سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:7 

ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

تاريخ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز-3

(پيغام لطيف ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو تصور)

سائين جي.ايم.سيد هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”ڊسمبر 1924ع جي آخر ۾ برادرم ميران محمد شاهه مرحوم ۽ آءٌ گڏجي ڀٽ شاهه تي زيارت لاءِ وياسون، تنهن کان پوءِ ته ٻئي سندس (شاهه عبداللطيف) شيدائن جي قطار ۾ داخل ٿي وياسون).“ (سيد، 1968ع، ص 23)

ميران محمد شاهه

Text Box: ميران محمد شاهه

 

                                                    

  مير محمد  شاهه                                                    سائين جي.ايم سيد

ان کان پوءِ سائين جي.ايم.سيد جو سيد ميران محمد شاهه سان ڀٽ ۽ ڀٽائيءَ کي متعارف ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ميڙا مچائڻ، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ماڻهن کي گهرائي شاهه صاحب جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ واري حوالي سان جيڪو دامني سخني سهڪاري رهيو ان جو هن کان اڳ تفصيل سان ذڪر ٿي چڪو آهي.

شاهه صاحب جو صوفيانو فڪر هر دؤر ۾ انسان ذات جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندو رهي ٿو، بغير ڪنهن ذات پات ۽ مذهبي فرق جي ان محبتي مَدَ جا ڪيئي متوالا آهن. سائين جي.ايم.سيد جڏهن ان ميدان ۾ پير پاتو ته اهڙن ڪيترن ئي ساٿين سان سندن ملاقات ٿي. پاڻ لکي ٿو:

”1925ع کان جڏهن ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ ۾ زياده رهڻ جو موقعو مليو، تڏهن کان آءٌ ٿياسافيڪل سوسائٽي ۾ وڃڻ لڳس، جتي معلوم ٿيم ته انهيءَ ميخاني جي مَدُ مان مون وانگر ٻيا به ڪيئي خماريل هئا.“ (سيد، 1968ع، ص 24)

انهن ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ وارن صحبتن جي اثر رنگ لاتو ۽ 1932ع ۾ ڀٽ ۽ ڀٽائيءَ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڀٽ شاهه تي، ٽن ڏينهن جو وڏو اهتمام ٿيو، (جنهن جو تفصيل اڳ اچي چڪو آهي). ان پروگرام ۾ سائين جي.ايم.سيد، دادا ڄيٺمل پرسرام، منگهارام ٽهلراماڻي ۽ لالچند امرڏنومل ۽ ٻين ڪيترن ڪراچيءَ جي دوستن کي وٺي آيو. اهڙي ريت ڀٽ ۽ ڀٽائيءَ کي متعارف ڪرائڻ جي شروعات ٿي.

اها ڪانفرنس 18- جون کان 21- جون تائين چار ڏينهن هلي، سائين جي.ايم.سيد پاران ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ ۽ هر وقت پروگرامن جي بهتريءَ بابت مختلف حوالن سان سوچيندو رهڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته ننڊ ۾ به کيس ڀٽائيءَ جو تصور نظر پئي آيو، اهڙي ڪيفيت جو ذڪر ڪندي سيد صاحب لکي ٿو:

”انهيءَ موقعي تي مون رات جو هيٺيون خواب ڏٺو، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف عليہ رحمت کي پري کان بيٺل ڏٺم، آهسته ٿي اها تصوير نزديڪ آئي، ان تي مون کين عرض ڪيو ته مهرباني ڪري خداشناسي جي راهه ڏسيو، جنهن تي پاڻ فرمايائين ته ان راهه ۾ توکي جذبه حب الوطني، مذهبي رواداري، سماجي ڀلائيءَ جا ڪم گهڻو مدد ڏيئي سگهندا ۽ پهرين سنڌ جي محبت ۾ متغرق ٿيڻو پوندو، پوءِ ساري عالم جي اتحاد امن ۽ سک لاءِ پاڻ پتوڙڻو اٿئي.“ (سيد، 1973ع، ص 39)

خواب ۾ ٿيل ان ديدار سائين جي.ايم.سيد جي اندر ۾ ڄڻ ته آنڌمانڌ مچائي ڏني، سماجي معاملن ۾ اڳ ئي دلچسپي وٺندي، خلق خدا جي سهوليت لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو، ان دوران ڊسمبر 1932ع ۾ سندس ڀٽ شاهه وڃڻ ٿيو ته درگاهه جي حاضري ڀري اتي هيٺ ذڪر ڪيل مقصدن لاءِ دعا گهريائين.

