ڊاڪٽر الطاف جوکيو
محرابپور
حرف رويءَ جي روشنيءَ ۾مولوي احمد ملاح جي هڪ اکر
جي
تبديليءَ وارن قافين جو جائزو
A Review of Molvi Ahmed Mallah’s changing single
letter Rhymes
in the light of
‘Harf e Ravi’
جائزي
جو
پس
منظر
مولوي
احمد
ملاح
جي
شاعريءَ
جي
خاص
خوبي
اها
رهي
آهي
ته
هن
جا
لفظ
رديف
يا
قافيا
اهڙا
ڪم
آندل
آهن،
جيڪي
ٻين
جي
شاعريءَ
۾
عام
ناهن. يعني
مولوي
صاحب
اهڙن
قافين
جو
استعمال
ڪندو
آيو
آهي،
جن
پاسي
ٻين
شاعرن
جو
ڌيان
ئي
نه
ويندو
هجي. اهو
انداز
ٻوليءَ
جي
مھارت
سان
ئي
سلهاڙيل
آهي. مولوي
صاحب
هڪ
ئي
وقت
سنڌي
ٻولي
۽
عربي
ٻوليءَ
جو
ڄاڻو
هيو،
اهو
ئي
سبب
آهي
جو
ڪافي
لفظ
پنهنجي
مھارت
سان
گهڙيا
به
اٿس. اهو
هڪ
الڳ
موضوع
آهي،
جنھن
تي
الڳ
سان
ڪم
ڪرڻ
جي
گهرج
آهي. هتي
مولوي
صاحب
جا
اهڙا
قافيا
جاچڻ
مقصود
آهي،
جن
جا
پھريان
اکر
تبديل
ڪري
ڪم
آندا
ويا
آهن.
هن
مضمون
کي
صرف ’قافيي‘ تي
مرڪوز
رکيو
ويو
آهي. عام
طور،
اها
وصف
ڪئي
ويندي
آهي
ته ڪنھن
شعر/
نظم
جي
آخر
۾
اهڙن
مختلف
لفظن
جو
استعمال،
جن
جا
آخري
آواز
پاڻ
۾
يڪسان
هجن،
جيئن:
سڏُ،
گڏُ
وغيره.
جائزي
جو
عمل
لغوي
لحاظ
کان ’قافيو‘ عربي
ٻوليءَ
جو
لفظ
آهي،
ان
جو
اشتقاق
هيٺين
ريت
رکجي
ٿو:
قافيو
(قَفَا/
قفو=
’هن
پيروي
ڪئي)
پٺيان
هلڻ. صنايع
بدايع
موجب
ڪنھن
شاعريءَ
۾
يا
رديف
کان
اڳ
ڪم
ايندڙ،
اهڙا
هڪٻئي
پٺيان
ايندڙ
مختلف
لفظ،
جيڪي
پڇاڙيءَ
جي
آوازن
۾
هم
آواز
هجن؛
جيئن: سرهاڻ،
مھراڻ،
سرواڻ،
درواڻ،
نرماڻ،
حلواڻ،
ڪلياڻ
وغيره. قافيي
جي
آخر
۾
جيڪو
اکر/
حرف
بار
بار
ڪم
ايندو
آهي،
تنھن
کي ’حرف
روي‘ سڏيو
ويندو
آهي. مثال
طور،
مٿين
قافين۾ ’ڻ‘ حرف
روي
آهي،
جڏهن
ته ’ڻ‘ کان
اڳ ’الف‘ پڻ
دهرايل
آهي،
جنھن
کي ’ردف‘ ڪوٺيو
ويندو
آهي.
علم
قافيا
موجب،
حرف
روي،
قافيي
جو
بنياد
هوندو
آهي. ان
کان
پھريان
چار
حرف
اچي
سگهن
ٿا،
جن
کي ’اصلي
حرف‘ ڪوٺيو
ويو
آهي،
جڏهن
ته
حرف
روي
کان
بعد
به
حرف
اچي
سگهن
ٿا،
جن
کي ’وصلي
حرف‘ چيو
وڃي
ٿو. انهن
مڙني
جو
هڪ
قافيي
۾
آڻڻ
لازمي
نه
هوندو
آهي،
ليڪن
قافيي
جي
سڃاڻپ
لاءِ
حرف
روي
جو
استعمال
ضروري
ڄاتو
ويو
آهي. جيڪڏهن
قافيي
جو
مدار
صرف
حرف
روي
تي
آهي
ته
اهو ’روي
مجرّد‘ ٿو
سڏجي. (ہاشمی،
2006)
اها
به
ڳالهه
اهم
ڄاتي
وئي
آهي
ته
قافيي
جو
گهڻو
زور
حرف
کان
وڌيڪ
آواز/
اچار
تي
هوندو
آهي،
جيئن:
سبحانُ-
مانُ-
سلامُ.
آواز/
اچار/
تلفظ
جي
بنياد
تي
قافين
جا
اهڙا
معيار
به
ملن
ٿا،
جنھن
۾
اکرن
کي
پاسي
رکيو
ٿو
وڃي،
مثال
طور: خوابُ. هن
۾
واؤ
معدوله/
واؤ
اشمام
ڪم
آڻجي
ٿو،
ليڪن
ان
جو
آواز،
تلفظ
۾
شمار
نه
ٿو
ڪيو
وڃي،
ان
سبب
ڄاڻايل
لفظ
جو
اچار
ئي
ٿيندو: ’خابُ‘!
ان
خيال
کان ’خوابُ
۽
بابُ‘،
’خوانِي
۽
مانِي‘ هم
قافيه
۽
پڻ
هم
وزن
چئي
سگهجن
ٿا،
توڻي
جو
انهن
جي
اکري
ڳڻپ
۾
فرق
آهي. (ہاشمی،
2006)
قافيي
جو
هنڌ
قافيي
جو
هڪ
متعيّن
هنڌ
ٿيندو
آهي،
ڪنھن
شعر
۾
مختلف
جڳهن
تي
ڪم
ايندڙ
مقفى
لفظ
قافيو
نه
سڏبا
آهن. سنڌي
ڪلاسيڪل
بيت
۾
سورٺي
واري
سٽر
جي
اڌ
۾،
۽
دوهي
جي
آخر
۾
ڪم
ايندو
آهي. ڪافيءَ
جي
ٻن
سٽرن
واري
ٿلهه
۽
وراڻيءَ
جي
آخر
۾
ڪم
ايندو
آهي،
ان
کان
سواءِ
ڪافيءَ
جي
بندن
وارين
سٽرن
۾
الڳ
سان
آخر
۾
ڪم
ايندو
آهي. عروضي
صنفن
موجب،
غزل
جي
مطلع
کان
علاوه،
بند
جي
پھرين
سٽر
ڇڏي
ٻيءَ
۾
قافيو
ڪم
ايندو
آهي،
جڏهن
ته
بار
بار
بيھاريل
ساڳيو
لفظ/
لفظن
جو
مجموعو ’رديف‘
سڏجي
ٿو. مثنويءَ
جي
هر
بند
جي
ٻنهي
سٽرن
۾
قافيو
ڪم
ايندو
آهي. رباعيءَ
جي
ٻن
سٽرن
۽
آخري
سٽرن
جي
آخر
۾
بيھندو
آهي. مخمس/
مسدس/
مثمن
جي
آخري
ٻن
سٽرن
کي
ڇڏي،
پھريُن
سٽرن
جي
آخر
۾
بيھندو
آهي،
جڏهن
ته
آخري
ٻن
سٽرن
جو
قافيو
وري
مٿين
سٽرن
کان
هٽي
ڪري،
پاڻ
۾
هم
قافيه
ٿي
بيھندا
آهن. بھرحال ’قافيي‘ جو
ڪنھن
به
شعر
يا
بيت
۾
هڪ
مقرر
هنڌ
ٿئي
ٿو.
ان
سبب
هر
مقفى
لفظ،
قافيو
نه
سڏبو.
