سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:9 

يوسف شاهين

 

 

 

 

سنڌ جا عجائبات

       (موهن جو دڙو، رني ڪوٽ- عظيم ديوار سنڌ، ڪوٽ ڏيجي جو دڙو، آمري،ڪاهو جو دڙو، لاکي جو دڙو، مڪلي- دنيا جو سڀ کان وڏو قبرستان)

موهن جو دڙو

موهن جو دڙو- قديم دنيا جو جديد ترين شهر جيڪو 3300 کان 2600 قبل مسيح دوران تعمير ڪيو ويو. هن شهر کي اڏڻ لاءِ دنيا ۾ پهريون ڀيرو شهري منصوبا بندي ۽ زير زمين پاڻيءَ جي نڪاس جو انتظام ڪيو ويو. هيءُ اهو دور هو جڏهن سنڌو ماٿر ۾ دنيا جي عظيم ترين تهذيب جنم ورتو هو جيڪا مصر ۽ سمير (Sumer) (عراق) سان ڪلهو ملائي ويٺي هئي. ان کي سرسوتي- سنڌو تهذيب به چئجي ٿو. موهن جو دڙو سنڌو ماٿر جي تهذيب جو مرڪزي شهر هو. ان ۾ شهر جون گهٽيون جديد طرز تي ويڪريون ۽ پڪين سرن سان باقاعده فرش بندي سان ٺاهيون ويون، هتي جيترا به گهر هئا ان ۾ باٿ روم ۽ سيوريج سسٽم هئا، ان شهر جي وچ ۾ اسٽوپا، گريٽ باٿ، اسيمبلي هال ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عمارتون تعمير ڪيون ويون. هتي مصر ۽ سمير جي تهذيبن برخلاف ڪوبه مندر، عبادت گاهه يا شاهي محل نٿو ملي. شايد هي سٽي اسٽيٽ (City State) هو. موهن جو دڙو لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري ۾ آهي جنهن کي اقوام عالم جي اداري يونيسڪو (UNESCO) عالمي ورثو قرار ڏنو آهي. ڪيترائي تاريخدان ان راءِ جا آهن ته هي شهر ست ڀيرا تباهه ٿيو ۽ هر ڀيري تباهه ٿيل شهر مٿان نئون شهر اڏيو ويو. هتان ملندڙ پڪين تختين مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿر جا ماڻهو فني مهارت سبب سڄي دنيا تي ڇانيل هئا. انهن هڪ ”تعليم يافته جديد معاشري“ کي جنم ڏنو ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ هڪ رسم الخط ايجاد ڪيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين پڙهڻ ۾ نٿو اچي. هي اهي ماڻهو هئا جن دنيا ۾ سڀ کان پهرين ڪپهه جي پوک ڪئي، ان کان پوءِ ڪپهه مان ڌاڳو ۽ ڌاڳي مان ڪپڙي ٺاهڻ جون مشينون ايجاد ڪيون جيڪي ڪاٺ مان ٺاهيون ويون، هنن پاڻيءَ جا وڏا جهاز جوڙيا ۽ پنهنجو مال هزارين ميل پري سمير ۽ مصر تائين پکيڙي ڇڏيو. هو سون ۽ چاندي جا زيور، پڪل مٽيءَ جا ٿانوَ، گلدستا ۽ ٻين ڪيترين ئي شين ٺاهڻ جا ماهر هئا. لڳ ڀڳ 600 اهڙيون تختيون مليون آهن جن سان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي. هي اهي ئي ماڻهو هئا جن دنيا ۾ پهريون ڀيرو ماپ تور جو نظام متعارف ڪرايو. هنن ميوزڪ جا اوزار به ٺاهيا، ان سان گڏ هنن ڦڻي، صابڻ ۽ دوائون به تيار ڪيون. خاص طور تي هي ڏندن جي بيمارين جا وڏا معالج هئا. سنڌو ماٿر تهذيب جو دائرو انتهائي وسيع هو جنهن ۾ موجوده پاڪستان، ايران ۽ هندستان شامل هو. هندستان ۾ سنڌو ماٿر جا اثر دهلي، بمبئي ۽ گجرات تائين ملن ٿا.

اڄ کان تقريباً 4700 سال اڳ 2300 قبل مسيح ۾ سنڌ جا فني ماهر، انجنيئر، استاد ۽ ٻيا ماڻهو اڄوڪي عراق، ايران، بحرين، متحده عرب امارات، عمان ۽ دنيا جي ٻين ڪيترين ئي ملڪن ۾ ڏٺا ويا. انهن ئي ڏينهن 2334 قبل مسيح ۾ سارگن اول (SARGON THE GREAT) جنهن دنيا جي پهرين ايمپائر (EMPIRE) قائم ڪئي، ان شهنشاهه پنهنجي سلطنت جي تختگاهه ”اگاد“ (AGADE) ٺاهڻ لاءِ سنڌو ماٿر جي ماڻهن جون خذمتون حاصل ڪيون. ان وقت سنڌ جا ماڻهو هڪ الله پاڪ تي يقين رکندا هئا. ان ڪري انهن عراق جي شهر ’ار‘ (UR) ۾ الله پاڪ جي وحدانيت جو مرڪز کوليو جتي تقريباً 500 سالن کان پوءِ حضرت ابراهيم عليه السلام پيدا ٿيو. شهنشاهه سارگن سنڌ سان وڏي پيماني تي تجارتي تعلقات قائم ڪيا. سارگن جي لکايل تختين مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا مال سان ڀريل جهاز اگاد شهر جي بندرگاهه تي لنگر انداز ٿيندا هئا. ان وقت سنڌو ماٿر کي ميلوها (MELLUHA) سڏيو ويندو هو. سنڌ جي ماڻهن جون ٺاهيل مهرون ۽ ٻيون شيون اڄ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان لڌيون آهن، خاص طور عراق جي شهر ڪش (KISH)، ار، نيپور (NIPPUR)، ايران جي شهر سوسا (SUSA) ۽ متحده عرب امارات، عمان ۽ شارجا مان ڪئين مهرون هٿ آيون آهن.

1700 قبل مسيح ۾ مختلف قبيلن سنڌو ماٿر ڏانهن لڏپلاڻون شروع ڪيون. شايد اهي ماڻهو بحيره ڪئسپين (CASPIAN SEA) کان وچ ايشيا ۾ داخل ٿيا جتان ايران ۽ هندوڪش جبلن کي پار ڪري خيبر پاس وٽان سنڌو ماٿر جي علائقن ۾ داخل ٿيا. لڏپلاڻ جو اهو سلسلو تقريباً 300 سالن تائين جاري رهيو. ان عرصي دوران انهن ماڻهن هتي 1200 کان وڌيڪ وسنديون قائم ڪيون. نيٺ هي ماڻهو 1500 قبل مسيح ۾ سنڌو ماٿر تي قابض ٿي ويا ۽ پاڻ کي ”آريا“ (ARYANS) سڏائڻ لڳا جنهن جي معنيٰ آهي تهذيب يافته ۽ معزز. حالانڪ آريا، انتهائي غير مهذب ۽ وحشي هئا. جيڪي سنڌوماٿر ۾ روزگار ۽ ٻيون سهوليتون حاصل ڪرڻ پهتا هئا.

آرين هن خطي جو نالو بدلائي ”سپت سنڌو“
 (
SAPTHA SINDHU) رکيو جنهن جي حدن ۾ موجوده پاڪستان، ڪشمير ۽ اتر افغانسان جا علائقا شامل هئا. انهن آرين سنڌ جي ماڻهن سان ڪهڙو حشر ڪيو، ان بابت سواءِ ويدن جي، ٻي هنڌان ڪٿان به ڪا ڄاڻ نٿي ملي. شايد اهي قتل ڪيا ويا يا سنڌ ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن لڏي ويا يا آريا معاشري ۾ گم ٿي ويا. اڳتي هلي آرين سنڌ جي تهذيب ۽ زبان کي تبديل ڪري ڇڏيو. هنن هڪ الله جي تصور کي 33 ٻين خدائن ۾ بدلايو جن ۾ اِندر (INDRA) کي اعليٰ ترين حيثيت ڏني وئي جيڪو اصل ۾ جنگ ۽ بارش جو رب تصور ڪيو ويندو هو.

آريا لوڪن سنڌو ماٿر تي 500 سال (BC )1500 کان 1000 حڪمراني ڪرڻ کان پوءِ 1000 قبل مسيح ۾ هندستان تي قبضو ڪرڻ جون تياريون ڪيون. هو ابتدائي طور دهلي، گنگا ۽ جمنا جي وسيع علائقن تي قابض ٿيا جتي هنن پنهنجي بادشاهت قائم ڪئي جنهن جو مرڪز شهر هستناپور (HASTINAPUR) هو جيڪو ميرٺ ضلعي ۾ دهليءَ جي ويجهو آهي. آرين فتوحات جو سلسلو جاري رکيو. هو هماليا ۽ وندهيه (VINDHYAS) جي وسيع ترين علائقن جا حاڪم بڻجي ويا. بعد ۾ هنن سڀني فتح ٿيل علائقن جو گڏيل نالو ”آريا ورت“(Arya Warta- The Aryan Land) يا ڀارت ورش (Kingdom of Bharat) رکيائون. هي اڃا به اڳتي وڌيا ۽ ڪيرالا (KERARA) کان سري لنڪا (SRI LANKA) تائين قابض ٿي ويا. اهڙي ريت آرين سموري برصغير تي قبضو ڪري ان وسيع خطي کي 16 بادشاهتن ۾ ورهائي ڇڏيو. جن کي 16 مهاجن پاداس (Sixteen Mahajanapadas) چيو ويو.

هن واقعي کان تقريباً 500 سال پوءِ ڇهين صدي قبل مسيح دوران ايران جي سائرس (ٻيون) فتوحات ذريعي دنيا جي هڪ عظيم ترين سلطنت قائم ڪئي. هن کي سائرس دي گريٽ (CYRUS THE GREAT) به چون ٿا. سائرس جي انتقال کان 6 سال پوءِ دارا اول سائرس جي سلطنت تي قبضو ڪيو. هن 500 قبل مسيح ۾ اڄوڪي ازبڪستان، تاجڪستان ۽ افغانستان جي علائقن تي قابض ٿيڻ کان پوءِ 515 قبل مسيح ۾ سنڌو ماٿر کي فتح ڪيو. واپسيءَ تي دارا (اول) پاڻ سان گڏ بي حساب سون، چاندي ۽ ٻيون ڪيترو ئي مال غنيمت گڏهه گاڏيون ڀري ايران کڻائي ويو. ان وقت سنڌ ۾ ڪمند جي پوک ٿيندي هئي، دارا پاڻ سان ڪمند به کڻائي ويو. نتيجي طور ايران ۾ ڪمند جي پوک ٿيڻ لڳي. هي اهوئي دور هو جڏهن گوتم ٻڌ هندستان جي رياست ساڪيا ۾ جنم ورتو جيڪا نيپال سان لڳ آهي. گوتم ٻڌ ذات پات ۽ هندومت خلاف بغاوت ڪئي.

334 قبل مسيح ۾ مقدونيا جو بادشاهه سڪندر جنهن کي سڪندر اعظم (Alexander the Great) چون ٿا، ان عظيم ايراني سلطنت تي ڪاهه ڪئي ۽ 331 قبل مسيح ۾ ان تي قابض ٿي ويو. يوناني تاريخدان پلوٽارچ (Plutarch) لکي ٿو ته: ”سڪندر اعظم کي ايران مان سون، چاندي، جواهرات ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻڻ لاءِ 20 هزار خچر ۽ 5 هزار اٺ استعمال ڪرڻا پيا.“ سڪندر اعظم 236 قبل مسيح ۾ سنڌو ماٿر تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنجاب پهتو ته اتي جي راجا پورس (Porus) هن جو ڏاڍي بهادريءَ سان مقابلو ڪيو. جيتوڻيڪ پورس جنگ هارائي ويٺو مگر سڪندر اعظم هن کي سندس بادشاهت مشروط طور واپس ڪئي. جڏهن سڪندر پنجاب کان سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳو ته راوي نديءَ جي ڪناري تي آباد ”مالي“ قبيلي هن تي حملو ڪيو. سڪندر اعظم تير لڳڻ سبب گهوڙي تان هيٺ ڪري پيو. شديد زخمي ٿيڻ سبب سڪندر علاج خاطر ٽي مهينا لڳاتار بستر جي حوالي رهيو، ان خطرناڪ صورتحال سبب سڪندر وڌيڪ فتوحات ڪرڻ جو ارادو ڇڏي ڏنو. هن جا فوجي پڻ سخت خوفزده ۽ ڊنل هئا. نيٺ سڪندر اعظم پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس موٽڻ جو فيصلو ڪيو. هو پنجاب کان سنڌ پهتو ۽ موجوده ڪراچي شهر ويجهو سمنڊ ڪناري تي سوين ٻيڙيون تيار ڪرائي اڌ فوج کي ايران ڏانهن موڪليائين. هو پاڻ پيدل بلوچستان کان ايران ۽ پوءِ عراق پهتو. جتي هو 12 جون 323 قبل مسيح ۾ وفات ڪري ويو. ان وقت سڪندر جي عمر 33 سالن کان گهٽ هئي. هن جو لاش عراق کان مصر جي شهر اليگزينڊريا (Alexandria) موڪليو ويو جتي هن کي دفن ڪيو ويو. بعد ۾ هن جي سمورن فتح ڪيل علائقن تي يوناني فوجي ڪمانڊرن قبضو ڪري ورتو. ان واقعي کان 58 سال پوءِ 265 قبل مسيح ۾ چندر گپت موريا جو پوٽو اشوڪ (Asoka) موريا سلطنت جو شهنشاهه ٿيو. هو ابتدائي طور برهمڻ ۽ هندو مت جو پوئلڳ هو. مگر ڪالنگا (Kalunga) جي هڪ جنگ ۾ قتل و غارت ڏسڻ کان پوءِ هو ”ٻڌمت“ جو پيروڪار بڻجي ويو. هن ڏاڍي تيزيءَ سان هندستان کي ٻڌمت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اشوڪ کان پوءِ موريا سلطنت وڌيڪ 50 سالن تائين قائم رهي. جڏهن ته موريا سلطنت جي آخري بادشاهه برها درٿ (Brahadartha) کي هن جي ڪمانڊر ان چيف پسي متر (Pusyamitra) قتل ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو ۽ سنگا خاندان (Sunga Dynasty) جو بنياد رکيائين. هيءُ شخص هندومت جو پيروڪار هو، جنهن سموري هندستان کي مجموعي طور ”هندومت“ جو پوئلڳ ٺاهي ڇڏيو. سنگا سلطنت 112 سال قائم رهي. 320ع ۾ چندر گپت رياست مگڌ جو حڪمران ٿيو. هن فتوحات ذريعي ڪيترائي علائقا قبضي هيٺ آندا ۽ ”گپتا خاندان“ جو بنياد رکيائين. هن جي پٽ سمندر گپت 9 بادشاهن کي قتل ڪيو ۽ وڏو فاتح بڻجي ويو. گپتا سلطنت 108 سال قائم رهي. ان عرصي دوران هندومت برصغير جو عظيم مذهب بڻجي ويو. جڏهن گپتا خاندان جو زوال آيو تڏهن سنڌ ۾ هندو برهمڻ راءِ خاندان جي حڪومت هئي. جنهن جومرڪز شهر اروڙ (Arror) هو. راءِ سلطنت جي حدن ۾ موجوده سنڌ، پنجاب، ڪشمير، ملتان، مڪران ۽ ٻيا ڪيترائي علائقا شامل هئا. هي سلطنت 6 لک ميلن تي پکڙيل هئي، جيڪا 200 سال قائم رهي. هن ئي دور ۾ عرب علائقن کان سنڌ تي حملا شروع ٿيا. 14 ناڪام حملن کان پوءِ 644ع ۾ عربن جو مڪران تي قبضو ٿي ويو جيڪو راءِ سلطنت جو حصو هو. وري 711ع ۾ عربن سنڌ تي سورهون ڪامياب حملو ڪيو جنهن جي اڳواڻي محمد بن قاسم ڪري رهيو هو. سنڌ جو حاڪم راجا ڏاهر ميدان جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو. اهڙيءَ ريت سنڌ اموي خلافت جو هڪ صوبو بڻجي وئي. جنهن تي لڳ ڀڳ 300 سال عربن حڪمراني ڪئي. ان کان پوءِ 1050ع ۾ سومرا سنڌ جا حاڪم ٿيا جيڪي فاطمي خليفن کي ڏن ڏيندا رهيا. 1351ع ۾ سما، سنڌ جا حاڪم ٿيا. جن کي دهلي جي ”خلجي“ ۽ ”تغلق“
حاڪمن کي ڏن ڏيڻو پيو. سنه 1519ع تي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سنڌ تي حڪومت ڪئي، جيڪا سنه 1700ع تائين هلي. سنه 1701ع ۾ ڪلهوڙا حڪمران بڻيا، جن جي حڪومت سنه 1783ع تائين هلي. انهن کان پوءِ سنه 1843ع تائين سنڌ تي ٽالپرن جي حڪومت قائم رهي. ٽالپر ڪابل جي حاڪمن کي ڏن ڏيڻ تي مجبور هئا. سنه 1843ع ۾ برطانيا جي ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ تي قبضو ڪيو جيڪو 1947ع تائين جاري رهيو.

