سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:15 

جاويد عباسي

 

 

 

 

پندرنهن منٽ اسٽاف روم ۾

پريڪٽيڪل جا امتحان ٿئي مهينو گذري ويو هو. مون وارو پٽ مٿو کائي ويو هو، ”بابا... سَر کي نمبر ڏئي اچو، نه ته مارڪون نه ملنديون.“ مان کيس ”ها... پٽ ويندس، ها... پٽ ويندس“ چوندي چوندي مهينو گذاري ڇڏيو. اڄ صبح جو پٽ جي ناراضگي ڏسي سوچيو ته ڪاليج مان ٿي اچان. هونئن به پريڪٽيڪل امتحان جون مارڪون ته سفارشي هونديون آهن، جيڪڏهن سؤ ٻار امتحان ۾ ويهندا ته سؤ ٻار ئي سفارشي هوندا، ان ڪري پريڪٽيڪل ٿين ڪونه، پر مارڪون ڪڏهن ڪڏهن سؤ سيڪڙو به ملي وڃن. مون کي پڪ هئي ته رزلٽ نه ٺهي هوندي، جنهن ڪم جا يونيورسٽي سالن کان پوءِ پئسا ڏي، اهي به اٺ چڪر هڻڻ کان پوءِ ته ان ڪم کي جلدي ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي.

ساڍا ڏهه ٿيا هوندا، جڏهن مان ڪاليج ۾ داخل ٿيس. جيتوڻيڪ ڪاليج اسان جي علائقي جو واحد ڪاليج آهي جتي سنڌي آبادي آهي ۽ سنڌي شاگرد پڙهن ٿا، ان حساب سان قومي درد ۽ تعليم ڏانهن اسان جو رويو وڌيڪ سچائي وارو هجڻ گهرجي، پر هت ڀينگ لڳي پئي هئي. ڪاليج ڄڻ ڀوت بنگلو، ڪني پاڻي جو تلاءُ، وڏا وڏا ڊڀ، ڀڳل روڊ ۽ رستا، ڀتيون ليڊرن جي پوسٽرن سان ڀريل، پڇا ڪيم ته فزڪس جي ليب ڪٿي آهي ته پٽيوالي، هڪ طرف اشارو ڪندي ٻڌايو ته: ”هو سامهون اٿَوَ، پر بند هوندي.“

”پر يار! ساڍا ڏهه پيا ٿين، اڃا ڪوئي ناهي آيو.“ مون حيرت مان واچ ڏانهن ڏسندي چيو ته پٽيوالو مرڪيو. ”سائين... پروفيسر صاحبان ته يارنهن وڳي ايندا، باقي پٽيوالو اچڻ وارو هوندو.“ مان اسٽاف روم جو پڇائيندو، اسٽاف روم پهتس. اسٽاف روم به ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم وانگر آهي. جت ٽرين جي اچڻ تائين چهل پهل هوندي آهي، گوڙ هوندو آهي، وٺ وٺان هوندي آهي پر جيئن ئي ٽرين وئي، خاموشي ۽ سڪون ڇانئجي ويندو. اسٽاف روم به چانهه جي اچڻ تائين آباد هوندو، چانهه پيئڻ کان پوءِ ڪو هليو ويندو ڪنهن پرائيويٽ ڪاليج ۾ ڪلاس وٺڻ، ڪو ٽيوشن سينٽر تي، ڪو دوڪان تي، ڪو زال جو پرچو کڻي نڪرندو بازار ڏانهن، ڪو ٽريزري آفيس، ڪو ڊائريڪٽر آفيس ۽ صفا ڪو واندو ۽ بي گهر هوندو ته اهو ڪاليج ۾ ويٺو اوٻاسيون ڏيندو.

اسٽاف روم ۾ داخل ٿيس ته چار کن استاد ويٺا هئا، سڀ نوجوان هئا، اسٽاف روم جي ڀرسان واري ڪلاس مان شاگرد ٻاهر نڪتا بيٺا هئا. مان سڀني سان هٿ ملائي، چپ ڪري هڪ صوفي تي ويهي رهيس. اوسي پاسي جو جائزو ورتم، ٻه استاد اڳ ۾ ئي بحث ڪري رهيا هئا.

”ڪالهه واري احتجاج ۾ رڳو ليڊرن فوٽو پئي ڪڍرايا، ڪو خاص ميڙاڪو نه هو.“ هڪ پروفيسر ڪجهه خفا ٿي لڳو.

”ڀلا پروفيسر سڏ تي نه ايندا ته ڇا ڪيون.“ ٻيو پروفيسر ڏکارو هو. ”پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ته رڪارڊ ڪرائبو نه...“

”ها سائين... حق وٺبا، پر فرض پورا نه ڪبا.“ پهرئين واري پروفيسر اسٽاف روم جي خالي صوفي ڏانهن اشارو ڪندي چيو. ايتري ۾ هڪ سينيئر پروفيسر اسٽاف روم ۾ داخل ٿيو.