قافيو،
اکر
۽
اعراب
جي
روشنيءَ
۾
•
قافيي
جي
لفظن
جي
آخري
اعراب
(زبر،
زير،
پيش)
۽
حرف
علت
(مد،
’و‘
مجھول/
معروف
۽ ’ي‘ مجھول/
معروف)
ساڳي
هجي،
•
قافيي
جو
آخري
اکر/
حرف
ساڳيو
هجي،
جنھن
کي
’حرف
روي‘ ڪوٺيندا
آهن،
توڻي
جو
اهو
به
حرف
علت: ’ا،
و
۽
ي‘ مان
ٿي
سگهي
ٿو،
جيڪو
صورتخطيءَ
جي
لحاظ
کان
ڊگهي
سُر
(Long Vowel)
۾
ڪم
ايندو
آهي. عربي
لفظ ’روي‘،
’روا‘
مان
ورتل
آهي،
جيڪو
لغت
موجب
ان
رسيءَ
کي
چئبو
آهي،
جنھن
سان
اٺ
تي
سامان
ٻڌو
وڃي. حرف
روي
جا
به
قسم
ٿين
ٿا.
•
اضافي
طور،
قافيي
جو
ماقبل
(Second last)
حرف/
اکر
۽
اعراب
به
ساڳي
هجي.
قافيي
بابت
انتهائي
مختصر
ويچار
ونڊڻ
بعد
هتي
مولوي
احمد
ملاح
جي
شاعريءَ
۾
آواز
کان
هٽي
ڪري ’قافين
جي
استعمال‘ جو
اهڙو
انداز
جاچڻ
مقصود
آهي،
جن
۾
هڪ
اکر
جي
تبديليءَ
سان
قافيا
بيھاريا
ويا
آهن. مولوي
صاحب
قافيا
۽
رديف
ڪمال
جا
ڪم
آندا
آهن. اهڙن
لفظن
جو
استعمال
به
ڪيو
اٿس،
جيڪي
عوامي
ٻوليءَ
۾
ڳالهائبا
آهن
۽
شايد
لغت
۾
به
اهڙن
لفظن
کي
جڳهه
نه
ملي،
ليڪن
مولوي
صاحب
ڪم
آڻي،
انهن
لفظن
کي
زندگي
بخشي
آهي.
حرف
روي
۽
ان
جي
حرفن
جو
بيان
حرف
روي
ان
اکر
کي
چيو
ويندو
آهي
جيڪو
ڪنھن
قافيي
واري
لفظ
جي
آخر
۾
ايندو
هجي،
ليڪن
قافيي
جي
جوڙجڪ
۾
اهو
ٻڌايو
ويو
آهي
ته ’حرف
روي‘ کان
اڳ
جيڪي
اکر
ٿين
ٿا،
تن
جا
نالا
پڻ
رکيا
ويا
آهن ۽ ’حرف
رويءَ‘
بعد
به
چار
اکر
ٿيندا
آهن،
جن
جا
نالا
پڻ
طئي
ڪيل
آهن. حرف
رويءَ
کان
اڳ
چار
۽
حرف
رويءَ
بعد
چار،
يعني
نوَن
اکرن
جا
نالا
ڄاڻايل
آهن. ان
حوالي
سان
مرزا
قليچ
بيگ
لکي
ٿو
ته
”قافيي
جا
مڙئي
نوَ
اکر
ٿا
ٿين،
پر
رواج
۾
اڪثر
ست
ايندا
آهن. قافيي
جو
پويون
اکر
جو
ضرور
وري
وري
اچي
ٿو،
تنھن
کي
’روي‘
ٿا
چون.
جي
روي
کان
چار
حرف
اڳي
ايندا
آهن،
انهن
جا
نالا
ترتيبوار
هي
آه: ’ردف‘،’
قيد‘،’
تاسيس‘
۽
’دخيل‘
۽
جي
روي
کان
چار
حرف
پوءِ
ايندا
آهن،
تن
جا
نالا
ترتيبوار
هي
آهن: ’وصل‘،
’خروج‘،
’مزيد‘
۽’نائر.
(قليچ، 2016: 72)
حرف
روي
کان
اڳ
ايندڙ
قافيي
جي
اکرن
بابت
مرزا
قليچ
بيگ
ڄاڻائي
ٿو
ته
”قافيي
جو
پويون
اکر،
جو
ضرور
وري
وري
اچي
ٿو،
تنھن
کي ’روي‘ ٿا
چون. جي
روي
کان
چار
حرف
اڳي
ايندا
آهن،
انهن
جا
نالا
ترتيبوار
هي
آهن: ’ردف‘،
’قيد‘،
’تاسيس‘
۽
’دخيل‘.
روي
کان
اڳيون
اکر
جي
حرف
علت
ساڪن
هوندو
يعني
’الف‘
يا
’و‘
يا
’ي‘
ساڪن
هوندو
ته
انهيءَ
کي ’ردف‘ چئبو،
جيئن
ته
ايمان،
عثمان
۽
حيران
۾
’ن‘
روي
آهي،
۽
ٻيو
ڪو
حرف
صحيح
آيو
ته
انهيءَ
کي
’قيد‘
چئبو،
جيئن
ته
’درد-
سرد‘
۾’د‘
روي
آهي
۽’ر‘
قيد
آهي. وري
روي
کان
اڳي
ساڪن
الف
۽
روي
جي
وچ
۾
جيڪو
حرف
ايندو،
تنھن
کي
’دخيل‘
چئبو
۽
انهيءَ
ساڪن
الف
کي ’تاسيس‘ چئبو،
مثلاً
باور،
داور
۽
خاور۾ ’ر‘ روي
آهي، ’و‘ دخيل
آهي،
’الف‘
تاسيس
آهي.“ (قليچ، 2016: 72)
مٿين
وضاحت
کي
هيٺين
نڪتن
۾
سؤلو
ڪري
سگهجي
ٿو:
ردف
بابت:
قافيي
۾
حرف
روي
کان
اڳ
ساڳئي
هڪ
حرف
علت
(ا،
و
۽
ي)
هجڻ
کي
بھتر
سمجهيو
ويو
آهي،
اهڙو
حرف
علت
حرف
رويءَ
کان
اڳ
۽
بلڪل
گڏ
اچي
ته
ان
کي
ردف
چئبو،
جيئن:
الف-
ردف:
ساهه-
گاهه-
شاهه-
ماهه...
(ان
قافيي
۾ ’هه‘ حرف
روي
آهي
۽
ان
کان
اڳ
۽
گڏ
آيل
الف
ردف
سڏبو،
جيئن
ته
ان
الف
تي
ڪا
به
اعراب
نه
هوندي
آهي،
ان
سبب
ان
کي
الف
ساڪن
ٿا
ڪوٺين،
ليڪن
اصولي
طور
ساڪن
ڪوٺڻ
مناسب
ناهي.“
ردف- واؤ (معروف واؤ ۽ مجهول واؤ)
(شورُ-
مورُ-
بورُ...
(ان
قافيي
۾
’ر‘
حرف
روي
آهي
۽
ان
کان
اڳ
۽
گڏ
’واؤ
مجھول‘
جو
حرف،
ردف
سڏبو).
(بُوٽُ-
سُوٽُ-
ٽُوٽُ
... (ان
قافيي
۾
’ٽ‘
حرف
روي
آهي
۽
ان
کان
اڳ
۽
گڏ
’واؤ
معروف‘
جو
حرف،
ردف
سڏبو).
ردف-يي (معروف يي ۽ مجهول يي)
(پيرُ-
ڏيرُ-
سيرُ...
(ان
قافيي
۾
’ر‘
حرف
روي
آهي
۽
ان
کان
اڳ
۽
گڏ
’يي
مجھول‘
جو
حرف،
ردف
سڏبو).
(پِيرُ-
مِيرُ-
ڪِيرُ...
(ان
قافيي
۾
’ر‘
حرف
روي
آهي
۽
ان
کان
اڳ
۽
گڏ
’يي
معروف‘
جو
حرف،
ردف
سڏبو).
نوٽ:
ردف
سان
گڏ
جيڪڏهن
’نون
گهُڻي‘
جو
استعمال
ٿئي
ته
ان
کي
’ردف
زائد‘
ٿو
ڪوٺجي،
جيئن:
ردف
زائد:
سانگُ-
نانگُ-
ڪانگُ
... (ان
قافيي
۾ ’گ‘
حرف
روي
آهي
۽
ان
کان
اڳ
آيل
الف،
ردف
سڏبو،
جڏهن
ته
’نون
گهُڻي‘
جو
حرف
’الف‘
سان
سلهاڙيل
آهي،
ان
سبب
ان
کي
ردف
زائد
ڪوٺبو. ائين
ئي
حرف
علت
(الف،
واؤ
۽
يي)
واري
ردف
سان
سلهاڙيل
’نون
گهُڻو‘
ردف
زائد
سڏبو).
