سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2021ع

باب:

صفحو:12 

پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون

راڄو ڳوٺ- سال

 

 

 

کنڀري شريف جا ميان ولهاري (سمان)

 

سنڌ ۾ جيڪي قبيلا ۽ ذاتيون سوين سالن کان آباد آهن انهن قبيلن ۾ ’سمان‘ قبيلو هڪ قديم قبيلو آهي، آءٌ سمجهان ٿو ته تقريباً پوڻا ٻه سؤ سال هي قبيلو سنڌ جو حڪمران رهيو، ان قبيلي ۾ حاڪمن سان گڏ ڪيترا وڏا عالم فاضل، اهل الله پيدا ٿيا، جن پنهنجي علم، معرفت سان هزارن جي تعداد ۾ عالم فاضل پيدا ڪيا، گڏوگڏ سنڌ ۽ هند جي سرحدي علائقن ۾ ديني درسگاهون قائم ڪيائون، جتان پوري سنڌ کي روحاني فيض مليو، سمان قبيلي جو اصل مرڪز ٺٽو هو ڇو جو سمن جي عهد ۾ ٺٽي کي بنيادي اهميت حاصل هئي، بعض محققن جي تحرير مطابق ٺٽي شهر جو بنياد ئي ڄام نظام الدين وڌو جنهن جي تحقيق  هتي مقصود نه آهي. سمن جي قبيلي ۾ ڪافي نکون ۽ پاڙا آهن. پر هتي منهنجو ذڪر صرف ’صاحب سمان‘ عرف ميان ولهاري آهن. گهڻي حد تائين سمن جي عهد حڪومت ۾ قبيلي جا وڏا راڄ ٺٽي ۾ يعني انجي آسپاس آباد هئا. ڌارين جي حملن ۽ سازشن جي ذريعي جڏهن سمن ڄامن جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو ته ضروري آهي، قابض، ظالم ۽ ڌاڙيلن حڪمران هميشه ان قبيلي جي اهم نکن کي نشانو بنائيندا آهن، جيئن ته اُهي وڌي ويجهي اُسري نه سگهن. ان حوالي سان صاحب سمان ۽ ٻرند سما گهڻو ظلم جو شڪار ٿيا، ۽ ٺٽو ڇڏي سنڌ ۽ گجرات، ٿر جي علائقي ۾ وڃي پناهه ورتائون. ان قبيلي جي نکن مان آءٌ هتي صاحب سمان قبيلي جي عظيم هستين جو ذڪر ڪندس، جيڪي هن وقت ضلعي عمرڪوٽ، تعلقي پٿوري ۾ هاڪڙي جي اوڀرندي ڪناري ڍورو نارو ريلوي اسٽيشن کان ٽي ڪلوميٽر کن اُتر طرف ڪلانڪر ڍنڍ جي اولهه ڪناري ڀِٽ تي کنڀري جي ڳوٺ ۾ مدفون يا آباد آهن. کنڀري کان ٽي چار ڪلوميٽر اتر هاڪڙي جي اولهه ڪناري غلام نبي شاهه جو ڳوٺ پڻ موجود آهي. کنڀري جي هنن صاحب سمن کي ولهاري ميان پڻ سڏيو وڃي ٿو.