”اڙي، رسول بخش ناهي آيو ڇا، ڇورا ڪلاس کان ٻاهر بيٺا آهن.“ ائين چوندي ان پروفيسر مسٽرول کنيو ۽ صحي ڪرڻ لڳو. ٻئي هڪ نوجوان پروفيسر چيو: ”سائين، توهان اچي ويا آهيو نه، توهان ئي کڻي ڪلاس وٺو. ڊپارٽمنٽ ته ساڳيو آهي.“ سينيئر پروفيسر شڪي مرڪ مرڪندي چيو: ”اڄ جي نوجوانن ڏنا سور آهن، ٽائيم تي اچن ئي ڪونه ٿا، هاڻي مون کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙو ٽاپڪ ٿو پڙهائي.“ ائين چئي هن پٽيوالي کي وڏي رڙ ڪري چانهه آڻڻ لاءِ چيو: ايتري ۾ ٻيا پروفيسر به ايندا رهيا. سڀني ۾ هڪجهڙائي اها نظر آئي جو سڀ اچڻ شرط پهريان مسٽرول تي صحي ٿي ڪيائون ۽ پوءِ ڪوشش ڪري اخبار جو ڪو صفحو هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائون، نه ته پوءِ حال احوال، ٽي.وي ٽاڪ شوز تي بحث، ذاتي مسئلن جي ڏي وٺ، ڪاروبارن جو احوال، حڪومت تي تنقيد، معاشري تي براين تي بحث، سنڌي ماڻهن ۽ سماج تي لعنتون، يارن دوستن جو گلائون، سمارٽ فون تي مصروفيت، بس اهو منظر هو ڪاليج جي اسٽاف روم جو. ڪجهه منهنجا دوست پروفيسر به اچي ويا هئا، انهن سان حال احوال ٿيو پئي ته اهو پروفيسر داخل ٿيو، جنهن جا شاگرد سندس نه اچڻ تي ٻاهر بيٺا هئا، کيس ڏسي سينيئر پروفيسر رڙ ڪندي چيو: ”اڙي! رسول بخش، ڇورا ڪلاس ۾ واندا ويٺا ٿئي.“ هيءُ استاد صبح جو هڪ پرائيويٽ ڪاليج مان ٻه ڪلاس وٺي پوءِ ڪاليج ايندو هو ۽ اڪثر سندس ڪلاس جو اڌ ٽائيم ختم ٿي ويندو هو. رسول بخش آرام سان صوفي تي ويٺو، مسٽرول کنيو ۽ صحي ڪندي مرڪندي، ان سينيئر پروفيسر ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳو:

”سائين... باقي ڏهه منٽ بچيا آهن، ڇا وڃي پڙهائيندوسانِ؟“

ڪنهن به سندس جملي جو نوٽس نه ورتو، نه ئي اهو سڀ ڪجهه چوندي ان پروفيسر جي چهري تي ڪا ندامت يا شرم هو. ٿوري دير ۾ هڪ ٿلهو، سينيئر پروفيسر اسٽاف روم ۾ داخل ٿيو ۽ سڀني کي هڪ وڏي آواز ۾ ياعلي مدد چئي، صوفي تي ويٺو نه، پر ذري گهٽ وڃي ڪِريو. منهنجي ڀر ۾ ويٺل منهنجي دوست ٻڌايو ته: ”هي اهو پروفيسر ڪريمداد ٿئي جنهن لاءِ تون آيو آهين.“ مان اٿي وٽس ويس ۽ ڇوڪري جو نمبر ڏيندي، پارت ڪيم. پهرئين ته سفارش ڪرڻ تي ڪاوڙ ڪيائين، پوءِ تعليم جي اهميت تي ڪجهه گفتا ڳالهائيندي، والدين جي لاپرواهي تي ڇنڊ پٽيائين ۽ پوءِ چيائين ته رزلٽ ٺهي وئي آهي. مون کيس منٿون ڪيون. پاڻ واري دوست کي اشارو ڪيم، اهو به اٿي آيو ۽ کيس پارت ڪرڻ لڳو ته پوءِ نمبر وٺي کيسي ۾ وڌائين ۽ چيائين ته ڪم ٿي ويندو. ان مهل تائين اسٽاف روم ۾ ٻارنهن کن پروفيسر ويٺا هئا جڏهن ته مون کي خبر پئي ته اٽڪل سؤ کان مٿي پروفيسر هن ڪاليج ۾ آهن. مان کوڙ سارين حيرانين سان اسٽاف روم مان نڪتس.

