زاهده ابڙو
سنڌ جا دستڪاري هُنرَ ۽ ان کي
پيش ايندڙ چئلينجز
ثقافت، اهڙو اجتماعي عمل آهي جنهن ۾ فرد سماج جو
رڪن بنجي رسم و رواج، اخلاقيات، قانون، ڄاڻ ۽
فنونِ لطيفه ۽ ڪيئي ٻيا انيڪ ڪم ڪري
صلاحيتون
(Skills)
حاصل ڪري ٿو.
ثقافت، ماڻهن جو ٺاهيل ماحول آهي جيڪو اڄ جي نسل
کي ماضيءَ جي پيڙهين کان منتقل ٿيو آهي. ثقافت جي
پيچيدگين کي سمجهڻ لاءِ ان کي ٻن درجن ۾ ورهايو
وڃي ٿو:
1. مادي ثقافت:
ثقافت جي ان حصي ۾ اهي شيون اچي وڃن ٿيون جنهن سان
انسان پنهنجي وجود لاءِ مادي پيداواري طريقا
استعمال ڪري اڄ جي ترقيءَ تائين پهتو آهي. مثال
طور جاگيرداري دؤر ۾ انسان جانورن جي ذريعي هر
هلائي ان جي پيداوار حاصل ڪندو هو، پر هاڻي مشيني
اوزارن جي ذريعي پيداوار حاصل ڪئي ٿي وڃي.
2. غير مادي ثقافت :
ثقافت جي ان حصي ۾ خيال، ڄاڻ، رسمون، روايتون،
رواج، قدر ۽ رجحانات وغيره اچي وڃن ٿا. ان کان
علاوه ادب ۽ فنونِ لطيفه جا معاملا به ان ۾ اچن
ٿا، جن جي ذريعي دستڪاري هُنر، مجسما سازي، ٿانون
ٺاهڻ جو هنر، چترڪاري، ناچ ۽ موسيقي به ان ۾ شامل
آهن.
پس منظر:
هٿ جو هنر دنيا جي تمام پراڻن فنن مان هڪ آهي. هٿ
جي هنر کي ڏسبو ته ان جو وجود هندستان جي ثقافت ۾
سڀ کان آڳاٽو آهي، جنهن ۾
Indus Valley Civilization
شامل آهي. لوڪ فن ۾ سنڌ اڻڄاتل وقت کان پنهنجو
وجود رکي ٿي. سنڌ ۾ جيڪو هُنر اُسريو، ان کي
Sindhian School of Art
جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن آرٽ اسڪول جون پاڙون
مُهن جي دڙي جي ثقافت سان ڳنڍيل نظر اچن ٿيون.
ڊاڪٽر اڪبر نقويءَ جي چوڻ مطابق:
Sindhian School of Art
اهو آرٽ آهي، جنهن جون پاڙون انڊس ويلي سولائيزيشن
سان ڳنڍيل آهن. اهو ماضيءَ ۾ مروج هو ۽ ساڳيو آرٽ
هن وقت ۾ به رواج ۾ آهي ۽ مستقبل ۾ به ايندڙ نسلن
جي استعمال ۾ رهندو.“
سنڌ جو آرٽ ۽ ان جون مختلف شاخون محققن کي هڪ وسيع
ميدان مهيا ٿيون ڪن. سنڌوماٿريءَ مان ڪيترائي فن
جا نمونا هٿ آيا آهن، جن ۾ ٺڪر جا ٿانوَ ٺاهڻ جو
فن، پينٽنگ، مجسمه سازي، بلاڪ پرنٽنگ، ٻانڌڻيءَ
ٺاهڻ جو فن، ڀرت جو هُنر، ڌاڳو ٺاهڻ، ڪاٺ ۽ پٿر تي
اُڪريل گُل ۽ ٻيا نمونا ٺاهڻ جو فن ۽ زيورن ٺاهڻ
جي فن جو پتو پوي ٿو. اُهي سڀ هنر ايترا ته شاندار
آهن جو ڏسڻ وارا دنگ رهجيو وڃن ته ان وقت ۾ جڏهن
ثقافتون ۽ تهذيبون اُسري رهيون هيون، هن ماٿريءَ
جي ماڻهن جو ذوق حسن ايترو اعليٰ هو، جنهن جي خبر
انهن جي ان اعليٰ نمونن مان پوي ٿي جيڪي کوٽائيءَ
۾ اسان کي مليا آهن. اسان جو لوڪ فن يا دستڪاريءَ
جو هنر اسان جي ورثي جو سچو اهڃاڻ آهي. اهو فن
پنهنجين سڀني خوبين ۾ سچو ۽ اصلي آهي ۽ اتان جي
اصلوڪن ماڻهن جي سڃاڻپ جي پڪي علامت آهي. سنڌ جي
ڌرتي مختلف فنون جي آماجگاهه رهي آهي. سنڌ ماٿري
جي اهڃاڻن مان انهن ماڻهن جي شهري سٽاءَ جي هنر ۽
سندن خوبصورت فنڪاري جي خبر پوي ٿي.
هٿ جي هنر جي اهميت
1. ثقافتي اهميت:
ڪنهن به ملڪ جي ثقافت کي بچائڻ ۾ اتان جو هنرمند
وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي. انهن هنرمندن جي هٿ جون
ٺاهيل شيون اتان جي علائقائي يا ملڪي سطح تي ثقافت
کي محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ڏينديون آهن. اهي لوڪ فنڪار ئي
آهن جيڪي هٿ جو پورهيو ڪري اتان جي ورثي، ثقافت،
فن، روايتن ۽ تهذيب کي بچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا
آهن.
2. معاشي اهميت:
دستڪاري هنرن جي معاشي سرگرميءَ ۾ هميشه کان وڏي
اهميت رهي آهي، معاشي ترقيءَ ۾ اهو شعبو ڪيترن ئي
طريقن سان هٿ ونڊرائي ٿو ۽ ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا
مهيا ٿو ڪري. ٿوري ناڻي سان سيڙپڪاريءَ جو عمل
ممڪن ٿي سگهي ٿو ۽ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ مددگار
ثابت ٿئي ٿو. اسان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت دستڪاري
هُنر ۾ پوريءَ دنيا ۾ هڪ وڏي حيثيت رکي ٿو. سڄي
دنيا ۾ اتان جي دستڪاري هُنرمندن جو ڪم پسند ڪيو
وڃي ٿو. انڊيا پنهنجي دستڪاري هُنرمندن جون ٺهيل
شيون پوري دنيا ۾ اماڻي ٿو. ان سان نه صرف هُو
پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٿو پر پوري دنيا ۾ هتان جي
دستڪاري هُنرمندن جي وڏي گهرج به پيدا ڪري ٿو.
پاڙيسري ملڪ ۾ دستڪاري هُنر کي تمام گهڻي توجهه ۽
پلاننگ سان ترقي ڏني وئي آهي. اهو عمل انڊسٽريل
دؤر جي اُسرڻ کان اڳ جو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ان ۾
واڌارو ايندو پيو وڃي.
اڄ جي دؤر ۾ ملڪن جي وچ ۾ معاشي چٽاڀيٽي تمام وڌي
وئي آهي ۽ هر قوم ۽ ملڪ لاءِ پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب
کي زندهه رکڻ هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي. جتي
ملڪي سطح تي ٻيا شعبا معاشي ترقي ۾ حصو وٺي ملڪن
کي بحران مان ٻاهر ڪڍن ٿا، ته اتي
Cottage Industry
به ملڪ لاءِ تمام گهڻي معاشي مددگار بڻجي سگهي ٿي.
اسان جي خطي ۾ جيڪو به هٿ جو هنر آهي، دنيا ۾ ان
جي تمام گهڻي گهرج آهي، پر ان جي تياريءَ لاءِ
اسان جي هنرمند وٽ وسيلا ۽ گهربل سهولتون ميسر نه
هجڻ ڪري هُو ملڪي يا بين الاقوامي سطح تي، ان تيار
ٿيل مال جي گهرج، پورو نٿو ڪري سگهي.
