سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:21 

عظيم پنهور

 

 

 

 

محمد ابراهيم جويو- هڪ علمي ادبي نقاد

سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ڪرايل سيمينار

سنڌ جي ناميارن ليکڪن، اديب، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن مها ڏاهي محمد ابراهيم جويو کي علمي، ادبي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪندي کيس سنڌ شناس، ترقي پسند، روشن خيال ۽ 20هين ۽ 21هين صدي جو وڏو نقاد قرار ڏئي سندس ادبي پورهئي ۽ ٻين تحريرن کي سنڌ يونيورسٽيءَ سميت تعليمي ادارن جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي واري شيخ اياز آڊيٽوريم هال ۾ محمد ابراهيم جويو جي 100 سالا جشن جي مناسبت سان سائين محمد ابراهيم جويو هڪ ادبي نقاد جي سري هيٺ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايم.پي.اي ۽ نامياري ليکڪا مهتاب اڪبر راشديءَ چيو ته سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ سان پهريون ۽ آخري عشق ڪيو آهي، سنڌ مٿان هُو ڇپر ۽ ڇانوَ آهي، هُو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي، هن اياز جي شاعري کي ڪرشمو قرار ڏنو آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي.سي عابده طاهراڻيءَ چيو ته سنڌ ۽ ادب لاءِ ابراهيم جويو جو قلمي پورهيو سنهري باب آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وي.سي مظهرالحق صديقيءَ چيو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻولي، ادب لاءِ وڏيون خدمتون ڪيون آهن. سندس فلسفي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، اردوءَ جي نامور اديب ڊاڪٽر سيّد مظهر جميل چيو ته محمد ابراهيم جويو تي پي ايڇ.ڊي سطح جو ڪم ٿيڻ گهرجي. نامياري ڪالم نگار جامي چانڊيو چيو ته محمد ابراهيم جويو هڪ پارکو آهي، جويو صاحب پٺتي پيل سنڌ جي ادب کي دنيا جي ترقي پسند ادب سان ملائڻ لاءِ پرڏيهي ڪتاب ترجمو ڪيا. ناليواري شاعر ادل سومري چيو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي ادب جي حقيقي معنائن ۾ خدمت ڪئي، ناليواري ليکڪا ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي قوم جو ڏاهو ۽ رهبر آهي، نامياري اديب تاج جويو چيو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي شاعريءَ جو وڏو پارکو ۽ نقاد آهي، سنڌي ادب ۾ سنجيده تنقيد جو رجحان جويو صاحب ڏنو. ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته محمد ابراهيم جويو جون خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهن. نامور ليکڪا امر سنڌوءَ چيو ته محمد ابراهيم جويو هڪ دور جي تشڪيل ڪندڙ شخصيت آهي، سنڌالاجيءَ جي انچارج ڊائريڪٽر سعيد منگيءَ چيو ته ڪانفرنس ۾ جويي صاحب بابت وڏي ڄاڻ ملي آهي. شاعر اسحاق سميجو چيو ته محمد ابراهيم جويو اياز شناس هو، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو چيو ته محمد ابراهيم جويو ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر سليم ميمڻ چيو ته جويو صاحب نهايت اصول پسند انسان آهي. ان موقعي تي محسن جويو، ڊاڪٽر ريحانه نظير، حسين مسرت، شازيا پتافي، ڊاڪٽر آفتاب ٻرڙو، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ذوالفقار هاليپوٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي ٻن ڪتابن ”ڳالهيون ڪتابن جون“ ۽ ”فرينچ انقلاب“ جو مهورت پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول جي شاگردن هڪ ٽيبلو پڻ پيش ڪيو، جڏهن ته آرٽس فئڪلٽي ۾ محمد ابراهيم جويو جي فوٽن جي نمائش پڻ لڳائي وئي، جڏهن ته سنڌالاجي ۾ ابراهيم جويو جو ڪارنر قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ 1932ع واري دور ۾ هٿ تي لکيل ڪتاب جو مسودو، ٻيون سندس ذاتي استعمال واريون شيون رکيون ويون. محمد ابراهيم جويو پاڻ پنهنجي ڪارنر جو افتتاح ڪيو، سائين محمد ابراهيم جويو چيو ته سائين جي.ايم.سيد جي ڪارنر ڀرسان پنهنجو ڪارنر قائم ٿيڻ تي خوشي ٿي آهي، هن چيو ته وي.سيءَ جو ٿورائتو آهيان، سنڌ يونيورسٽي مون کي زندگي ۾ ئي وڏو مانُ ڏنو آهي.

رپورٽ: سارنگ لطيف پنهور

 

 

 

 

