سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2021ع

باب:

صفحو:19 

ڊاڪٽر رضا چانڊيو

ٽنڊو ڄام

 

 

 

ٻه ننڍيون ڪهاڻيون

 

(1) انسانيت

مسجد ۾ پيش امام صاحب جو پُر اثر ’انسانيت‘
تي خطبو ٻڌي ايمان تازو ڪيم.... جمع جي نماز پڙهي جيئن ’جُتي‘ ڳوليم ته گم هئي هڪ نمازي صاحب مونکي پري کان پريشان ڏسي اکين جي اشاري سان ڪنهن ٻئي جي جُتي پائي وڃڻ جي صلاح ڏني.. پر منهنجي دل نه مڃيو. مان پير اُگهاڙا ڪري گهر ڏانهن آيس پئي ته واٽ تي چُٽيل ڦٽيل ۽ ٿڪل گڏهه تي مالڪ کي لٺيون وسائيندي ۽ گاريون ڏيندي ڏٺم.. جيڪو گهڻي بار جي ڪري ويهي رهيو هو. اڃا ٿورڙو اڳتي وڌيس مس ته، ننڍڙا ٻارڙا هڪ نيم اگهاڙي مستاني کي ڀتر هڻي رهيا هُئا ۽ مختلف آواز ۽ چٿرن سان کيس چيڙائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.. مستانو مُنهن گوڏن ۾ لڪائي پاڻ بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ جڏهن مون ٻارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس ڀر ۾ بيٺل وڏن پهريان نرڙ ۾ گهنڊ وجهي مون ڏانهن ڏسي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ بعد ۾.. پير اگهاڙا ڏسي کلڻ لڳا.... جڏهن ٻارن ۽ وڏن جو مون ڏانهن ڌيان ٿيو ته.. مستانو موقعو ڏسي ڀڄي ويو.. مان تڪڙو تڪڙو پانچا مٿي ڪري پنهنجي پاڻ کي گهٽيءَ ۾ پيل گند کان بچائيندو گهر ڏانهن هلڻ لڳس ته موڙ ۾ ماسي نصيبان گڏجي وئي، جيڪا اکين مان ڳوڙها وهائيندي ۽ پنهنجي منهن ڳالهائيندي اچي رهي هئي. پڇيم ماسي خير ته آهي؟! چيائين ابا وڏيري وٽ وئي هُئس منهنجو وڏو پٽ دادن جيئن وڏيري جي ونگار تان وريو آهي يڪو بخار ۾ پيو آهي. مدد لاءِ وئي هئس. گهر ۾ ٽڪو ڪونهي.. پر وڏيري کتو جواب ڏنو ماڳهئين ڪاوڙجي پيو، چيائين اڳ ۾ اوهان تي قرض آهي پهرين اهو چڪتو ڪيو..... هن ڀيري فصل به سٺو ڪونهي ٿيو تنهنجا ڇوڪرا به هاڻي هڏ حرام ٿي ويا آهن.... ڪم نٿو پڄين.... هاڻ محنت نٿا ڪن، سمجهائين نه ته اڳتي هارپو ڪولهين کي ڏيندس... ماسيءَ يڪ ساهيءَ ۾ سموري ڪهاڻي ايئن ٻڌائي وئي جيئن اسڪول ۾ ٻار ڪو رٽيل نظم يڪ ساهي ٻڌائيندا آهن..... اڃا ماسي ڪجهه ڪڇي ان کان اڳي پاسي واري کيسي کي ڦلهوري ڏٺم ته 700 روپيا پيا هئا، 500 ماسيءَ کي مٺ ۾ ڏئي مٿي تي هٿ رکي موڪلائيم. ماسي دعائون ڏيندي هلي وئي....

گهر رسڻ کان اڳ ۾ واٽ تي ڇا ڏسان ته: کڏ جي ڀرسان ماڻهن جو انبوهه آهي.... ويجهو وڃي خبر پئي ته ڪنهن ڪولهيءَ جو ٻار ڪري پيو آهي. سڀ اڇا اجرا، ڪي اڇين ٽوپين سان، ته ڪي مٿي اگهاڙا، ڪجهه مولوي صاحبان، ته ڪجهه ٻيا، تقريبن ويهارو کن ماڻهو ننڍن وڏن سميت گڏ ٿيل هئا.... ائين پئي لڳو ته ڄڻ هاڻ مسجد مان نماز پڙهي آيا هُجن..... ڇاڪاڻ ته سندن ڪپڙن مان عطر جي خوشبوءِ پري تائين اچي رهي هئي سڀ ننڍڙي ٻار لاءِ تمام گهڻو پريشان نظر رهيا هئا.... پر کڏ اندر گهڙڻ لاءِ ڪوبه تيار ڪون هو...!! کڏ وڏيري بهادر خان جي ذاتي ملڪيت آهي، جيڪو وڏي رعب ۽ دٻدٻي وارو مشهور آهي. کيس ڪئين ڀيرا مون جمعي جي نماز تي مولوي صاحب جي پويان پهرين صف ۾ نماز پڙهندي، دعا گهرندي ۽ روئندي اکين سان ڏٺو آهي. سندس هٿ آڱرين ۾ هميشه ڪاري رنگ جي تسبيح پئي ڦرندي آهي..... تلاءِ نما هن اونهي کڏ ۾ اڳ ۾ به ٻار ڪرندا رهندا آهن، هڪ ٻارڙو ته اڳ ۾ مري به چڪو آهي. کڏ وڏيري جي اوطاق جي پوئين پاسي کان آهي جتي سندس اوطاق جو گند ڪچرو به نالي مان وهندو رهندو آهي ۽ ڀر ۾ وري سندس جو مال وهنجندو آهي. اڳي جڏهن ڳوٺ جا چڱا مڙس گڏجي وٽس ويا هئا ته وڏيري کڏ پورڻ کان لاچاري ڏيکارين هئي ۽ چيو هئائين ته توهان پنهنجن ٻارن کي سمجهايو ته اتي ڀر ۾ نه کيڏن مونکي اڳتي هلي اتي مڇي جو تلاءِ ٺاهڻو آهي.

لڳ ڀڳ 70 سالن جو پوڙهو، ڪمزور ۽ ڪاري رنگ جو ڪولهي، مشڪل سان ٻار کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ سڀني جي سامهون ساڻو ٿي ڪري پوي ٿو..... مان ڊوڙندو گهران بالٽي پاڻيءَ جي ۽ ٽوال کڻي اچان ٿو ۽ ٻنهي تي پاڻي هاري کين صاف ڪريان ٿو.... ۽ مولوي صاحب جو تازو ڏنل ليڪچر ياد ڪري اکين ۾ پاڻي اچي وڃي ٿو... سوچيان ٿو ته ”اسان جي مسلماني صرف مسجدن تائين ڇو محدود ٿي وئي آهي، عملي طرح اسان جي زندگيءَ ۾ نماز ڏسڻ ۾ ڇو نٿي اچي.....!!“

.....پوڙهو ڪولهيءَ پنهنجا پيلا ڏنڌ آڱر سان صاف ڪندي پنهنجي ٻار ڏانهن خوش ٿي نهاري ٿو ۽ هٿ ٻڌي منهنجا ٿورا مڃيندي چوي ٿو ته..... ”سائين اوهان جي وڏي مهرباني!!‘ چيم: ان ۾ مهربانيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي ڪاش!! مان ٿورڙو اڳ ۾ اچان ها ته، تنهنجي صحيح طرح سان مدد ڪري سگهان ها.....

.....پوڙهو ڪولهي انتهائي معصوميت سان وراڻي ڏيندي چوي ٿو ته: ”سائين! مولوي صاحبن به مونکي مدد لاءِ چيو هو، پر مون کين منع ڪئي هئي..... چون پيا ته ”اسان تنهنجي مدد ڪريون، پر اسان جا نماز جا ڪپڙا آهن..... خراب ٿي ويندا.....!!!“

*

(2) واه- وڏيرا- واه.....

ڏي خبر ڇا ٿيو؟

”رئيس شهپر وٽيندي- نرڙ ۾ گهنڊ وجهي ڪمدار نورل ڏانهن ڏسندي پڇيو ”سائين نٿو مڃي“ ڪمدار ڪنڌ هيٺ ڪري هٿ جوڙيندي نيازمندي سان وراڻيو.

”ڇا ٿو چوي؟“

”اهو ئي ته رئيس هتان جو ڪونهي! اسان ووٽ ’مير‘ کي ڏينداسين.!!

”هتان جو ڪونهي؟!... ڄڻ مان هندستان جو آهيان!! رئيس کي ڪاوڙ اچي وئي ”گهڻا ووٽ اٿس“ سائين 100 کن ٿي ويندن. ”رئيس سامهون ڀت ڏانهن نهاريندي پنهنجي ڦوٽو کي غور سان ڏسندي سوچڻ لڳو...... رئيس اڪثر پنهنجي جوانيءَ واري ڦوٽو کي ڏسندي خوش ٿيندو آهي..... سندس اکين ۾ چمڪ اچي ويندي اٿس. ڪئين ڀيرا ٻڌاءِ چڪو آهي ته هي بندوق ۽ ٽوپلي وارو ڦوٽو تڏهن جو آهي، جڏهن هن 10 هرڻ ماريا هُئا.... ۽ خطرناڪ چيتي سان مقابلو ڪري کيس ماريو هو.

”ڳوٺ جا سڀئي ووٽ هن جي هٿ ۾ آهين ڇا؟!“

رئيس ڪجهه سوچيندي ڪمدار کان آهستي رازداريءَ سان پڇڻ لڳو..... ”جي سائين“ سڀ پنهنجا پاڻ ۾ مٽ مائٽ آهن سڀئي هن جي چئي ۾ آهن.“ ڀلا چنيسر هن مهل آهي ڪٿي؟

سائين اوهان جي بنگلي تي وٺي آيو آهيانس“

ٻيو ڪير اٿس.

