”تحفهء احباب“ ماهوار رسالو هو، جنهن کي
محمد هاشم ”مخلص“ باقاعده سان طرحي سٽ
ڏئي طرحي مشاعرا شروع ڪيا، ”هي پهريون
رسالو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ باقاعده
مشاعري لاءِ طرحون ڏنيون وينديون هيون،
جنهن تي شاعر پنهنجا غزل لکي موڪليندا
هئا، جي تحفهء احباب جي ”بزمِ مشاعرا“
جو سينگار ٿيندا هئا. مخلص محمد هاشم
پهريون شاعر صحافي هو,
جنهن باقاعده طرحي اخباري مشاعري جو
بنياد وڌو.
تحفهء احباب جي ڪن مشاعرن جون طرحون
هي هيون:
-
عجب احوال ٿيو گل بيرهن جي ياد ۾ دل
جو
(آگسٽ 1904ع)
-
ٿي ڏسي مدت کان تنهنجو عارض پُرنور
شمع. (سيپٽمبر 1904ع)
-
گوش دل جي ساڻ ٻڌ تون داستان اهل
درد.
(آڪٽوبر 1904ع)
”بهارِ اخلاق“ رسالو جيڪو اسدالله
شاهه گدا ٽکڙائي جي نگرانيءَ ۾ شايع
ٿيندو هو. ان رسالي ۾ به طرحي مشاعرن
کي هٿي وٺرائي، سندس هر شماري ۾ مصرع
طرح مشاعرو شايع ڪيو ويندو هو. مير
علي نواز علوي به اهڙن طرحي مشاعرن ۾
ڀرپور حصو ورتو. رسالو ”بهارِ اخلاق“
جي هڪڙي شماري ۾ هڪ مصرع طرح: ”هجر
تنهنجي يا نبي مون کي پريشان آهه
ڪيو.“ ۾ مير علي نواز علوي سان گڏ
شڪارپور جي هڪٻئي شاعر امام بخش خادم
بدوي جي مصرع طرح تي طبع آزمائي ٿيل
آهي. هت مير علي نواز علوي جي مصرع
طرح مان نمونو ڏجي ٿو:
”هجر تنهنجي يا نبي مون کي پريشان آهه
ڪيو،
درد دوري جي نهايت سخت حيران آهه ڪيو،
وصف تنهنجي خلق جي، هي خلق عاجز ڇا
ڪندي،
شان ۾ نازل تنهنجي، الله قرآن آهه
ڪيو،
ڇا ڪريان تعريف تنهنجي سلطنت جي
سرورا،
رب اوهان جي در سندو جبريل دربان آهه
ڪيو
”هن دؤر ۾ مير علي نواز علوي سان اڪثر
اهي شاعر گڏ هئا، جن فارسي شاعريءَ ۾
ساڻس حصو ورتو هو. هن دؤر ۾ سنڌ سڌار،
معاون الاسلام ۽ مجمع محمدي اخبارن
سنڌي شاعريءَ کي جديد فني طرز ۽ اطوار
سان عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ٻئي طرف
سنڌي رسالن به ان ڏس ۾ اهم ڪوششون
ڪيون. هن دؤر جا شاعر هڪ ٻئي جي ڪلام
جو ”تتبع“ ڪندا هئا يا ڪنهن ”مصرع
طرح“ کي خوشيءَ سان قبول ڪري ان تي
طبع آزمائي ڪندا هئا
مير علي نواز علوي توڙي امام بخش خادم
بدوي جي مصرع طرح تي لکيل ڪلام کي
ڏسندي، ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائجي ٿو
ته هتي ٻنهي شاعرن مصرع طرح سٽ کي شروع
۾ ئي استعمال ڪيو آهي. حالانڪه اڳتي هلي
انهيءَ طريقه استعمال کي ڪلام جي پهرئين
بند کي ڇڏي، وچ ۾ يا هيٺ رکڻ موزون
سمجهيو آهي.
مير علي نواز علوي جو اڪثر ڪلام نعتيه
آهي. سندس غزلن ۾، نعتيه رنگ موجود آهي.
حالانڪه غزل جو اهو فارسي دؤر گل و بلبل
جو دؤر هو. ڪافيون هجن، ڏوهيڙا، بيت،
نظم، مخمس، مسدس، مثنوي سڀ ۾ نعتون
مليون آهن. شبِ معراج واقعي بابت مير
علي نواز علوي ۽ مرزا قليچ بيگ جو تتبع
ڪلام مليو آهي. هتي مان هڪ ڳالهه ياد
ڏيارڻ ضروري ٿو سمجهان ته تتبع ڪلام ۽
مصرع طرح ۾ اهو فرق آهي ته تتبع ڪلام
قافيه، رديف ۽ وزن کي سامهون رکي لکيو
ويندو آهي، ۽ جڏهن ته مصرع طرح ۾ مٿين
ڳالهين کان علاوه ڏنل سٽ کي شاعري ۾
پهرئين بند کي ڇڏي ڪٿي به مناسب جڳهه تي
استعمال ڪري سگهجي ٿو. مرزا قليچ بيگ
توڙي مير علي نواز علوي معراج واقعي
بابت ڪيل نعت ۾ تتبع طبع آزمائي ڪئي
آهي، مير علي نواز علوي جي تتبع ڪلام
مان نمونو حاضر آهي:
مرحبا مرسل سندي معراج واري رات اڄ،
آهي پنهنجي ربّ ڏي رهبر جي تياري رات
اڄ،
عرش کان هن فرش تائين آهه روشن سڀ جهان
ٿي وسي رحمت سندي برسات ساري رات اڄ،
مسجد الاقصيٰ ۾ گڏ ٿي انبيا سڀ ٿا چون،
ٿي اچي سرور اسان جي، جي سواري رات اڄ
شيخ سعدي جي شهرت يافته لکيل نعت
”بلغ العليٰ بڪمالہ“ کان پوءِ هڪ ٻئي
بزرگ شاعر، مصنف، وقت جي جيّد عالم
مولوي عبدالغفور”مفتون“همايوني جي نعت
”مان نه رڳو“ کي به وڏي پذيرائي ملي.