    سماج سڌارڪ صحافي، اديب

ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي 15هين ورسيءَ جي رپورٽ

ناليواري استاد، سماج سڌارڪ صحافي ۽ اديب ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي 15هين ورسي ڊاڪٽر خان محمد پنهور ٽرسٽ پاران سنڌي لينگئيج اٿارٽي هال ۾ 27- مئي 2014ع تي ملهائي ويئي. ورسي جي تقريب ۾ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ، عبدالمجيد پنهور، سهڻي پارس، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي، رسول بخش گچيرائي، سريش ماکيجاڻي، عابد چنا ۽ ٽرسٽ جي چيئرمن سڪندر ميمڻ تقريب کي خطاب ڪيو. جڏهن ته خاص مهمان پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽر عاجز ڌامراهه شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٽرسٽ جي چيئرمن سڪندر ميمڻ خطاب ۾ چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۾ ڪا برقي طاقت هئي جو هو پنهنجي سماج سان گڏجي پوندو هو، خان محمد پنهور جي شاگردن مان هن وقت ڪوبه بيروزگار نه آهي. ڊاڪٽر خان محمد پنهور پنهنجي مادرِ وطن کي هميشه خوشحال ڌرتي جو خواب ڏسندو هو، عابد چنا تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۾ لکڻ پڙهڻ واري ڳالهه هوندي هئي. اهڙي دلعزيز ماڻهو جي لاءِ هيترا اين.جي.اوز ثقافت کاتو يا سماجي تنظيمون ڇو نٿيون ياد ڪن، ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچيءَ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهور صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ پارس هو، ڳوٺ سڌار ويچار ڪالم ذريعي ماڻهن جا مسئلا ٻڌاءِ حل ڪرايا، نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ سڀ کان اڳتي قدم وڌايو. ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ چيو ته ڊاڪٽر پنهور صاحب جي پروگرامن کي اڳتي وڌايون ۽ نوجوانن تائين پهچايون. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي نياڻيءَ سهڻي پارس چيو ته بابا جي نقشِ قدم تي هلندي خان محمد پنهور جهڙي ته نه پر ان جو عڪس ضرور ٿيندس، بابا جون يادون مون لاءِ رهنمائي آهن، محمد علي ڏيپلائي چيو ته پنهور صاحب ٻارڙن جي ٻاري، ون يونٽ تحريڪ کان سنڌ سڌارڪ تنظيم جون سڄي سنڌ اندر چار هزار شاخون کوليون ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪيو. عبدالمجيد پنهور ۽ ڊاڪٽر خان محمد جي گهرواري نسيم خان پنهور، ڊاڪٽر  خان محمد پنهور جون کوڙ ساريون ساروڻيون ٻُڌايون، آخر ۾ تقريب جي خاص مهمان پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر عاجز ڌامراهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شخصيتن لاءِ پروگرام ڪرڻ هڪ بهترين عمل آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور لاءِ چيئر قائم ڪرڻ لاءِ جيڪو تعاون گهرجي مان قائم ٿيل ٽرسٽ سان ضرور ڪندس.

 

رکيل مورائي

 

 

 

 

تُنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون

 

”آنڌيءَ ۾ جوت جاڳائڻ وارا سنڌي، ۽ خاڪ کي سُون بڻائڻ وارا سنڌي جو خالق، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، مهانگري ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو ۽ ان خاڪ ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن خاڪ کي سون بڻائڻ جو هُنر هُو بخوبي ڄاڻندو هُئو.

سنڌ جي اڳوڻي، راڄڌاني ٺٽي  ضلعي جي ننڍڙي شهر دڙي ۾ جنم وٺندڙ پيڃاريءَ ۾ وهنجي وڏو ٿيل موتي پرڪاش جي رک کي پيڃاريءَ جو پاڻي نصيب ٿيندو يا نه؟ اهو سوال ته پنهنجي جڳهه تي موجوده رهندو، پر هُن زندگي جي آخري گهڙيءَ تائين دڙي ۽ پيڃاري واهه  کي نه وساريو. ۽ ڪالهه هُو سڀ وساري اهڙي اُڏام ڪري ويو جتان ڪوبه پيغام اچڻ وارو نه آهي.

ڇر ۾ ڇڏئي پيرڙا، ڪري هنج اڏامَ،

تنهنجو ڪو پيغام، تو کانپوءِ نه آئيو.

پنهنجي پويان درجن ڪتابن، حسين شاعر پٽ شريڪانت صدف، پنهنجي وني، بيمثال ناول نويس ڪلا پرڪاش نياڻي سنڌو، هڪ شانائتي نُنهن، ٻه پوٽيون، سمرتي ۽ ساڪشي کي اُداس ڇڏي ويندڙ موتي پرڪاش، کي اهو اعزاز هو ته هُو هند ۾ رهندڙ سنڌين جو قومي ترانو لکندڙ شاعر هو. جيتوڻيڪ موتي پرڪاش، اول ۽ آخر هڪ شاعر جي سڃاڻپ رکندڙ هُو، پر ادب ۾ هن جو حصو ايترو وڏو آهي، جو ان جا سڀ حوالا تڪڙو ڄاڻائڻ کان گهڻا آهن، ٻيءَ طرح هُو شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ٽاٽڪ نگار، ڪالم نگار، اداڪار ۽ آخر ۾ هڪ اسڪالر سان گڏ اهڙو مقرر به هُئو جنهن جو مثال هُو پاڻ ئي هُئو. شخصي طور هڪ حسين چهرو ۽ معصوم مزاج رکندڙ موتي پرڪاش هند ۾ آخري بچي ويل انهن سنڌين مان هڪ هُئو، جن سنڌ ۾ جنم ورتو ۽ جن جي رڳن ۾ سنڌوءَ جو پاڻي موجود هئو ۽ جيڪي سدائين هيءُ شعر وردُ ڪندا رهندا هئا ته:

گنگا جمنا امرت امرت،

ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.

ڊاڪٽر موتي پرڪاش انهن اسڪالرن مان هو، جيڪي ڪجهه ڳالهائڻ توڻي لکڻ وقت هڪ سَندَ هوندا آهن. هُو اديب سان گڏ هڪ اعليٰ تعليمدان پڻ هئو. جيڪو زندگيءَ جو گهڻو حصو دبئي جي جڳ مشهور اداري انڊين هاءِ اسڪول جو پهريون پرنسپال رهيو.

ورهاڱي کانپوءِ ڊاڪٽر موتي پرڪاش، ڪجهه عرصو آل انڊيا ريڊيو دهليءَ سان رهيو ۽ ان کانپوءِ وڏو عرصو دبئي ۾ گذاريائين. ڏهاڪو سال پهرئين هُو دبئي کان واپس موٽي سنڌين جي اڏيل شهر ادپيور ڪچ ۾ سنڌي اديبن جي جوڙيل ننڍڙي ڪالوني ملير ۾ اچي رهيو، هيءُ اهو ڳوٺڙو آهي، جتي ڀارتي سنڌين جي تهذيبي، ثقافتي ۽ ادبي سڃاڻپ جو مرڪز ”انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ آهي.

ڊاڪٽر موتي پرڪاش هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر رهي چڪو آهي، گڏوگڏ ٻين ڪيترن ئي ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي ادارن سان پڻ جڙيل رهيو، جن جي فهرست خود چڱي موچاري ڊگهي آهي.