هتي ڀِٽن جي ايڏي ته بلندي آهي جو ننڍپڻ ۾ جڏهن منهنجو وڃڻ ٿيو ته هڪ ڊاٽيءَ ٻڌايو ته صبح جي وقت هِتان کان بارڊر پاس انڊيا جا مٿاهان جبل به نظر ايندا آهن، ڳوٺ ۾ سمن ميان ولهارين کان سواءِ ٻه چار ذاتيون ٻيون به مختصر انداز ۾ پيڙهين کان هتي آباد آهن، ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي تي بزرگن جي اڏيل مسجد ۽ مدرسو اڄ به موجود آهي. مسجد شريف موجوده حالت ۾ بهترين انداز ۾ ميان حاجي خالد ولهاري جي ڪوششن سان ساڳئي جاءِ تي نئين سر تعمير ڪئي ويئي آهي، مسجد شريف جي پاسي ۾ قبرستان آهي. هن قبرستان ۾ سنڌ جو ولي ڪامل صاحبِ تقويٰ ولايت جو صاحب مجدد ماه ابومحمد عبدالله ولهاري معروف ميون اڪبري ذات صاحب سمان آسوده خاک آهن. سندن ولادت 1241هه ۾ ٿي، آثارن ۽ علاقائي روايتن مان لڳي ٿو ته ميان عبدالله ولهاري جي ولادت به انهيءَ علائقي جي آسپاس ۾ ٿي آهي، آسپاس جي علائقي ۾ ميون حاجي اڪبري جي نالي سان مشهور آهي، سنڌ ۾ اهو عام رواج آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو زيارت حرمين تي وڃي ۽ 9 ذوالحج جمعي جو ڏينهن هجي ته ان کي حج اڪبري چوندا آهن، شايد ميون ابو محمد عبدالله ولهاري جنهن سال حج ڪيو اُهو 9 ذوالحج جمعي جو ڏينهن هو، ان ڪري کيس ميون حاجي اڪبري جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو نه ته شرعي طور تي قرآن پاڪ ۾ حج اڪبر جو لفظ آهي. يعني هر سال حج جو ڏينهن حج اڪبر آهي، ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي راءِ مطابق سنڌ، خاص طرح ناري پٽ ۾ سماٽ جي ٻين به ڪجهه ذاتين جا خاندان خاص طرح ٿيٻا، ساند ۽ چانهيا وغيره پڻ ميان سڏيا ويا، اُنهن سڀني ۾ ميان عبدالله سمون جي حيثيت ۽ فضيلت پنهنجي دور ۾ معتبر ۽ مسلم هئي اُن ڪري کين ميون اڪبري سڏيو ويو. سندن والد ميان محمد ابراهيم ولهاري خود هڪ وڏا عالم ۽ بزرگ هئا، ۽ انهيءَ ساڳئي علائقي ممڪن آهي ته غلام نبي شاهه ۾ سندن درس تدريس جو سلسلو هجي ۽ پوءِ ميان حاجي اڪبري ۽ ان جو خاندان نقل مڪاني ڪري اچي ڳوٺ کنڀري ۾ آباد ٿيا هجن خليفي درس محمد امين پليءَ جي روايت ۽ تحقيق مطابق مخدوم ابراهيم ولهاري جو شاگرد ۽ مشهور عالم ۽ درويش درس محمد عثمان هاڙه وارو ميون حاجي اڪبري مرحوم جو هم سبق ۽ رضاعي ڀاءُ صحبت عقيدتمند هو وفات کان پوءِ کيس جڳهه سندس آغوش ۾ ملي، حضرت مخدوم ابومحمد عبدالله ولهاري سموري تعليم پنهنجي والد ميان علامه محمد ابراهيم رحه کان حاصل ڪئي.

 

ميون حاجي عبدالله عرف ميان اڪبري جي مزار مبارڪ ۽ ڪنڊي جي وڻ جو ٿُڙ جنهن هيٺ پاڻ درس ڏيندا هئا.

سندن خاندان جي چشم و چراغ ميان هدايت الله مرحوم ولهاري جيڪو ڍوري ناري ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين پڻ رهي چڪو هو، جيئن ته اسان جي خاندان سان پري جي مائٽي هئي ۽ والد مرحوم مولوي عبدالله سمون سال وارو قراني رحه جو شاگرد هو، اهڙي طرح ميان هدايت الله جي ڏاڏي جو ڀاءُ ميان عبدالله ثاني ۽ بابا مرحوم جو استاد هڪ ئي هو ۽ هڪ ئي مدرسي ۾ ڪجهه سالن جي اڳ پوءِ کان فارغ التحصيل ٿيا، گڏوگڏ بابا مرحوم جي پڦي ميان هدايت الله جي خاندان ۾ منڪوحه هئي ان لاءِ ميان هدايت الله خود مون کي تمام گهڻي محبت ڏيندو هو، جڏهن ته منهنجي عمر 15 سالن کان مٿي نه هئي.

منهنجي والد مولوي عبدالله سال وارو ولد محمد ابراهيم ولد حبيب جي پڦي ميان حاجي عبدالله اڪبري جي ڀاءُ ميان ولي محمد جي گهر ۾ هئي ۽ جهرڪ ۾ مدفون آهي، کيس نرينه اولاد ڪونه هو.

