سال
1930ع ۾ پاس ڪيائين. ان وقت اسڪول جو هيڊماستر
مولوي شيخ قادر بخش ٽنڊي سومري وارو هو، جيڪو سندن
استاد پڻ هو ان کان نه رڳو سنڌي پر نماز جون
سورتون معنى سميت ۽ فارسي ڪتاب ”دووايه“، سه وايه،
ڪريما، مامقيما، پندنامه ۽ گلستان تائين جي تعليم
پڻ ڪاميابيءَ سان حاصل ڪيائين. ۽ ساڳئي سال يعني
1930ع ۾ سندن والد صاحب هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
سائين ولي محمد وارا پاڻ ۾ چار ڀائر هئا: (1) ابن
(عارب) (2) سائين ولي محمد (3) عبدالغني (4) محمد
مبارڪ. اَبن ٽانگو هلائي گهر جو خرچ به پورو ڪندو
هو ۽ ڀائرن کي پڙهائڻ جو خرچ به ڏيندو هو ۽ حال
سارو سندن والده پڻ هٿ پير هڻي گهر هلائيندي هئي.
سڄو خرچ وڏي ڀاءُ تي هئڻ باعث حالات ڏاڍا ڏکيا ۽
تنگ دستي وارا رهندا هئا، سو فائينل جو امتحان پاس
ڪرڻ کان پوءِ سائين ولي محمد ماستريءَ جي نوڪريءَ
جي حصول لاءِ ڏاڍي ڊُڪ ڊوڙ ڪئي، پر کيس ان ۾
ڪاميابي نه ملي سگهي، جنهن مڪتب ۾ پاڻ پڙهيو هو ان
کي مرحوم حافظ لؤنگ جي وفات کان پوءِ مرحوم حافظ
هاشم هلائڻ شروع ڪيو ۽ مڪتب کي گورنمينٽ طرفان هڪ
نائب ماستر مليل هو، جيڪو ٽي مهينا موڪل تي وڃڻ
سبب، هيڊ مُعلم حافظ هاشم سائين ولي محمد کان
درخواست وٺي ان موڪل واري تاريخ کان حاضري ڄاڻائي
نوٽ هڻي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انيپسڪٽر (جيڪو ان وقت
مڪتبن جو آفيسر هو) کي لکيو ته ٽن مهينن لاءِ ولي
محمد کي هن مڪتب ۾ مقرر ڪيو وڃي. انسپيڪٽر اها
درخواست منظور ڪئي ۽ سائين مڪتب ۾ مقرر ٿي ويو.
ان وقت ماهوار پگهار صرف 16 روپيه سائينءَ کي
ملندا هئا. ٽن مهينن جي مدت پوري ٿيڻ کان پوءِ
سائين کي بدلي ڪري محمد ابراهيم قاضيءَ جي گهُرَ
تي ڳوٺ مُبارڪ جروار مڪتب ۾ مقرر ڪيو ويو. اهو
ميين صاحبن جو مڪتب هو. سائين شهري ماڻهو سو هَر
ڇنڇر شام جو ٽنڊي الهيار ايندو هو ۽ سومر ڏينهن
صبح سوير نوڪري تي هليو ويندو هو. ڪامارو شريف
اسٽيشن تي لهڻ کان پوءِ مبارڪ جروار يا ته اُٺن تي
وڃبو هو يا وري پيادل. سو سرندي وارا ته اُٺن تي
هليا ويندا هئا، سائين ويچارو جنهن جو پگهار ئي
-/16 روپيا هو سو پڪا چار ميل پنڌ ڪري وڃي مڪتب
پهچندو هو. هفتي ۾ ٻه ڀيرا انهيءَ پنڌ سائين کي
ڪَڪ ڪري وڌو. سو، چيائين ته ٻيلي جيڪڏهن ڪنهن سنڌي
اسڪول ۾ نوڪري ملي وڃي ته اُت پگهار به -/20 روپيا
ملندي ۽ هن پنڌ مان به جند ڇُٽي پوندي. ان وقت
اسڪول ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جي ماتحت هوندا
هئا. محمد صديق ميمڻ هالا پراڻا وارو جڊيشل منشي
جيڪو سائين جي ناٺي جو پڳ مٽ يار هو، انهيءَ سائين
کان درخواست وٺي چيو ته محمد صالح ڀٽي جو گهر اسان
جي پاڙي ۾ آهي ۽ اهو اسڪولن جي مٿان سپروائيزر
آهي، ان کي چئي توکي نوڪري وٺي ٿو ڏيان، سو سائين
جي به هئي ڀلي. کيس 1933ع ۾ پهريون نوڪري جو آرڊر
مليو ۽ ان کان پوءِ پاڻ ٽنڊو الهيار ۾ بدين ضلعي
جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهايائون. پاڻ 1936ع ۾ ٽريننگ
ڪاليج فارمين حيدرآباد مان پهريون سال پاس ڪيائون
۽ ٻيو سال 1948ع ۾ پاس ڪيائون. انهيءَ وچ ۾ پاڻ
اسڪائوٽ ريفريش ڪورس ٽنڊي ڄام مان ۽ اسڪائوٽ ماستر
ڪورس جي تربيت هالا نوان مان ورتائون ۽ مولانا
عطاءُالله کان مجانيه الادب عربي جا چار ڪتاب پڻ
پڙهيائين.
پاڻ ماستريءَ سان گڏوگڏ سياست ۾ به خوب حصو
ورتائين ۽ 1940ع کان ئي سندس طبيعت جو لاڙو سياست
ڏانهن مائل ٿيو. هي اهو زمانو هو جڏهن مسلم ليگ
مسلمانن لاءِ جدا ملڪ جي تحريڪ هلائي رهي هئي ۽
گورو انگريز هندستان تي حڪمران هو. سائين ان وقت
نوڪري جي پرواهه ڪرڻ بنا، انگريز خلاف ۽ آزاديءَ
جي حق ۾ اسٽيجن تي طوفاني تقريرون ڪرڻ لڳو تقرير ۾
اصل واڄٽ وڄائي ڇڏيندو هو. انهيءَ سبب تعلقي ٽنڊي
الهيار (اڄ ضلع) جي مسلم ليگي ميمبرن کيس پنهنجو
صدر چونڊيو، يعني ماستري ۽ سياست گڏوگڏ هلندي رهي.