ڊاڪٽر ريحانه نظير

 

 

 

 

بي شرم

 

پاڙي وارن جڏهن پاڻيءَ ۾ بوءِ محسوس ڪئي، تڏهن هنن زمين ۾ هيٺ لڳل ٽانڪي جو لوهي ڍڪڻ لاٿو، ته کين وارن جو جهڳٽو ترندي نظر آيو. هنن سمجهيو ته شايد پاڻيءَ ۾ گند ڪچرو اچي ويو آهي جو ايڏا وار لڙهي رهيا هئا. هنن جڏهن وارن ۾ هٿ وڌو ته وار نڪرڻ بجاءِ ڳورا محسوس ٿيڻ لڳا. هنن وري سمجهيو ته شايد وار ڪنهن شيءَ ۾ وچڙي پيا آهن. هڪڙو ماڻهواونڌو ٿي سمهي وارن کي ڇڪڻ لڳو، سندس هٿ ڇڏائجي ويا جيڪو ڪجهه هن اندر ڏٺو، وائڙن جيان هيڏي هوڏي نهاري آهستي آواز ۾ چيائين ته: اندر مائيءَ جو لاش پيو آهي سڀ حيرت مان کيس ڏسڻ لڳا.“

”لاش“ سڀني کان رڙ نڪري ويئي.

”چوين ڇا ٿو، ڪنهن جو لاش! هوش اٿئي ته ڇا پيو چوين؟“  هڪڙي ماڻهوءَ ٻانهن کان ڇڪيندي چيس.

”توهان پاڻ ڏسو اندر عورت جو لاش پيو آهي.“ هن وائڙن جيان ڳالهايو.

وٺ وٺان ٿي ويئي، لاش ٻاهر ڪڍيو ويو جيڪو پاڻيءَ ۾ گهڻي وقت رهڻ سبب سُڄي ويو هو، لاش جي سڃاڻپ ٿي ويئي، ان ئي پاڙي ۾ رهندڙ سيٺ ميروءَ جي ننهن هئي، جنهن جي شاديءَ کي ڇهه مهينا مس گذريا هئا. ان شاديءَ جي هونئن به اوڙي پاڙي ۾ وڏي هاڪ هئي، علي جيڪو ميروءَ جو ٽيون نمبر پٽ هو، ان پنهنجي سڳي سؤٽ کي ڇڏي پاڻ سان گڏ شهر ۾ پڙهندڙ هن ڇوڪريءَ سان لائون لڌيون هيون جنهنڪري ڪجهه گهر ڀاتي راضي هئا ته ڪي راضي ڪونه هئا، پر وري به شادي ڌوم ڌام سان ڪئي ويئي، اوڙي پاڙي واريون به اينديون وينديون رهنديون هيون، سڀئي بظاهر خوش هئا.

ته پوءِ آخر هيءُ ڇا ٿيو، ڪا ڳالهه ڪنهن کي به سمجهه ۾ ڪانه پئي آئي، سڄو گهر ٻن ڏينهن کان ڳوٺ شادي تي ويل هو، پوءِ هيءَ ڇو هتي هئي، سڀني آڏو ساڳيا سوال هئا، ڪنهن وٽ به جواب ڪونه هو، سڀ کان پهرين هنن ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ۽ پوءِ سيٺ ميروءَ کي فون ڪري ٻڌايو ويو. پوليس لاش ٻاهر ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻي ويئي، شام جو سڀ گهر ڀاتي پهچي ويا، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

آئي منهنجي لعل ڪنوار توکي ڇا ٿيو ڪجهه ته ٻڌاءِ.  هڪ پاسي سس جون رڙيون ۽ ڪيهون ته ٻئي پاسي عليءَ جون اوڇنگارون.

”امان مان چوان پيو نه، ته مان نه هلان، مان هتي رهان، منهنجي جان آهي پر توهان منهنجي هڪ نه ٻڌي، الاءِ ڪهڙو قهر ٿيو، منهنجي جان مون کي ائين ڇڏي هلي ويئي، مان هاڻي ڇا ڪندس؟

عليءَ جي اوڇنگارن سان گڏ سڄو گهر روئي رهيو هو.

”ابا منهنجي امڙ کي نظر لڳي ويئي ڪنهن ڏانئڻ جي.

عليءَ جي ماءُ عليءَ کي ڀاڪر پائي روئي  پٽي رهي هئي

”پر ادي آخر ٿيو ڇا؟

تڏي تي ويٺل ماين پڇيو، وڏي ڏيرياڻي پلاند سان اکيون اگهندي چيو ته:

”ماسات جي شادي هئي، سڀ ڳوٺ پئي وياسين، ته ماسيءَ جي فون آئي، ته عليءَ جي زال نه اچي، ڇو ته عليءَ پنهنجي پسند ڪري، هن سان شادي ڪئي آهي، پر اسان سندس شڪل به نٿا ڏسڻ چاهيون، ان ڪري سڀ شادي تي هليا ويا. علي ۽ زيب ٻئي اتي رهيل هئا. ٻئي ڏينهن عليءَ کي چاچي ميرل فون ڪئي ته سڀ مائٽ تنهنجي نه اچڻ ڪري ناراض آهن، تون ڪنوار کي شهر ڇڏي يا ڀاءُ کي فون ڪري چؤ ته کيس وٺي وڃي، شهر ڪافي پري هو، انڪري زيب ڀاءُ کي فون ڪئي، هن شام تائين اچڻ جو چيو، پوءِ علي روانو ٿيو، رات تائين اهو به پهچي ويو.

