نصير مرزا
حيدرآباد
ورڻ جون وري وار وايون وري آ
]21-
آگسٽ 1940ع – 04- نومبر 1991ع[
عبدالڪريم پلي سائين کي روبرو مون ڏٺو، سندن
حُسناڪين جي هاڪ پهرئين ٻُڌي، پوءِ ته جنهن جنهن
قلمڪار، راڳي ۽ ويراڳيءَ کان ٻڌم، سندن واکاڻ ئي
ٻڌم… پلي سائين ڪافي جا بي مثل شاعر آهن. اهلِ دل،
اهلِ ذوق انسان آهن. سخي بادشاهه ۽ مزاجن محبوب
آهن. ۽ اِها آئون اوڻيهه سؤ ستر- پنجهتر جي پيو
ڳالهه ڪريان. جڏهن لکڻ پڙهڻ جي دنيا ۾ مون پهرئين
ڏاڪي تي پير ڌريو هو. تڏهن سينئرز واتان ڪريم
سائين جي سخا ۽ جاهه جلال جا تذڪره ٻڌي کين ڏسڻ جي
خواهش به ته مون ڪئي، خبر پئي، پاڻ هاڻي مڪمل گوشه
نشيني اختيار ڪري چڪا آهن. پنهنجي اوطاق ۾ ذاتي
ڪمري کي حجرو بنائي ڇڏيو اٿن ۽ قسمتي، بس اوطاق
تائين سندن زندگي محدود آهي. سندن سمهڻ ۽ جاڳڻ جا
به پنهنجا اوقات آهن. يعني ساري رات اوجاڳو ۽
ڏينهن سڄو آرام، ۽ اِهوئي سندن روز جو معمول، هاڻ
اُها منهنجي ڇوڪراڻي وهي ۽ عمر ويهه ايڪيهه سال
مس. تڏهن منهنجي ڇا مجال، جو خانصاحب عطا محمد پلي
ڳوٺ پهچي سندن اوطاق جو دروازو وڃي کڙڪايان ۽ سندن
آرام ۾ خلل جو سبب وڃي بڻجان. هونئن ان ڄمار ۾
اجازت به ڪٿي هئي مون کي ته اڪيلو يا ڪنهن يار سان
ڪنهن بس ۽ پوءِ ٽانگي ٽئڪسي ۾ چڙهي، ايتري دور
دراز راجه رستي عمرڪوٽ جي سفر تي نڪري پوان. هونئن
هتي هي به سچ ٿو لکان ته ڪريم سائين سان ملڻ ۽ کين
روبرو ڏسڻ جي سِڪ، منهنجو پيڇو ڪڏهن نه ڇڏيو ۽
جڏهن جڏهن به، ۽ جنهن جنهن مهل، ڪنهن جي واتان
سندن ڳالهه ٻڌندو هوس، دل مان آواز ايندو هو آهي
ڪو اهڙو مهربان، قدردان! جيڪو مون کي هن محبوب
انسان… سائين عبدالڪريم پليءَ سان روبرو هلي
ملرائي.
هاڻي هي حُسن اتفاق 1984ع ۾، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد
آئون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر ۽ اهو به
شعبئه موسيقيءَ جو نوجوان سربراهه مقرر ٿيس، ٻڌو
اٿم دل کي دل سان راهه ٿيندي آهي ۽ سچي سِڪَ هميشه
ٻه طرفي هوندي آهي، بهترين چوڻي آهي، تون مون کي
ياد ڪر، آئون توکي نه وساريندس. هاڻي ڪو يقين ڪري
يا نه… آئون قسم کڻي پيو لکان، ته جنهن هستي جي
سِڪ ۾ آئون سُڪ ۽ جنهن کي ڏسڻ لاءِ، اکڙيون سالن
کان آتڙيون ۽ جنهن جي لاءِ ٻڌم ته ورهين کان گوشه
نشين… هڪ ڏينهن اوچتو بي حد خوبصورت ۽ معطر ليٽر
پيڊ تي، ريڊيو حيدرآباد جي موسيقيءَ وارن پروگرامن
بابت، مون وٽ سندن هڪ طويل خط اچي پهتو، خط ۾ اکر
سندن سنها سنها، قلوپئترا جي سارو پن وانگر سهڻا،
موتي داڻا.... جيڪي سائي مس سان ۽ پڪ سان شيفر پين
سان لکيل… هاڻي پتاشن جا مڻ وٺي ورهايان يا تاهري
ڀت رڌي غريبن کي کارايان… ڪريم سائين… خط جي ابتدا
۾ مون کي مخاطب ٿي لکيو هو… منهنجا پيارا نصير…
هاڻي جنهن هستيءَ سان بي پناهه منهنجو سِڪ هجي ۽
جنهن جي قلم هڪ کان هڪ شاهڪار ڪافي تخليق ڪئي هجي،
اهو بنان ڪنهن روبرو ملاقات يا ذاتي ڄاڻ سڃاڻ جي،
الائي ڇو مون کي ان لائق ڄاتو هو جو موتي داڻن
اکرن ۾ لکيو هئائون، منهنجا پيارا نصير… ڇا چوان
ريڊيو حيدرآباد تان ڳالهايل منهنجي الائي ڪهڙي
گنتي ۽ الائي ته ڪهڙي پروگرام عيوض، سنڌي ڪافيءَ
جي هن سر موڙ شاعر جي دل، جيتي چڪو هوس. مون کي ڪا
خبر ناهي ته ڇو، پر قسم کڻي ٿو لکان، بنان ملڻ ۽
روبرو ڏسڻ جي، مون ٻن ٽن هستين کي دل ۾ ديوتا ڪري
پوڄيو آهي. هڪ شيخ اياز، ٻيو مخدوم سائين طالب
الموليٰ ۽ ٽيون عبدالڪريم پلي صاحب.
هتي ڇا حرج جي، سنڌي غزل جي شهزاده شاعر وفا پلي
جي سِڪ محبت جو ذڪر به ڪندو هلان. هي به آسپاس
ساڳيا سفر و سيال هئا جو منهنجا ٻه نثري ڪتاب شايع
ٿيا… ”سفر من اندر“ ۽ ”خيمي ۾ شام“، خدا ڄاڻي
الائي ڪهڙي سٽ يا پئراگراف وفا پليءَ جي دل جون
تارون ڇيڙيون ۽ ان به پهريون ڀيرو مون کي خط ۾
لکيو… ۽ بي پناهه محبت سان لبريز ٿي لکيو… ”نصير!
تنهنجو هي ڪتاب ”خيمي ۾ شام“ مون کي ڏاڍو وڻيو.
نثر جو ويجهڙائيءَ ۾ اهڙو ڪتاب نه پڙهيو اٿم. تو
نثر ۾ وڻ وڄائي ڇڏيا آهن.
هاڻي هي مارچ 1989ع جو قصو، ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد جي سڀ کان سهڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت
بلوچ صاحب، ريڊيو احاطي اندر ڪل سنڌ اردو سنڌي
مشاعري جي رٿا جوڙي. آئون ان عظيم الشان مشاعري جو
پروڊيوسر مقرر ٿيس ۽ عنايت بلوچ صاحب پاڻ اُن جو
نگران. مشاعري جي صدارت مخدوم سائين طالب الموليٰ
جن لاءِ مخصوص ٿي. ان مشاعري لاءِ، شاعرن جي
نوانوي سيڪڙو چونڊ عنايت بلوچ صاحب ڪئي، جنهن ۾
صرف هڪڙي شاعر جي نالي جي هجت منهنجي پاران هئي ۽
اهو نالو هو ”عبدالڪريم پلي صاحب“ جو، ان نالي جي
چونڊ پويان منهنجو مطلب صاف ته، ان بهاني سندن
روبرو درشن ۽ ملڻ جو موقعو متان مون کي ملي پوي.
مون يڪدم هزارين هجتون ۽ التجائون ڀري، کين انهيءَ
مشاعري ۾ شرڪت لاءِ عرض ڪيو… منهنجا ڀلا ڀاڳ، ڪريم
سائين،ڪريم ڪيو ۽ رضامندي ڏيکاريائون سندن اهڙو
خط، تڏهن ڇا مون کي مليو هو، ڪپڙن ۾ نه پئي آئون
ماپيس.
نيٺ ان ”ڪُل سنڌ اردو سنڌي مشاعري“ جي تاريخ ظاهر
ڪئي وئي، جيڪا نائين (9) مارچ هئي ۽ سن 1989ع شرڪت
لاءِ پاڻ منجهند تائين، ٿڌي سڙڪ تي جيڪا پنهنجي
دؤر جي شاندار هوٽل سائنجيز، ان ۾ اچي ترسيا، ۽
اهڙو اطلاع فون تي ڏنائون. شام ٿي ۽ شاعرن جي آمد
شروع ٿي، ته دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي، سڀ کان اول مخدوم
سائين طالب الموليٰ جن پهتا. هاڻي جنهن هستي کي
ڏسڻ ۽ ملڻ جو گهڻو اشتياق… ۽ اتاولائي… اهو
عبدالڪريم پلي سائين، سندن ڪار احاطي ۾ پهتي ته
”يڪ نه شد دو شد“. ڪار مان هڪ پاسي لال گلال
پنهنجي رنگ ترنگ ۾ وفا پلي ۽ ٻئي پاسي کان
عبدالڪريم پلي سائين لٿا تڏهن اندر مان ڪٿان آواز
آيو
ويو وڇوڙو ٿيو ميلاپو، مؤلا محب ملايو،
دوست پيهي در آيو.
اڳيان وڌي مون کي ڀاڪر ۾ ڀريو، پاڻ ان وقت لڳ ڀڳ
پنجاهه ورهين جا ۽ آئون ٽيهن سالن جو هوس، پيار ۾
ائين ڏٺائون، جئن تارؤن تار درياهه، ڪنهن ننڍڙي
نديءَ کي محبت سان ڏسندو آهي. سندن قدڪاٺ مناسب،
ڪُلها ٿورا جهڪيل، رنگ ڪڻڪائون، بدن تي شلوار
قميص، ڪُلهن ۾ سهڻي صدري، مٿي تي سنڌي ٽوپي،
ساروپا صاف ۽ سهڻا… هلڪي هلڪي سونهاري… آواز کرج
وارو، پر لهجو نرم… مشاعره گاه تائين ڪچهري ڪندا
هليا… مشاعرو شروع ٿيو ته حفظِ مراتب واري اچڻ تي،
چند چؤسٽا ۽ ڪافي نما هي غزل پڙهيائون:
هير وانگر هُلي به پئو پيارا.
پوري پنڊال، کين سِٽ سِٽ تي دل کولي داد ڏنو،
شاعري جي اِها رڪارڊنگ اڄ به منهنجي ساهه سان
سانڍيل آهي. بعد ۾ سندن اِهوئي غزل مون سينگار علي
سليم جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو. جيڪو پڻ ريڊيو حيدرآباد
تان اڪثر نشر ٿيندو رهي ٿو.
مشاعرو آڌي رات وقت ”گل“ ٿيو ته ويندي ويندي صبح
يارهين وڳي، هوٽل تي نيرن گڏ ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪندا
ويا. صبح جو سندن خدمت ۾ عنايت بلوچ صاحب، مراد
علي مرزا صاحب ۽ آئون ناچيز پهچي وياسين. ناشتو ڇا
هئو!؟ دعوتِ شيراز هئي. هاڻي پڇو ته تواضع لاءِ ڇا
ڇا هئو، منهنجو جواب آهي ته، ڇا نه هئو جيڪو اتي
نه هئو… گڏ انگور جي رس جا گلاس… مشروب مغرب…
عنايت بلوچ صاحب ته اُٿندي ئي، اعلان ڪيو… قبله!
توهان هي ڀلي نوش فرمايو، منهنجي ته پرهيز آهي. ان
وقت مراد علي مرزا صاحب ۽ آئون، ڇاڪاڻ ته اسٽيشن
ڊائريڪٽر عنايت صاحب جا سب آرڊنيسيٽ، انڪري
احترامن گلاسن ڏانهن هٿ ئي نه وڌايوسين… بلڪ اک جي
اشاري سان بئرن کي حڪم ڏنوسين ته، شيشا، پئڪ ڪري،
اسان جي گاڏي اندر، پويان ڊگهي ۾ وڃي رکو. مون ڏٺو
مراد علي مرزا صاحب ته، ان وقت مشروب مغرب جي
خوشبو سان ئي ڄڻ سرشار ۽ پُرباش پئي معلوم ٿيا.
هوٽل مان اسان جي روانگي جو وقت آيو ته، پاڻ
پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي اسان ٽنهي جي ڪُلهن تي
عاليشان، اجرڪون رکيائون. ٻاهر وڃڻ لاءِ، هڪ هڪ
سان موڪلاڻي وارو هٿ ملايائون ته، منهنجي تري اندر
”ڪڙڪ نوٽن جي ڪڙ ڪڙ ٿي“، جيڪا صرف منهنجي ئي لاءِ
هئي… ۽ اُها ڀلا ڪيتري رقم هئي!؟ ڇو ٻڌايان! بس
ائين سمجهيو ته، ان وقت جي حساب سان اُهي ڪڙڪ نوٽ
ايترا هئا جو…
ٿر ۾ واري ٿورڙي، تهان گهڻيرا،
ڀلايون ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيترا.