سياسي سفر ۾ کيس ميان نورمحمد نظاماڻي ٽنڊي سومري
واري طرفان نڪرندڙ هفتيوار اخبارن پڙهڻ جو موقعو
ملندو رهيو. نظاماڻي صاحب پڻ انقلابي ذهن جو ماڻهو
هو سندس پهرين اخبار ”نورِ اسلام“ جي ڊڪليريشن رد
ٿيڻ باوجود ’طيراً ابابيل‘ ۽ پوءِ ’مُرغ فَلڪ‘
اخبارن ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي جو عَلم بلند رکيائين.
جيئن ته سائين ولي محمد هڪ عوامي خدمتگار ۽ سماجي
ڀلائيءَ واري سوچ رکندڙ ماڻهو هو، سو جڏهن پاڻ
مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ته سندس دماغ ۾ اُها سوچ
پيدا ٿي ته ڇو نه هڪ اهڙو ريلوي رستو يعني ريل
هجي، جيڪو ٽنڊي الهيار کان شروع ٿي ڄارڪي، چمبڙ،
گلاب لغاري، صابَن دستي، ٽنڊو غلام علي، حاجي
سانوڻ نوتڪاڻي، راڄو خاناڻي، گولاڙچي، ٽنڊوباگو،
باگراڻي، پنگريو، نندو شهر کان ڦري وڃي بدين سان
ملي ته وچ وارا اهي علائقا پاڻ ۾ ڳنڍجي وڃن.
اها ته هئي سائين جي سوچ! ۽ خلوص مگر اهو ڪم ڪو
ايڏو آسان نه هو جو رات وچ ۾ ٿي وڃي. مگر هن فقير
جي سچائي تي ڪهڙو شڪ ڪجي. وٽس نه هئي ڪار نه موٽر
صرف هڪ ڀڳل اڌوري سڌوري سائيڪل وٽس هئي.
سو آچر ڏينهن دستخط مهم لاءِ ان تي چڙهي ڳوٺ ڳوٺ ۾
ويندو هو ته بابا صحيحون ڏيو توهان کي ريل ٿو
منظور ڪرائي ڏيان، سو صحيحن سان ڪاغذ ڪارا ڪري
ڇڏيائين. پاڻ سادو ۽ صاف دِل انسان هو سمجهيائين
پئي ته صحيون وٺي دنگ ڪريان ته، اجهو ريل منظور ٿي
ويندي انهيءَ مُهم تي جڏهن ٽنڊي غلام علي شهر پهتو
ته اول مير بنده علي جي والد ميرمحمد حسن کان صحيح
وٺڻ لاءِ وٽس ويو ۽ ساڻس پورو سربستو احوال ڪيائين
ته مير صاحب چيو ته ريل سان گڏ هتي پيناڪ ايندا،
بيمار ايندا، چوريون وڌنديون، اسان کي ماڻهو بيزار
ڪندا، ڳوٺ اسان جي وس (ڪنٽرول) مان نڪري ويندو.
پاڻ اسڪول جي هيڊ ماستر ميان صُحبت علي لغاري سان
مليو، پنهنجي مقصد ۽ ساڻس ٿيل وارتا بيان ڪيائين،
جنهن چيو پاڻ هلون ٿا مير بنده علي جي مامي مير
محمد بخش وٽ جيڪو ڏاڍو لحاظي ماڻهو آهي، ماڻهن تي
اثر به اٿس، جڏهن ان وٽ پهتا ته هُو ساڻس فضيلت
سان چڱي ريت مليو، حقيقت به غور سان ٻڌائين، خوش
به ٿيو، ڏاهو زماني جو ماڻهو هو، کيس حڪومتي
معاملن جي به سُڌ ٻڌ هئي.
سوچيائين ته ادا، ڳوٺاڻن جي انهن صحيحن مان ڪي به
ڪين ورندو توهان جي اها محنت اجائي آهي. جيستائين
ڪو وڏي پهچ وارو ماڻهو ڪامورن عملدارن وٽ لاهور
تائين ڊوڙون نه پائيندو، تيستائين ڪجهه به نه
ٿيندو. بس ان جي آگاهي ۽ سمجهاڻي کان پوءِ سائين
ولي محمد به انهيءَ ڪم کي پنهنجي وس کان وڏو
سمجهندي کڻي بس ڪئي.
بڪيرن ۾ مسلم ليگ جو ورڪ ڪرڻ ۽ محمد اسماعيل ٽانگي
واري کي شهر جو مسلم ليگ جو صدر چونڊائڻ جي ڏوهه ۾
کين ’امام واهه‘ جاگير بدلي ڪيو ويو. اُتي ئي ٽي
مهينا پڙهائڻ کان پوءِ سائين ولي محمد صاحب ٽن
مهينن جي موڪل جي درخواست آفيس کي اُماڻي ڳوٺ ٽنڊي
الهيار آيو ته ويهن ڏينهن کان پوءِ کيس هڪ ليٽر
اچي مليو ته تو بنا موڪل اسڪول ڇڏي حڪم جي انحرافي
ڪئي آهي. تنهنڪري توکي معطل ڪيو ويو آهي. طاهرزادي
صاحب مٿين آفيسرن کي انهيءَ ماجرا بابت لکيو مگر
ڪوبه تدارڪ ڪونه ٿيو.
سائين وري پير غلام رسول شاهه ڏي ويو، جنهن کيس
مسلم انشورنس ڪمپنيءَ ۾ نوڪري وٺي ڏني، مگر
انشورنس ۾ ماڻهن جي دلچسپي نه ڏسي بيزار ٿي اها به
ڇڏي ڏنائين.
اليڪشن 1954ع جي سلسلي ختم ٿيڻ کان پوءِ سائينءَ
کي هڪ فائدو اهو پهتو ته سندس عوامي مقبوليت ۽
ماڻهن ۾ سندس لاءِ عزت وارو انداز ڏسي مرحوم حاجي
يعقوب کيس پنهنجي ڦُٽين جي ڪارخاني ۾ پريس ڪلارڪ
ڪري ملازمت ۾ رکيو. جڏهن ڦُٽين جي سيزن پوري ٿي ته
حاجي محمد يوسف کيس ميونسپالٽيءَ ۾ سينيٽري
انسپيڪٽر جي عارضي نوڪري تي مقرر ڪرايو ۽ ائين
سائين جا ڪجهه ڏينهن بهتر بسر ٿيڻ لڳا. جيئن ته
انهن ڏينهن ۾ دڪاندارن تي سختي هوندي هئي ته هُو
ڪنٽرول تي ڏنل شين جي درست مڪمل حساب ڪتاب پاڻ وٽ
رکن، تنهنڪري حاجي غلام حسين لالا جنهن جو شهر ۾
پسارڪو دڪان هو تنهن رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ ولي محمد
صاحب کي ڳچ ڏينهن پاڻ وٽ رکيو. ان کان پوءِ پاڻ
احمد هاشماڻي جي ڪپڙي جي دڪان تي پڻ ساڳئي مقصد
يعني بل درست ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا رهيا. سائين جاکوڙي
ته هوئي سو ڪنهن به پورهئي کي عيب نه سمجهندو هو،
پاڻ غلام رسول ميمڻ جي آرا مشين تي به ڪجهه وقت ڪم
ڪيائين جٿي روز جي بنياد تي سائين کي مزدوري پگهار
ملندو هو. اهي سڀ پورهيا عارضي ۽ ڇوٽ مزدوري جنهن
کي ڇتوري پورهيو چوندا هئا.