قيد
بابت:
حرف
علت
کان
سواءِ،
جيڪڏهن
حرف
روي
کان
اڳ
ڪو
متحرڪ
يا
ساڪن
حرف
ايندو
ته
ان
کي
’قيد‘
سڏيو
وڃي
ٿو،
جيئن:
متحرڪ
حرف
سان:
شَهَرُ-
قَهَرُ-
زَهَرُ (ان
قافيي
۾ ’ر‘ حرف
روي
آهي
۽
ان
کان
اڳ
۽
گڏ
’متحرڪ
حرف‘ قيد
سڏبو.)
ساڪن
حرف
سان:
دَردُ-
فَردُ-
مَردُ-
سَردُ
(ان
قافيي
۾ ’ر‘ حرف
روي
آهي
۽
ان
کان
اڳ
۽
گڏ
’ساڪن
حرف‘ قيد
ڪوٺبو).
تاسيس
بابت:
عربي
علم
قافيه
موجب،
تاسيس
صرف
حرف
علت: ’الف‘ کي
ڪوٺيو
ويو
آهي. حرف
روي
کان
اڳ
يعني
گڏ
ساڳيو
’حرف
علت: ا،
و
۽
ي‘ ايندو
ته
اهو
ته
سڏبو ’ردف‘،
پر
جيڪڏهن’
روي
۽
ڪنھن
حرف‘ کان
اڳ
حرف
علت: ’الف‘ ايندو
ته
ان
کي
تاسيس
چيو
ٿو
وڃي. جڏهن
ته
ٻيا
حرف
علت ’و
۽ ي ‘ کي
ڇا
ٿو
چيو
وڃي؟
ان
بابت
ڪا
وضاحت
نه
ٿي
ملي،
ان
بنياد
تي
چئي
سگهجي
ٿو
ته
هر
ٻوليءَ
جو
مزاج
نرالو
ٿئي
ٿو،
جنھن
جي
استعمال
تي
ئي
معيار
جوڙيا
ويندا
آهن. سنڌي
ٻوليءَ
جو
صرفي
ڍانچو
نرالو
ٿئي
ٿو
ان
ڪارڻ
اهو
تصور
ڪرڻ
گهرجي
ته
تاسيس
رڳو ’الف‘ نه
پر ’واؤ
مجھول
۽
معروف‘ ۽ ’يي
مجھول
۽
معروف‘ به
ٿي
سگهن
ٿا. سنڌي
ٻوليءَ
نسبت،
تاسيس
جي
دائري
هيٺ
لفظن
جو
اهڙو
دائرو
ڏجي
ٿو:
الف-
تاسيس:
گهائِل-
مائِل-
سائِل-
قائِلُ... (ان
قافيي
۾
حرف
روي ’ل‘ آهي
۽
ان
کان
اڳ
آيل
حرف
علت ’الف‘ کي
تاسيس
ڪوٺجي
ٿو،
جڏهن
ته
حرف
روي
۽
’الف
تاسيس‘ جي
وچ
۾
آيل
’همزي‘
کي
دخيل
چئبو).
تاسيس واؤ (معروف واؤ ۽ مجهول واؤ)
ڇوڏو-
اوڏو-
توڏو-
گوڏو ’واؤ
‘(حرف
روي،
ان
کان
اڳ ’واؤ
مجھول‘ تاسيس
۽
ٻنهي
جي
وچ
۾’ڏ‘ دخيل
سڏبو).
جهُومَرُ-
سُومَرُ-
ريُومَرُ ’ر‘
حرف
روي،
ان
کان
اڳ ’واؤ
معروف‘ تاسيس
۽
ٻنهي
جي
وچ
۾’م‘ دخيل
آهي).
تاسيس يي (معروف يي ۽ مجهول يي)
(ويڪَرِ-
نيڪَرِ-
ٻيڪَرِ ’ر‘
حرف
روي،
ان
کان
اڳ ’يي
مجھول‘ تاسيس
۽
ٻنهي
جي
وچ
۾
’ڪ‘
دخيل
آهي).
(ڊِيهَڙُ-
سِيهَڙُ-
ٽِيهَڙُ) ’ڙ‘ حرف
روي،
ان
کان
اڳ ’يي
معروف‘ تاسيس
۽
ٻنهي
جي
وچ
۾’هه‘
دخيل
آهي)
نوٽ:
تاسيس
سان
گڏ،
’نون
گهُڻو‘ سلهاڙيل
ايندو
ته
ان
کي
تاسيس
زائد
ڪوٺبو،
جيئن: چونرو
(آخري’و‘
روي،
اڳيون ’و‘ تاسيس
۽
ان
سان
سلهاڙيل ’نون
گهڻو‘ تاسيس
زائد
آهي.
جڏهن
ته
روي
۽
تاسيس
جي
وچ
۾ ’ر‘ دخيل
آهي).
دخيل
بابت:
حرف
روي
۽
تاسيس
جي
وچ
۾
جيڪو
حرف
اچي
ٿو
ته
ان
کي ’دخيل‘ چون
ٿا. مثال
۾
مٿيان
تاسيس
جا
ئي
مثال
کڻي
ڏسي
سگهجي
ٿو،
جيئن:
الف
تاسيس
سان:
گهائِل-
مائِل-
سائِل-
قائِلُ (حرف
روي ۽ ’الف
تاسيس‘ جي
وچ
۾
آيل ’همزي‘ کي
دخيل
چئبو).
’واؤ‘
مجھول
۽
معروف
سان
ڇوڏو-
اوڏو-
توڏو-
گوڏو.. (حرف
روي
’واؤ
تاسيس‘ جي
وچ
۾
’ڏ‘
دخيل
آهي).
جهُومَرُ-
سُومَرُ-
ريُومَرُ... (حرف
روي
۽ ’واؤ
تاسيس‘ جي
وچ
۾ ’م‘ دخيل
آهي).
يي
مجھول
۽
معروف
سان
ويڪَرِ-
نيڪَرِ-
ٻيڪَرِ... (حرف
روي
۽ ’يي
تاسيس‘ جي
وچ
۾ ’ڪ‘
دخيل
آهي).
ڊِيهَڙُ-
سِيهَڙُ-
ٽِيهَڙُ... (حرف
روي ۽ ’واؤ
تاسيس‘ جي
وچ
۾ ’هه‘ دخيل
آهي).
نوٽ:
دخيل
سان
گڏ
جيڪڏهن ’نون
گهُڻي‘ جو
استعمال
ٿئي
ته
ان
کي ’دخيل
زائد‘
ڪوٺبو،
جيئن: چانور’ر‘ (حرف
روي
۽
اڳيون ’ا‘ تاسيس
آهي،
ان
سان
گڏ ’نون
گهُڻو‘ تاسيس
زائد
آهي. جڏهن
ته
تاسيس
۽
روي
جي
وچ
م ’و‘ دخيل
آهي).
دخيل
زائد:
سارنگُ-
مارنگُ-
نارنگُ
.. (ان
قافيي
۾ ’گ‘ حرف
روي
آهي
۽
ان
کان
اڳ
آيل
الف،
تاسيس
سڏبو،
جڏهن
ته ’نون
گهُڻي‘ جو
حرف ’الف‘ سان
سلهاڙيل
آهي،
ان
سبب
ان
کي
دخيل
زائد
ڪوٺبو. ائين
ئي
حرف
علت
(الف،
واؤ
۽
يي)
واري
ردف
سان
سلهاڙيل ’نون
گهُڻو‘ دخيل
زائد
سڏبو).
(نوٽ:
مبادا
هتي
اهڙا
لفظ
به
لکيا
ويا
هجن
جن
جي
صورتخطيءَ
۾
فرق
هجي
يا
مستعمل
نه
هجن،
ليڪن
هتي
اصل
مراد
لفظن
جو
پيراميٽر
ڏيڻ
آهي. مٿيان
مختصر
پيراميٽر
بيهارڻ
بعد
ڪافي
سنڌي
لفظن
جا
اهڙا
فارميٽ
آهن،
جن
تي
اڃا
ڪم
ڪرڻ
جي
گهرج
آهي).