هڪ ليکڪ، مرتب، مترجم طور ڊاڪٽر موتي پرڪاش جو ڪم ڪنهن به طرح هڪ شخص کان گهڻو ڪم آهي، جنهن جو وچور ڏيڻ هت مقصد نه آهي. ڇاڪاڻ ته اهو سڀ اسان وٽ محفوظ آهي ۽ سنڌي ادب جو اهڙو حصو آهي، جنهن تي سنڌي ادب فخر ڪندو.

ڊاڪٽر موتي پرڪاش کي سنڌ ڏسڻ ۽ پنهنجو گهر ڏسڻ جو به ڀيرا موقعو مليو، هُو پهريون ڀيرو 1986ع ۾ دبئيءَ کان پنهنجي بيمثال وني ناول نويس ڪلاپرش سان سنڌ آيو ۽ ٻيو ڀيرو 2006ع ۾ پنهنجي پٽ خوبصورت شاعر شريڪانت صدف سان گڏ سنڌ ڏسڻ آيو.

سندس پهرئين سنڌ ياترا بابت لکيل سفرنامي ”سي سڀ سانڍيم ساههَ سين“ تي کيس مرڪزي ساهيته اڪيڊميءَ جو اعليٰ ايوارڊ ڏنو ويو، ٻيءَ طرح هن ادب جا اهي سڀ اعزاز ماڻيا آهن، جيڪي هڪ اعليٰ اديب جي قدر شناسي ڪندا آهن. پڪ سان انهن سڀني ادارن کي فخر هوندو، جن انعام ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي هٿن تائين رسي مانُ وڌايو آهي.

ڊاڪٽر موتي پرڪاش، هند ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ جاکوڙيندڙ اداري ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽
ساهت سڀا“ سان شروع کان آخري تائين جڙيل رهيو، جنهن تنظيم جا باني سنڌي ترقي پسند ادب جا اهم لکاري، گوبند مالهي، اي.جي.اُتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي صاحب رهيا. ۽ جنهن تنظيم هند ۾ رهندڙ سنڌين جي سياسي، ثقافتي ۽ ادبي حقن لاءِ وڏي ويڙهه ڪئي آهي ۽ انهيءَ ويڙهه ۾ ڊاڪٽر موتي پرڪاش ساڻن گڏ رهيو.

اڄ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو حسين شاعر ۽ حسين شخص اسان سان نه رهيو آهي، تڏهن شخصي توڻي ادبي طور ساڻس ڊگهين ڪچهرين ۽ ڊگهن سفرن جي تفصيل لکڻ کان پاسو ڪندي، سندس ياد کي اياز جي سٽن ۾ محفوظ ڪرڻ چاهيان ٿو.

 رابيل رت رت مايا نگر، تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون،

تون مان به پر آهن امرُ،  تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون.

بو رافع

موتي پرڪاش سرحدن جو محتاج نه آهي

 

            سنڌيءَ ٻوليءَ جي نامياري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي ديهانت جتي هند ۾ رهندڙ اديبن ۽ شاعرن کي ڏک ڏنو آهي، اتي هن جي وڇوڙي سبب سنڌ ۾ پڻ هڪ ڏک جي لهر ڊوڙي وئي آهي، ڊاڪٽر موتي پرڪاش هند ۾ توڻي سنڌ ۾ هڪ جيترو مانُ لهندڙ اديب هئو.

          ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي وڇوڙي جي ڏک کي محسوس ڪندي، سنڌ ۾ نج ادب لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ علمي ۽ ادبي اداري، انيس انصاري اڪيڊميءَ پاران سندس ياد ۾ هڪ ادبي ريفرنس ڪرايو ويو.

          اڪيڊميءَ جي مرڪزي آفيس ۾ ٿيل هن ريفرنس جي صدارت سنڌيءَ جي مشهور شاعر امداد حسينيءَ ڪئي، جڏهن ته مهمان طور نامياري شاعر عبدالغفار تبسم ۽ مشهور اديب ۽ راڳي بيدل مسرور کي اسٽيج تي ويهاريو ويو.

          هن سنجها جو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪيترائي نوجوان اديب ۽ شاعر موتي پرڪاش کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا، جن الڳ الڳ نموني کيس ڀيٽا پيش ڪئي، سندس مشهور گيت :

”آنڌي ۾ جوت جَڳائڻ وارا سنڌي“

کي باربار ياد ڪيو ويو.

          هن ادبي ريفرنس جي آجياڻي تقرير، اڪيڊميءَ جي اڳواڻ نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس اسحاق انصاريءَ ڪئي، جنهن چيو ته ڊاڪٽر موتي پرڪاش اسان سڀني سنڌين لاءِ هڪ جيترو مانُ لهڻي، هونئن به ادب سرحد جو پابند نه هوندو آهي، سندس موت سموري سنڌي ادب ۾ هڪ خال پيدا ڪيو آهي، جيڪو اسان سڀ محسوس ڪريون ٿا. جنهن سبب ئي اسان کيس ڀيٽا طور هيءُ ريفرنس رکيو آهي.

          ريفرنس ۾ پهريون پيپر نوجوان شاعر رکيل  مورائي پڙهيو، جنهن جو عنوان هئو،

”توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون“.

          جنهن ۾ موتي پرڪاش سان ٿيل ملاقاتن، سندس ڪتابن ۽ علمي ادبي جدوجهد جو تفصيلي ذڪر موجود هئو، جنهن کانپوءِ آيل نوجوان شاعرن ۽ اديبن، باري منگي، مسرور پيرزادي، نصير سومري، سجاد ظهير، اظهر ٻانڀڻ ۽ ضيا ابڙي، ڊاڪٽر موتي پرڪاش کي ڀيٽا ڏيندي چيو ته: ڊاڪٽر موتي پرڪاش اهڙو اديب هئو، جيڪو سڄي عمر علم ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهيو، هنن چيو ته ادب سرحدن جو محتاج نه هوندو آهي. اهو انهيءَ ٻوليءَ جو هوندو آهي، جنهن ۾ اهو  لکيو ويندو آهي. موتي پرڪاش جو لکيل ادب به سنڌي ٻوليءَ جي ميراث ۾ اهڙو واڌارو آهي، جيڪو ٻوليءَ کي وڌيڪ شاهوڪار بڻائيندو.