”خدا جا پيارا بزرگ، درگاهه خداونديءَ مان منهنجي هيٺين مقاصد جي حصول لاءِ دعا گهر:

(1) دنيا جي ظاهري جدا جدا مذهبن ۾ بنيادي وحدت سمايل آهي. جنهن جو مقصد انسانذات ۾ محبت، اتحاد، سک سلامتي آڻڻ آهي. انهيءَ حقيقي سبق کي وساري ماڻهو فرقه بنديءَ ۾ ورهائجي ويا آهن. جنهنڪري دنيا ۾ نفاق ۽ فساد پکڙجي ويو آهي، تو ڪثرت پويان وحدت ڏسي ان جو پرچار ڪيو آهي. مون کي توفيق ڏياراءِ ته ان راهه تي هلي محبت ۽ امن جو آواز ڪڍندو رهان.

(2) دنيا جي مغربي ملڪن جون قومون استعمال غرضيءَ خاطر مشرق جي ڪمزور قومن کي غلام رکيو ويٺيون آهن. مساوات ۽ آزادي، هر جنم ۽ قوم جي فرد جو حق آهي. تو مارئي جي روپ ۾، عمر جي قيد مان آزاد ٿيڻ جون دعائون گهريون آهن. هي ڪروڙها ماڻهو ڏاڍ ۽ ظلم جي چنبي ۾ گرفتار آهن تن جي آزاديءَ لاءِ دعا گُهرُ ۽ مون کي درگاهه الاهي مان دعا گهري طاقت عطا ڪراءِ ته ڏاڍ ۽ ظلم خلاف لڙندو رهان.

(3) انساني عقل هزارها سالن جي مسلسل ڳولا ۽ کوجنا جي باوجود ڪائنات جي اونهن اسرارن، حقيقي رازن ۽ صحيح حقيقت کي پوريءَ طرح معلوم ڪري نه سگهيو آهي، اڃا منڊي ماڪوڙي وانگر کوهه مان اُڀ پيو ڪڇي. آءُ راهه حقيقت جو ڳولائو آهيان. مون کي حقيقي مال مان ماسو هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪر.

(4) دنيا امن جي عيوض مختلف ملڪن ۽ قومن جي باهمي اختلاف جو آکاڙو بنيل آهي. تو سڀ عالم آباد  ٿيڻ، سنگهارن جي سرهي رهڻ لاءِ دعائون گهريون آهن. مون کي توفيق عطا ڪراءِ ته دنيا جي اتحاد، امن ۽ سک لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهان، جيئن ماڻهو هڪ نظام ۾ شريڪ ٿي صحيح بين الاقوامي اداره قائم ڪن.

(5) دعا گهر ته آءٌ مٿي ذڪر ڪيل مقصدن جي حصول لاءِ جتي وڃان آواز اُٿاريندو رهان، جيستائين جيئرو هجان انهيءَ اصول تي قائم رهان. تو سنڌ جي سرسبز ٿيڻ لاءِ دعا گهري آهي، اها ڪافي نه آهي هر هڪ سنڌيءَ کي مذڪوره بالامقصد تي هلڻ لاءِ دعا گهر.“ (سيد، 1973ع، ص 38)

                                     سائين جي.ايم.سيد ڀٽائيءَ جي بارگاهه ۾

مذهبن جي بنيادي وحدت، عالم انسان جي محبت، اتحاد ۽ سک سلامتيءَ بابت سوچ ويچار ۽ ڪثرت پٺيان وحدت وارن مقصدن کي سمجهڻ لاءِ اڻتڻ واري ان ڪيفيت ۾، سيد صاحب شاهه جي رسالي جو وڌيڪ گهرائي سان مطالعو ڪيو، تڏهن رسالي ۾ سمايل نت نوان راز سندس اڳيان عيان ٿيا. ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي پاڻ لکي ٿو:

”مون کي آهستي آهستي ٿي پتو پوڻ لڳو ته انهيءَ ڪَشش ۾ شاهه صاحب جي صوفيانه ڪلام ۽ واقع نگاريءَ کان سواءِ ٻيا به ڪي اونهان راز سمايل هئا. اُنهن مان هڪ سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي ياد کي زندهه ڪرڻ جو مقصد هو، ۽ ٻيو سموريءَ انسانذات کي ملڪ، رنگ، ذات پات، مذهب ۽ فرقي جي تفاوت کانسواءِ محبت جي ڏوريءَ ۾ پوئڻ جو پيغام هو.“ (سيد، 1968ع، ص 24)

سنڌ جي شاندار ماضيءَ وارن قصن کي بيان ڪري زندهه ڪرڻ سان گڏ، بغير ڪنهن فرق جي سموري انسانذات کي وحدت واري سڳي ۾ پوئڻ واري پيغام سان انسانذات جي اتفاق، امن ۽ ترقيءَ واري تعليم ڏيڻ کان سواءِ پنهنجي قومي تشخص وارن قدرن جي حوالي سان شاهه صاحب جيڪي اعليٰ نشانيون ڇڏيون آهن، انهن طرف اشارو ڪندي، سائين جي.ايم.سيد لکي ٿو:

”شاهه صاحب سنڌ جي قديم سڀيتا جي مکيه روايتن، جهڙوڪ: حب الوطني، سرويچي، وفاداري، سخاوت، مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ، قومي حميت ۽ غيرت، رواداري، بي تعصبي ۽ همه گير محبت جو جهڙي طرح ذڪر ڪيو آهي، اهو مرده دلين کي به زندهه ڪري سگهي ٿو.“ (سيد، 1968ع، ص 25)

ڀلي جو شاهه جي رسالي ۾ ’سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار‘ واري تصور هيٺ سنڌ جي سرزمين ۽ ان جون اعليٰ روايتون، سورما ۽ سورميون ئي نشامبر ٿيل آهن، پر ان جي باوجود اها پڻ حقيقت آهي ته شاهه صاحب جي پيغام ۾ ”عالم سڀ آباد ڪرين“ جهڙو آفاقي تصور پڻ موجود آهي، رسالي ۾ موجود عالمِ انسانيت واري ان تصور طرف اشارو ڪندي سائين جي.ايم.سيد لکي ٿو:

”هر ملڪ، زماني، قوم ۽ مذهب ۾ ڪيترا اهڙا ماڻهو به پيدا ٿيا آهن، جن ذات پات، دين ڌرم، ملڪ ۽ قوم جي ويڇن کي وساري سموري انسانذات کي محبت جي ڏوريءَ ۾ سلهاڙي، متحد ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. اهڙا ماڻهو مصر، يونان، روم، هند، ايران، چين، عرب وغيره ملڪن ۾ پيدا پئي ٿيا آهن، جن ماڻهن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت ڏٺي هئي، ۽ ان ڪري ماڻهن کي حقيقت شناسي جو سبق پئي ڏنو شاهه لطيف به ان ڀاڳوان ۽ انسانيت جي محسن گروهه مان هو. سندس پيغام جو مقصد به اهوئي هو، جو نبي ڪريم حضرت مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم، حضرت موسيٰ عليہ السلام، حضرت عيسيٰ عليہ السلام، زرتشت، ڪرشن ۽ ٻين رهبرن ٻڌايو هو.“ (سيد، 1968ع، ص 26)

شاهه صاحب جي ان ٻٽي يعنيٰ قومي ۽ بين الاقوامي مرتبي جي مدِنظر سائين جي.ايم.سيد شاهه صاحب کي ايڏوئي وڏو درجو ڏيارڻ جو خواهان هو ته جيئن ان جي ڪلام منجهان رهبري حاصل ٿي سگهي. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي پاڻ لکي ٿو:

”هن زماني ۾، اسان جي معاشري ۾ نفرت، ناراضگي ۽ بدامنيءَ جي فضا پيدا ٿي آهي، انهيءَ اسان جي گهڻين قديم روايتن جا سبق وسارائي ڇڏيا آهن. تنهنڪري هن وقت اُن ڳالهه جي وڌيڪ ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ته شاهه جي پيغام کي گهر گهر پهچائجي.“ (سيد، 1968ع، ص 26)

مٿي ذڪر ڪيل پس منظر جي روشنيءَ ۾ سائين جي.ايم.سيد شاهه جي ڪلام جو گهرائيءَ سان مطالعو به ڪيو پئي ۽ سيد ميران محمد شاهه سان ڀٽ ۽ ڀٽائيءَ کي متعارف ڪرائن جي سلسلي ۾ ٿيندڙ مختلف ڪوششن ۾ پڻ هٿ ونڊائيندو پئي رهيو.

اهي جيڪي ابتدائي ڪوششون هيون انهن سان ئي اڳتي هلي شاهه صاحب جي ساليانو عرس جي موقعي تي باضابطه طور ادبي ڪانفرنسون ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ عالمي سطح جو وسيع تصور وارو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جُڙڻ وارو تصور پيش ٿيو ۽ اهو جامع تصور پيش ڪرڻ وارو سائين جي.ايم.سيد هو، جنهن پنهنجي ذاتي توڙي سياسي لاڳاپن کي ان ئي مقصد لاءِ ڀرپور نموني استعمال ڪيو.