رني ڪوٽ- عظيم ديوار سنڌ:

رني ڪوٽ دنيا جو سڀ کان وڏو قلعو آهي جنهن جي پکيڙ 26 ڪلوميٽر کان وڌيڪ آهي. هن کي ’عظيم ديوار سنڌ‘ به چون ٿا رني ڪوٽ حيدرآباد جي اتر ۾ 90 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي سن شهر سان لڳ آهي. هي اقوام عالم جي اداره يونيسڪو (UNESCO) جي متوقع عالمي ورثي واري لسٽ ۾ شامل آهي. ان قلعي جو ڀتيون سراسري طور 30 فوٽ اوچيون ۽ 6 فوٽ ويڪريون آهن. هيءُ قلعو زرد سفيد ۽ ڪاري پٿر سان جوڙيو ويو آهي. ڪٿي ڪٿي جبلن جي چوٽين کي ديوار طور استعمال ڪيو ويو آهي. جنهن جي اوچائي سمنڊ کان 2 هزار فوٽ مٿي آهي. ڪوبه شخص جڏهن هن قلعي ۾ داخل ٿيندو ته هن کي ڪئين جبلن جون چوٽيون، بلند عمارتون، واچ ٽاور ۽ ٻيا حيران ڪندڙ منظر ڏسڻ ۾ ايندا. خاص ڳالهه اها آهي ته هن قلعي جي اندر 3 وڌيڪ قلعا اڏيا ويا آهن جن کي ميري ڪوٽ، شير ڳڙهه ڪوٽ ۽ موهن ڪوٽ سڏجي ٿو. شير ڳڙهه ڪوٽ هلڪي اڇي رنگ جي پٿر سان اڏيو ويو آهي. جيڪو 1480 فوٽن جي بلندي تي آهي. هتي هڪ چشمو به وهي ٿو، جنهن کي ”پرين جو تڙ“ سڏجي ٿو. هڪ روايت مطابق هن چشمي تي هر چوڏهين چنڊ واري رات پريون وهنجڻ اچن ٿيون.

ڪوٽ ڏيجي جو دڙو:

(2800 کان 2500 قبل مسيح)

هي ڪوٽ موهن جو دڙي کان اڳ جو آهي جيڪو راڻي پور ۽ خير پور جي وچ تي هاءِ وي لڳ قائم آهي. تحقيق مطابق معلوم ٿيو آهي ته هيءُ شهر هڪ عظيم تهذيب جو مرڪز هو. هتي جي ماڻهن هڪ رسم الخط به ايجاد ڪيو هو. شايد هن شهر کي حملو ڪندڙن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

 آمري:

(3600 کان 3300 قبل مسيح)

دنيا جو هيءُ قديم شهر، کيرٿر جبلن ۾ دادو ۽ ڄام شورو روڊ تي واقع آهي جيڪو پنهنجي دور ۾ هڪ عظيم تهذيب جو مرڪز هو. شايد هن شهر کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو.

ڪاهو جو دڙو:

ميرپورخاص سان لڳ ڪاهو جو دڙو، ٻڌ مت جو عظيم مرڪز هو جيڪو 23 ايڪڙن تي پکڙيل آهي. هتي قائم اسٽوپا کي 19 صدي دوران جنرل جان جيڪب دريافت ڪيو، جيڪو ان وقت سنڌ جو ڪمشنر هو.

لاکن جو دڙو:

لاکن جو دڙو ويجهڙائيءَ ۾ دريافت ٿيو آهي جيڪو سکر ڀرسان ڳوٺ نهال کوسو لڳ آهي. هتان حاصل ٿيل مهرون ۽ ٻيون شيون 6 هزار سال قديم ٻڌايون وڃن ٿيون. هن دڙي تي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جا استاد تحقيق ڪري رهيا آهن.

مڪلي:

مڪلي دنيا جو سڀ کان وڏو قبرستان جيڪو 10 ڪلوميٽر پکيڙ هيٺ آهي. هي ڪراچي کان 98 ڪلوميٽر پري نيشنل هاءِ وي تي واقع آهي. هتي تقريباً سوا لک اولياء، صوفي بزرگ، عالم، اديب، شاعر، مفڪر، بادشاهه، راڻيون، گورنر ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو هن قبرستان ۾ ابدي ننڊ ستل آهن. جنهن ۾ ٺٽي جي عطمت، شان ۽ شوڪت جي تاريخ به لڪل آهي. مڪلي سان لڳ ٺٽي شهر ۾ مغل شهنشاهه شاهجهان جي ٺهرايل بادشاهي مسجد ڏسڻ وٽان آهي. هي مسجد به اقوام عالم جي ورثي طور يونيسڪو جي لسٽ ۾ شامل آهي.

        ]هن مضمون جو ليکڪ يوسف شاهين 14 ڪتابن جو مصنف آهي. جن مان هيٺ ڏنل 4 ڪتاب آمريڪا ۽ انڊيا (بينگلور) ۾ شايع ٿيا آهن[:

1. Rise And Fall of Sanskrit,

2. William The Bastard And His Descendants,

3. Rise And Fall of Gods- In Historical Perspective,

4. Fall Of Native Languages of the Americas.

  مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

 

 

سنڌ جون قديم تاريخي مسجدون

 

جامع مسجد ڀنڀور:

سنڌ جي بلڪل اوائلي ۽ تاريخي مسجد ڀنڀور واري جامع مسجد آهي. ڀنڀور مان اموي ۽ عباسي دور سان لاڳاپو رکندڙ شيون به هتان مليون آهن. يقين سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي ته اهو مقام ”ديبل“ بندر گاهه وارو آهي يا نه؟ پر اها خاطري آهي ته هِتي عرب رهندا هئا ۽ محمد بن قاسم جي زماني ۾ ڀنڀور سنڌ جو بندرگاهه هو.

عربن جي دور ۾ هيءُ شهر ٻن حصن ۾ ورهايل هو. انهيءَ مان هڪڙو حصو قلعي وارو هو. انهيءَ ڀاڱي ۾ بندرگاهه، جامع مسجد ۽ سرڪاري دفترن ۽ حاڪمن توڙي اميرن جي رهڻ جون جايون هيون. قلعي کان ٻاهر ڪاروباري ۽ وڻج واپار وارن جو علائقو هو. قلعي واري عالم پناهه جي ڀتين ۾ وڏا وڏا پٿر ڪم آندل هئا. انهن جون درزون مٽيءَ جي گاري سان لِتل معلوم ٿين ٿيون. انهيءَ ڀت جي وچ ۾ انيڪ برج ٺهيل هئا. مذڪوره قلعي جي ديوار جي اوچائي هن وقت به 19 فوٽن کان گهٽ ناهي.

ننڍي کنڊ ۾ اوائلي ۽ تاريخي تعمير ڀنڀور واري جامع مسجد ئي سمجهي وڃي ٿي. کوٽائيءَ مان 13 ڪتبا مليا آهن. اهي سڀ تراشيل پٿر آهن. انهن مان ڪن تي خط ڪوفي جي نهايت خوبصورت اڪريل خطاطي پڻ ظاهر بيٺي آهي. اتفاق اهو آهي ته انهن مان ٻن ڪتبن تي تاريخون پڻ درج ٿيل آهن. هڪ تي سن 109هه (سن 727ع) ۽ ٻئي تي سن 294هه (سن 907ع) آهي. انهن سنن مان ٻه نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا- هڪ ته عرب مسلمانن پهرين مسجد هتي ئي اڏائي هئي، ۽ ٻيو ته اِها جامع مسجد شايد ٻه ڀيرا ٺهرائي وئي هوندي. هن مسجد جي اڏاوت جو نمونو ساڳيو جامع مسجد ڪوفه (665ع) ۽ جامع مسجد واسطه (702ع) جهڙو ئي آهي. اها مسجد سن 670ع ۾ جڙي راس ٿي.

ڀنڀور واري جامع مسجد ذري گهٽ چورس هئي. اها 122 فوٽ ڊيگهه ۽ 120 فوٽ ويڪر واري هئي. هن مسجد جو اڱڻ 75 ۽ 58 فوٽن جي ڊيگهه ۽ ويڪر وارو هو. انهيءَ اڱڻ جو فرش، پٿر جي سرن سان ٺهيل هو. مسجد جي ٽن پاسن کان ننڍا ننڍا حجرا ۽ دالان پڻ ٺهيل هئا. اولهه طرف نماز پڙهڻ لاءِ ڇت سان ڪشادي ايراضي پڻ ڇڏيل هئي. اِها ڇت يارنهن، يارنهن جي قطار وارن 33 پيلپاون تي بيٺل هئي. انهن جا جيڪي ٽڪڙا مليا آهن، تن مان معلوم ائين ٿو ٿئي ته مٿن چٽسالي به اڪريل هئي. دالان جي اتر ۽ اوڀر واري پاسي، ڇاپري سان وضوع ڪرڻ جي جاءِ پڻ هئي ۽ پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ پٿر جي پڪي نالي به هئي.

هن مسجد ۾ ڪوبه محراب ڪونهي. اها ئي خصوصيت هن مسجد جي قديم هئڻ جو پختو دليل آهي. محراب اڏائڻ جي شروعات خليفي وليد پهرين جي دور ۾ سن 709ع ۾ مديني کان ئي ٿي هئي.

ڀنڀور جي مسجد مان جيڪو عربي ڪتبو هٿ آيو آهي، ۽ جنهن تي 294هه اڪريل آهي، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ڪتبو، مسجد جي افتتاح جي موقعي تي نصب ڪيو ويو هوندو. هن پٿر تي جيڪا عبارت نظر اچي ٿي، تنهنجي شروعات:

’بسم الله الرحمٰن الرحيم‘ سان ڪئي وئي آهي ۽ پڄاڻي ”محمد بن بدر“ جي نالي سان ڪئي وئي آهي. هيءُ ڪتبو، هن مسجد سان ئي تعلق رکي ٿو ۽ هن ئي مسجد کي ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد سمجهڻ گهرجي. ديبل بندر جي تباهي سن 820هه ڌاري تاريخن ۾ ڏيکاريل آهي. اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته جڏهن ڀنڀور جو شهر ديبل جي کنڊرات تي نئين سرآباد ڪيو ويو هوندو، تڏهن پراڻي تاريخي مسجد کي بنا محراب جي ساڳين پيڙهن تي ئي تعمير ڪيو ويو هوندو.

محمد بن قاسم مسجد اروڙ:

اروڙ ۾ محمد بن قاسم جي تعمير ڪرايل تاريخي مسجد جا آثار اڄ سوڌو ڌرتيءَ جي سيني تي موجود آهن. محققن جي تحقيق پٽاندڙ هيءَ مسجد، ننڍي کنڊ جي ٻي مسجد آهي. هيءَ مسجد سنڌو درياء جي ڪناري تي ٺهيل آهي. مسجد شهيد حالت ۾ موجود آهي. مسجد جون اُتريون ۽ ڏاکڻيون ڀتيون ڪجهه سلامت آهن. ڇت ۽ ٻن اوڀر ۽ اولهه پاسن واريون ڀتيون شهيد ٿي چڪيون آهن. مسجد 40 فوٽ ڊگهي ۽ 5. 34 فوٽ ويڪري آهي. جڏهن ته اتر پاسي واري ڀت 8. 18 فوٽ اوچي آهي. رهيل ڀتيون پڪ سريون آهن. سرون ٻن قسمن جون استعمال ٿيل آهن. ڪي 9 x 9 انچ ته ڪي 4. 9 انچ آهن. مسجد جي اتر ڏکڻ وارين ڀتين ۾ اڃا به ٻه ونگون سلامت آهن.

محمد بن قاسم مسجد پيرپٺو:

’ور‘ تعلقو گهوڙا ٻاري کان چند ميلن تي هڪ ٽڪري تي ۽ پير پٺي جي مزار جي بلڪل سامهون واري مسجد کي عام ماڻهو محمد بن قاسم جي مسجد سڏيندا آهن، ۽ ان ئي مغالطي سبب ان مسجد جي اوڀر ۾ ڪنڌيءَ تي موجود ”آر“ وارن کنڊرن کي ديبل بندر سمجهندا آهن. جيئن ته هن هنڌ ٽڪريءَ جي ڪنڌيءَ سان هڪ منارو بيٺو آهي، ان ڪري ان کي ان پراڻي بندرگاهه جو ٻلاٽو (لائٽ هائوس) چوندا آهن، پر حقيقت ڪجهه ٻي آهي.

پڪين سرن سان ٺهيل ۽ انهن مٿان پلستر ٿيل هن مسجد جي ڪنهن به حصي تي ڪا به تاريخ لکيل نه آهي. ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ جي اڀياس موجب: هن عمارت جي اڏاوت مان معلوم ٿئي ٿو ته اها سترهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۾ تعمير ٿيل آهي. هي ٻه مسجدون آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ جوڙي ٺاهيل آهن. ٻنهي مسجدن جي اڏاوت مختلف دورن ۾ ٿي آهي، ۽ انهن جو اڏاوتي نمونو به هڪٻئي کان ٿوري فرق تي آهي. هن وقت ٻنهي مسجدن جو گڏيل اڱڻ چڱو ويڪرو يعني، ماپ ۾ اولهه اوڀر 180 فوٽ ۽ اتر ڏکڻ 162 فوٽ آهي. سر زمين جاچڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته اتر واري مسجد اولهه پاسي وچ تي ٺاهي وئي هئي. البت ڏکڻ واري مسجد پوءِ ڳنڍي وئي آهي. ٻنهي مسجدن جا اڏاوتي تفصيل ڪجهه الڳ قسم جا آهن. هِنن مسجدن کي ٽي ٽي ونگدار دروازا آهن. اتر واري مسجد ۾ پاسي وارا دروازا مرڪزي دروازي جي ڀيٽ ۾ ننڍا آهن، جڏهن ته ڏکڻ واري مسجد جي پاسي وارا دروازا وچ واري دروازي جيترا ئي آهن. ٻنهي مسجدن کي ٽي ٽي قبا آهن، ۽ انهن جا اندريان پاسا خضري مسجد جي اندرئين پاسي جيان آهن، يعني هر هڪ کي ٽي هال آهن. وچ وارا هال پاسي وارن هالن کان وڏا آهن. ٻنهي مسجدن جي وچ تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل آهي.