رائج دستڪاري هُنر:
سنڌ جي دستڪاري هُنرَ کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڏسجي
ته خبر پوندي ته هتان جي ماڻهن پنهنجي روزگار ۽
جياپي لاءِ ڪيترائي دستڪاري هنر سکيا جن سان هنن
ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون ڪيو. ائين چوڻ ۾ ڪوبه
وڌاءُ نه هوندو ته سنڌ جو اصل رهاڪو هميشه کان
محنت ڪش رهيو آهي.
هن خطي ۾ جيڪي دستڪاري هنر گهڻائيءَ ۾ مروج رهيا
آهن، تن ۾ هيٺيان شامل آهن:
1. کٽڪو ڪم (جنهن ۾ اَجرڪ سازي به اچي ٿي).
2. سونارڪو ڪم
3. ڪوري
4. ڪنڀار
5. نقاش
6. چوڙيگر
7. کنڀاٽي
8. سلاوٽ
9. ڪاتب
10. پور جو ڪم
11. لوهارڪو ڪم
12. واڍڪو ڪم
13. ڀرت جو ڪم
14. ڪمانگر
اهي سڀ ئي دستڪاري هنر گهڻو ڪري مردن جي هٿ ور
چڙهيل رهيا آهن، پر ٿر، ڪوهستان، سانگهڙ، شڪارپور
۽ جيڪب آباد جون عورتون ڀرت ڀرڻ، رلين ٺاهڻ ۾
پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن جا ڀرت ڀريل ڪپڙا سڄيءَ
دنيا ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا.
اجرڪ:
سنڌ جي دستڪاري هُنرن ۾ اَجرڪ سرِ فهرست آهي. اهو
بلاڪ پرنٽ (ڇُر) جي ذريعي تيار ڪيو ويندو آهي. هٿ
جي ٺاهيل اَجرڪ جي تياريءَ ۾ 8-9 مرحلا هوندا آهن.
ڇُر جو ڪم اهو هنر آهي، جنهن کي اڄ به ان جي اصلي
صورت ۾ پسند ڪيو ٿو وڃي. ان لاءِ ڪيترن ئي ماهرن
جي اها راءِ آهي ته ان جو وجود مُهن جي دڙي جي
ثقافت کان وٺي موجود آهي. اَجرڪ جي تياريءَ ۾ رنگن
جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جن ۾ نيرو، ڳاڙهو، اڇو
۽ ڪارو رنگ گهڻو ڪري عام آهن. ٽنڊو محمد خان،
مٽياري، ماتلي، هالا ۽ سعيد پور اَجرڪ سازيءَ لاءِ
مشهور آهن. اَجرڪ پنهنجن رنگن ۽ خوبصورت نمونن
لاءِ پوري دنيا ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.
ماڻهو ان کي شاديءَ ۽ غميءَ جي موقعن تي استعمال
ڪن ٿا. مهمانن جي آڌر ڀاءُ وقت انهن کي اَجرڪ جو
تحفو ڏيڻ سنڌ جي ماڻهن جي خاص روايت رهي آهي، پر
اڄڪلهه اَجرڪ جي تياري مشينن ذريعي ڪئي ٿي وڃي،
جنهن جا ڊزائين ته کڻي ساڳيا هجن، پر ان جي رنگن ۾
اها دلڪشي ۽ خوبصورتي نه هوندي آهي. مشين تي ٺهيل
اَجرڪ تي خرچ گهٽ ٿو اچي جنهن ڪري ان جي قيمت به
تمام گهٽ هوندي آهي. ان طريقي سان ٺهيل اَجرڪ جي
ڪري اصل اَجرڪ جي طلب گهٽجندي پئي وڃي.
اَجرڪ جي تياري، ڪيترن ئي مرحلن ۾ ٿئي ٿي، ان عمل
لاءِ گهڻن مزدورن جي ضرورت هوندي آهي. ٻيو ته ان
جي تياريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪچو مال ڏينهون ڏينهن
وڃي مهانگو ٿيندو. جنهنڪري تيار ٿيڻ کان پوءِ
اَجرڪ جو ملهه ان جي قدر جي حساب سان 1000 رپين
کان 10000 رپين تائين هوندو آهي.
هٿ جا ڀرت:
هٿ جي ڀرت جو هنر، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ عورتن
لاءِ روزگار جو وڏو ذريعو رهيو آهي. هتي جيڪي ڀرت
ڀريا وڃن ٿا تن ۾ هُرمچ، ڪچو ڀرت، گج ٺاهڻ، ٽِڪون
لڳائڻ، (Mirror
Work)
پڪو ٽانڪو، بوڇڻي ٺاهڻ جو هُنر ۽ ٿري ڀرت وغيره
شامل آهن.
ڪنهن وقت هنرمند عورتون انهن ڀرتن جي عيوض سٺو
معاوضو ڪمائينديون هيون، پر هاڻي مشينن جي استعمال
سان، انهن مان ڪيترائي ڀرت ڀرجي رهيا آهن، جن ۾
مختلف رنگن جو استعمال جدت سان ڪري انهن مان
خوبصورت ڊيزائن ٺاهيا ٿا وڃن. جنهنڪري هٿ جي ڀرت
جي طلب گهٽجي رهي آهي. ان هوندي به اهي عورتون گهٽ
معاوضي تي پنهنجو پورهيو جاري رکيو ويٺيون آهن.
رليءَ جو هنر:
رلي، مختلف طريقن سان ٺاهڻ جو رواج ڪيترن ئي ملڪن
۾ رائج آهي، پر جيتري محنت سنڌ جي هنرمند عورت ڪري
ٿي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
رليءَ کي ٽڪرين سان ڳنڍي ٺاهيو ويندو آهي، جنهن ۾
ڪيترائي رنگ ۽ ڊزائين استعمال ٿيندا آهن. اُن کان
علاوه سنڌ ۾ ٽُڪ واري رليءَ جي تياريءَ ۾ هتان جي
هنرمند عورت پنهنجي مهارت ۽ هنر جو خاص استعمال
ڪري، ان کي چار چنڊ لڳائي ٿي. جنهن جي تياريءَ ۾
ٻٽي ڪپڙي جو استعمال ٿئي ٿو. هڪ تهه جي ٽُڪ ڪري
ٻئي ڪپڙي تي سبيو ويندو آهي. انهن ڊزائينن کي به
ڪاپي ڪري مشينن تي ٺاهيو ٿو وڃي يا وري ان هنر کان
ناواقف مرد ۽ عورتون سستن اگهن تي اهي رليون ٺاهي
مارڪيٽ ۾ سپلاءِ ڪن ٿيون.
گربي ۽ سوسيءَ جو ڪپڙو:
سنڌ ۾ صدين کان استعمال ٿيندڙ سوسي ۽ گربيءَ جي
پيداوار کي صنعتي ترقيءَ جي ڪري وڏو ڌڪ لڳو آهي.
جنهن ڪري هالا ۾ گهرن اندر لڳل کڏين تي تيار ٿيندڙ
اهو ڪپڙو هاڻي مشينن جي ذريعي ٺاهيو ٿو وڃي جن جا
رنگ ڪچا ۽ ڌاڳو غير معياري آهن. جنهنڪري ان ڪپڙي
جا خريدار گهٽجي چڪا آهن. هاڻي ان جو عام استعمال
ترڪ ٿي چڪو آهي. اڄڪلهه صرف ان کي نمائشي انداز ۾
استعمال ڪيو ٿو وڃي.
دستڪاري هنر ۽ دستڪاري هنرمندن کي درپيش مشڪلاتون:
مضمون نگار جي مشاهدي تحت اها ڳالهه سامهون آئي
آهي ته گهرو هنرن جي طلب ملڪي توڙي بين الاقوامي
سطح تي موجود آهي، پر هتان جو خانگي سيڙپ ڪار،
نفعي جي لالچ ۽ سنڌ اندر ڪانٽريڪٽ تي ٻڌل ڪميونٽي
جيڪا مختلف هنڌن تي موجود آهي، اُهي هن گهرو هنر
جو استحصال ڪري رهيا آهن.