۽ اُها 10- مارچ 1989ع جي منجهند هئي، ڪريم پلي
سائين سان، اها اسان ۽ خاص منهنجي پهرئين روبرو ۽
الوداعي ملاقات پنهنجي پُڄاڻيءَ کي پهتي. جو پوءِ
ته، سال بعد سندن وصال جو ئي اطلاع پهتو. جيڪس
جوڳي ويا جبروت، ماءُ ڏٺم اڄ ماٺ مڙهين ۾. تعزيت
لاءِ تڏي تي پهتس، ته احمد سولنگي گڏ هئو. هي
پهريون ڀيرو هو جو، راجه رستي بس اسٽاپ وٽ لهي،
ٽانگي تي سوار ٿي ڪجهه فرلانگن جو سفر ڪري، اسين
خانصاحب عطا محمد پلي ڳوٺ ۾ پهتا هئاسين… هاڻي ڇا
ڏسان، ته ميلن ۾ شاميانا تاڻيل هئا ۽ سوين سوڳوار
آيا ۽ ويا پئي. مون چؤطرف نگاهه ڦيرائي ته، چپن تي
ڪريم سائين جي هن ڪافي جو مُکڙو بار بار ايندو
رهيو.
ورڻ جون وري وار وايون وري آ،
نٿيون ائين جگائن، جدايون وري آ.
ڪريم پلي سائين کي جيئن پنهنجا چار فرزند، عطا
محمد پلي، اعجاز علي پلي، ڊاڪٽر رسول بخش پلي ۽
فيض الحسن پلي… ائين هو پاڻ ۾ به ته چار ڀائر هئا،
سائين عبدالرحمان پلي، خانصاحب راڄ محمد پلي، ولي
محمد وفا پلي صاحب ۽ پاڻ عبدالڪريم پلي.
ڪنهن گهوٽ جي چؤپاسي سيج وانگر، چئني ڀائرن ۾ ڇا
ته پيار هو ۽ هيڏانهن جي سڀني ڀائرن کي فخر ته
عبدالڪريم جهڙو هاڪارو ۽ حسناڪ شاعر سندن ڀاءُ ته،
هوڏانهن ڪريم سائين به، پنهنجي ڀائرن جي سِڪ ۾ سُڪ
۽ پيار ۾ سرشار پڙهيم، ڊاڪٽرن… راڄ محمد پلي صاحب
جو شگر سبب گينگرين شده پير جو اڱوٺو، ايمپيوٽ
(Ampute)
ڪيو ته ڪريم سائين، اسپتال ۾ ان
وقت موجود هئا. ايترا حساس ۽ ڀاءَ سان پيار ڪندڙ
جو، ننڍڙي عضوي الڳ ٿي وڃڻ جو صدمو دل تي کڻي ويٺا
۽ هڪ ڪلاڪ اندر، پساهه پورا ڪري ڇڏيائون. بيشڪ
وصال کان ڪيئي ورهيه اڳ ڪريم پلي سائين گوشه نشين
۽ شايد گوشهءِ گمناني ۾ هليا ويا هئا پر سنڌي ادب
جي تاريخ ۽ ان جي ورقن ۾ سندن نالو ڪڏهن به گوشه
گير ٿي نه رهندو. ايندڙ وقت ۾ مٿن مونوگراف لکيا
ويندا، شاگرد سندن ”ڪافي“ بابت
Phd’s
ڪندا، ۽ ڇو نه ڪن. ويهين صديءَ ۾، جيڪي شاهه
ڪاريگر ڪافي گو شاعر اڀريا، جيئن بيدل سائين،
منٺار فقير، مصري شاهه، مهدي سائين، مخدوم سائين
طالب الموليٰ ۽ انهن سڀني جي وچ ۾ عبدالڪريم پلي
سائين مور جي ڪلنگي وانگر ظاهر ٿيا… ۽ اهڙا جو
بجاطور تي سندن ئي لفظ ۾ کين جي باري ۾ چئي سگهان
ٿو.
ائين پڌرو پرين هو، هزارن ۾،
جيئن چنڊ هجي ڪو تارن ۾.
ان ڪافي جي هن بند ۾، پاڻ کي ڪنهن جي به حُسن ۽
حسناڪين جي واکاڻ ڪئي هجي. آئون ته هتي اِهو مصرع
۽ سندن ئي حوالي سان لکان پيو.
سونهڻ ۾ سندس نه ڪو ثاني هو،
جهڙس نه جُڙيل ڪو جاني هو،
ڪو مٽ نه هئس ماهه پارن ۾،
جيئن چنڊ هجي ڪو تارن ۾.
ڪريم سائين، قدرتي شاعر هئا. جينئن شاعر، سريلائپ
سندس سڀاءَ جو حصو هئي. طبع موزون ۽ ٻوليءَ تي
دسترس ان ڪري، ڪافي ۾ سندن رواني ۽ ردم جو انداز
ته ڏسو.
برهه اندر ۾ باهه لڳائي،
ورهه وڪوڙي نيٺ وڃائي،
سُرت سياڻپ ساري سائين.
پلي صاحب جي ڪافين ۾ قافيه جي برجستگي به ڪمال آهي
جيڪي سٽن ۾ ڇا ته ڦٻيل محسوس ٿين ٿا، مثال طور هن
ڪافي جو مکڙو ڏسو.
دردن دل ’آزاري‘ سائين،
ڪرڪا موٽڻ ’واري‘ سائين.
ان ڪافين ۾ ڪافين جي ترتيب ته ڏسو، ’آزادي‘،
’واري‘، ’ساري‘، ’هاري‘،’لاچاري‘اجهو موسيقي جي
اهڙي ئي لهر ڪريم سائين جي هن وائي ۾ به ته ڏسڻ
وٽان آهي:
ڪنهن سان دلڙي واڳي ڙي.
ڪنهن جي سونهن سوا ڏسجي ٿو،
سارو ڏيهه ڏهاڳي ڙي،
سُورن هاڻي جڳ ۾ سنڀران،
ساعت ڪانه سڀاڳي ڙي.
بحر وزن جي پختگي ۽ لفظن جو ترنم، جيئن شيخ اياز
وٽ زبردست آهي، ڪريم سائين وٽ به لاجواب سمجهو،
مثال ڏسو:
اکڙيون اياڻيون ڏُکڙا وهائن،
جهليون نه جهلجن، پليون نه پلجن.
اوکا اويڙا، نت پيچ پائن،
ڏاڍن سان اڙيون، سورن ۾ سڙيون،
موتين جون لڙهيون، لٽيو لٽائن،
اکڙيون اياڻيون، ڏکڙا وهائن.
ڪلاسيڪل سنڌي ڪافي واري شاعري ۾، نؤڙت ۽ نيازمندي
جا لفظ استعمال ڪرڻ جي، قديم دؤر کان روايت آهي،
جنهن کي اسم تسخير به چئبو آهي. سچل سائين، ٻانهڙي
۽ گولڙي جا لفظ آندا آهن، حمل فقير هڪ بيت ۾
”اُتامڙا“ لفظ ڪتب آندو آهي، ڪريم سائين به ان رنگ
۾ ڏسو، ڪهڙي نه سهڻي ڪافي چئي آهي.“
اڙانگي جاءِ تي اکڙُين، وڃي جهٽ ”نيهڙو“ لاتو،
ڀنڀلجي ڀَورين ڏاڍو، ڏکيو ڪو”پيچڙو“ پاتو.
ائين پلي صاحب جي غزلن ۾ شوخي، تغزل، ننڍا ننڍا،
بحر، معنيٰ خيز خيال ۽ سٽن ۾ ايتري ته اُڇل جو داد
ڏيڻ تي دل مجبور ٿيو وڃي، مثال طور ڏسو:
هجر ۾ ايڏو زار زار ’نه رو‘،
روئي ڍؤ ڪر ۽ بار بار ’نه رو‘،
چند گهڙين جو کيل ’هو‘ ۽ ’ويو‘،
ڪهڙي ڪُلفت ۽ ڪهڙو پيار ’نه رو‘.
هتي ڪريم سائين جي جدت پسند سڀاءَ جو تذڪرو به
ضروري آهي، آئون ڀانئيان ته سچل سائين جي نقشِ قدم
تي هلندي پاڻ به اهڙا شاعر، جن غزل ۾ ڪافي جي رنگ
۽ ’وائي‘ ۾ ڪافي شاعري جهڙو سٽاءُ پئي رکيو. مٿان
ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه… جڏهن نارائڻ شيام ۽
تنوير عباسي هائيڪا پئي لکيا، امداد حسيني ٽن سٽن
وارا ٽيڙو، ڪريم سائين، نياز همايوني وانگر، ماهيا
صنف ۾ دل وڻندڙ تجربا شروع ڪري ڏنا هئا. هتي سندن
سهڻن هائيڪن مان به مثال ڏسو…
ڇا داءُ لڳايو سُون
سؤ خوشيون ڪري صدقي
هڪ درد پرايو سُون،
غم دور ڪڏهن ٿيندو؟
سکَ پاڻ سان آڻيندو،
سو صبح ڪڏهن ايندو؟
آئون ڀانئيان ته اهو شعر ئي ته آهي، جيڪو آئندي جي
انسان کي، اميد جي سهاري تي اڀرڻ جو سنيهو ڏيندڙ
ياد ڪريو امداد حسينيءَ ڇا چيو هو. ساک سان ٿو
چوان باک ڦٽندي ضرور ان ڏس ۾ هي ڏسو، اسان جو پلي
سائين به ڪيڏو نه پراُميد شاعر.
ڪريم افسرده ڇو ٿو ٿئين،
نه آهي دير ڪا باقي ’سحر‘ ۾.
پاڻ ڪيڏي نه همٿ ۽ حوصلو ڏياريندڙ شاعر آهن:
خير هجي شل طوفانن جو،
عزم نه گهٽبو ديوانن جو.
برابر درست، ڪريم سائين، هن فاني دنيا مان هاڻي
وڃي چُڪا آهن، پر جڏهن جڏهن ياد ايندا آهن ته سندن
ڪافي جا هي ٻول چپن تي اچي ويندا اٿم:
وري آ جاني جدائي ٿي ماري،
ڏسان راهه تنهنجي، هنجون روز هاري.
]ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد جي لائبريريءَ ۾ عبدالڪريم پلي
صاحب جا رکيل شعري مجموعا ۽ سائونڊ آرڪائيوز ۽
مختلف فنڪارن جي آوازن ۾ موجود سندن ڪلامن جو
تفصيل:[
1. ڪيا سانگ سانوڻ 1999ع مرتب: ڊاڪٽر اسد
جمال پلي
2. چنڊ جهڙا پرين 1999ع مرتب:
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
فنڪار ۽
ڪلام:
(1) سينگار علي سليم:
در در پاڻ نه رول |
هير وانگر هُلي به پئه پيارا |
هوت هيئنين جا هار پل نه پري ٿي |
ڪيا سانگ سانوڻ وري ڙي وري ڙي |
ساڪون پل پل بي پرواهي وي ماهي! |
ورڻ جون وري وار وايون وري آ |
ناهي روا تفريق ميان! حق ئي حق هرجاءِ
وسي ٿو. |
دردن دل آزاري سائين! ڪر ڪا موٽڻ واري
سائين. |
(2) غلام قادر: |
ناهي روا تفريق ميان! حق ئي حق هرجاءِ
وسي ٿو. |
هيڪر جي گڏجن ته چوانِ، سور اندر جا
ساري ساري |
ڪهڙا ڪِيس ڪيانِ، ننڍپڻ واري نينهن
ڇنڻ سان |
ڪيا سانگ سانوڻ وري ري! |
ڇا کان ڇنائون پريت پراڻي! ڪجهه به نه
ڄاڻان آءٌ اَياڻي |
ڪنهن کي ڪين چوان! دل ۾ وتان.
|
سانگيئڙن جي سارسنڀار! جڏڙي جيءَ کي
جهوريو جهوري |
ڪنهن سان دلڙي واڳي ڙي! |
سورن جي سوغات ملي، نينهن نهوڙي ڪيئن
نه ڪياسون |
(3) وحيد علي: |
توکي ڏسڻ لئه، سهڻل سائين، اکڙيون آهن
آتڙيون |
آه و زاري ۾ رات گذري ٿي |
هردم رمز ۾ رهين، شال نڀائين سهڻل
سائين |
آءُ اچي مِل منهنجا يار، توريءَ
منهنجي ڪانه سري ٿي |
(4) عابده پروين: |
ائين پڌرو پرين هئو هزارن ۾، جيئن چنڊ
هجي ڪو تارن ۾ |
توکي ڏسڻ لئه، سهڻل سائين، اکڙيون آهن
آتڙيون |
(5) دين محمد مڱڻهار: |
ڪنهن سان دِلڙي واڳي ڙي! |
هردم رمز ۾ رهين، شال نڀائين سهڻل
سائين |
(6) شادي فقير: |
ورڻ جون وري وار وايون وري آ! |
سا ڪون پل پل بي پرواهي وي ماهي! |
(7) ڍول فقير: |
ٿي ڇا کان دلبر ڌار وئين |
(8) گلزار علي دايو: |
وري آ اوجاني جدائي ٿي ماري |
(9) فيروز گل: |
پيچ پرين مان پائي ڏس، پائي ڏس لنئون
لائي ڏس. |
(10) آغا ثناالله: |
ورڻ جون وري وار وايون وري آ |
(11) خانصاحب منظور علي خان: |
وري آ او جاني جُدائي ٿي ماري |
ڪيا سانگ سانوڻ وري ڙي وري ڙي! |
هيڪر جي گڏجن ته چوان، سورن اندر جا
ساري ساري |
(12) غلام رسول لوهار:
|
نوٽ: ڪلامن جي هيءَ فهرست مڪمل ڪرائڻ ۾ ڊاڪٽر اسد
جمال پلي جو مون سان تعاون خاص رهيو.
