سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:11 

مير محمد پيرزادو

 

 

 

 

نظم

 

ڏاند چاڪيءَ جي مُٺيءَ ڪنهن ماٺ ۾

ٿو رڳو ڳهندو رهي، وهندو رهي،

ڪابه منزل، ماڳ جي جنهن کي خبر ئي ڪانه آ

پر انهيءَ جي وس ۾، ٻيو ته ڇا ’نهڪر‘ به نه آ

بلڪل ائين ئي چپ چپات

اکين تي آهن جنهن جي اکياڙيون!

۽ مٿس چهبڪ جو سٽڪو

گار جي آهي ڳَئي

هو مگر ڪنهن عُذر کان ڀي سوا

ماٺ ۾ وهندو رهي ٿو

ان سموريءَ جُٺ هوندي

هن جي من ۾ آس آ

پنڌ جو سَٽڪو ڪري جيڪو ويسُ

سو سندم ”هئڻ“ جو آهي دليل

(هئڻ ۽ نه هئڻ ۾ ٿورڙي آهي وٿي)

ڏاند جو ڪو حق نه آ

جو گهڙيءَ پل لئه

اکياڙيون سيرڙي ۽ ڏسي ڪجهه ڀي سگهي

ته پنڌ هن ڪيڏو ڪيو آ!

پنڌ، جيڪو ’هئڻ‘ هن جي جو دليل

سج لهندي وقت جڏهين ٿيون لهن

ان جون اکياڙيون، ڇوڙجي گهاڻي منجهان

ڇرڪ کائي ٿو چوي:

”پنڌ سڌو ٿيو ڪينڪي، هاري وڌو ڦيري وَلي

جان پٽي اکيون ڏسان، بيٺو آهيان ساڳي ڪِلي.“

پوءِ اهو جو وقت ڪٽيو

وانجهيل آ جو مفاصلي جي ماپ کان

ڏاند جي هوندي به ڄڻ ان جي اڻ هوند جو آهي ثبوت!

ڏاندِ جي جي ڪو ڏسي دل ان مهل

ڪانه اهڙي دل رهي ڪا

جنهن کي نه اچي ان تي ڪهل!

پر ڏسي ٿو ڏاند جڏهين

ماڻهو اڄوڪي دؤر جو

جنهن جي اکين تي اکياڙيون به بظاهر ڪونه آهن

سو به ائين هڪ دائري ۾

روز ڦرندو گرندو ٿو رهي

عمر ساري ايئن ڪٽي

ڪونه پُرجهي ڪنهن مهل

دؤر هن جي آدميءَ تي

ڏاند کي آئي ڪهل!

 

گيت

ڪڏهن آهي خيال بنايو، ڪوريئڙي جو ڄارُ!

ڳجهارت آهه بنيو سنسارُ!

ڪاٿئون گل ۾ خوشبوءِ آئي؟

ڪاٿئون خنڪ هوا ۾ ڇائي؟

سانت، لڳي ڄڻ شاهه جي وائي،

سارو منظر ڪاٿئون آيو؟ جنهن ۾ آواز نه پارُ-

ڳجهارت آهه بنيو سنسارُ!

ماڪ ڦُڙيءَ جو پاڻي ڇاهي؟

رات سندي هيءَ راڻي ڇاهي؟

پنهنجي پيار- ڪهاڻي ڇاهي؟

ڳُجهه اُنهيءَ جو پتو لڳايو، منهنجي پوي هوشيارُ،

ڳجهارت آهه بنيو سنسارُ!

خوابن ۾ جو ايندو آهي،

اُن جي اچڻ جو رستو ڇاهي؟

پوءِ هليو ڪيئن ويندو آهي؟

اُن کي جهٽَ پَلَ پوءِ به رهايو، سچ پچ جي آ يارُ،

ڳجهارت آهه بنيو سنسارُ!

منهنجي هوندي تون ئي آهين!

مون کي پيو مهڪائين!