ان استحصالي رويي ۾ خانگي سيڙپڪار هميشه کان
ڪامياب رهيو آهي ۽ ڪڏهن به پڪڙ ۾ نه آيو آهي. هُن
جي ڪاميابيءَ جو سبب اهو آهي ته اُهي مرد ۽ عورتون
جيڪي ڪنهن به هُنر جا ماهر آهن، انهن کي ملڪي
مارڪيٽ تائين به رسائي نه آهي، عالمي مارڪيٽ تائين
پهچ هنن لاءِ هڪ خواب مثل آهي. ٻيو ته هن سيڙپ ڪار
کي اها خبر آهي ته ان تيار ٿيل مال جي کپت ڪهڙن
علائقن ۽ ملڪن ۾ موجود آهي، انڪري هُن کي اهڙن
دستڪاري هُنرمند مردن ۽ عورتن جي ضرورت رهندي آهي،
پر هو وڌيڪ منافعي ڪمائڻ جي چڪر ۾ اهڙين هنرمند
عورتن ۽ مردن کي جيئرو رکڻ چاهيندو آهي. حالانڪه
هن کي چڱي ريت خبر آهي ته هو انهن دستڪاري هنرمندن
کي ان پورهئي جو جائز اجورو نه ڏئي رهيو آهي. هو
ان ڪميونٽيءَ کي مختلف حيلن ۽ بهانن سان مسلسل هڪ
شيطاني چڪر ۾ ڦاسائڻ لاءِ ڪجهه رقم بطور ايڊوانس
ڏئي هنن جي روزمرهه جون ضرورتون پوريون ڪري انهن
تي پنهنجو احسان مڙهيندو رهندو آهي. ان ريت هو ان
ڪميونٽيءَ ۾ هيرو به بڻجي ويندو آهي ۽ مارڪيٽ جي
طلب پوري ڪندي گهڻو منافعو ڪمائيندو آهي.
ان گنڀير مسئلي تي ماضيءَ ۾ به گهڻي سوچ ويچار ڪئي
وئي آهي ۽ هن وقت انهن هنرمندن جي اُسرڻ لاءِ هڪ
رڪاوٽ آهي. ان ڪانٽريڪٽ تي ٻڌل ڪميونٽي جي جائز
اجوري نه ملڻ ڪري اها ڪميونٽي ڪجهه عرصي کان پوءِ
زوال پذير ٿي بند ٿي ويندي آهي. ان لاءِ ضروري آهي
ته اسين انهن هنرمندن جي ڪميونٽيز کي زندهه رکون،
جيڪي اسان جي تهذيب ۽ تمدن جي جياپي جو ذريعو آهن.
جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو، ته نه صرف اهو آرٽ ۽
ڪرافٽ هن ڌرتيءَ تان مٽجي ويندو، پر اسين به
بحيثيت هڪ قوم، پنهنجي صدين واري سڃاڻپ وڃائي
ويهنداسين.
مٿئين جائزي مان اها ڳالهه ثابت ٿِي ٿئي ته
سيڙپڪاري ڪارپوريٽ سوشل ذميداري کڻڻ لاءِ تيار نه
آهي. ان سان گڏوگڏ حڪومتون به ان ڏس ۾ غير سنجيده
روش رکن ٿيون، ڇو ته جتي سوين ڇڙوڇڙ مختلف پاڪيٽس
۾ ڪم ڪندڙ دستڪاري هنرمند ڪسمپرسيءَ ۾ زندگي گذاري
رهيا آهن، انهن لاءِ حڪومت وٽ ڪابه سنجيده حڪمت
عملي موجود ناهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اها ڪنهن
به حڪومت جي ذميداري هوندي آهي ته ثقافت ۽ ان سان
لاڳاپيل هنر ۽ دستڪاريءَ جي پذيرائيءَ لاءِ موقعا
پيدا ڪنديون آهن؛ انهن جي تربيتي واڌاري لاءِ
حڪومتون ئي قومي پاليسي ٺاهينديون آهن.
گهڻي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته موجوده توڻي گذريل
حڪومتون مختلف ثقافتن ۽ قديم تهذيبن کي مڃڻ لاءِ
تيار ئي ناهن. ان ڪري اهي هنرمند ڪميونٽيز وقت جي
بيرحم ڌارا تي بي يار و مددگار هلي رهيون آهن. ان
قومي پاليسيءَ جي نه هئڻ ڪري خانگي سيڙپڪار هر قسم
جو ناجائز فائدو وٺي رهيو آهي ۽ هو پاڻ کي
ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽيءَ کان آجو ٿو سمجهي.
دنيا ۾ خانگي سيڙپڪار جتي فائدو ڪمائي ٿو، ان مان
هو ان دستڪاري هنرمند ڪميونٽيءَ جي ڀلائيءَ ۽
بهتري لاءِ ۽ انهن جي سکيا لاءِ گهڻا اُپاءَ وٺي
ٿو ته جيئن ان جي تيار ڪيل مال کي مارڪيٽ ۾ جٽاءُ
ڏياري پاڻ به منافعو کڻي ۽ ڪميونٽي کي به سڌارو
ڏئي وڌيڪ سهولتن سان آراسته ڪري سگهي.
جيستائين اسان جون حڪومتون ملڪي ۽ علاقائي سطح تي
انهن هنرمندن جي اهميت کي تسليم ڪن تيستائين اسين
هزارين مرد ۽ عورت هنرمند کي حالات جي رحم و ڪرم
تي نٿا ڇڏي سگهون. ان لاءِ حڪومت تي سياسي پارٽيون
۽ سول سوسائٽي گڏجي دٻاءُ وجهي انهن هنرمندن کي
پنهنجو جائز مقام ۽ حق وٺرائي ڏين ۽ ان سان گڏوگڏ
انهن ڪميونٽيز کي پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جاڳرتا
ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجون ٽريڊ يونينز ۽
ايسوسيئيشنز ٺاهي پرائيويٽ سيڪٽر تي دٻاءُ وجهي
سگهن.
مٿئين بحث کي مدِ نظر رکندي جيڪڏهن اسين هنرمند
ڪميونٽيءَ سان همدردي رکون ۽ پنهنجي ثقافتي ورثي
کي محفوظ رکڻ چاهيون ته هيٺين تجويزن تي آسانيءَ
سان عمل ٿي سگهي ٿو.
·
انهن ڪميونٽيز کي انهن جي ڊور اسٽيپ تي وڃي سکيا
ڏني وڃي.
·
سکيا دوران انهن هنرمندن لاءِ مختلف الائونس مقرر
ڪبا ته جيئن هو روزگار جي فڪر کان آجا ٿي سکيا تي
توجهه ڏئي سگهن.
·
هن شعبي ۾ تحقيق کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آهي.
سائنسي بنيادن تي تحقيق کي شامل ڪيو وڃي، ته جيئن
تيئن انهن هنرن کي انهن جي اصل صورت ۾ ٺاهڻ جي عمل
کي جدت سان هم آهنگ ڪري، کين بچايو وڃي.
·
ڪميونٽيءَ کي آسان قرض ڏنا وڃن ته جيئن هو شروعاتي
سيڙپ ڪاري ڪري سگهن.
·
هنرمندن لاءِ ڪچي مال گڏ ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي
پيچيدگيون هونديون آهن. ڪجهه مال عام طور مهيا
هوندو آهي، پر ڪجهه درآمد ڪيو ويندو آهي، ان لاءِ
جوڳا قدم کڻي هنرمند کي مناسب قيمت ۾ ڪچي مال جي
فراهمي کي يقيني بنائجي.
·
تيار ٿيل پراڊڪٽ لاءِ لوڪل ۽ بين الاقوامي مارڪيٽ
۾ گهرج موجود آهي. هنرمند کي ان مارڪيٽ تائين
رسائي ڏني وڃي. مختلف وقتن تي نمائشون لڳايون وڃن
۽ اهڙن ملڪن ۾ جتي پراڊڪٽ جي گهرج هجي، ان ملڪ سان
معاهدا ڪيا وڃن، جن ۾
Long term
۽
Short
شامل ٿي سگهن ٿا.