(ن.م)
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
ڪُنري
غلام حسين ’مير‘ ولد قادربخش چانڊيو جو جنم 1960ع
ڌاري، ٺٽي ضلعي جي وَر شهر کان ٻه ميل اولهه طرف
ڳوٺ جگو خان چانڊيو ۾ ٿيو، مولانا صاحب چانڊين جي
ڏنگاڻي پاڙي مان هئا، چانڊين جي سڀني پاڙن ۾ هي
پاڙو تاريخي طور، جنگجو، بهادر ۽ طاقتور طور سڃاتو
وڃي ٿو. مير صاحب شروعاتي ڪتاب، قرآن پاڪ ۽ فارسي
ساڳئي ڳوٺ ۾ مولوي محمد خان چانڊيو وٽ پڙهيو، ان
کان پوءِ مولوي علي محمد زنگياڻي ڪلمتي ٻروچ وٽ
پڙهيو. مٿيان ديني ڪتاب پڙهڻ لاءِ مير صاحب سجاول
جو رخ ڪيو، سجاول ۾ مولانا خليل، جيڪو ديوبند
دارالعلوم مان فارغ ٿي آيو هو، انهيءَ وٽ پڙهڻ
لاءِ ويو، اُتي کيس خبر پئي ته ٿرپارڪر ضلعي
(تڏهوڪو ٿرپارڪر، هاڻوڪو عمرڪوٽ) جي سامارو تعلقي
جي ڳوٺ شيرخان چانڊيو ۾ مدرسه احياء العلوم ۾
مولانا غلام رسول چانڊيو، مولانا محمد عثمان قراني
جي مدرسي مان فارغ التحصيل ٿي، پڙهائي رهيو آهي.
اها خبر ٻڌي مير صاحب ۽ سندس سؤٽ مولانا مفتي محمد
اشرف مرحوم ٻئي سجاول مان دارالعلوم احياء العلوم
ڳوٺ شير خان چانڊيو پهتا ۽ مولانا غلام رسول
چانڊيو مرحوم جيڪو پڻ چانڊين جي لاڏواڻي، ڏنگاڻي
پاڙي مان هو ۽ ديني علوم جي سڀني فنون ۾ مهارت
رکندو هو، انهيءَ وٽ درس نظامي جا مٿيان ڪتاب پڙهي
پنهنجي تعليم مڪمل ڪيائين. مولانا صاحب 1960ع کان
شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. مولانا غلام حسين مير، فارسي
۽ عربي جو وڏو ماهر هو، مولانا صاحب پنهنجي تعليم
مڪمل ٿيڻ بعد درس تدريس جي شروعات مولوي عبدالحق
نصرپوري جي مدرسي کان ڪئي، جتي فارسي ۽ عربي ادب
پڙهائيندو هو. ان کان پوءِ ڪراچي جي ڳوٺ ريڙهي ۾
سندس سؤٽ مولانا مفتي محمد اشرف چانڊيو جي مدرسه
تفهيم القرآن ۾ فارسي ۽ عربي ادب پڙهايائين.
مدرسه تفهيم القرآن ريڙهي ڪراچيءَ ۾ پندرنهن سال
پڙهائڻ بعد مولانا مفتي محمد اشرف مدرسو ڇڏي گهارو
منتقل ٿيڻ سبب، مولانا غلام حسين مير به پنهنجي
ڳوٺ وَرِ هليو ويو. مولانا غلام حسين غزل، نظم،
مناجاتون، منقبتون، حمد و نعت، ڪافيون، وايون،
تاريخي توڙي واقعاتي شاعري تمام گهڻي ڪئي، هن نه
رڳو سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي بلڪه، فارسي، عربي ۽
اردوءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي، مولانا صاحب جو هڪ شعر چئن
زبانن ۾ آهي، سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي ۾ نه معنيٰ
۾ فرق چئي ٿو، نه وزن، بحر، قافيه ۽ رديف ۾.
غزل چار زبانن ۾
اَي لَعلِ لَبانت رَشکِ شهد
بخش مُردن کي تاحياتِ عبد.
---
اَب آکے
مسیاحا
کرو میری
مدد
الاٰن امُوت باللہ اَحد۔
---
گرتو اينجا بيائي امروز بيا
پنهنجو پاڻ نه مون کان هاڻ لڪاءِ مٺا.
---
وَرنہ کہونگا خدا سے
میں
روزِ جزا
فَما انت تجيب الله بغد.
---
درديکه رسيد از دست شُما
ڄاڻان ڪونه انهي ۾ ٿو تنهنجي خطا.
---
لیکن
دیکھ
کے
اوروں
سے
تیری
وفا
زابا الکبد بہ مِن النّار حسد.
---
کرده رفتي موا مفتون چناں
جنهن جو ڪونه هو ڪنهن کي وهم گمان.
---
بے
سود ہوئی
ہے
آہ و فغاں
فانا کيف عيش في النار ابد.
---
اکنوں
گرنکنی
براو جلوہ گری
ويندو تنهنجو يقينن مير مري.
---
اس قتل سے
ہے
گر ہونا بری
فَاجلي اَنت بنا مِنَ اکنافِ النَجد.
سن 2002ع ۾ حضرت مخدوم طالب الموليٰرحه
ڪراچيءَ ۾ هڪ طرحي مشاعرو ڪرايو جنهن جي طرح هئي،
’هي جهان مون لاءِ ڄڻ هڪ قيدخانو ٿي ويو.‘
هن طرح تي مولانا صاحب هيٺيون غزل ٺاهي پڙهيو.
جنهن تي حضرت طالب الموليٰ رحه پڻ کيس داد ڏنو:
غزل
دؤر دنيا جو جڏهن کان آمرانو ٿي ويو،
هي جهان مون لاءِ ڄڻ هڪ، قيدخانو ٿي ويو.
ساٿ قسمت جو رهيو، ناهي آ گهيريو بيڪسي،
ويا بدلجي دوست ۽ دشمن زمانو ٿي ويو.
حادثن غم جي ڪيو، تاراج آ منهنجو سڪون،
دل جي خوشين جو سندم، غارت خزانو ٿي ويو.
باغ ۾ زاغ و زغن، وڻ وڻ ۾ واهيرا ڪيا،
آهي اڄ خاموش بلبل جو، ترانو ٿي ويو.
تنڪو تنڪو گڏ ڪري مون، جو بنايو باغ ۾،
برقِ سوزان جي نظر سو، آشيانو ٿي ويو.
ظلم پنهنجن جا وري، ٻي هئي غلامي غير جي،
آهي عبرت جو اسان لهءِ، تازيانو ٿي ويو.
سو سلامت شل وڃي، منزل تي پهچي ڪاروان،
رهزنن جي رهبري ۾، جو روانو ٿي ويو.
مير ڪر گودِ غريبان جي نه تون گنبد جو غم،
آسمان تربت تي تنهنجي، شاميانو ٿي ويو.
هيءُ چئن زبانن شاعر غلام حسين مير چانڊيو فيبروري
2010ع ۾ وڃي خالقِ حقيقي سان مليو. الله تعاليٰ
کيس ديني خدمت عيوض جنت الفردوس عطا فرمائي. آمين
سندس ڪجهه ٻيو ڪلام نموني طور هت ڏيون ٿا:
نظم
رهان جت ٿو اُت، رهگذر عام آهي،
اَٺئي پهر اچ وڃ نه آرام آهي.
منڊيل گام هرهڪ تي هڪ دام آهي،
ڪو گلرُخِ ڪو گلرُو، ڪو گلفام آهي.
نه معلوم ڪهڙو سندن نام آهي،
پري کان منهنجو تن کي پرنام آهي.
عجب ٿا اچن هت ڏسڻ ۾ نظارا،
سواريون نيون ۽ مسافر نيارا.
ڪئين سنگدل ۽ ڪئين قرب وارا،
لنگهن ٿا مسافر پيارا پيارا.
هي سيرِ روان هت صبح شام آهي،
پري کان منهنجو تن کي پرنام آهي.
نقابن ۾ نازڪ بدن ناز واريون،
سراپا حسن، سونهن سرهاڻ ساريون.
رکيو منهن تي رئو ٿيو مٽن ماه پاريون،
اسين خامخواه تن لئه ٿا جان ڳاريون.
نه اقرار تن وٽ نه انجام آهي،
پري کان منهنجو تن کي پرنام آهي.
خماريل اکين کي جڏهن هو کڻن ٿيون،
ڀرون ڀؤنر ڀالا دوناليون هڻن ٿيون.
عشاقن جون آهون ۽ دانهون سڻن ٿيون،
هي ويري آهن، پو به ڏاڍيون وڻن ٿيون.
ڪيو روح هر ڪنهن جو تن رام آهي،
پري کان منهنجو تن کي پرنام آهي.
وڌو دل کي حسرت ۾ آهي حسينن،
بره جي ٻري باهه پيئي منجهه سينن.
ڪري حال هي پو به پرده نشين،
نه موٽي پڇو آ، ڪڏهن مہ جبينن.
نه پهتو وري تن کان پيغام آهي،
پري کان منهنجو تن کي پرنام آهي.
محبت ڀريا هي مٺا مير ماڻهو،
ڇڪي دل ٿي تن کي نه ڄاڻو سڃاڻو.
ڏسڻ سان پوي درد جاڳيو پراڻو،
ڪٿي گهر سندن آهه، ڪهڙو گهراڻو.
پئي مشڪل پروڙڻ ٿي هي مام آهي،
پري کان منهنجو تن کي پرنام آهي.
نعت سرڪار دو عالم ﷺ
مرحبا مرغوب محبوب خدا يا مصطفيٰؐ،
فخرِ آدم تاجدار انبيا يا مصطفيٰؐ.
تون اُتي پهتين جتي جبرئيل جا ٿي پر جليا،
تاب تو اهڙي تجلي جا ڏٺا يا مصطفيٰؐ.
عالمِ بالا سندا، اسرار اُت توتي کُليا،
مانَ هئا ملڪوت ۾ توکي مليا يا مصطفيٰؐ.
رات اسرا جي پڙهي، اقصيٰ اندر اٿيا نماز،
انبيا ڪُل تنهنجي زير اقتدا يا مصطفيٰؐ.
عرش اعليٰ تي رسئين، تون روبرو رب جي حضور،
قرب هي ڪيڏو نه ٿيو توکي عطا
يا مصطفيٰؐ.
نفسي، نفسي جت ڪندا، آدم ۽ ابراهيم، نوح،
اُمتي نفسي جي هڻندين ات سدا يا مصطفيٰؐ.
قطع ڪندڙن سان صله رحمي جو هي ڪيڏو سلوڪ،
رحمة للعالمين تون رهنما
يا مصطفيٰؐ.
شاهدي هت شان تنهنجي، جي ڏني قرآن آ،
خُلق واکاڻيو آ، تنهنجو خود خدا يا مصطفيٰؐ.
دائما توتي دنيا وارا رهن پڙهندا درود،
سڪ منجهان ساري عمر صلي عليٰ يا مصطفيٰؐ.
ناتوان، نادان، ناقص، عاجز و عاصي عليل،
مير تنهنجو آهي، ٿيو مدحت سرا يا مصطفيٰؐ.
غزل
بُتن جي عشق ۾ پنهنجو لٽائي گهر هليا وياسين،
برهه جا بار هي پنهنجي، کڻي برسر هليا وياسين.
سوا حسرت نٿي حاصل سگهيو راهِ محبت ۾،
ڏسي ناڪامِيُن جو هي کُليو منظر هليا وياسين.
طلب
ڪيوسين نه هت ڪنهن کان صلو پنهنجي محبت جو،
جفائن جو بڻائي پاڻ کي خوگر هليا وياسين.
دنيا وارن سان اهڙي ريت گهاري زندگي پنهنجي،
ڪري مقصد سندو آخر بڪف گوهر هليا وياسين.
وِندر جي واٽ ووڙي سين، جڏهن سسئي جي سڪ آئي،
ڪيو من مارئي ماندو ته موٽي ٿر هليا وياسين.
ڪيوسين ڪونه شڪوه ’مير‘ ڪنهن جي بيوفائي جو،
مقدر کان هي سڀ سمجهي به چشمِ تر هليا وياسين.
مدد علي سنڌي
ڪراچي
هڪ اهم تاريخي آتم ڪٿا
]الهورايي
بهڻ جي آتم ڪٿا- ’قيد ڪشالا زندگي‘ جو جائزو[
محترم دوستو!