سائين سندس پٽ ”سانوڻ“ سندس وڏو پٽ جنهن کي اڳين اليڪشن ۾ اوهان گم ڪرايو هو... ڌاڙي جي ڪيس ۾ ڪو چالان ٿيو هو.... ”اڇا اڇا“ هاڻ سُڃاتم....! وري ڇُٽي آيو آهي ڇا؟ ”ها سائين ٽيون ڏينهن آيو آهي.... هاڻ ڪيئن آهي؟! سائين زبان بند اٿس سڄو ڏينهن اوهان جي ساراهه ڪندو ٿو وتي. ٽيون ڏينهن سندس گهر وڃي آئون توهان جا سلام ۽ ڇٽي اچڻ جون مبارڪون ڏئي آيو هئس... مون کيس اهو به ٻڌايو آهي ته تون ”رئيس بهادر خان جي ڪوشش سان آزاد ٿيو آهين“..... ان لاءِ هو اوهان جا ٿورا مڃڻ لاءِ حاضر ٿيو آهي.... کيس اهو به ٻڌايو اٿم ته اڳينءَ اليڪشن ۾ مير جي ماڻهن توکي اغوا ڪرايو هو..

”واه ڙي ڪمدار واه“!! ڪم ٺاهي ڇڏئي ”آخر ڪمدار ڪنهن جو آهيان“ ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳا....

”سڏ ڪرينِ“

حاضر سائين

”السلام عليڪم“

وعليڪم السلام

”ڀلي آيا“

سائين جن جو حڪم ٿيو اچي حاضر ٿيا آهيون....

”حڪم“

چاچا حڪم وري ڪهڙو..... بس خبر پئي تون ناراض آهين سوچيم: توکي پرچائجي! هونءَ به ڏس نه چاچا تنهن جي ڀر ۾ 300 ايڪڙ ٻني ورتي اٿم..... هي باغ، واڙا سڀ ڇڏي ڪيڏانهن ڀڄي ويندس.... ڏک سُک ۾ مان ته هر دم حاضر آهيان توهان الاءِ ڇو مونکان پاسيرا پيا هلو..... ڀلا تون ئي ٻڌا تنهنجي پٽ سان هيڏو مسئلو ٿيو..... مير تو وٽ لڙي آيو؟ تنهنجي ڪم آيو؟ ڪا پڇا ڪيائين؟! ڪا ڳراٺڙي ڏنائين.؟!! اهڙو وڏو ڪهڙي ڪم جو جو ڏُک سُک ۾ ڀاڱيوار نه ئي ٿئي.....!

سائين صحيح ٿا چئو بابا کي ڪير سمجهائي چنيسر چپ رهيو..... سندس پٽ سانوڻ جواب ڏنو ”سانوڻ“ ”جي سائين هيڏانهن ويجهو اچي ويهه“. ”حاضر“. ڪمدار ٻڌايو پئي نه هفتو کن اڳ ۾ توکي پٽ ڄائو آهي ”جي سائين“ ”مبارڪون هجئي“ ”جي سائين.. مينهون گهڻيون اٿئي؟ سائين ٻه. پر ٻئي ڍڪيون آهن....

”ڪمدار“ ”جي“ سائين ”هيئن ڪر واڙي مان هڪڙي تازي سُئا مينهن سانوڻ کي ڇوڙي ڏئي. کير جي تڪليف اٿن.. ”رئيس اسان مينهن ڪونه ڪاهينداسين“ چنيسر هٿ ٻڌنڌي چيو. اهو مناسب ناهي ته مون وٽ وٿان تي 100 مينهون ٻڌل هجن، ۽ پاڙي ۾ اوهان وٽ کير جي ڦڙي به نه هجي“!!.... نه نه چاچا ائين ڪونه ٿيندو!! چاچا مان راڄ سان گڏ رکي سکي کائڻ جو عادي آهيان.... اوطاق ۾ ويٺل ويهارو کن واندن واڇون ٽيڙي زور سان تاڙيون وڄايون ۽ چوڻ لڳا ”واه- رئيس- واه“ ”واه ڏيرا- واه.....!

”معنيٰ اڃان توکي ڪاوڙ آهي“ چاچا توهان ڀلي ووٽ نه ڏيو، پر مينهن توهان کي ڪاهڻي پوندي“..... رئيس اهو چئي اندرين ڪمري ڏانهن اٿي هليو ويو.... رئيس جيڪا ڳالهه ڪندو آهي پوءِ ان تان مشڪل سان لهندو آهي چاچا چنيسر ٻيلي ڏاهو ٿي ڪمدار کيس ايلاز ڪرڻ لڳو. تنهنجي ٻچن وٽ کير ڪونهي رئيس اسان جو وڏو آهي ابو آهي. مينهن ڏنائين ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ سانوڻ به سري اچي پيءُ جي ڀر ۾ بيٺو  کيس ڪن ۾ آهستي چيائين بابا سُئا مينهن ملي ٿي ڪاهي ٿا هلون- مير ڪو اسان جي چاچي جو پٽ آهي ڇا؟! چنيسر چپ ٿي ويو..... ڪمدار واڙي مان پسند تي کين چال مينهن ڇوڙي ڏني ۽ هو ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا.

ڪلاڪ کن کانپوءِ رئيس ڪمدار کي گهرايو. ”ڪمدار ڪٿي پهتا هوندا؟!! ”سائين مير جي باغ رسي ويا هوندا“.... هاڻ هئين ڪر مورچي تان ٻٽي همراهه هٿيارن سان کڻي وڃ ڳوٺ رسڻ کان اڳ ۾ مينهن ڦري پالاري واري ٽرڪ ۾ کڻي شهر واري واڙي ۾ رسائي اچ.. جلدي ڪر..... ”حاضر سائين“...

۽ ها منهنجي لاءِ ڪو پُڇي ته چئجان ”رئيس اسلام آباد ويل آهي!“

محمد قاسم ڪلوئي

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

 

اسپتال

 

حسب معمول اڄ به صبح جو ٻنيءَ تي گهمُڻ لاءِ نڪتس ته ٻين ڪيترين نينگرين سان گڏ، هوءَ به پاڻي جو دِلو ڀري رهي هُئي. آءٌ واٽر جو ڪپ وٺي، هروڀرو هُن جي ڀر مان گذريس. مُنهنجي انهي حرڪت تي سڀني مون ڏانهن نهاريو، هُن به هڪ نظر مون تي وڌي ۽ پوءِ ڪَنڌ هيٺ ڪري پاڻيءَ سان دلو ڌوئڻ لڳي ۽ ڪُجهه ئي دير ۾ سڀئي پاڻي ڀري روانيون ٿيون. آءٌ اُتي ئي بيٺو رهيس، هُن مُڙي مون ڏانهن نهاريو ۽ هڪدم هڪ دِلفريب مُسڪراهٽ سان ڪنڌ موڙي، ڳوٺ ڏانهن هلي آئي.

سوچيم..... ڪاش! ڳوٺ ايترو ويجهو نه هُجي ها...

”اتي! اڃان ويچارو بُت بڻيو بيٺو آهي.“

ڇوڪرين جي ٽهڪن ۾ هُن جو آواز نمايان هو.

آءٌ واقعي بُت بڻجي ويو هُئس، ڄڻ ڪُجهه دير لاءِ ڏکڻ جي هير گهُلي وري لُڪ لڳڻ لڳي هُجي.

”سائين اوطاق ڏانهن هلون؟“

ڪمدار جي آواز سان مُنهنجي خيالن جو سلسلو ٽٽي ويو.

”ڪمدار....، ڪيتري دير کان بيٺو آهين؟“

”حاڪم، ڪافي دير کان بيٺو آهيان، پر اوهان اهڙي خيالن ۾ گم هُئا، سو سوچيم ته اوهان جي خيالن ۾ دخل اندازي نه ڪريان.“

ڪمدار پنهنجي ڳالهه جي ڊگهي وضاحت ڪئي.

”ها! ڪمدار هڪڙي حساب ۾ مُنجهي پيو آهيان، ڪافي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، پر مون کي ڪو حل نظر نٿو اچي.“

”ڇو.... ڇو سائين؟ مُنشي ڪهڙي مرض جي دوا آهي، انهي کان ٿا حل ڪرايون…“

ڪمدار پنهنجي پَرَ ۾ هڪ وڏي دانائيءَ واري ڳالهه ڪري کِليو پئي.

”نه، ڪمدار مُنشيءَ کان اهو حساب نه ٿيندو، انهي حساب کي حل ڪرڻ لاءِ پارکو بنجڻو پوندو.“

مون پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ چيو.

”پر سائين، اوهان ڪو گهٽ پارکو آهيو ڇا؟“

ڪمدار پنهنجي چاپلوسي ڪندي چيو.

”ها ڪمدار، گهٽ ته ناهيون، پر هي راز جي ڳالهه ڪوئي رَند ئي پروڙي....“

۽ هُو ٻي ڪپ جي ڀر وٺي اوطاق ڏانهن آيا.

”ڪمدار....، پيرل کي چئجان ته ڇوڪِر جي شادي جو خرچ آءٌ ڀريندسُ.“

مون، پنهنجي ذهن ۾، هُن تي احسان ڪرڻ لاءِ چيو.

ڪُجهه زمين جو حساب ڪتاب ڪري، رهيل لاهيارن جا ڏوڪڙ ڪمدار کي ڏئي، شهر ڏانهن روانو ٿيس ته هوءَ گهر جي گهٽيءَ تي بيٺي هُئي، شايد مال کي پاڻي پئي پياريائين.

آءٌ شهر جو رستو ڇڏي، هُن ڏانهن هليو آيس، هوءَ هڪدم گهٻرائجي ويئي، گهر جي در وٽ بيهي رهي ۽ چيائين:

”بابا ته گهر ڪونهي!“

”پيرل... پيرل، ها، پيرل ڪيڏانهن ويو آهي...“ اهي لفظ مُنهنجي نڙيءَ ۾ ڄڻ اٽڪي پيا هُئا، هُن کي رئو پاتل ڪونه هو، ڇاتي هُن جي تيز ساهن جي ڪري هيٺ مٿي ٿي رهي هُئي، هُن منهنجي نظرن کي ڄاڻي ورتو هو.