          اسٽيج تي ويٺل مهمان نامياري اديب بيدل مسرور، موتي پرڪاش بابت ڳالهائيندي چيو ته: ”موتيءَ سان منهنجي هڪ ملاقات هئي، پر خطن وسيلي ساڻس گهڻي ويجهڙائي هئي، هُو جڏهن پهريون ڀيرو ڪراچيءَ پنهنجي وني ڪلا پرڪاش سان آيو هئو ته اسان بيحد گهڻي ڪوشش جي باوجود کيس پي ٽي ويءَ تي نه  آڻي سگهياسين، ڇاڪاڻ ته اهو ضياءَ جي مارشل لا جو دور هو، ۽ هُو هندستاني اديب هئو، جيتوڻيڪ اسان لاءِ هو سنڌي اديب هئو. هن چيو ته موتي پرڪاش هڪ نفيس ۽ حسين شخص هو، ساڻس ڪيل اها ڪچهري مون کان ڪڏهن به نه وسرندي.“

اسٽيج جي ٻئي مهمان خوبصورت شاعر عبدالغفار تبسم پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مان ڊاڪٽر موتيءَ سان دبئي ۾ تڏهن مليو هوس، جڏهن هُو پنهنجي تنظيم ” سنڌي سدائين گڏ“ جي فورم تان ٻه اديب هند جا ۽ ٻه اديب سنڌ جا دبئي سڏائيندو هو، هُو ان وقت انڊين هاءِ اسڪول جو سربراھ پڻ هئو، مون هن ۾ شاعر ۽ اديب هجڻ سان گڏ، هڪ اعليٰ منتظم هجڻ واريون خوبيون پڻ ڏٺيون مون سان گڏ استاد بخاري هئو ۽ هند مان نارايڻ شيام دادا گوبند مالهي آيل هئا.

          اسان ڪيترو وقت سندس شاعري ٻڌي، هُو شاعري سان گڏ جهونگاريندو به هئو، کيس موسيقيءَ سان بيحد لڳاءُ هئو، ان وقت شريڪانت نوجوان هئو. ڊاڪٽر موتي اڄ اسان ۾ نه آهي، پر سندس يادون اسان جي دل ۾موجود آهن.

          صدارتي تقرير ڪندي، امداد حسينيءَ صاحب چيو ته: ”ڊاڪٽر موتي پرڪاش سان اسانجا ڪيترائي رشتا آهن، ڌرتي جو رشتو، ٻوليءَ جو رشتو، ادب جو رشتو ۽ شاعريءَ جو رشتو، ساڻس ملاقاتون به رهيون هن جا ڪتاب به پڙهياسين، هُو گهڻ رخو ليکڪ هئو، جنهن هڪ ئي وقت گهڻن صفحن تي لکيو شخصي طور هُو جهڙو ٻاهران نفيس ۽ حسين شخص اهڙو ئي اندر جو اجرو شخص هئو. “

          هن وڌيڪ چيو ته هُو ڊاڪٽر موتي پرڪاش، امداد جي پي.ايڇ.ڊي جو هڪ ايگزيمنر هئو، دهليءَ  ۾ جڏهن مونکان سحر جو پڇيائين ته مون کيس نمبر ملائي ڏنو ته پاڻ ڳالهائينس ۽ جڏهن هن ڳالهائي بس ڪيو ته، هن جي چهري تي عجيب خوشي هئي، مونکي لڳو ته ڊاڪٽر ٿيڻ جي ايتري خوشي سحر کي به هوندي، جيتري، ڊاڪٽر موتيءَ جي چهري تي تري آيل خوشي هئي.

          امداد حسينيءَ چيو ته هن سنڌين کي هڪ قومي ترانو ڏنو جيڪو اسان پاڻ ٻڌي به خوش ٿيندا آهيون. سندس وفات اسان سڀني کي ڏکويو آهي.

          ايئن هيءَ تعزيتي ريفرنس، ختم ٿيو ۽ آخر ۾ سندس ياد ۾ مشاعرو پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ موجود ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي شاعري پڙهي، آيل مهمانن جو ٿورا مڃيندي اسحاق انصاري اڪيڊميءَ پاران مهمانن جي خاطر تواظع ڪئي ۽ سڀ ڪو پنهنجي ياد ۾ موتي پرڪاش جي شخصيت ۽ شاعريءَ کي سانڍي پنهنجي پنهنجي گهر روانو ٿيو.

هالار

 

 

 

 

سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي پاران سؤ ساله جشن

 

محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽيءَ جي سهڪار سان سنڌ مدرسةالاسلام يونيورسٽي پاران سائين محمد ابراهيم جويي جي سؤ ساله جشن جي سلسلي جي هڪ شاندار ۽ مانائتي تقريب ڪراچيءَ جي پرل ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ پهرين آگسٽ 2015ع تي ٿي، جنهن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

سؤ ساله جشن جي سلسلي جي اها پنڌرهين تقريب هئي، اهو سلسلو هلندڙ آهي ۽ جويو صاحب جي سو سالن جي عمر کي پهچڻ ۾ اڄ کان فقط چار ڏينهن رهجي ويا آهن. انهن چئن ڏينهن ۾ به ٻه گڏجاڻيون رٿيل آهن. هڪ گڏجاڻي ڏهين آگسٽ تي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊيز سينٽر ۾ جڏهن ته سوين جنم ڏينهن جي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جي انتظام هيٺ ٿيندي، جنهن کي آرٽس ڪائونسل شاندار نموني ملهائڻ لاءِ انتظام ڪري رهي آهي.