ميان هدايت الله جي روايت جيڪا هڪ انٽرويو ۾ ميان ’درس‘ محمد امين پليءَ کي ڏنائون ته اسان ٻرند سمان ميان صابر ولهاريءَ جي اولاد مان آهيون، اسان جو ڳوٺ ولهار هو پوءِ اُتان نقل مڪاني ڪري سعيدپور ٽڪر آياسون. سعيدپور ٽَڪر ملان ڪاتيار کي ويجهو آهي جتي اڄ به صاحب سمان نک جو وڏو اهل الله عالم ’ميان حسام الدين‘ مدفون آهن ۽ انهن جي قبر به نشان ده آهي، جڏهن ته سعيدپور ۾ رفاعي ميئن جا به هڪ ٻه گهر اڄ تائين موجود آهن يا ڪڙيئي شريف پاسي ۾ هڪ ڳوٺ آهي جتي سمن جا به ڪجهه گهر آهن، عين ممڪن آهي ته مذڪوره ميان به هن صاحب سمان بزرگ ’ميان حسام الدين‘ مدفون سعيدپور جا فيض يافته هجن اهو ضرور آهي ته هاڻي علم ۽ فيض نالي باقيات کان خالي آهي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته صاحب سمان ميان ولهاري کنڀري وارا هجن يا صابر ولهاري واري نک يا سمن جون ٻيون نکون اهڙي طرح ٻيا سماٽ قبيلا مهدوين جي قتل و غارت خاص طور تي قاضي قادن مهدي جونپوري جي حڪم تحت فتويٰ ڏيئي ٺٽي ۽ ان جي آسپاس سمن جي قتل کي جائز ۽ انهن جي مال ملڪيت جي ڦرلٽ کي روا قرار ڏنو، جن جا ڪيترا حوالا تاريخن جي ڪتابن ۾ موجود ۽ محفوظ آهن، سمن ۽ ولهارين صاحب سمن جي لڏپلاڻ ٺٽي کان ئي ٿي آهي ۽ پوءِ سنڌ جي انهن ماڳن تي وڃي رهيا ته جيئن مهدوين جي قتل ۽ ظلم کان پاڻ کي محفوظ ڪري سگهون.

کنڀري جي ولهاري سمن جي برک زميندار ۽ اهل علم صاحب بصيرت ميان عبدالخالق ولهاري جيڪو مرحوم منهنجي مائٽي ۾ هو ڳوٺ جو رئيس هجڻ سان گڏ هڪ عظيم ۽ وضعدار شخصيت جو مالڪ هو تمام گهڻو صاحب مطالعه هو موجود محترم حاجي خالد ولهاري جو والد ماجد هو هڪ دفعي اسان جي ڳوٺ آيو، مرحوم مون سان تمام گهڻو آزاد ماحول ۾ گفتگو ڪندو هو منهنجي گهٽ عمريءَ جي باوجود عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو ۽ اجنبيت محسوس ڪرڻ نه ڏيندو هو. راڄي ڳوٺ جي ٻاهران بيهي سامهون درياهه ۽ وڏو ٻيلو آهي، چيائين ته سامهون ٻيلي کان پوءِ ڪهڙو شهر آهي، مون چيو ملان ڪاتيار پوءِ سعيدپور تڏهن چيائين ته اسان به ٺٽي کان هن ڳوٺ ۾ پوءِ هتان سعيدپور، پوءِ ولهار پوءِ غلام نبي شاهه ويا آهيون ڇو ته ولهار کان سعيدپور ڇو اچجي هيءَ نقل مڪاني هن علائقي کان ٿي لڳي اهو ضرور آهي ته کنڀري جي بزرگ ولهارين کي فيض ميان صابر ولهاري جي خاندان مان مليو آهي، اُهي سندن استادن جي ڪڙيءَ مان آهن، کنڀري جي ولهاري بزرگ ميان عبدالله ولهاري رحه ٽکڙ ۾ آغا عبدالرحمٰن سرهندي سمرقندي جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي، جيڪو مقبري شريف ٽنڊو سائينداد ۾ مدفون آهي، سندن ڀائيٽاڻو اولاد مٽياري، ٻوئلوسامارو ۾ اڄ به موجود آهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق ته ٻرند سما الڳ نک صاحب سما آهن نقل مڪانيءَ اُهائي لکي اٿن جيڪا مون کي ميان عبدالخالق ٻڌائي ۽ مون تحرير ڪئي، ڊاڪٽر صاحب به اهو لکيو آهي ته اهو لڳ ڀڳ 11 صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۽ 12 صدي هجريءَ جي شروعات وارو زمانو آهي، ان زماني ۾ ولهار شادي اوٺي واري درسگاهه ۽ درگاهه ميان ۽ پوءِ ان جي پٽ ميان معروف جي نگرانيءَ هيٺ علمي ۽ ديني حوالي سان سموريءَ سنڌ ۾ وڏي فيض واري درسگاهه رهي. ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي راءِ موجب شاديون ولهار واريءَ درسگاهه جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ کنڀري وارا بزرگ غلام نبي شاهه منتقل ٿيا جتي مخدوم محمد ابراهيم ولهاري مدرسو قائم ڪيو، اُن کان پوءِ حافظ عبدالقادر پلي ڳوٺ  ڊيٻو پلي جي چوڻ تي ڍوري ناري لڳ کنڀري آيا. عبدالقادر پلي حافظ، ڪاتب هو، سندس هٿ اکر لکيل قرآن مجيد معمور يوسفاڻي صاحب جي لئبرري ۾ محفوظ آهي.