احاطي جي ڏکڻ پاسي پوئين دور ۾ هڪ محرابي دروازو ٺاهيو ويو هو. جڏهن ته ان ئي چوديواريءَ جي اتر اوڀر ڪنڊ تي هڪ گول مخروطي منارو آهي، جنهن کي ماڻهو بندرگاهه جو ٻلاٽو سمجهندا آهن. خود ڊاڪٽر حسن داني به خيال ڏيکاري ٿو ته، جيئن ته هيءُ منارو درياء جي ڪنڌيءَ تي آهي، انڪري ممڪن آهي ته، ڪنهن وقت اِهو پهريداريءَ لاءِ به ڪم آيل هجي. هيءُ منارو به پڪين سرن جو ٺهيل آهي ۽ مٿانئس پلستر ٿيل آهي. هن وقت مناري جي حالت ڪافي زبون آهي، پر ان ۾ مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ جا نشان موجود آهن. ڪوشش ڪبي ته اڄ به مناري جي وچين منزل واري جهروڪي تائين چڙهي سگهجي ٿو. اهو جهروڪو ڪاٺ جي گهوڙين تي بيٺل هو. ان جهروڪي توڙي ڏاڪڻ جو رخ اولهه طرف مسجد واري پاسي آهي، ۽ ان کي ونگ ڏنا ويا آهن. اهو به ممڪن آهي ته مسجد جو مؤذن ان جهروڪي ۾ بيهي آذان ڏيندو هجي. هيءُ مخروطي منارو 50 فوٽ اوچو ۽ پاڙ وٽ گهيري ۽ 72 فوٽ آهي. ڊاڪٽر داني هن مناري کي سکر واري مير معصوم شاهه جي مناري جي طرز جهڙو ڏسي ٿو، جيڪو سن 1003هه (1594ع) ۾ ٺهڻ شروع ٿيو ۽ 1027هه/ 1618ع ۾ جڙي راس ٿيو.

شاهه لطيف جي مقبري واري مسجد:

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي مقبري جي اتر ۾ هڪ نهايت ئي سهڻي مسجد تعمير ٿيل آهي، جيڪا شاهه سائين پاڻ تعمير ڪرائي هئي. هن مسجد جي نئين سر تعمير، مير نصير خان ٽالپر سن 1838ع ۾ مزار جي ترقياتي ڪمن کان پوءِ ڪرائي. ٽن قبن تي هيءَ شاندار مسجد اڄ به موجود آهي. مسجد جو اڱڻ تمام موڪرو ۽ کليل آهي. مسجد جي اڱڻ ۾ وضوع خانو به تعمير ٿيل آهي. مسجد جي دروازي جي ٻنهي پاسن کان نيري رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون نصب ٿيل آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ نهايت ئي سهڻيون لڳن ٿيون. اڱڻ جي اولهه ۾ سائي ڄاريءَ سان دروازا لڳل آهن، ۽ اتر واري ديوار ۾ گل ٻوٽا چٽيل آهن. مسجد جي ديوار جي اندر واري حصي ۾ آئينه بندي ۽ چٽسالي نهايت ئي سهڻي انداز ۾ ڪئي وئي آهي. جن جي روشني ڏاڍي وڻندڙ آهي. مسجد جي اتر ۽ ڏکڻ طرف ٻه بلند منارا آهن. جن جا ٿنڀا پيلي ۽ سائي ڄاري جا ٺاهيا ويا آهن ۽ گنبذ سائي رنگ جا آهن. هيءَ مسجد، اسلامي طرزِ تعمير جو شاهڪار آهي.

شاهه لطيف جي مسجد ڀيئن پور:

هيءَ مسجد، يونين ڪائونسل موسيٰ کٽياڻ، تعلقي حيدرآباد ۾ واقع آهي. ڀيئن پور جي جاء وقوع، ٽنڊي ڄام جي اُتر ۾ 4 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ڀيئن پور جي تاريخي طور اهميت ان ڪري به آهي، جو هتي شاهه لطيف ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو ۽ جوانيءَ ۾ هيءَ مسجد پنهنجي هٿن سان ٺهرائي، مسجد جي اُتر ۾ سندن رهائش هئي. شاهه حبيبرحه جي وفات کان پوءِ، شاهه لطيف ڀيئن پور کي الوداع چئي هميشه لاءِ ’ڀٽ‘ (هالا) وسائي هيءَ مسجد سندس يادگار آهي. اسان جي عالمن، اسڪالرن ۽ مؤرخن کان هيءَ تاريخي جاءِ اوجهل رهي آهي. هن مسجد جي اندر هڪ سؤ ماڻهو باجماعت نماز ادا ڪري سگهن ٿا، مسجد جي صحن ۾ ٻه سؤ کن ماڻهو نماز ادا ڪري سگهن ٿا. مسجد چٽساليءَ ۽ ميناڪاريءَ جو سٺو نمونو آهي. مسجد جي مرمت هتان جا ديندار ماڻهو ڪندا رهن ٿا. هن مسجد جي ڏکڻ ۽ اولهه ۾ قديم قبرستان آهي. اُتر ۾ شاهه لطيف جي رهائشگاهه واري جاءِ تي مٽيءَ جو دڙو آهي. ثقافت کاتي وارن کي هن تاريخي وساريل ماڳ جي سار سنڀال ڪرڻ گهرجي.

مسجد وار مبارڪ:

روهڙيءَ ۾، سنڌوندي جي ڪناري ۽ مغل اعظم اڪبر بادشاهه جي دور جي ٺهرايل جامع مسجد جي لڳ هڪ مسجد آهي، جتي حضرت محُمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو وار مبارڪ صدين کان محفوظ آهي. هن مسجد تي سبز گنبذ- ”گنبذ خضرا“ جي طرز تي جڙيل آهي، جنهن کي سونهري ڪلنگي لڳل آهي. اندرين ۽ ٻاهرين حصي ۾ عربي طرز جي آرٽ سان نقش ونگار جو من موهيندڙ ڪم ٿيل آهي. هڪ انگريز سياح جي چواڻي ته: ”هن ۾ دنيا جا سڀ رنگ موجود آهن“. هن مقدس گنبذ جي وچ ۾ شفاف شيشي جو ٿلهو ٺهيل آهي. وار مبارڪ، هڪ جواهر دار مرصع سونيءَ پيٽيءَ ۾ بند ٿيل آهي. پيٽي، سونهري جواهر دار صندوقچيءَ ۾ محفوظ آهي، اها صندوقچي، مکيه عمارت جي اندر ٺهيل هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ رکيل آهي، جنهن جو دروازو چانديءَ جو ٺهيل آهي. چانديءَ جو اهو دروازو ڀٽا خاندان جي مورث اعليٰ دودا خان ولد پير بخش خان طرفان نذر ڪيل آهي. انهيءَ دروازي جي مٿان فارسيءَ ۾ ڪتبو اڪريل آهي. روضي جي اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ طرف پڪي ساڳ جو هڪ وڏو خوبصورت دروازو لڳل آهي، جيڪو پراڻي سکر جي پيرزاده خاندان جي بزرگ، مرحوم عبدالستار پيرزادي جي ڏاڏي مرحوم ميان مريد علي جو نذر ڪيل آهي، جنهن تي پڻ ڪتبو اُڪريل آهي، هن دروازي تي جيڪي نقش ونگار اڪريل آهن، انهيءَ مان ان وقت جي ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ جو چٽو ثبوت ملي ٿو.

عيد گاهه سيوهڻ:

سيوهڻ جو قديم عيدگاهه، ڇٽي امراڻي جي مقبري کان ڏيڍ فرلانگ کن ڏکڻ اوڀر تي اڄ به موجود آهي. هن عيد گاهه جي اولاهين ديوار، جنهن ۾ محراب ٺهيل آهي، ثابت بيٺو آهي. هي عيدگاهه مير يعقوب علي خان، سيوهڻ ۾ پنهنجي فوجداريءَ جي ايامڪاريءَ دوران، سن 1083هه/ 1672ع ۾ تعمير ڪرايو. مير صاحب عيدگاهه جي سامهون باولي کوهه به کوٽايو هو. عيد گاهه ۽ باولي کوهه 17 ربيع الثاني 1084هه مطابق 1- آگسٽ 1683ع تي جڙي راس ٿيا.

عيدگاهه روهڙي:

سکر ۽ بکر ۾ جيڪي قديم آثار مير معصوم بکريءَ جا ٺهرايل آهن، تن ۾ قدامت جي لحاظ کان روهڙيءَ وارو عيدگاهه سڀ کان اول نمبر تي آهي، جنهن جو بنياد سن 1002هه (1593ع) ۾ پيو. روهڙي شهر جي اولهه ڏکڻ واري ڪنڊ طرف بلند ٽڪريءَ تي اهو عيد گاهه آهي، جيڪو ٻن ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ چوڌاري ديوار ڏنل اٿس. ٽن طرفن کان ديوار اُرهه جيتري ۽ اولاهين طرف کان وڏي آهي، جنهن لاءِ ٻنهي ڪنڊن خواهه وچ تي ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل آهن. اهي گنبذ فقط اولاهين ديوار ۾ آهن. وچين گنبذ هيٺان محراب آهي، جنهن جي مٿان ٻاهرين طرف ڏانهن هڪ سفيد پٿر لڳل آهي، جنهن تي هڪ ڪتبو اڪريل آهي. عيدگاهه جي تعمير کان وٺي اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن جي مرمت ۽ توسيع ٿيندي رهندي اچي. جنهن جو اشارو ڪزنس پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ ۾ ڪيو آهي. هن ڏس ۾ پير حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو ته: ”عيد گاهه آخري مرتبو راقم الحروف 1962ع ۾ ڏٺو هو. انهيءَ وقت معلوم ٿي ٿيو ته هر سال مرمت ٿي رهي آهي. البت ميدان تي فرش ڪونه هو، پر وسيع ايراضي عيدگاهه هيٺ آهي، جنهن تي 6-7 هزار ماڻهو هڪ ئي وقت نماز پڙهي سگهن ٿا.

ڀانئجي ٿو ته اهو عيدگاهه روهڙي ۽ بکر وارن لاءِ مخصوص هو. نئين ۽ پراڻي سکر لاءِ ضرور ڪو ٻيو انتظام رهيو آهي.“ (ميرمعصوم بکري ص 338).

خواجه خضر جي آستاني واري مسجد:

نواب سعيد خان سن 1007هه کان 1014هه تائين بکر جي علائقي جو حاڪم هو. ان جي عهد حڪومت ۾ سال 1011هه ۾ بکر ۽ روهڙي وچ ۾ خواجه خضر (زنده پير) واري آستان جي ٻيٽاريءَ تي هڪ مسجد تعمير ٿي. اها مسجد، ٻيٽ جي ڏکڻ ۽ اولاهين ڪنڊ تي هئي. مسجد جي ڀتين تان چونو گچ وغيره  ته لهي ويو آهي، باقي ڇت واري محراب مٿان هڪ پٿر تي هڪ ڪتبو اڪريل آهي.

ڪرار ڪي مسجد:

نصرپور شهر جي هيءَ سڀ کان قديم ترين مسجد چئي وڃي ٿي. هيءَ مسجد شريف، نصرپور شهر جي بانيءَ نصرخان مهاڻي جي ڀاءُ ”ڪرڙخان“
تعمير ڪرائي هئي. شاهه جهان مغل بادشاهه جي دور ۾ هن مسجد جي ٺٽي جي ڪنهن مغل نواب، نئين سرمرمت ڪرائي هئي. انهيءَ ڪري هيءَ مسجد ”شاهه جهاني مسجد“ جي نالي ۾ سڏجڻ ۾ اچي ٿي. هيءَ مسجد، ”خوناڻي کڏ“ (خوني کڏ ان ڪري سڏجڻ ۾ اچي ٿي، ڇو جو ان انيڪ قيمتي انساني جانيون ورتيون آهن)، جي اترئين ڪپ تي ٺهيل آهي، ۽ هن وقت هن مسجد جي تمام سهڻي انداز ۾ مرمت ڪئي وئي آهي. چون ٿا ته، هيءَ اهائي مسجد آهي، جنهن ۾ جڏهن سيد ميران محمد جونپوري، نصرپور شهر ۾ اچي رهيو هو، تڏهن هن هتي مهدويت جو پرچار ڪيو هو ۽ 27 رمضان المبارڪ جي ليلة القدر جي نماز باقاعدي جماعت سان ادا ڪئي هئي.

جامع مسجد اڪبري:

روهڙي شهر کي خاص اهميت حضرت مُحمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي وار مبارڪ جي ڪري آهي. وار مبارڪ جي روضي جي ڀرسان هڪ عاليشان مسجد پڻ ٺهيل آهي. اها مسجد شهنشاهه اڪبر جي گورنر مسند عالي فتح خان 992هه/ 1583ع ۾ درياء جي ڪناري تي هڪ پُر فضا مقام تي جوڙائي. هيءَ مسجد، موڪرين ڀتين ۽ وڻندڙ ڳاڙهين سرن سان جڙيل آهي، جنهن کي ٽي عاليشان گنبذ آهن ۽ مٿس ڪاشيءَ جو ڪم به تمام سهڻو ٿيل آهي. مسجد جو دروازو بلڪل معمولي آهي. پراڻي مين دروازي جي ٻاهران ننڍو ميدان آهي، جتي نم جا پراڻا وڻ لڳل آهن. دروازي مان داخل ٿيڻ سان پهرين اڱڻ ۽ پوءِ مسجد جو اندريون حصو نظر ايندو. مسجد جو فرش نيري ٽائلن جو آهي، ۽ ڇت تي گنبذ اڏيل اٿس. مسجد ڳاڙهين سرن جي ٺهيل آهي. مسجد کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي؛ هڪڙو حصو اڱڻ سان لڳو لڳ ۽ ٻيو حصو ان کان اڳيان وارو، جيڪو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن جي وچين حصي ۾ محراب آهي. محراب واري ڀت ۾ ٻه دريون آهن ۽ ڏاکڻي ديوار ۾ هڪ ٻي دري پڻ لڳل آهي. مسجد جي عمارت گهڻي ڪشادي ناهي. هيءَ مسجد نهايت ئي پختي تعمير ڪيل آهي. توڙي جو پوئين زماني ۾ ڪرايل مرمت، مسجد جي اصلي حالت ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي. مسجد جي صحن واري پاسي ڏانهن مهاڙيءَ جي وچين دروازي جي مٿان ڪاشي جي سرن تي هڪ ڪتبو لڳل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته، هيءَ مسجد نواب فتح خان سن 992هه/ 1583ع ڌاري تعمير ڪرائي هئي، جيڪو بکر جو گورنر هو. سن 1320ع/ 1902 ۾، مرزا قلب علي، مختارڪار روهڙي، هن مسجد جي مرمت ڪرائي هئي ۽ پنهنجي نالي جو ڪتبو، مسجد جي سڄي ۽ کٻي ديوار تي نصب ڪرايو.