مون کي پاڻ ڏانهن ائين گهوريندي ڏسي، هوءَ مُرڪي پئي ۽ چيائين: ”بابا، چاچي الهبچائي کي ڏسڻ ويو آهي، شايد سُڀاڻي اچي.“

”مون کي اُڃ لڳي آهي؟... پاڻي پياريندينءَ!!“

سواليه طور، هُن جي اکين ۾ اکيون وجهي چيم.

هُن، اکيون هيٺ ڪندي چيو،

”جيءُ ها، توهان بيهو، آءٌ پاڻي ڀريو ٿي اچان.“

هوءَ ڊوڙي اندر ويئي ۽ جلدي ئي پِتل جي گلاس ۾ پاڻي ڀري آئي.

”اچي....، هي وٺو.“

هُن مون ڏانهن گلاس وڌائيندي چيو.

پاڻي پِي، چيم:  ”کنڊُ ملائي هُيئي ڇا....؟“

هُن حيراني مان چيو: ”نه......ڇو....؟“

چيم:  ”پاڻي ڏاڍو مِٺو هو.“

هوءَ هڪدم شرمائجي ويئي ۽ گلاس اندر کڻي ڀڄي ويئي. مُنهنجي زندگيءَ ۾ ڄڻ بهار موٽي آئي، هر طرف گلن جي سُرهاڻ ڦهلجي ويئي. خوشي جي نشي ۾ سرشار ٿي گهر پُهتس ته منهنجي گهرواري، انهي حالت کي پروڙي ورتو، جڏهن ته شادي ڪئي مهينو به، ڪونه گذريو هو، بابا بيمار هو، تنهن زور ڀري منهنجي شادي ڪرائي هُئي.

”سائين....،

هُن چيو.

”هون..“

جواباً چيم.

”اڄ ته ڏاڍا خوش پيا نظر اچو، خير ته آهي.“

زال پنهنجي ڇهين حس جي خبردار ڪيل خبر سان پُڇيو.

”ها ڪُل خير آهي، ڇو ڪو شڪ جاڳيو اٿئي ڇا...؟

مون پنهنجو انديشو ظاهر ڪندي چيو.

”ڪهڙي خبر سائين، رئيس آهيو، ڪٿي شوق ۾ نه ڦاسي وڃو...“

هُن ٽوڪ واري انداز ۾ چيو.

”هيل فصل ڀلو ٿيو آهي، سوچيو اٿم ته بابا جي خواهِش پوري ڪريان، سو انهيءَ لاءِ ڳوٺ ۾ اسپتال ٿو ٺهرايان.“

”اها ڳالهه يا ڪا ٻي.“

زال چيو.

”توکان اڄ تائين ڪا ڳالهه لڪائي اٿم چري.“

مون پنهنجي زال جي ڳٽن تي هلڪي ٿڀ هڻندي چيو ۽ اچي پنهنجي ڪمري ۾ ليٽي پيس.

سج هونءَ ئي پنهنجو سفر ختم ڪري اُلهي چُڪو هو، رات جي ماني کائي جلدي سُمهي پيس. رات دير سان اک کُلي ته ڪمري ۾ مڪمل اونداهي هُئي ۽ گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ ٽڪ صاف ٻُڌڻ ۾ پئي آئي. ٿڌڙي هير سان ڪمري جا پردا، لُڏي رهيا هُئا. شهر ۾ سانت هئي، ڪنهن ڪنهن وقت رولو ڪُتن جي ڀونڪ يا وري چوڪيدار جي لٺ جي ٺڪ ٺڪ ٺڪ جو آواز آيو ٿي يا ڪنهن ڪنهن وقت زال جي پاسي ورائڻ سان چوڙين جو آواز آيو ٿي.

 

علم ۽ ادب جي دنيا ۾ ايئن ٿيندو رهيو آهي ته جن جو ڪم وڏو هوندو آهي، اهي وڏا نالا پوئتي هليا ويندا آهن ۽ سندن جاءِ تي معمولي ۽ سطحي ڄاڻ رکندڙ اهڙن ماڻهن جا نالا پي.آر (P.R) جي زور تي مٿي چڙهي ايندا آهن. جن جي دماغ ۾ رڳو ٺڪريون پيون وڄنديون آهن. اسان وٽ علم ۽ ادب جي شعبي ۾ اهڙو وڏي ۾ وڏو مثال مرحوم محمد صديق ’مسافر‘ جو ملي ٿو. پاڻ هڪ وڏو تعليمي ماهر هجڻ سان گڏوگڏ ليکڪ هئڻ جي حيثيت ۾ اهڙيون لکڻيون ڇڏي ويو آهي، جو اڄ به جڏهن پڙهجن ٿيون ته ايڏيون تازيون توانيون لڳن ٿيون. ڄڻ اڃان ڪالهه لکيون ويون هجن، پر انهيءَ هوندي به سندس نالو پوئتي هليو ويو ۽ علم ۽ ادب جي حوالي سان اهڙا ماڻهو مشهور ٿي ويا جن جي ڪم کي جي محمد صديق مسافر جي ڪم سان ڀيٽي ڏسجي ته انهن مشهور ٿيل تعليمي ماهرن، عالمن ۽ ليکڪن جون رڳو قبائون ڏسڻ لاءِ رهجي وينديون ۽ قبائن جي هيٺيان ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو.

ايئن ئي ادب ۽ دانش جي دنيا ۾ راڄ محمد پلي جي مختصر پر تمام وڏي تحريري ڪم کي پوئتي ڌِڪيو ويو. انهيءَ ۾ سندس اسان پارا دوست به شامل آهن جو اسان سندس زبان مان نڪتل وسيع فڪري دنيا کي رڪارڊ تي آڻي نه سگهياسون. محمد صديق مسافر ته هڪ مسڪين شيدي ماستر هو، جنهن وٽ پي.آر (P.R) جا ذريعا نه هئا، پر راڄ محمد غني ماڻهو هو، ۽ سنڌ جي ليجينڊري سخي مرد عطائي پلي جو پٽ هو، جيڪو سؤ رپين جي نوٽ ۾ تماڪ وجهي ٻيڙي ٺاهي ڇڪيندو هو، ڏکڻ سنڌ ۾ 1928ع ۾ پهرين ”رولس رائس“ گاڏي آندائين، سنڌ جو هيءُ شاهي وڏيرو راڄ محمد پلي چاهي ها ته ڪئين ادبي ڇاڙتا گڏ ڪري، کين آڱرين تي نچائي. پنهنجي علم ۽ شخصيت کي فرنٽ سيٽ تي آڻي ڇڏي ها. پر مرحوم راڄ محمد ماڻهن کي آڱرين تي نچائڻ جي بدران پَتي جي ٻيڙين کي نچائيندي پنهنجي علم جو زباني اظهار ڪندو رهيو. فاقيري رنگ جو ماڻهو هو. انهيءَ ڪري سندس چوڌاري به فاقيري رنگ جا ماڻهو رهيا. جن کي علم سان ته دلچسپي هئي، پر اهي پي.آر (P.R) جي گڻن کان ته اڻواقف هئا. هن نه پنهنجو پاڻ کي ليکيو ۽ نه وري شهرت کي. جڏهن پنهنجي صحت کي ئي نه ليکيائين ته شهرت وري ڪهڙي باغ جي موري هئي.

عبدالقادر جوڻيجو

ڪتاب: ’وڙهيا- واڳيا- واپريا‘

(صوفي صديق محمد صادق شاهه جي سوانح ۽ ڪلام)

ٻه اکر، ص 10-11

مصنف: راڄ محمد پلي، مرتب: اسد جمال پلي

محمد عثمان منگي

حيدرآباد

 

 

 

وساريان نه وسرن

 

سڀاڳو خان جتوئي:

ياد ٿو پويم ته سال 89-1988ع هو. مان ٽنڊي الهيار ۾ مختيارڪار ٿي آيس ۽ اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته اهو پوسٽنگ جو آرڊر ضلعي سانگهڙ جي زميندار ۽ ايم.پي.اي جيڪو پ.پ.پ جو محترم عبدالسلام ٿهيم ڪراچيءَ گهرائي، محترم عبدالستار بچاڻي جيڪو ان وقت روينيو جو وزير هو، سان ملاقات ڪرائي ۽ منهنجي لاءِ چيو ته هن جي پوسٽنگ شهدادپور تعلقي ۾ يا ٽنڊوآدم تعلقي ۾ ڪيو. ان تي بچاڻي صاحب کين چيو ته جيڪا تعريف توهان منگي صاحب جي ڪيو ٿا ته مان سمجهان ٿو ته اهو ڀلو ٿيندو ته هيءُ منهنجي تعلقي ۾ پوسٽنگ ٿئي ته جيئن اتي جي عوام جي خدمت ڪري، تنهنڪري مان هن جي پوسٽنگ مختيارڪار ٽنڊوالهيار ڪيان ٿو. مون کي چيائين ته تون حيدرآباد پنهنجي گهر مس پهچندي ته توهان جو پوسٽنگ جو آرڊر پيو هوندو ۽ توهان هلي مختيارڪار طور جوائن ڪيو. ايتري ۾ محترم الطاف رند ۽ محترم عبدالسلام ٿهيم چيس ته محمد عثمان منگي قائدِعوام جي ڏينهن ۾ SDM ٿيو ۽ پوءِ وري degrade ٿيو آهي. ان ڪري ڏاڍو ڊڄي نوڪري ڪندو آهي. ائين نه ٿئي ته هن کي ڪنهن ڳالهه تي ڪو نقصان ٿئي جو توهان کي اٿارٽي آهي. هن ڳالهه تي هن واعدو ڪيو ته مان کيس ٻيهر اسسٽنٽ ڪمشنر ڪرائيندس ۽ ڪوبه اهڙو قدم نه کڻندس جنهن سان هن جي روزگار کي نقصان ٿئي. مون کي اجازت ڏنائون ته توهان ڀلي حيدرآباد وڃو. مان جڏهن پنهنجي گهر حيدرآباد پهتس ته واقعي حيدرآباد بورڊ آف روينيو جو پٽيوالو منهنجو پوسٽنگ آرڊر گهر پهچائي ويو هو. مان مختيارڪار ٽنڊوالهيار طور وڃي ٻئي ڏينهن جوائن ڪيم. جنهن ڏينهن مون ٽنڊوالهيار ۾ جوائن ڪيو، ان ڏينهن صوبائي وزير روينيو عبدالستار بچاڻيءَ جي اتي کُلي ڪچهري هئي. مون کي اسٽيج تي گهرائي هن منهنجو اتان جي عوام سان تعارف ڪرايو ته هيءُ نئون مختيارڪار آيو آهي ۽ هيءُ توهان جي خدمت ڪندو. ان کان پوءِ هر هفتي بچاڻي صاحب منهنجي علائقي ۾ تعلقي ٽنڊوالهيار جو دورو ڪندو هو ۽ يونين ڪائونسل ليول تي عوام جا مسئلا حل ڪندو هو. منهنجي به ساڻس ڊيوٽي هوندي هئي، چوندو هو ته بابا جائز ڪم هجي ته ڪجو ۽ جائز نه هجي  ته نه ڪجو. ماڻهن کي قانون کان واقفيت ڏجو. ائين هر اٺين يا 15 ڏينهن اچي پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان ملندو هو. مان اٽڪل ٻه سال بطور مختيارڪار ٽنڊوالهيار ۾ رهيس، ڪڏهن به محترم بچاڻي يا سندس ڀائرن يا مٽن مائٽن ڪو به ناجائز ڪم نه چيو. ٽنڊو الهيار خوشحال علائقو آهي ۽ اتي خوشحال، پڙهيل لکيل، اعليٰ عهدن تي رهندڙ ماڻهو جهڙوڪ عبدالجبار بچاڻي جيڪو ڊسٽرڪٽ سيشن جج رهيو، محمد صديق ميمڻ جيڪو آخر ۾ چيف سيڪريٽري به ٿيو، قائمخاني قوم جا ماڻهو جيڪي آرمي ۾ اعليٰ عهدن تي رهيا، سنڌ جو تمام وڏا زميندار جهڙوڪ محترم غلام حسين کوکر، ان جو اولاد تمام پڙهيل ڳڙهيل، پنهنجن هارين نارين، پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ رکندڙ. ان کان علاوه ٻڍو خان پتافي، ان جا ڀائر ۽ اولاد سڀ پڙهيل لکيل ۽ سٺا زميندار آهن، ان کان علاوه عبدالستار بچاڻي پاڻ سٺو زميندار ۽ ان جا ڀائر پڻ زميندار، پڙهيل لکيل ۽ اعليٰ آفيسر به آهن. يوسفاڻي قوم ۾ محمد اڪرم يوسفاڻي سٺو زميندار ۽ لائق انسان هو، سندس اولاد پڻ پڙهيل لکيل ۽ عبدالغني قائمخاني جيڪو زميندار به هو ۽ ٽنڊوالهيار ميونسپالٽي جو ڪافي وقت چيئرمين رهيو، سندس ڀائر آرمي ۾ وڏا آفيسر هئا. پاڻ پڙهيل لکيل ۽ بهتر انسان هو. خانزاده قوم جا ماڻهو زمينداري سان گڏ پڙهيل لکيل ۽ اعليٰ عهدن تي فائز رهيا آهن. مون اهو  ڏٺو ته قائمخاني ۽ خانزادا پنهنجي اولاد ۾ تعليم لاءِ اڳتي هئا، ٽنڊي الهيار شهر ۾ اهي ماڻهو ڏاڍي محبت سان رهن ٿا. هڪٻئي کي ڪم اچڻ، عام ماڻهوءَ جي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. ڪڏهن به ڪنهن ڪاموري کي ناجائز تنگ نه ڪندا هئا. ٽنڊي الهيار جي ٻئي تڪ ۾ عبدالغني درس ايم.پي.اي هو، هُو به عوام جي درن تي ويندو هو. عوام جا مسئلا ٻڌڻ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ هميشه سرگرم هو، تمام پڙهيل لکيل ماڻهو تمام سجاڳ  ذهن جو ماڻهو هو. ٽنڊي الهيار جي شخصيتن ۾ هڪ وڏي شخصيت سيد ڀورل شاهه جو اولاد، سيد امير علي شاهه ۽ سيد علي نواز شاهه ٽنڊي الهيار جا وڏا زميندار هئا. غريب ماڻهو سان محبت ڪندڙ، سندن اوطاق تي 24 ئي ڪلاڪ مانيءَ جو بندوبست هو. غريبن جي مالي مدد ڪندا هئا. مون ڏٺو ته هُو ڪنهن به لچ لوفر جي ڪا مدد نه ڪندا هئا. عام ماڻهوءَ سان پيار ۽ محبت سان ملندا هئا. ڏکي سکي ۾ عام ماڻهو سان گڏ هوندا هئا. ٽنڊي الهيار جو نصرپور شهر جتي سنڌ جي وڏي صوفي شاعر سيد مصري شاهه جي مزار آهي ان جا گادي نشين سيد مراد علي شاهه تمام محبت ڪرڻ وارا، زمينداري سندن پيشو آهي، سندس ٻيا ڀائر اعليٰ عهدن تي فائز آهن. نصرپور ۾ ٻيون به قومون رهن ٿيون، جن ۾ پيار محبت ۽ ٻڌي ڏسڻ وٽان آهي. جيڪي پڙهيل لکيل، ڪاروباري ۽ امن پسند ماڻهو آهن ۽ هنرمند ماڻهو آهن، جتي ڪپڙي ٺاهڻ جا ڪارخانا جنهن ۾ لُنگي ۽ سُوسيءَ جا ڪپڙا تيار ڪندا آهن. هتي هڪ مِٽيءَ جو پَٽُ آهي، جنهن سان سرون ٺاهيون وينديون آهن. ٽنڊي الهيار جي ڀرسان سيد نورمحمد شاهه جيلاني جو ڳوٺ آهي، جيڪو پڻ وڏو زميندار آهي. آهي ته هِتان جو پر اليڪشن ٿر مان کٽيندو آهي. جڏهن به اليڪشن ۾ بيهندو آهي ته اليڪشن کٽيندو آهي، تمام پيارو ۽ اعليٰ خوبين جو مالڪ آهي، ٽنڊي الهيار جو هڪ علائقو جيڪو چمبڙ ٽائون ڪاميٽي جي حيثيت رکي ٿو، اتان جي تمام سجاڳ ماڻهن هينئر پنهنجي اولاد کي پڙهايو، جنهن جي ضلعي سطح تي عزت هئي. ماڻهو ڪاروباري ۽ زراعت سان تعلق رکندڙ رهن ٿا. چمبڙ ۾ تمام وڏي مال پڙي لڳندي آهي، هيءُ علائقو زراعت تي مشتمل آهي، هن شهر جو استاد محمد حسن ڪاشف هو، جيڪو شاهه لطيف جو پارکو، عالم اديب، تاريخدان، محقق ۽ هڪ احمد ميمڻ صاحب رهندو هو. جنهن جو دسترخوان سدائين وڇايل هوندو هو، هو وڏو مهمان نواز هو.

استاد محمد حسن ڪاشف جيڪو ذات جو ڪنڀر هو، سندس تخلص ’ڪاشف‘ هو، منهنجو گهرو مهربان دوست هو، جنهن سان تعليم جي معيار جي باري ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون. ٽنڊوالهيار ۾ وڏو زرخيز علائقو آهي. جتي سنڌڙي انب جي اُپت گهڻي آهي، زراعت جي لحاظ کان انبن جا تمام گهڻا وڻ آهن، ڪڻڪ جو فصل به تمام بهترين ٿئي ٿو.