·
تيار ٿيل مال جي قيمتن کي بين الاقوامي تناظر ۾
مقرر ڪيو وڃي ته جيئن هنرمند کي پورو اجورو ملي
سگهي ۽ هو ان ڪم ۾ دلچسپي وٺي.
ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي
”محبت جي ميدان ۾ سر جو ڪر مَ سانگ“
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ڪتاب ”لوڪ شاعري“ جو
تنقيدي اڀياس
جيتريقدر پڙهيو ۽ ٻُڌو ويو آهي ته لوڪ شاعري هر
ملڪ جي پنهنجي معيار، پنهنجي اهميت ۽ حيثيت جي
حامل هوندي آهي. هر ملڪ جون حالتون اهڙي شاعريءَ
جي پيداوار ۽ اوسر جو نتيجو هونديون آهن. هر ملڪ
جي لوڪ شاعريءَ جو پنهنجو نوع ۽ ورجاءُ هوندو آهي.
اسان وٽ ته هن شاعريءَ جون ڪيتريون ئي جنسون ۽
قِسم آهن، جن جي اڀياس ڪرڻ سان انهن جي اوسر ۽
ارتقا جي منزل کي ڪنهن حد تائين پهچي سگهجي ٿو.
لوڪ شاعريءَ جي هر صنف وقت جي وهڪرن، ڦيرين
گهيرين، تبديلين ۽ لاهَن چاڙهن سبب مٽبي سٽبي ۽
بدلبي سدلبي اسان تائين پهتي آهي.
جيتوڻيڪ لوڪ شاعريءَ جي ابتدا جي خبر ۽ ڄاڻ صحيح
طور تي ڪنهن کي به نه آهي، ته ان جي شروعات اول
ڪنهن ڪئي ۽ ان جو روپ ڪهڙو هو ۽ سندس صحيح حالت
ڪهڙي ۽ ڪيئن هئي. شاهه لطيفرحه کان اڳ
۽ شاهه ڀٽائيءَ تائين انقلابن جو اهڙو سلسلو هلندو
آيو آهي، جو جڏهن اسان شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جو
اڀياس ڪنداسون ته ان جون مختلف نسخن ۾ مختلف
پڙهڻيون ملنديون يعني ڪيترن ئي بيتن ۾ ٿوري گهڻي
ڦير ڦار نظر ايندي. لوڪ شاعريءَ جو ملڻ سومرن جي
دور کان وٺي شروع ٿيو آهي. اهڙيءَ شاعريءَ جا
سرجيندڙ ڀَٽ، ڀان ۽ چارڻ تسليم ڪيا ويا آهن جن جو
هن قسم جي شاعريءَ کي زندهه رکڻ ۾ وڏو هٿ رهيو
آهي. هن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي لوڪ
شاعريءَ جو دائرو تمام وسيع ۽ ڪشادو آهي، منجهس
ڪيتريون ئي صنفون سمايل آهن. جن کي ويجهي دور ۾
سهيڙيو ۽ سموهيو ويو آهي. اهڙيءَ شاعريءَ جا
ڪيترائي جلد (ڪتاب) ترتيب ڏيئي شايع ڪرايا ويا
آهن. هيءُ ڪتاب (لوڪ شاعري) به انهن جي هڪ ڪڙي
آهي. دنيا جي ٻين ملڪن جي لوڪ ادب جي ڀيٽ ۾ اسان
جي هن قسم جي شاعريءَ جو تعداد تمام گهڻو آهي.
جنهنڪري هن شاعريءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ
گهڻيون ئي ڪوششون ورتيون ويون آهن. ڪتاب جو تنقيدي
جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
مواد ۽ موضوع:
اڀياس هيٺ آيل ڪتاب صنف جي لحاظ کان لوڪ شاعريءَ
جي متعلق آهي، منجهس جيڪو مواد موجود آهي، سو ڪنهن
حد تائين معنيٰ جا جوهر رکي ٿو. جهڙيءَ طرح سنڌي
ادب جي نامور اسڪالر ۽ عالم ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي جا ڪتاب ثمر آور ثابت ٿيا آهن ۽ قدر افزا
پڻ آهن، تهڙيءَ ريت هيءُ ڪتاب به سندس محنت جو ثمر
آهي. خود فاضل مصنف جي ڪارڪردگي ۽ ڪوشش سنڌي ادب ۾
معيار جي لائق آهي. جنهن کي سنڌي ادب جي دنيا ۾
ڪنهن حد تائين مڃتا ملي چڪي آهي. زيرِ نظر ڪتاب جو
ٽائيٽل نامور چترڪار ظفر ڪاظميءَ جو ٺهيل آهي،
جنهن ۾ هڪ ڳڀرو جوان، جنهن جي مٿي تي اجرڪ جو
پَٽڪو ٻڌل ۽ بينسريءَ وڄائڻ ۾ مشغول ۽ محو ڏيکاريو
ويو آهي. اهڙي تصوير ڪتاب جي معيار وڌائڻ جو ڪارڻ
بڻي آهي.
لوڪ شاعريءَ جو ڪتاب، ڊيمي سائيز ۽ چوونجاهه صفحن
تي مبني آهي. هيءُ ڪتاب تڏهوڪي وزارت تعليم حڪومت
پاڪستان جو مرتب ڪرايل آهي، جنهن کي سنڌي ادبي
بورڊ 1981ع ۾ پهريون دفعو ڇاپيو آهي. هن مختصر
ننڍڙي ڪتاب ۾ ٻاراڻي لوڪ شاعريءَ جي ڳچ صنفن کي
انتخاب طور درج ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جو اڀياس ڪندي معلوم ٿو ٿئي، ته قابل ليکڪ
ڪتاب جي ترتيب جي باري ۾ هڪ حرف به نه لکيو آهي.
جڏهن ته فاضل مصنف پنهنجي مڙني ڪتابن جا مهاڳ (ٻه
اکر طور) لکيا آهن. مهاڳ يا مقدمو هر ڪتاب جي
سونهن سوڀيا جو سبب بڻجي ٿو. مهاڳ نه لکڻ ڪتاب جي
حُسن جي واڌاري جي بجاءِ ڪوتاهيءَ جو باعث بڻجي
ٿو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي ڪتاب جي مهاڳ لکڻ
ڏانهن متوجهه ٿيڻ کپندو هو، ڇو ته مهاڳ ئي ڪتاب جو
روح ۽ جان آهي. اڀياس هيٺ آيل ڪتاب ۾ ڊاڪٽر سنديلي
هيٺيان عنوان درج ڪيا آهن:
1.
مناجات
2.
مدح
3.
عرض اگهاءِ يا خدا
4.
ياد رک
5.
سونهن آهي ۽ ڏني ويئي ڇا؟
6.
ڌيان علم ڏي ڌريون
7.
چوري
8.
چال سڌار
9.
محبت جي ميدان ۾
10.
بهار
11.
هاري
12.
ڀلن جا پار ڪهڙا
13.
سر مارئي
14.
سر سسئي 1
15.
سر سسئي 2 (سانوڻ فقير)
16.
مولود
17.
ڪافيون
18.
ڪافيون
19.
هيرو
20.
بيت
21.
پيرڙو پنڌڙو
22.
ڪنگري ڪِ لوٽو
23.
راند: اِيسي موري
24.
ڊينبي جي ڳالهه (1-2)
25.چَتون
خان
26.
سهرو ڳيچ
27.
لوڪ گيت (هو جمالو، ڇلو، مورو، لولي ۽ اولاڻو.
مذڪوره ڪتاب جي ابتدا مناجات سان ڪيل آهي ۽ ڪتاب
جي انتها لولي ۽ اولاڻو جهڙن گيتن تي ٿئي ٿي.
شاعرن جي نالن جي وضاحت جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي.