پيار جو چرغو پوءِ ڍڪائين!

هيءُ رڳو ٿئي سانگ رچايو، وائکو ٿيئي وهنوارُ،

ڳجهارت آهه بنيو سنسارُ!

 

نياز پنهور

 

 

 

 

غزل

اڄڪلهه قسمت ئي ٻي آهي،

مون سان ڏات جي ديوي آهي.

 

تون جا در تي ايندي آهين،

مون کي جاڳ ٿي پوندي آهي.

 

اک ئي مون کان ڪانه آ ڇنڀيبي،

هوءَ جا سامهون هوندي آهي.

 

گيتن جا ٿو هارَ بڻايان،

منهنجي سانئڻ اچڻي آهي.

 

بادل هن سان گڏ ئي اچجان،

اڄ ته ڏاڍي گرمي آهي.

 

منهنجي گهر جي اها سڃاڻپ،

در تي ڪا به نه تختي آهي.

 

هرڪو ڇالئي پنڊ پهڻ آهي،

جادو آ يا ڇوري آهي.

 

نياز ٻڌين ٿو جڳ جون ڳالهيون،

خوشي بيحد سستي آهي.

 

غزل

 

شهر رت ۾ ٻڏل،

جذبا پو ڀي جبل.

 

پير تنهنجو هيو،

تون نه مڃ ڪيم ڀلُ.

 

ڇالئي ڌوئين پيو،

هٿ جي ناهن رنڱيل.

 

اڄ به چمڪي پيو،

چنڊ چوڏهين چڙهيل.

 

ڪير سگهندو کلي،

تون جي رهندين رُٺل.

 

جڳ سمورو ئي خوش،

ڀاڳ سنڌ جو ڦٽل.

 

تنهنجو منهنجو سلام،

هٿ چپن تي رکيل.

 

مان اڪيلو ڪٿي،

ساٿ سپنا کنيل.

 

نيٺ ڪڇندو ڪڏهن،

چپ جنهن جا سبيل.

 

بيخود بلوچ

 

 

 

 

غزل

 

دل ۽ ديد سوالي آهي،

موٽايو تو خالي آهي.

حُسن بنا هيءَ دنيا پيارا،

بي رنگ آهي خالي آهي.

ڌرتيءَ خاطر جو ٿو سوچي،

سوئي پُٽ حلالي آهي.

پاڻيءَ بن ڪيئن فڪر ڦُٽي ها،

اک انهيءَ لئه آلي آهي.

شعر سمورا ڄڻ گُل آهن،

شاعر تن جو مالهي آهي.

خون جگر جو ڏيئي بيخود،

هر تخليق مون پالي آهي.

 

غزل

هن دل جي هرڪا محفل تو بن اڌوري آهي،

مهمانِ خاص بڻجڻ تنهنجو ضروري آهي.

صوفين سرزمين تي دهشت چڱي نه آهي،

وِک وِک تي ڇو ڀلا هِت نفرت جي کوري آهي؟

نقاد ڪنهن پڇيو هو ”شعرن ۾ جان ڇو آ؟“

مون مُرڪندي چيو هو ”دلبر جي دُوري آهي.“

ڏاهپ جي ڏنگ سان گڏ مليو آ مرتبو پڻ،

آتم ڪٿا اِهائي سِٽ ۾ سموري آهي.

”آهين فقير بيخود، دوکا اٿئي مقدر،

هيءَ ڳالهه لوڪ چئي هئي سا اڄ ٿي پوري آهي.“

 

غزل

تون شخص خاص آهين مان شخص عام آهيان،

تنهنجي حُسن جي درجو سهڻا غلام آهيان.

منهنجي حُسن سان ناهي ڪجهه وقت جي عقيدت،

مان حُسن جو ازل کان ڪندو احترام آهيان.

منهنجو نه آهي ٻيو ڪو نالو نه ئي حوالو،

تاريخ منهنجو نالو مان هڪ پيام آهيان.