خبر نه آهي ته ڪيئن پر مختيارڪار ڪرم الله ميمڻ
سائين کي کنڊ جو ڊيپو ڏنو ۽ جيڪو پاڻ فقط هڪ سال
هلائي سگهيو. سندس عوامي طبيعت سبب کيس اهو به
ڇڏڻو پيو ڇو ته ڪامورن جون رسايون سندس وس جي
ڳالهه نه هئي.
سو سائين وري وڃي پير غلام رسول جو پاسو ورتو.
جنهن کيس سيد محمد حسن شاهه عرف ڀورل شاهه رضوي وٽ
منشي ڪري رکرايو، اڳتي هلي ان نوڪري کي به
ڇڏيائين. هڪ ڀيري سندس ذات برادري جي ماڻهن پاڻ ۾
صلاح ڪئي ته سندن اڍائي سؤ پڪا ووٽ آهن جيڪي غيرن
کي ڏيندا آهن، ڇو نه پاڻ مان ماڻهو بيهارجي سو
کڻي. ميونسپل ڪائونسلريءَ لاءِ سائين ولي محمد کي
اميدوار بيهاريائون ۽ پاڻ ڪامياب ٿي ويو ۽ ان کان
پوءِ صدر ايوب جي دؤر ۾ بي.ڊي ميمبرن جي چونڊ ۾
پنهنجي وارڊ مان چونڊجي ذات وارن مائٽن ۽ ٻين
ماڻهن جي خدمت ڪيائين. جڏهن سيد بخش علي شاهه سنڌ
اليڪشن ۾ حصو ورتو هو تن ڏينهن ۾ سائين ولي محمد
هڪ هفتيوار اخبار (اليڪشن) جو ڊڪليريشن بحال ڪرايو
هو جنهن ۾ پاڻ سيد جي ڪارنامن ۽ تعلقي ٽنڊي الهيار
جي سماجي ضرورتن لاءِ عام ماڻهن جون همدرديون ۽
انهن ۾ ترقياتي ۽ اصلاحي ڪمن لاءِ سُڄاڳي پيدا ڪرڻ
لاءِ گهڻوئي ڪجهه لکندو رهندو هو. ماڻهن ۾ سجاڳي ۽
آگاهي مهم هلائيندو هو. لک شابسون هجن طاهرزادي کي
جو پرايا سور به پيو پنهنجا سمجهندو هو. بقول ڀٽ
ڌڻيءَ جي ته:
”الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.“
جن ڏينهن ’نئين زندگي‘ رسالو ڪراچي مان شايع ٿيندو
هو ۽ ليٿو ۾ ڇپبو هو تڏهن سائين ان ۾ هڪ مضمون لکي
موڪليو جنهن جو عنوان هو ”سسيءَ جي سِڪ ۽ سور“
جنهن ۾ هئي رڳي سندس ئي سورن ۽ ڏکن جي پچار ۽ سندس
ئي محرومين جو نقشو چٽيو هئائين. ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ صاحب ان رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ جو
ميمبر هو. سائينءَ کيس هڪ خط لکيو ته بيروزگار
آهيان ڪنهن ادبي اداري ۾ ملازمت ڏياريو. بلوچ صاحب
کيس موڪليو، مون تنهنجو مضمون پڙهيو آهي، مون کي
تنهنجي نرالي، نياري لکڻي پسند آئي آهي اميد ته
توکي ضرور ڪنهن اداري ۾ ملازمت ڏياريندس.
ڪجهه مهينن بعد بلوچ صاحب سائينءَ کي خط لکيو ته
کيس (يعني بلوچ صاحب کي) سنڌي ادبي بورڊ لوڪ ادب
گڏ ڪري ڇپائڻ لاءِ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو آهي. توهان
لوڪ ادب جي هر صنف، آکاڻيون، بيت، قصا، ڪهاڻيون،
ڳيچ، ساٺ، ڳيا، لوڪ گيت، مداحون، مناجاتون، منقبت،
مولود، پروليون، ڳجهارتون، گرچيلا، هُنر، ڏور ڏهس
يعني سينگار جا بيت ۽ ٻي جيڪا جنس سنڌي ادب ۾ ملي
سگهي ته گڏ ڪريو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي لوڪ ادب جي
آفيس ۾ ڏيئي 500 سٽن جا -/35 روپيا معاوضو وٺي
ويندا رهجئو. سائين به هو سڄاڻ ۽ محنتي انسان سو
تمام گهڻو لوڪ ادب گڏ ڪيائين، ڇو ته سندس گهڻي
ڀاڱي زندگي جو وڏو حصو ٻهراڙي ۾ گذريو هو ۽ لوڪ
ادب جو خزانو آهي ئي سنڌ جي ٻهراڙي ۾. توهان لوڪ
ادب جو ڪوبه ڪتاب ڏسندا ته حاشيه ۾ اڪثر ڪتابن ۾
ولي محمد طاهرزادي جو نالو ضرور ملندو.
پاڻ هڪ ڏينهن لوڪ ادب جو مواد جمع ڪرائڻ لاءِ ويا
ته کين محمد اسماعيل شيخ جيڪو انچارج پڻ هو ٻڌايو
ته توهان کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب هت ملازم ڪري رکيو
آهي. هتي ويهي ڇنڊڇاڻ ۾ مدد ڪريو ۽ توهان کي -/60
روپيا پگهار ملندو. سستائي جو دؤر هو سو سائين جو
ڪم مڙيئي چڱو ٿي ويو. ۽ اتي کيس محمد يعقوب ٽنڊي
ڄام واري، محمد طالب لوهار، ٽنڊي باگي واري ۽
ماستر رائچند هريجن چيلهار جهڙن ڄاڻو ۽ هوشيار
اديبن سان گڏجي ويهي ادب سهيڙڻ ۽ سينگارن جو موقعو
مليو ۽ سندس معلومات ۾ به پختگي ۽ واڌ آئي.