اهوئي دؤر آهي جنهن ۾ سائين جي.ايم.سيد، شاهه عبداللطيف جي فن فڪر بابت نت نئين انداز سان روشني وجهڻ واري مقصد سان ’پيغام لطيف‘ جهڙو ڪلاسڪ نوعيت وارو ڪتاب لکيو پئي، ان ڪتاب ۾ سيد صاحب، شاهه عبداللطيف بابت پنهنجو جامع تصور اهڙو ته مدلل نموني پيش ڪيو، جنهن شاهه صاحب بابت پيش ٿيل اڳ وارن خيالن جو رُخ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ هر پڙهيو لکيو، شاهه صاحب بابت نئين انداز سان ويچارڻ تي مجبور ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي ڪو عام رواجي ڪتاب ڪونهي، پر هي ڪتاب اڳ ڪيل محققن واري پورهيي کان بنهه منفرد علمي بنيادن تي نت نئين معلومات پيش ڪندڙ ڪتاب آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي ڪلام کي بحيثيت مفڪر شاعر، ملڪ جي سماجي توڙي سياسي، اقتصادي توڙي مذهبي ۽ جاگرافيائي حالتن جي روشنيءَ ۾ پرکڻ جي پهريون ڀيرو ڪامياب ڪوشش ڪيل نظر اچي ٿي.

 

ان حقيقت جي مدِنظر مولانا گرامي صاحب لکي ٿو:

”شاهه صاحب کي هن کان اڳ هرهڪ شارح هڪ صوفي لاڪوفي ڪري پئي پيش ڪيو آهي، پر جي.ايم.سيد صاحب جو هي خيال آهي ته هرهڪ شاعر پنهنجي ماحول کان ضرور متاثر ٿئي ٿو، تيئن شاهه لطيف، ان وقت جي ملڪي معاملن ۽ سياسي حالتن ۽ ڪلهوڙن جي مخصوص طرز حڪومت کان متاثر نه ٿيو هجي، اها ناشدني ڳالهه آهي، جي.ايم.سيد صاحب ان نقطهء نظر سان ويهي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي ۽ شاهه جي ڪلام جا اهي خيال چونڊيا آهن، جن جو سڌيءَ طرح يا اڻسڌي طرح سنڌ جي سياسي حالتن سان قريب يا بعيد تعلق آهي.“ (گرامي، 1955ع، ص 209)

شاهه صاحب جي قومي پيغام، سندس زندگيءَ جي فلسفي ۽ ان ۾ سمايل بنيادي وحدت واري مذهبي تصور کي سمجهڻ ۽ موجوده دور ۾ ان جي اهميت ۽ ضرورت بيان ڪرڻ واري اهميت جو اندازو ڪتاب جي مکيه عنوانن منجهان ئي ٿي وڃي ٿو. ڪتاب جا عنوان هن ريت آهن:

فصل پهريون: شاهه جي زندگيءَ جو مختصر احوال

فصل ٻيو: شاهه صاحب جو زمانو ۽ ان وقت جو ماحول

فصل ٽيون: شاهه صاحب سنڌ جو قومي شاعر

فصل چوٿون: شاهه صاحب جي تخيل واري سنڌ

فصل پنجون: شاهه صاحب جي قوميت جو تخيل

فصل ڇهون: شاهه صاحب ۽ ڊاڪٽر محمد اقبال جي نظرين تي هڪ نظر

فصل ستون: شاهه صاحب جا مذهبي رايا

فصل اٺون: شاهه صاحب جي ڪلام جون خصوصيتون

فصل نائون: شاهه صاحب جو سنڌين لاءِ سنيهو

فصل ڏهون: شاهه صاحب جي سياست تي نظر

فصل يارهون: اسان جون شاهه صاحب ڏانهن جوابداريون

فصل ٻارهون: شاهه صاحب جا چونڊيل بيت، مختلف مضمونن تي

مٿي ذڪر ڪيل عنوانن مان هڪڙو هڪڙو عنوان گهڻ رُخي وسيع معلومات جو متقاضي آهي، جنهن جي حاصلات لاءِ سيد صاحب کي شاهه صاحب جي رسالي مان، گهربل مواد حاصل ڪرن لاءِ ڪيڏي محنت ڪرڻي پئي هوندي، ان ڳالهه جو اندازو صرف هن هڪڙي مثال منجهان بخوبي ٿي وڃي ٿو. فصل ٻئي جي ابتدا ۾ سيد صاحب لکي ٿو:

”شاهه صاحب ٻارهين صدي هجريءَ جي اول ۽ سترهين صدي عيسوي جي آخر ۾ پيدا ٿيو. سندس ماحول ۽ ان وقت جي ملڪي حالتن کي پوريءَ طرح سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان زماني کان اڳ وارين ٻن صدين اندر سنڌ ۽ ان جي آسپاس ۾ جيڪي ٿي گذريو آهي، ان جي حالتن کان واقف ٿجي. انهيءَ لاءِ ته شاهه صاحب جي نظريه زندگيءَ تي جن واقعن ۽ حالتن اثر ڪيو، تن جو پس منظر پوري طرح معلوم ٿي سگهي، تنهنڪري آءٌ هن فصل ۾ هيٺين حقيقتن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس:

1- انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي اندروني سياسي حالت

2- انهيءَ وقت ڌاري سنڌ کان ٻاهر جا سياسي حالات ۽ انهن جو سنڌ جي مڪاني حالت تي اثر

3- سنڌ جي اندر يا ٻاهران وقت جي سياسي يا مذهبي نظرين جو سنڌي زندگيءَ تي اثر

4- جن بزرگن سان شاهه صاحب مليو ۽ جن جي پوئلڳن سان صحبتون ڪيائين انهن جي حالات ۽ طريقن جو مختصر احوال“. (سيد، 1974ع، ص 13)

مٿي ذڪر ڪيل صرف هڪڙي باب جو مختصر خاڪو آهي اهڙي طرح باقي باب پڻ ايتري ئي گهري مطالعي، غور فڪر ۽ وسيع معلومات سان پيش ڪيا ويا آهن. مثلاً:

’شاهه صاحب سنڌ جو قومي شاعر‘ واري باب ۾ ادبي شاعر، اخلاقي شاعر ۽ قومي شاعر بابت سمجهاڻي ڏيئي، شاهه صاحب جي قومي شاعر هئڻ بابت دليل ڏنا ويا آهن.

’شاهه صاحب جي تخيل واري سنڌ‘، باب ۾ شاهه صاحب جي ڪلام مان سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي سرحدن جو تعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

’شاهه صاحب جي قوميت جو تخيل‘ واري باب ۾ هيٺ ذڪر ڪيل ٽن نظرين بابت عالمانه تحقيق ڪري، شاهه صاحب کي سنڌ جو قومي شاعر ثابت ڪيو ويو آهي.

(1)       سنڌ جي جداگانه قوميت، انهيءَ جو حق خودمختياري ترقي جو نظريو.

(2)     هندوستان جي متحده قوميت- آزاديءَ ۽ ترقيءَ جو نظريو

(3)     مسلمانن جي جداگانه قوميت- نظام غلبه ۽ ترقيءَ جو نظريو

          ’شاهه صاحب ۽ ڊاڪٽر محمد اقبال جي نظرين تي هڪ نظر‘ واري باب ۾ ظاهر ڪيوويو آهي ته: ”ٻنهي تي (1) رسول عربي، (2) قرآن شريف، (3) مثنوي روم جي تعليمات جو گهرو اثر پيل آهي.“ (سيد، 1952ع، ص 134) ان راءِ سان اتفاق ڪندي ٻنهي شاعرن جي ڪلام منجهان سندن مذهب، قوميت ۽ سياسي نظرين بابت علمي بحث ڪندي شاهه صاحب جي قومي تصور بابت سمجهاڻي ڏني ويئي آهي.

’شاهه صاحب جا مذهبي رايا‘ واري باب ۾، مذهب جي اهميت، افاديت ۽ ان جي اثرات بابت انتهائي اهم بحث ڪيو اٿس، جنهن جو بنياد ان ڳالهه تي رکيل آهي ته:

”مذهب بذات خود مقصد ۽ مراد نه آهي ليڪن مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۽ نتيجن تي پهچڻ جو آلو ۽ اوزار آهي، جنهن جي افاديت جو سارو دارومدار انهي کي ڪم آڻيندڙن تي آهي، چاهين ته ان کي خير لاءِ ڪم آڻين، چاهين ته شر لاءِ.“ (سيد، 1974ع، ص 129)

سائين جي.ايم.سيد وحدت مذاهب جو پرچارڪ هو، اها سِڪ ڀري سُرڪي به کين ڀٽ جي شاهه واري فلسفي ۾ مستغرق ٿيڻ کان پوءِ نصيب ٿي هئي. ڀٽائيءَ لاءِ ميرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته:

”هڪ ڀيري پڇيائونس ته ”سني آهين ڪي شيعو؟“ جواب ڏنائين ته ”آءٌ ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.“ چيائونس ته ”انهن ٻنهي جي وچ ۾ ته ٻيو ڪي ڪين آهي!“ چيائين ته ”آهيان به اهو ڪي ڪين.“ (قليچ، 2006ع، ص 65)

مذهب جي معاملي ۾ ’ڪين ڪين‘ هئڻ واريون ڳالهيون ڪندڙ ڀٽائيءَ جي عملي زندگي بابت مرزا صاحب لکي ٿو:

”هو پنج ئي وقت نماز جا پڙهندو هو ۽ روزا به رکندو هو. تسبيح پڙهندو هو. قرآن پڙهي ڄاڻندو هو، هن مسجد جوڙائي ۽ منجهس پنهنجي هٿن سان پورهيو ڪيائين، پر وري مستانن وانگر جهنگن ۾ گهمندو هو، وڻن جي پورن ۾ لڪندو هو، ڏينهن جا ڏينهن گم هوندو هو، مراقبي ۾ الله سان اندر اوريندو هو، هندن فقيرن ۽ سنياسين سان سندن تيرٿ ڪندو هو، ۽ تڪيا پيٽيندو هو. راڳ ٻڌندو هو جنهن جو گهڻو شوق هوندو هئس، بعضي اهڙيون ڳالهيون وات کان ڪڍندو هو، جو مسلمانن کي جيڪر ڏاڍي بڇان لڳي.“ (قليچ، 2006ع، ص 65)

مٿي ذڪر ڪيل راءِ جي روشنيءَ ۾ سائين جي.ايم.سيد وحدت مذاهب جي ضرورت تي زور ڏيندي ڪلهوڙن جي مذهبي روش، پير طريقت ۽ سادات، زميندار ۽ جاگيردار، مُلا ۽ مولوي جي ڪردار ۽ انهن گروهن طرفان سوسائٽيءَ ۾ اختيار ڪيل رويي سبب پکڙيل جهالت، وهم پرستي، خوف جهڙين جبلتن بابت بحث ڪري، مذهب اسلام کي محدود ڪرڻ سبب مذهب ۽ سياست کي گڏي هلائڻ وارن نقصانڪار پاسن بابت ۽ وحدت الوجود ۽ وحدت مذهب واري حوالي سان عالمانه بحث ڪندي، مذهب جو روح محبت، عبادت جي صحيح معنيٰ خدمت خلق، ارتقا انساني جو راز امن ۽ سلامتي ۾، ۽ صحيح تعليم پاڻ سڃاڻڻ ۽ مقصد جو حصول قرباني سان حاصل ٿيڻ جهڙن آفاقي نقطن بابت شاندار سمجهاڻي ڏني آهي، ايڏي عالمانه بحث کان پوءِ، سائين جي.ايم.سيد لکي ٿو:

”شاهه صاحب جي بيان ڪيل مذهبي راين کي جيڪڏهن اسان اختصار ڪري پيش ڪريون ته ان جو لب لباب هيٺين طرح ٿيندو:

”ساري ڪائنات ۾ گوناگون مظهرن جي باوجود به بنيادي وحدت قائم آهي.

انهي بنيادي وحدت جي راز کي معلوم ڪرڻ ۽ سمائجڻ لاءِ رستو ۽ طريقو مذهب آهي.

مذهب ابتدا کان وٺي باوجود ظاهري اختلافن جي هڪ ئي آهي.

انهيءَ مذهب جو روح يا جوهر محبت يا عشق آهي.

محبت ۽ عشق ترقيءَ انسان ۽ تعميرِ عالم لاءِ خدمت خلق امن ۽ سلامتي جو سبق ڏئي ٿو.

انهيءَ سبق جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ پاڻ سڃاڻڻ ضروري آهي.“ (سيد، 1974ع، ص 162)

سائين جي.ايم.سيد طرفان مٿي ذڪر ڪيل وحدت مذاهب واري تصور يعني مذهبن جو ظاهري اختلاف هئڻ جي باوجود،  هڪ هئڻ، ان جو بنياد محبت تي قائم هجڻ ۽ محبت واري بنياد ۾ انساني ترقيءَ واري راز جو سمايل هئڻ واري تصور کي جيڪڏهن سمجهيو ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄوڪي مذهبي انتهاپسندي واري خطرناڪ صورتحال پيدا ڪانه ٿئي ها.

’شاهه صاحب جي ڪلام جون خصوصيتون‘
واري باب ۾ رسالي جي مختلف سُرن ۾ سمايل اعليٰ قومي ۽ انساني قدرن بابت مختصر ۽ جامع معلومات ڏني ويئي آهي، مثلاً سر ليلان چنيسر واري داستان بابت لکي ٿو:

”سياسي دنيا ۾ ڪيترائي ڪارڪن اصولن کي ڇڏي عارضي نفع، شخصي فائدي ۽ اقتدار کي مٺو ڪن ٿا، جيتوڻيڪ انهن کي وقتي فائدو حاصل ٿئي ٿو، ليڪن تاريخ ان جي شاهد آهي ته انهن جي پڇاڙي اڪثر خراب ٿئي ٿي.“ (سيد، 1974ع، ص 198)

’شاهه صاحب جو سنڌين لاءِ سنيهو‘ واري باب ۾ حب الوطني، پاڻ سڃاڻڻ، بي خوبي ۽ همت، قرباني، ستايلن جي سنگت ۽ حمايت جهڙن عنوانن هيٺ شاهه جي ڪلام مان اهڙا نصيحت آميز نقطا بيان ڪيا اٿس. جن تي عمل ڪرڻ سان سماج ۾ بهتري اچي سگهي ٿي.