زيب جي ڏيرياڻي سربستي ڳالهه ٻڌائي، پر سوال وري قائم رهيو ته آخر ٿيو ڇا؟ لاش آڳر تي پيو هو، پوليس ٻاهران هڪ هڪ کي گهرائي پڇي رهي هئي، هرڪو اهو اندازو لڳائي رهيو هو ته شايد ٽانڪيءَ تان پير ترڪي پيس، پر وري به ساڳيو سوال ته نه ڪو واڪو نه ڪا رڙ. ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هئي، گهر کي تالو لڳل هو. ايتري ۾ زيب جا گهر ڀاتي به پهچي ويا ته روڄ راڙو مچي ويو. هڪدم عليءَ، زيب جي ڀاءُ کان پڇيو: ”تو ڪالهه آيوهئين نه، پوءِ زيب کي ڇا ٿيو؟

مان آيو هوس، پر در تي ڪرف لڳل ڏسي، فون ڪيم ته زيب فون ڪانه کنئي، مون توکي فون ڪئي، پر تو به فون نه کنئي، مون پاڙي وارن کان پڇيو ته انهن به صحيح ڳالهه ڪانه ڪئي، پوءِ مون سمجهيو ته شايد تون زيب کي به وٺي ويو آهين شادي جي گوڙ ۾ فون ڪونه پيا کڻو، ان کان پوءِ مون کي رات جي ڊيوٽي هڻي، ٿاڻي گهرايو ويو، سڄي رات اتي هئس، موٽي ستو مس هوس ته رڙيون ٻڌي ٻاهر آيس ته، اها ڳالهه ٻڌم.

هُو روئي به رهيو هو ۽ ٻڌائي به رهيو هو.

”پوليس ڇا ٿي چوي؟

هن عليءَ کان پڇيو.

”پوسٽ مارٽم ڪيو اٿن، ان کان پوءِ خبر پوندي ته آخر ڇا ٿيو هوندو؟

سڀني روئي پٽي زيب کي رخصت ڪيو. هن جا گهر ڀاتي لاش شهر کڻي ويا ۽ ان پنهنجي قبرستان ۾ دفن ڪري آيا، ٻيو ڏينهن به گذري ويو پر اهو معمو حل نه ٿي سگهيو، ته آخر ٿيو ڇا هوندو گهر جي هر ڀاتيءَ جي اکين ۾ اهو سوال هو. هرڪنهن کي هن سان ڏاڍو پيار هو، سس ته هن کي ڪو ڪم ڪرڻ ئي نه ڏيندي هئي جنهن ڪري سڀئي نهرون پيون ساڙ کائينديون هيون، سيٺ ميرل سڄو ڏينهن پيو اول گهول ويندو هو، هر روز ڪانه ڪا سوکڙي وٺي ايندو هو، پر الائي ڇو هن کي اهي سڀ شيون اصل نه وڻنديون هيون، اڪثر هوءَ علي کي چوندي هئي ته:

”بابا کي منع ڪيو ته منهنجي لاءِ هي شيون نه آڻي، مون کي سٺو نه ٿو لڳي.

”پر ڇو نٿو سٺو لڳي ٿو، بابا  ايڏي پيار مان صرف تنهنجي لاءِ وٺي اچي ٿو، ان ۾ ڪهڙو حرج؟

علي هن کان اڪثر پڇندو هو، هوءَ نٽائي ويندي هئي.

”بس علي مون کي سٺو نٿو لڳي، بابا کي منع ڪيو، سڀ ڀاڄايون مون سان ساڙ ٿيون ڪن، پليز علي پليز.

هن جي ايڏين منٿن ڪري نيٺ هڪ ڏينهن عليءَ همت ڪري پيءُ کي جهلي ڇڏيو، پوءِ هو تحفا ته ڪونه آڻيندو هو، پر سڄو وقت ويٺو هن کي نهاريندو هوجيڪا ڳالهه زيب کي ڏاڍو پريشان ڪندي هئي، پر هوءَ ڪنهن کي چئي نه سگهندي هئي، آخر هڪ ڏينهن هن جي سس به اهو ڏسي ورتو سو ٽوڪيندي چيائينس ته:

”ڇو ڀلا نظر هڻندينس ڇا، اک ئي نه ٿو ڪڍينس.

هن کلي نهار ٻئي پاسي ڪري ڇڏي هئي.