سڀ کان پهريان آءٌ دوست الهورائي بهڻ جو ٿورو
مڃيندس، جو هن سندس ڪتاب ’قيد ڪشالا زندگيءَ‘ (آتم
ڪٿا) جي مهورت واري تقريب ۾ اسان کي سڏ ڏيئي، اسان
جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي. کيس شابس هجي، جو هن
صاحب پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ وقت سنڌ جي هڪ ’سياهه
باب‘ واري اونداهي دور کي، جيڪو هن اکين سان،
ننڍپڻ ۾ ڏٺو، اُن جو احوال ڏيئي، هڪ وڏو تاريخي ڪم
ڪيو آهي. اسين جيڪڏهن ليکڪ جي آتم ڪٿا جي شروعات
جي ڳالهه ڪريون، ته اُهو باب، هڪ گذري ويل سنڌ جي
سياسي جدوجهد جو دستاويز آهي. مون جڏهن بهڻ صاحب
جي لکيل پهرئين باب جو پهريون پنو پڙهيو، ته مون
کي جرمن نازين جا ’ڪنسنٽريشن ڪئمپ‘، يا وري
’انڊيمان جو قيدخانو‘ ياد اچي ويو، جيڪو انگريز
سرڪار 1858ع جي ’آزاديءَ واري جنگ‘ کان پوءِ،
بنگال کان پريان وچ سمنڊ ۾، انديمان ۽ نِڪوبار
ٻيٽن ۾ پهريون ’ڪنسنٽريشن ڪئمپ‘ ٺاهي، اُتي بعد ۾
1906ع ۾ ’سيليولر جيل‘ قائم ڪيو هو، جنهن ۾ سياسي
قيدين کي، ’ڪاري پاڻيءَ‘ جي سزا ڏيئي اُماڻيو
ويندو هو. اهڙا ڪئمپ، روس جي زار شاهي حڪومت به
سائبيريا ۾ قائم ڪيا هئا، جن مان هڪ ۾ مشهور اديب
دوستو وسڪيءَ زندگيءَ جو وڏو عرصو قيد ۾ گذاريو
هو.
اڻ ورهايل هندستان جي پرڳڻن مان فقط سنڌ اهڙو
پرڳڻو هو، جتي پهرين جون 1942ع ۾ انگريزن، سنڌ جي
سموري اُڀرندي ڀاڱي کان وٺي جيسلمير جي سرحد تائين
مارشل
لا نافذ ڪري، سنڌ ۾ ڏاڍ ۽ جبر جو هڪ خوفناڪ دور
شروع ڪري ڇڏيو هو. دنيا جي مختلف ملڪن، جهڙوڪ روس،
آمريڪا ۽ انگلنڊ وارن، جرمن نازين جي ظلم ۽ ستم جو
شڪار ٿيندڙ ڪيترن ئي ڪردارن تي فلمون ٺاهيون آهن؛
خُود انڊيا ۾ به انڊيمان ٻيٽن جي قيدين سان ٿيندڙ
جبرشاهيءَ بابت فلمون- ’سزا‘ ۽، ’ڪالاپاني‘ ٺهيون
آهن. يا بنگالي انقلابي ’سورياسين‘ جي حياتيءَ تي
فلم ٺاهي وئي آهي. جيڪڏهن اسان وٽ سال 1942ع کان
پوءِ قائم ٿيندڙ ’لوڙهن‘ بابت ڪا فلم ٺاهي وڃي، ته
اُن لاءِ ڀاءُ الهورايي بهڻ جي آتم ڪٿا جو هي
پهرين باب وارو اسڪرپٽ انتهائي شاندار آهي. بهڻ
صاحب پنهنجي قلم جي ڪئميرا جي اک سان اُهو ڪربناڪ
ماضي ٿو ڏيکاري؛ زمين جو بلاڪ، چوڌاري ڪنڊن جو
تمام اوچو لوڙهو. اُن جي سامهون ڪُنڊن تي 30 ۽ 35
فوٽ اوچا مورچا ٺهيل ۽ مورچن مٿان 24 ڪلاڪ
چوڪيداريءَ لاءِ ويٺل سپاهي- قيد و بند جي صعوبتن
واري وقت جو شدت سان رات ۽ ڏينهن جو احساس
ڏياريندڙ گهنڊ جو آواز، ۽ صبح و شام تي قيدين جي
ڳڻپ- قطار ۾ ٺهيل اونداهيون جهوپڙيون ۽ اُنهن ۾
رهندڙ قيدي- ڪٿي ڪنهن جهوپڙيءَ جي سوراخن مان
اندران ٻرندڙ ڏِيئي جي ٿڪل روشنيءَ جا ڪجهه باغي
ڪرڻا جرڪندي ڏسڻ ۾ ايندڙ- ۽ جهُوپڙين ۾ رهندڙ
زالين مڙسين- جن جون دليون هن قيد ۾ به اُميد جي
روشنيءَ سان منور- چوڏهينءَ جي چانڊوڪين راتين ۾
هي آواز:
سَسئي! تو جي سڏَ ڪيا،
هوتَ ٻُڌا ڪِي دوست ٻُڌا،
يا وري اسڪولي ٻارن جو هي گيت:
اسان جي شهنشاهه کي تون سلامت رک خُداوندا- اهو
سمورو مواد، سنڌ ۾ ڪلاسيڪي ادب جو هڪ شاندار باب
آهي.
ڀاءُ الهورايي بِهڻ جي ڪتاب ’قيد ڪشالا زندگيءَ‘
جي مهورتي تقريب جي سلسلي ۾ سانگهڙ ايندي، ڪجهه
ماڻهو ڏاڍا ياد آيا. اُنهن مان اهم شخص سورهيه
بادشاهه پير صبغة الله شاهه راشدي آهي، جنهن بابت
سواءِ پروفيسر محمد عمر چنڊ جي، ڪنهن به محقق،
تحقيق ڪرڻ جي همت نه ساري آهي. ان کان اڳ ڪرنل
وصال احمد يا سنڌ پوليس جي اڳوڻي آءِ.جي. آفتاب
نبيءَ هڪ ڪتاب ’سورهيه بادشاهه ۽ ڪورٽ مارشل‘ لکيو
هو. دراصل سنڌ جي ’ماضي قريب‘ جي تاريخ، جنهن ۾
قومي سياست اهم آهي، اُن تي ڪم ئي نه ٿيو آهي. مون
جڏهن 1970ع ۾ ’اڳتي قدم‘ رسالو ڪڍيو هو ته اُن
لاءِ سائين جي. ايم. سيد هڪ مختصر پيغام ڏنو هو،
جنهن ۾ هن نوجوانن کي ’ماضي قريب جي سياست جو
مطالعو ڪرڻ‘ لاءِ چيو هو. اُن وقت به اها ڳالهه
منهنجي به مٿن کان گذري وئي؛ پر اُن جي اهميت اڄ
محسوس ڪريان ٿو. ’حر تحريڪ‘ به اسان جي ’ماضي
قريب‘ جو هڪ اهم باب آهي، پر هن اهم تحريڪ بابت
اسان جي آڏو ڪي به اهڙا مستند ڪتاب نه آهن، پر
شابس هجي اُنهن چند ماڻهن کي، جن سانگهڙ ۾ ويهي،
حُر تحريڪ جي اکين ڏٺل ماڻهن جا انٽرويو وٺي، برٽش
سرڪار جي اُنهن قهري ڪارواين کي وائکو ڪيو؛ جن
ڪارواين، جرمن جي ڪنسنٽريشن ڪئمپن ۾ ٿيندڙ مظالم
کي به شرمندو ڪري ڇڏيو. ايئرمارشل اصغر خان پنهنجي
آتم ڪٿا ۾ ذڪر ڪري ٿو ته کيس سانگهڙ ويجهو حرن جي
ڪئمپن تي هوائي جهاز ذريعي بم اڇلائڻ جو حڪم ڏنو
ويو، پر جڏهين اسين اُنهيءَ ڪئمپ وٽ پهتاسين ته
مٿان هوائي جهاز مان مون ڏٺو ته، اهو ڪوئي ڪئمپ نه
هو، پر معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ پوڙها مرد، اجهي جي
ڳولا ۾ سرگردان اچي رهيا هئا. اهو لقاءُ ڏسي، مون
بمباري ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ واپس حيدرآباد موٽي
آيس، جنهن تان مون کي سزا طور ڪجهه وقت لاءِ معطل
ڪيو ويو. اهڙا ڪيترائي واقعا آهن، جن مان خبر پوي
ٿي ته برٽش سرڪار، 1942ع واري حُر تحريڪ ۾ نه رڳو
سانگهڙ ۽ گڙنگ بنگلي تي بمباري ڪري اُن کي تباهه
ڪيو، پر الهورائي بهڻ چواڻي: جڏهن هو ڪئمپس مان
آزاد ٿيڻ کان پوءِ گڙنگ پهتا، ته اُتي 1942ع ۾
ليمبرڪ جي باهين ڏنل گهرن ۾ ڪاريءَ وارن ڪکن جو
نظارو ڏسي، ڏک مان موٽي آيا هئا.
دوستو، ٿيڻ ته ائين گهرجي ته سنڌ يونيورسٽيءَ کي
پنهنجي ’هسٽري ڊپارٽمينٽ‘ طرفان، سنڌ ۾ برٽش سرڪار
طرفان حُرن کي قيد ڪرڻ، يعني ڪنسنٽريشن ڪئمپ ۾ رکڻ
بابت موضوع ڏئي،
Ph.D
ڪرائڻ گهرجي ته جيئن اُهو سمورو احوال، تحقيقي
لحاظ کان محفوظ ٿي سگهي. مثال طور سنڌ ۾ گهڻا ڪئمپ
۽ ڪٿي قائم هئا، اُنهن ۾ مردن ۽ عورتن جو تعداد
ڪيترو هوندو هو، مٿن چوڪسيءَ لاءِ ڪهڙا پوليس
عملدار مقرر هئا. وغيره وغيره هتي مون کي ياد ٿو
اچي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مون سان ’قومي تحريڪ‘ ۾
حصو وٺندڙ هڪ اهم شخص اسماعيل وساڻ- لوڙهي، يعني
اُنهن ڪئمپن مان هڪ ڪئمپ ۾ پيدا ٿيو هو. مون سندس
اُها والده به ڏٺي هئي، جنهن کيس لوڙهي ۾ جنم ڏنو
هو.
سنڌ ۾ ڌارين جي بيٺڪي راڄ جي تاريخ طويل آهي. عربن
جي حملي کان اُها شروعات ٿي، جنهن کان پوءِ اُن
ڏکويل تاريخ جا سلسلا، ڊگها ۽ ڏاڍ سان ڀريل آهن.
هتي مون کي لعلچند امر ڏني مل جي ڪهاڻي- حُرمکيءَ
جا‘ پڻ ياد اچي رهي آهي، جنهن 1898 جي پهرين حُر
تحريڪ بابت هڪ دستاويزي ڪهاڻي لکي، هڪ دَور کي
ڪُوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. حُر تحريڪ جي پس منظر ۾
مون کي ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب هڪ واقعو ٻڌايو ته
حُر تحريڪ جي مختلف واقعن جهڙوڪر جوالا سنگهه سِکَ
جو حُرن هٿان مارجڻ ۽ بچو بادشاهه جو پنهنجي رياست
قائم ڪرڻ وغيره تي ڳوٺ حاجي منعم پلي مرحوم جي مَل
محمود پلي زبردست شاعري ڪئي هئي (جيڪا مون واقعاتي
بيت ڪتاب ۾ پڻ پڙهي آهي). هن شاعري کي عوام ۾ تمام
گهڻي مقبوليت حاصل ٿي جنهن جو نوٽيس وٺندي مل
محمود پلي مرحوم کي بمبئي جي ڪورٽ ۾ طلب ڪيو ويو،
مٿس الزام هئو ته هُن سرڪار جي باغين (حُرن) تي ڇو
شاعري ڪئي آهي. کيس اڍائي مهينا جيل ۽ -/300 رپيه
ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويئي. مَل مرحوم غريب ماڻهو هو
کيس بمبئي تائين حاجي پرچو پلي مرحوم وٺي ويو.
’مَل‘ کان جڏهن ڪورٽ ۾ پڇيو ويو ته سرڪار جي باغين
تي ڇو شاعري ڪئي آهي ته مل مرحوم چيو ته مون انهن
جي بهادري جي ڳالهه ڪئي آهي، ۽ حُر ’دلير‘ آهن
تڏهن انگريز جهڙي فيل مست حڪمرانن سان مهاڏو
اٽڪايو بيٺا آهن. سندس ڏنڊ جا پئسا حاجي پرچو
مرحوم ڀريا ۽ قيد انهي شرط تي معاف ٿيو ته انگريزن
جي واکاڻ ڪر. مل مرحوم چيو ته انگريزن جي صرف هڪ
ڳالهه مون کي پسند آهي اُها آهي ته هو ملڪ ۾ انصاف
ڪن ٿا ۽ پوءِ صرف اُهو انصاف جي ڳالهه وارو هڪ بيت
چيائين.
تڏهن ٿرپارڪر جو پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل تروٽ-، ۽
1942ع جي مارشل لاءِ ۾ هڪ سوال آفيسر لئمبرڪ، هئا.