مناجات ۽ مدح وغيره ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جن جي لاءِ ”صلعم“ لفظ ڏنگين کان
سواءِ رکيل آهي، جيڪو عام پڙهندڙن کي پڙهڻ ۽ بحر ۾
مُنجهائي سگهي ٿو. جيڪا مناجات شروعات ۾ ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلي درج ڪئي آهي، ان ۾ چوويهه سٽون
لکيون آهن، پر اها مناجات 43 سِٽن تي مشتمل آهي.
هن مناجات جو شاعر ڪَرم آهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جي مرتب ڪيل ڪتاب (مداحون ۽ مناجاتون) جي 391 صفحي
تي لکيل آهي. جيڪڏهن اِها مناجات ڊاڪٽر سنديلو
مڪمل ڏيئي ها، ته ڪنهن به مونجهاري کي منهن ڏيڻو
نه پوي ها. هن مناجات جي شروعات هنن سِٽن سان ڪيل
آهي:
ساراهيان سچو ڌڻي صاحب ربّ ستّار،
ربّ پنهنجي نور مان نبي ڪيو نروار،
مير محمّد ڪارڻي عالم جو آڌار.
۽ پڄاڻي هن طرح ڪئي وئي آهي.
قادر هن ”ڪرم“ کي نيئي مديني مار،
جو سدا سِڪي سڪ ۾ ساري سڀ ڄمار،
غسل ڏين هن غربي کي سڳا سيڻ ستار،
روضي پاڪ رسول جي تاڙ اڪن تنوار،
چئو صلواتون نبي ڪريم تي هردم لک هزار،
وينداسي ايمان سان جن ڪلمي جي پچار.
هن مناجات کان پوءِ هڪ ٻي مناجات ڏني وئي آهي،
جيڪا پڻ نامڪمل ۽ نهايت اڻپوري آهي. هن مناجات جا
صرف ٽي مصرع (بند) ڏنا ويا آهن. اهڙيءَ طرح مناجات
جي جوڙيندڙ شاعر جو نالو پڻ لکيو نه ويو آهي. جيڪو
لکڻ کپندو هو. اهڙيءَ ريت مذڪوره ڪتاب ۾ ٻه مداحون
درج ٿيل آهن، سي اڻپوريون آهن. هڪ مداح جنهن جي
وراڻي ”عاجز ڇڏائج احمد!“ واري آهي، جنهن جا صرف
چار بند درج ڪيا ويا آهن. هن کان پوءِ هڪ ٻي مداح
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي آهي، جنهن جون سٽون
21 (ايڪويهه) درج ڪيون ويون آهن. ليڪن ڪتاب
(مداحون ۽ مناجاتون) جي ص 41 تي هن مداح جون سٽون
يا مصرع ٻاونجاهه (52) آهن. جنهنڪري مداح جا
پڙهندڙ گهڻو متاثر ٿيا هوندا. ان کان علاوه مداح
جي شاعر جو نالو پڻ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي ڏيڻ
کپندو هو. مداح جي شروعات هن مصرعن سان ٿيل آهي:
اسم ساڻ الله جي، سڀئي ٿوڪ ٿيا،
جو خالق مخلوقن جو، رازق رحيما،
صلواتون سيّد تي، جو جوهر جهانا،
آل، احمد جو ڀلو، پارس، ڏيهه ڏيا.
مداح جي پڄاڻي هنن سِٽن سان ڪئي وئي آهي.
”سَسُئي“، ”سهڻي“ مون پرين، ”مارئي“ محبوبا،
پاڙي مون پرين جي، مجنون مشتاقا،
ڪهڙي مدح ڪَوَنر جي، جو سڀني سينگارا.
چئو صلواتون رسول ڪريم تي، جو مٺو محبوبا!
وينداسي ايمان سين، جي ڪلمو پڙهن مُها.
هنن مداحن کان پوءِ هڪ ٻيو عنوان ”عرض اگهاءِ يا
خدا“ ڏنو ويو آهي، جنهن جو شاعر گم آهي ۽ هيءُ
عنوان صرف ڇهن مصرعن تي مشتمل آهي. اِها ڪابه
معلومات نه ٿي ملي ته هيءُ عنوان سنديلي جهڙي محقق
چونڊ ته ڪيو آهي، پر شاعر جي نالي کان ڪيئن بي خبر
رهيو. شاعر جو نالو هجي ها ته نهايت آساني ٿي پوي
ها ۽ مڙئي مونجهارا ختم ٿي وڃن ها. هن کان پوءِ
”ياد رک“، ”سونهن آهي“، يا ”ڏني ويئي، ڇا؟ کي
الائجي ڪهڙي ليکي لوڪ شاعريءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
شعبان بخت جو رايو آهي ته:
”هنن چوڻين کي آزاد نظم جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو ۽
اهڙي ئي شاعريءَ ۾ داخل ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته اهڙين
چوڻين جو لوڪ شاعريءَ سان ويجهو ته ٺهيو، پر پري
جو به واسطو نه آهي! انهن ٻنهي چوڻين کي مذڪوره
ڪتاب مان خارج ڪري لوڪ شاعريءَ جو وجود برقرار رکي
سگهجي ٿو. هنن چوڻين جي ڪري لوڪ شاعري (ڪتاب) کي
بي ڌيانيءَ جو شڪار ڪيو ويو آهي.
جن شاعرن جا نالا آهن، سي آهن: ڪرم، هوت، آدم،
ميهر، حمل، سانوڻ، صاحب ڏنو، واڍو، شاهه محمد،
شاهو، شاهه عنايت، شاهه عبداللطيف، سچو، روحل،
دريا خان، درس، بلاول ۽ امين. باقي ٻارن لاءِ چيل
لوڪ گيتن جو انتخاب پيارو آهي. ان ۾ به هڪ لوڪ گيت
”راند: اِيسي موري“ جو غلط ميڪ اپ الجهائيندڙ آهي.
جيڪا پروف ريڊنگ جي بي پرواهي ٿي ڏيکاري. سهرا ۽
ڳيچ خاص طور جمالو، ڇلو، مورو، لوليون ۽ اولاڻو
عام طور سٺي چونڊ چئي سگهجن ٿا. البت لوڪ شاعريءَ
جي موضوع وار سهيڙ لاءِ ترتيب ڏانهن توجهه ڏيڻ
کپندو هو.“ (بخت-46 مئي 1982ع)
هنن عنوانن کان پوءِ ”ڌيان علم ڏي ڌريون“ ڏنو ويو
آهي، جنهن جو شاعر نامعلوم آهي. هيءَ به هڪ سٺي
چونڊ آهي، جو ٻارن کي علم سان چاهه رکڻ لاءِ پيش
ڪيل آهي. هن کان بعد هڪ عنوان ”چوري“ درج ٿيل آهي،
جنهن جي شاعر جو نالو ”هوت“ آهي. هيءَ به هڪ
بهترين چونڊ چئي سگهجي ٿي. يعني چوريءَ کان منع
ڪيل آهي ۽ ٻارن جي لاءِ ته ڇا، پر وڏن جي لاءِ پڻ
ڪنهن نصيحت کان گهٽ نه آهي. هن عنوان کان پوءِ
”چال سڌار“ جو عنوان ڏنل آهي. هن ۾ به نصيحت ۽
هدايت جا نُڪتا نمايان آهن. هن جا پنج بند ڏنا ويا
آهن، پر شاعر جو نالو ندارد.
اڀياس هيٺ آيل ڪتاب جي ص 12 تي محبت متعلق ”محبت
جي ميدان ۾“ عنوان تحت پنج بيت درج ڪيا ويا آهن.
جن مان هڪ بيت ”آدم“ نالي شاعر جو آهي ۽ باقي بيت
ڪنهن به شاعر جي نالي کان سواءِ ڏنل آهن. انهن چئن
بيتن مان ٽي بيت شاهه جي رسالي ۾ سر يمن ڪلياڻ ۾
داخل آهن. هنن بيتن جي پڙهڻين ۾ ڪافي اختلاف آهي.