 گهر ۾ سڀني ڏيرياڻين کي هن سان ساڙ هو، هڪ ته هيءَ پڙهيل لکيل، ٻيو وري سهڻي سرس، ٽيون وري سس ۽ سهري جي دادلي، جنهنڪري ڪير به هن سان ڪونه ڳالهائيندو هو، سواءِ هڪ ڏيرياڻيءَ جي، جنهن جي ڀيڻ کي علي جي زيب سان شادي جي عيوض ۾ زيب جي ڀاءُ سان مڱايو ويو هو، جنهنڪري ان جي ٿوري پوندي هئس پراها به ته شاديءَ تي هئي، پوءِ آخر ڇا ٿيو؟ نيٺ اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته پڪ سان  پير ترڪڻ ڪري ٽانڪيءَ ۾ ڪري آهي. ٽن ڏينهن جي مسلسل جاکوڙ کان پوءِ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ آئي جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته  سندس هڪ ٻانهن ۽ ٽنگ ڀڄي پئي آهي ۽ سندس جسم تي تشدد جا نشان مليا آهن. جيئن ته هن جو ڀاءُ پوليس ۾ هو، انڪري وارنٽ ڪڍرائي پنجن ئي ڀائرن ۽ سيٺ ميرل کي گرفتار ڪري، ٿاڻي تي آندو، مختلف بيان سامهون آيا پر ڪانه خبر پئي ته آخر ٿيو ڇا؟

جڏهن سڀ مايوس ٿي ويا، تڏهن سيٺ ميرل بيان ڏنو ته:

”ابا پڪ چور آيا هوندا ۽ انهن کيس مزاحمت ڪرڻ سبب ماري ڪٽي ٽانڪي ۾ ڦٽو ڪيو هوندو. مار پوندن ههڙي سهڻي سيبتي ڇوڪريءَ کي ڀلا ٻيو ڪيرماريندو؟

زيب جي ڀاءُ کي الائي ڇو هن جي بيان مان مڪاري ۽ منافقيءَ جي بوءِ اچي رهي هئي. پوليس وارا هونئن به مزاجاً شڪي هوندا آهن سو هن به شڪ جي بنياد تي ميرل کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جيل ۾ وڌو ۽ ٻين کي ڇڏي ڏنائين. سڀني کي ان ڳالهه تي حيرت هئي، پر ڪڇن ڪونه پيا، هر طرف ماٺ جو راڪاس گهمي رهيو هو، پيڪن ۾ جدا تڏو هو، ته ساهرن ۾ الڳ، نيٺ ٽئي ڏينهن تي ٿرٿلو مچي ويو، خبر هلي رهي هئي ته ميرل قبول ڪيو آهي ته هن ئي زيب کي ماريو آهي، ڪنهن کي به يقين نه پئي آيو، ڪنهن اهو پئي سمجهيو ته پوليس جي مار يا تشدد سبب اهو بيان رڪارڊ ڪرايو اٿس، نيٺ عليءَ جي روز بروز پوئتي ويندڙ صحت ميرل جي پيءُ واري جذبي کي لوڇي رهي هئي، جنهن آخرڪار سچ کي سامهون آڻڻ تي مجبور ڪري وڌو، هن پوليس کي بيان ڏيندي چيو ته:

”شروع کان هن جي سهڻي صورت منهنجي دل ۾ گهرڪري ويئي هئي، علي ته هن کي هڪ سڱ ڏيئي حاصل ڪيو هو، پر مان ته جيڪر سڀ ڪجهه هن مٿان لٽائي کيس حاصل ڪريان هان پر هن منهنجي پيارجو قدرنه ڪيو، منهنجا تحفا مون کي موٽائي ڏيندي هئي، مون کان هميشه ونءُ ويندي هئي، ان ڏينهن شادي تي وڃڻ بعد مان توهان  سڀني کي ٻئي ڳوٺ سڏ ٻڌائڻ جو چئي، شهر موٽي آيس ته هن در کولي رُکائي سان پڇيو ته:

”توهان موٽي ڇو آيا آهيو؟

”غضب خدا جو گهر به منهنجو ۽ جوابده به مان.“ مون چيومانس ته:

”تنهنجي لاءِ آيو آهيان، ٻيو ڪنهن لاءِ ايندس!