برادريءَ جي چوڻ تي شاديون ولهار کي ڇڏي اچي غلام نبي شاهه ۾ اقامت اختيار ڪيائون، ۽ ديني علمي ڪم جي شروعات ڪيائون، جلدي غلام نبي شاهه مان به هجرت ڪري کنڀري شريف ۾ اچي مستقل ڳوٺ جو بنياد وڌائن ۽ اُتي ئي ميان ابومحمد عبدالله ولهاري مدفون آهن. پر سندن ڪجهه اهلِ علم خانداني فردن جون قبرون غلام نبي شاهه ۾ آهن، غلام نبي شاهه ۾ موجود کنڀري جا بزرگ جيڪي رکيل آهن ۽ سندن نک صاحب سما سان لڳي ٿي، انهن ۾ ميون ابراهيم ولهاري رحه پڻ آهي، جنهن جو پٽ ميون عبدالله ولهاري يعني حاجي اڪبري رحه جنهن کنڀري ۾ اچي درسگاهه کي اوج تي پهچايو، ۽ کنڀري ۾ ئي مدفون آهن. انهيءَ ئي خاندان جو ٻيو فرد ميون ’حسام الدين‘ ٻيو ڊاسوڙيءَ ۾ رکيل آهي اهي سڀئي مذڪوره نالا آهن هن وقت به کنڀري ۾ اسان جي نوجوان ڇوڪرن جا آهن، ’ميون حسام الدين‘ ٽيون ڦوهه جوانيءَ ۾ ويهارو سال اڳ گذاري ويو، سندس ٻه فرزند آهن مون سان سندس سٺو مائٽي جو ناتو هو. نالن جي ورجاء جي ڪري انهن جو تعارف ۽ وضاحت ضروري سمجهان ٿو، تاريخ جي ميڙيل چونڊيل لفطن مان اها ڄاڻ پوي ٿي ته چار حسام الدين هن خاندان ۾ رهيا آهن، هڪ ميان حسام الدين ملان ڪاتيار مدفون، ٻيو ميان حسام الدين ڊاسوڙي مدفون، ٽيون حسام الدين کنڀرو مدفون،  چوٿون حسام الدين کنڀرو مدفون، ميون اڪبري جنهن کي پنهنجي علمي، بزرگي جي ڪري سنڌ- هند ۾ وڏي شهرت ملي، خاص طور تي سندس ’درسگاهه ولهار کنڀرو‘ جنهن جو ذڪر تاريخ جي مختلف ڪتابن ۾ موجود آهي، جو والد ميان ابراهيم ولهاري جو ذڪر تمام گهٽ ملي ٿو، پر مختلف عبارتون ڪن ڪتابن مان ملن ٿيون، جن مان خبر پوي ٿي ته ميان محمد ابراهيم وڏو عالم فقيهه محدث هو، ۽ غلام نبي شاهه ۾ ئي مدفون آهي. مثال جي طور دائري شريف لڳ اڏيرو لعل جي مشهور بزرگ عالم سيد علي محمد شاهه دائره شريف اصل مٽياروي سيد آهن، سندس پيدائش 1226هه آهي دائره شريف جي درسگاهه علمي ۽ روحاني حوالن سان پوري سنڌ ۾ مشهور آهي. پاڻ مٽيارين جي مخدوم عبدالڪريم جا شاگرد هئا، پر سندن هن عبارت مان خبر پوي ٿي ته پاڻ ميان محمد ابراهيم ولهاريءَ کان به علمي فيض پرايو اٿن. سيد علي محمد شاهه دائره شريف وارن جي بياض ۾ هڪ مقام تي لکيل آهي. ’قراءتُ هٰذهِ التحريرات علَي العلامة التحرير مخدوم محمد ابراهيم ولهاري‘ يعني هي تحريرون مون مخدوم علامه محمد ابراهيم ولهاري وٽ پڙهيون، اهڙي طرح سندن بياض ۾ هيءَ عبارت به ملي ٿي، ’سمعتُ مِنَ المخدوم الولهاري‘ يعني مخدوم ولهاريءَ کان هن طرح ٻڌو معلوم ٿيو ته دائره وارا بزرگ به ولهاري کنڀري وارن جا شاگرد رهيا آهن. درس علمي آثارن مان خبر پوي 1085هه ڌاري يعني يارهين صديءَ جي آخر تائين کنڀري وارن ولهاري بزرگن جي عالمن جي ٺٽي جي عالمن سان هئي. خليفي محمد امين پليءَ جي روايت مطابق هڪ هيءَ عبارت نظر مان گذري، ’ثم اني نصرتُ الفاضل الکامل مولانا مخدوم عبدالله ولهاري کما اجازني الشيخ العارف بِالله العالم رباني شيخ عبدالغني مجددي دامت برڪاتہ وَانا الفقير اِلي الله الکريم عبدالرحيم بن مخدوم عبدالڪريم التتوي سنہ الف وَ خمس، ثمانين، بلدة تته‘ (ترجمه: پوءِ منهنجي مدد ڪئي فاضل ۽ ڪامل مولانا مخدوم عبدالله ولهاري جهڙي طرح عارف رباني ۽ عالم رباني شيخ عبدالغني مجددي دامة برڪاتـﮧ مون کي اجازت ڏني ۽ هي فقير جيڪو رب ڪريم جو محتاج عبدالرحيم بن عبدالڪريم ٺٽوي سن 1085هه شهر ٺٽو).