مرزا
قليچ
بيگ
جي
ڏنل
وضاحت
۽
مٿئين
پيراميٽر
تحت
لفظن
جي
ورڇ
مان
قافيي
جي
ساڳين
اکرن
بابت
هيٺيان
نڪتا
ملن
ٿا:
•
قافيي
۾
گهٽ
۾
گهٽ
هڪ
حرف، ’روي‘ هجي؛
•
حرف
رويءَ
کان
اڳ
هڪ
حرف
علت
هجي. رويءَ
کان
اڳ
۽
گڏ
هجي
ته
ردف
سڏبو؛
•
حرف
رويءَ
کان
اڳ
۽
ڪنھن
حرف
کان
به
اڳ
ڪو
ساڳيو
حرف
علت
هجي
ته
اهڙي
حرف
کي
تاسيس
سڏبو؛
•
قافيي
۾
روي
کان
اڳ
حرف
علت
کان
سواءِ،
ڪو
ساڳيو
حرف
هجي
ته
ان
کي
قيد
چئبو؛
•
قافيي
۾
تاسيس
۽
حرف
رويءَ
جي
وچ
وارو
حرف
به
ساڳيو
هجي.
اهڙي
حرف
کي
دخيل
چئبو؛
•
قافيي
جا
ساڳيا
اکر/
حرف
هڪ
کان
ٽن
تائين
ٿين
ٿا،
البت
’نون
گهڻو‘ اضافي
ٿيندو.
حرف
رويءَ
جي
خيال
کان
قافيي
جا
ڇهه
قسم
ٻڌايا
ويا
آهن:
•
جنھن
قافيي
۾
حرف
تاسيس
هجي
ته
ان
کي
موسَس
چئبو،
جيئن:
زاهد
۽
واجد
...
•
جنھن
قافيي
۾
حرف
دخيل
هجي
ته
ان
کي
مدخول
چئبو،
جيئن:
ظاهر-
ماهر
...
•
جنھن
قافيي
۾
حرف
ردف
هجي
ته
ان
کي
مردّف
چئبو،
جيئن:
قرار-
زوار
...
•
جنھن
قافيي
۾
حرف
قيد
هجي
ته
ان
کي
مقيَّد
چئبو،
جيئن:
مرد-
فرد
...
•
جنھن
قافيي
۾
وصل،
خروج،
مزيد
۽
نائره
مان
ڪوبه
هجي
يا
سڀ
هجن
ته
ان
کي
’مصوله‘
چئبو.
•
جنھن
قافيي
۾
صرف
روي
هجي
ته
ان
کي
مجرّد
چئبو. (ہاشمی،
2006)
حرف
روي
کان
بعد
ايندڙ
قافيي
جي
اکرن
بابت
مرزا
صاحب ’حرف
روي‘ کان
بعد
۾
ايندڙ
حرفن/
اکرن
جي
بيان
۾
هيئن
لکيو
آهي
ته: ”روي
کان
پوءِ
يا
ان
جي
پٺيان
جيڪي
چار
حرف
ايندا،
تن
مان
پھرئين
کي’وصل‘،
ٻئي
کي’خروج‘،
ٽئين
کي’مزيد‘
۽
چوٿين
کي ’نائره‘ سڏبو. مثلاً:
لڏي
ويوس،
ڇڏي
ويوس،
گڏي
ويوس. انهن
۾
ڇڏي
واري ’ي‘ آهي
روي
۽
انهيءَ
کان
اڳيون
اکر
’ڏ‘
آهي
قيد
۽
انهيءَ
کان
پويون
پھريون
اکر ’و‘ آهي
وصل، ’ي‘ آهي
خروج، ’و‘ آهي
مزيد
۽ ’س‘ آهي
نائره.“ (قليچ، 2016: 72)
عام
طور
تي
مرزا
صاحب
جا
ڄاڻايل
قافيي
جا
آخري
حرف ’ويوس‘ جيڪي
منفصل
صورت
۾
آيا
آهن،
تن
کي
’رديف‘
۾
شمار
ڪيو
ويندو
آهي،
ڇاڪاڻ
ته
ڄاڻايل
مثال ’مرڪب
فعل‘ جي
صورت
جو
آهي. البت،
متّصل
صورت
وارا
فعل
قافيي
۾
شمار
ٿيندا
آهن. ڄاڻايل
پيراميٽر
اصل
۾
عربي
ٻوليءَ
جي
نسبت
بيهاريل
آهي. هڪ
حوالي
سان
سنڌي
ٻوليءَ
سان
ٺهڪاوَ
۾
اچي
سگهي
ٿو
ته
جيئن
عربي
صرف
موجب ’ضمير
۽
زمان‘ نسبت
فعل
جون
صورتون
تبديل
ٿينديون
آهن،
تيئن
سنڌي
ٻوليءَ
۾
به ’ضمير
۽
زمان‘ نسبت
فعل
جو
ڪافي
صورتون
جڙنديون
آهن. ممڪن
آهي
ته
قافيي
۾ ’ضمير
۽
زمان‘ نسبت
جيڪا
صورت
بيهي
ٿي
ته
۾
فعل
کان
هٽي
ڪري
جيڪي
اکر
’ضمير
۽
زمان‘ نسبت
اضافي
بيهن
ٿا
ته
ان
کي
قافيي ۾ ’حرف
روي‘ بعد
ايندڙ
حرف
تصور
ڪيا
ويا
هجن. جيئن: ’ڏنو
مانءِ‘ (مون
توکي
ڏنو)-
ڏنومانوَ
(مون
توهان
کي
ڏنو) ڏنومانس
(مان
هن
کي
ڏنو)-
ڏنوماننِ
(مون
هنن
کي
ڏنو‘) وغيره.
مذڪوره
لفظن
۾
’ڏنو‘،
مصدر ’ڏيڻ‘ ۽
امر ’ڏي‘ مان،
ماضيءَ
جي
صورت
۾
آهي. ان
لحاظ
کان
ڏٺو
وڃي
ته
هر
لفظ
جو
قافيو ’ڏنو‘ سان
بيهاري
سگهجي
ٿو،
باقي
ان
بعد ’ضمير‘ جا
صيغا
قافيي
جي
بعد
وارا
اکر
چئي
سگهجن
ٿا.
هر
ٻوليءَ
جا
مزاج
۽
صيغا
پنهنجا
ٿين
ٿا،
ممڪن
آهي
ته
عربيءَ
۾
اهڙن
ضميري
ڳنڍن
جي
حد
چئن
اکرن
تائين
هجي،
جنھن
تي
الڳ
سان
غور
ڪرڻ
جي
گهرج
آهي،
ليڪن
سنڌي
ٻوليءَ
۾
ڪنھن
فعل
سان
ضميري
ڳنڍ
جا
اکر
به
وڌ
۾
وڌ
چارِ
ئي
ٿين
ٿا. خيال
خاطر
ضمير
سان
سلهاڙيل،
زمان
مستقبل
جا
چند
لفظ
ڏجن
ٿا،
جنھن
۾ ’ڏيندو‘ تائين
ته
زمان
مستقبل
جي
صورت
۾
ڳڻي
سگهجي
ٿو،
باقي
ضمير
جون
صورتون
آهي،
جيئن:
•
ڏِيندوسانْءِ
/
ڏيندومانْءِ
(مان
توکي
ڏيندس) هن
۾ ’س،
ا،
ن
۽
همزو‘ چار
اکر
ضميري
آهن.
•
ڏِيندوسانْوَ/
ڏِيندومانْوَ
(مان
توهان
کي
ڏيندس) هن
۾ ’س،
ا،
ن
۽ و‘ چار
اکر
ضميري
آهن.
•
ڏِيندوسانْس/
ڏِيندومانْس
(مان
هن
کي
ڏيندس) هن
۾ ’س،
ا،
ن
۽ س‘ چار
اکر
ضميري
آهن.
•
ڏِينْدوسانْنِ.
(مان
هنن
کي
ڏيندس)
هم
۾ ’س،
ا،
ن
۽
ن‘ (وينجن) چار
اکر
ضميري
آهن.
اهڙي
انداز
سان
فعل
بالواسطه
۽
فعل
ٻٽو
بالواسطه
سان
به
چند
لفظ
بيھن
ٿا:
ڏياريندُس/
ڏياريندُم،
ڏياريندوسانءِ/
ڏياريندومانْءِ،
ڏياريندوسانْوَ/
ڏياريندومانْوَ،
ڏياريندوسانْس/
ڏياريندومانْس،
ڏياريندوسانْنِ/
ڏياريندومانْنِ،
ڏيارائِيندُس،
ڏيارائِيندُم،
ڏيارائِيندوسانْءِ،
ڏيارائِيندومانْءِ،
ڏيارائِيندوسانْوَ،
ڏيارائِيندومانْوَ،
ڏيارائِيندوسانْس/
ڏيارائِيندومانْس،
ڏيارائِيندوسانْنِ/
ڏيارائِيندومانْنِ
وغيره.