ٽنڊي الهيار ۾ 1991ع ۾ عبدالستار بچاڻي سان ملاقات ڪئي. ان وقت هو وزير ڪونه هو، مون کيس عرض ڪيو ته جڏهن توهان وزير هئو ته توهان منهنجو پروموشن نه ڪرايو، مون کيس هجت ۾ ميار ڏني. هن چيو ته محمد عثمان مان تنهنجو مياري آهيان. اها نصيب جي ڳالهه آهي جو مان توکي پروموشن نه ڏياري سگهيس. اها ڳالهه مون کان رهجي وئي. هاڻي مان تنهنجي پروموشن لاءِ ڪوشش ڪيان ٿو ۽ هن منهنجي سامهون ان وقت جي چيف سيڪٽري سيد سردار علي شاهه سان ڳالهايو ۽ ملاقات لاءِ وقت ورتو. هن کيس ٻئي ڏينهن يارهين وڳي ملاقات جو وقت ڏنو، بچاڻي صاحب مون کي چيو ته تون هتي رهه صبحاڻي مون سان گڏ هل چيف سيڪريٽري وٽ. ٻئي ڏينهن مان هن سان گڏ ويس پر اتفاق سان چيف سيڪريٽري وزيراعليٰ وٽ ميٽنگ ۾ ويل هو. بچاڻي صاحب وري ٻئي ڏينهن تي ملڻ جو وقت ڏنو. مون بچاڻي صاحب کان موڪلايو، ٽنڊي الهيار وڃڻ لاءِ ۽ کيس عرض ڪيم ته توهان کي پارت هجي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ مان پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هوس ته مون کي بچاڻي صاحب جو فون آيو، مون فون کنئي ته مون کي چيائين هيلو، ايس.ڊي.ايم محمد عثمان منگي صاحب. مون کيس چيو ته سائين مذاخ نه ڪريو. هن چيو ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ تنهنجو آرڊر کڻي اچان ٿو. جيستائين منهنجو آرڊر اچي مون کي بورڊ آف روينيو ۾ رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو. نئين بدلي ٿي آيل مختيارڪار غلام محمد ميمڻ چيو ته ٻن ڏينهن ۾ سامان سرڪاري گهر مان کڻ نه ته مان پاڻ ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيندس، مون کيس چيو ته هفتو کن مون کي ڇڏ منهنجو پروموشن ٿيڻ وارو آهي. مان هفتي کن ۾ سامان کڻي بنگلو خالي ڪري ويندس، پر هن جواب ڏنو. ٻئي ڏينهن تي منهنجو آرڊر بطور ايس.ڊي.ايم ٽنڊو الهيار ٿي ويو، ۽ مان جيئن ته حيدرآباد جي گهر ۾ رهيل هوس، مان صبح جو تيار ٿي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد سڀاڳي خان جتوئي سان ملاقات لاءِ سندس بنگلي تي ملڻ ويس، ۽ کيس اطلاع ڪيم ملاقات ڪرڻ جو. جنهن پڇا ڪرائي ته ڪهڙي ڪم سان آيا آهيو، مون کيس چيو ته منهنجو ايس.ڊي.ايم ٽنڊوالهيار جو آرڊر ٿيو آهي، ايس.ڊي.ايم طور جوائن ڪرڻ جي سلسلي ۾ توهان کان اجازت وٺڻ آيو آهيان. سڀاڳو خان جتوئي کي حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور 8-9 مهينا ٿيا هئا ۽ خاص طور سواءِ ڪنهن ميٽنگ جي هو مختيارڪارن سان هروڀرو نه ملندا هئا. تنهنڪري مون سان ملاقات ڪرڻ کان جواب ڏنائين ۽ چوائي موڪليائون ته مون ٻئي اسسٽنٽ ڪمشنر لاءِ ڊي.او ليٽر لکي ڇڏيو آهي، انڪري توکي اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوالهيار جي چارج سنڀالڻ لاءِ اجازت نٿو ڏئي سگهان. ايتري م مون محترم ڪي.بي رند کي اسلام آباد فون ڪري کيس حقيقت کان آگاهي ڏني ته وڏي مشڪل سان منهنجو اسسٽنٽ ڪمشنر طور پروموشن ٿيو آهي. منهنجي ايس.ڊي.ايم طور ٽنڊي الهيار ۾ پوسٽنگ ٿي آهي، پر حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر سڀاڳو خان جتوئي مون کي چارج نٿو ڏيڻ چاهي ۽ هن ٻئي آفيسر جي مقرري لاءِ ڊي.او ليٽر لکي ڇڏيو آهي، انڪري توهان منهنجي مدد ڪريو ۽ سڀاڳي خان جتوئي سان ڳالهايو ڇاڪاڻ ته هو مون کي نٿو سڃاڻي. مون کي ڪي.بي رند چيو ته تون پنجن منٽن کان پوءِ مون سان وري ڳالهائجانءِ. پنج ڏهه منٽ گذرڻ کان پوءِ مون ڪي.بي رند سان ڳالهايو، مون کي چيائين ته تون هاڻي وڃي سڀاڳي خان جتوئي سان مل، هو توسان ملاقات به ڪندو ۽ چارج وٺڻ جي به اجازت ڏيندو. مان ساڻس ملڻ ويس هن ملاقات ڪئي ۽ چيو ته وڃي چارج وٺ. هن مون کي ڪي هدايتون به ڏنيون. هن چيو ته توهان ٻن سالن کان ٽنڊي الهيار ۾ مختيارڪار رهيا آهيو، انڪري توهان کي سڄي علائقي جي خبر آهي، تنهنڪري اُتان جي ماڻهن سان سٺو سلوڪ رکجو.

ٻه هفتا کن گذريا، مان پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هئس ته اٽڪل صبح جو يارهين وڳي ڊپٽي ڪمشنر سڀاڳو خان جتوئي اوچتو منهنجي آفيس ۾ آيو. مون کان معلوم ڪيائين، مون کيس ٻڌايو ته روينيو جي حوالي سان ميٽنگ ڪرائي آهي، پاڻ ان وقت ويٺو ۽ روينيو عملي سان ملاقات ڪيائين. شهر جا ڪافي معزز ساڻس ڪم ڪارين سان ملڻ آيا. ملاقات دوران هو ماڻهن کان منهنجي ڪم ڪار جي باري ۾ معلومات به وٺندو رهيو. ڪلاڪ ٻن کان پوءِ واپس حيدرآباد هليو ويو. وري 15-20 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ اوچتو بغير اڳواٽ اطلاع جي هو منهنجي آفيس ۾ هليو آيو. ان وقت مان ۽ ڊي.ايس.پي لا ۽ آرڊر جي حوالي سان سب ڊويزن جي پوليس عملدارن ۽ معزز شهرين سان ميٽنگ ڪري رهيا هئاسين ته سڀاڳو خان جتوئي اوچتو آفيس ۾ اندر اچي ويو. پڇا ڪرڻ تي کيس گڏجاڻي بابت آگاهي ڏني ۽ هن پاڻ گڏجاڻي ڪئي. وڃڻ مهل هن مون کي شاباس ڏني ۽ چيو ته تون قابل ماڻهو آهين. اوچتي اچڻ جو مقصدئي اهو هو ته تنهنجو ڪم ڪار جاچيان. هاڻ مون کي پڪ ٿي آهي ته تون سب ڊويزن بهتر طور هلائي سگهين ٿو. اٽڪل ٽن چئن مهينن گذرڻ کان پوءِ ضلعي حيدرآباد ۾ هرهڪ سب ڊويزن لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کلي ڪچهري ڪرڻ جو پروگرام جاري ڪيو. ان وقت حڪومت طرفان  سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته کلي ڪچهري ڪري عوام جا مسئلا معلوم ڪيو ۽ حل ڪيو.

ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد سڀاڳي خان جتوئي حيدرآباد جي  چئن سب ڊويزن، سب ڊويزن حيدرآباد، سب ڊويزن ٽنڊو محمد خان، سب ڊويزن هالا ۽ سب ڊويزن ٽنڊوالهيار ۾ کلي ڪچهرين جو شيڊول جاري ڪيو. ان سلسلي ۾ شيڊول موجب پهرين کلي ڪچهري حيدرآباد جي سب ڊويزن ٽنڊوالهيار ۾ رکيائين. اها ڪچهري چمبڙ ۾ ٿي. چمبڙ حيدرآباد کان 18 -20 ميل پري آهي ۽ گهڻو تڻو ٻهراڙي جو علائقو آهي. کلي ڪچهري جو صبح 11 وڳي وقت مقرر هئو. اسان اهڙو خط ملڻ سان پنهنجي سب ڊويزن جي عام ماڻهن کي ميونسپل ڪاميٽي، ٽائون ڪاميٽي ۽ يونين ڪائونسل ليول تي اطلاع عام ڪيوسين ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد مسئلا معلوم ڪرڻ لاءِ چمبڙ ۾ کُلي ڪچهري ڪري رهيو آهي. اسان پنهنجي تياري شروع ڪئي، کِسانا موري کان وٺي ويهن ميلن تائين مختلف ڪلرن ۾ وڏا ڪپڙي جا بينر لڳراياسين. سڄي ويهه ڪلوميٽر روڊ کي بينرن سان سينگاريوسين، سڄي سب ڊويزن جي زميندارن، عام ماڻهن هزارن جي تعداد ۾ کيسانا موري تي گڏ ٿي ڊپٽي ڪمشنر جو آڌرڀاءُ ڪيائون. اتي جي ڳوٺن جا ماڻهو ڊپٽي ڪمشنر جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا. اجرڪ ۽ گُلن جا تحفا کڻي آيا. جڏهن سڀاڳو خان جتوئي صبح جو 10:30 وڳي کيسانا موري تي پهتو جتان ٽنڊوالهيار سب ڊويزن جي حد شروع ٿئي ٿي، جيئن سندس گاڏي پهتي ماڻهن گلن جي ورکا شروع ڪئي، گاڏي ۽ روڊ گلن سان رنڱجي ويو،. جڏهن هو گاڏي مان لٿو ته هزارين ماڻهن کيس اجرڪ پارايا ۽ گلن جا هار پارايا. مون کي چيائين ته تو ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. مون کيس چيو ته سائين هي ماڻهو توهان جي استقبال لاءِ آيا آهن، توهان سان محبت ڪن ٿا. ماڻهن سان ملندي کيس اٽڪل هڪ ڪلاڪ کسانا موري تي لڳي ويو. جڏهن کِسانا موري تان چمبڙ لاءِ روانو ٿيو ته رستي تي هزارين ماڻهن سندس استقبال ڪيو ۽ هڪ وڏي قافلي جي صورت ۾ ٽنڊي الهيار پهتو. جتي سڄي ٽنڊوالهيار جي ماڻهن سڄو ڪاروبار بند ڪري هن جي استقبال لاءِ آيا هئا. عام ماڻهن سندس استقبال ڪيو. ائين ڪڏهن به نه ٿيو هو ته ٽنڊي الهيار جا ماڻهو پنهنجو ڪاروبار بند ڪري اچي ڪاموري جو استقبال ڪن. ٽنڊوالهيار کان چمبڙ وڃڻ لاءِ کيس اٽڪل هڪ ڪلاڪ لڳي ويو. ٽنڊي الهيار کان چمبڙ رستي جي مختلف هنڌن تي سندس استقبال ٿيو. گلن جي ورکا ٿي ۽ کيس ڳوٺاڻن اجرڪ پارايا. سردار غلام حسين کوکر پاڻ پنهنجن پٽن، ڀائرن، هارين، ڳوٺاڻن سان ڊپٽي ڪمشنر جو ٽنڊي الهيار ۾ استقبال ڪيو. ٻڍي خان پتافي پنهنجي ڀائرن، دوستن، هارين، عبدالغني قائمخاني چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوالهيار پنهنجي برادري سميت، يوسفاڻي، بچاڻي ۽ ٻين قومن جا چڱا مڙس، محمد بچل پلهه پاڻ پنهنجي هارين، دوستن سان اچي ڊپٽي ڪمشنر جو ٽنڊوالهيار استقبال ڪيو. اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ هيءُ قافلو کلي ڪچهري جي هنڌ چمبڙ ۾ پهتو. ان وقت منجهند جا ٽي ٿي رهيا هئا، اتي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي چمبڙ سپاسنامو پيش ڪيو ۽ علائقي جي ماڻهن به ڳالهايو. هيءُ ڪچهري شام جو 5 وڳي ختم ٿي. آخر ۾ سڀاڳي خان جتوئي هٿ ٻڌي آيلن جو شڪريو ادا ڪيو، هن چيو ته هِتان جي عوام جو ڏنل مانُ زندگي ڀر وساري نه سگهندس. ۽ چيائين ته اها توهان منهنجي ته تمام وڏي عزت ڪئي آهي، پر اها عزت توهان محمد عثمان منگي جي ڪئي آهي، هن کي مانُ ڏنو آهي.