هن عبارت ۾ حديث جي سند جي اجازت مليل آهي، مخدوم عبدالله ولهاري کي يارهين صديءَ جي آخر جي آهي، ڪاغذ تي مهر به لڳل آهي، جيڪا گول آهي ۽ ان تي عبارت لکيل ’الله الغني وَ انتم الفقراء‘.

اها تحرير ۽ عبارت ڄڻ مخدوم محمد هاشم رحه جي وفات کان پنج سال پوءِ جي آهي ان مان اوهان هن خاندان جي جلالت علمي جو اندازو لڳائي سگهو ٿا.

دراصل کنڀري وارن ولهاري بزرگن جا اَٺ  يا ڏهه گهر هئا، جيڪي کنڀري منتل ٿيا، لڳي ٿو ته گهڻي ڀاڱي سڀ جا سڀ ديني علم سان آراسته پيراسته هئا، هيءُ ڳوٺ ميان پير محمد ولهاري جي نالي سان هن وقت موسوم آهي، مون قلمي ڪتابن جي تعارف ۽ نالن ۾ جڏهن کنڀري جي علمي مخطوطات جو مطالعو ڪيو ته سنڌ آرڪائيز ۾ جيڪو قلمي ذخيرو آهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي معرفت اُهو خزانو سنڌ آرڪائيوز منتقل ٿيو، هيءُ ان خزاني ۾ هڪ قلمي نسخو 151 نمبر تي رکيل آهي ۽ 1264هجريءَ جو فارسيءَ ۾ تحرير ٿيل آهي، ڪاتب جو نالو ميان جان محمد ولهاري آهي نسخو صوفي بزرگ عالم نواب ولي محمد جي ديوان ولي (فارسي) جو آهي، جڏهن ته ميان جان محمد ولهاري ساڳئي برادري جو وڏيرڪي گهر جو فرد آهي ۽ فارسيءَ ۾  سندس ڪتابت ان ڳالهه جو دليل آهي ته برادريءَ جا سمورا فرد ديني علم سان آرائسته پيرائسته هئا.

ساڳئي آڪارئيوز جي علمي خزاني ۾ سيد علي محمد شاهه دائره واري جون گڏ ڪيل اُهي فتوائون آهن جيڪي ميئن اڪبري مرحوم جي والد مخدوم ميان محمد ابراهيم ولهاري مدفون غلام نبي شاهه جون تحرير ٿيل آهن. 250 نمبر تي رکيل آهي. والد مرحوم مولوي عبدالله سمون سال وارو جيئن ته ولهاري بزرگن جي عزازت ۾ هو ۽ سندس پڦي ميئين ولي محمد جي گهر واري هئي ميون ولي محمد ميئين اڪبريءَ جو ننڍو ڀاءُ هو، هُو ان حوالي سان ڪافي اچ وڃ ۽ رهائش به رهي، سندس پرورش ۾ پڦي جو وڏو هٿ هو ڇو ته کيس نرينو اولاد نه هو، هڪ نياڻي هئي جنهن مان ميون يارمحمد پيدا ٿيو، جيڪو لاولد گذاري ويو، ميان علي محمد جو فرزند هو، گڏوگڏ عبدالله ثاني ولهاري سندس جامعه مجدديه قرانيه جو ساٿي هو، ان لاءِ کين ولهارين جي رفاقت زياده ملي، اُن هڪ تحرير جي جواب ۾ مون کي لکيو، جيڪا اڃا تائين مون وٽ محفوظ آهي، مون کيس لکيو ته مولانا عبدالغفور همايوني جو ڪتاب ’فتاويٰ همايوني‘ نئين سري سان افغانستان ۾ ڇپيو آهي، مون ڪراچيءَ مان هڪ تاجر کان جلد اول خريد ڪيو آهي، تڏهن پاڻ مون کي لکيائين ته فتويٰ همايوني ٻن جلدن ۾ آهي، اُهي ٻئي جلد مون کنڀري ۾ ميان پير محمد ولهاريءَ وٽ ڏٺا هئا، جڏهن ته ميان پير محمد ولهاري هڪ زميندار ۽ ڳوٺ جي بانين مان هو، لڳي ٿو ته ميان پير محمد خود وڏو عالم ۽ ميان ابراهيم رحه جي اولين شاگردن مان هو، ميان پير محمد ولهاري ميان جان محمد ولهاري ميان يعقوب ولهاري کنڀري جي موجوده نيڪ سيرت صاحبزادي ميان حاجي خالد ولهاريءَ جي ڏاڏاڻ آهي، ۽ وڏن جو يادگار آهي، الله تعاليٰ کيس عمردراز عطا فرمائي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق ميون پير محمد ولد حبيب الله ولهاري، ميون عبدالسميع ولد ميون حامد ولهاري ٽنڊو الهيار واري ولهار ۾ مدفون آهي، ۽ ولهار جي پهرئين دور جا فارغ التحصيل آهن.