 مون هن کي ڀاڪر ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن هڪدم مون کي ٿيلهو ڏنو پوءِ منهنجي اندر جو وحشي حيوان جاڳي پيو ۽ پهريان مون هن کي ٺاهوڪي مار ڏني، پوءِ سندس وات ۽ هٿن تي ڪپڙو ٻڌو ته جيئن رڙيون نه ڪري سگهي ۽ جڏهن مون هن جي ٽنگن ۾ هٿ وڌو ته زور سان مون کي لت وهائي ڪڍيائين، مون پاسي ۾ پيل ڪرسي کڻي وار ئي ٻه ڪيم ته ڏٺم ته جسم لڙڪي رهيو هوس. مون پوءِ پنهنجي ڇهن مهينن کان سانڍيل هَوسَ، سندس نستي جسم جان مان پوري ڪئي. هن گهڻئي ئي ڪوشش ڪئي، پر سندس ڀڳل جسم سندس ساٿ نه ڏنو، پوءِ هن پنهنجي سڄي طاقت گڏ ڪري زوردار ٿُڪ منهنجي منهن تي هنئي، پوءِ مان آپي کان نڪري ويس ۽ وات  تان ڪپڙو لاهي ڳچي ۾  وجهي کيس زور ئي هڪڙو ڏنم ۽ ڏٺم ته اکيون هڪ جاءِ تي بيهي ويس، هڪدم رئو کولي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيامانس، ته آواز ئي نه نڪتس، مان حواس وڃائي ويٺس، هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس، در کولي ٻاهر ڏٺم ته پري پري تائين ڪير نظر نه آيم، ٻاهر نڪري گهر کي تالو هڻي، پاسي واري گهٽيءَ ۾ ويس، ته پري کان هن جي ڀاءُ کي ايندي ڏٺم، هڪدم پاسيرو ٿي لڪي ويٺس، بجلي به ڪانه هئي، ان ڪري اوندهه لڳي پئي هئي. هن جي ڀاءُ در کڙڪائي کڙڪائي وري فون ڪئي، ٻه ٽي دفعا فون ڪرڻ کان پوءِ هن پاڙي وارن کان پڇيو تن هن کي صرف ايترو ٻڌايو ته سڀ ڳوٺ ويا آهن شادي تي، پوءِ هو به هليو ويو، رات جو دير تائين مان سوچيندو رهيس ته ڇا ڪريان، نيٺ اڌ رات جو ٽانڪيءَ جو پُڙ لاهي، لاش ان ۾ ڦٽو ڪري، چپ چاپ ٽئڪسي ڪري ٻئي ڳوٺ هليو ويس ۽ ٻن ٽن گهرن کي سڏ ڏيئي، واپس ڳوٺ توهان ڏي موٽي آيس.

علي اهو سڀ ٻڌي سڄو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پنهنجي پوري طاقت گڏ ڪري اٿيو ۽ تڪڙو ڪمري ۾ وڃي در ڏنائين، الماري کلڻ جو ٺڙڪو ٻڌي سڀئي در ڏي ڀڳا ۽ رڙيون ڪندا رهيا پر در نه کليو، آخر زودار ٺڪاءَ جو آواز ٻڌو ويو. پوليس وارا در ڀڃي اندر ويا ته عليءَ جو سمورو جسم رت سان ريٽو ٿي چڪو هو ۽ روح پنهنجي وڇڙيل محبوب سان پريت جوپار نڀائڻ لاءِ وڃي رهيوهو.......

عزيزنه سِن

سنڌيڪار: ستار پيرزادو

 

 

 

 

پاڳل ڪير؟

مان قراڪٽيءَ ويندي پُل تان لنگهي رهيو هئس ته آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته: ”ڀڄي ويو! ڀڄي ويو!“ سيٽيون وڄڻ لڳيون، پوليس وارا هيڏي هوڏي ڊوڙندا ڏسڻ ۾ آيا، پُل تان لنگهندڙ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. اچ وڃ بند ٿي ويئي، هر شخص جي وات تي ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟ جا لفظ هئا. ”هڪڙو چريو پوليس وارن کان ڀڄي ويو آهي.“ ڪنهن چيو، اهو ٻڌي هڪ پوڙهيءَ چيو: ”اي هاءِ! اسان جي پوليس کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اڳ ته جيئن چاهيندا هئا تيئن جهلي وٺندا هئا، پر هاڻ ته هرڪوئي سندن هٿن مان ڀڄي ٿو وڃي.“

ايتري ۾ هڪ ماڻهوءَ منهنجي ڀر ۾ اچي چيو: ”جناب اسان وري ڪهڙا درست دماغ وارا آهيون جو پاڳل ڀڄي ويو آهي، پاڳل ڀڄي ويو آهي جو گوڙ مچائي، هنگامو ڪري ڇڏيو اٿن؟“

مون ان ماڻهوءَ ڏانهن شوخ نظر وڌي ته هو اُتان کِسڪي ويو.

هڪ ٻيو شخص چوڻ لڳو: ”جناب ڏاڍو خطرناڪ پاڳل هو، هيل تائين پورا ٽي خون ڪري چڪو آهي، چون ٿا ته جتي ماڻهو ڏسي ٿو ان تي حملو ڪري ٿو.“

مان ان همراهه سان گڏ هلندو رهيس، چڱو دلچسپ ماڻهو هو. هن مون کي پاڳلن جا قصا ۽ چرچا ٻڌائڻ شروع ڪري ڏنا، قصا ته وڻيا پئي، پر هن شخص جي ڳالهائڻ جو انداز اهڙو ته پُرلطف هو جو کِلڻ کي بند ڪرڻ مشڪل پئي لڳو. ڏاڍي دلڪش ۽ جاذب شخصيت هئي ان ماڻهوءَ جي.