شاهه صاحب جا سياست تي نظريا واري باب ۾، نيشنلزم (قوم پرستي) جي حمايت، جمهوريت جي طرفداري، سوشلزم جي طرف رجحان طبع، پئن اسلام ازم جي طرفداري کان پاسو ڪرڻ،، ڊڪٽيٽرشپ جي مخالفت ۽ شاهوڪاري نظام جي مخالفت جهڙن موضوعن بابت شاهه جي ڪلام مان حوالا ڏيئي علمي بحث ڪيو ويو آهي.

غور ڪري ڏسو ته مٿي ذڪر ڪيل معلومات لاءِ، سائين جي.ايم.سيد سوشيالاجي، انٿروپالاجي، تاريخ، جاگرافي، علم سياسيات جي مختلف نظرين جي سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ، وسيع مطالعو ڪيو هوندو ۽ وحدت مذاهب واري مام کي پروڙڻ لاءِ ته کيس مڙني وڏن مذهبن جو گهرو مطالعو ڪرڻو پيو هوندو. هن مختصر ڪتاب ۾ ايتري گهڻ رخي معلومات ڏيڻ وقت لازمي طور تي سائينءَ کي اختصار کان ڪم وٺڻو پيو هوندو. باوجود ان جي، جو مٿي ذڪر ڪيل مڙني موضوعن بابت هن ڪتاب ۾ مختصر معلومات آيل آهي، پر پوءِ به ان جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو، ته هن وقت تائين شاهه صاحب بابت لکيل مڙني ڪتابن کان هن ڪتاب جي علمي معيار مٿاهون آهي، گذريل 63 سالن ۾ ايترو گهڻ پاسائن معلومات ڏيندڙ ڪتاب ڪوبه لکي ڪونه سگهيو آهي.

شاهه صاحب جي فڪر کي سمجهڻ جي ايڏي اهميت هئڻ ڪري، سائين جي.ايم.سيد کي اهو احساس هو ته ذڪر ڪيل موضوعن توڙي شاهه جي ڪلام ۾ سماج لاءِ سمايل نت نون رازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ، وڌيڪ جامع تحقيق ٿيڻ گهرجي، انڪري ”اسان جون شاهه صاحب ڏانهن جوابداريون“ واري باب ۾ پاڻ ڪجهه اهڙن نقطن جي نشاندهي ڪيائين جن تي کيس ايندڙ وقت ۾ مستقل طور ڪم ٿيڻ واري ضرورت نظر پئي آئي.

اهي ذڪر ڪيل نقطا هن ريت آهن:

1.             شاهه صاحب جو جملي ڪلام مستند نموني ڪٺو ڪرائي ان جا بهترين شرح لکارائي سٺي ۽ سستي ڇاپي ۾ ڇپرائڻ، جيئن هر سنڌيءَ وٽ اهو پهچي سگهي.

2.           درگاهه عبداللطيف جي ٻاهر واري ميدان کي فرش ٻڌارائي چؤطرف ميلي جي وقت ايندڙ فقراء جي رهڻ لاءِ هجرن جو انتظام ڪرڻ جيئن شاهه صاحب جون ٻارهي ماهي مجلسون، ختمه ۽ سندس يادگار شين جو ڏيکارڻ سهڻي ۽ عمدي نموني ٿي سگهي.

3.           ڪراڙ ڍنڍ جي چؤطرف پڪو فرش، چاڙهين جي ڏاڪن سان ٻڌارائي، پارڪ بنارائي ان جي چؤطرف سنڌي تهذيب ۽ فن جي زندهه ڪرڻ لاءِ هڪ درسگاهه کولجي جنهن ۾ هڪ بهترين ڪتبخانو به هجي.

4.           ڀٽ جي ڳوٺ کي صفائي سٺائي جو ماڊل ڪري ازسر نو تعمير ڪرائجي جيئن ٻاهريان هلي اچي ان کي ڏسن.

5.            سنڌ يونيورسٽي ۾ شاهه صاحب جي ڪلام جي کوجنا وغيره لاءِ هڪ ڪرسي (صيغه) کولجي، جو سنڌ جا بهترين عالم ان تي وقت بوقت نئين نموني کوجنائون ڪندا رهن.