پهرين آگسٽ جي سؤ ساله جشن جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي. يونيورسٽيءَ جي پبلڪ رليشنز جي ڊائريڪٽر، انور ابڙي آجياڻي تقرير ۾ ڄاڻ ڏني ته، ”محمد ابراهيم جويو صاحب چار سال ان اسڪول جو شاگرد رهيو آهي، ۽ 1934ع ۾ سنڌ مدرسي مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1938ع ۾ ساڳئي اسڪول ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي حيثيت ۾ اچي پڙهائڻ جو ڪم ڪيائين.“ هن چيو چيو ته، ”ابراهيم جوئي صاحب جو سنڌ مدرسةالاسلام سان ويجهو ۽ گهرو تعلق رهيو آهي. اسان کي خوشي ٿي رهي آهي، جو اسان سندس سؤ ساله جنم ڏينهن جي جشن جو حصو بڻجي رهيا آهيون.“

ڊاڪٽر امجد سراج جنهن محترم مظهر جميل جي ڪتاب ”محمد ابراہیم جویو ایک صدی کی آواز“ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو "Muhammad Ibrahim Joyo : The Voice of A Century" جي نالي سان ڪيو آهي، چيو ته، ”ابراهيم جويي ۽ منهنجي والد سراج الحق جي وچ ۾ ڀائپي جو تعلق هو، مون کي جويو صاحب جي سوانح حيات کي ترجمو ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. ان ترجمي سان مون ٻنهي ڪٽنبن جي وچ ۾ تعلق کي اڃا به وڌيڪ سگهارو ڪيو آهي. مون کي خوشي آهي، جو جويي صاحب منهنجي ان ترجمي کي پسند ڪيو آهي. ان ترجمي جي ذميداري ڏيڻ تي آءٌ محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جناب مظهرالحق صديقي ۽ سيڪريٽري پروفيسر محمد سليم ميمڻ جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، جن مون کي ان ڪتاب جي ترجمي جي ذميداري ڏني.“ ڊاڪٽر امجد چيو ته، ”ان ترجمي وسيلي مون جويو صاحب کي نئين اندز ۾ سمجهيو آهي.“

سؤ ساله جشن ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر، پروفيسر محمد سليم ميمڻ جنهن جويي صاحب جي سوانح حيات جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو پڙاڏو“ جي نالي سان ڪيو آهي، خطاب ڪندي ڄاڻ ڏني ته، ”جولائي 2014ع ۾ اسان سائين محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽي، محترم مظهرالحق صديقيءَ جي سربراهي ۾ جوڙي هئي، تنهن پنهنجي هڪ سال جو سفر خوش اسلوبي سان پورو ڪيو آهي. اسان جيڪي به پروگرام رٿيا هئا، سي وقت سر ٿيندا رهيا آهن. سنڌ مدرسةالاسلام يونيورسٽيءَ وارو پروگرام مارچ مهيني ۾ ٿيڻو هو، پر ڪتابن جو ترجمو مڪمل ٿي نه سگهيو هو، انڪري پروگرام کي پوئتي هٽائڻو پيو.“

سيڪريٽري ڄاڻ ڏني ته، ”رٿيل ٻاويهن ڪتابن مان پندرنهن ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته رهيل مختلف اشاعتي مرحلن ۾ آهن ۽ 13 آگسٽ تي پڌرا ٿيندا.“

هن سنڌ مدرسةالاسلام يونيورسٽيءَ جي وائس چانسيلر ۽ عملي جا ٿورا مڃيا، جن قانوني نوٽس ملڻ کان پوءِ به رٿيل پروگرام ڪرايو ۽ ٻئي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.

هن چيو ته، ”محمد ابراهيم جويي صاحب 1946ع ۾ ’سنڌ بچايو کنڊ بچايو‘ ڪتاب لکي، سنڌ جي سياسي اڳواڻن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهو ڪتاب جويي صاحب جي بنيادي ڪتابن مان هڪ آهي، جڏهن ته ٻيا ڪتاب ڄڻ ته ان جي تفسير آهن.“

هن ٻڌايو ته، ”هيل تائين ٻارنهن هزار صفحن تي ٻڌل پنڌرنهن ڪتاب پڌرا ٿيا آهن، جڏهن ته پنج هزار صفحن تي ٻڌل ست ڪتاب ڇپائي جي آخري مرحلي ۾ آهن، جيڪي جلد پڙهندڙن جي هٿن ۾ هوندا.“ هن چيو ته، ”جويي صاحب جي سڀني ڪتابن کي ڇپائڻ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته، جويي صاحب جي پيغام کي عام ڪيو وڃي، خاص طور تي نوجوان نسل کي انهن لکڻين مان لاڀ پرائڻ گهرجي.“ هن چيو ته، ”جويو صاحب خوشحال سنڌ جو خواب ڏسندو رهيو آهي، جنهن کي اسين ۽ اڄ جو نوجوان نسل ساڀيان ڏيئي سگهي ٿو.“

سؤ ساله جشن ڪاميٽيءَ جي وائيس چيئرپرسن ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته، ”ڪاميٽي جا ميمبر جس لهڻين جن سڄو سال اسان سان سهڪار ڪيو ۽ ڪم کي وقت سر پنهنجي منزل تي پهچائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيا.“ هن چيو ته، ”جويي صاحب جي زندگي اسان لاءِ لاٽ ۽ واٽ آهي، ۽ اسان سڀن کي سندس فڪر ۽ فلسفي کي پنهنجائڻ گهرجي.“ مهتاب راشدي چيو ته، ”هيءُ هڪ تاريخي گهڙي آهي، جو جويو صاحب جھڙي هستي اسان جي وچ ۾ ويٺل آهي.“ هن چيو ته، ”جويو صاحب اجري من وارو ماڻهو آهي، جنهن ڪري سڄي سنڌ کي اڄ خوش ٿيڻ گهرجي.“ هن چيو ته، ”جويي صاحب جيڪا سنڌ سپنن ۾ سوچي هئي. ان خواب کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان سڀنيءَ کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.“