اهڙا اگر ٻيا به ڪجهه آفيسر هجن ته هر علائقي جا مسئلا جيڪر حل ٿي وڃن. وقت گذرندو رهيو منهنجون سڀاڳي خان سان ملاقاتون ٿينديون رهيون. اٽڪل هڪ سال گذرڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن مون ڊپٽي ڪمشنر سڀاڳي خان کي عرض ڪيو ته پرائمري اسڪول جا شاگرد توهان سان رهاڻ ڪرڻ چاهين ٿا، ان لاءِ توهان وقت ڏيو. ڇاڪاڻ ته توهان جي ڪيل کُلي ڪچهري وڏي سجاڳي آندي آهي ۽ ماڻهن کي ياد آهي، توهان کي اتان جو عوام ياد ڪري ٿو، توهان جو پيغام علم، ادب، صحت و تندرستي، راندين جي باري ۾ سٺو انسان ٿيڻ جي باري ۾جيڪا ڄاڻ ڏني آهي. ان ڪري هِتان جا ٻار مون وٽ آيا ته هو ڊپٽي ڪمشنر سان رهاڻ ڪرڻ چاهين ٿا. هن مسڪرائي مون کي چيو، اها ته مون لاءِ هڪ ڊپٽي ڪمشنر لاءِ نئين ڳالهه آهي. مون وري کيس چيو ته هن رهاڻ ۾ اسان جا ٻار ڪرسي نه رکندا. توهان کي اسڪول جي بينچ تي ويهاريندا، تنهن تي پنهنجون يادون ياد ڪري سندس اکين ۾ لُڙڪ تري آيا ۽ چيائين ته ٻار جنهن بينچ تي مون کي ويهارين ٿا اها مون لاءِ وڏي ڪرسي آهي، ان کان پوءِ هن مون کي تاريخ ۽ وقت ڏنو ۽ آفيشل خط لکي موڪليو، جنهن ۾ اٽڪل ڏهن ڏينهن جو وقفو هو. اسان اهو پروگرام ٽنڊي الهيار جي پرائمري اسڪول ۾ منعقد ڪيو. هن پروگرام ۾ ٽنڊي الهيار اسڪول جا استاد، شاگرد، معزز ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي جوڙيل اسٽيج تي صرف هڪڙي بينچ رکيل هئي، جتي ڊپٽي ڪمشنر صاحب ويٺو. سڀاڳي خان جتوئي گلن جي ورکا ۾ اسٽيج تي پهتو. جڏهن اسٽيج تي لڳل بينر پڙهي ڏٺائين ته انتهائي اچرج ۾ اچي ويو جو ان بينر تي سندس وڏي فوٽو سان گڏ هڪ ٻار جو فوٽو ۽ پٽي ۽ مس ڪُپڙي ٺهيل هئي، اهو عڪس ڏسي اکين مان لُڙڪ لاڙي ويٺو. هڪ شاگرد ان پروگرام جي ڪاروائي هلائڻ لاءِ کانئس اجازت گهري. پوءِ هڪ شاگرد تلاوت ڪئي، اسڪول جي شاگرد مسئلن تي سپاسنامو پڙهيو، پنجن شاگردن سڀاڳي خان جتوئي جي بچپن جي زندگي، ڳوٺاڻي زندگي، استادن جن کيس پڙهايو، سندس تڪليفن ڪاميابين ۽ ايئرفورس ۾ ڪيپٽن ٿيڻ ۽ پوءِ سي.ايس.ايس ڪري ڊپٽي ڪمشنر ٿيڻ تائين جي سفر کي خوبصورت نموني چٽيو ۽ چيو ته اسان کي فخر آهي ته اهو جفاڪش، محنتي ۽ ڪامياب انسان اسان سان گڏ اسڪول جي بينچ تي اسان سان گڏ ويٺو آهي. شاگردن کان پوءِ ٻٽن استادن ۽ والدين به تقريرون ڪيون. هن روح رهاڻ پروگرام ۾ سب ڊويزن جا آفيسر چيئرمين ٽائون ڪاميٽي، ميونسپل ڪاميٽي ۽ يونين ڪائونسل جا چيئرمين ۽ ميمبر، تعليم کاتي جا اعليٰ آفيسر، سنڌ جو عظيم شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهي، جنهن جا ٻار پرائمري اسڪول ۾ پڙهي رهيا هئا، ايس.ڊي.او ايجوڪيشن ٽنڊوالهيار محمد ساجن ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي، آخر ۾ سڀاڳي خان جتوئي کي ٽوپي ۽ اجرڪ شاگردن پارايو ۽ پٽي ڪلڪ، مس ڪپڙي ۽ سنڌي ڪتاب ڏنا جن کي هن وٺي اکين تي رکي چُميو، ان کان پوءِ هن تقريرڪئي ۽ چيو ته تعليم ڪيتري قدر مفيد آهي، هن تعليم جي باري ۾ گهڻو زور ڏنو، هن علائقي جي ماڻهن کي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جي اپيل ڪئي. هن ٻڌايو ته هو کڏڙي شهر ۾ گهوڙن جي تنبيلي ۾ رهندو هوس ۽ هميشه پڙهڻ کي ترجيح ڏيندو هوس، محنت ڪندو هوس. منهنجا ماءُ پيءُ غريب ماڻهو هئا، انهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهان ۽ انهن کي وسارڻ نه گهرجي. اڄ مان هن منزل تي پهتو آهيان ان ۾ مان پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ استادن لاءِ دعاڳو آهيان، ۽ هميشه دعاڳو رهندس، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو هيءُ منهنجي زندگي جي اهم روح رهاڻ آهي. جو توهان مون کي وري ننڍڙي سڀاڳي خان سان يادگيرين ۾ ملايو آهي، مون محسوس ڪيو ته سڀاڳو خان ڳالهائيندي ڪيترائي ڀيرا اکين مان لڙڪ اگهندو رهيو ۽ پنڊال کي ڏکارو ڪيو، پنهنجين محنتن، تڪليفن جو ذڪر ڪري وڏو پيغام ڏئي ويو ۽ ٻارن کي محنت جو پيغام ڏنو. منهنجي دل ۾ اها اميد ٿي ته هيءَ ٻار به محنت ڪندا. پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀاڳو خان حيدرآباد واپس ٿيو، ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ مون کي سڀاڳي خان چيو ته الله توکي ڊپٽي ڪمشنر ڪري، تون سجاڳ ماڻهو آهين، هر شيءِ تي تنهنجي نظر آهي. هن منهنجو شڪريو ادا ڪيو ۽ دعا ڪئي. 6-7 مهينن کان پوءِ ٽنڊي سومري جي شاگردن جيڪي ڪرڪيٽ راند جا شوقين هئا، جن محترم امداد نظاماڻي جيڪو پڻ ڪرڪيٽ جو شوقين هو، معرفت گذارش ڪئي. سڀاڳي خان کي عرض ڪيو ته توهان ڪرڪيٽ جا شوقين آهيو سو مون کيس دعوت ڏني ته اسان جي شاگردن سان ڪرڪيٽ کيڏو. هن دعوت قبول ڪئي، ڏنل تاريخ ۽وقت تي ڪرڪيٽ راند جي ڪٽ ۾ ٽنڊي سومري آيو ۽ ڪرڪيٽ راند کيڏي، ڏاڍو خوش ٿيو. اتي ٽنڊي الهيار سب ڊويزن جا ڪرڪيٽ جا رانديگر به آيا ۽ راند کيڏي. راند کان پوءِ هن سڀني کي شاباس ڏني ته توهان تعليم سان گڏ راند کي اهميت ڏيو ٿا. هن امداد نظاماڻي کي چيو ته جيڏو تون سٺو ذميندار ۽ آبادگار آهين ايترو سٺو رانديگر به آهين. سڀاڳو خان منهنجي سب ڊويزن ۾ ايندو رهيو، ان دور ۾ ڌاڙيلن جو دور هو انڪري  لا اينڊ آرڊر جي گڏجاڻين جي سلسلي ۾ ايندا هئا، سڀاڳو خان جيترو وقت ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد رهيو ان دور ۾ ڌاڙيلن جو دور هو هو چوويهه ڪلاڪ سجاڳ رهندو هو. ڪنهن ڪاروائي جي صورت ۾ اڌ رات جو اتي پهچي ويندو هو. پوليس سان ٿيل مقابلن ۾ هو به گڏ هوندو هو، پوليس سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلندو هو، جنهن علائقي ۾ ڌاڙيل ڪاروائي ڪندا هئا اتي پهچي ويندو هو.