ان وقت سندس ڪيترائي مضمون، تاثر ۽ ٻيا ليک اخبارن
۽ رسالن ۾ ڇپيا، جن ۾ مولانا عبدالحق رباني جو
رسالو ”الحق“ نئين زندگي، تحريڪ، اديون، مهراڻ،
بهار، انسان، عبرت، هلال پاڪستان، مهراڻ اخبار
قابل ذڪر آهن. سندس پنجاهه کن ڊراما، فيچر (خاص
ڪري ٻارن لاءِ) ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيا ۽ سنڌ
جي ريتن، رسمن بابت 13 کن اسڪرپٽ پاڪستان ٽيليويزن
ڪراچي تان نشر ٿيا نه فقط ايترو پر ٽي.وي لاءِ
ثقافتي شيون خريداري ڪري رکايائين ۽ سنڌالاجي ۾ پڻ
اهڙي قسم جون شيون موجود ڪري ڏيڻ لاءِ وڏو ڪردار
ادا ڪيائين ۽ ستم ظريفي ته ٽنڊي الهيار واسين کي
سندس قبر جي به سُڌ ڪانهي.
هاڻي ڪجهه ذڪر ٿي وڃي سندس همعصرن يعني سهوڳين جو:
1- حڪيم محمد عُرس صوفي (مرحوم) 2- سيد گل محمد
شاهه رضوي (مرحوم) جيڪو ڪو وقت ساڻس گڏ ماستر
رهيو. 3- سيد ولي حسن شاهه علوي سادات مرحوم، 4-
عبدالحميد سومرو تخلص ’منتظر‘ (مرحوم) 5- مولانا
عبدالحق رباني صاحب (مرحوم) 6- حاجي محمد صادق
ميمڻ (مرحوم) جن سان سندس رهاڻيون ۽ ادبي علمي
محفلون مچنديون هيون، سڀني جي گڏجڻ جو هنڌ گهڻو
ڪري سائين مٺن شاهه جو دواخانو هوندو هو. جتي
روزانو اخبارون اينديون هيون.
سائين مٺن شاهه راشدي جيڪو پڻ وڏو حڪيم ۽ هڪ برک
ڏاهو ملنسار ۽ يارويس انسان هو. سندس نالي سان اڳ
ڳوٺ مٺن شاهه ۽ هاڻي مٺن شاهه پاڙو آهي، جيڪو هاڻي
وچ شهر ۾ اچي ويو آهي.
سائين ولي محمد جي صحبتين ۾ رب پاڪ وڏي ڄمار عطا
فرمائي، مشهور عوامي شاعر سائين مرتضى ڏاڏاهي صاحب
کي پاڻ هر وقت سائين ولي محمد کي ساريندي لڙڪ لاڙي
وهندا آهن.
طاهرزادو صاحب جڏهن 1950ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ ماستر هو
ته سندس ڪچهريون محمد صديق مسافر سان گهڻيون
ٿينديون هيون، جيڪو ٽريننگ ڪاليج فارمين مان
رٽائرڊ استاد هو ۽ حيدرآباد ادبي سوسائٽي سان
لاڳاپيل هو.
شاعريءَ جي شوق بابت سائين پاڻ هڪ ڏاڍو دلچسپ
واقعو بيان ڪيو، جيڪو جيئن جو تيئن لکجي ٿو. سندس
ئي زباني ته فائينل پاس ڪرڻ کان پوءِ آءٌ گهڻو وقت
بيروزگار هئس اسان کي هڪڙو ٽانگو هو جو وڏو ڀاءُ
هڪليندو هو. هڪ ڏينهن هو ڪنهن دعوت تي ويو ۽ مون
کي چئي ويو ته گهوڙو سنجي ٽانگي ۾ ٻڌي اسٽيشن تي
ڀاڙي کڻڻ لاءِ وڃجانءِ. آءٌ سندس چوڻ موجب ٽانگو
ڪاهي صبح واري ريل گاڏي جيڪا ميرپورخاص کان نوين
بجي ٽنڊوالهيار پهچندي هئي ان مان لهندڙ پاسنجرن
جي انتظار ۾ هئس ته هڪ شخص جنهن جي نالي جي پوءِ
خبر پئي. ٿيلهو هٿ ۾ کنيو مون ڏئي آيو پڇيائين
ڇوڪرا ٽنڊي سومري هلندين، ڇا وٺندين؟ مون چيو هڪ
روپيو وٺندس. هن چيو هَل، پر واٽ تي حاجي محمد
پاٽولي سان ملڻو آهي ان کان ٿيندا پوءِ هلنداسين.
مون چيو ته چڱو. اسان حاجي محمد جي اوطاق تي
آياسين. پاڻ اندر گهڙيو ۽ چيائين ته ٽانگو اُت ڇڏي
۽ ٿيلهو کڻي منهنجي پٺيان اچ. (حاجي محمد پوءِ خان
صاحب ٿيو هو) اندر وياسين ته حاجي محمد هن کي ڀاڪر
پائي مليو ۽ چيو ته مخلص صاحب ڀلي ڪري آئيو.
ڳالهائڻ کان پوءِ مخلص صاحب هن کان مسلمان اخبار
جي چندي جي گهُر ڪئي. حاجي محمد چيو ته ترسو نيرن
کائو، جا تيار آهي. حاضر چندو به ڏيون ٿا. پوءِ
پنهنجي پٽ محمود کي چيائين ته سِگهو وڃ مخلص صاحب
لاءِ نيرن کڻي اچ. هُو سست هوندو هو، سو هَري هري
ويو ۽ آيو جنهن ۾ دير لڳي. مخلص هلڻ واري ڪري ته
هو روڪيو ڇڏيس ته نيرن اوس ڪندؤ. نيٺ نيرن آئي
حاجي محمد هاشم مخلص جا هٿ ڌئاريا ۽ کٽ تي ويٺو هڪ
ڍاڪون ڍڪيل آيو هو. هن ڍاڪونءَ جو ڍڪ لاٿو ۽ کن
ترسي في البديهه طرفة العين شعر چيائين:
”شڪر آهي الله جو، آيس نه مان ڪنهن ڊنب سان،
ڪڻڪ جون مانيون ٻه آيون هڪڙي انب سان“
ان جو مون تي ڏاڍو اثر ٿيو، پر مون کان وڌيڪ
ميزبان تي جنهن اخبار جو چندو پنجن روپين جو دان
ڏهه روپيا ڏيئي پنهنجي جند ڇڏائي. اسان پوءِ ٽنڊي
سومري ڏانهن ويندي حاجي محمد جي گهٻراهٽ تي کلندا
وياسين، مون کي خيال آيو ته آءٌ به ڇو نه شاعر ٿين
۽ مفت ۾ پنج روپيا ڪمائي وٺان. سو سائين ولي محمد
هڪ مسدس نظم ٺاهي، درستگيءَ لاءِ مسافر صاحب وٽ
کڻي ويو. مسافر صاحب ان ۾ معنى ۽ وزن جي لحاظ کان
ايتري ته ترميم ۽ اصلاح ڪئي جو اهو شعر لڳو ته ڄڻ
سائين ولي محمد جو نه، بلڪ مسافر صاحب جو آهي. ان
کان پوءِ پنهنجو اهو حال ڏسي طاهرزادو صاحب
شاعريءَ تان هٿ کڻي ويو.