تروٽ ته بعد ۾ سمنڊ ۾ ٻُڏي مري ويو، البت لئمبرڪ
به پڇاڙيءَ جا ڏينهن ڊپ ۽ هراس ۾ گذاريا. مون کي
ياد ٿو اچي، غالباً سال 1986ع ۾، لئمبرڪ جي مرڻ
کان پوءِ، هن جا سمورا ڪتاب ۽ ڊائريون، سندس پٽ ۽
سندس نُنهن، لنڊن مان کڻائي، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَ کي ڏيڻ آيا هئا. سنڌالاجيءَ ۾ هڪ تقريب
به ٿي هئي، اُن ۾ مون به شرڪت ڪئي هئي، پڇاڙيءَ ۾
مون لئمبرڪ جي پُٽ کان هڪ انٽرويوءَ ۾ سوال ڪيو هو
ته آخرڪار توهان جي والد کي پنهنجا سمورا ڪتاب ۽
ڊائريون سنڌالاجيءَ کي ڏيڻ جو ڇو خيال آيو؟ هن
ٻڌايو هو ته سندس والد جي دماغ تي ڪو بار هو، يعني
هن کي لڳندو هو ته ماضيءَ ۾ کانئس وڏيون غلطيون،
سنڌ جي نوڪريءَ دوران ٿيون آهن، اُن ڪري، هو
سدائين، ذهني ڪشمڪش ۾ رهندو هو. ڪنهن ڪنهن مهل کيس
خوف ٿيندو هو، ته سنڌ مان ڪجهه ماڻهو يعني حُر کيس
قتل ڪرڻ لاءِ انگلئنڊ لاءِ نڪتا آهن. اُن ڪري هُو
هروڀرو ڪنهن اوپري ماڻهوءَ سان ملاقات نه ڪندو هو.
بهرحال، لئمبرڪ جي ڪليڪشن سنڌالاجيءَ ۾ رکي وئي،
پر تنهن وقت هڪ دوست سکرالدين هڪ ڀرپور ڪالم لکي
اعتراض ڪيو هو ته لئمبرڪ سنڌ جو قومي غدار آهي، ان
ڪري سندس ڪليڪشن کي سنڌالاجيءَ ۾ نه رکڻ گهرجي. ان
ڪري ڪجهه وقت اهو ڪارنر بند رهيو، بعد ۾ شوڪت حسين
شوري جي وقت ۾ اهو ڪارنر کوليو ويو هو.
مقصد ته اهو سڀ سنڌ جو ماضي آهي. لئمبرڪ هئو ته
انڊين سول سروس جو ماڻهو، پر کيس ڊپٽي مارشل لا
ائڊمنسٽريٽر جون ذميواريون به حوالي هيون. محمد
عمر چنڊ جو ڪتاب:
"The brutality of the British empire against pir
sahib pagara & his family"
بَهرحال، ڳالهه هلي پئي اسان جي دوست الهورائي بهڻ
صاحب جي آتم ڪٿا جي، ۽ اُن حوالي سان حُر تحريڪ جو
ذڪر نه نڪري، ته اهو ناممڪن آهي. خود پير صاحب
صبغة الله شاهه پيرپاڳارو به هڪ بهادر ۽ قومي سوچ
رکندڙ ماڻهو هو. هن پنهنجي شروعاتي جيل جا ڪيترا
سال بنگال جي خوفناڪ سينٽرل جيل مدناپور ۾ گذاريا،
جتي اڪثر ڪري بنگالي ڪرانتيڪارن کي ڦاسيون ڏنيون
وينديون هيون. هاڻي مدناپور جي اُنهيءَ جيل ۾
اُنهن کولين کي قومي يادگار قرار ڏنو اٿن، جن ۾
اُهي بنگالي انقلابي ڦاهي چاڙهڻ کان اڳ ۾ قيد ڪيا
ويا هئا. اها خبر نه آهي ته اُنهن کولين ۾ پير
صاحب پاڳاري واري کولي به شامل آهي يا نه؟ پر مون
وٽ پير صاحب سورهيه بادشاهه جو هڪ خط موجود آهي،
جيڪو مون کي سرغلام حسين هدايت الله جي ڪاغذن پٽن
مان هٿ آيو هو. اُهو خط سال 1934ع ۾ پير صاحب، سر
صاحب کي لکيو هو، جيڪو مدناپور مان ٿيندو، سکر
سينٽرل جيل پهتو ۽ ان کان پوءِ سر صاحب کي ڏنو
ويو. اُن خط جي هڪ اهم ڳالهه، هتي اوهان کي ٿو
ٻُڌائيندو هلان: پير صاحب لکي ٿو، ”مون کي برٽش
سرڪار ’وار فند‘ ۾ چندو ڏيڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي.
ٺيڪ آهي آءٌ چندو ڏيندس. منهنجا 30 هزار روپيا
خانبهادر (محمد حيات جوڻيجو) وٽ پيل آهن، پر اهي
پئسا، اها رقم وار فند ۾ نه، پر سيليولر جيل
انڊيمان ۾ ’ڪاري پاڻيءَ‘ جي سزا ڪاٽيندڙن جي فلاح
۽ بهبوديءَ تي خرچ ڪئي وڃي.“ هاڻي اوهين ڏسو ته
سال 1934ع ۾ پير صاحب جي سوچ ڪيترو نه اڳتي هئي!
مون کي سچ پچ ته ڀاءُ الهورائي بهڻ جي آتم ڪٿا
ايتري وڻي، جو آئون هڪ ئي نشست ۾ پڙهي، ان کي توڙ
تائين پهچائي ويس. زندگيءَ جي ڪارزار ۾ هر انسان
جا پنهنجا شخصي تجربا هوندا آهن. اُنهن تجربن کي
لکڻ وقت ڪيئن ويهي بيان ڪجي، ته اهو ليکڪ جي تحرير
۽ فن جو ڪمال هوندو آهي. خوشي اٿم ته ڀاءُ
الهورايو، پنهنجي هن ڪوشش ۾ سؤ فيصد ڪامياب ويو
آهي.
عالمي ادب ۾ آتم ڪٿائن ۽ جبل جي ڊائرين کي پڻ وڏي
اهميت حاصل آهي. ننڍي کنڊ ۾ جيتوڻيڪ 1858ع ۾
انڊيمان جيل ۾ قيد، آزاديءَ جي جنگ ۾ حصو وٺڻ جي
ڏوهه ۾، عمر قيد جي سزا ڪاٽيندڙ مولانا فضل الحق
خيرآباديءَ جي لکيل عربي ٻوليءَ ۾ ڊائري، ’باغي
هندستان‘ کي پهرين جيل ڊائريءَ جو درجو حاصل آهي،
پر اُن کان به اڳ اپريل 1843ع ۾ سنڌ جي آخري
حڪمران، ميرنصير خان ٽالپر، سندس پٽن ۽ ٻين عزيزن
کي انگريزن، حيدرآباد سنڌ مان پاڻيءَ جي جهاز
’نمرود‘ ۾ چاڙهي، پهريان بمبئي، پوءِ ڪلڪتي ۾ وڃي
قيد ڪيو هو. ميرنصيرخان ٽالپر حيدرآباد کان، ڪلڪتي
جو اُهو سفر فارسي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو هو، جيڪو
پڻ قيد وبند جو احوال آهي. اهڙي طرح مولوي جعفر
ٿانيسريءَ جو لکيل انڊيمان قيد ڪهاڻيءَ وارو ڪتاب،
مولانا حسرت موهانيءَ جو ’قيد فرنگ‘ يا سنڌي
ٻوليءَ ۾ ڄيٺمل پرسرام جي لکيل جيل ڊائري ’ترنگ جو
تيرٿ‘ ۽ حُرتحريڪ جي ذڪر سان ڀرپور هي ڪتاب ’قيد
ڪشالا زندگي‘. نه وسرندڙ ڪتاب آهن. بِهڻ صاحب
واقعي پنهنجي حياتي، وڏن ڪشالن سان گذاري آهي.
سندس حياتيءَ جي سموري جدوجهد، هن پنهنجي ڪتاب ۾
بيان ڪئي آهي. ان لحاظ کان، منهنجي نظر ۾ هيءَ هڪ
مڪمل آتم ڪٿا آهي، جيڪا سنڌي ادب ۾ هر لحاظ کان
پنهنجي اهميت ۽ حيثيت برقرار رکندي.
بهڻ صاحب، آتم ڪٿا ۾ به اهم سوال اُٿاريا ۽
ڳالهيون ڪيون آهن، جيڪي تاريخ جي ڇاڻيءَ ۾ ڇڻڻ
گهرجن:
(1) جڏهن سنڌ اسيمبليءَ سال 1942ع ۾ حرائڪٽ پاس ٿي
ڪيو ته اسيمبلي ميمبر ڇو خاموش هئا؟
(2) جڏهن نواب جان محمد جوڻيجو شهيد الهه بخش
سومري کي 17 مئي 1942ع تي لاهورميل مان حيدرآباد
ريلوي اسٽيشن تي خاموشيءَ سان لاهي حيدرآباد ۾
پنهنجي بنگلي تي وٺي وڃي رهيو هو ته هن شهيد الهه
بخش کي ٻڌايو هو ته هن ٽرين کي ٽنڊي آدم ويجهو
وهاب شاهه اسٽيشن تي ڪيرايو ويندو!
ڊاڪٽر اسد جمال ’پلي‘
عمرڪوٽ
ڪتاب:
’هِنئڙي سَڄَڻَ سارِيا‘ جون ڳالهيون
مصنف: نياز پنهور
ڪالم نگاري ادب جي جدا صنف نه آهي، نه پنهنجي فن ۾
نه معنيٰ ۽ فڪر ۾. ’ڪالم‘ بنيادي طور اهي مضمون
آهن جيڪي اڪثر ڪرنٽ افيئرز يا حالات حاضره سان
تعلق رکن ٿا ۽ ’اخبار‘ ۾ جيڪا سيٽ والارين ٿا
انهيءَ جي شڪل ڪالم
(Column)
واري آهي انهيءَ ڪري اُهي ڪالم آهن ۽ لکندڙ جيڪو
بنيادي طور ’مضمون نگار‘ آهي اُهو سڏجي ويو ’ڪالم
نگار‘ اگر ساڳيا مضمون اخبار جي بجاءِ ڪتاب ۾
پهريائين ڇپجن ته اُهي مضمون سڏبا نه ڪِ ڪالم بلڪل
ساڳي طرح جڏهن ’سوانح حيات‘ کي ’ماه و سال‘ جي قيد
و بند مان آزاد ڪري ’زندگيءَ‘ جي آزاد وصفن ۾ آندو
وڃي ته اُهو ٿيندو ’خاڪو‘. ’خاڪه نويس‘ اصل ۾
’سوانح نگار‘ جي غير ذميوار يا آزاد صورت آهي.
سوانح نگار، سوانح حيات تحرير ڪرڻ وقت پابند آهي
ته هو ترتيب وار زندگي جي سڄي
Statics
۽ احوال بيان ڪري. ان جي ابتڙ ’خاڪه نويس‘ انهيءَ
سڄي ترتيب جو بلڪل پابند نه آهي. هُو ڪنهن به شخص
جي زندگيءَ جي چند ڳالهين واقعن ۽ حادثن کي پنهنجي
رنگين نثرنگاري سان بيان ڪري انهيءَ شخصيت بابت
پنهنجو منفي يا مثبت
Opinion
ٺاهي پيش ڪري ٿو. اهو خاڪه نويس جو فن ئي آهي ته
ڪنهن ناڪاره کي ڪارگر ۽ ڪارگر کي ناڪاره ٺاهي سگهي
ٿو. نيڪ ۽ پارسا کي گناه گار ۽ ڏوهيءَ جا سڀ ڏوهه
۽ پاپ پنهنجي قلم سان ڌوئي ان کي پاڪ ۽ پويتر ٺاهي
ٿو سگهي.
هي جيڪي اسان جي سنجيده، ذميوار ۽ سينيئر اديب
محترم نياز پنهور صاحب جي ’هِنئڙي سَڄَڻَ سارِيا‘
آهن، انهن جي خاڪن ۾ سڀ مذڪوره ڳالهيون اسان کي
محسوس ٿين ٿيون، خاڪن ۾ جيڪا مضمون نگاريءَ جي
تشنگي اڪثر محسوس ٿيندي آهي، اُها تمام دانائي سان
هر ڪنهن خاڪي جي شروع ۾ ’بلاڪ‘ ۾ ڏيئي، محترم نياز
پنهور صاحب انهيءَ اُڃ ۽ اساٽ جو اُتار ڪيو آهي.
محترم نياز پنهور پنهنجي قلمي ڪاوش جي حوالي سان
ڪو غير معروف نالو ته آهي ڪونه جو سندس تعارف
ڪرائجي، جيڪو سندس قلمي پورهيو آهي ۽ اڃان به جيڪو
ان ۾ واڌارو ايندو، هيءُ ڪتاب ان سلسلي جي ڪڙي
آهي. پاڻ جيڪو ڪاوش مئگزين ۾ ’خاڪن‘ جو هيءُ سلسلو
شروع ڪيو آهي، ان جو جاري رهڻ انڪري به ضروري آهي
ته پڙهندڙ ان مان لُطف حاصل ڪري ٿو ۽ ڄاڻ حاصل ڪري
ٿو. سندس انتخاب به هن سلسلي ۾ سهڻو آهي جو پنهنجي
آفيس جي ساٿين کان وٺي پنهنجي استادن ۽ اديب ساٿين
تائين ان انتخاب جو دائرو آهي، جيڪو اڃان به وڌندو
۽ وسيع ٿيندو. خاڪه نويس جو هڪ ڪمال اِهو به آهي
ته هُو ڪنهن به ماڻهوءَ جي پسنديده شخصيت کي وڌيڪ
پسنديده ٺاهي ٿو، پر ڪنهن جي غير پسنديده شخصيت کي
به برداشت جي حد تائين آڻي پڙهندڙ کي پنهنجي راءِ
تي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ائين نياز صاحب جي هن
خاڪن ۾ به محسوس ٿئي ٿو.