ميون عبدالله حاجي اڪبري 1280هه ۾ کنڀري ۾ آيو آهي، جتي سندس درسگاهه مرجع عام و خاص هئي، ميان اڪبري جي وفات 1306هه ذوالحج جي مهيني ۾ ٿي، ان کان پوءِ هن درسگاهه کي سندس ٻن لائق پٽن ميان محمد ۽ ميان احمد ساڻن گڏ ميان پير محمد ولهاريءَ هن درسگاهه جي انتظام کي سنڀاليو، ميان محمد سنه 1305هه ان کان پوءِ ميان احمد 1935 ۾ وفات ڪئي، ۽ درسگاهه تي زوال شروع ٿيو، اڪابر عالمن، ديني هستين واريون شخصيتون نه رهيون.

خانداني علمي حادثو ميان حاجي اڪبريءَ کي ٻه پٽ هئا ميون حاجي محمد ميون، حاجي احمد وڏا نيڪ، پارسا، تهجدگذار هئا. معمور صاحب ميون حاجي احمد ولهاري لائبريري کي تمام گهڻو وڌايو، ۽ عربستان مان به ڪجهه ڪتاب لائبريري لاءِ آندا. ميان حاجي محمد جو هڪ فرزند ميان عبدالله ثاني جنهن جو مون مختصر مٿي ذڪر ڪيو آهي، مولانا محمد عثمان قرانيءَ جي مدرسي مان فارع التحصيل ٿي اچي پنهنجي وڏن جي مسند سنڀالي، سندس چاچي ۽ ٻين عزيزن جن ۾ ميان پير محمد ولهاري به ساڻ هو، هن مدرسي جي زماني جي تعميرات ۽ حوالي سان بهترين عمارت ٺهرائي، پاسي ۾ مسجد گڏوگڏ مسافرن جي رهڻ جو مسافر خانو يا هاسٽل چئجي ٺهرائي، قدرت کي ائين منظور هو، جو پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ مولانا عبدالله ثاني رحه پنهنجي چاچي ۽ ڀائرن کي (1335هه) جدائيءَ جو داغ ڏيئي وڃي هميشه لاءِ ابدي دنيا ۾ آرامي ٿيو، بس ان کان پوءِ مدرسو ۽ مسجد اهڙي اهلِ علم بزرگن ۽ عالمن کان خالي ٿي ويئي، جيڪا اڄ تائين موجود آهي.

مرحوم عبدالله ثانيءَ جو ننڍو ڀاءُ ميان عبدالرحمٰن ولهاري پنهنجو دماغ سالم نه رکي سگهيو، پنهنجي عالم ڀاءُ جي جدائيءَ ۾ ديوانو ٿي ويو هميشه ڪيفِ مستي ۾ رهندو، ان جنون جي حالت ۾ڪيتريون ڪافيون چيون ۽ شاعري ڪئي، جيڪي محفوظ نه رهي سگهيون، پنهنجي ڀاءُ جي جدائيءَ ۾ هڪ پورو ديوان ’برادرنامه‘ جي نالي سان ٺاهيو هئائين، طبيعت کي مزيد خراب ٿيڻ کان بچائڻ خاطر سندس چاچي ان ديوان کي ضايع ڪري ڇڏيو، خليفي محمد امين پلي مرحوم لکيو آهي ته کنڀري جي ان مسجد جي مهاڙيءَ تي هڪ بيت لکيل هو جيڪو ان حالت ديوانگيءَ ۽ عذب ۾ مسجد جي تعمير تي چيو هو.

”بناکرده شد مسجد دلپذير- به همت ميان شيرمحمد فقير“

مخدوم ولهاري جي ٻئي نمبر فرزند حاجي احمد کي ٻه پٽ ٿيا: ميان هدايت الله ۽ ميان عبدالحق جيڪي مرحومين ٿي چڪا آهن، پاڪ سندن مغفرت فرمائي.