شاهه جي رسالي ۾ آيل ۽ مذڪوره ڪتاب ۾ درج ٿيل بيتن
جون پڙهڻيون ڏينداسين ته ڄاڻايل بيتن ۾ ڪهڙي
بنياد تي، اهڙيون تبديليون ڪيون ويون آهن. اگر اڄ
جي هن سائنسي دور ۾ شاهه جي بيتن/ ڪلام ۾ ٿوري به
ڦير ڦار ڪئي ويندي ته اهو ناياب ذخيرو ايندڙ نسل
لاءِ ترقيءَ جي بجاءِ تنزليءَ جي راهه هموار ڪندو.
وڏي افسوس سان چَوڻو ٿو پوي ته ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي جهڙي محقق ۽ مصنف کان ايڏي وڏي سَهو ڪيئن
سرزد ٿي آهي ڇو ته اِهي بيت شاهه جي هر رسالي ۾
اڳواٽ ئي موجود آهن. اڀياس هيٺ آيل ڪتاب ۾ آيل بيت
پيش ڪجن ٿا، ته جيئن درست پڙهڻي معلوم ٿي سگهي.
1. محبت جي ميدان ۾، سر جو ڪر مَ سانگ،
عشق تخت نانگ، خبر کاڌي کي پوي.
2. محبت جي ميدان ۾، سينو سِپر ڏيج،
منهن ۾ معشوقن جا، جهالو ٿي جهليج،
پَير مَ پاهُون ڪريج، عاشق ٿي ته اُبهين.
3. محبت جي ميدان ۾، سينو سپر رک،
منهن ۾ معشوقن جا، چاڪ چُٽيا چک،
سُوري آڻ مَ شڪ، عاشق ٿي ته اُبهين.
شاههرحه جي رسالي ۾ پهرئين بيت ۾ ٽي
سٽون درج ڪيل آهن. هتي صرف ٻه سٽون ڏيئي بيت پورو
ڪيو ويو آهي. اِهو بيت رسالي ۾ هن طرح آهي:
1. محبت جي ميدان ۾، سر جو ڪر مَ سانگ،
سوريءَ سپرين جي، چڙهه ته ٿئين چانگ
عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کي پوي.
(قاضي-54 1986ع)
هن کان پوءِ ٻيا به بيت رسالي ۾ هن ريت داخل ٿيل
آهن. جن جي پڙهڻين ۾ ٿوري ڦير ڦار ٿيل آهي.
2. هو جي پائن ڪانُ ڪمان ۾، ته سينو سپر ڏيج،
منهن ۾ معشوقن جا، جهالو ٿي جهليج،
پاهان پڳ مَ ڏيج، عاشق ٿي ته اُبهين.
3. هُو جي پائن ڪانُ ڪمانَ ۾، ته سينو سپر رک،
منهن ۾ معشوقن جا، چاڪ چُٽڪا چک،
سوريءَ ڀانءِ مَ شڪ، عاشق ٿي ته اُبهين.
(قاضي-54 1986ع)
جيڪڏهن ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ڪنهن به شاعر
جي نالي سان يا شاهه لطيف رحه جي نالي سان ئي بيت
لکي ها ته ايڏو مونجهارو پيدا نه ٿئي ها. يا شاهه
جو رسالو کڻي تحقيق ڪري پوءِ هي بيت پنهنجي ڪتاب
لوڪ شاعريءَ ۾ ڏئي ها ته ڪنهن به تڪليف کي منهن
ڏيڻو نه پوي ها.
”محبت جي ميدان ۾“ عنوان کان پوءِ ”بهار“ جا بيت
ڏنا ويا آهن، جيڪي سنڌي نصاب جي چوٿين درجي ۾ شامل
آهن، جنهن جا ڪل بند ست آهن ۽ سنڌي چوٿين درجي ۾
هن ”بهار“ (نظم) جا ڪل پنج بيت ڏنل آهن. هيءُ نظم
ٻارن جي وندر ۽ ورونهن جي لاءِ هڪ اعليٰ مثال آهي
۽ سنڌي چوٿين ڪتاب جي جان آهي، پر سنڌي نصاب
جوڙيندڙن ٻه بند (بيت) خبر ناهي ته الائي ڪهڙي
حساب سان خارج ڪري ڇڏيا آهن. بورڊ آف ڪريڪيولم جي
عملدارن کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو. اِها نصاب سان
انهن جي هڪ وڏي جُٺِ ۽ ويڌن کان گهٽ نه آهي. ڇو ته
هونئن به نصاب جي هر ڪتاب ۾ کوڙ ساريون غلطيون
آهن. جن کي سڌارڻ بورڊ جي عملدارن ۽ ڪارندن جو ڪم
آهي. ”بهار“ نظم کان پوءِ ”هاري“ جي عنوان سان نظم
ڏنل آهي. هيءُ نظم به پرائمريءَ جي نصاب ۾ درج ٿيل
آهي. هن نظم کان پوءِ هڪ اهڙو عنوان داخل ڪيو ويو
آهي، جنهن جو عنوان ”ڀلن جا پار ڪهڙا“ آهي، جنهن
جي شروعات هن طرح ڪيل آهي:
اول ۾ الله ڀلو، پُٺيئون مُحمّد شاهه ڀلو،
مديني جو راهه ڀلو، نيڪن جو نگاهه ڀلو.
هن موضوع جا ڏهه بند آهن. جن ۾ نصيحت جا نُڪتا ۽
هدايت جا گفتا سمايل آهن. عام ڪري جڏهن به مسخرا
وڃي ڪٿي به مسخري ڪندا هئا، تڏهن شروعات ۾ هيءُ
موضوع پڙهي پوءِ اڳتي وڌندا هئا. مون پاڻ اسي واري
ڏهاڪي ۾ محمّد پريل مسخري کان ڪيترائي دفعا ٻڌو.
هن وقت پريل مسخرو هن دنيا ۾ نه آهي، پر اُها
مسخريءَ جي دنيا به نه رهي آهي. هن موضوع کان بعد
عُمر مارئيءَ جي سُر مان بيت ڏنا ويا آهن، جن جو
تعداد پنج آهي ۽ هنن بيتن جو ”ميهر“ نالي شاعر
آهي. هن کان پوءِ وري سُر سسئيءَ جا پنج بيت ”حمل
فقير“ جا درج ڪيا ويا آهن. ان سان گڏ سانوڻ فقير
جا بيت به سُر سسئيءَ مان ڏنا ويا آهن، جن جو عدد
چار آهي. سانوڻ فقير جو شروع ۾ هيءُ بيت ”سرتيون
پرتيون رب کي، اديون ڪريو نه ارمان“ ڏنو ويو آهي.
هن بيت جون ڪل سٽون اٺ درج ڪيل آهن. ليڪن هيءُ بيت
سانوڻ فقير جي ڪتاب ”نڙ جا بيت“ ۾ نَوَنِ سِٽن تي
مشتمل آهي. جيڪا سٽ/ مصرع ڊاڪٽر سنديلي کان رهجي
وئي آهي يا ڊاڪٽر سنديلي نه ڏني آهي، اها آهي
”ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد، ٿيندو مالڪ
مهربان“ هيءَ مصرع ڊاڪٽر سنديلي کان الائي ڪيئن
رهجي وئي آهي. هن بيت کان پوءِ سانوڻ فقير جو اهڙو
بيت آهي، جنهن جون چوڏنهن مصرع/ سٽون آهن، پر هن
بيت جون اصل پندرنهن مصرع آهن. هن جي شروعات ”سسئي
شهر ڀنڀور ۾، تون کپ نه ڪي کِج“ سان ڪيل آهن، جيڪا
مصرع نه ڏني وئي آهي، اُها ”وَالسوف يُعطيک رَبک
فترضيٰ“ ”تون اِنهيءَ راهه رهج“ آهي. هنن رهيل
مصرعن کان سواءِ ٻئي بيت ڄڻ اڻپورا لڳن ٿا.