6.           سنڌ جي جملي بهترين شاعرن جو ڪلام ڪٺو ڪري ڇپارائي پوءِ شاهه صاحب جي ڪلام تي انهن جي اثر يا شاهه جي ڪلام جو انهن تي اثر بابت مطالعو ڪجي. (سيد، 1952ع، ص 288)

سائين جي.ايم.سيد ”پيغامِ لطيف“ 1952ع ۾ شايع ڪرايو، ظاهر آهي ته اهو ڪم سالن ۾ سرانجام ٿيو هوندو. جيڪو بلآخر تڪميل تي پهتو، ته ان ۾ به کيس ايندڙ وقت لاءِ جوابدارين جي نشاندهي ڪرڻي پئي، ۽ ايڏو وسيع ڪم ظاهر آهي ته ڪنهن هڪ ٻن ماڻهن جي وَس جو ڪونه هو، ان لاءِ عالمن ۽ اسڪالرن جي ٽيم جوڙڻ جي ضرورت پئي محسوس ٿي، (جيئن دنيا ۾ وڏن وڏن ڪمن لاءِ ٿيندو آهي) ۽ اهو ڪم ڪو اعليٰ ادارو ئي سرانجام ڏئي سگهيو پئي، ان ڪري ’شاهه لطيف يادگار ڪميٽي‘ واري پليٽفارم تان، اها ڪوشش ورتي ويئي ته ٽئگور جي ’شانتي نڪيتن‘ ۽ شيڪسپيئر جي ”اسٽرئٽفوڊ آن ايون“ واري طرز تي شاهه صاحب جي حالات زندگي ۽ ڪلام بابت کوجنا ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کوليو وڃي. ان سلسلي ۾ ابتدائي خاڪو سائين جي.ايم.سيد پاڻ تيار ڪيو، ان وقت پيرزاده عبدالستار سنڌ جو وزيراعليٰ، سيد صاحب جو دوست هو ۽ هونئن به ان وقت ۾ سيد صاحب کي حذب اختلاف ۾ هوندي به اسيمبليءَ ۾ وڏي اهم حيثيت حاصل هئي ان ڳالهه جو فائدو وٺندي، سيد صاحب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو بنياد وجهرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سائين جي.ايم.سيد جو ڪتاب ’پيغامِ لطيف‘ 1952ع ۾ شايع ٿيو. 1953ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو خاڪو پيش ڪيو ويو ۽ 1954ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو. ان جا اغراض و مقاصد اهي ئي هئا جيڪي ’پيغام لطيف‘ ۾ ”اسان جون شاهه صاحب ڏانهن جوابداريون“
عنوان هيٺ سائين جي.ايم.سيد اڳ ئي بيان ڪري چڪو هو. غور ڪري ڏسو ته پيغامِ لطيف جو محقق سائين جي.ايم.سيد، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي وسيع تصور بابت نه رڳو ان وقت ڪوشان هو، پر باوجود سياسي خلفشارن جي سندس نظر ۾ ان ڪم جي وڏي اهميت هئي، انڪري 1974ع ۾ جڏهن ”پيغامِ لطيف“ جو نظرثاني ٿيل ٻيو ڇاپو شايع ٿيو ته ان جي ”اسان جون شاهه صاحب ڏانهن جوابداريون“ واري باب ۾ هيٺيان واڌارا ڪيا ويا.

7.           ڪليد شاهه جي رسالي جي تياري ڪرائي ڇپائي پڌري ڪرائڻ.

8.           شاهه صاحب جي مکيه بيتن جي عصومي ڪري (خيام) تي ٿيل مصوري نموني تي ڇپائڻ.

9.           شاهه صاحب جي جملي ڪلام کي عمده آواز ۾ ٽيپ رڪارڊ ڪرائڻ.

10.    شاهه صاحب جي سورمين جا ناٽڪ لکائي، اسٽيج ڪرائڻ.

11.      شاهه صاحب جي سنڌ کي غيرن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائڻ.

12.    شاهه صاحب جي زبان کي زندهه رکڻ ۽ قومي زبان بنائڻ (سيد، 1974ع، ص 242)

ببليوگرافي

1.             سيد، جي.ايم، شاهه ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪافيون، ڇاپو پهريون، 1968ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

2.           سيد، جي.ايم، ديار دل ۽ داستان محبت، ڇاپو پهريون، 1973ع، سنڌو پرنٽرس، آدرش شگر ورلي بمبئي.

3.           سيد، جي.ايم، پيغامِ لطيف، ڇاپو پهريون 1952ع، ادارهء انسانيت حيدرآباد.

4.           سيد، جي.ايم، پيغامِ لطيف، ڇاپو ٻيو 1974ع، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي.

5.            گرامي، غلام محمد، تبصرو، ٽه ماهي مهراڻ 1955ع، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي.

6.           مرزا قليچ بيگ، احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڇاپو؟ 2006ع، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org