اورنگزيب مسجد:

روهڙي شهر جي ڏکڻ ۽ ريلوي اسٽيشن جي اوڀر ۾، ريلوي لائين ۽ قومي شاهه راهه جي درميان ”ڪوٽ يعقوب علي شاهه“ اندر، اُڀريل مٿانهين ٽاڪرو ميدان تي هڪ نهايت پُرڪشش ۽ شاندار مسجد تعمير ٿيل هئي. تاريخ ۾ ان مسجد کي ”مير يعقوب علي واري مسجد“ يا ”اورنگزيب مسجد“ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي.

اِها مسجد هڪ وسيع ايراضي تي تعمير ٿيل هئي، ان کي ڪوٽ نما چوديواري ڏنل هئي. سموريءَ عمارت ۾ ڪچين سِرن جو استعمال ٿيل هو. صرف ونگن ۽ محرابن ۾ پڪيون سِرون ڪتب آندل هيون. عمارت ۾ جيڪي ڪچيون سِرون استعمال ٿيل هيون، اهي سائيز ۽ قالب جي لحاظ کان بلڪل نراليون ۽ نياريون هيون، ۽ سموريءَ سنڌ ۾ ٻيون ڪٿي به استعمال نه ڪيون ويون هيون. هرهڪ سِر جي ماپ 2x2 (چار هم چورس فوٽ) هئي ۽ ان جي ٿولهه هڪ انچ کن هئي. الهندي طرف نماز لاءِ ڍڪيل ايراضي، ٻن حصن ۾ ورهايل هئي. اندريون اولهه وارو حصو، ٽن هڪ جيترن ڪمرن ۾ ورهايل هو ۽ ان مان وچئين ۾ محراب هو، اهي ڪمرا هيٺ هم چورس هئا، پر ونگن کان وٿي اٺڪنڊا هئا ۽ انهن جي مٿان وڏا گنبذ هئا. ڪمرن جي مٿانهين حصي ۾ کنيل گنبذ جا ونگ ماکيءَ جي ماناري جي ڊزائين ۾، هڪ ٻئي کي ڪٽيندڙ محرابن مثل هئا. گنبذ جي اڳ وارو حصو نيم گول قبن تي هو، يعني آڏو جهليل ڇٽي وانگر اڌ قبا هئا. صحي جي ويڪر 10 فوٽ هئي. صحي جي ڇيڙن تي اتر ۽ ڏکڻ ۾ ٻه وڏا منارا هئا، جن جي ڏاڪڻين جا دروازا اندر هال ۾ کلندا هئا. اڱڻ يا صحن جي پکيڙ 120 x 125 فوٽ هئي ۽ ان جي وچ ۾ هڪ وڏو حوض ٺهيل هو. اڱڻ جي اتر ۽ ڏکڻ ۾، ٻاهرين اڏاوت کان صفي جي ڇيڙن وارن منارن تائين 9 x 9 فوٽن جا ننڍين قبين وارا ڪل 18 حجرا ٺهيل هئا. اڀرندي طرف واري ديوار ۾ پڻ چار حجرا هئا. اوڀر ۾ مکيه لنگهه واري عمارت هئي. مکيه لنگهه وارو ڪمرو هم چورس هو، جيڪو پڻ ونگن کان مٿي اٺڪنڊو هو ۽ ان جي مٿان هڪ وڏو گنبذ هو، جنهن جي ماپ 15 x14 فوٽ هئي. ٻاهرين دروازي کي ٽي چار ڏاڪا هئا. داخلي مُهاڙيءَ وارن ٻنهي ڇيڙن تي ٻه وڏا منارا هئا، جن جي ڏاڪڻين جو لنگهه اندران اڱڻ کان هو. مسجد جو اندريون حصو، ٻاهرئين مهاڙيءَ واريءَ اڏاوت سميت، سمورو ڪاشيءَ سان جڙيل هو. مسجد جي داخلي مهاڙي خواهه اندرين حصن ۾ تاريخي ڪتبا نصب ٿيل هئا. هن وقت اها عظيم الشان مسجد بلڪل شهيد ٿي چڪي آهي ۽ ان جو ڪوبه نشان باقي نه رهيو آهي.

مسجد منزل گاهه:

هيءَ مسجد، ان هنڌ واقع آهي، جتان ساڌ ٻيلي جا ياتري ٻيڙيءَ تي چڙهن ٿا. ڪنڌيءَ تي چوديواري ڏنل آهي، جنهن ۾ ٻه ننڍيون گنبذ دار ڄاريون آهن. هن مسجد ۾ هڪ قديم فارسي ڪتبو ۽ بچيل آثار اڃا تائين موجود آهن. انگريزن هن مسجد جو نالو
”ڪيمپنگ گرائونڊ“ رکيو. ڪتبي موجب، اها عبارت 1006هه ڌاري مير معصوم بکري جوڙي. سن 1943ع ۾ انگريزن، انهن گنبذ وارين جاين مان هڪ ۾ پوسٽ آفيس ۽ ٻي ۾ گهتو کوليو. 1928ع ۾ سيد ڪرم علي شاهه انگريزن کان اجازت وٺي ان کي چوديواري ڏياري. ان تان تڪرار وڌيو. مسلمان ۽ هندن پنهنجو پنهنجو حق جتايو. هندن ستياگرهه جي تحريڪ هلائي، جيل ۾ ويا، پر مسلمانن 1939ع ڌاري ان تي قبضو ڪيو، جنهن ۾ سوين هندو مئا. انگريزن جسٽس اي.ويسٽن جي هٿ هيٺ هڪ انڪوائري ڪورٽ ويهاري، جنهن فيصلو ڪيو ته گنبذ واريون عمارتون مسجد طور ٺاهيون ويون هيون، جن جو استعمال سن 1882ع کان پوءِ نٿو ملي.

ڀوڏيسر مسجد:

ننگرپارڪر جي اتر ۾ پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي تاريخي شهر ڀوڏيسر آهي، جتي اسلامي يادگار فقط هڪ قديم مسجد آهي، جنهن جي تعمير ٿيڻ لاءِ ٻه سبب بيان ڪيا وڃن ٿا.

جيئن ته گجرات جي بهمني خاندان جي بادشاهه محمود شاهه بيگڙي بن مظفر شاهه جي زماني ۾ سندس والده هڪڙو ڀيرو هن پاسي کان حج تي ٿي وئي. ڪڇ جي رڻ جي هن ڀر ڏکڻ اڀرندي گجرات جي علائقي جا ٽڪرا آهن ۽ هن ڀر ڀوڏيسر وڏي رڻ جي ڪناري کان ڏهاڪو ميل پري آهي. ان وقت ڀوڏيسر ۾ سوڍن جي هڪ شاخ جو راڄ هو، جن حاجين جي هن قافلي کي ستايو ۽ ڳري رقم وٺي پوءِ اڳتي وڃڻ ڏنو. بيگم صاحبه حج تان موٽڻ بعد اها سموري ڳالهه وڃي پنهنجي پٽ محمود شاهه سان ڪئي، جنهن والده جي تڪليف جي عيوض مختصر چڙهائي ڪئي ۽ سوڍن کي اک ڏيکاري موٽي ويو. انهيءَ عرصي ۾ اتي هڪ ننڍي مسجد سنگ مرمر جي قائم ڪئي. مسجد سادي نموني جي آهي. ڊيگهه ۽ ويڪر ٽيهارو کن فوٽ ٿيندي، اڌ ۾ ٿنڀن سان اڏاوت آهي ۽ اڌ ۾ صحن وانگر خالي آهي. مٿي قبو آهي، جنهن ۾ اڏيل مسجد جو، جنهن ۾ عربي ۽ عجمي طرز تعمير جي ملاوٽ آهي. محراب وٽ هڪ پٿر نصب ٿيل آهي، جنهن تي فارسيءَ ۾ عبارت لکيل آهي، پر زماني جي دستبرد سبب پوري پڙهڻ ۾ نٿي اچي. البته محمود شاهه بن مظفر شاهه جو نالو ۽ سال 1505ع پڙهي سگهجن ٿا. هجري سال جا اکر ڊهي ويا آهن، پر هجري سال 808هه بيهي ٿو.

هن مسجد جي ڪل ايراضي 2115 فوٽ آهي. هيءَ يادگار مسجد، 8. 49 فوٽ ڊگهي ۽ 7. 42 فوٽ ويڪري آهي. نماز وارو حجرو 7. 23 ڊگهو ۽ 3. 13 فوٽ ويڪرو ۽ 2. 10 فوٽ اوچو آهي. ڀتين جي ويڪر 2 فوٽ ٿيندي. ڇت جي مٿان 5. 40 فوٽن جي قطر سان گنبذ ٺهيل آهي. وڏي گنبذ جي چوٽيءَ تي ابتو ڪنول جو گل ٺهيل آهي، پر مٿان ڪلس ڏنل ڪونه اٿس. ٻيڙ ٻني تي ڪل 74 برجون ٺهيل آهن، جيڪي اتر طرف 13، اولهه طرف 24، ڏکڻ طرف 13 ۽ اوڀر طرف 24 عدد ٺهيل آهن، اهي برجون ماربل جي پٿر تي سورج مکي گل وانگر گهڙي هنيون ويون آهن. چار پٿر جا نيسارا پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٺهيل آهن. نماز واري حجري ۾ اٺ ماربل جي پٿر مان ٺهيل پيل پاوا آهن. هر پيل پائو 9 فوٽ اوچو آهي. اهي پيل پاوا اڏيل گنبذ کي ٽيڪ ڏين ٿا. چار پيل پاوا سامهون جڏهن ته ٻه ڏکڻ ۽ ٻه اتر ۾ ڏنل آهن. پيل پاون جي وچ وارو مفاصلو اٽڪل 6. 3 فوٽ آهي. اهي پاوا بنياد ۾ چورس، پوءِ مٿي ڇهه ڪنڊا پوري گهڻ ڪنڊا ۽ آخر ۾ چوٽيءَ وٽ گول ويلڻي نموني جا آهن. نماز واري حجري جي اندران اندر ماپ 23.5 x 13.6 فوٽ آهي. نماز واري حجري کي ٽي لنگهه ڏنل آهن. نماز واري حجري آڏو احاطو 38.7 x 25.3 فوٽن جو آهي. اندر واري اولاهين ڀت تي ٻه فارسيءَ جا ڪتبا لڳل آهن. ان کان سواءِ به اتر واري ڀت تي هڪ ڪتبو لکيل آهي. اهي ڪتبا خط نسخ ۽ خط نستعليق ۾ لکيل آهن.

مسجد ۾ جيڪو پٿر ڪم آندل آهي. اهو سمورو ڪارونجهر ٽڪر جي دامن ۾ جيڪي جينين جا مندر هئا، انهن مان ڪڍيل آهي. هيءَ مسجد، سادي نموني جي ٺهيل آهي ۽ اٽڪل ٽيهه فوٽ هم چورس ٿيندي. جنهن مان اڌ تي اڏاوت ٿيل آهي ۽ اڌ ۾ صحن اٿس. هن مسجد جي هڪ خوبي اها آهي ته ان مسجد ۾ ڪا به جوڙ سنڌو نه ڏنل آهي. 2001ع جي زلزلي کان پوءِ ان مسجد ۾ ڏار پئجي ويا آهن.

مخدوم بلاول مسجد:

مخدوم بلاول جي مقبري سان لڳولڳ هڪ خوبصورت مسجد به اڏيل آهي. هن مسجد جا 6 خاص اهڃاڻ آهن. (1) وڏي پاڻيءَ جي ٽانڪي اوڀر ۾ (2) مسجد جو وڏو صحن (3) مسجد جو شاهي دروازو (4) مسجد جي ٻاهرين ڀت (5) خود مسجد (6) مسافر خانو ۽ مڪتب.

مخدوم بلاول مسجد، وڳڻ وڏو تعلقي وارهه جي زميندار محبوب خان وڳڻ سنه 1345هه ۾ ٺهرائي، جنهن تي ان وقت هڪ لک رپيا خرچ ٿيو. دروازو ٽه ونگون اڱڻ اڳيان ٺهيل آهي. اڳيان پيل پاون سان ورانڊو ٺهيل آهي. مسجد جي مهاڙي
ٽه ونگائين آهي. ڏاڪڻ ڇتيل آهي. مسجد تي اعليٰ درجي جو ڪاشيءَ جو ڪم ۽ ڇٽ نڪتل آهي.

جامع مسجد خدا آباد:

هن مسجد جو بنياد سنه 1701ع ۾ ميان يارمحمد ڪلهوڙي رکيو. مسجد ٽن سالن ۾ جڙي راس ٿيڻ جي تصديق ملي ٿي. مسجد جي بناوت يا نقشو دائود فقير ڪنڀر جي نگرانيءَ ۾ جڙي راس ٿيو، جيڪو ميان صاحب جي تعميري ڪمن جو نگران هو.

هيءَ مسجد، هڪ مٿڀري پليٽ فارم تي اڏي وئي آهي، جيڪو زمين کان 8 فوٽ اوچو آهي ۽ ڊيگهه ۾ 92 فوٽ ۽ ويڪر 85 فوٽ اٿس. مسجد ٽماڙ آهي. هڪ زميني تهه خانو، جنهن ۾ هيٺ وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل آهي، بعد ۾ جنهن کي سرڪار بند ڪرائي ڇڏيو آهي. ٻيو حصو جنهن ۾ نماز ادا ڪئي وڃي ٿي، ٽيون مٿيون حصو آهي، جيڪو گنبذن  جي صورت ۾ بازار نموني چوطرف ڦري ٿو. ننڍا ننڍا گنبذ گهڻا آهن، پر ٽي وڏا گنبذ آهن. وچ وارو گنبذ ٻين کان وڏو آهي. مسجد زمين کان 7 فوٽ اوچائي تي آهي. تهه خانو 14 فوٽ هيٺ آهي.

مسجد ۾ جيڪو ڪاشيءَ جي سرن جو استعمال ڪيو ويو آهي، سو ايترو ته خوبصورت آهي، جو ان تي نظرون کپيو وڃن ۽ هن جو مثال لِلي ٻوٽي وانگر ڏئي سگهجي ٿو، جنهن جا گل، پن ۽ ڏانڊيون وغيره هرهڪ جوڙجڪ جي حساب سان پنهنجو مثال پاڻ آهن. اِهي ڪاشيءَ جون سرون اڇي تر تي نيري جو ڪم بي مثال نمونو آهن. دالان جو فرش چمڪيلي ٽائل سان مزين آهي. هن مسجد ۾ ڪاشيءَ جي سرن تي صرف ٻه رنگ استعمال ٿيل آهن، يعني اڇي تر تي بلو ۽ هلڪو نيرو ۽ گهاٽو نيرو. هن مسجد جي هڪ خوبي اها آهي ته، سخت اونهاري ۾ هن مسجد جو دالان يخ ٿڌو هوندو آهي ۽ تهه سياري ۾ وري گرم. هي ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ جو ڪمال آهي.