سال 1962ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ’لوڪ ادب‘ جي ڪم
جون خدمتون ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان واپس ورتيون ته
سائين وري بيروزگاري جي وَر چڙهي ويو. مگر بلوچ
صاحب کيس تسلي ڏني ۽ ادبي بورڊ جي سيڪريٽري سائين
محمد ابراهيم جويي صاحب کي پارت ڪندي چيائين ته
ولي محمد چڱي ڄاڻ رکي ٿو کيس پاڻ وٽ کپايو. سائين
جويي صاحب کيس گهرايو ۽ چيائينس ته اسان سنڌي جامع
لغات ڇپائڻ گهرون ٿا ان ۾ ڪم ڪري سگهندين؟ سائينءَ
به هائوڪار ڪئي. جويي صاحب چيس ته ان ۾ اڃا ڪو وقت
دير آهي توهان پريس ۾ ميان علي بخش مئنيجر سان وڃي
ملو هو توهان کي ڪم ڏيندو. پوءِ سندس نالو رڪارڊ ۾
پروف ريڊر جونيئر طور لکيو ويو. ڇو ته سينيئر پروف
ريڊر يارمحمد پهنور صاحب موجود هو ۽ سائين کان
اُتاري جو ڪم ورتو ويندو هو.
کيس 6 گريڊ ڏنو ويو ۽ يارمحمد صاحب جي ڇڏي وڃڻ کان
پوءِ پروف ريڊر طور پنهنجون ذميواريون نڀائڻ لڳو.
کيس اهو به چيو ويو ته جلد توهان کي ’گُل ڦُل‘
ٻارن جي ماهوار رسالي جو ايڊيٽر يا ’مهراڻ‘ رسالي
لاءِ مددگار رکيو ويندو. پروف ريڊنگ مان سائينءَ
کي هڪ وڏو فائدو اهو پهتو ته کين جامع سنڌي لغات ۽
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي تفسير ۽ ڪشف المحجوب ۽
ڪيميائي سعادت جهڙن ڪتابن جي گهرائيءَ سان واقفيت
حاصل ٿي. سائين ادبي بورڊ ۾ پورا 25 سال نوڪري ڪري
سال 1989ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ان کان پوءِ پاڻ بجاءِ
واندو ويهڻ جي محمد صديق مسافر صاحب جي مشوري ۽
هدايتن تي عمل ڪندي قمبراڻي ۽ بلالي قوم لاءِ پاڻ
پتوڙڻ لڳو.
انهيءَ عظيم مقصد جي حصول لاءِ پاڻ 1952ع ۾ ماتلي
شهر ۾ پنهنجي برادري جي ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙاڪو
ڪوٺايائين، جنهن ۾ مسافر صاحب سندس ٻانهن ٻيلي هو
۽ پاڻ جماعت الحبش جو پايو وڌائون. جنهن ۾ محمد
الياس ماتليءَ وارو صدر جنرل سيڪريٽري سائين ولي
محمد چونڊيا ويا ۽ محمد صديق مسافر کي سرپرسته
اعليٰ مقرر ڪيو ويو. پوءِ جٿي جٿي حبشي قوم موجود
هئي اتي وڃي پئي پرچار ڪيائون.
علم کان سواءِ اونداهي آهي، بي علمي ڪري حبشين جو
تِر جيترو به مان ڪونهي ۽ انهن کي انسان ئي نٿو
سمجهيو وڃي کين همٿايو ۽ سمجهايو ته ڇوڪرا،
ڇوڪريون پڙهايو. اها هئي سندن پنهنجي قوم لاءِ
سجاڳي ۽ بهتري واري تحريڪ جنهن جو پاڻ سرواڻ هو.
جماعت الحبش جو منشور پڻ سائين پاڻ لکي ڇپائي
جماعت جي مختلف برانچن تائين پهچايو.
سائينءَ جو تمام وڏو ادبي مواد اڻ ڇپيل برساتي ٻوڏ
جي نظر ٿي ويو مگر ڪجهه ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان
ڇپايل آهن جن ۾ وتايو فقير، مئي 2005ع ڇاپو
پهريون، آکاڻيون ڊسمبر 2005ع ۾ لوڪ ادب جو شاهڪار
ڪتاب ’سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو‘.
سائين ولي محمد صاحب 1948ع ۾ شادي ڪئي کيس رب ڪريم
ٽن پُٽن ۽ ڇهن نياڻين جو اولاد عطا ڪيو، جن مان ٻه
نياڻيون ته هيءُ جهان ڇڏي چڪيون آهن باقي اولاد کي
ڌڻي وڏي ڄمار عطا فرمائي.
سائينءَ جي فرزندن ۾ وڏو پٽ محترم اتاليق الزمان
جيڪو ماتلي شهر ۾ رهائش پذير آهي ۽ مهراڻ شگر مل
ٽنڊوالهيار ۽ ٻين مختلف ادارن ۾ نوڪري ڪرڻ کان
پوءِ هاڻي رٽائرمينٽ واري زندگي بسر ڪري رهيو آهي.
محترم اغيث السلام ٽنڊي الهيار جو ناميارو وڪيل
آهي. ۽ محترم آلِ ولي بئنڪ جي نوڪريءَ مان
والنٽيرلي رٽائر ٿي هاڻي پنهنجي ذاتي ڪاروبار سان
وابسته آهي ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ئي سندس رهائش آهي.
هيءَ دنيا فاني آهي، هر ڪنهن کي هلڻو آهي، مرڻ حق
آهي.