ٻن سالن کان پوءِ مون هڪ ڏينهن کيس عرض ڪيو ته سائين ٽنڊي الهيار جا ننڍا هاري توهان سان پنهنجي ٻني ۾ ڪچهري ڪرڻ ٿا چاهين، ڇا توهان هارين سان پٽ تي ويهي ڪچهري ڪندؤ؟ مون کي چيائين ته اها مون لاءِ تمام وڏي ڳالهه ٿيندي. پوءِ اسان مِسڻ ڳوٺ ۾ هڪ ننڍي هاري جي ٻني ۾ ڪچهري جو پروگرام ڪيو. ان ۾ ڳوٺ جي هارين ۽ زرعي ماهرن، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي زرعي پروگرام وارا ان پروگرام کي رڪارڊ ڪرڻ آيا، پڇڙي جي علائقي ۽ پاڻي جي کوٽ جي ڪري ايريگيشن ۽ ايگريڪلچر جي اعليٰ آفيسرن کي به مدعو ڪيوسين. ان موقعي تي سنڌي پلاءُ جون ديڳيون تيار ڪرايوسين، ان موقعي تي هارين دهل شرنانين وارن کي گهرايو. اجرڪ ۽ گل ڊي.سي کي پارايا دلن ۾ پاڻي پيل هو، ٺڪر جي ٿانون ۾ ماني کاڌيسين. مغرب کان پوءِ سڀاڳو خان ڪچهري واري هنڌ پهتو، جتي حال احوال، ڏور، سگهڙائپ جون ڳالهيون، بيت وايون، شاهه لطيف جا پارکو ۽ راڳ جي محفل ٿي، جنهن ۾ مقامي فنڪارن حصو ورتو، دل وندرائڻ، کل ڀوڳ جون ڳالهيون سڀاڳي خان ٻڌيون ۽ ڏٺيون ۽ سڀاڳي خان جتوئي هارين جا مسئلا، پاڻي جو مسئلو توڙي ٻِج ڀاڻ جو معاملو هجي دل سان ٻڌيون.

ريڊيو پاڪستان اهو سمورو پروگرام رڪارڊ ڪيو، اها چوڏهين جي رات هئي ۽ سڀاڳو خان چنڊ وانگر ٻهڪي پيو. پنهنجي تقرير ۾ چيائين ته اسان مسڪين مارو ماڻهو آهيون، منهنجا ناناڻا هاري هئا، منهنجو جنم ان هارياڻي جي ڪُک مان ٿيو آهي، جيڪا هڪ هارياڻي ۽ سگهڙ ماءُ آهي ۽ ائين محفل ختم ٿي ۽ هرڪو موڪلائي پنهنجي ماڳ تي روانو ٿيو. سڀاڳي خان سان اسسٽنٽ ڪمشنر طور اٽڪل اڍائي سال ڪم ڪيو ۽ سڀاڳو خان ٽرانسفر ٿي جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي ويو. ان کان پوءِ مان ڇهه مهينا رهيس ۽ ائين مون بطور اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي ٽنڊي الهيار ۾ رهيس ۽ پوءِ خيرن سان منهنجي به اتان بدلي ٿي. ان کان پوءِ مان مختلف سب ڊويزنن، مورو، سانگهڙ ۾ به رهيس ۽ وري مون کي سڀاڳو خان وري جڏهن هو ڊپٽي ڪمشنر سکر ٿيو ته پاڻ وٽ ڊسٽرڪٽ اسسٽنٽ ڪمشنر سکر ڪرايو ۽ مون کي چيو ته تون 6 مهينن لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر سکر ٿي اچ ڪجهه ڪم آهي جنهن ۾ تنهنجو اچڻ ضروري به آهي. پوءِ جڏهن منهنجو آرڊر ٿيو ته مون وڃي جوائن ڪيو. ٻين اهم ڪمن کان علاوه مون کي چيائين ته هتي آچر بازار لڳرائجي، مون محنت ڪري اسٽيشن سامهون ريلوي بازار لڳرائڻ لاءِ ڪوشش ورتي، سڀاڳو خان جتوئي آچر بازار ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ائين هر آچر تي سکر ۾ آچر بازار لڳرائيندو رهيو. ائين اٽڪل چئن پنجن مهينن کان پوءِ مون کيس عرض ڪيو ته منهنجي فيملي حيدرآباد اڪيلي آهي، مهرباني ڪري منهنجي بدلي ڪرايو ته جيئن مان گهر کي ويجهو ٿيان. ائين پنجن مهينن کان پوءِ منهنجي سکر کان بدلي ٿي. مون سڀاڳي خان جتوئي کان موڪلايو، سڀاڳو خان جتوئي تمام سٺو، سجاڳ ۽ همٿ وارو آفيسر رهيو. جيڪي به فيصلا ڪندو هو سو سوچي سمجهي فيصلا ڪندو هو، پنهنجي ماتحت عملي سان سٺو سلوڪ رکندو هو ۽ عزت ڏيندو هو، ضلعي جي سڀني آفيسرن توڙي پوليس سان هو 24 ڪلاڪ رابطي ۾ رهندو هو. مون ڏٺو ته جڏهن به ميٽنگ ٿيندي هئي، ته تلاوت شريف پاڻ ڪندو هو، تمام سٺو ديني مطالعو هئس، ائين سڀاڳي خان سان ڏينهن ۽ راتيون گذريون، جيڪي وساري نه سگهيو آهيان. مان سمجهان ٿو ته ان کان به اهي نه وسرنديون.

محمد شريف بلوچ: سال 83-1982ع ۾ مان مختيارڪار سانگهڙ ٿي آيس، ان وقت محمد شريف بلوچ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ هو، محمد آدم قاسمي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ محترم محمد بچل ٻوهيو ايس.ڊي.ايم سانگهڙ هو. جن کي منهنجي اڳي ئي ڄاڻ هئي ته مان اسسٽنٽ ڪمشنر مان مختيارڪار ٿيو آهيان، هو منهنجي همت افزائي ڪندا رهيا ۽ ڏاڍو مان ڏيندا ۽ عزت ڏيندا هئا. ٽن مهينن گذرڻ کان پوءِ مان پنهنجي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد آدم قاسمي کي عرض ڪيو ته سانگهڙ سنڌ جو تاريخي ضلعو آهي، هن ۾ حضرت پير صاحب پاڳاري جا حر رهن ٿا، جيڪي پاڪستان لاءِ جنگين ۾ ڀرپور حصو وٺندا رهيا آهن، پاڻ نڀاهيندا آهن، ڇو نه هن تاريخي شهر ۾ جشن سانگهڙ ملهايون. هتان جي ريتن، رسمن ۽ ثقافت کي نروار ڪيون، ۽ هڪ ضلعي سطح تي ٽن ڏينهن جو جشن سانگهڙ ڪري ملهايون. اها حقيقت قاسمي صاحب ڊپٽي ڪمشنر سان ڪئي ۽ مون کي به گهرايو، پوءِ ضلعي جي هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمن ۽ ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين ۽ ثقافت جي ڄاڻو ماڻهن کي گهرايو ۽ هڪ ڀرپور ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ خاص طرح سان ضلع ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمينن شرڪت ڪئي. ثقافت جي پارکو ۽ محقق عبدالله ورياهه به شرڪت ڪئي. سڀني کان رايا ورتا ويا. مرحوم عبدالله ورياهه تجويز ڏني ته جشن سانگهڙ بجاءِ سانگهڙ ثقافتي ميلو لڳايو وڃي.  اهڙي رِٿ قبول ڪئي وئي. اهو ميلو ٽن ڏينهن بجاءِ پنج ڏينهن جاري رهيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، الاهي بخش سومرو ۽ سنڌ جي صوبائي و ثقافتي وزيرن شرڪت ڪئي. سنڌي راڳين ڳايو ۽ داد حاصل ڪيو، اهو ثقافتي ميلو سانگهڙ جي تاريخ ۾ يادگار رهيو. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ملهه مقابلا، ڏاندن جي ڊوڙ، ادبي ڪانفرنس، سگهڙن جي ڪچهري وارا پروگرام نئين انداز ۾ ڪرايا ويا. ان سلسلي لاءِ هڪ ڪشادي ۽ سٺ باءِ ٽيهه جي ڊگهي ۽ وڏي اسٽيج ٺهرائي وئي هئي، بهتر روينيو ڪم ڪار ۽ ان ڪم جي ڪارڪردگي تي ڊپٽي ڪمشنر محمد شريف بلوچ بورڊ آف روينيو کي منهنجي لاءِ ٻه ايڊوانس انڪريمينٽس تجويز ڪري موڪليون، ان کان علاوه ڪجهه سال گذرڻ کان پوءِ هڪ تعليمي سيمينار منعقد ڪرايو، جنهن ۾ تعليم ڪيتري قدر مفيد آهي جي موضوع تي هن موضوع تي تقريري مقابلو ٿيو. سٺي تقرير ڪندڙ شاگردن کي سائيڪل، پکو ۽ شاگردياڻين کي سلائي مشين ڏني وئي، ان جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر محمد آدم قاسمي ڪئي ۽ پهريون ڀيرو بخشڻ مهراڻوي جيڪو اڄ جو وڏو خوبصورت ڪمپيئر آهي ڪمپئرنگ ڪئي. اٽڪل ڏيڍ سال کان پوءِ منهنجي اتان بدلي ٿي وئي.