مسجد جي اندران ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آندل آهن. ڪاشيءَ جي مٿان گلڪاري ۽ چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي، مسجد جون ڀتيون ست فوٽ کن ويڪريون ٿينديون. وچون قبو 21 فوٽ ڊگهو ۽ 20 فوٽ ويڪرو آهي. باقي ٻه قبا 20x20 فوٽن جا آهن. قبن جون ڀتيون 11 فوٽ ويڪريون آهن. قبن جي اندران البزاريون نڪتل آهن، جن جي اندر خلاصو ماڻهو چوڌاري گهمي ڦري سگهي ٿو. ٻيو ڀاڱو، ايوان بنا ڇت جي 25 فوٽ ويڪرو ۽ 83 فوٽ ڊگهو ورانڊو ٺهيل آهي. ان جون ڀتيون 11 فوٽ ويڪريون ٺهيل آهن. مسجد کي ٽي دروازا آهن، جن تي ڪنول جي گل جي گلڪاري ٿيل آهي. هن ۾ ٽن قسمن جون ڪاشيءَ جون سرون، ساڍا 8 انچ اڇيون ۽ نيري رنگ جون استعمال ٿيل آهن، جن کي هڪ پاسي ليپو ڏنل آهي. ان کان سواءِ ٻيون چونڪي جون سرون جيڪي ٽڪر ٽڪر ڳنڍي پوءِ چونڪو ڪري بيهاريل آهن، جن تي بهترين نقاشي ٿيل آهي. ٽيون ڀاڱو، مسجد جو وڏو ۽ ڪشادو ميدان آهي، جنهن تي اٽڪل ڏيڍ هزار جماعتي نماز پڙهي سگهن ٿا. ان جي ڊيگهه 95 ۽ ويڪر 90 فوٽ آهي. هن جو دروازو ڪشادو ۽ مٿي چڙهڻ لاءِ زمين کان 10 ڏاڪا اٿس. دروازو 8 فوٽ ڊگهو ۽ ساڍا پنج فوٽ ويڪرو ڪاٺ جو ٺهيل آهي.

ٻنڌڙي مسجد:

اسلامي دور جي هيءَ اڏاوت، تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄام شوري، ڳوٺ ٻنڌڙي ۾ واقع آهي. مسجد ڪچين سرن ۽ گل گاري سان لنبيل آهي. بعد ۾ ان کي ڪاشيءَ جون سرون هڻي سينگاريو ويو آهي. نئون ڪرايل ڪم به ڪِرندو پيو وڃي جو اصل مسجد جا بنياد ڪچا رکيل آهن. مهاڙي ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. هرهڪ پانيل ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهي. رٿ ۾ مسجد مستطيل آهي، جنهن کي گنبذائين ڇت ڏنل آهي. وچون گنبذ وڏو آهي. ان جي مٿان برجيون اڏيل آهن. برجين مٿان تاج ڏنل آهي. دريون اتر ۽ ڏکڻ ۾ ٺهيل آهن. اندر اولاهين ڀت خاص ڪري روغني ٽائلن سان سينگاريل آهي.

خضري مسجد:

شاهه جهاني مسجد کان ٿوري فاصلي تي، اولهه طرف شاهي بازار جي منهن وٽ قديم زماني جي هڪ جامع مسجد ”خضري مسجد“ جي نالي سان مشهور آهي، جيڪا پڻ مغليه طرزِ تعمير جو هڪ سهڻو يادگار آهي. اِها مسجد، شاهجهاني مسجد ٺٽو جي تعمير کان ٽيهارو سال اڳ جهانگير بادشاهه جي عهد حڪومت ۾ سن 1022هه يعني  1613ع ۾ مير عبدالرزاق معموري الملقب به مظفر خان ٺهرائي هئي، جيڪو ان وقت ٺٽي ۾ محصول وصول ڪرڻ جي عهدي تي فائز هو. هي پڪسرائين مسجد، ڪاشيءَ جي خوبصورت سرن جي ڪم سان سينگاريل آهي. مسجد جي نماز واري حجري جي ماپ 53 فوٽ هم چورس آهي، جيڪا چوڪنڊي رٿيل عمارت آهي. مسجد جو ننڍو گنبذائون دروازو شاهي بازار ۾ کلي ٿو. احاطو ڏکڻ اوڀر طرف اٿس، جنهن جون ڀتيون اوچيون آهن. احاطي جا ڪجهه نشان ڏکڻ ۾ به آهن. ست ونگاوان پانيل دروازي وٽ آهن، جن تي ٽن رنگن، گهاٽي نيري، هلڪي نيري ۽ اڇي رنگ جي ڪاشيءَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. مسجد جي مهاڙي وڏي ۽ ويڪري اوڀر طرف اٿس. مسجد جي وچ وارو حصو پوئين حصي کان وڌيل آهي. مسجدن جي پويان ٽي گنبذ بيٺل آهن. مسجد کي ٽي لنگهه آهن، جيڪي هڪ ڪوٺي نما ۾ کلن ٿا. مسجد جي وچ وارو لنگهه پاسن وارن لنگهن کان ڪي قدر وڏو آهي. نماز وارو حجرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. وچون حصو ٻين ٻن حصن کان وڏو آهي، جنهن کي ڏکڻ اتر ۾ ونگون ڏنل آهن. حجري جي وچ ۾ اولهه واري ڀت تي اڌ اٺڪنڊو محراب ٺهيل آهي، جنهن تي ڪاشيءَ جو سهڻو ڪم ٿيل آهي. محراب کي هوا جي گذر لاءِ ٽي سوراخ نڪتل آهن. ساڳي نموني پاسن وارن حجرن کي محراب ڏنل آهي، ۽ سوراخ هوا جي گذرڻ لاءِ ڏنل آهي. اِها خصوصيت صرف سنڌ جي عمارت سازيءَ ۾ ملي ٿي. پانيل حاشيه تائين ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهن. توڙي جو ان کي تعمير ٿئي پوڻا چار سؤ سال گذري ويا آهن. پوءِ به ائين لڳندو ڄڻ هاڻي جڙي راس ٿي آهي. هن مسجد ۾ وري هڪ طغرائي خط جو ڪتبو موجود آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته:

”خاکِ آستان نبوي صلي الله عليہ وآلہ وسلم

عبدالرزاق الحسيني المعموري الملقب بمظفر

خان بتاريخ 1022هجري تمام شد.“

امير نصيرخان واري جامع مسجد:

ڪِرڙ خان واريءَ مسجد کان پوءِ نصرپور شهر جي هيءَ سڀ کان قديم مسجد آهي. هن مسجد کي سلطان فيروز شاهه تغلق جي امير نصير خان، شهر جي قلعي بنياد وقت تعمير ڪرايو هو. هيءَ مسجد شهر جي ننڍي بازار جي اتر ۾ آهي. اڳئين زماني ۾، سنڌو درياء جي پراڻي شاخ ”ساڱرو“ ان جي اڀرندي طرف کان وهندو هو. هيءَ جامع مسجد شهر جي سڀني مسجدن مان اڄ به پنهنجي ماضيءَ جي شاندار عظمت جو نشان آهي. انهيءَ مسجد جي احاطي ۾، سامهون پٿر جا ست مضبوط ٿنڀا ٺهيل آهن، جن تي ڪاٺ جون ڪامون چڙهيل هيون. هن وقت هيءَ مسجد نهايت ئي زبون ۽ خسته حالت ۾ آهي. ڪجهه وقت اڳ ۾ هن مسجد جو وفاقي سرڪار جي طرفان، قديم آثارن واري کاتي سنڀال جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو، پر هن وقت، اها انهن جي بي توجهيءَ جو شڪار ٿي، تباهيءَ ڏانهن وڃي رهي آهي.

دارا لقضا واري مسجد:

دارالقضا واري مسجد، نصرپور شهر ۾ گراڻن جي محلي ۾ آهي. پراڻي زماني ۾، هيءَ مسجد ڏاڍي مشهور ۽ معروف هئي. هن کي ”دارالقضا“ واري مسجد ڪري سڏيو ويندو آهي. هن مسجد ۾، ان وقت ۾ شهر جا قاضي ۽ مفتي ويهي اسلامي شرعيت مطابق فيصلا ۽ شرعي فتوائون جاري ڪندا هئا. قاضي ميان عبدالوهاب، نصرپور جي قاضي خاندان مان هڪ عالم ٿي گذريو آهي. هيءُ وڏو ناليوارو بزرگ ۽ برڪت ڀريو شخص هو. شهر جو قاضي ۽ مفتي پڻ هو. انهيءَ مسجد ۾ شرعي فتوائون لکندو هو ۽ انهن تي عمل ڪرائيندو هو. هن جي فوت  ٿيڻ کان پوءِ سندس ڀائٽيو قاضي ابوالحسن شهر جي قضا جي منصب تي ويٺو. کانئس پوءِ سندس فرزند قاضي مير محمد پڻ انهيءَ عهدي تي فائز ٿيو. بهرحال هيءَ هڪ ڪورٽ جو ڪم ڏيندي هئي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته، مخدوم ميان عبدالحق (اول) جيڪو پڻ وقت جي حڪومت جي پاران شهر جو قاضي مقرر هو، وفات ڪرڻ کان پوءِ، کيس ان مسجد جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. قاضي مخدوم روح الله جيڪو ڪلهوڙن جي زماني ۾ شهر جو مفتي ۽ قاضي ٿيو، پڻ پنهنجي محلي واريءَ مسجد جي بدران، هن مسجد ۾ شرعي فيصلا صادر ڪندو هو. مخدوم قاضي روح الله جي وفات کان پوءِ مخدوم ميان مئينڏنو قضا جي منصب تي فائز ٿيو ته هو به انهيءَ دارالقضا واريءَ مسجد ۾ فتويٰ نويسيءَ جا فرائض سر انجام ڏيندو هو. هيءَ مسجد نصرپور ۾ واقع آهي.

قاضي مخدوم روح الله واري مسجد:

قاضي ميان عبدالرحمٰن بن قاضي ميان تاج محمد جي گهر جي ڏکڻ ۾، زمين جو پيل ٽڪرو، مٽيءَ جي ڍير سان ڀرپور آهي. ان لاءِ چون ٿا ته، انهيءَ هنڌ قاضي مخدوم روح الله جي مسجد شريف هئي ۽ ان جي ڀر سان مخدوم صاحب جو قائم ڪيل ديني مدرسو پڻ هو. هن وقت زماني گذرندي، مسجد شريف شهيد ٿي چڪي آهي، ۽ مدرسو پڻ ڊهي مٽيءَ جو ڍير ٿي ويو آهي. هيءَ به مسجد نصرپور ۾ آهي.

بي بي شهربانو مسجد:

حيدرآباد ۾ ڪلهوڙن جي مقبرن سان لڳولڳ هڪ مسجد تعمير ٿيل آهي جيڪا بي بي شهر بانو جي مسجد جي نالي سان قائم آهي. بي بي شهربانو ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي نياڻي ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڀيڻ هئي. بي بي شهربانو پنهنجي نيڪ سيرت ۽ نيڪ نيتي جي ڪري ڄاتي سڃاتي ويندي هئي. هن هڪ مسجد ۽ مدرسو پڪي قلعي جي اتر اولهه ۾ تعمير ڪرايو هو. مسجد بيبي شهر بانو ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽي دروازا آهن. جيڪي اتر ۽ ڏکڻ طرف کلن ٿا، جتان اچ وڃ جو رستو آهي. انهن دروازن مان هڪ دروازي تي هڪ ڪتبو لڳل آهي. جيڪو سنگ مرمر جو آهي، جنهن تي لکيل آهي:

بسم الله الرحٰمن الرحيم

يا محمّد يا الله يا علي

شيخ محمد اسماعيل ولد شيخ احمد

متولي درگاهه مسجد

تاريخ 11 رجب 1184هه.

وري مسجد جي ٻئي دروازي تي هيءُ ڪتبو نصب ٿيل آهي:

جامع مسجد 786 مائي شهربانو

بنت ڪبير محمد رجب 1187هه

ڪن محققن جو خيال آهي ته ڪتبي وارو اصلي پٿر ڀت جي اندر موجود آهي، جنهن تي ڪجهه لفظ مختلف انداز ۾ لکيل آهن. جيئن ”بنت نورمحمد“ شايد ”نور“ جو لفظ مٽجي وڃڻ ڪري ”ڪبير“ لکيو ويو آهي.

مسجد جي وچ واري دروازي تي هيءَ عبارت لکيل آهي:

چراغ مسجد و محراب و منبر

ابوبڪر و عمر عثمان حيدر

بلغ العليٰ بکمالہ کشف الدجيٰ بَجمالہ

حَسنت جميع خصالہ صلوعليہ و آلہ

مسجد جي اترئين ڀت تي هيٺين عبارت لکيل آهي:

پنج ئي پورا پڙهن جي نماز

الاهي انهن تي رضائون ۽ راز

۽ ڏاکڻي ڀت تي پڻ هيٺين عبارت تحرير ٿيل آهي.

ڀلو بيت جن ڪيو عمارت عجيب

خدا خلد ڪيوتن کي نعمت نصيب

هيءَ مسجد ڪلهوڙا طرز تعمير جو شاهڪار آهي.

جيلاني سيدن واري مسجد:

نصرپور شهر جي اُتر ۽ الهندي طرف، ڪاشيگرن جي محلي ۾ راڄپاري جيلاني پيرن جي درگاهه جي ڀرسان هيءَ عاليشان مسجد تعمير ٿيل آهي. هيءَ شريف، پير فتح محمد جيلاني سن 1329هه/ 1911ع ۾ ٺهرائي هئي. مسجد جي ٻاهرئين دروازي تي ڪاشيءَ جي سر تي مسجد جي تعمير ٿيڻ واري سال جو ڪتبو تحرير ٿيل آهي. هيءَ مسجد پنهنجي دور جي فنِ تعمير جو هڪ بهترين ۽ لاثاني شاهڪار آهي. هن وقت تائين هن مسجد شريف جي حسن ۽ رعنائيءَ ۾ ڪا به گهٽتائي ڪا نه آئي آهي.

دبگير مسجد:

ٺٽي جي مشهور ۽ معروف مذهبي عمارتن ۾ شاهه جهاني مسجد کان علاوه دبگير مسجد، ٺٽي شهر جي ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي واقع آهي. ٺٽي شهر جو اهو ڦٽل حصو پنهنجي عروج واري دور ۾ محله دبگران (دبگير محلو) سڏبو هو. خسرو خان چرڪس جي حويلي پڻ ان محلي ۾ واقع  هئي. غالباً اهوئي سبب آهي، جو هن اها خوبصورت ۽ عمارت سازي واري نڪتهء نگاهه کان شاندار مسجد جوڙائي. ٽن گنبذن واري هيءَ ننڍي ۽ خوبصورت مسجد، ان دور جي فن عمارت سازي جي عڪاس آهي. هن عاليشان مسجد جو ذڪر ڪزنس پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ ۾ ڪيو آهي. سورهين صدي عيسويءَ ۾ هيءَ مسجد تعمير ٿي هئي. زبون حالي جي باوجود، هن مسجد جي محراب تي لڳل جيڪو ڪتبو مليو آهي، ان منجهان مسجد جي تعمير وارو هجري سال 997هه نمايان آهي.

دبگير مسجد جي عمارت 98 فوٽ ڊگهي ۽ 48 فوٽ ويڪري آهي. دبگير مسجد مغليه دور جي فن، تعمير جو نادر نمونو هئي. پٿرن جي مضبوط بنيادن تي ننڍين ننڍين مضبوط سرن ۽ چن سان تعمير ٿيل هيءَ عمارت، ڪنهن زماني ۾ عمده چمڪدار ۽ خوبصورت رنگ برنگي ٽائلن سان سجيل هئي. ڪٿي ڪٿي ديوارن تي لڳل پٿرن تي خوشنما نقش و نگار تيار ڪيا ويا هئا. ڇت جي ٽن گنبذن درميانو گنبذ، جيڪو سڀني ۾ وڏو هو، سو هاڻي شهيد ٿي چڪو آهي. فرش جون سرون گسجي چڪيون آهن. سم ۽ ڪلر جي اثرن ۽ تيز هوائن ڪري عمارت جا آثار انتهائي شڪسته ٿي چڪا آهن ۽ اهي هن وقت ۾ بوسيدگي ۽ خسته حاليءَ جا مڪمل ثبوت آهن.