محترم نياز پنهور صاحب ڪٿي ڪٿي
عام فهم ڳالهيون ڪندي پڙهندڙ کي تمام گهرا زخم به
ڏيکاري اهو سوچڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي ته هينئن به
سوچي ڏسو ته جيئن تصوراتي جمود ٽُٽي پئي ۽ حقيقتون
چٽيون ٿي پون. سندس انهيءَ اسٽائل کي اسين محترمه
نزهت پٺاڻ جي خاڪي ۾ محسوس ڪريون ٿا ۽ قبول ڪرڻو
ٿو پوي ته اهو خاڪو هڪ ڪامياب صحافي ئي لکي سگهي
ٿو.
محترم حميد سنڌيءَ کان محمود مغل تائين ۽
عبدالقادر جوڻيجو کان نصير مرزا ۽ ناز سهتو تائين
سندس سڀني خاڪن ۾، سندس قلم جو رُخ ڪٿي به تذبذب
جي ڌٻڻ ۾ ناهي ڦاٿو ۽ هُو پنهنجي تحرير جي اُڏام
کي برقرار رکي سگهيو آهي. هُو ڪردارن کي ايترو
بئلنس طريقي سان بيان ڪري ويو آهي جو وچ ۾ ڪنهن
جملي جي وِٿي ڇڏي ئي نٿو. آپا نذير ناز، اظهر
جتوئي، خان محمد پنهور، ماٺيڻو اوٺو خواه تاج جويو
تي لکندي ائين ٿو محسوس ٿئي ته هر ڪنهن شخصيت تي
لکندڙ ڄڻ ساڳيو ليکڪ نه هجي. ۽ ائين هُو پنهنجي
دعويٰ ۾ سچو آهي، ته ڪنهن عورت تي لکجي ته عورت ٿي
لکجي. بلڪه آئون هِن ڳالهه کي اڃان چِٽو ڪندس ته
ڪنهن صحافيءَ تي لکجي ته صحافي ٿي ۽ ڪنهن سياستدان
تي لکجي ته سياستدان ٿي لکجي.
آخري ڳالهه جيڪا اسين سنڌي ماڻهو ڪندا آهيون، ته
فلاڻو منهنجي ڳوٺ جو آهي ۽ ائين چئي نسبت وڌائيندا
آهيون. آئون ڳالهه کي بلڪل ٻئي رُخ ۾ ٿو رکان ته
اها منهنجي لاءِ اُتساهه ۽ خوشي جي ڳالهه آهي ته
آئون هن سهڻي قلمڪار جو ڳوٺائي آهيان.
ريڻي ندي جو اوڀر ڪناري ۽ ڄام چنيسر جي حوالي سان
مشهور داسڙن جي ڀڙي لڳ اُهو ’ڳوٺ شادي پلي‘ جنهن
سان رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي به نسبت آهي ته
وڏيري محمد سگهي پلي جي به وابستگي آهي.
اها منهنجي دل جي خواهش آهي ته جيئن محترم نياز
پنهور صاحب جا ٻئي ڪتاب جيترا خاڪا تيار ٿين ته
پيڪاڪ پبلشرس- سنڌ وارا وري ٻيو ڀاڱو ساڳي دلڪش
ڇپائي، ساڳي خوبصورت
Layout
۽ ساڳي بائينڊنگ، ڪاغذ ۽ ڊسٽ ڪور سان، ساڳي -/350
روپيه قيمت ۾ آڻين. حيرت انگيز ڳالهه ته پروف
ريڊنگ جي ڪابه غلطي جيئن هن ڪتاب ۾ ناهي اڳتي نه
هجي ته جيئن سنڌي ادب هنن ’خاڪن‘ جي خوشبوءِ سان
مالامال ٿيندو رهي.
سلطانه جمالي
حيدرآباد
حيدرآباد- سپنن جو شهر
]يادگيريون[
سنڌي ادب ۾ وڏو نالو رکندڙ اديب، قاضي خادم هيءُ
ساروڻين جو ڏهون ڪتاب ’حيدرآباد ــ سپنن جو شهر‘
بقول مظهرالحق صديقيءَ جي، ’سنڌ جي سماجي تاريخ جي
حيثيت رکي ٿو‘.
هن ڪتاب کي پڙهڻ سان گذريل صديءَ جي هن عظيم سماجي
۽ ثقافتي ورثي جي مالڪ شهر جو نقشو چٽيءَ طرح سان
اکين آڏو اچيو ٿو وڃي. هن شهر جي سونهن ۽ سرهاڻ ڄڻ
ته اڄ به تازي ٿيو وڃي. هيرآباد جي ٿڌڙين هيرن کان
وٺي الهداد چنڊ جي ڳوٺ، ٽنڊو آغا، ٽنڊو ٺوڙهو،
پريٽ آباد، فقير جو پڙ، گرونگر، گڊس ناڪو، الهندو
ڪچو، صدر، گئوشالا، ڪاري موري، دينوءَ جو پڙ، واڍن
جو پڙ، ڊومڻ واهه، واڌوواهه، آڏواڻي لين، پتاشا
گلي، تلڪ چاڙهي، لجپت روڊ، کاهي روڊ، ڪندن مل گرلز
ڪاليج، ميران گرلز ڪاليج، تاراچند اسپتال، نور
محمد هاءِ اسڪول، گورنمنٽ هاءِ اسڪول (ساڌو
هيرانند اڪيڊمي)، سنڌ يونيورسٽي (نو ودياله
اسڪول)، گورنمينٽ بوائز ڪاليج (ڏيارام گدو مل
نيشنل ڪاليج)، ڦليليءَ کان سنڌو جي ڪپ تائين ۽
ريلوي اسٽيشن کان نوولراءِ مارڪيٽ ٽاور تائين ته
ٻئي طرف شاهي بازار ۽ ان جي پاسن کان ڦٽندڙ ڪيئي
مشهور گهٽيون ريشم گلي، پتاشا گلي، ڇوٽڪي گهٽي،
مکي هائوس، پرتاب محل، موتي محل، پوکياڻي مينشن،
هوم اسٽيڊ هال، بسنت هال، ميٺارام هاسٽل ته وري
مياڻي روڊ، مساڻ روڊ، رسالا روڊ، اسٽيشن روڊ ۽
ٺوڙهي جي چاڙهي، ڏتل شاهه جي چاڙهي، اميدن ڀرئي جي
چاڙهي، ڪچو قلعو ۽ پڪو قلعو، جنهن ۾ عاملن جا
خوبصورت گهر ته اڃا به موجود آهن، ليڪن نون مالڪن
جي بي رحميءَ جو شڪار ٿي پنهنجو رنگ روپ وساري
ويٺا آهن.
هن شهر جي اسڪولن، ڪاليجن، هوٽلن، سئنيمائن ۽ باغن
جو اهڙو ته ذڪر ڪيو آهي، جيڪو هاڻ صرف ڪتابن ۾ ئي
ڏسي سگهجي ٿو. داس گارڊن جيڪو هاڻ راڻي باغ سڏجي
ٿو. اسٽيشن وارو راڻي باغ، پريم پارڪ، ڦليلي وارو
شامداس پارڪ، سوسائٽي وارو گول باغ جتي هاڻ گول
بلڊنگ ٺهيل آهي. تروٽ جو باغ، آفندي گارڊن، مکي جو
باغ، جنهن ۾ ڍنڍ هوندي هئي، جنهن ۾ ٻيڙيءَ جو سير
به ڪيو ويندو هو ته ان باغ جو ميوو وٺي کائبو به
هئو.
پراڻن پاڙن جا رهاڪو، اتي جا پڪوڙا ٺاهيندڙ،
نانوائي، قلعي گر، ڦڻي گر، مينهن جي واڙن وارا ۽
شهر جون وڏيون رهائشي هوٽلون ۽ کاڌي پيتي جون
هوٽلون جن ۾ خاص ڪراچي هوٽل ۽ سلطان هوٽل جنهن تي
سنڌي اديب ميڙاڪا مچايو ويٺا هوندا هئا ته اردو
ڳالهائيندڙ اديب به ويهندا هئا. صدر واري ڪيفي
جارج، جنهن تي صدر جا دانشور محفلون مچائيندا هئا
ته تلڪ چاڙهيءَ تي ڪيفي يونٽي ۽ ان کان اڳتي نور
محمد هاءِ اسڪول وٽ ڪيفي شيرازين هائوس، جنهن جو
ذڪر ريٽا شهاڻي به ڪيو آهي ۽ شيش محل، فرنٽيئر
هوٽل ۽ سيما هوٽل جا دلفريب منظر.
شهر جي تفريحي ماڳن ۾ مشهور سئنيمائون فردوس،
راحت، شمس (جيڪا پهرين جڳت ٽاڪيز هئي)، ايلائيٽ
(اڳ اها پرڀات ٽاڪيز هئي)، ڪيپيٽل سئنيما (ان جو
نالو سائي رنگ جي ڪري سائي سئنيما پئجي ويو هو)،
گڊس ناڪي واري شاليمار ٽاڪيز ۽ ڦليلي تي قيصر ۽
نور محل سئنيمائون، ميمڻ محلي ۾ شهاب ٽاڪيز، جيڪا
اڃا توڻي موجود آهي. صدر جي لالا نورالدين واري
نيو مئجسٽڪ سئنيما ۽ ڪئين اهڙيون عمارتون، رستا
جيڪي هاڻ ته آهن ئي ڪونه، پر هن ڪتاب ۾ اهي سڀ
موجود آهن بلڪه ٽنڊي يوسف، ٽنڊي آغا ۽ بابن شاهه
جي مقامن جو به ذڪر آهي.
ان سان گڏ شهر ۾ رنگارنگ چلڪندڙ ٽانگن، وڪٽوريا
گاڏين توڙي هنڌ هنڌ تي ٺهيل گهوڙن جي پاڻي پيئڻ جي
ٽانڪين ۽ سڄي شهر جي رستن تي ٿڌيون هوائون ڏيندڙ
پپر ۽ بڙن جي ڇانوَ کي به ڪونه وساريو آهي.
هڪ طرح سان هيءُ ڪتاب حيدرآباد جي يادگيرين جو هڪ
خزانو آهي، جيڪو وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ اهميت
وارو ٿي ويندو، ان ڪري جو هيءُ شهر کليل اکين سان
سپنا ڏسڻ جو شهر آهي، جنهن جي سونهن ۽ ساڀيان جنهن
ڏٺي، تنهن کان وسرندي ڪانه.
آصف نظاماڻي
خيرپورميرس
ابراهيم کرل جي ڪهاڻي ڪتاب
’رنگ بازار‘ تي تبصرو
’رنگ
بازار‘ ابراهيم کرل جو چوٿون ڪهاڻي ڪتاب آهي، جنهن
۾ ڪل اوڻويهه ڪهاڻيون شامل آهن، هن ڪتاب جو مُهاڳ
مدد علي سنڌيءَ لکيو آهي، ابراهيم کرل جي ڪهاڻين
تي پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”ابراهيم کرل جي
ڪهاڻين ۾ هڪ تمام وڏي اهم ڳالهه آهي، هن جي ڪهاڻين
جو اسلوب ۽ ٻولي، خاص طرح اصلوڪي سنڌي جيڪا اڄڪلهه
اسانجي سنڌي ادب جي ڪهاڻين مان غائب ٿيندي پئي
وڃي“. مدد صاحب جي ان ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه
آهي، ڇو ته ابراهيم کرل جو هي ڪتاب ۽ هن کان اڳ
ايندڙ ڪتاب ’موٽي ايندس مان‘ جڏهن مون ڪمپوز پي
ڪيو ته نج ٻهراڙيءَ جا لفظ، چوڻيون، پهاڪا ۽ منظر
منهنجي اکين سان گڏ ذهن جي اسڪرين تي ڄڻ ساهه کڻي
رهيا هئا. ڪردار جي ٻولي ۽ اٿڻ ويهڻ ڪرت کي ڏسي
ائين پي محسوس ٿيو ته مان به انهن سان گڏ موجود
آهيان.
هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ’دل جي ميراث‘ جڏهن پڙهجي
ٿي ته پيار جي موضوع تي لکيل هيءَ ڪهاڻي پنهنجي
تجسس ۽ روانيءَ سبب ذهن تي ڇاپجي وڃي ٿي. هن
ڪهاڻيءَ جا منظر ڪنهن آرٽ فلم جيان سوچ کي قابو
ڪري ٿا وجھن. سندس ڪهاڻي ’وڏيرو بازار ۽ نٿ‘ پڻ هڪ
اهڙي موضوع تي لکيل ڪهاڻي آهي جنهن ۾ اسان جي سماج
جا اولڙا سج جي ڪرڻن جيان چمڪي رهيا آهن، وڏيري جو
ڪردار، بازار بلڪه حسن بازار جا جلوه ۽ هڪ پيار
ڪندڙ زال جي نٿ، وڪامجي وڃڻ جو درد ذهن جي ڪنڊن ۾
ويهجي وڃي ٿو. پنهنجي ذهني عياشيءَ خاطر وڏيرو زال
جو ڳهه وڪڻي، هڪ ٽوئر کي اهميت ڏئي ٿو ۽ پوءِ
انهيءَ نٿ جا پئسا ’نٿ لاهڻ‘ تي خرچ ڪري ٿو.