سندن ان نعت تي سوين تتبع ڪلام لکجي چڪو
آهي. ”سنڌي ۾ نعتيه شاعري“ ڪتاب جي مصنف
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڪيترو تتبع
ڪلام مولانا همايوني جي نعت تي لکيل
پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، ويجهڙائيءَ
۾ عبدالجبار عبد سومري جو مرتب ڪيل ڪتاب
”حيران هزارين“ ۾ اٺاويهه شاعرن جو تتبع
ڪلام سندن تعارف سان شايع ٿيو آهي. مير
علي نواز علوي به ساڳئي ڪلام تي تتبع
شاعري ڪئي آهي. سندن تتبع ڪلام جو نمونو
ملاحظه ڪيو:
تنهنجي حُسن سڄڻ حيران ڪيا،
انسان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي شان برابر شاهه نه ڪو،
تنهنجي سونهن سندو مٽ ماهه نه ڪو،
تنهنجي خيال کان خالي ساهه نه ڪو،
خواهــــــــان هــــــزارين
مـــــــان نه رڳو
مير علي نواز علوي جو تتبع ڪلام به
مولانا مفتون همايوني جي طرز تي هو. مير
علي نواز علوي، مولانا همايوني جي سڄي
نعت مان، هن آخر ۾ سندن سٽ ”قربان
هزارين مان نه رڳو“ ملائي آهي، ان ڪري
چئي سگهجي ٿو ته مير علي نواز علوي ان
تتبع نعت کي مصرع طرح جي رنگ ڏيڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا هڪ گڏيل ڪوشش آهي.
مير علي نواز علوي جي تتبع ڪلام جو آخري
بند ملاحظه ڪيو:
ناهي علوي هڪ مفتونُ تنهنجو
آهي عالم سڀ ممنُون تنهنجو
ٿيو جاني جڳ مَرهُون تنهنجو،
قربـــــــان هزاريــــــــن مان نه رڳو
اياز حسين قادري ”سنڌي غزل جي اوسر“
صفحي 209 تي لکي ٿو ته:
”سري جي شاعرن مولوي عبدالغفور مفتون
همايوني ۽ مير علي نواز علوي شڪارپور جا
غزل جن جو قافيو زباني،رواني، جواني ۽
رديف جاني هو، سڄي سنڌ ۾ نهايت مقبول
ٿيا، جنهن تي استاد شاعرن قليچ، سانگي،
گدا، مرتضائي ۽ ٻين شاعرن جوابي غزل
لکيا.
مير علي نواز علوي جي اها تتبع شاعري
ملاحظه ڪيو، جنهن ۾ نعتيه رنگ موجود
آهي. مير علي نواز علوي جو ساڳي تتبع تي
ٻه نعتون ملن ٿيون، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون:
ڪونهي ڪونين ۾ تنهنجو ٻيو ثاني جاني
نور تنهنجي ۾ پرين نور خُدا جو روشن
شان تنهنجي ۾ عيان شان رباني جاني
سارو عالم تنهنجو مفلوڪ تون مالڪ ڪل جو،
سر تـــــــي ســــــــالار تنهنجي ڇتر
شهاني جاني
ٻي تتبع نعت جو مثال ڏجي ٿو:
حسن تنهنجي جي عجب آهي ڪهاني جاني،
تون آهين مظهر انوار حقاني جاني،
حسن تنهنجي جو مٺا محب نه مٽ ٿي مهتاب،
سونهن تنهنجي سڄڻ شمس نه ثانـــــــي
جانــــــي
مير علي نوا زعلوي هڪ عالم شاعر هو،
جنهن جي شاعري ۾ زماني جي رنگيني مات
کاڌي ۽ سندن شاعريءَ ۾ عشق رسول صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جو جذبو نروار آهي،
جنهن جو سندن ذاتي زندگيءَ تي گهرو اثر
موجود آهي.
مير علي نواز علوي گهڻ رُخي شخصيت جو
مالڪ هو. هُو اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار
رکندڙ، سندن ڳالهائڻ ۾ نرمي ۽ ميٺاج،
خوش مزاجي، ملنساري ۽ جذبه ايثار جو
نمونو هو. سندن خوبين ۽ خاصيتن جو هرڪو
پرستار هو.
ذاتي رهڻي ڪهڻي ۾ شاهاڻو مزاج موجود هو،
پر سادگيءَ ۾ ئي پنهنجي سچائي ۽ فوقيت
سمجهندو هو. جنهنڪري سندن ذاتي زندگيءَ
۾ مشرقي تهذيب جي جهلڪ نمايان هئي. هو
شڪارپور جي ترقي$
لاءِ هميشه ڪوشان رهيو، سندن ڪهڙين
ڪهڙين خوبين جو ذڪر ڪجي، هو مثالي شخصيت
هو. اهڙا شخص صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن،
دعا آهي ته الله تعاليٰ کين جنت ۾ جڳهه
نصيب ڪري آمين.