هتي ان ڳالهه جي به وضاحت ڪندو هلان ته نالن جي التباس جي ڪري ڪڏهن ليکڪ کي ڏکيائي ٿي پوندي آهي، صاحب سما جي هن ولهاري خاندان ۾ به ميان عبدالله نالي مختلف نالا ملن ٿا، ايتريقدر جو ’تاريخ سجاول‘ ۾ جتي ٻين عالمن ۽ استادن جا نالا ڏنا ويا آهن اتي والد مرحوم مولوي عبدالله سمون سال واري کي لفظ سال لکي پوءِ به مصنف لکيو آهي ته شايد هيءُ مولوي عبدالله سال وارو ولهار جو هو، جڏهن ته ’قراني‘ رسالو ولهيٽ جيڪو 1936هه ۾ پهرئين ڀيري شايع ٿيو، ان ۾ فارغ التحصيل عالمن جانالا ڏنا ويا، اُتي مولوي عبدالله سال وارو کان 2 سال اڳ ميون عبدالله ثاني جي فراغت جو سال لکيو ويو آهي، جڏهن ته مدرسو ساڳيو هو، ڊاڪٽر جمن ٽالپر سنڌ جا اسلامي درسگاهه ۾ عبدالله ثانيءَ کي الڳ لکيو آهي ۽ مولوي عبدالله سمون سال واري کي الڳ لکيو آهي، اهڙيءَ طرح هن خاندان ۾ 5 نالا ملن ٿا، عبدالله جي نالي سان هن وقت به ميان منير احمد ولهاري جي پُٽَ جو نالو ميان عبدالله ولهاري آهي، جيڪو مولوي عبدالله سال واري جي ڏوهٽيءَ جو پٽ ۽ ميون عبدالله اڪبري ولهاريءَ جي پڙپوٽي جو فرزند آهي. لاڙ پٽ ۾ مولوي عبدالله کي ميون صاحب سڏيندا هئا، ان لاءِ ان وضاحت جي ضرورت هئي ته نالن جو التباس نه ٿئي.

کنڀري شريف جي درسگاهه ۾ هيٺيان استاد مدرسي جا مدرس هئا، ميون عبدالله اڪبري، سندس پُٽَ ميون احمد ۽ ميون محمد، ميون پوٽو عبدالله ثاني، مولوي عبدالله لغاري، مولوي محمد محمد عمر چنو، مولوي محمد حيات مٽياري، مولوي محمد امين چانڊيو، مولوي هدايت الله ڇڇر، مولوي نظام الدين جوڻيجو، جڏهن ته مدرسي ۾ 100 جي قريب مسافر شاگرد رهندا هئا، جن جو سمورو خرچ ولهاري بزرگ ڀريندا هئا، باقاعده لنگر جو انتظام ۽ طالبن جو خرچ به مدرسي جي ذمي هوندو هو، ميين ولهارين مان جيڪي عالم ٿيا، ۽ هن ئي مدرسي جا فارغ التحصيل هئا، ميون عبدالسميع ڪتابي، ميون ولي محمد، ميون محمد، ميون احمد، ميون محمد صديق، ميون محمد هاشم، ميون حسام الدين، ميون عبدالله ننڍو، ميون حاجي پير محمد مدرسي جا فارغ التحصيل هئا.

مدرسي جي شاگردن ۾ مير محمد پلي، محمد هاشم پلي، محمد اسماعيل دل، گل حسن شاهه ۽ مولانا حبيب الله ريگستاني تاملهيار وارو مشهور ۽ ناليرا عالم ٿيا. مولانا حبيب الله جي فتويٰ کي ڪوبه عالم چيلينج نه ڪندو هو.

لائبريري، درسگاهه جي تمام وڏي لائبريري هئي، ميين اڪبري پنهنجي وڏن جي لائبريريءَ کي اڃان وڌايو، ائين چئي سگهجي ٿو ته هيءَ لائبريري سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شامل هئي، جيڪا سندن بزرگن جي وفات کان پوءِ آهستي آهستي ضايع ٿيڻ لڳي.

ان لائبريريءَ کي مون به 1968 ۾ ڏٺو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي تحقيق مطابق ۽ والد مرحوم مولوي عبدالله جي مشاهدي مطابق ته ٻه لائبريريون هيون، ميئين اڪبري مرحوم جي الڳ لائبريري ۽ ميان پيرمحمد جي الڳ لائبريري هئي، ٻنهي ڪتبخانن جا ڪتاب قلمي ۽ ڇپيل بلوچ صاحب، ميان عبدالخالق مرحوم جي معرفت ڏٺا. ’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي ته لڳي ٿو ته ٻه هزار کان وڌ قلمي ڪتاب لائبريريءَ ۾ موجود هئا، سمورن ڪتابن جو تعداد 10 هزارن کان وڌ هو، جيئن ته سار سنڀال نه لهڻ جي ڪري علمي ذخيرو اڏوهيءَ جو کاڄ بنجي ويو، ان کان اڳ محترم درس محمد امين پلي صاحب جي لکڻ مطابق ڊاڪٽر داؤدپوٽو ڪافي ڪتاب کڻي ويو جنهن جي خبر نه آهي ته هُن ڪهڙي لئبرري ۾ رکايا. ان کان پوءِ به مختلف مدرسن جا عالم فاضل ايندا رهيا ۽ ڪتاب کڻندا ويا.