ڪهاڻي ’ڪفن‘ ۾ هڪ اهڙي موضوع کي بيان ڪيو ويو آهي،
جيڪو مذهبي طريقي مطابق هڪ مسلمان جي آخري خواهش
کي ظاهر ڪري ٿو ته کيس ڪفن به ڀلي پار جو نصيب
ٿئي. هو جڏهن مڪي مديني وڃي ٿو ته پنهنجي لاءِ ڪفن
وٺي ٿو اچي، جيڪو سندس هيروئني پٽ چورائي، وڪڻڻ
لاءِ وڃي ٿو: ته سندس ايڪسيڊنٽ ٿي پوي ٿو ۽ هو مري
وڃي ٿو، مٿان مڙي آيل ماڻهن مان ڪو چوي ٿو ”مري
ويل پاڻ سان گڏ ڪفن به کڻي نڪتو هو“. ڪهاڻين ۾
سندس لکيل ڪهاڻيون ’ڪنوارپ‘
سهسين سائر ٻوڙيون، بي بڻيادي به پنهنجو مٽ پاڻ
آهن. ڪهاڻي ’جمعي رات‘ جنسي موضوع تي لکيل ڪهاڻي
آهي، جنهن ۾ هڪ نوجوان عورت جي درد ڪٿا بيان ڪئي
وئي آهي جنهن جي شادي سندس پيءُ ان ڪري نٿو ڪرائي
ته ڪو ديندار ۽ نمازي ماڻهو رشتي جي گهُر ڪري،
پردي جو خاص خيال ڪري، پاڻ ته جمعي رات اهتمام سان
ملهائي ٿو، پر جوان اولاد جي جذبن جو خيال نٿو
ڪري، هيءَ ڪهاڻي سماج جي ٻٽي رويي کي ظاهر ڪري ٿي.
ڪهاڻيون ’دال مهٽڻي جو درد‘، ’آخري هٿ‘، ’ڪچي
ٻوٽي‘، ’ڳاڙهو طوفان‘، ۽ ’جھنگ جي رياست‘ علامتي
ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ابراهيم کرل فطرت جي سونهن سان
هٿ چراند ڪندڙ، ماڻهن کي ۽ سندن روين کي ظاهر ڪري
ٿو.
سندس مجموعي ۾ ’پئڪيج‘، ’ڪونج‘
۽ ’رنگ بازار‘ اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي سندس نج
ٻوليءَ ۽ پنهنجي اسلوب جي نشاندهي ڪن ٿيون. ’ڪونج‘
ڪهاڻيءَ لاءِ مدد علي سنڌي لکي ٿو ته ”هن تي
شاندار ناول لکي سگهجي ٿو. ڪاش اهڙي ٻولي مان
لکان ها ته بهترين ناول لکي وڃان هان.“
رنگ بازار ڪهاڻي، جيڪا ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي آهي
جنهن ۾ بازار جي رنگن ۽ سماجي رنگن ۾ ڇا ته ڪهاڻي
لکي وئي آهي؟ غربت سبب بازار جي ماڻهن هٿان جيڪي
بي واجبيون ٿين ٿيون، انهن کي ابراهيم کرل ڪمال
ڪاريگريءَ سان لکيو آهي.
هن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ناول
نگار منور سراج لکيو آهي جيڪو لکي ٿو ته: ”ابراهيم
جي ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ جو نجپڻو، مقامي لهجو، سادگي،
ڪردار نگاري، فطرتي ڊائلاگ، رواني، تجسس، تخليقيت،
۽ تسلسل پڙهندڙ کي پهرين جملي کان ڪلائيميڪس جي
ڪناري تائين، پاڻ سان ڳنڍي رکي ٿو“.
هن ڪهاڻي ڪتاب کي پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي
سرواڻ قربان منگي ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، ٽائيٽل
نامور مصور سعيد منگيءَ ٺاهيو آهي جڏهن ته لي آئوٽ
آصف نظاماڻي ۽ ڪمپوزنگ عرفان ڀُٽي ڪئي آهي، ڪتاب
جي قيمت ٽي سؤ رکي وئي آهي، هڪ سؤ ڇاهتر صفحن جو
هيءُ ڪتاب تازو مارڪيٽ ۾ آيو آهي.
رپورٽ:
محمد ارشد بلوچ
سنڌي پروليءَ جو فني جائزو
سنڌ جي ناليواري دانشور، محقق ۽ لوڪ ادب جي پارکو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪيل خدمتن کي مڃتا ڏيڻ
لاءِ سنڌ حڪومت 26- سيپٽمبر 2009ع ۾ سندس نالي سان
’ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ‘
ادارو قائم ڪيو.
هن اداري جي اهم مقصدن مان هڪ مقصد سنڌ جي لوڪ ادب
کي هٿي ڏيارڻ پڻ آهي، انهي مقصد کي اُجاگر ڪرڻ
خاطر هن اداري طرفان 3- فيبروري 2021ع تي لوڪ ادب
جي هڪ اهم صنف ’پرولي‘ بابت ’سنڌي پرولي جو فني
جائزو‘ جي موضوع تي اداري ۾ هڪ ليڪچرر جو پروگرام
منعقد ڪيو ويو.
هن پروگرام جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪئي
وئي، جنهن کان پوءِ هن انسٽيٽيوٽ جي ريسرچ آفيسر
محمد ارشد بلوچ آيل مهمانن کي خوش آمديد چيو ۽
شرڪت ڪرڻ تي شڪريو پڻ ادا ڪيو.
هن پروگرام جي صدارت محقق، اديب، شاعر ۽ سنڌي ادبي
بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر محترم ڊاڪٽر اسد
’جمال‘ پلي ڪئي. جڏهن ته خاص مهمان محترم نفيس
احمد شيخ ۽ اعزازي مهمان محترم انور فگار هڪڙو ۽
عبدالمجيد چانڊيو هئا.
هن اداري جي مانواري ڊائريڪٽر الطاف حسين جوکيي
’پرولي‘ جي اهميت بابت پنهنجو ليڪچر ڏنو. هُن چيو
ته، پرولي لوڪ ادب جي نهايت اهم صنف آهي، جنهن تي
ننڍا توڻي وڏا پيا طبع آزمائي ڪندا آهن، هن ٻڌايو
ته پروليءَ کي فارسي ۾ ’چيستان‘، عربي ۾ ’لغز‘،
هندي ۾ ’پهيلي‘، سنسڪرت ۾ ’پر هيلڪا‘، فرانسي ۾
’ڊيونيتي‘ ۽ انگريزي ٻولي ۾ ’رڊل‘ چوندا آهن.
ڊاڪٽر الطاف جوکيي وڌيڪ ٻڌايو ته ’پرولي‘ انسانذات
جي ذهانت، ظرافت ۽ ڪيفيت کي ڳجهه ۾ بيان ڪرڻ جو هڪ
عمدو نمونو آهي، جنهن ۾ سُگهڙ معاشري، ماحول ۽
فطرت وغيره جي عڪاسي لڪ ۽ ڳجهه ۾ هڪٻئي سان بيان
ڪندا آهن، هن چيو ته سنڌي ڳجهارت جو بنياد به
پروليءَ تي آهي، پر ڳجهارت جو گهاڙيٽو ۽ فن
پروليءَ کان بنهه نرالو آهي، هن پرولي جي جوڙجڪ ۽
ان جي مختلف ڏهن قسمن بابت تفصيل کي پڻ بيان ڪيو.
پروگرام جي اعزازي مهمان ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيي
خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي
شاباس هجي جنهن لوڪ ادب جي خزاني کي 42 ڪتابن ۾
سهيڙي گڏ ڪري هميشه لاءِ جياري ڇڏيو.
پروگرام جي اعزازي مهمان ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي
پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسان فخر سان چئي سگهون ٿا
ته سنڌ جو لوڪ ادب ايترو ته وسيع ۽ مالامال آهي،
جو شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو لوڪ ادب
مالامال هجي، هن وڌيڪ چيو ته اسان جي سنڌ جي لوڪ
ادب کي سهيڙڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جو سَهرو ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ ڏانهن وڃي ٿو.
پروگرام جي خاص مهمان نفيس احمد شيخ صاحب پنهنجي
خطاب ۾ چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ جَس
لهڻي جنهن سنڌ جي لوڪ ادب جي اهميت تي هيءُ
عاليشان پروگرام شروع ڪري سُگهڙن جي همت افزائي
ڪئي آهي.
پروگرام جي صدارتي خطبي ۾ محترم ڊاڪٽر اسد جمال
پلي صاحب چيو ته سنڌ جو لوڪ ادب گڏ ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ ٻهراڙين ۾
ٽيمون ٺاهيون، ڳوٺن ۾ ورڪر مقرر ڪيا، جن جي مدد
سان لوڪ ادب گڏ ٿي سگهيو. هن ’پرولي‘ بابت
ٻڌائيندي چيو ته پروليءَ جو بنياد ’اڏي‘ آهي.
’اڏي‘ جي معنيٰ آهي ننڍو واٽر ڪورس جيڪو ننڍو ٻار
به آساني سان ٽپي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ’اڏي‘ جا
اَٺ قسم آهن، جيڪي عام طور تي ننڍا ٻار ذهني
صلاحيت لاءِ استعمال ڪندا آهن. هن چيو ته بعد ۾
ڪجهه وڏي ڄمار جا ٻار ’اڏي‘ کان پوءِ ڏٺ ۽ پرولي
استعمال ڪندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ’پرولي‘ اصل ۾
تربيت جو نالو آهي ۽ هن جو هي آخري مرحلو ڳجهارت
هوندي آهي، جنهن وڏو سماجي ڪارج آهي.
پروگرام جي دوران علي محمد رونجهي چنگ وڄائي
پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ نالي واري سگهڙن،
پروليءَ جا مختلف نمونا هڪ ٻئي کي پروليون ڏئي پيش
ڪيا، ان موقعي تي نياڻين ڪنيز فاطمه لاشاري ۽
حليمان چانڊيو پڻ ڏٺ پرولي جو نمونو پيش ڪيو.
محترم سڪندر شاهه سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ محترم
محمود مغل صاحب ڊائريڪٽر سنڌالاجي پروگرام ۾ خصوصي
شرڪت ڪئي.
جڏهن ته هن سڄي پروگرام جي ڪاروائي لوڪ ادب جي
ڄاڻو سگهڙ عاجز رحمت الله لاشاري هلائي.
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو،
نفيس احمد شيخ،
ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ سيد سڪندر
علي شاهه اسٽيج تي
پروگرام ۾ آيل سامعين
محترم ارشد بلوچ آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي
خطائي ٿيٻو
ٻوڏار فارم- عمرڪوٽ
مچ ڪچهري
ڳوٺ سڌار سنگت پاران ڳوٺ دودو خاصخيلي لڳ ڪنري ۾
تاريخ 6.2.2021 ڇنڇر شام تي مچ ڪچهريءَ جو اهتمام
ڪيو ويو. هن ڪچهري جو ميزبان ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد جو اڳوڻو ڊائريڪٽر حاجي علي نواز خاصخيلي
هو.
مچ ڪچهريءَ جو مهمان خاص نالي وارو محقق ڊاڪٽر اسد
’جمال‘ پلي هو. جڏهن ته ناميارو سُگهڙ تاج محمد
هاليپوٽو، عاصي عبدالواحد هڪڙو، ايوب کوسو ۽ صالح
احمداڻي اعزازي مهمان هئا.
مچ ڪچهريءَ کي خطاب ڪندي خاص مهمان ڊاڪٽر اسد جمال
پليءَ چيو ته مچ ڪچهري سنڌ جي ثقافت جو خاص اهڃاڻ
آهي. ڪچهرين جي وسيلي نئين نسل جي تربيت ٿيندي
آهي، اسان جو لوڪ ادب شاهوڪار آهي. هن مچ ڪچهريءَ
مختلف شاعرن ۽ سُگهڙن جو ڪلام ٻڌي خوشي ٿي آهي،
حاجي علي نواز کيرون لهڻي جنهن هيءُ سهڻو مچ مچايو
آهي.
هُن وڌيڪ چيو ته اڄ تائين ڪچهري لفظ جو مفهوم ۽
مقصد ته بيان ڪيو ويو آهي پر ان جي ڪنهن به لغت ۾
معنيٰ نه لکي ويئي آهي، مون هن لفظ جي معنيٰ تي
مڪمل مضمون لکيو آهي جيڪو ’سنڌي ٻولي- تحقيقي جرنل
۾‘ شايع ٿيل آهي. بنيادي طور هي مرڪب لفظ آهي جيڪو
’ڪچ + هري‘ مان نڪتو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻي هن سلسلي ۾
هينئن رهنمائي ڪئي آهي ته:
اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
اسان وٽ ڪچهرين جي ڪلچر کي ٻيهر مچائجي ته اسان جو
نوجوان نشي جهڙي برائي کان بچي سگهندو ۽ علم تعليم
۽ تربيت ڏانهن وِکون کڻندو.