سائين ولي محمد طاهرزادي صاحب 31 مئي 2006ع تي
هيءَ فاني دنيا ڇڏي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان
مليو. سندس آخري آرامگاهه ڪُنڍي وسين قبرستان
ٽنڊوالهيار ۾ آهي.
شال سدائين سنڌ جون مائرون اهڙا هيرا موتي
ڄڻينديون رهن.
محمد حسين ’قائم‘ سولنگي
ميرپورخاص
چٽوڙي- اميرانِ ميرپورخاص جو قبرستان
چٽوڙي قبرستان ميرپورخاص کان اُتر- اوڀر طرف کپرو
روڊ سان 13-14 ڪلوميٽر تي پراڻي ميرپور کان 7
ڪلوميٽر فاصلي تي هيءُ شهر خموشان سنڌ جي ماڻڪاڻي
ٽالپر حڪمرانن، علائقي جي اميرن، ”دٻي ۽ مياڻي جنگ
جي شهيدن ۽ تاريخي ڪردار وارين اهم شخصيتن جو آخري
آرامگاه آهي. هيءُ قبرستان پراڻي روينيو رڪارڊ ۾
64 ايڪڙ، بعد نئين رجسٽرن ۾ لڳ ڀڳ 35 ايڪڙ اراضيءَ
تي پکڙيل آهي.
انهيءَ قبرستان جي نالي بابت روايت آهي ته، اُتي
ويجهو ڍنڍ هوندي هئي، جنهن ۾ چِٽيءَ جا مَريض اچي
وِهنجندا هئا ۽ چڱا ڀلا ٿي ويندا هئا، اها شفا جو
ڪارڻ بڻي ۽ مشهور ٿي ويئي، هينئر اُها ڍنڍ پاڻيءَ
جي ننڍي ترائيءَ جي شڪل ۾ موجود آهي. اهڙي طرح هن
قبرستان جي بنياد بابت ٻي روايت ته، هي ڪلهوڙن جي
دور 1747ع ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي وقت جو ٻڌائين
ٿا. البته تاريخ ’اميرانِ سنڌ‘ جو مصنف مير حاجي
محمد بخش ٽالپر لکي ٿو ته، ماڻڪاڻي مير خاندان جو
جَدامجد مير مَسوخان جي تدفين سَن 1752ع مطابق
1167هه سان چٽوڙي قبرستان جو آغاز ٿيو. وڌيڪ لکي
ٿو ته، ڏيئو فقير لنجواڻي، پير نور شاهه قريشي ۽
مير مسو خان ٽالپر هڪ دفعي شڪار تي نڪتا ۽ اچي
چٽوڙي ميدان ۾ ڍاٻو ڪيائون ۽ چيائون ته، هيءُ
ميدان چِٽل آهي، انڪري پاڻ ۾ ٽنهي واعدو ڪيو ته،
هتي پنهنجو قبرستان قائم ڪنداسون ۽ پوءِ وصيت موجب
ٽنهي کي پنهنجي پنهنجي وقت تي هتي دفن ڪيو ويو.(1)
هن تاريخي قبرستان ۾ استعمال ٿيل ڳاڙهو پَٿر ميرن
پنهنجي صاحبي ۾ راجستان (انڊيا) کان ٻيڙين ذريعي
گهرايو هو ۽ اُنهن تي جيڪا چٽسالي ٿيل آهي، تنهن
لاءِ جوڌپور، بيڪانير ۽ جيسلمير مان ڪاريگر گهرايا
هئائون. جتي مير ٽالپرن جون 9 پيڙهيون آسوده خاڪ
آهن. هن قديم ماڳ کي اڍائي صديون اڳ جو ڪوٺيو ويو
آهي. هوڏانهن ميرپورخاص شهر جو بنياد 1806ع ۾ رکيو
ويو. مٿئين حوالن جي روشنيءَ ۾ اڃان تحقيق جي
گنجائش آهي.(2)
قبرستان ۾ داخل ٿيڻ سان جيڪي وڏا مقبرا ڏسڻ ۾
ايندا، اُنهن ۾ مير فتح خان ٽالپر بن مير مَسو خان
۽ ساڄي پاسي مير ٺارو خان ٽالپر جو مقبرو آهي، جن
تي فارسيءَ ۾ عبارت لکيل آهي.
(مير ٺاري خان جو مقبرو- چٽوڙي)
مير فتح خان جنهن جو ذڪر خوشحال ۽ آزاد سنڌ جي
تاريخ جو سنهري باب آهي، جنهن جا مير بهرام خان
شهيد، مير چاڪر خان ۽ مير ڄام نندو خان شهداداڻي
’ماما‘ هئا. مير صوبدار خان، مير بجار خان ۽ مير
محمود خان ٽالپر (مير رسول بخش خان اڳوڻي گورنر)
وارن جو پڳدار سندس ماروٽ هئا. مير فتح خان جي
مقبري کي ڏسندي وفادار ميرن جو اُن وقت جي حڪمرانن
هٿان شهيد ٿيڻ ۽ مدد خان پٺاڻ جي اُرهه زورائي
جهڙا سانحه ياد اچڻ لڳندا آهن، اهڙو ذڪر مرزا عباس
علي بيگ پڻ پنهنجي تصنيف ۾ ڪيو آهي(3)، ائين مير
ٺارو خان جنهن 1829ع ۾ وفات ڪئي ۽ حياتيءَ ۾ ئي
ڪاروهنوار پنهنجي پُٽ مير علي مراد خان جي سپرد
ڪيو، اُن جي مزار به سڄاڻ ڏسندڙن کي، ڪيٽين جو
ڪوٽ، وَلِ جي نالي مير صاحبن جي ٻن ڌرين جو پاڻ ۾
فساد جهڙا واقعا ذهن تي ياد ڏياري ٿو. مير الهيار
خان ٽالپر (باني شهر ٽنڊوالهيار) جنهن آدم خان مري
(شهر ٽنڊو آدم جو بنياد رکندڙ) جي همشيره سان شادي
ڪئي هئي، اُن جي قبر به ’چٽوڙي‘ ۾ پڌري آهي. جنهن
تي وفات 1816ع جو پٿر لڳل آهي.