شاهه محمود جيلانيءَ جي درگاهه واري مسجد:

هيءَ مسجد شريف شاهه محمود جيلانيءَ جي درگاهه ۾ تعمير ٿيل آهي ۽ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ فنِ تعمير جو هڪ نادر شاهڪار آهي. هن مسجد شريف تي پٿر ۽ ڪاشي ڪاريءَ جو نهايت ئي عمدو ۽ نفيس ڪم ٿيل آهي. هن مسجد ۾ ڪاشيگريءَ جو دلڪش ڪم، نصرپور شهر جي مشهور ماهر ڪاشيگر، اوستي حاجي محمد ولد اوستي خميسي خان جي محنت جو نتيجو آهي. هن مسجد جي محراب جي ساڄي طرف کان سامهون چوٽيءَ تي پٿر تي هيءُ ڪتبو اُڪريل آهي:

شيخ عبدالرحيم ڪرد بنا

مسجد فيض بخش روح فزا

ڪردا اوزائران قدوسي

در طواف اند بر زمين بوسي

بي ڪدورت بي ريا باشد

اين چنين خانئهِ خدا باشد

بهر تاريخ هاتف اين درسنت

”آيت رحمت اله بگفت“

انهيءَ مٿئين تاريخي ڪتبي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ مسجد 1095هه مطابق 1684ع ۾ شيخ عبدالرحيم نالي ڪنهن بزرگ تعمير ڪرائي هئي.

مسجد ميان نورمحمد ڪلهوڙو:

ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي قبي واري ڪوٽ جي ٻاهران اتر- اوڀر طرف ڪچين سرن جي هڪ مسجد شريف ٺهيل آهي. سموري مسجد هن وقت گهڻي ڀاڱي شهيد ٿي چڪي آهي. هن مسجد جا قبا ۽ سائبان وغيره سڀ ڊهي ويا آهن ۽ صرف ديوارون اڀيون بيٺيون آهن، جيڪي مسجد جي اڳوڻي شان کي ظاهر ڪن ٿيون.

هن مسجد جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون، ڪچيون سرون، ٽنگر ڪاشيءَ جا روشندان گچ گارو وغيره استعمال ڪيل آهن. مسجد جي مهاڙي ۾ ٽي دروازا اوڀر طرف ٺهيل آهن. وچيون دروازو ٻين ٻن درن کان وڏو آهي. دروازي کي نمازي حجري طرف ونگيل گوشو آهي. وچين ڪوٺيءَ جو مٿيون حصو ۽ گنبذ ڪري پيا آهن، پر اٺ ڪنڊي گنبذ ڳچ جا نشان بيٺا آهن، جيڪي وچين حجري جي بلڪل مٿان آهن. جڏهن ته ٻين ٻن نمازي حجرن جي مٿان وارن گنبذن  جو ڪو به نشان باقي نه رهيو آهي. گنبذ موتي مسجد لاهور جي طرز تي ٺهيل آهي. اندر نمازي حجرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. نمازي حجري ۾ اٺ عدد ونگاوان پانيل حصن ۾ ٺهيل آهن، جن مان ٽي اولهه پاسي تي، ٽي اوڀر پاسي تي ۽ هڪ ڏکڻ ۽ اتر پاسي جڙيل آهن. اولاهين ڀت تي ٻه جارا، اترين ۽ ڏاکڻين ڀت تي، سردرن سان دريون وڌل آهن. وچ واري حجري جي ڪنڊن تي چار ڪنڊ جوڙون مٿي وڃي گنبذ ڳچ کي اٽڪنڊو ڪن ٿيون. هر ڄاريون جيڪي ڪاشيءَ جون ٺهيل آهن، سي ڳچ گنبذ وٽ نظر اچن ٿيون. ٽنهي حجرن تي گنبذ ٺهيل هئا، جيڪي هاڻي ڪري پيا آهن. محراب اولهه ۾ ٺهيل آهي، جنهن ۾ اڀريل گلڪاري ٿيل آهي. ڀتيون مسجد جي وچئين گنبذ ۾ جيڪا ڄاري استعمال ٿيل آهي، تنهنجي جوڙجڪ خدا آبادي واري مسجد جهڙي نظر اچي ٿي. ديوارن ۾ کٻڙ جو ڪاٺ استعمال ڪيو ويو آهي.

ڳاڙهي واري مسجد:

ميان نصير محمد ڪلهوڙي، ڳاڙهي کي پنهنجو مرڪز ڪندي هڪ عاليشان مسجد جو بنياد وڌو، جنهن کي ڳاڙهي واري مسجد ڪري سڏيو وڃي ٿو. هيءَ مسجد هن وقت ديهه ڪور ٻڍو، تپو ميرمحمد، تعلقو خيرپور ناٿن شاهه ضلعو دادو ۾ واقع آهي، جيڪا اڄ بلڪل زبون حالي ۾ موجود آهي. مسجد جا ڪافي حصا ڊهي چڪا آهن. گنبذ پڻ ڪري پيو آهي. اها مسجد 1657ع کان 1692ع جي وچ ۾ تعمير ٿي هوندي، جنهن ۾ ميان نصير محمد جي فقيرن حصو ورتو، جن جو تعداد سوا لک هو. چون ٿا ته اڳي هتي مسجد تمام وڏي هئي، جتي سوا لک ماڻهو هڪڙي ئي وقت نماز ادا ڪري سگهندا هئا. هن مسجد ۾ درس و تدريس جو سلسلو پڻ هلندڙ هو. هن مسجد کان علاوه 3 ٻيون به مسجدون پڻ ميان نصيرمحمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ آهن، جيڪي ننڍيون آهن.

هيءَ مسجد، زمين جي مٿاڇري کان ڪي قدر مٿي آهي. هن جي ڊيگهه 67 فوٽ ۽ ويڪر 56 فوٽ آهي. مهاڙي ۾ ونگن سان ٽي دروازا آهن. وچون در ٻين درن کان ڪجهه وڏو آهي. مسجد کي سامهون پنج اُڀا نيل جڙيل آهن، جيڪي حاشيه کان مٿي آهن ۽ مهاڙي تي چار منارا ٺهيل آهن، جن مان ٻه ڀڳل آهن. مسجد جون ڀتيون ساديون آهن. پويان هڪ محراب ٺهيل آهي. اوڀر واري ڪنڊ مٿان کان 60 س-م تائين ڪنڊ مٿان (alvelate) ۽ هيٺان (Trumcated) ماربل آهي. هيءُ نمونو سنڌ ۾ ٻئي هنڌ نٿو ملي. دروازن وٽ پنج اڀا پانيل آهن، جيڪي حاشيي کان مٿي آهن. مٿي مهاڙيءَ ۾ چار منارا ٺهيل آهن، جن مان ٻه ڊهي پيا آهن. مسجد جي ڪارنس چئن طبقن ۾ ٺهيل آهي. رنگدار ڪارنس تي ٻيڙ ٻنو (Parapet)، ٻيڙ ٻني تي ڏندا (Crenel) آهن. پاڻي جي نيڪال لاءِ ٻيڙ ٻني هيٺان سوراخ ۽ ڀت ۾ هيٺان کان مٿي تائين ناليون ٺهيل آهن. دروازو هڪ وڏي هال ۾ کلي ٿو، جيڪو وڏي وايي سبب ڪري چڪو آهي، ۽ آسمان پيو ڏسي- اتر ۾ ٽي دروازا ٺهيل آهن، جيڪي 7. 2 فوٽ ويڪرا آهن. انهن کي پانيل ڏنل آهن. نماز وارو حجرو ٽن ونگيل دروازن سان آهي. اهي دروازا مهاڙي وارن دروازن کان ننڍا آهن. ڪنڊن تي گنبذ جوڙن لاءِ ڪنڊ جوڙ (Squinches) ٺهيل آهن. گنبذ ۽ ڪنڊ جوڙ چٽيل آهن. اتر ۽ ڏکڻ ۾ دريون ٺهيل آهن، جيڪي 8. 5 فوٽ ماپ جون آهن. اهي اڃا به وڏيون هيون، پر بعد ۾ انهن کي بند ڪري ننڍو ڪيو ويو آهي. غور سان ڏسبو ته اندر ڀتيون چٽيل آهن. فرش پڪين سرن جو ٻڌل آهي. حجرو اندران  اندر 9. 59 فوٽ ڊيگهه ۾ 17 فوٽ ويڪرو آهي. محراب ۾ ڪا لکت آهي، پر پڙهي نٿي سگهجي. ڇت تي چڙهڻ لاءِ ڪا ڏاڪڻ وغيره ڪانه آهي، جو چڙهي ان جو مطالعو ڪجي. اولهه واري حجري جي ڇت مٿان ٽي گنبذ ٺهيل آهن، جن جي چوٽي ڊگهي ۽ ڪلنگي دار آهي. وچون گنبذ ٻين ٻن کان ڪجهه وڏو آهي. گنبذ ۾ استعمال ٿيل سرون سنهيون آهن. هيءَ مسجد 1992ع کان پوءِ برساتن جي سٽ نه سهي سگهي ۽ شهيد ٿي پئي.

جامع مسجد مٽياري:

جامع مسجد مٽياري، ڪلهوڙن جي دور ۾ راڄو ليکي جوڙائي، جيڪا شهر جي مرڪز جرار پوٽه ۽ باقيل پوٽه محلن جي سنگم تي شاهي بازار ۾ واقع آهي. ڪزنس هن مسجد جي تعمير جو سال 1218هه بمطابق 1803ع ڄاڻايو آهي. اصل ۾ اهو سال مسجد جي تعمير جو نه، بلڪه مرمت جو سال آهي، اها مرمت، مير مراد علي خان ٽالپر، حڪمران ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ ڪرائي هئي.

مسجد جي هڪ ديوار تي مسجد جي تعمير واري سال وارو ڪتبو به نصب ٿيل هو، جيڪو ڪجهه سال اڳ مرمت دوران زيان ٿي ويو. هڪ ٻي روايت پٽاندڙ، اِها مسجد باقيل پوٽه ساداتن جي مخدرات بي بي زينب ۽ بي بي خديجه جن رات جي اونداهي ۾ پنهنجي هٿن سان تعمير ڪئي. جڏهن ٽالپر سنڌ جا حاڪم بڻيا، تڏهن هڪ لڱا ميرمرادعلي خان ٽالپر سنڌو درياء جو سفر ڪندي مٽياري پهتو، ته کيس پري کان اِها مسجد نظر آئي، جنهن تي هن ماڻهن کان دريافت ڪيو ته اِها ڪهڙي عمارت آهي؟ جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته اِها شهر جي جامع مسجد آهي. مير صاحب ان ئي مهل هن مسجد جي مرمت ڪرائي. هن مسجد جي اتر ۾ ساداتن جي حويلي هئي، جتي سنڌي ادب جي وهائو تاري حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي ولادت ٿي هئي. اهو حصو ئي ان دور جي تعمير دوران مسجد ۾ شامل ڪيو ويو. مسجد جي ڏاکڻي ڪنڊ ۾ اڃا تائين هن عظيم صوفي بزرگ جي نالي تي ”شاهه جو ڏيئو“ ٻاريو ويندو آهي. هڪ ٻي روايت مطابق ته، هن مسجد ۾ اڪثر شاهه عبداللطيف ڀٽائي، نماز پڙهڻ لاءِ تشريف فرما ٿيندا هئا. شهر جي ماڻهن کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جي اها پيشگوئي برزبان ياد آهي، ته جڏهن قيامت ويجهي ايندي ته سنڌو درياء هن مسجد جي پويان وهندو ۽ ان ۾ پلو مرندو. (تاريخ مٽياري- ص 369- 370).

هيءَ مسجد، سنڌي اڏاوتي طرز تعمير جو اعليٰ نمونو آهي. مسجد کي ڪاشي ڪاريءَ جي اعليٰ نموني سان سينگاريو ۽ سنواريو ويو آهي. مسجد کي پنج منارا ۽ خوبصورت گنبذ به اڏيل آهي. اڏاوت جي لحاظ کان اها مسجد مٽياري جي ٻين مسجدن ۾ هڪ اهم درجو رکندڙ آهي ۽ مٿس صحيح ۾ جامع مسجد جو اطلاق ٿئي ٿو. مسجد جي اندروني ڪاشيءَ جو ڪم تمام سهڻي انداز ۾ ڪيو ويو آهي. هيءَ مسجد، پڪين سرن سان ٺهيل آهي، جنهن جون ڪارنسون پٿر جون جڙيل آهن.

قاضي احمد مسجد:

قاضي احمد مسجد، ديهه قاضي احمد، تعلقو دولتپور، ضلعو شهيد بينظير آباد ۾، قاضي احمد جي حويلي جي اتر طرف واقع آهي. جنهن کي ميين جي مسجد ڪري سڏيندا آهن. مسجد جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون، ڪچيون سرون، گل گارو، چن گارو ۽ چن پلستر استعمال ٿيل آهي. مسجد رٿ ۾ مستطيل آهي. اوڀر ۾ نوڪدار ڪمانن سان دروازو اٿس، جنهن کي مستطيل پاسن وارا جارا ڏنل آهن. مسجد کي مٿان  ٽي گنبذ جڙيل آهن، جيڪي شاهجهاني مسجد ٺٽي وانگر سهڻا ٺهيل آهن. مهاڙي ۾ ٻيڙ ٻنا ۽ برجيون خوبصورت طرز ۾ ٺاهيون ويون آهن، مهاڙي روغن ٿيل آهي، جنهن ۾ مهندسي نقش چٽيل آهن. وچ واري لنگهه تي فارسي ۽ عربي ۾ ڪتبا نصب ٿيل آهن. اندر نماز وارو حجرو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. وچون حجرو ٻين حصن کان وڏو آهي. ٽي طاقي ونگون اولهه ۽ اوڀر واري ڀت ۾ ٺهيل اٿس. اولهه پاسي ٽي جارا ٺهيل آهن. وچين گنبذ کي چار ننڍا ٿنڀا آهن. نماز وارو حجرو اندران روغن ٿيل آهي. مسجد ۾ جاميٽري جا نقش نڪتل آهن. وچين گنبذ کي چار ننڍڙيون ڪنڊون، جوڙيون ۽ چار خصي ونگون ڏنل اٿس گنبذ، ڏسڻ ۾ اٺ ڪنڊو اچي ٿو. هيءَ مسجد سنه 1226هه ۾ جڙي راس ٿي.

جامع مسجد ٺٽو:

هن مسجد جي تعمير جو ڪم مير ابوالبقا امير خاني ابن نواب مير ابوالقاسم نمڪين بکري جي نگرانيءَ ۾ سن 1644ع کان شروع ٿيو ۽ سن 1647ع جي پايئه تڪميل کي پهتو. هيءَ مسجد، انهيءَ جاءِ تي تعمير ٿيل آهي، جتي شاهه جهان بادشاهه هڪڙي ننڍڙي مسجد ۾ جلاوطنيءَ واري زماني ۾ نماز پڙهندو هو.

هن مسجد جي زيب ۽ زينت جو دارو مدار ڪاشيءَ جي ڪم تي آهي، جنهنڪري هن مسجد کي ننڍي کنڊ ۾ امتيازي حيثيت حاصل آهي. مسجد تي ٿيل گلڪاري ۽ چٽساليءَ جو ڪم به عمدو ٿيل آهي. بلڪه ڪاشيءَ جو ڪم ڏسي حيرت وٺيو وڃي. آثار قديمه جي ماهرن جو خيال آهي ته جهڙو ڪاشي ڪاريءَ جو ڪم هن مسجد ۾ ٿيل آهي، اهڙو ايران ۾ به ورلي لڀي.