مهراڻ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر، ڊاڪٽر اسلم عقيليءَ چيو ته، ” جويي صاحب جهڙيون هستيون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن، مون کي فخر آهي ته، جويو صاحب منهنجي والد جو سنڌ مدرسي ۾ استاد رهيو آهي. مان جڏهن جويي صاحب سان مليس، ته هن چيو ته، تون منهنجو دوست آهين. اسان جي اها دوستي اڄ به قائم آهي، مان اڪثر رهنمائي وٺڻ لاءِ جويي صاحب وٽ ويندو آهيان. هو هڪ سماج سڌارڪ ۽ آدرشي انسان آهي.“

محمد ابراهيم جويي سؤ ساله جشن ڪاميٽيءَ جي چيئرمين مظهرالحق صديقي صاحب چيو ته، ”جويو صاحب پنهنجي سوچ ۾ سوشلسٽ آهي، جنهن سنڌ لاءِ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.“ هن چيو ته، ”اسان کي جويي صاحب جي پيغام کي نوجوان نسل تائين پهچائڻو آهي، ته جيئن اهي سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙي سگهن.“ هن چيو ته، ”جويي صاحب نه فقط علمي، ادبي ۽ ثقافتي ميدان ۾ پاڻ پتوڙيو، بلڪه هن سياسي شعبي ۾ پڻ سياستدانن ۽ سياسي ڪارڪنن جي رهنمائي ڪئي آهي.“ هن چيو ته، ”جويو صاحب ڪڏهن به پنهنجي ذات لاءِ نه سوچيو.“

سنڌ مدرسةالاسلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، ”محمد ابراهيم جويي جي خدمتن جو سندن حياتي ۾ اعتراف ڪرڻ جي روايت محمد ابراهيم جويو سؤ ساله ڪاميٽي وڌي آهي، جيڪي جس لهڻين مان سندن ٿورائتو آهيان جو هنن اسان کي پنهنجي سٿ ۾ شامل ڪيو.“

ڊاڪٽر محمد علي شيخ جويو صاحب جي خدمتن تي کين خراج پيش ڪندي چيو ته، ”جويو صاحب سنڌ جو اهو ڏاهو آهي، جنهن کي سنڌ جي خدمتن جي عيوض تڪليفون سهڻيون پيون آهن. ان موقعي تي وائيس چانسيلر اعلان ڪيو ته، ”اسان 1946ع-1947ع ۾ جويي صاحب جن کي، جيڪي اُن وقت سنڌ مدرسي ۾ گريجوئيٽ ٽيچر هئا. ’سيو سنڌ – سيو ڪانٽينينٽ‘ ڪتاب لکڻ عيوض نوڪري ختم ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺندي معذرت جو اظهار ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ جو ان فيصلي سان کين تمام گهڻين پريشانين کي مُنهن ڏيڻو پيو هو.“ هن چيو ته، ”اڄ اسان پنهنجي ان تاريخي غلطيءَ کي درست ڪريون ٿا.“

واضح رهي ته سائين جويو صاحب سنڌ مدرسي ۾ چئن سالن تائين 1930ع کان 1934ع تائين سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي. بعد ۾ 1938ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو هو، ان دوران ٻن سالن جي وقفي سان هُو وري سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو هو. اهڙي طرح هن جو شاگرد ۽ استاد جي حيثيت ۾ لڳ ڀڳ 12 سالن تائين سنڌ مدرسي سان تعلق رهيو ۽ اڄ سندن اُن مادر علمي سندن مانُ ۾ هيءُ پروگرام منعقد ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ مدرسي يونيورسٽيءَ پاران سيد مظهر جميل جي، اردو ۾ سندن لکيل جيون ڪٿا جي سنڌي ۽ انگريزي ترجمن جي هنن پاڻ مهورت پڻ ڪئي.

ڊاڪٽر محمد علي شيخ پنهنجي اعلان ۾ وڌيڪ چيو ته، ”سنڌ مدرسه يونيورسٽي جويي صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو قدر ڪري ٿي ۽ سندن سنڌ مدرسي جي اڳوڻي شاگرد ۽ استاد هئڻ تي فخر ڪري ٿي.“ هن چيو ته، ”جويي صاحب جي نوڪري ختم ڪرڻ وقت سنڌ مدرسي جو پرنسپل هڪ انگريز ۽ سنڌ مدرسه بورڊ جو سربراهه پير الاهي بخش هئا، جن جي ڪيل غلطي اڄ هُو درست ڪري رهيا آهن.“

ان موقعي تي سائين محمد ابراهيم جويي سؤ ساله جشن جي سلسلي جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو. يونيورسٽيءَ جي وائس چانسيلر کين اجرڪ، سنڌي ٽوپي پڻ پيش ڪئي.

بعد ۾ جويو صاحب کي سنڌ مدرسةالاسلام يونيورسٽيءَ جو ايڪسيلنس ايوارڊ پيش ڪيو ويو، جيڪو سنڌ مدرسي جي اڳوڻن شاگردن کي زندگيءَ ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ اهم شخصيت کي پيش ڪيو ويندو آهي.

جويي صاحب پنهنجي مختصر خطاب ۾ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، عملي ۽ مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته، ”آءٌ اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان مون کي مانُ ڏنو آهي، اوهان جي مهرباني.“ ان موقعي تي جويي صاحب کي گذارش ڪئي ويئي، ته اوهان ويهي خطاب ڪيو، ته پاڻ  بيهي ڳالهائڻ پسند ڪيائون.

هالار

 

 

 

 

سائين محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جي

سينچري مڪمل ڪري ورتي

 

سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي زندگيءَ جا سؤ سال مڪمل ڪري ورتا. ان يادگار تاريخي موقعي کي ملهائڻ لاءِ پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ سالگرهه جو شاندار ۽ مانائتو پروگرام ’محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽي‘، پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان ملهايو. ان موقعي تي جويو صاحب جي چئن ترجمو ڪيل ڪتابن ۽ جويي صاحب تي سندس همعصر اديبن جي لکيل ٻن ڪتابن جو مهورت پڻ ٿيو.