تنهنڪري اِهو ضروري هو ته غور ويچار ڪري پوءِ بيت
”لوڪ شاعري“ ڪتاب ۾ درج ڪيا وڃن ها ته بهتر ٿئي
ها.
سانوڻ فقير جي بيتن کان پوءِ مولود درج ڪيا ويا
آهن، جن جا شاعر صاحبڏنو، واڍو، شاهه محمد ۽ شاهو
آهن. ڪل مولود ڇهه آهن. هڪ مولود شاعر جي نالي کان
سواءِ آهي. شروعات ۾ صاحب ڏني جو مولود آهي. جيڪو
لوڪ ادب جي ڪتاب ”مولود“ جي صفحي نمبر 48 تي آهي.
مولود جي ٻنهي پڙهڻين ۾ چڱو اختلاف آهي. تنهنڪري
ٻيئي پڙهڻيون ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان:
مون کي نرمل نبي ڏيکاريو، روضو رسول الله صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جو.
1. مسجد مديني مير جي، جامع وڏي جنسار، الو
نيلان منارا نور جا، سونهن مٿي سينگار، الو
2. جن کي لڳي جَڙ جان ۾، سي ڪيئن ڪنديون ڪم ڪار،
الو
هَي هَي اَٿن هوت ئي، روئڻ زارو زار، الو
3. ڪُن ڪَپَر درياهه جا، دَهشت ٻُجهي درٻار، الو
سنگت سلامت سيّدا، پرور لنگهائج پار، الو
4. روضو رسول الله جو، آهه انور وڏي اقبال، الو
جن ڏٺو، سي سڀ ڇُٽا، جُئون هِلي هڪ بار، الو
5. ”صاحب ڏنو“ چوي سيّدا، تنهنجي اَجهي آڌار، الو
ناقص نڌر آهيان، نبي نالي خدا جي نهار، الو
هيءُ مولود ڪتاب مولود ۾ هن ريت داخل ٿيل آهي:
مرسل مٺو ڏيکار، موليٰ! مديني جو ڌڻي،
شافع شفيع ڏيکار، موليٰ! مديني جو ڌڻي.
1. مسجد مديني شهر جي، جامع وڏي جنسار،
نيلون منارا نور جا، سونهن مٿي سردار.
2. ڪڙڪن ڪَپر درياهه جا، دهشت ٻُڌي ڌڌڪار،
سنگت سلامت سير مان، پرور لنگهائج پار.
3. جن کي لڳي جڙ جان سان، سي ڪيئن ڪنديون ڪم ڪار؟
ٿيون روئن هَئي هَئي ڪري، لئي هوت زاروزار.
4. ”صاحب ڏنو“ چئي سيّدا! تنهنجي اَجهي آڌار،
توشو ۽ ترهو تو سندو، اچ تار مان اڄ تار.
(بلوچ-48-1961ع)
ملا صاحب ڏنو شڪارپور جو رهاڪو هو. سندس مولود سڄي
سنڌ ۾ مشهور آهن. سال 1834ع ڌاري وفات ڪيائين. ملا
صاحبڏني جي مولود کان پوءِ رمضان واڍي جو هڪ مولود
”مٺا مير مرسل، اي سرور سڳورا!“ درج ٿيل آهي. جيڪو
ڪتاب مولود جي صفحي نمبر 209 تي ڏنل آهي. هن جي
پڙهڻين ۾ ڪا خاص ڦير ڦار ٿيل نه آهي. باقي
”ڇڏائيندين“
جي جاءِ تي ڊاڪٽر سنديلي ڇڏائيندا لکيو آهي. هن کي
پوءِ هيءُ مولود ”چانئٺ آءٌ چمندي، حضرت هوت سندي“
ڏنو ويو آهي، پر شاعر نامعلوم آهي. بعد ۾ شاهه
محمدّ ديدڙ جا ٻه مولود ڏنا ويا آهن. اهڙيءَ ريت
شاعر نالي شاهوءَ جو هڪ مولود آهي، جيڪو لوڪ ادب
سلسلي جي ڪتاب مولود ۾ صفحي 363 تي درج ٿيل آهي.
ڊاڪٽر سنديلي هن مولود جا ڇهه مصرع ڏنا آهن، جڏهن
ته ڪتاب مولود ۾ هن جا ٽي آهن. ڊاڪٽر سنديلي جي
ڏنل مولود مان اهي مصرع ٿو ڏيان، جيڪي ڊاڪٽر بلوچ
به ڏنا آهن، اهو مولود هن طرح آهي:
دلبر دوست خدا جا، آءُ يتيمن يار،
منهنجا محب مٺا منٺار!
1. سِڪن تنهنجي سوز کؤن حوران لک هزار،
يعني يوسف جهڙا، ڪيا ديوانا ديدار.
2. عاصي عاجز اَڙيا، آهن تو آڌار،
آجا ڪندين اُمتي، سڀ بخشائي بدڪار.
3. مير محمّد ”صلعم“ ڪارڻي، مصطفيٰ مختيار،
”شاهو“ چوي سڏڙا سڻي، منهنجا غم ڪَٽي غمخوار.
(سنديلو-26-1981ع)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب وري هن طرح درج ڪيو آهي:
آءُ يتيمن يار! محب مٺا منٺار
دلبر دوست خدا جا!
1. عاصي، عابد، اولياء، آهن تو آڌار،
آجا ڪندين اُمتي، سڀ بچائيندين بدڪار.
2. سڪن تنهنجي ساهه کي، حورون لک هزار،
يعني يوسف جهڙا، ڪيا ديوانا ديدار.
3. رس محمّد مصطفيٰ! مڙني جا مختار،
”شاهو“ چئي سڏڙا سڻي، منهنجا غم ڪَٽيو غمخوار!
اڀياس هيٺ آيل ڪتاب ۾ مولودن کان پوءِ ڪافيون
ڏنيون ويون آهن. ڪافين جا شاعر شاهه عنايترحه،
شاهه لطيفرحه، سچل سرمسترحه،
صاحب ڏنورحه، روحل فقيررحه
۽ دريا خانرحه آهن. ڪل ڪافيون نَوَ
آهن. باقي ٽي ڪافيون شاعرن جي نالن کان بغير آهن.
بهرحال ڪافين جي چونڊ سٺي ڪيل آهي ۽ ٻارن جي خيال
وٽان آهي. مذڪور ڪتاب ۾ ميان صاحبڏني جي ڪافي درج
ڪئي وئي آهي. هن ڪافيءَ جو ٿلهه: ”ووڙيان ڇاکؤن
وڻراهه، جي ڏيون، آهه جيءَ ۾.“ آهي. جنهن جي مصرعن
جي قافيي ۾ ”ر“ استعمال ٿيل آهي. جهڙوڪ: ”صحيح
سڃاتم سرتيون، دل ۾ آهه دلدار“. ٿلهه ۾ به
”وڻراهه“ جي بدران ”وڻڪار“ لکيو وڃي ها ته بهتر
هو. ڇو ته وڻراهه ۽ دلدار قافين جي لحاظ کان هڪ
ٻئي سان نه ٿا ملن. يعني مونجهه پيدا ڪن ٿا.
وڻراهه ۽ وڻڪار ۾ ”هي“ ۽ ”ري“ جو فرق ظاهر آهي.
تنهنڪري هن ڪافيءَ جو ٿلهه به وڻڪار هجي ها/ لکيو
وڃي ها ته درست هو ۽ ڪافيءَ جي بيهڪ ۽ بناوت به
صحيح معلوم ٿئي ها. ڪتاب ۾ ته پروفن جون کوڙ
ساريون غلطيون آهن. جن ڪتاب جي خوبصورتيءَ کي
ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. هن ڪافيءَ کان پوءِ روحل فقير
جي هيءَ ڪافي ”سڄڻ مون پاڻ پرکيو، رهيو اندر روح.
رهيو اندر روح، سَنئيان سنجهه صبوح.“ درج ٿيل آهي.
هن جي هڪ مصرع: ”منهنجو مَن پيو، ڇڏي کارا کوهه“.