محمد عثمان پنهور: سال 93-1994ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شهدادپور ٿي آيس، ان وقت محمد عثمان پنهور ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ هو. انهن ڏينهن ۾ روينيو جي ڪم ڪار کان علاوه مان تعليمي سيمينار ڪرايا ۽ پوري سنڌ جي تعليمي ماهرن، اسڪالرن جن ۾ سڀني يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي دعوت ڏني، ۽ سڀني يونيورسٽين جا نمائندا آيا، لاڙڪاڻي مان ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، حميد سنڌي، ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيمينار جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد عثمان پنهور ڪئي. اهو تعليم جي حوالي سان هڪ تاريخي سيمينار هو، جنهن ۾ پري پري کان تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ مقررن تعليم لاءِ محنت جي ضرورت تي زور ڏنو. ڊپٽي ڪمشنر آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو، ۽ آيل مهمانن کي اجرڪ اوڍايا. ان موقعي تي سڀني کي سليٽ پٽي، مس ڪُپڙي ۽ ڪلڪ جا سيٽ ورهايا ويا. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ اسان فلم، ٽي.وي ۽ ريديو جي اداڪارن پي.ٽي.وي ڪراچي جي سنڌي اداڪارن ۽ ڊائريڪٽرن کي شهدادپور گهرايوسين ۽ انهن کي گولڊ ميڊل ڏناسين، جن ۾ قربان علي چنه، صلاح الدين تنيو، نورمحمد لاشاري، انور سولنگي، مشتاق جسڪاڻي، مشتاق چنگيزي، شهزادي ۽ ٻين فنڪارن کي گولڊ ميڊل ڏنا ويا. ان موقعي جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد عثمان پنهور ڪئي. محمد عثمان پنهور پنهنجي آفيس ۾ دروازا کولي کلي ڪچهري ڪندو هو ۽ ماڻهن جي مسئلن تي احڪامات جاري ڪندو هو، اهڙيءَ طرح هڪ ڏينهن هڪ سب ڊويزن ۾ گذاريندو هو. ماڻهن جي مسئلن ٻڌڻ ۽ احڪامات جاري ڪندو هو. اسڪول، اسپتال ۽ ڪاليج وزٽ ڪندو هو ۽ شهر جي صفائي ۽ سٿرائي لاءِ شهر جو دورو ڪندو هو، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ۽ ميونسپل ڪاميٽي کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندو هو. محمد عثمان پنهور ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ڪنهن شهر، ڳوٺ ۾ پهچي ويندو هو، وائرليس ڪري آفيسرن کي گهرائيندو هو، ۽ کليل ڪچهري ڪري عوام جا مسئلا ٻڌندو ۽ حل ڪندو هو. 97-1996ع جي آخر ۾ منهنجي اتان بدلي ٿي وئي. پوءِ مان سکر جو
SDM ٿي ويس. محمد عثمان پنهور مون کي روڪيو ته تو ڇو بدلي ڪرائي آهي. مون کيس چيو ته مون کي هتي ٻه سال ٿيا آهن. منهنجي بدلي ڪرائڻ تي صوبائي وزير عبدالسلام ٿهيم به ناراض ٿيو، پر مون سڀاڳي خان جتوئي جي چوڻ تي بدلي تي ها ڪئي هئي.

محمد شفيق کوسو: 1997ع ۾ محترم شفيق کوسو صاحب ڪمشنر حيدرآباد ان مون کي سيڪريٽري آر.ٽي.اي رکرايو. ڪجهه مهينن کان پوءِ مان کيس عرض ڪيو ته سائين مان سيڪريٽري RTA نٿو رهڻ چاهيان ڇاڪاڻ ته هن ڪم ڪرڻ ۾ تمام گهڻيون تڪليفون ۽ طريقيڪار غلط آهن، ان ڪري سڌاري نٿو سگهان. اها به ڳالهه ڪيان ته مان ۽ شفيق احمد کوسو گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر ٿياسين، گڏ ٽريننگ حاصل ڪئي، منهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر مان مختيارڪار ٿيڻ تي هن کي ڏاڍو رنج پهتو، هو سدائين مون کي همٿائيندو رهندو هو. سو منهنجي عرض تي هن مون کي SDM ماتلي ڪرايو. مون کيس عرض ڪيو ته توهان جي مهرباني. مون هن کي چيو ته ڇا مون کي ڊپٽي ڪمشنر چارج ڏياريندو. هن ڊپٽي ڪمشنر کي فون ڪري چارج ڏيڻ لاءِ چيو. پوءِ مان SDM ماتلي ٿي رهيس، جتي مان روينيو جي ڪم کان علاوه محنت ڪئي، اها تمام سٺي سب ڊويزن هئي. هتي تمام قابل آفيسر ٿي گذريا هئا، خاص طور عبدالغفور نظاماڻي، حاجي شفيع محمد نظاماڻي، پيرل خان نظاماڻي، محمد اڪرم نظاماڻي، ڊاڪٽر بشير نظاماڻي ان کان علاوه ٽنڊو غلام علي ۾ مير بنده علي نظاماڻي (جيڪو وقت جو وزيراعليٰ به رهيو) ان جو اولاد مير غلام علي ۽ مير بابو خان، حاجي عبدالله هاليپوٽو جيڪو هميشه ايم.اين.اي رهيو، بشير هاليپوٽو جيڪو ايم.پي.اي رهيو آهي، اهي هِتان جا مانائتا، خوشحال ۽ زمينداري پيشي سان وابسته رهيا. غريبن جا هڏڏوکي ۽ غريبن لاءِ سندن اوطاق جا دروازا کليل رهندا هئا. عام ماڻهو سان سولائي سان ملندا هئا. عزت ۽ محبت ڏيڻ وارا ماڻهو. مون سان سندن ورتاءُ تمام سهڻو رهيو. مان ٽي سال ماتلي ۾ بطور SDM رهيس، مون کي هنن ڪڏهن به غلط ڪم لاءِ نه چيو. اتي مان تعليمي سيمينار ڪرايا، زرعي سيمنار ڪرايا، جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ وائيس چانسيلر مهراڻ يونيورسٽي، اسرا يونيورسٽي جو چانسيلر، ڊاڪٽر اسد الله قاضي، زرعي يونيورسٽي جا وائيس چانسيلر، ڊاڪٽر اي.ڪيو مغل، ڊاڪٽر بشير چانڊيو سيمينارن ۾ ايندا رهندا هئا. سيمينارن ۾ ٻارڙن کي به گهرائيندا هئاسين، سندن امتحاني ڪارڪردگي تي انعام ڏنا ويندا هئا.

اهڙن محنتي ٻارڙن جي والدين کي پٽڪو ٻڌرايو ويندو هو ۽ استادن کي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايا ويندا هئا، ان ۾ ڊپٽي ڪمشنر عبدالقادر ميمڻ ۽ اقبال دراني صدارت ڪندا هئا. ۽ مهمان خاص ڊاڪٽر اي.ڪيو مغل، ڊاڪٽر بشير چانڊيو، پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال جيڪو ماتلي جو رهواسي هو، اسحاق ابڙو صدارت ڪندا هئا. ننڍي هاري کي ڏاندن جو جوڙو، هر وغيره انعام طور ڏنا ويندا هئا. ان کان علاوه مون ماتلي ۾ سنڌي فلم، ٽي.وي ۽ ريڊيو جي اداڪارن پروڊيوسرن ۽ ليکڪن جن ۾ شفيع محمد شاهه، صلاح الدين تنيو، سڪينه سمون، عبدالقادر جوڻيجو، انور سولنگي، محمد بخش سميجو، محمود صديقي، يار محمد شاهه آيا. ان موقعي تي ڊاڪٽر غلام علي الانا صدارت ڪئي ۽ خاص مهمان عبدالله ورياهه هو، ان موقعي تي يارمحمد شاهه ۽ محمود صديقي کي پڳ ٻڌرائي ۽ ٻين اداڪارن کي گولڊ ميڊل پارايا ويا. انهن مهمانن جو استقبال ٽنڊي محمد خان کان ماتلي تائين ڪيو ۽ کين پنڊال ۾ وٺي آيا. انڪري ماتلي شهر جو تاريخي پروگرام طور ياد ڪندا آهن. اهو پروگرام محفل موسيقي سان جيڪي صبح جو چار وڳي پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

ٽنڊي الهيار ۾ بطور اسسٽنٽ ڪمشنر جي وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقات:

جڏهن مون ٽنڊي الهيار جي اسسٽنٽ ڪمشنر طور جوائن ڪيو ته مس ٻه ڏينهن گذريا هوندا ته مون کي اطلاع مليو ته توکي سنڌ جي وزيراعليٰ ڄام صادق علي ٽنڊي آدم ريسٽ هائوس ۾ صبح جو 9 وڳي ملاقات لاءِ سڏيو آهي. مان تيار ٿي صبح جو پوڻين 9 وڳي ٽنڊو آدم جي ريسٽ هائوس پهتو هوس. ٿوري دير ۾ وزيراعليٰ به ريسٽ هائوس پهتو، اتي سندس پٽ ڄام ذوالفقار علي مليو جيڪو مون کي گهڻي وقت کان سڃاڻندو هو، مون کي مبارڪ ڏنائين، ۽ چيائين مون بابا کي ٻڌايو ته تون ٽنڊي الهيار جو اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو آهين، مون ئي توکي هتي گهرايو آهي. تون ڊڄ نه، تون صرف بابا (وزيراعليٰ) سان هٿ ملائي هليو وڃجان. جڏهن وزيراعليٰ ڄام صادق علي سان سندس پٽ هلي ملايو ۽ تعارف ڪرايو. وزيراعليٰ مون کي مبارڪون ڏنيون ۽ خاص هدايتون ڏنيون، مون کي ان وقت معلوم ٿيو ته منهنجي پوسٽنگ ۾ منهنجي مهربان دوست ٽنڊي الهيار جي شخصيت مدد ڪئي. ان جو دعاگو آهيان ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي منهنجي سٺي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو، ان ٽنڊي الهيار جي شخصيت جي چوڻ تي مون کي ٽنڊي الهيار جو SDM مقرر ڪيو ويو هو.

مان پنهنجي دوست ڄام ذوالفقار علي جو به ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي مدد ڪئي ۽ وزيراعليٰ سان ملايو ۽ تصويرن ڪڍايون، ۽ چيو ته هي تصويرون منهنجي طرفان تولاءِ تحفو آهن. سڀنالي رکجان. ٽنڊي الهيار  ۾ مون ان مهربان دوست جو روبرو وڃي شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻئي دوست انور بچاڻي جو به شڪرگذار آهيان، جنهن منهنجي ٽنڊي الهيار جي ايس.ڊي.ايم طور مقرري دوران مدد ڪئي ۽ ساٿ ڏنو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org