اُميد منهنجو مقصد اُميد منهنجي منزل،

سورج صبح جو سمجهو، هرگز نه شام آهيان.

موسيٰ جي ريت بيخود منهنجي اڳيان رهي ٿي،

فرعون کي نه ڪنهن دم ڪندو سلام آهيان.

 

غزل

بهار آهي قرار ناهي،

بهار هوندي بهار ناهي.

وڪوڙيو گل گل کي باهه آهي،

چمن جي شڪل ۾ ناهي.

فِضا سڄي سازگار ناهي…

اوهان جنهين کي بهار چئو ٿا،

بهار ڏي ٿي قرار چئو ٿا،

ذهن مڃڻ لئه تيار ناهي…

بسنت ۾ باک نيٺ ڏسبي،

بسنت جهڙي ڪويتا لکبي،

فضول هي انتظار ناهي…

جي رنگ خوشبو جا ويري آهن،

سي پنهنجا آهن ٻيا ڪي ناهن،

ٻين تي بيخود ميار ناهي…

 

علي محمد سولنگي

 

 

 

 

 

غزل

 

هي دل صدين کان سُکي نه آهي،

ڏٺي ڪڏهن ڪا خوشي نه آهي.

رڳو سڪڻ آ نصيب منهنجو،

ڪا آس دل جي پُني نه آهي.

ٿي روز تڙپي ۽ روز ڦٿڪي،

هي تانگهه ڪنهن دم سُتي نه آهي.

لڳي ٿو هُن وٽ، اسان جي لاءِ،

ڪا چاهه واري چُڪي نه آهي.

پرين کي منهنجي پڌر ۾ آڻي،

هوا ڪا اهڙي گُهلي نه آهي.

جٿان ڪٿان بس فريب مليا،

تڏهن به دلڙي مُڙي نه آهي.

 

غزل

سڳو سِڪ جو سُري ٿو پيو،

رڳو درشن گُهري ٿو پيو.

خُمارن ۾ هُتي هو آ،

هِتي هينئڙو لُڇي ٿو پيو.

هجر ۾ هانءُ هي منهنجو،

ڀتر وانگي ڀُري ٿو پيو.

ڪڏهن ايندين، ڪڏهن ايندين؟

هي ماندو مَنُ پُڇي ٿو پيو.

هي منهنجو ساهه سانولڙا،

سوا تنهن جي مُنجهي ٿو پيو.

تاسارو روح هي منهنجو،

جُدائيءَ ۾ جُهري ٿو پيو.
 

غزل

سِڪ سڳي کي سورجي،

آءُ اڄ ڪجهه اورجي.

ڏينهن ٿي ڏاڍا ويا،

ڏک جو ڏونگر ڏورجي.

اهڙو ڪو اوزار ڏس،

تانگهه جنهن سان تورجي.

دل چوي ٿي تو مٿان،

ساهه پنهنجو گهورجي.

پنهنجي وچ ۾ آهه جا،

ڀت انهيءَ کي ڀورجي.

مُحب موبائيل تي،

قلب کي ڪئن ڪورجي.

آءُ چريي چاهه کي،

ڪجهه ته اڳتي چورجي.

 

غزل

ساگر ساگر ڇولي ڇولي،

هرڪو ٻولي پيار جي ٻولي.

عشق تي آڱر کڻ نه خُدارا،

پيار تي ڪنهن جي ڪر نه ٺٺولي.

مُرڪي ڀي پئي ڇرڪي ڀي پئي،

هي ڇا آهي؟ ڀڃ پرولي.

روح گهري ٿو روز رهاڻيون،

عيد به توسان، توسان هولي.

ڇا به پوي ٿي، ڀر نه ٿي سگهندي،

پاڻ کان تنهنجي حڪم عدولي.

پيار تون پنهنجو ان ۾ وجهي ڇڏ،

منهنجي خالي ڀر تون جهولي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org