۾ هڪ غلطي ڪئي ويئي آهي يا کڻي چئجي ته اها پروف
جي غلطي آهي. هيءَ مصرع درست هن طرح آهي. ”منهنجو
مَن مِٺي پيو، ڇڏي کارا کوهه.“ هاڻي ڏسو ته ڪيڏو
تفاوت ڪيل آهي ۽ ڪهڙو مصرع درست ٿيندو. هن مان
ظاهر آهي ته پويون مصرع درست آهي، جنهن ۾ ”مِٺي“
لفظ آهي. ”مِٺي“ لفظ کان سواءِ هن مصرع مان اڻپورو
مطلب ظاهر ٿو ٿئي. باقي ڪافي صحيح درج ٿيل آهي.
مذڪوره ڪتاب ۾ دريا خان جي ڪافي ”آءُ ڪانگا ڪر
ڳالهه، مون کي تن ماروئڙن جي“ ڪتاب ۾ شامل ڪئي وئي
آهي جيڪا مشهور آهي. هن ڪافيءَ جا ڪل مصرع چار
آهن، پر ڊاڪٽر سنديلي مصرع ڏئي ڪافي پوري ڪئي آهي.
هن ۾ جيڪا مصرع نه ڏني ويئي آهي، سا، ”آءٌ ڏهاڳڻ
جن ريءَ هِتڙي، خوش وسن سي شال“ آهي. هن مصرع کان
سواءِ ڪافي بلڪل اڻپوري آهي. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو،
ته اسان جي لوڪ ادب جو نقصان آهي. ليکڪ يا اديب تي
اِهو فرض ٿو عائد ٿئي ته هُو بنا ڪنهن تَڪَ تور ۽
غور ويچار جي ڪابه چيز داخل نه ڪري.
اڀياس هيٺ آيل ڪتاب ۾ ڇهه بيت ”ڪانگل“
جي عنوان هيٺ شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي شاعرن ”درس“،
”بلاول“ ۽ ”امين“جي نالن سان ڪتاب ۾ درج ٿيل آهن.
انهن مان هيٺين بيتن ۾ اختلاف آهي. جهڙوڪ:
ڪانگل قريبن جا، اچي وائي وڻ،
تو ۾ بُوءِ ”بلاول“ چئي، مشڪ کٿوري مڻ،
اچي عجيبن جو، اورانگهيو ۽ اڱڻ،
توکي پسي ٿڻ، منهنجو سورن کان صاف ٿيو.
هيءُ بيت شاهه جي رسالي ۾ هن طرح موجود آهي:
ڪانگل قريبن جا، اچي وائي وڻ،
تو ۾ بُوءِ بهار جي، مشڪ کٿوريءَ مڻ،
اچي عجيبن جو، اورانگهج اڱڻ.
توکي پسي تڻ، منهنجو سور نئون صاف ٿئي.
(قاضي-229- 1986ع)
هن بيت کان پوءِ هيءُ بيت آيو آهي، جيڪو ”امين“ جي
نالي سان آهي، پر ”ڪليات امين“ ۾ داخل نه آهي،
تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته متان ”امين“ نالي ٻيو ڪو
شاعر هجي. اهو بيت هيءُ اهي:
آيو ڪانگ ”امين“ چئي، جَجها جهاڳي گهير،
ڪانگي مُنهان ڪا اچي، مشڪ کٿوري جهير،
آءُ ڪانگا، ڀري پير، ته ڳل لڳي ڳالهيون ڪيون.
هن کان پوءِ وري هيءُ بيت ”امين“ جي نالي سان درج
ڪيو ويو آهي، جيڪو شاهه جي رسالي ۾ اڳ ئي موجود
آهي ۽ ڪليات امين ۾ درج نه آهي:
ڪانگ ڏِيهاڙي ٿو لَوي، مُنيءَ تي مضبوط،
آڻيو آتڻ ۾ ڏئي، سنيها ثابوت،
ڳڻ ڳالهيون ٿيا قوت، آندي ڪانگي، ڪانگ ”امين“ چئي.
هيءُ بيت شاهه جي رسالي ۾ هن طرح آيل آهي:
ڪَرُ کڻيو ڪانگ لَنئي، مُنيءَ تي مضبوط،
آڻيو ڏئي آتڻ ۾، سنيها ثابوت،
ڪانگ اٿئون قوت، پيغام تن پرين جا.
(قاضي-227-1986ع)
هن بيت کان بعد ۽ آخر ۾ يعني ڇهون نمبر بيت آهي،
جيڪو عام طور تي شاهه لطيفرحه جو
سمجهيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. ان کان علاوه هيءُ بيت به
نهايت مشهور آهي، فاضل مصنف وري پنهنجي ڪتاب ”لوڪ
شاعري“ ۾ هن ريت داخل ڪيو آهي:
ڪڍي ڪانگل تو ڏيان، هينئڙو ساڻ هٿن،
وڃي کائج ويجهوڙ، اڳتون عجيبن،
توکون مان پُڇن، ته هي قرباني ڪير ٿيو.
شاهه جي رسالي ۾ هن طرح موجود آهي:
ڪڍي ڪانگا تو ڏيان، هِنئون ساڻ هٿن،
وڃي کاءُ وِلات ۾، اڳيان عجيبن،
پرين مانَ چون، ته هيئن قربان ڪير ٿئي.
(قاضي-227-1986ع)
بيت جون ٻيئي صورتون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ ڪنهن حد
تائين ڦير ڦار ٿيل آهي. منهنجي خيال ۾ بيت جي
پوئين صورت درست ٿي سگهي ٿي، ڇو ته هيءُ بيت ڪافي
حد تائين مشهور آهي ۽ عام توڙي خاص جي زبان تي
هردم گونجي رهيو آهي. اهڙيءَ ريت ٻيا بيت به
پڙهندڙن اڳيان آهن. پڙهندڙ ئي بيتن جون صحيح
صورتون ٻُڌائي سگهن ٿا.
مذڪوره ڪتاب ۾ ڪل 18 شاعرن جو ڪلام ڏنو ويو آهي.
تنهن هوندي به شاعرن جي نالي کان سواءِ ڪهڙي خبر،
ته ڪهڙو ڪلام/ ٻول ڪهڙي شاعر جو چيل آهي. ڪوشش ڪري
مڙني شاعرن جا نالا ڏنا وڃن ها، ته ڪتاب جي معيار
کي وڏي هٿي ملي ها. پڙهندڙ به شاعرن جي نالن کان
واقف ٿي سگهن ها. اهڙيءَ طرح ڪتاب جي سونهن ۾ پڻ
واڌاري جو سبب بڻجن ها.
اڀياس هيٺ آيل ڪتاب (لوڪ شاعري) ۾ ڪَتب آندل مواد
بي ترتيب رکيو ويو آهي، جنهن ڏانهن فاضل مصنف کي
ڌيان ڏيڻ گهربو هو يا ائين ٿو ڀانئجي، ته اِهو ڪم
پروف ريڊر جو ته نه آهي، جنهن مواد کي هيٺ مٿي ڪري
ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪتاب جو مواد ترتيب وار رکيو وڃي
ها، ته ڪتاب جي خوبصورتيءَ کي چار چنڊ لڳي وڃن ها.
بهرحال ايترو چئي سگهجي ٿو، ته لوڪ شاعريءَ (ڪتاب)
کي سنڌي لوڪ ادب ۾ هڪ واڌارو چئي سگهجي ٿو.
ڪتابيات
1. بخت شعبان (مئي 1982ع) لوڪ شاعري/ تبصرو،
حيدرآباد: ماهوار نئين زندگي.
2. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (1961ع) مولود، ڄام
شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
3. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (1963ع) ميين شاهه
عنايت جو رسالو.
4. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (1985ع) سنڌي ڪافيون
(جلد پهريون)، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
5. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (1995ع) نڙ جا بيت، ڄام
شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
6. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (2006ع) مداحون ۽
مناجاتون، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
7. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (1986ع) شاهه جو رسالو،
حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. |