مٿي
ڏنل
سنڌي
لفظن
جا
مثال
اهڙا
آهن
جن
۾
بنيادي
لفظ ’ڏياريندو
يا
ڏيارائيندو‘ آهي،
جڏهن
ته
ان
بعد
جيڪي
ضميري
اکر
بيهن
ٿا
سي
وڌ
۾
وڌ
چار
ٿين
ٿا.
ان
نسبت
قافيي
جي
بنيادي
لفظ
سان
جيڪي
ضميري
اکر
اچن
ٿا،
سي ’حرف
روي‘ کان
بعد
وارا
اکر
ٻڌبا. مرزا
صاحب
جا
ڄاڻايل
مثال ’لڏي
ويوس/
ڇڏي
ويوس‘ ۾
مرڪب
فعل
’لڏي
وڃڻ‘ ۽ ’ڇڏي
وڃڻ‘
مان
ورتل
صورت ’ويوس‘ حرف
روي
جا
اکر
نه
ٻڌبا،
ڇاڪاڻ
ته
اهو
لفظ
ئي
الڳ
آهي
۽
منفصل
صورت
۾
ڪم
آيو
آهي.
لفظي
پڇاڙيءَ
(suffix)
وارا
قافيا
جيڪڏهن
ڪي
لفظ
پڇاڙيءَ
(suffix)
سان
بيهاريا
ويا
آهن،
جيئن: خدمتگار،
پروردگار،
طلبگار،
مددگار،
پرهيزگار،
آبادگار،
آزمودگار،
سازگار،
روزگار
وغيره،
ته
ان
کي
مسلسل
قافيي
۾
آڻڻ
يا
ان
۾’...گار‘
پڇاڙيءَ
جي
حرفن
کي ’حرف
رويءَ‘ بعد
اکر
سمجهڻ
به
مناسب
ناهي،
ڇاڪاڻ
ته
اها
پڇاڙي
ڪڍڻ
سان ’خدمت‘ يا ’طلب‘
وغيره
جا
لفظ
هم
قافيا
نه
ٿيندا.
قافيي
جون
’زيرون
زبرون‘
قافيي
جي
اعراب
يا
حرڪتن
بابت
مرزا
قليچ
بيگ
لکي
ٿو ته: ”قافيي
سان
ڇهه
اعراب
يا
حرڪتون
تعلق
رکن: رويءَ
کان
اڳي
واري
پھرئين
اکر
جي
حرڪت
کي ’توجيهه‘ چوندا
آهن
۽
انهيءَ
جو
موافق
يا
هڪجهڙو
هئڻ
ضروري
آهي: مثلاً
دلبَر
۽
صابِر
هم
قافيي
نه
ٿيندا. ردف
۽
قيد
کان
اڳي
واري
حرف
جي
حرڪت
کي
’حذوَ‘
چوندا
آهن،
انهي
جو
به
مختلف
ٿيڻ
روا
ناهي. مثلاً
هِند
۽
بَند
هم
قافيي
ٿي
نه
سگهندا. تاسيس
واري
ساڪن
حرف
علت
جي
مٿان
آيل
زبر
کي
’رس‘
چوندا
آهن
۽
دخيل
واري
حرف
تي
آيل
حرڪت
کي
’اشباع‘
چوندا
آهن. روي
۽
وصل
گڏ
ايندا
ته
انهن
جي
اڳيان
آيل
حرڪت
کي
’مجري‘
چوندا
آهن. انهيءَ
جو
اختلاف
درست
ناهي. اگرچ
ڪي
روا
رکن
ٿا،
جيئن: آهسته
۽
دسته،
وصل
خروج
گڏ،
توڙي
خروج
۽
مزيد
گڏ
ايندا
ته
انهن
جي
مٿان
آيل
حرڪت
کي
’نفاذ‘
چوندا
آهن
۽
اهو
به
سدائين
هڪجهڙو
هئڻ
گهرجي.“
روي
کان
اڳ
ايندڙ
حرفن
تي
اعراب
•
قيد
واري
اعراب
کي ’توجيهه‘ ٿو
چئجي.
•
قيد
يا
ردف
کان
اڳ
واري
اعراب
کي
’حَذوَ‘
ٿا
چون.
•
تاسيس
واري
ساڪن
حرف
علت
سان
آيل
زبر
کي ’رس‘ چئجي
ٿو.
•
دخيل
واري
حرف
تي
آيل
اعراب
کي
’اشباع‘
ٿا
چوندا
آهن.
روي
کان
پوءِ
ايندڙ
حرفن
تي
اعراب
•
روي
۽
وصل
گڏ
ايندا
ته
انهن
جي
اڳيان
آيل
حرڪت
کي
’مجرى‘
چوندا
آهن.
•
وصل
۽
خروج
گڏ،
توڻي
خروج
۽
مزيد
گڏ
ايندا
ته
انهن
تي
آيل
حرڪت
کي
’نفاذ‘
چئبو.
مٿيون
اهي
اعرابون
ڏسيون
ويون
آهن،
جن
جي
تبديليءَ
سان
قافيي
جو
نقص
ظاهر
ٿئي
ٿو.
حرف
رويءَ
جي
روشنيءَ
۾
مولوي
صاحب
جي
هڪ
اکر
جي
تبديليءَ
وارن
قافين
جو
جائزو
مولوي
صاحب
جي
قافين
جو
انداز
ٻين
شاعرن
کان
ان
حوالي
سان
به
نرالو
آهي
ته
سندس
قافين
۾
مڪرر
حرفن
جو
تعداد
وڌيڪ
ٿو
ملي. گهڻي
قدر
اهڙا
قافيا
ڪم
آندا
اٿس،
جن
۾
صرف
اڳيون
اکر
تبديل
رهي
ٿو.
هتي
به
سندس
اهڙن
قافين
کي
حرف
رويءَ
جي
دائري
ڏسجي
ٿو.
حرف
روي
سوڌو
اٺن
ساڳين
حرفن
وارو
قافيو
گُلبدن،
منهنجي
بدن
۾،
باهه
ڀَڙڪائيندو
وَت،
ڪر
ڀڃي،
ڪاني
ڪجل
سان،
ڪان
ڪڙڪائيندو
وَت.
اِي
اَڻيون
اکيَن
ته ’احمد‘
ڌَڪ
اندر
مان
آرپار،
پاڻ
کي
ٿوري
ٿيڻ
سان،
ڪينَ
ٿَڙڪائيندو
وَت.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيو، 136)
هن
غزل
جي
مطلع
۽
مقطع
۾ ’ڀَڙڪائيندو،
ڪڙڪائيندو
۽
ٿَڙڪائيندو‘ جا
قافيا
ڪم
آندل
آهن،
ان
کان
علاوه
ٻين
مصرعن
۾ ’لَڙڪائيندو،
وَڙڪائيندو،
ٻَڙڪائيندو،
ڇَڙڪائيندو
۽
ڦَڙڪائيندو‘ جا
قافيا
آهن،
جنھن
۾
صرف
اڳيون
اکر
تبديل
ڪري
قافيا
استعمال
ڪيا
ويا
آهن.
ظاهري
طور ’ڀڙڪائيندو‘ ۾
آخري
حرف ’و‘ آهي،
جنھن
کي ’روي‘ تصور
ڪري
سگهجي
ٿو،
ليڪن
اصولي
طور
هن
قافيي
۾
’ء‘
همزو
حرف
روي
آهي؛
ڇاڪاڻ
ته
بنيادي
لفظ ’ڀڙڪاءِ-
ڪڙڪاءِ-
ٿڙڪاءِ-
لڙڪاءِ-
وڙڪاءِ-
ٻڙڪاءِ-
ڇڙڪاءِ-
ڦڙڪاءِ‘
آهي،
جڏهن
ته
’...
يندو‘
وارا
اکر
صيغي
موجب
بيهن
ٿا.