هن مسجد ۾ ڪاشيءَ جي اعليٰ ڪارڪردگيءَ سان گڏ چٽسالي ۽ نقاشي جي سلسلي ۾ هڪ اهم ۽ نادر ڳالهه اِها به آهي جو قرآن پاڪ جون مختلف آيتون ڌار ڌار نموني جي خط ۾ وڏن گنبذن جي اندرئين پاسي، خواهه ٻاهران مُهاڙيءَ تي اهڙي طرح جڙيل آهن، جو چٽسالي ۽ نقاشي جو جزو به معلوم ٿين ٿيون ۽ صاف وڏن اکرن ۾ پڙهڻ ۾ به اچن ٿيون. اوڀر واري ايوان جي طاق جي اندرئين طرف سورة فرقان ”تبارڪ اللذي نّزل الفرقان“ لکيل آهي. اتي ڪاتب جو نالو شيخ محمد فاضل بن محمد به لکيل آهي. طاق جي کٻي ۽ ساڄي پاسي، مسجد شريف جي مڪمل ٿيڻ جي قطع تاريخ فارسي ۾ ڪاتب عبدالغفور جي لکيل آهي، جنهن جي عبارت مان تعمير جي مڪمل ٿيڻ جو هجري سال 1057هه نڪري ٿو. اولهه واري حصي جي ٻاهرئين پاسي قرآن پاڪ جي سورة فتح جو آخري رڪوع لکيل آهي. يعني ”لقد صدق الله رسوله الرويا بالحق“. اهو خط ثلث ۾ يعني ٽڪنڊن حرفن ۾ آهي، ۽ ڪاتب جو نالو سيد علي بن سيد عبدالقدوس مازندراني آهي. اهو ڪم شهنشاهه اونگزيب عالمگير جي زماني ۾ ٿيو ۽ هجري سال 1104 لکيل آهي. مسجد شريف جي محراب جي مٿان وري ساڳئي ٽڪنڊن اکرن ۾ سورة احزاب جي آيت لکيل آهي، ۽ ڪاتب جو نالو بنبو بن حسن لکيل آهي. وڏي گنبذ جي اندرئين پاسي سڄي گولائي ۾ وري سورة اسريٰ يعني ”سبحان اللذي اسريٰ بعبده“ لکيل آهي. اتي تحرير جو نمونو وري خط مثمن يعني اٺڪنڊن اکرن ۾ آهي ۽ ڪاتب جو نالو طاهر بن حسن لکيل آهي. ڪاتب طاهر ۽ بنبو ٻئي حسن جا فرزند هئا ۽ ترخان گهراڻي واري زماني ۾ مشهور ڪاتب ٿي گذريا آهن. سيد علي مازندراني، جنهن اولهه واري گنبذ جي ٻاهرين پاسي سورة فتح لکي آهي، سو ٺٽي جي مشهور خوشنويس مخدوم يوسف بن الياس جو شاگرد هو. انهن  سڀني خوشنويسن جو احوال ميرعلي شير قانع ٺٽوي پنهنجي مشهور ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾ ڏنو آهي. هڪ ٻيو ڪتبو، فارسيءَ ۾ اوڀر واري ايوان جي اندرئين پاسي لڳل آهي، جنهن ۾ مسجد شريف جي پٿر جي فرش هڻائڻ جو سال 1068هه لکيل آهي، ۽ فرش هڻائيندڙ نواب ميرجلال رضوي جو نالو، ان ۾ ڄاڻايل آهي. انهيءَ جو ڪاتب وري سيد عبدالله حسيني لکيل آهي، جنهن جو لقب ”نازڪ رقم“ ڄاڻايل آهي. هن تفصيل مان اهو به معلوم ٿيندو ته ان زماني ۾ سنڌ ۾ عربي خوشنويسي جا اهڙا به ماهر موجود هئا، جيڪي ٽڪنڊي ۽ اٺڪنڊي خط ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاري ٿي سگهيا. اهي ڳالهيون هڪ سياح لاءِ خاص توجهه رکن ٿيون.

کنهباٽين واري مسجد:

نصرپور شهر ۾ کنهباٽين جي محلي واري مسجد پنهنجي دور جو هڪ عاليشان نمونو آهي. هن مسجد شريف کي تعمير ٿئي اٽڪل ٽي سؤ ورهيه کن ٿي ويا آهن. هن مسجد جي خاص خوبي اها آهي جو ان کي تعمير ڪندڙ ماهر ڪاريگرن هوا جي گذر لاءِ ڀتين ۾ اندران ٽي بخارا ٺاهيا آهن، جنهنڪري اونهاري جي سخت گرميءَ واري موسم ۾ هيءَ مسجد تمام ٿڌي رهندي آهي. مسجد جون ديوارون اٽڪل چار پنج فوٽ ٿلهيون آهن. هيءَ مسجد پنهنجيءَ اڏاوت ۽ جوڙجڪ جي لحاظ کان سنڌ جي ماهر ڪاريگرن جي رٿا ۽ تعمير جو هڪ وڏو عمدو شاهڪار آهي. هيءَ مسجد فقير موسيٰ ٺهرائي هئي، ۽ سندس ئي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ اچي ٿي. مسجد جي تعمير ٿيڻ ۽ مرمت جو سال ڪتبي ۾ ڄاڻايو ويو آهي، تعمير وارو ڪتبو هن ريت لڳل آهي:

”اول بِنا ميان موسيٰ ولد ميان سومار سفيد باف تيار ڪرد، بتاريخ رمضان 1166هه“.

ابوالحسن مسجد:

ٻارهين صدي هجريءَ جي وچ واري دور جي هيءَ مسجد، مخدوم ابوالحسن جو مقام، ديهه اين 69، تعلقي نواب شاهه ضلعو شهيد بينظير آباد ۾ واقع آهي. هن جي اوڀر ۾ حاجي عمر سيٺار ڳوٺ، اتر ۾ 300 ميٽرن تي غلام حسين ڏاهري ڳوٺ، اولهه ۾ 11 ڪلوميٽرن تي دوست محمد ڀنڀرو ڳوٺ، نواب شاهه جو شهر هن جي اتر ۾، 35 ڪلوميٽرن تي ڏکڻ ۾ ابوالحسن مائينر آهي. هيءُ ماڳ، اتر ويڪرائي ڦاڪ 20، 30 260 ڊگريون، اوڀر ڊگهائي ڦاڪ 50، 16 680 ڊگرين تي آهي. هن جي ڊيگهه 40- 7 ميٽر، ويڪر 10- 6 ميٽر ۽ اوچائي 8 ميٽر آهي. هن جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون، ڪچيون سرون ۽ گارو استعمال ٿيل آهي. مسجد مستطيل آهي. مسجد کي اوڀر ۾ هڪ نوڪدار ونگ سان هڪ مستطيل چوڪاٺ ذريعي لنگهه ڏنو ويو آهي. مهاڙي وٽ ٽي کڻ ونگاوان مستطيل ۽ ٽي سڌا پانيل ٺهيل آهن. هر پاسو سادو ۽ درين سان آهي. ٻيڙ ٻني تي برجيون ٺهيل آهن. اڌ پيالي جهڙو ننڍو گنبذ، ڳچ (Drum) جي مٿان ٺهيل آهي. هن قسم جو گنبذ امير محمود خان مسجد ٺٽي ۾ ٺهيل آهي، جيڪو 1629ع ۾ ٺاهيو ويو هو. مسجد، ٻاهران گاري سان لنبيل آهي. حجرو اندر مستطيل آهي. هن کي اتر، ڏکڻ وارين ڀتين تي اونها کڻ ونگا (Recessed arch) پانيل ڏنل آهن. جڏهن ته اوڀر ۽ اولهه وارين ڀتين تي خصي ونگن (Blind arched) سان پانيل ٺاهيا ويا آهن. ڪنڊن تي ڪنڊ، جوڙ (Squinches) ٺاهي مقبري کي اٺڪنڊو ڪري مٿس ڳچ ٺاهيو ويو آهي. اندر به مسجد گاري سان لنبيل آهي. مسجد يارهين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري جي ٺهيل آهي، جو ابوالحسن جو مقبرو به انهيءَ سال سن 1165هه ۾ ٺاهيو ويو هو. هن وقت مسجد زبون حاليءَ جو شڪار آهي.

ڀاڻن واري مسجد:

هيءَ مسجد، نصرپور شهر جي قديم قبيلي
”ڀاڻو“ جي محلي ۾ آهي. اِها مسجد، ٽالپرن جي دور حڪومت ۾، ڀاڻو قبيلي جي سرنديءَ واري هڪ شخص، ارباب غازي خان ڀاڻو تعمير ڪرائي هئي. هيءَ مسجد پنهنجي تعمير جي فن جو هڪ عمدو مثال آهي. هن جي اڏاوت ۾ پڪيون سنهيون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. غازي خان ڀاڻوءَ جڏهن وفات ڪئي ته، کيس وصيت، مطابق انهيءَ مسجد جي صحن ۾ مدفون ڪيو ويو.

ٻورڙيءَ واري مسجد ۽ روضو:

اسلامي دور جي هيءَ اڏاوت خيرپورناٿن شاهه کان 10 ڪلوميٽر تعلقو خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادو ۾ آهي. ٻُرڙن جي آباد ڪيل ٻورڙيءَ ۾ هڪ مسجد ۽ روضو ٺهيل آهي، جيڪي اٽڪل 260 سال کن پراڻا هوندا. يعني ڪلهوڙن جي دور جا ٺهيل آهن. جيڪا مسجد آهي، ان کي احاطو نڪتل آهي. ڏکڻ ۾ دروازو ڏنل آهي، جيڪو عام قسم جو آهي. مهاڙيءَ وٽ ونگن سان دروازا ٺهيل آهن، جيڪي اندر ٽن ڪمرن ۾ کلن ٿا. هرکڻ جي مٿان گنبذ ڏنل آهي. مسجد جي ٻيڙ ٻني تي ڪنگرا ٺهيل آهن. ڪنڊن وٽ ڪنڊ جوڙون (quinches)  ٺهيل آهن، جيڪي ڪمري کي اٺڪنڊو ڪن ٿيون، جن مٿان گنبذ ٺهيل آهي. مهاڙيءَ جو وچون حصو، ٻين حصن کان اوچو آهي. اندران مسجد ٽن حصن (Bays) ۾ ورهايل آهي، جن تي وڏيون ونگون نڪتل آهن. اندر پيل پاوا ٺهيل آهن. حجري جي مک وچين ڪمري ۾ محراب ٺهيل آهي. اندران توڙي ٻاهران ڌنڌلا چٽ بيٺل اٿس. روضو مسجد جي اتر ۾ ٺهيل آهي، جيڪو چوڪنڊي رٿَ جو آهي. روضي جي مهاڙي اوڀر طرف آهي. جنهن ۾ ونگن سان ننڍو در لڳل آهي. دروازي جي اندرئين پاسي برجن وانگر واڌوڙا آهن. لنگهه کي دروازو ڏنل ڪونه آهي. لڳي ٿو ته تعمير جو ڪم اڌ ۾ روڪيو ويو آهي. جنهن جي مٿان گول گنبذ اڏيو ويو آهي. ڪمري جي ٽن پاسن کان کڻ ونگاڻل جارا ٺهيل آهن. روغني چٽ حاشي، ڪارنس ۽ گنبذ جي اندران پسي سگهجن ٿا. مقبري جي وچ تي 3 قبرون ٺهيل آهن، جن جي مٿان خوبصورت ڪاٺ جون ڇٽيون ٺهيل آهن. هن مقبري جي اڏاوت جي خاص وصف مهاڙي ۾ ٻاهران ڏنل وڏيون ڪوٺيون آهن، جن تي کڻ ونگون لنگهه واري پاسي ڏنل آهن، جيڪي ٻين مقبرن ۾ ڪونه ٿيون نظر اچن.

مدرسي واري مسجد:

هيءَ مسجد، پراڻي زماني ۾ پهريائين قاضي ميان مقبول ٺهرائي هئي، ان جي ڀرسان قاضي صاحب جو مدرسو پڻ هو. قاضي ميان مقبول جي وفات کان پوءِ، اها مسجد ويران ٿي وئي ۽ زبون ٿي ڊهڻ لڳي. مولانا عبدالحق ربانيءَ کي سنه 33- 1932ع ڌاري قاضي خدابخش نصرپور وٺي آيو هو ۽ قاضي ميان مقبول واري مسجد ۽ ان جي ڀرسان واريون جايون کيس مدرسي ”مظهرالحق“ جي لاءِ حوالي ڪيون هيون. مولانا ربانيءَ ان ويران مسجد کي نئين سر تعمير ڪرائي، ان جي ڀرسان ”مظهرالحق“ مدرسو قائم ڪيو. هن وقت، هيءَ مسجد، مدرسي واري مسجد سڏجي ٿي.

ٽن قبن واري مسجد:

هيءَ مسجد، ڳوٺ ستار ڏني شاهه، جاتي، سجاول رستي تي بيگنا شهر کان هڪ ڪلوميٽر اتر طرف واقع آهي. هي ڳوٺ اڻويهين صديءَ ۾ چڱو آباد هو. ڪڇ کان ايندڙ قافلا هتي ترسندا هئا يا ڪڇ کان لاهيارا اچي هتي رهي، پوءِ سنڌ يا ڪڇ ڏي واپس ويندا هئا. هيءُ ڳوٺ، باغات ڪري به مشهور هو. هتي دڙن کان سواءِ هڪ مسجد بچي آهي، جنهن کي ٽي قبا ڏنل آهن ۽ زبون حال آهي. تعميرات جو نمونو ٻڌائي ٿو، ته اها ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺهي هوندي.

جامع مسجد ڀاوندا لاکا:

هيءَ مسجد سڳوري، قنبر شهر جي اُتر ۾ 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ ڀاوندا لاکا ۾ واقع آهي. هن مسجد جو بنياد، ڪلهوڙا دؤر سان واسطو رکندڙ هڪ علمي، ادبي ۽ مذهبي شخصيت ميان حال الله ڪلهوڙي رکيو. ميان حال الله ڪلهوڙو پنهنجي دؤر جو ولي الله، صاحبِ ڪرامت ۽ بهترين خطاط هو، هن مسجد سڳوري اندر اُن وقت 2 سؤ نمازي، فرض نماز ادا ڪري سگهندا هئا. بعد ۾ ڪافي ڀيرا مسجد جي مرمت ڪري وڌايو ويو آهي. هن وقت 4 سؤ کان وڌيڪ ماڻهو نماز باجماعت ادا ڪري سگهن ٿا ۽ مسجد جي صحن ۾ به 5 سؤ کان وڌيڪ ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. هيءَ مسجد گاري ۽ گچ سان تعمير ڪئي وئي هئي. اڳوڻي دؤر جي سٺي چٽسالي ۽ اُڪر جو ڪم به  مٿس ڪيو ويو هو، هاڻي نئين مسجد کي پڪو ڪري تعمير ڪيو ويو آهي. ميان حافظ لقمان ڪلهوڙو، هن مسجد جو متولي ۽ سنڀاليندڙ آهي. ڪلهوڙا گهراڻي سان تعلق رکندڙ نوجوان اسڪالر دين محمد ڪلهوڙي جي تحقيق مطابق: هن مسجد ۾ ڪلهوڙا گهراڻي سان تعلق رکندڙ ڪاتب ۽ خطاط، قرآن مجيد جا قلمي نسخا ۽ ٻيا علمي ۽ فقهي ڪتاب، بخوبي سهڻن اکرن ۾ ڪتابت ڪندا هئا. ۽ اهو سلسلو ڪلهوڙا دؤر کان انگريز دؤر تائين باقاعده هلندڙ هو. ورهاڱي کان پوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو. هن وقت مسجد جي ڀر ۾ هڪ حجرو تيار ٿيل آهي، جتي ڳوٺ جا ٻارڙا قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪندا آهن.