ياد رهي ته، انگريز فوج جي سربراهه سَرچارلس نيپئر
۽ مير شير محمد خان ٽالپر واري مشهور ”دَٻي“
(ناريجاڻي) جي جنگ جي ڪافي شهيدن جون قبرون پڻ
چٽوڙي ۾ آهن، خاص طرح بالاچ خان، سکر خان، گلڻ
خان، نوت خان، بجرخان، باغ علي خان، ڪيچي خان،
مرزو خان، سبزل خان جن ۾ اڪثريت بَڊاڻي مري ۽
ڇلگري آهن. هن جنگ ۾ سماٽ قوم جي سورهيه سپوٽن انس
پلي ۽ عطائي پلي پنهجي ساٿين سميت شرڪت ڪئي
هئي.(4) انهن جا جيڪي ساٿي هن جنگ ۾ شريڪ ٿيا اهي
وري مخدوم عبدالرحمٰن عرف رام جاڳي جي مقام ۾ دفن
ٿيل آهن.(5)
ائين شادمان خان ڪپري ۽ بالو خان ڪپري پڻ هڪ مقبري
۾ رکيل آهن ۽ هڪ الڳ مقبرو ميرن جي وزير غلام حسين
کوکر جو به هتي نِشانبر آهي. ڪن اهم قبرن تي لکيل
تاريخون ۽ سال هن ريت آهن، مير جادو خان شهيد
وفات: 1173هه، مير راڄو خان وفات: 1209هه، مير فتح
خان (شهيد اول) 1197هه، مطابق 1836ع تحرير ٿيل
آهي. ائين بمبئي اسيمبليءَ جو پهريون چونڊيل
ايم.ايل.اي نواب مير احمد خان ٽالپر (مقتول) وفات:
25 مئي 1993ع، پاڻ مورجهنگو وايا ڪنري جي زرعي
ماهرمير امانُ الله خان ٽالپر جو والد هو. مير
ٺارو خان (حاڪم اول) وفات: 1829ع، مير علي مراد
خان ٽالپر (حاڪم ٻيو) ماڻڪاڻي سرڪار ميرپورخاص
وفات: 1876ع ۽ سندس ٻه ڀائر مير غلام الله خان ۽
مير غلام حيدر ٽالپر، اهڙي ريت مير شير محمد خان
ٽالپر (حاڪم ٽيون) وفات: 1876ع ۽ سندس ڀائر مير
شاهه محمد خان ۽ مير خان محمد خان ٽالپر کان علاوه
1895ع ۾ انگريزن خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڪردار ادا
ڪندڙ مير پير بخش خان ٽالپر پڻ چٽوڙي قبرستان ۾
اَبدي آرامي آهي.
ياد رهي ته، شيرِ سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر جي
وفات جو سال 1871ع به ڄاڻايل آهي، اڳ سندس مقبرو
هڪ عام ڪوٺڙيءَ ۾ ٺهيل هو. جتي هينئر پُختو هال
تعمير ڪرائي مير خاندان جي اڪثر شخصيتن جي يادگار
قبرن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. اڳ مير صاحب پنهنجي
والد مير علي مراد خان وفات: 1836ع تي به مقبرو
ٺهرائي نه سگهيو، ڇو ته پاڻ حالتِ جنگ ۾ هئا.
البته ڪافي قبرون خاڪي پٿر سان جُڙيل آهن، جن تي
اعليٰ پئماني جي نقش نگاري چٽيل آهي، انڪري به
سنڌيءَ جي عرفِ عام ۾ ’چٽوڙي‘ چون ٿا.
ساڳي وقت هن جنگ ۾ شريڪ مير باگو خان ٽالپر جي
تربت عمرڪوٽ شهر جي سٽيزن ڪلب ۾ هاءِ اسڪول نمبر 1
جي سامهون موجود آهي. اُتان جي نون آيل ماڻهن هن
تربت کي ڪنهن بزرگ يا اولياءُ جي مزار سمجهي اُن
کي ’باگو پير‘ سڏي سندس عرس ملهائڻ شروع ڪيو آهي،
۽ اُتي قوالين جي محفل به ڪندا آهن.(6) جنهن جو
’جنت السنڌ‘ ۾ مولائي شيدائيءَ هالاڻيءَ جي جنگ ۾
بهترين ڪردار لکيو آهي. البته مياڻيءَ جي جنگ ۾
ميرن جا سپهه سالار جوڳي خان ۽ ڀوڳي خان ٻئي ڀائر
هتي پڪين قبرن ۾ آسوده خاڪ آهن. اڳوڻي وزيراعظم
محمد خان
جوڻيجي جو والد خانصاحب دين محمد جوڻيجو بن سمو
خان جوڻيجو، پٿوري شهر جو نالي وارو زميندار ڪانڀو
خان ڇورو، نواب الهداد خان ٽالپر ۽ سندس خاندان،
پُٽ، پوٽا خاص طور مير امام بخش خان ٽالپر ۽ سندس
فرزند اڳوڻو ايم.پي.اي مير لطف الله خان ٽالپر،
ٻيو فرزند مير علي بخش خان ٽالپر ولد مير الهداد
خان جنهن ناقابلِ شڪست سياستدان خانبهادر غلام
محمد وساڻ کي ڀُٽي صاحب جي پهرين اليڪشن (1970ع) ۾
شڪست ڏني هئي. اڳوڻو ايم.پي.اي ۽ سينيٽر مير
ميرمحمد عرف مير آچن خان ٽالپر جنهن بپلڪ اسڪول
ميرپورخاص لاءِ نه فقط زمين عطيو ڪئي، بلڪه هاسٽل
به ٺهرائي ڏنو. جنهن جو هينئر پڳدار مير غلام علي
خان ٽالپر موجود آهي. ميرمحمد آچن صاحب سان ٻيا به
ڪافي مخير حضرات هن نيڪ ڪم ۾ شامل هئا. خاص طرح
سان خانصاحب عبدالڪريم ’ڪريم‘ صاحب پڻ هن اسڪول
لاءِ 25 ايڪڙ زمين وقف ڪئي. هيءَ زمين ديهه وليداد
پلي ۾ حاجي محمد بقا پلي جي ڳوٺ جي سامهون، سامارو
عمرڪوٽ روڊ جي اولهه ۾ آهي. (7). ائين خانبهادر
مير علي مدد خان ٽالپر آف ميرآباد جنهن جا وارث
هينئر مير منصور خان ٽالپر ۽ مير غلام شاهه موجود
آهن. اڳوڻو ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر (هاڻوڪي
ميرپورخاص) جو وائيس چيئرمين مير حاجي محمد بخش
خان ٽالپر جنهن جا فرزند مير الهيار خان ٽالپر ۽
مير غلام مصطفيٰ خان ٽالپر حال حيات آهن. ائين مير
تاج محمد خان ٽالپر ۽ اُن جو خاندان جنهن مان
هينئر مير ملڪ محمد خان سرگرم آهي. مير دين محمد
خان ٽالپر ۽ اُن جو ڪيڙُ، مير مظهر خان ٽالپر جيڪي
هينئر سماجي ۽ سياسي جدوجهد ۾ مصروف آهن، اُن جا
وڏا ۽ بزرگ توڙي مير فضل الله خان ٽالپر اڳوڻو
وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل ميرپورخاص ۽ ٻيا هن
چٽوڙي قبرستان ۾ مَحوِ خواب آهن.