يعني
حرف
روي
کان
پوءِ
ايندڙ
اکرن
کي ’ي،
ن،
د
۽ و‘ ترتيبوار: ’وصل‘،
’خروج‘،
’مزيد‘
۽
’نائره‘
سڏبو. جڏهن
ته ’همزي‘ حرف
رويءَ
کان
اڳئين ’الف‘ کي
ردف
ڪوٺبو. باقي
اڳيان
ٻه
اکر ’ڙ
۽ ڪ‘ اضافي
آهن.
ان
کان
علاوه
هن
قافيي
۾
رويءَ
کان
پوءِ
وصل،
خروج،
مزيد
۽
نائره
مان
ڪوبه
هجي
يا
سڀ
هجن
ته
ان
کي
’مصوله‘
چئبو. ٿلهي
ليکي
’ڀرڪائيندو-
ٿڙڪائيندو‘ وارا
قافيا ’مردف-
مصوله‘ جي
مرڪب
اسم
سان
سڏيو
ويندو.
مٿئين
قافيي
۾
رويءَ
سان
گڏ ’الف‘ ردف
هجڻ
سبب،
ان
کي’مردّف‘سڏبو.
ردف
کان
اڳ
واري
اعراب
جنھن
کي
’توجيهه‘
ٿو
ڪوٺيو
وڃي،
تنھن
جو
رواج
سنڌي
ٻوليءَ
جي
صورتخطيءَ
۾
ڪونهي
۽
نه
وري
ڪا
ان
جي
گهرج
پيش
اچي
ٿي.
حرف
روي
سوڌو
ستن
ساڳين
حرفن
وارو
قافيو
ڦٽو
سک
سومرا،
منهنجو
سُتي
ساريام
سانگيئڙا،
ڪڏهن
ايندم،
وَٺي
ويندم،
منجهان
هن
ڪوٽ
ڪانگيئڙا.
اباڻا
اڄ
نه
اڳيين
هنڌ،
ويا
’احمد‘
اُٺي
اُڪري،
کڻي
مارنگ،
وٺي
مارڳ،
ويا
ٻي
ماڳ
مانگيئڙا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيو، 64)
هن
غزل
جي
مطلع
۽
مقطع
۾ ’سانگيئڙا،
ڪانگيئڙا
۽
مانگيئڙا‘ جا
قافيا
ڪم
آندل
آهن،
ان
کان
علاوه
ٻين
مصرعن
۾
’جهانگيئڙا،
وانگيئڙا،
ڀانگيئڙا
۽
ڏانگيئڙا‘ جا
قافيا
آهن،
جنھن
۾
صرف
اڳيون
اکر
تبديل
ڪري،
معنوي
لحاظ
کان،
ڏاڍو
سهڻو
استعمال
ڪيو
آهي.
هن
قافيي
۾
اصولي
طور ’سانگي،
ڪانگي،
جهانگي
وغيره‘ ۾
’...
ئڙا‘
جو
بار
بار
اضافو
ٿيل
آهي،
ان
سبب ’ي‘ حرف
روي
آهي. باقي
ان
بعد
’ء‘،
’ڙ‘
۽
’ا‘
ترتيبوار: ’وصل‘،
’خروج‘
۽
’مزيد‘
آهن. ’ي‘
حرف
روي
کان
اڳيون
’الف‘
تاسيس
۽
ان
سان
سلهاڙيل
’نون
گهُڻو‘
تاسيس
زائد
۽
’گ‘
دخيل
سڏبو.
مٿئين
قافيي
۾
حرف
روي
نسبت،
ٽي
اسم
ملن
ٿا: ’موسَس،
مدخول
۽
مصوله‘،
ان
سبب
هن
کي
به
مرڪب
نالي ’موسَس-
مدخول-
مصوله‘
جي
نالي
سان
پڪاربو.
حرف
روي
سوڌو
ڇهن
ساڳين
حرفن
وارو
قافيو
ڏِس
خُلاصي
خاص
خِلوت،
خار
خَر،
کائيندو
وَت،
لَنئون
لڳڻ
کي
وَئي
لڳي،
جيڪا
لڳي
لائيندو
وَت.
هَٿ
ٻَڌي
سامهون
هِنئين
تي،
عرض
’احمد‘
پوءِ
ڪجي،
پاڻ
پَرچن
يا
نه
پرچن،
پاند
تون
پائيندو
وت.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 135)
هن
غزل
جي
مطلع
۽
مقطع
۾ ’کائيندو،
لائيندو
۽
پائيندو‘ جا
قافيا
ڪم
آندل
آهن،
تن
کان
سواءِ
’ڌائيندو،
چائيندو،
گهائيندو،
نائيندو،
تائيندو
۽
ڳائيندو‘ جا
قافيا
آهن،
جنھن
۾
صرف
اڳيون
اکر
تبديل
ڪري،
معنوي
لحاظ
کان،
ڏاڍو
سهڻو
استعمال
ڪيو
آهي.
هن
قافيي
۾
پڻ
بنيادي
لفظ ’کاء‘
سبب،
حرف
روي ’همزو‘ ٿيندو. جڏهن
ته
ان
بعد
ايندڙ’...
يندو‘ وارا
اکر
ترتيبوار: ’وصل‘،’خروج‘،’مزيد‘۽’نائره‘
سڏبا. حرف
روي’
ء‘
کان
اڳئين
حرف
علت
واري’الف‘
کي
ردف
ڪوٺبو.
مٿيون
قافيو
حرف
روي
سان
گڏ
’ردف‘
سان
سلهاڙيل
آهي،
ساڳئي
وقت
ان
۾
رويءَ
بعد
وصل،
خروج،
مزيد
۽
نائره
اچي
ٿا
وڃن،
ان
سبب
هن
قافيي
تي
به
مرڪب
نالو
’مردف-
مصوله‘
رکجي
ٿو.
صبح
سان
اڄ
واءَ
صبا
کي،
سير
سوريندي
ڏٺم،
گس
گهٽيون
ڇانيا
گلن
سان،
گنج
گهوريندي
ڏٺم.
آهه
’احمد‘
جي
اِتي،
آخر
اجاريندو
عجيب،
بدسلوڪن
کي
ڀتر
بي
سود
ڀوريندي
ڏٺم.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 345)
غزل
جي
مطلع
۽
مقطع
۾ ’سوريندي،
گهوريندي
۽
ڀوريندي‘ جا
قافيا
ڪم
آندل
آهن،
تن
کان
سواءِ
’اوريندي،
ڦوريندي،
چوريندي،
ڪوريندي،
توريندي،
ڏوريندي
۽
جهوريندي‘ جا
قافيا
سهڻي
انداز
سان
استعمال
ٿيل
آهن.
ان
قافيي ۾ ’سور،
ڀور،
گهور
وغيره
‘ بنيادي
لفظ
آهن،
ان
سبب
قافيي
’سوريندي‘
۾
حرف
روي
’ر‘
ئي
ٿيندو
۽
ان
کان
بعد
وارا
اکر
’...يندي‘
ترتيبوار: ’وصل‘،
’خروج‘،
’مزيد‘
۽
’نائره‘
سڏبا. ’ر‘ حرف
روي
کان
اڳ
’واؤ
مجھول‘
ردف
سڏبو.
مٿيون
قافيو
حرف
روي
سان
گڏ
واؤ
مجھول
يعني ’ردف‘ سان
سلهاڙيل
آهي،
ساڳئي
وقت
ان
۾
رويءَ
بعد
وصل،
خروج،
مزيد
۽
نائره
به
اچي
ٿا
وڃن،
ان
سبب
هن
قافيي
تي
به
مرڪب
نالو ’مردف-
مصوله‘
رکجي
ٿو.
حرف
روي
سوڌو
پنجن
ساڳين
حرفن
وارو
قافيو
اَپر
اُڪنڊي
عمر،
آهيان،
اکين
مان
آب
اوهيڙا،
وسايم،
مينهن
ماتم
جا،
ٿيَم
مُنهڙي
تي
موهيڙا.
اَڀُونئين
هت
آهيان،
’احمد‘
اباڻن
پاس
آباديون،
ٻُڌم
هن
ٻن
ڪَنن
سان،
ڏوٿيَن
جا
ڏُور
ڏوهيڙا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 63)
مٿئين
غزل
جي
مطلع،
مقطع
۽
مصرعن
۾
’اوهِيڙا،
موهِيڙا،
سوهِيڙا،
ڏوهِيڙا،
روهِيڙا،
بوهِيڙا،
ڪوهِيڙا‘
جا
قافيا
به
ڪمال
سان
بيهاريا
ويا
آهن.