ڪچهريءَ جو صدر: ڊاڪٽر اسد جمال پلي
مهمان خاص: تاج محمد هاليپوٽو ۽ ميزبان: علي
نواز خاصخيلي
تاج محمد هاليپوٽو، عاصي عبدالواحد هڪڙي ۽ ايوب
کوسي پڻ مچ ڪچهريءَ کي خطاب ڪيو جڏهن ته خطائي
ٿيٻو، خالد مجاهد، غلام مصطفيٰ چانڊيو، علي بخش
چانڊيو، هرلال امر، صالح احمداڻي، نورمحمد حساس
خاصخيلي، پروفيسر نياز بيدار خاصخيلي، احساس سمون،
رمضان عادل خاصخيلي، ناز فقير محمد شاهاڻي، راجا
طيب خاصخيلي، عطا خاصخيلي ۽ قربان خاصخيلي پنهنجي
نڪور شاعري پيش ڪئي. تاج محمد هاليپوٽو، صالح
احمداڻي، عاصي عبدالواحد هَڪڙي ڳجهارتون، ڏور ۽
بيت ٻڌائي ڪچهريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. آيل
مهمانن کي حاجي علي نواز خاصخيلي پاران اجرڪن جي
اوڍاڻي ڏني وئي. آخر ۾ راڳي ايوب ساگر سُر ڇيڙي مچ
ڪچهريءَ کي منڊي ڇڏيو، رات جي پوين پهرن تائين
جاري رهندڙ هن مچ ڪچهري ۾ ڌوڌا دکندا رهيا ۽ مچ
مَتل رهيو.
محمد رفيق جمالي
بکر جمالي/سعيدآباد
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪو
- فيبروري 2021ع تي ڄام
شورو جي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ آڊيٽوريم ۾
تازو موجوده بورڊ آف گورنرس جي وڇڙي ويل ٻن ميمبرن
جسٽس سيد ارشاد علي شاهه، عبدالقادر جوڻيجو ۽ بورڊ
آف گورنرس جي اڳوڻي ميمبر، ڊاڪٽر غلام علي الانا
جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.
هن پروگرام جي صدارت بورڊ جي مانواري چيئرمين
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب ڪئي. پروگرام جو
باقاعده آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو جنهن جو
شرف حافظ احمد دين انڍڙ حاصل ڪيو. ان کان پوءِ
بورڊ جي معزز ميمبر جناب سرفراز راڄڙ صاحب آيل
مهمانن جي آجيان ڪئي. هُن آجياڻي تقرير ۾ چيو ته
بورڊ هڪ قومي ادارو آهي، سنڌي ادب، ٻولي، ثقافت جي
سڃاڻپ رهيو آهي، سنڌ جي عالمن اديبن جو بورڊ سان
هميشه محبت وارو تعلق رهيو آهي. موجوده بورڊ جي
مانواري چيئرمين صاحب باقاعده بورڊ کي متحرڪ ڪيو
آهي، بورڊ جو رسالو ’مهراڻ‘ سنڌي ادب جو رکوالو
رهيو آهي، ٻاراڻي ادب جو رسالو ’گل ڦل‘ ۽ ’سرتيون‘
رسالا سالن کان سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن.
ان کان پوءِ تعليمي ماهر ۽ بيورو آف ڪريڪيولم جي
ڊائريڪٽر محترم ادريس جتوئي، ڊاڪٽر غلام علي الانا
جي ڪيل ڪم تي روشني وڌي. ادريس جتوئي چيو ته:
الانا صاحب سنڌي ادب، سنڌي ٻولي لاءِ لازوال
خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، الانا صاحب پهريون سنڌي
اسڪالر هو، جنهن لسانيات جي موضوع تي لنڊن مان
Ph.D
ڪئي. الانا صاحب پنهنجي ذات ۾
ادارا هئا. سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن ۽ سنڌي ادب
۽ تاريخ تي 40 ڪتاب لکيا، الانا صاحب ادارا ساز
شخصيت جو مالڪ هو، سندس وڇوڙي سبب سنڌي لسانيات ۽
ادب ۾ وڏو خال رهجي ويو آهي.
ان کان پوءِ الانا صاحب جي ناٺيءَ محترم ڊاڪٽر
عبدالرحيم صاحب الانا صاحب جي خدمتن تي ڳالهائيندي
چيو ته اسان بورڊ جي چيئرمين صاحب جا تمام گهڻا
ٿورائتا آهيون، جنهن اسان جي بابا سائين کي ياد
ڪيو ۽ سندس علمي ادبي پورهئي کي مانُ ڏنو.
شاعر اديب ۽ صحافي محترم نياز پنهور ڳالهائيندي
چيو ته تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌي
ادبي بورڊ وبائن جي دور ۾ وفائن ڪرڻ جا پروگرام
سجايا آهن ۽ پنهنجي مصنفن ۽ ميمبرن کي ياد ڪيو
آهي، جن سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي آهي،
اڄ سنڌ جا ادب دوست گڏ ٿيا آهيون، اسان کي خبر آهي
سيد ارشاد علي شاهه هڪ شخص جو نالو نه آهي، هن جو
وجود ڪارائتو ثابت ٿيو. ٻهراڙيءَ مان پڙهيو، مختلف
کاتن ۽ ادارن ۾ وڏو ڪم ڪيو. سائين ارشاد شاهه
پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ کان سواءِ شاعر ۽ علم
فلڪيات جو وڏو ڄاڻو هو. هن جي علم ادب سان محبت ۽
سچائي جي ڪري ٻين ادارن سان گڏ ادبي بورڊ جا متحرڪ
ميمبر رهيا. مخدوم صاحب ڪڏهن ڪڏهن اجلاس جي صدارت
به کانئس ڪرائيندا هئا. هُو پبلڪ سروس ڪميشن جو
چيئرمين رهيو، ليڪن سندن دامن ۾ ڪو داغ نه رهيو.
ان کان پوءِ ارشاد شاهه جي فرزند شهزاد شاهه صاحب
ڳالهايو، سائينءَ جي فرزند چيو ته: آئون بورڊ جي
مانواري چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جا ٿورا مڃيان ٿو. جنهن اسان جي بابا سائينءَ
جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي مانُ ڏنو. بابا ننڍي
هوندي کان شاعري ڪندا هئا، مولود شريف، نعت شريف
پاڻ پڙهندا هئا، مختلف سنڌي رسالن ۾ بابا جي شاعري
ڇپبي هئي.
ان بعد سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر جناب محمود مغل،
عبدالقادر جوڻيجو جي شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته
جوڻيجي صاحب پنهنجي دور ۾ جيڪي چِٽ چِٽيا،
ڪهاڻيون، ناٽڪ، ٽي.وي ڊراما لکيا اهي تمام گهڻو
مقبول ٿيا. آئون سندن گهر جي ڀرسان 18 سال گڏ رهيو
آهيان. پاڻ گهڻو وقت سنڌالاجي جا ڊائريڪٽر رهيا.
ٽي.وي ڊرامن جي ڪري ادا عبدالقادر تمام گهڻو مصروف
رهيا. عبدالقادر صاحب ٻين گهڻن ايوارڊن سان گڏ
صدارتي ايوارڊ پڻ ماڻيا، سماجي حوالي سان هر ڪم
ڪار ۾ مان ساڻن گڏ هوندو هوس.
ان بعد محترم عبدالقادر جوڻيجو جي فرزند محترم
نصير جوڻيجو کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي.
جنهن چيو ته آئون بورڊ انتظاميه جو ٿورائتو آهيان،
جنهن بابا سائينءَ کي ياد ڪيو، بابا ڏاڍو بهادر ۽
دلبر شخصيت جو مالڪ هو، هن پوري زندگي علم ادب جي
خدمت ۾ ڏني آهي. منهنجي ڌيءُ فاطمه بابا جي نقشِ
قدم تي هلڻ جي جستجو ڪري رهي آهي.
ان کان پوءِ صحافي ۽ اديب محترم مدد علي سنڌي صاحب
چيو ته: آئون بورڊ کي شابس ڏيندس جنهن ڊاڪٽر الانا
صاحب، عبدالقادر جوڻيجو صاحب سائين ارشاد شاهه
صاحب تي ميڙاڪو ڪوٺايو آهي.
ارشاد شاهه ننڍي هوندي قومي ڪارڪن رهيو، قومي گيت
به پاڻ ڳائيندو هو. ارشاد شاهه، الانا صاحب،
عبدالقادر جوڻيجو صاحب ادارا ٺاهيا، هن معززين تي
جيترو ڳالهائجي اهو گهٽ آهي.
جوڻيجو صاحب کي شيخ اياز مٺيءَ مان وٺي اچي
يونيورسٽي ۾ نوڪري ڏني. بورڊ جي ۽ بورڊ جي چيئرمين
کي ڏسي مون کي مخدوم طالب الموليٰ ياد اچي ويو،
مخدوم طالب الموليٰ ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي
ڪامورن کان بچايو، ايوب خان جي دور ۾ به بورڊ کي
مخدوم سائين بچايو. ۽ مخدوم صاحب گرامي صاحب کي
وڏي عزت ڏيندا هئا.
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب پنهنجي خطاب ۾ آيل
مهمانن جا ٿورا مڃيا، ۽ چيو ته اسان جي اداري ۽
سنڌي ادب جي خدمتگارن الانا صاحب، ارشاد شاهه ۽
عبدالقادر جوڻيجو جن جي خدمت تي روشني وڌي. پاڻ
فرمايائون ته: آئون جڏهن بورڊ جو چيئرمين ٿي آيس
ته بورڊ جون ڪافي گهُرجون هيون انهن ۾ ڪافي بهتري
آندي آهي. اسان کي توهان ليکڪن، اديبن ۽ ميڊيا جي
تعاون جي ضرورت آهي. اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو
آهي، سنڌي ادبي بورڊ اسان وٽ امانت آهي، جنهن جي
خدمت ڪندو رهندس، ادبي بورڊ واحد علمي، ادبي ادارو
آهي، جنهن وٽ سوين قلمي مخطوطات ۽ مسودا ڇپجڻ جي
انتظار ۾ آهن. اسان محدود وسيلن آهر بورڊ جي خدمت
ڪري رهيا آهيون. اسان جي گرانٽ گهٽ آهي، جنهن جو
80 سيڪڙو پگهارن ۾ وڃي ٿو. باقي
20%
سيڪڙو ٻين خرچن ۾ وڃي ٿو. حڪومت کي اسان گرانٽ
وڌائڻ لاءِ لکيو آهي، اميد ته بورڊ جون گهُرجون
پوريون ڪيون وينديون.
مخدوم صاحب وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته هن کان اڳ بورڊ
مخدوم جميل الزمان صاحب جي سربراهيءَ ۾ ڪافي ڪم
ڪيو، جنهن دور ۾ بورڊ جي گرانٽ وڌرائي وئي، جميل
سائينءَ جي دؤر ۾ ڪتاب به گهڻا ڇپيا آهن، منهنجي
اچڻ کان پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ 110 ڪتاب ڇپجي پڌرا
ٿيا آهن. اسان جون ڪوششون آهن ته گهڻي کان گهڻا
ڪتاب ڇپرايون. ان بعد ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي، ۽
فرمايو ته آئون سنڌي ادبي سنگت جو به ٿورائتو
آهيان جن مون کي حسن ڪارڪردگي مڃتا ايوارڊ 2021ع
جي اعزاز سان نوازيو. اسان هميشه سڀني لکندڙن کي
پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آئون محترم
مدد علي سنڌيءَ جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن
پنهنجو ايڊٽ ٿيل انگريزي ڪتاب
(SKETCHES IN SCINDE)
اڄ تحفي ۾ ڏنو. چيئرمين صاحب آخر ۾ سڀني آيل
مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ تقريب جي پڄاڻي ٿي.
ان کان پوءِ نصير مرزا پنهنجي خاص انداز سان تقريب
جي پڄاڻي ڪئي، تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ معززين ۾: مخدوم
امجد صديقي، فقير محمد بخش ضامن، ڊاڪٽر اسد جمال
پلي، محترمه نذير ناز، نجمه پنهور، ثمينه ميمڻ،
گلبدن جاويد، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو،
غلام محمد غازي، ابرار قاضي، ڊاڪٽر فهيم نوناري،
زيب سنڌي، سليم چنا، روزينه جوڻيجو، نور سنڌي، اسد
جوڻيجو، ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو، يوسف جويو، شيخ
عبدالله، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، نسيم خان پنهور،
الهه بچايو ميمڻ، عبدالرحمان سيال، گلشن جوڻيجو،
گل حسن درس سروري، زاهده ابڙو، نجمه آفتاب منگي،
پير راحيل، ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو، بورڊ جي ملازمن ۽
ٻين گهڻن ماڻهن شرڪت ڪئي.
هال جي ٻاهران سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال پڻ
لڳايو ويو. آخر ۾ مهمانن جي خاطر تواضع لاءِ ڊنر
باڪس ۽ بورڊ پاران ڇپرايل 2021ع جو خوبصورت
ڪيلينڊر به سڀني مهمانن ۾ تقسيم ڪيا ويا.
|