اوهان اهو قصو ته ڄاڻندا ئي هوندا، جيڪو هڪ پاڳل خاني جي پاڳل جو مشهور آهي، جنهن کي ڪنهن چيو: ”اوهان اندر ڪيترا ماڻهو آهيو؟“ هن جواب ۾ پڇيو: ’توهان ٻاهر ڪيترا ماڻهو آهيو؟‘ چڱو تون هاڻ هُن آڏو ويندڙ ماڻهوءَ کي ڏس.“

مون سامهون ويندڙ کي غور سان ڏسڻ شروع ڪيو، منهنجي ساٿيءَ چيو: ”اهوئي پوليس کان ڀڳل پاڳل آهي.“

”شايد…“ مون جواب ڏنو، سامهون ويندڙ شخص جي ڪابه هلت هن جي صحيح الدماغ هجڻ کي ثابت نه پئي ڪري، هٿ ۽ ٻانهون ائين لوڏي رهيو هو، جيئن ڪنهن سان ڳالهائڻ ۾ رُڌل هجي، وري هو ڳالهائڻ لڳو، ڪڏهن هوريان ته ڪڏهن ڏاڍيان، ڪڏهن بلڪل داهوڙ سان.

”شايد جي ڳالهه ناهي جناب، پڪ ئي هي اهو پاڳل آهي.“ منهنجي ساٿيءَ چيو.

ته پوءِ هلو ته پوليس کي ٻڌايون ته کيس جهلي وٺي، مون صلاح ڏني. وري جو مون ان شخص ڏانهن نهاريو ته هن تيز تيز قدم کڻڻ شروع ڪري ڏنا هئا. وري اوچتو منهن ڀيلو ڪري بيهي رهيو ۽ آڱرين تي ڪو حساب ڪري لکڻ لڳو.

بلڪل ٺيڪ آهي. مون فتويٰ ڏني، پڪ ڀڳل پاڳل اهوئي آهي.

اچ ته جلدي ٿاڻي تي هلون.

منهنجو ساٿي جيڪو مون کان گهٽ جوشيلو هو، چوڻ لڳو: ”هي جيڪي ماڻهو اسان جي آڏو هلي رهيا آهن، انهن جي ڳالهائڻ تي غور ڪرڻ گهرجي؟ ٿورو ٻڌ ته سهي.“

اسان جي آڏو هڪڙو ٿلهو ۽ ٻيو ڊگهو طاقتور جوان وڏي آواز ۾ ڳالهائيندا وڃي رهيا هئا، مون غور سان ٻڌڻ شروع ڪيو: ”اهڙن بدمعاشن کي سوگهو ڪرڻ گهرجي، پڇون ته ليمن جي ڪيتري قيمت آهي؟ ته جواب ڏيندا پنجاهه ’قروش‘. جيئن ئي هنن جي واتان پنجاهه ’قروش‘ لفظ نڪري ته هڪدم کين هٿڪري هڻجي ۽ ان مهل ئي بيٺي بيٺي کين ڦاسي ڏجي، وري ڦودنو وڪڻندڙ کان پڇو، ڏي خبر ڦودني جي مُڙهي ڪيتري جي آهي؟ ڏهه ’قروش‘ هل بدمعاش تنهنجو ايمان، چور بازاري پيو ڪرين، ان کي به وٺو ۽ اتي ئي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏيوس. انهن ماڻهن جي ڳوڙهن تي ڪڏهن نه وڃجو، وڌيڪ نه، ٻن چئن جي ڳچي ڀڃو، پوءِ ڏسو هن ملڪ مان چور بازاري ڪيئن ٿي ختم ٿئي.“

هيڏانهن هي شخص ڳالهائيندو رهيو، هوڏانهن هن جو ساٿي هڪ ئي مهل پنهنجي هلائي رهيو هو.

”زراعت، منهنجا ڀاءُ زراعت… اول زراعت جي ڳالهه ڪج پوءِ آزاديءَ جي… هن ملڪ ۾ زمين جو هڪڙو ٽڪرو به بنا زراعت جي نه ڇڏيو وڃي. اسان کي ڏسو، اسان پنهنجي گهر جي بالڪونيءَ ۾ رکيل ڪونڊين ۾ بصر پوکي ڇڏيا آهن، هر شخص مون جيان پنهنجي گهر ۾ زراعت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ته ملڪ ۾ بصرن جي کوٽ ڪڏهن به نه ٿئي، ان طرح رانهان ڏسو… جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي گهر ۾ ونگا پوکڻ شروع ڪري ڇڏي ته وَنگن جي کوٽ ئي نه ٿئي، بس آزادي، آزاديءَ جو هنگامو کڻي مچايو اٿن، سوچن نه ٿا ته جنهن ملڪ ۾ ماڻهن کي رانهان به نه ملي سگهن، اتي ماڻهو آزادي حاصل ڪري ڇا ڪندا؟“

”ڏنڊو جناب ڏنڊو، هڪڙو ڏنڊو ضروري آهي هن ملڪ جي لاءِ، چوندا آهن، ته جنت مان به هڪڙو ڏنڊو لٿو هو، وَالله، هيءَ قوم ڏنڊي بنا ڪڏهن به سڌي نه ٿيندي.“