ان
قافيي
۾ ’اوهيڙو/
اوهيڙا‘،
’موهيڙو/
موهيڙا‘
وغيره
جمع
صورت
۾
رکيل
آهن. اهي
لفظ
وڌيڪ
صورت
۾
ڪونه
ٽٽندا،
ان
سبب
آخري ’الف‘ حرف
روي
تصور
ڪبو. جڏهن
ته ’يي
معروف‘ تاسيس
آهي
۽ ’ڙ‘ کي
دخيل
چئبو.
ان
سبب
ان
قافيي
کي
’موسَس-
مدخول‘ چئبو.
آءُ
ته
گڏجي
ڏينهن
گذاريون،
ٻيا
گذاريا
گهورڙيا،
گهوريَس
ان
گهُور
تان،
گهر
گهر
گهمن
ڪي
گهورڙيا.
مفت
معذرتون
نه
وينديون،
غم
عُذر
سان
دم
گذر،
رب
احد
سان
با
ادب،
احوال
’احمد‘
اورڙيا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 96)
هن
غزل
جي
مطلع
۽
مقطع
مان
مطلع
۾
’تجنيس
تام‘
موجب
ساڳيو
قافيو
ڪم
آندو
ويو
آهي،
ليڪن
معنى
مختلف
بيهندي،
’گهورڙيا،
کان
سواءِ
ڏورڙيا،
ڪورڙيا،
تورڙيا،
سورڙيا،
جهورڙيا
۽
چورڙيا‘
جا
قافيا
سهڻي
انداز
سان
بيهاريل
آهن.
ان
قافيي
۾
پڻ
جمع
صورت
وارا
لفظ
ڪم
آندا
ويا
آهن،
جنھن
سبب
آخري ’الف‘ حرف
روي
آهي
۽
’ي‘
قيد
سڏبي.
ان
سبب
ان
قافيي
کي
’مُقيّد‘
چئبو.
حرف
روي
سوڌو
چئن
ساڳين
حرفن
وارو
قافيو
اڄ
عجيبن
جا
عجب،
اسرار
اِيندي
ٿي
ڏٺم،
جوت
جَلوا
جابجا،
جهَلڪار
ڏيندي
ٿي
ڏٺم.
علم
۽
اقبال
ڪيا،
انعام
’احمد‘
کي
احد،
خواه
مخواه
ڪي
خام
تنھن
تي،
خار
کِيندي
ٿي
ڏٺم.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 343)
مٿيون
غزل
دراصل
’ذوقافيتين‘
جو
مثال
آهي،
جنھن
۾
’اسرار
اِيندي‘
۽
’جهَلڪار
ڏِيندي‘ جا
ٻٽا
قافيا
ڪم
آندا
ويا
آهن. هتي
صرف
آخري
قافيي
کي
چئن
ساڳين
حرفن
نسبت
چونڊيو
ويو
آهي. غزل
جي
مطلع،
مقطع
۽
مصرعن
۾ ’اِيندي،
ڏِيندي،
ٿِيندي،
نِيندي،
وِيندي،
پِيندي
۽
جِيندي‘ جا
قافيا
سهڻي
انداز
سان
بيهاريل
آهن.
مذڪوره
لفظ
به
’ايندي-
اچڻ‘
مان
ڪونه
وٺي
سگهبا،
يعني
ٽٽي
نه
سگهندو،
ان
سبب
اهڙن
لفظن
۾ ’ي‘ حرف
روي
تصور
ڪبو.
رويءَ
کان
اڳ
’يي
معروف‘
تاسيس
سمجهبي
۽
نون
گهُڻو،
تاسيس
زائد
ٻڌبو.
ان
سبب
ان
قافيي
کي
’موسَس‘
چئبو.
مَهند
محبن
جي
مِلڻ
کان،
موت،
مون
مارين
متان،
دوست
ديکي
دم
ڏيان،
اڳ
ڌار
دم
ڪارين
متان.
آهه
’احمد‘
جو
عرض
ايءُ،
اصل
کان
توکي
عجيب،
منهن
ڏيکارج
موت
دم،
ٽاڻو
اهو
ٽارين
متان.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 361)
مٿئين
غزل
جي
مطلع،
مقطع
۽
مصرعن
۾
’مارين،
ڪارين،
ٽارين،
وارين،
گهارين،
پارين،
ڌارين
۽
ٻارين‘ جا
قافيا
ڪم
آندا
ويا
آهن.
ڄاڻايل
لفظ
امري
صورت
۾
ٽٽي
سگهي
ٿو،
ان
ڪارڻ ’مارين
يا
ڪاري‘ مان
’مار
يا
ڪار‘ وٺبو.
ان
خيال
کان ’ر‘ حرف
روي
آهي
۽ ’ا‘ ردف
سڏبو.
ان
سبب
ان
قافيي
کي ’مردّف‘ چئبو.
حرف
روي
سوڌو
ٽن
ساڳين
حرفن
وارو
قافيو
تنھنجي
دِيدن
دل
۾
لائِي،
دوست
ڌُو
ڌُو
ڌُوبَڌُو،
ڪن
پيا
سيني
سَمهان،
سؤ
ڪان
سُو
سُو
سُوبسُو.
اِي
سندئي
پَرپٺ
پڪارون،
ڪم
نه ’احمد‘
ايندياءِ،
جي
رُٺل
راڻي
کي
ريجهائين،
ته
رُو
رُو
رُوبرُو.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 485)
مٿئين
غزل
جي
مطلع،
مقطع
۽
مصرعن
۾ ’ڌُوبڌُو،
سُوبسُو،
ڪُوبڪُو،
بُوببُو،
هُوبهُو،
جُوبجُو،
ٿُوبٿُو،
رُوبرُو‘ جا
قافيا
به
ڪمال
سان
بيهاريا
ويا
آهن. هر
قافيي
کان
اڳ
۾
ساڳئي
قافيي
جو
جز
ٻه
دفعا
ڪم
آڻي، ’ب‘ حرف
جر
سان
ائين
ڳنڍيو
ويو
آهي،
ڄڻ
ته
اهي
به
قافيي
جو
حصو
هجن!
ڄاڻايل
لفظن
۾
’و‘
حرف
روي
آهي
۽
اڳيون ’و
معروف‘ تاسيس
آهي. اتي
’ب
۽
ڌ‘ ترتيبوار
دخيل
۽
دخيل
زائد
سڏبا. ان
سبب
ان
قافيي
کي ’موسَس-
مدخول‘
چئبو.
مِٺن
مارُن
تي
وٺڙا
مِينهن،
ٿَر
تي
ڏينهن
ڪي
ٿَڌِڙا،
وطن
۾
وَس،
وَلين
۾
واس،
بي
وس
تي
وِرهه
وَڌِڙا.
مُبارڪ
آهه
مارئيءَ
کي،
نه
ماڙين
تي
مَٽيَئين
مارُو،
ٻَڌا ’احمد‘ سان،
تو،
مَ
ڪج
انجام
سي
اَڌڙا.
(ڪليات احمد، ڀاڱو ٻيون، 60)
ان
غزل
جي
مطلع
۽
مقطع۾ ’ٿَڌِڙا،
وَڌِڙا
۽
اَڌِڙا‘ جا
قافيا
ڪم
آيل
آهن،
ان
کان
علاوه
ٻين
مصرعن
۾
’ٻَڌِڙا‘،
’ڌَڌِڙا‘،
’رَڌِڙا‘،
’سَڌِڙا‘،’
لَڌِڙا‘جا
قافيا
ڪم
آندا
ويا
آهن.
مٿين
لفظن
جا
جيڪڏهن
بنياد
ڪڍبا
ته
لفظن
جو
پائو
لڏي
ٿو
وڃي،
ان
ڪارڻ ’ٻڌڙا
يا
ٿڌڙا‘ وغيره
۾
’ا‘
حرف
روي
آهي
۽ ’ڙ‘ قيد
آهي.
ان
سبب
ان
قافيي
کي ’مقيّد‘
چئبو.
حرف
روي
سوڌو
ٻن
ساڳين
حرفن
وارو
قافيو
مُلڪ
تنھنجو
ڪو
مٿاهون،
اي
مسافر،
موٽ
موٽ،
خان،
خاني
ڏينهن
ويندي،
ناهي
خاصي
کوٽ
کوٽ.
اڳڀرا
اُلڪا
گهڻا،
’احمد‘
اَجهو
ڳولي
لڌوم،
ڏينهن
قيامت
۽
قبر
۾،
آهِ
ڪلمو
ڪوٽ
ڪوٽ.