جامع مسجد نصرپور:

نصرپور شهر ۾، هن موجوده وقت ۾ عالماڻين واري محلي ۾ هيءَ جامع مسجد موجود آهي. هن مسجد شريف تي نصرپور شهر جي ماهر ڪاشيگرن جو نهايت ئي نفيس ۽ عمدو ڪم ٿيل آهي. هيءَ مسجد شريف سن 1338هه مطابق 1920ع ۾ جڙي راس ٿي. هن مسجد ۾ مشهور عالم ۽ خلافت تحريڪ جو سرڪردو ڪارڪن مولانا قاضي ميان تاج محمد امامت جا فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ مولانا قاضي عبدالرحمٰن (رابع) پيش امامي ڪندو هو. ان کان ڪجهه وقت اڳ ۾، مولانا عبدالحق رباني ۽ حڪيم قاضي ميون احمد به هن مسجد ۾ خطيب ۽ پيش امام رهيو.

ٺَٽُ مسجد:

جيڪب آباد ۾ هيءَ مسجد خان آف قلات خداداد خان، اندازاً 1842ع ۾ جوڙائي هئي، ۽ جڏهن انگريزن جي حڪومت آئي ته هيءَ مسجد فوج جي رهائشگاهه ٿرڊ فيملي لائين جي حد ۾ شامل ٿي وئي. اڳتي هلي ٿرڊ فيملي جي نالي پٺيان ان جو نالو بدلجي ”ٿرڊ“ مان ”ٺَٽُ“ مسجد پئجي ويو، جيڪا تقريباً ٻه صديون گذرڻ باوجود به صحيح ۽ سالم حالت ۾ موجود آهي ۽ شهر جي وڏين مسجدن ۾ شمار ٿئي ٿي. ان کان سواءِ شهر جي وڏين مسجدن ۾ پير بخاري مسجد، ڪبوتر مسجد ۽ سيد علي نواز شاهه مسجدون به شامل آهن.

مائي خيري واري مسجد:

نصرپور شهر جي وچان وهندڙ شاخ
”شاهه واهه“ جي الهندي ڪناري تي، مائي خيري هڪ مسجد جوڙائي هئي. هن وقت اِها مسجد شهر جي اتر ۾، متعلوي (مٽياري) ساداتن جي حويليءَ جي ڀڪ سان آهي. چون ٿا ته اصل ۾ هيءَ مسجد مائي خيريءَ پنهنجي مرشد، سيد اسحاق بخاريءَ کي نذراني ۾ تعمير ڪرائي ڏني هئي ۽ اها هن وقت
”مائي خيري“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ اچي ٿي. سيد اسحاق شاهه بخاريءَ متعلق روايت آهي ته پاڻ اصل ۾ حيدرآباد جو رهاڪو هو. بعد ۾ اتان لڏي، نصرپور شهر ۾ اچي پنهنجي حويلي ٺاهي ويهي رهيو. مائي خيري، شاهه صاحب جي وڏي عقيدت مند هئي. سيد اسحاق شاهه جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس اولاد نصرپور شهر مان لڏي ويو، جنهنڪري ڪجهه وقت لاءِ هيءَ مسجد شريف بلڪل ويران ٿي وئي هئي. بخاري سيدن جون حويليون اڄ تائين هن مسجدن جي ڀرسان قائم آهن. هيءَ مسجد، آڳاٽي زماني جي طرز تي تعمير ٿيل آهي. مسجد جي اڏاوت ۾ سنهيون ۽ پڪيون سرون ڪتب آندل آهن. مسجد جون ڀتيون ٿلهيون ۽ موڪريون ٺهيل آهن. ڇت ۾ ڪاٺ جون پٽيون ۽ کجيءَ جا ڦرها استعمال ڪيل آهن. اٽڪل سٺ (80) سال ٿيندا جو محمد دائود نالي گراڻي ان ويران مسجد جي نئين سر مرمت ڪرائي. مسجد جي پراڻين ديوارن کي ساڳيءَ نموني ۾ برقرار رکيو ويو. باقي پراڻي ڇت ڪڍي، ان جي جاءِ تي جديد نموني ۾ لوهه جا گارڊر ۽ ٽيئر استعمال ڪيا ويا آهن ۽ ڇت ۾ ڪاشيءَ جون سهڻيون ۽ نفيس سرون ڪم آنديون ويون آهن.

مسجد شريف ۾ نمازين جي وضوع ڪرڻ واري جاءِ وٽ هڪ ننڍڙو پارڪ به رکيل هو. انهيءَ پارڪ ۾ وقت جو وڏو درويش ۽ ولي ڪامل اسمٰعيل درس به مدفون آهي.

پير جي ڳوٺ واري مسجد:

پيرڳوٺ، راشدي سيدن جو هڪ تاريخي ۽ مشهور ڳوٺ آهي. هن کي شاهه جو ڳوٺ به سڏيو ويندو آهي. هن ڳوٺ جا راشدي پير مشهور حڪيم ٿي گذريا آهن. طب جي حوالي سان هن ڳوٺ کي ننڍڙو ”يونان“ پڻ سڏيو ويندو هو. هتي راشدي خاندان جي بزرگ حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي جي ڀاءُ، پير سيد مرتضيٰ علي شاهه عرف پکين واري شاهه هڪ ٽن گنبذن واري مسجد جوڙائي، جنهن کي اٽڪل ٻه صديون ٿيڻ واريون آهن. مسجد جي تعمير جو سن فارسي ڪتبي جي صورت ۾ پٿر تي اڪريل آهي، جيڪو اندر محراب جي مٿان لڳل آهي، جنهن مان مسجد جي ٺهڻ جو سال 1228هه نڪري ٿو.

محراب واري مسجد:

هالاڻي شهر ۾ قومي شاهراهه جي اتر طرف هندن جي مندر جي ڀرسان هڪ پراڻي خسته حال مسجد، ڪلهوڙن جي پوئين دور جي يادگار آهي. ميان عبدالنبي خان جو ٽن پشتين کان محراب خان جتوئي جدي پشتي ڪنجڪي هو. ڪلهوڙن، فياضي ڪري، محراب واهه سندس نالي، خدمتن جي صلي ۾ کوٽرائي ڏنس. ان تي سيراب ٿيندڙ سموري زمين جاگير طور مليس. محراب خان پنهنجا ٽڙيل پکڙيل جتوئي گڏ ڪري، محراب پور شهر آباد ڪيو  ۽ اتي مسجد به جوڙائي، جيڪا خدا آباد واري مسجد جو نعم البدل آهي.

هن مسجد کي اڪثر ڪري محراب واري مسجد به ڪوٺيو ويندو آهي. اصل ۾ هن کي محراب واري مسجد ان ڪري به سڏجي ٿو، جو هن مسجد جي تعمير ڪندڙ ماهر ڪاريگر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، مسجد جي محراب ۾ هڪ عجيب زار رکيو آهي. مسجد جي محراب اندر اٽڪل ساڍن چئن فوٽن جي اوچائيءَ تي گول ننڍا سوراخ ٺاهيا هئا. هڪ اتر طرف، ٻيو وري ڏکڻ پاسي هو. هن وقت زماني گذرندي اهي سوراخ ڊهي پورجي چڪا آهن. محراب جي انهن سوراخن مان رمضان المبارڪ جي اوڻٽيهينءَ جو چنڊ سولائيءَ سان ڏسي سگهبو هو. اهي سوراخ موسم جي لحاظ سان ڪتب ايندا هئا. اترئين سوراخ مان اونهاري ۾، ته ڏاکڻي سوراخ مان سياري جي مند ۾ چنڊ سولائيءَ سان ڏسڻ ۾ ايندو هو. مسجد جي اڏاوت ۽ ساخت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ مسجد به ڪلهوڙن واري خداآباد جي همعصر آهي. بهرحال هن مسجد تي اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي.

محراب واري مسجد ڏسڻ ۾ تمام وڏي اچي ٿي. پهريان چار ڏاڪا چڙهڻ لاءِ آهن، جيڪي لنگهه واري ونگائتي دروازي وٽ پهچائين ٿا. مهاڙي سٺي نموني سينگاريل آهي، دروازي وٽ 298 س- م آهي، جيڪا مٿي نوڪدار ڏسجي ٿي. ونگن ۾ چوڪنڊا پانيل ٺهيل آهن، انهن پانيلن ۾ 4.4 انچ جو دروازو لڳل آهي. مسجد چوڪنڊي رٿيل آهي، مُهاڙي 9. 17 فوٽ چورس ماپ رکي ٿي. مهاڙيءَ ۾ تري کان وٺي مٿي تائين ٻيڙ ٻني وٽ ماپ اوچائيءَ ۾ 6. 15 فوٽ اٿس. لنگهه وارين ڀتين جي ٿولهه 4 فوٽ آهي. گنبذ اٺڪنڊو ٺهيل آهي. گنبذ جا پاسا گهڻو ڪري سڌا آهن. صحن ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، جيڪو ٽن پاسن کان بند آهي. چوڌاري ڀتيون ڏنل آهن. صحن 6. 56 فوٽ ويڪرو ۽ 9. 58 فوٽ ڊگهو آهي، جيڪو پڪين سرن سان فرشيل آهي، صحن کان پوءِ مسجد جي حجرن واري مهاڙي وٽ اچبو، انهيءَ مهاڙي ۾ ونگون آهن. مهاڙي خوبصورت اٿس. 80 وچ وارو حصو ٻن حصن کان وڏو آهي، جنهن جي اوچائي 6- 31 فوٽ ۽ ويڪر 6. 14 فوٽ آهي. پاسن وارا حصا 9. 24 فوٽ اوچاءِ 10 فوٽ ويڪرا اٿس. ٽنهي حصن تي ننڍڙا ڪنگرڙا ۽ ٻيون شيون سونهن لاءِ رکيل آهن. اندر مسجد ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل آهي، جنهن کي 18 ڏاڪا آهن. محراب 1975ع ۾ هنڌان هنڌان ڏري پيو، جنهنڪري ان جي مرمت ڪرائي وئي. ان مرمت ۾ مسجد جو اصل روپ ضايع ٿي ويو آهي، پر اصل اڏاوت باقي آهي.

ٿنڀن واري مسجد:

ٿنڀن واري مسجد، تعلقي ميرپور ساڪري جي تپي گهاري، ديهه کيبراڻيءَ ۾ آهي. ڀرپاسي ۾ درياء پير، ڳاڙهي دڙي ۽ راڄ ملڪ قبرستان سان گڏ ماڙي موراڙو نالي کنڊر به آهي. درياء پير کان ڪي ميل اتر ۾ ”ٿنڀن واري مسجد“ آهي، جنهن کي ظاهري طور قابلِ ذڪر اهي ٻه ٿنڀا آهن، جيڪي مسجد ۾ لڳل آهن. انهن جو گهاڙيٽو، مڪليءَ جي قبرستان ۾، ڄام نظام الدين سمي جي قبر مٿان ٺهيل ڇٽين جي ٿنڀن سان هڪ جهڙائي رکي ٿو، هتي ٺڪراٺو به جام آهي، جيڪو پري پري تائين پکڙيل آهي. ڀرپاسي جا ماڻهو ماڙي موراڙو نالي کنڊرن کي ڀڙج ذات جي ماڻهن سان نسبت ڏين ٿا. جڏهن ته ماڙي موراڙي ۽ ٿنڀن واريءَ مسجد جي وچ ۾ ميل ڏيڍ جو پنڌ آهي. راڄ ملڪ قبرستان هن مسجد کان فقط 7-8 ميل اوڀر ۾ آهي. روايت آهي ته اها مسجد پڻ ڀڙج ذات جي ماڻهن ٺهرائي هئي. اڄڪلهه ميرپور ساڪري لڳ ڀڙج ذات جي ماڻهن جا ڪي ٿورا گهر وڃي بچيا آهن. ٿنڀن واري مسجد جي ٻاهرين ڊيگهه ۽ ويڪر 35 فوٽ ۽ ساڍا ٽيهه فوٽ آهي. اولهه ۾ چوڪور محراب اٿس، ديوار ست اٺ فوٽ هئي، ٿنڀو ٽن حصن ۾ آهي، بنياد لڳ ڀڳ ڏيڍ فوٽ جو آهي، ٿنڀو ساڍا پنج فوٽ آهي، ۽ باقي مٿي ڇت کي جهليندڙ حصو آهي. ٿنڀن واري مسجد وارو ماڳ سال 1992ع ۾ اوقاف کاتي جي حوالي ٿي چڪو آهي.

ٻني ٿل مسجد:

هيءَ مسجد، جوهي تعلقي جي ڳوٺ شاهه حسن کان 5 ميل پري منڇر ڪنڌيءَ تي 09، 34، 67 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ، 9، 24، 26 اتر ڊگهائي ڦاڪ تي، سيوهڻ کان 30 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ديهه ٻني ٿل ۾ موجود آهي. هيءءَ مسجد شريف، 19 هين صدي عيسويءَ جي شروعاتي ڏهاڪي جي ٺهيل نظر اچي ٿي. مسجد ۾ لنگهه جو دروازو اوڀر طرف ڏنل آهي. نماز وارو ڪمرو 105 - 10x ميٽر ماپ جو آهي ۽ رٿ ۾ مستطيل آهي. ٻيڙ ٻني تي هر ڪنڊ تي هڪ برج آهي، ڪل چار برجيون ڏنل آهن. مهاڙي پانيلن تائين چٽيل آهي. لنگهه توڙي نمازي ڪمري وارا لنگهه ونگاوان آهن. اولهه طرف محراب ٺهيل آهي. اندران اولهه طرف ٻه روشن دان (هوادان) (Ventilater) آهن. ڇت سڌي نموني چٽيل آهي. مسجد اندران ٻاهران چٽيل آهي. اڱڻ ۾ ٻه قبرون ٺهيل آهن، جن مان هڪ مسجد جي ٺاهيندڙ رازي جي چئي وڃي ٿي. اندر گل ٻوٽا سادن سهڻن رنگن ۾ ٺهيل آهن.

مددي ڪتاب

(1) سنڌ جا جهونا شهر، عبدالرحمٰن علي محمد سومرو

(2) لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ- ڊاڪٽر غلام علي الانا

(3) لاڙ جو مطالعو- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

(4) صناديدِ سنڌ، مولوي محمد شفيع

(5) ڪوهستان جو سفر، بدرابڙو

(6) سنڌ جا قديم آثار، مترجم- عطا محمد ڀنڀرو

(7) مير محمد معصوم بکري، سيد حسام الدين شاهه راشدي

(8) تاريخ مٽياري، قاضي مقصود احمد

(9) خدايار خاني ميان سرفراز خان عباسي، مرزا عباس علي بيگ

(10) تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

(11) سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سيد حاڪم علي شاهه بخاري

(12) تاريخ سکر، مولائي شيدائي

(13) سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (جلد 1-2)، اشتياق انصاري

(14) سامي سفر هليا، مخدوم غوث محمد گوهر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org