بلوچ صاحب قلمي ڇپيل ڪتاب جيڪي ميئين احمد ولهاري کان حاصل ڪيا، انهن مخطوطات جو تعداد بلوچ صاحب کان سنڌ آڪائيوز ڪراچيءَ ۾ منتقل ٿيو، جن جا نالا ڪتاب ۾ موجود آهن، جن کي ڊاڪٽر محمد ادريس سومري صاحب ولهار جي ڪتبخاني جي عنوان سان ڇاپيو آهي. محترم معمور يوسفاڻي جي لکت موجب هڪ ڪتاب ڊاڪٽر محمد عباس گهمرو وٽ خيرپور ۾ آهي.

1968ع ۾ سمورو علمي خزانو ضايع ٿي چڪو هو، يا مختلف عالمن ڏاهن جي طرف وڃي چڪو هو، پر ان جي باوجود آءٌ ننڍپڻ ۾ ان لائبريريءَ کي ڏسڻ ويس گهر جي پاسي ۾ هڪ ماڙي ٺهيل هئي، وسيع عريض حال هو ديوارين جي چئني طرفن کان تختا المارين وانگر لڳل هئا، جتي ڪجهه سلامت ڪجهه اڏوهيءَ کاڌل، تمام گهڻا ڪتاب ٽڙيل پکڙيل نظر آيا، پنهنجي گهٽ علميءَ جي ڪري ان بچيل مواد کي ته نه سمجهي سگهيس ۽ نه ئي ان قلمي خزاني جي قدر و قيمت کي پرکي سگهيس، البت ڪجهه ڪتاب جيڪي مناسب حالت ۾ هئا، قلمي ۽ غير قلمي انهن کي کنيم جيڪي پوءِ مون سنڌ ڪلچر کي ڏيئي ڇڏيا، جيڪي اڄ به حيدرآباد سنڌ ميوزم ۾ موجود آهن، ائين چئجي ته ميان اڪبري ولهاريءَ جو هيءُ ڪتبخانو سنڌ آڪائيوز، سنڌ ڪلچر حيدرآباد، ڊاڪٽر داؤدپوٽو لائبريري کان سواءِ نه ڄاڻي ڪيترن عالمن، فاضلن وٽ هليو ويو، اهڙيءَ طرح هن وقت ميان اڪبري مرحوم جي حوالي سان ولهاري کنڀرو ۾ ڪوبه ڪتبخانو موجود نه آهي، ۽ نه ئي ڪو خاندان ۾ علمي شخصيت هن وقت موجود آهي، جيڪا اڪبري مرحوم ۽ وڏن جي جاءِ ۽ مسند سنڀالي سگهي. البت مسجد ۽ مدرسو عمارت جي لحاظ سان نئون تعمير شده آهي. سندس نگهباني ولهاري خاندان جو سربراهه جيڪو هڪ نيڪ پارسا نوجوان ميان خالد ولهاري آهي جيڪو وڏن جي ان يادگار کي قائم رکيو پيو اچي. پر اهو اوج علمي ۽ فيض ڪمالات وارو نه رهيو، ائين چئجي ته درسگاهه ولهار جا ٻه دور هئا، هڪ ميان صابر ولهاري واري ۽ ٻي کنڀري جي ولهاري بزرگن جي هڪ نک ٻرند سما، ٻي نک صاحب سما جيڪا لڳ ڀڳ اڍائي سؤ سال هلي پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي.

مددي ڪتاب:

1-     مضمون ۽ مقالا (سنڌ جون شخصيتون)، ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص 128، مرتب: عبدالرسول قادري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن حيدرآباد، اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف دي هيريٽيج آف سنڌ. (2020ع).

2-    ماهوار قراني ولهيٽ (1937ع)

3-    وصيت الهاشميه، ص 28-29، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ترجمو ۽ تعليق: پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون، سامي فائونڊيشن حيدرآباد، 2020ع

4-    مهراڻ ٽماهي 1/2020ع، ٺٽي ضلعي جو تعليمي ۽ تاريخي جائزو، مضمون نگار: حافظ حبيب سنڌي، سنڌي ادبي بورڊ.

5-     سمن جي سلطنت، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

6-    سمان دؤر، خورشيد صديقي، سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي، 2008ع.

7-    ٿرپارڪر جو مطالعو، مصنف: معمور يوسفاڻي، زيرِ اشاعت سنڌ ثقافت کاتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org