جيئن ته اهي ٻئي ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا، تنهنڪري ٻنهي جو ڳالهائڻ پاڻ ۾ وچڙي مون تائين پهچي رهيو هو. مون پنهنجي ساٿيءَ کان پڇيو. ”ڀڳل پاڳل هڪڙو هو يا ٻه هئا؟“

”ته پوءِ منهنجا ڀاءُ، هي اهي ٻئي پاڳل آهن، هل ته جلدي پوليس کي ٻڌايون.“

اسان پل جي ٻئي پاسي واقع ٿاڻي ڏانهن وڃڻ ڪري ڏاڪڻ لهڻ لڳاسون ته هڪ بيحد خوبصورت عورت ڏاڪڻ چڙهندي نظر آئي، موسم ڪافي گرم هئي تنهنڪري عورت جهرمر جهرمر ڪندڙ سنهڙن ڪپڙن ۾ ملبوس هئي، سندس پويان ٻه بدمعاش کيس ڳڙڪائي وڃڻ وارين نظرن سان ڏسي آواز ڪڍندا ڏاڪڻ چڙهندا پئي آيا، اوچتو اهي ٻئي بدمعاش، ان عورت تي حاوي ٿيڻ لڳا. عورت، هٿ ۾ کنيل ٿيلهي سان هنن تي حملا ڪيا، پر هنن جو مقابلو ڪري نه سگهي ۽ زور زور سان مدد لاءِ رڙيون ڪرڻ لڳي. مون تڪڙ ۾ حڪم ڏنو: ”پڪ ئي پڪ پوليس کان ڀڳل اهي ٻئي پاڳل هي شخص ئي آهن.“

اسان هيٺ لٿاسون ته اڳيان ٻيڙيءَ جا منتظر مسافر لوهائون دروازو کلڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، منهنجي ساٿيءَ چيو: ”اچ ته هنن ماڻهن جون به ڪجهه ڳالهيون ٻڌؤن.“

هڪڙو مرد دانهون ڪري پنهنجي گهر واريءَ کي چئي رهيو هو: ”مان بيحد ڪڪ ٿي پيو آهيان، هاڻ مان هتان ڀڄي ويندس، خدا جو قسم، ڀڄي ويندس.“

”ڀڄي وڃ! ڄڻ ته مان هتي ئي ويٺي هونديس… اڙي مان ته توکان به اول ڀڄي وڃڻ لاءِ تيار ويٺي آهيان، مون لاءِ مڙس ۽ چڱو سوچيندڙ… تون پنهنجي لاءِ خير گهر، ڀوڪَ ڪنهن جاءِ جا!“

اهو چوندي ئي عورت جي ڳل تي هڪڙي چماٽ اچي ٺڪاءُ ڪيو، پوءِ ڇا ٿيو؟ روڄ، راڙو، گاريون، داهوڙ جهڙي قيامت…

منهنجي ساٿيءَ مشورو ڏنو: ”تڪڙ ۾ هتان کسڪي وڃ، ڪٿي شاهدين ۾ نه اڙجي وڃون.“

اڃان ٿورو اڳتي وڌياسون ته هڪڙي عورت جي ڪيهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، هي آواز هڪ هلندڙ گاڏيءَ مان اچي رهيو هو، ”مدد… مدد! مون کي اغوا ڪري رهيا آهن.“

مون پنهنجي ساٿيءَ کي چيو: ”يار ڪمال آ! هي هن رش ۾ ڏينهن ڏٺي جو اغوا ڪيئن ڪري سگهندا؟ بلڪل پاڳل آهن، اهي اغوا ڪندڙ، خدا جو سُنهن بلڪل پاڳل آهن.“

منهنجو ساٿي، جنهن جي رت ۾ جوش بنهه نه هو، وري چرين جا قصا ٻڌائڻ لڳو. مون به ٽهڪ ڏئي کِلڻ شروع ڪري ڏنو. هاڻ اسين ’قراڪٽي‘ پهچڻ وارا ئي هئاسون ته پوليس جي ٻن جوانن اچي منهنجي ساٿيءَ جي ٻانهن کي پنهنجي جڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو.

”ڪمبخت اسان جي هٿن مان بچي ڪيئن ڀڄي نڪتو هئين… هل ٿاڻي.“

منهنجي ساٿيءَ مون کي خدا حافظ چيو. مون اول ته ارادو ڪيو ته مان به سندس پويان پويان اوڏانهن وڃان، جيڏانهن هن کي وٺي وڃي رهيا آهن! پر عقل صلاح ڏني ته هتي ئي کيس خدا حافظ چوڻ گهرجي، تنهنڪري مون به کيس خدا حافظ چيو ۽ پنهنجي راهه جو راهي بڻيس.

(’ادبيات‘ عالمي ادب نمبر‘ تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org