سالگرهه تقريب جي صدارت  نامياري سرجن پروفيسر ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڪئي، جڏهن ته سڌ سماءَ ۽ آبپاشيءَ جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙي ۽ پارلياماني معاملن جي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري خاص مهمانن جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي.

گڏجاڻيءَ جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، جنهن کان پوءِ ماهين هيسباڻيءَ شاهه سائينءَ جا بيت پيش ڪيا.

مهمانن جي آجيان ڪندي پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي سيڪريٽري محمد احمد شاهه چيو ته سائين محمد ابراهيم جويو ملڪ جي اها فخر جوڳي هستي آهي، جنهن پنهنجي زندگي علم، ادب، تاريخ، سياست ۽ نوجوانن جي رهبري ڪندي گذاري ڇڏي. جويي صاحب جنهن فڪر جو ٻج ڇٽيو، اهو وڌي وڻ ٿيو آهي. اسان جي ايندڙ نسلن کي جويي صاحب جي ڏاهپ مان گهڻو ڪجهه سکڻ جي گهرج آهي. پاڪستان آرٽس ڪائونسل، سؤ ساله جشن ڪاميٽيءَ جو حصو آهي ۽ اسان پهرين ڏينهن کان ساڻن گڏ آهيون. اڄوڪو پروگرام سائين محمد ابراهيم جويي کي سندس علم، ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتن جي ڏس ۾ معمولي ڀيٽا آهي. هن ان موقعي تي سائين محمد ابراهيم جويي کي اجرڪ ۽ هڪ يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.

محمد ابراهيم سؤ ساله جشن ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽري پروفيسر محمد سليم ميمڻ آيل مهمانن جي آجيان ڪندي سڄي سال جي رپورٽ پيش ڪئي. هن ٻڌايو ته 7 آگسٽ 2014ع تي پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي گل رنگ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ مظهرالحق صديقي، سيد مظهر جميل ۽ محمد احمد شاهه سان گڏجي اسان سڄي سال جي پروگرامن جي پڌرائي ڪئي هئي.

هن ڄاڻ ڏني ته اسان رٿيل سڀئي پروگرام مختلف ادارن جي سهڪار سان ڪرايا آهن ۽ جويو صاحب جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل سڄي مواد کي 23 ڪتابن جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. هن چيو ته جويي صاحب جي سڀ کان وڏي خوشي سندس ڪتابن جو ڇپجڻ يا ٻيهر ڇپجڻ آهي. اسان جڏهن به ڪتاب شايع ڪرائي سائينءَ وٽ کڻي وياسون ته پاڻ تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون.

هن چيو ته سائين پاڻ پڏائڻ يا پنهنجي واکاڻ کي سخت ناپسند ڪندو آهي، پر سؤ سالن جي ڄمار کي پهچڻ سائينءَ لاءِ خوشي ۽ فخر جوڳي ڳالهه آهي ته اسان سڀني لاءِ خوشيءَ جو موقعو پڻ آهي.

پروفيسر محمد سليم ميمڻ چيو ته گهڻن دوستن کي ويساهه ڪونه هو ته اسان جيڪي اعلان ڪيا، تن کي وقت سر ڪري سگهنداسون، پر ڪاميٽيءَ پنهنجي ڀرپور ڪوشش ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان اهو ڪم ممڪن ڪري ڏيکاريو، جنهن لاءِ مان ڪاميٽِيءَ جي سڀني ميمبرن خاص طور تي چيئرمين مظهرالحق صديقي، سيد مظهر جميل، مهتاب اڪبر راشدي ۽ ٻين سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان.

هن انهن ادارن جا به ٿورا مڃيا، جن ادارن ڪانفرنسون، ادبي ميڙاڪا ۽ سالگرهه جون تقريبون ڪوٺايون ۽ ڪتاب شايع ڪرايا. هن چيو ته جڏهن اسان اهو ڪم هٿ ۾ کنيو ته ڪاميٽيءَ وٽ ٽڪو به ڪونه هو، اڄ به هٿ خالي آهن، پر ادارن ڀرپور سهڪار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو.

انهن ادارن ۾:

ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ

سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

سنڌي ادبي بورڊ

سنڌي ادبي سنگت

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن

انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان

پاڪستان آرٽس ڪائونسل، ڪراچي

سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور

سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي

بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي، ڪراچي

پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڪراچي يونيورسٽي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي

محمد ابراهيم جويي جي ڏهٽي محسن جويي خطاب ڪندي چيو ته آئون قسم کڻي چوان ٿو ته منهنجي زندگي سنڌ ۽ محمد ابراهيم جويو لاءِ هوندي. ننڍي هوندي کان ڏسان پيو ته جويو صاحب مستقل مزاجيءَ کان ڪم وٺندو رهيو آهي، هن اسان کي جيڪا واٽ ڏسي آهي، سا سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ جي واٽ آهي.

محمد ابراهيم جويي جي پوٽيءَ بشريٰ جويو چيو ته بابا منهنجي تعليم تي گهڻو ڌيان ڏيندو هو ۽ عورتن جي تعليم کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو هو. هن چيو ته منهنجي اک ڪتابن ۽ اخبارن ۾ کلي ۽ اسان جي گهر ۾ ڪتابن پڙهڻ جو تمام گهڻو رجحان هو.

اردوءَ جي برک ڏاهي ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان جي صدر مسلم شميم، جويي صاحب کي اردوءَ ۾ منظوم خراج پيش ڪيو.

جويي صاحب جي سوانح نگار ۽ جويي صاحب جي جيون ڪٿا ”محمد ابراہیم جویو – ایک صدی کی آواز“ جي خالق سيد مظهر جميل ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان هڪ اهڙي شخصيت جي سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، جنهن سڄي ڄمار پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌ واسين کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هن سنڌ واسين کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اڄ سنڌ جي هڪ نئين تاريخ لکجي رهي آهي.

صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر، ڪالم نگار ۽ ڪاميٽيءَ جي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي، جيڪا ان پروگرام جي ميزبان به هئي، خطاب ڪندي چيو ته هيءَ منهنجي زندگيءَ جو عجيب لمحو آهي، پر هن لمحي کي مون ساهه ۾ سانڍيو آهي، جيڪو جيتر مان حيات آهيان، مون کي ياد رهندو. هن چيو ته محمد ابراهيم جويو اڄ به ذهني طور تي سجاڳ آهي.

ان  موقعي تي سڌ سماءَ ۽ آبپاشيءَ جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙي چيو ته ابراهيم جويو سنڌ جو انمول رتن آهي، هُو سڄي ملڪ جو ليجنڊ آهي. جويي صاحب پنهنجي سؤ ساله زندگيءَ ۾ وڏا جتن ڪيا هوندا، هن سڄي ڄمار سنڌ واسين لاءِ آواز اٿاريو آهي، نتيجي ۾ کيس ڪيترن ئي تڪليفن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. هن محرومين جي احساس هوندي به خوشحال سنڌ جو خواب ڏٺو، جنهن لاءِ پنهنجي سڄي ڄمار ارپي ڇڏيائين.

پارلياماني معاملن جي صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪند مينڌري، سائين محمد ابراهيم جويي کي سؤ ساله سالگرهه تي مبارڪون ڏيندي، سنڌ واسين کي به مبارڪون ڏنيون. هن ڪاميٽيءَ کي به مبارڪون ڏنيون، جن سڄو سال سندس سالگرهه جا ڪامياب پروگرام ڪرايا. هن چيو ته سنڌ ڌرتي اسان جي ڌرتي آهي. هن چيو ته موهن جي دڙي مان سڀ شيون مليون آهن، پر ڪو هٿيار ڪونه مليو آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي امن پسند قوم آهن.

ڪاميٽيءَ جي چيئرمين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي چيو ته محمد ابراهيم جويو سؤ سالن تائين سنڌ واسين لاءِ آواز اٿاريندو رهيو آهي، جنهن ڪري کيس ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. وٽس فڪر جا خزانا آهن. اها منهنجي خوش نصيبي آهي جو سائين محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه ملهائيندڙ ڪاميٽيءَ جو مان چيئرمين آهيان.

ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته محمد ابراهيم جويو ملڪ جو ليجنڊ آهي، مون وٽ اهي لفظ ئي ڪونهن جو مان کيس خراج پيش ڪري سگهان. مان نوجوانن کي چوندس ته محمد ابراهيم جويي جي ڏسيل واٽ تي هلن. هن چيو ته ابراهيم جويو صديءَ جي شخصيت آهي، هن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. هن چيو ته محمد ابراهيم جويو هڪ  جيئرو ليجنڊ آهي، سندس حياتي ۽ ڪارناما نوجوان نسل لاءِ اتساهيندڙ آهن.

ان کان پوءِ سائين محمد ابراهيم جويو پنهنجي سوين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو. آڊيٽوريم ۾ ويٺل مهمانن اٿي بيهي تاڙيون وڄائي سندس سالگرهه کي ملهايو ۽ کيس سالگرهه جون مبارڪون پيش ڪيون.

ان موقعي تي خطاب ڪندي سائين محمد ابراهيم جويي چيو ته مان سنڌ واسين جو تمام گهڻو احسان مند آهيان، جيڪي آئون لاهي نٿو سگهان. اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي جو منهنجي سؤ ساله سالگرهه ملهائي پيئي وڃي ۽ منهنجي ڇهن ڪتابن جو مهورت ٿي رهيو آهي، مون کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي.

سالگرهه جي موقعي تي ڇهن ڪتابن جو مهورت ٿيو، تنهن ۾ ”محمد ابراہیم جویو – ذات و صفات“ (اردو ڪتاب) جنهن کي مسلم شميم سهيڙيو آهي، جنهن ۾ همعصر اديبن جا جويو صاحب بابت مضمون شامل آهن، جيڪو پاڪستان آرٽس ڪائونسل شايع ڪرايو آهي.

ٻيو ڪتاب ”محمد ابراهيم جويو – سنڌ جو آواز“ آهي، جنهن کي پروفيسر محمد سليم ميمڻ سهيڙيو آهي، جنهن ۾ جويو صاحب جي فن ۽ فڪر تي همعصر اديبن جا مضمون شامل آهن. ڪتاب سنڌ جي ثقافت کاتي شايع ڪرايو آهي.

ٻيا چار ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايا ويا آهن، جن ۾ جويو صاحب جا ترجمو ٿيل ڪتاب ”وحشي جيوت جا نشان“، ”ڪئينڊيڊ“ ۽ ٻه ڪتاب ”ڏاهپ ساري ڏيهه جي“ ۽ ”فڪر جي آزادي“ پڻ جويو صاحب جا ترجمو ڪيل فڪري ڪتاب آهن، جن کي پروفيسر محمد سليم ميمڻ سهيڙيو آهي.

واضح رهي ته سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽماهي مهراڻ 3-4/2014ع ”محمد ابراهيم جويو خاص نمبر“ پڻ سائين جويو صاحب کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پڌرو ڪيو ويو آهي.

سالگرهه جي پروگرامن ۾ انهن سڀني ادارن جي سربراهن کي جويو صاحب پنهنجي هٿن سان ساراهي شيلڊون پيش ڪيون.

آخر ۾ شيما ڪرماني، سنڌ جي لوڪ گيت لولي ۽ شيخ اياز جي ڪلام ’هي گيت اڃايل مورن جا‘ تي شاندار رقص جو پروگرام پيش ڪيو.

تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عابده طاهراڻي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه، بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اختر بلوچ، ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر منظور احمد ڪناسري، سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد علي شيخ، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محترم الله ڏتي وگهئي، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين سرفراز راڄڙ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر سيد جعفر احمد خاص طور تي شرڪت ڪئي ۽ جويي صاحب کان شيلڊون ورتيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org