محترم الله بچايو مشتاق آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾
مشهور محقق ۽ مؤرخ سائين معمور يوسفاڻي صاحب جي هڪ
تصوير ڏني آهي، (جيڪا کين حزب الله ولد معمور
يوسفاڻي کان ملي آهي) ان ۾ معمور يوسفاڻي صاحب
چٽوڙيءَ جي مشاهداتي دوري دوران ’گامون سچار‘ جي
تربت ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن.(8)
(محترم معمور يوسفاڻي، چٽوڙيءَ جي قبرستان ۾ گامون
سچار جي تربت ڏانهن اشارو ڪندي).
روايتن موجب ماڻڪاڻي اميرن جي درٻار جو مشهور
عوامي ڪردار گامڻ خان عرف گامون سچار ذات جو
لنجواڻي هو. سادگي ۽ معصوميت سان سچ ڳالهائڻ سندس
خاص انداز هو. قبرستان جي اُتر ۾ لنجواڻين جي
آستان (اوتاري) لڳ وڏي ٿلهي تي قطار وارين تربتن ۾
سندس تربت آهي.(KTN)
قبرستان جي رکوال عبدالڪريم چانڊئي نشاندهي ڪئي
ته، درويش ٺارو فقير بروهي جيڪو درگاهه ملاڪاتيار
جو مريد هو، ۽ قائم فقير چنا جيڪو اڳ چٽوڙيءَ مقام
جو خدمتگار ۽ ڀٽائيءَ جي راڳ جو پارکو هو، اُهي پڻ
هتي دفن آهن. اهڙي طرح اتي موجود عمر رسيده بزرگ
عبدالرحيم بنگلاڻي (ولادت: 1940ع) پاڻ قبرستان
واري مسجد مان نماز پڙهي اچي اسان سان مليو. اُن
پڻ وڏيرو پنگو خاصخيلي، معزز حاجي دودو خان
ڪانهيو، رسول بخش ڇڄڙو، فقير عبدالله شر ۽ ٻين
علائقي جي معتبر شخصيتن جي آخري آرامگاهن جي
نشاندهي ڪئي. قبرستان ۾ ماڻڪاڻي ميرن کان سواءِ
بروهي، سيد، جروار، جوڻيجا، شر، خاصخيلي، ڇلگري،
لَنجواڻي، ناريجا، ڪانهيا، شيدي، لاشاري، سولنگي،
مري، ڇڄڙا ۽ ٻين ذاتين جا فرد دفن آهن.
ليلان جوليهور، ڪونئرو جو قصو ۽ راءِ چنيسر داسڙي،
جو ڪردار به هن علائقي جي تاريخي سڃاڻپ آهي، ڀٽ
ڌڻي جو بيت:
”چئي چنيسر ڄام سين، ليلان لکايوءِ،
تو جو ڀانئيو پنهنجو، تنهن پرو ڪونه پيوءِ،
ڪونروءَ ڪانڌ سندوءِ، دست ڪيو داسڙو.“
برک محقق معمور يوسفاڻي مرحوم پنهنجي ڪتاب ”لطيف
جا ٿر تان ڀيرا“ ۾ رقم طراز آهي ته ”ڄام داسڙي
ناري جي هن پَٽ ۾ وڏو قلعو ٺهرايو، جنهن جا کنڊر
شادي پلي ريلوي اسٽيشن ويجهو پُراڻي ڍوري وٽ آهن ۽
راءِ چنيسر داسڙي جي راڄڌاني ليهور جا کنڊر ديهه
جهلوري تائين هئا.“(9)
چٽوڙي ماڳ سان ٿيو ائين آهي ته، ڀَر وارن زميندارن
پاران برساتي پاڻيءَ کي پنهنجي زرعي زمينن مان
نيڪالي ڏئي قبرستان ۾ ڇڏڻ سبب سم ۽ ڪَلر وڌي رهيو
آهي. نتيجي ۾ قيمتي پٿرن سان جوڙايل قديم مقبرا ۽
قبرون تيزيءَ سان ڊهن پيا ۽ ڪيترين قبرن جو رنگ
مٽجي رهيو آهي. 1965ع ۾ هن قبرستان کي اوقاف کاتي
کان کَسي ۽ آرڪيالاجي کاتي جي حوالي ڪيو ويو،
ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته، هن قديم ۽ وسيع تاريخي
ڪردارن جي ماڳ کي ’نيشنل هيريٽيج‘ ۾ شامل ڪيو وڃي.
چٽوڙي قبرستان ۾ اَبدي آرامي هڪ شاعر جو الوداعي
شعر لکيل آهي، نالو ميسارجي ويو آهي، البته سِٽون
تحرير آهن ته:
”چپن تي موت مُرڪيو پئي، اکين ۾ آس رهجي ويئي،
ڪفن ۾ خُون ٽهڪيو پئي، دلين ۾ آس رهجي ويئي،
ڪيئي خوشيون ويون رهجي، ڪيئي ارمان رهجي ويا،
هزارين حَسرتون هُيڙيون، مگر دل اُداس رهجي ويئي.“
حوالا:
1.
تاريخ
اميران ميرپورخاص- مير حاجي محمد بخش ٽالپر، زيب
ادبي مرڪز حيدرآباد، 1973ع.
2.
ايضاً،
3.
سنڌ جي تاريخ (ٽالپر دور- پهرين چوياري)، مرزا
عباس علي بيگ.
4.
تاريخ ماڻڪاڻي ٽالپر (اردو)، مهر ڪاڇيلوي.
5.
راوي: مرحوم راڄ محمد پلي.
6.
راوي: ڊاڪٽر اسد جمال پلي
7.
عطائي خاندان جي تاريخ (قلمي) ليکڪ: ڊاڪٽر اسد
جمال پلي
8.
ڪتاب : بيباڪ شخصيت (صفحو 152) الله بچايو مشتاق
آريسر، تنظيم فڪر و نظر- سنڌ – سکر 2014ع.
9.
اداره
KTN
پروڊيوسر محترم فيض کوسو صاحب جي تاريخ پروگرام
۾ ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي گفتگو. |