(ڪليات
احمد،
ڀاڱو
ٻيون، 161)
مٿئين
غزل
جي
مطلع،
مقطع
۽
مصرعن
۾
’موٽ
موٽ،
کوٽ
کوٽ،
ٽوٽ
ٽوٽ،
ڦوٽ
ڦوٽ،
جوٽ
جوٽ،
چوٽ
چوٽ،
گهوٽ
گهوٽ،
سوٽ
سوٽ،
ڪوٽ
ڪوٽ‘ جا
دهرايل
قافيا
به
ڪمال
سان
بيهاريا
ويا
آهن.
هي
قافيا ’ذو
قافيتين‘ ۾
شمار
نه
ٿيندا،
بلڪ
هي
ساڳئي
قافيي
جي
دهراءَ
جو
نمونو
آهي. اهڙا
مولوي
صاحب
جي
شاعريءَ
۾
ڪافي
مثال
ملندا.
مٿين
لفظن ’موٽ
يا
کوٽ‘ ۾
’ٽ‘
حرف
روي
آهي
۽’واؤ
مجھول‘ردف
آهي. ان
سبب
ان
قافيي
کي’مردّف‘
چئبو.
جيئڻ
جاڙ
ٿيو
مون
کي
جاني،
جُدا،
کِلي
نيڻ
خوني
کڻج
لڳ
خُدا.
مِلڻ
لئي
مِٺي
مُحب
منٺار
کي،
عرض
چئيج
’احمد‘
جو
اوٺي
اَدا.
(ڪليات
احمد،
ڀاڱو
ٻيون، 46)
ان
غزل
جي
مطلع
۽
مقطع ۾ ’جُدا،
خُدا
۽
اَدا‘ جا
قافيا
ڪم
آيل
آهن،
ان
کان
علاوه
ٻين
مصرعن
۾
’سَدا‘،
’فِدا‘،
’گَدا‘،
’اَدا‘،
’هُدا‘
جا
قافيا
ڪم
آندا
ويا
آهن.
مٿين
لفظن
’جدا
يا
خدا‘
۾
’ا‘
حرف
روي
آهي
۽
’د‘
قيد
آهي. ان
سبب
ان
قافيي
کي
’مقيّد‘
چئبو.
حرف
روي
وارو
قافيو
سڄڻ
منهنجو
سدا
سهڻو،
سِڻيءَ
جو
ڦل
اَهاهاها،
مٺو
محبوب
مَن
مُهڻو،
مَڻيون
بي
مُل
اهاهاها.
اَحد
کان
ڪُل،
نه
’احمد‘
رُل،
گهڙي
ٻيا
گُل،
نه
بلبل،
ڀُل،
ڪرم
سان
ڪُل،
بچان
بلڪل،
بچان
بلڪُل
اَهاهاها.
(ڪليات
احمد،
ڀاڱو
ٻيون، 81-82)
مٿئين
غزل
جي
مطلع،
مقطع
۽
مصرعن
۾
’ڦُل،
مُل،
صُل،
هُل،
ڪُل،
تُل،
بُل،
گُل،
قُل،
پُل‘ سهڻي
سٽاءَ
سان
ڪم
آندا
اٿس.
مٿين
لفظن
’ڦُل
يا
مُل‘
۾
صرف
هڪ
حرف’ل‘
ساڳيو
آهي،
جيڪو
حرف
روي
ٿو
سڏجي،
ان
سبب
ان
قافيي
کي
’مجرّد‘
چئبو.
جَت
نه
رَت
ڀائي،
نه
ڀَت
ڀائي،
ڀِرن
ڪهڙي
ته
ڀَت،
تِن
جَتن
جيڏيون،
جَڏي
ڪئي
جان،
ويندس
جت
به
جَت.
اَڏ
تِرڇن
آهُڙن
کي،
آهه
سان
’احمد‘
اڏار،
بَر
ڪندا
ڇا
برهه
کي،
ڀِڄڻو
نه
منجهه
برسات
سَت.
(ڪليات
احمد،
ڀاڱو
ٻيون، 119)
مٿئين
غزل
جي
مطلع،
مقطع
۽
مصرعن
۾
’ڀَت،
جَت،
رَت،
پَت،
وَت،
مَت،
ڀَت،
تَت
۽
سَت‘ سهڻي
سٽاءَ
سان
ڪم
آندا
اٿس.
مٿين
لفظن
’ڀَت
يا
جَت‘
۾
صرف
هڪ
حرف
’ت‘
ساڳيو
آهي،
جيڪو
حرف
روي
چئجي،
ان
سبب
ان
قافيي
کي
’مجرّد‘
چئبو.
مولوي
صاحب
جا
ڪم
آندل
قافيا،
مختلف
هنرمنديءَ
جا
اعلى
نمونا
آهن. ’ذو
قافيتين‘
جا
نمونا
ان
کان
الڳ
آهن،
ان
کان
سواءِ
قافين
۾
تجنيسن
جي
حرفت
به
ڪاريگريءَ
سان
ڪم
آندي
وئي
آهي. ضرورت
ان
ڳالهه
جي
آهي
ته
مولوي
صاحب
جي
قافين
کي
مختلف
زاوين
سان
ڏٺو
وڃي،
ته
جيئن
ڪم
آندل
ڪاريگري
ظاهر
ٿي
سگهي. مٿي
حرف
رويءَ
جي
روشنيءَ
۾
ترتيبوار
صرف
اهڙن
قافين
جي
چونڊ
ڪئي
وئي،
جيڪي
’هڪ
اکر
جي
تبديليءَ‘
سان
ڪم
آندا
ويا
آهن.
حاصل
مطلب/
نتيجو
مولوي
صاحب
جي
هڪ
اکر
جي
تبديليءَ
وارن
قافين
جي
جائزي
بعد
جيڪو
حاصل
مطلب
رهيو،
ان
کي
هيٺين
نڪتن
۾
بيان
ڪجي
ٿو:
•
قافيي
مان
مراد
اهڙا
مختلف
لفظ
جن
جا
آخري
حرف/
آواز،
هم
آواز
هجن.
•
قافيي
جي
آخري
اکر
کي ’حرف
روي‘ ٿو
ڪوٺجي. عربي
لفظ
’روي‘،
’روا‘
مان
ورتل
آهي،
جيڪو
لغت
موجب
ان
رسيءَ
کي
چئبو
آهي،
جنھن
سان
اٺ
تي
سامان
ٻڌو
وڃي. علم
بيان
موجب ’حرف
روي‘ اهو
آهي،
جنھن
سان
قافيي
کي
پائبند
ڪيو
وڃي،
جيئن: عليم،
ڪريم،
قديم
وغيره
۾’م‘
حرف
روي
آهي.
•
حرف
روي
کان
اڳ
اکرن
کي
چئن
نالن
سان
ٻڌايو
ويو
آهي: ردف،
قيد،
تاسيس
۽
دخيل.
•
حرف
روي
سان
گڏ
۽
اڳ
جيڪڏهن
ڪو
حرف
علت
’ا،
و
۽ ي‘ ٿو
اچي
ته
ان
کي ’ردف‘ ٿو
ڪوٺجي،
جيئن: ساهه-
گاهه-
شاهه-
ماهه
وغيره
۾ ’حرف
علت: الف‘ ردف
آهي.
•
حرف
روي
سان
گڏ
۽
اڳ
جيڪڏهن
ڪو
حرف
صحيح
ٿو
اچي
ته
ان
کي
’قيد‘
ٿو
ڪوٺيو
وڃي،
جيئن: ’درد-
سرد-
فرد
...‘
۾’ر‘
قيد
آهي.
•
حرف
رويءَ
سان
گڏ
نه،
پر
هڪ
حرف
جي
وٿيءَ
سان
ڪو
حرف
روي
ٿو
اچي
ته
ان
کي ’تاسيس‘ چيو
ويو
آهي،
جڏهن
ته
رويءَ
۽
تاسيس
جي
وچ
واري
حرف
صحيح
کي ’دخيل‘ ٿو
ڪوٺيو
وڃي.
•
حرف
رويءَ
جي
خيال
کان
قافيي
جا
ڇهه
قسم
ٻڌايا
ويا
آهن:
موسَس،
مدخول،
مردّف،
مقيّد
۽
مجرد.
حرف
روي
|