سوچ - لوچ
سائين محمد ابراهيم جويو سؤَ سال مڪمل ڪري ورتا
سنڌي ادبي بورڊ پاران سائين محمد ابراهيم جويو کي
مبارڪباد:
سنڌ جي سڄاڻ اديب، ڏاهي ۽ مفڪر محمد ابراهيم جويو
صاحب جي ڪيل علمي، ادبي ثقافتي ۽ سياسي خدمتن ۽
سندن ئي حياتيءَ ۾ مانُ ۽ مڃتا لاءِ گذريل جولاءِ
مهيني 2014ع ۾ ”محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن
ڪاميٽي“ قائم ڪئي ويئي. جنهن جو بنيادي مقصد هو ته
سائين محمد ابراهيم جوئي جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽
سياسي خدمتن کي عام ماڻهن تائين پهچائجي ۽ جولاءِ
2014ع کان آگسٽ 2015ع تائين سڄو سال سائين جويو
صاحب جي زندگيءَ ڪيل قلمي پورهئي کي گڏ ڪري
ڪتابي صورت ۾ آڻجي، اسان سڀني سنڌ واسين لاءِ پڻ
اها همت افزائيءَ جي ڳالهه چئبي ته سنڌ جي تاريخ ۾
اهڙي املهه ڪردار کي سندس حياتيءَ ۾ ايڏي وڏي
نموني مڃتا ڏني وئي آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن
ڪميٽيءَ سنڌ جي مختلف ادارن جي سهڪار سان جن ۾،
ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار
ادارو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌي ادبي سنگت،
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، انجمن ترقي پسند مصنفين
پاڪستان، پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي، سنڌ
يونيورسٽي ڄام شورو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي
خيرپور، سنڌ مدرسة اسلام يونيورسٽي ڪراچي، بينظير
ڀٽو شهيد يونيورسٽي ڪراچي، پاڪستان اسٽڊي سينٽر
ڪراچي يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي
يونيورسٽي شامل آهن. مٿي ڄاڻايل سڀني ادارن پاران
جولاءِ 2014ع کان آگسٽ 2015ع تائين سؤ ساله جشن
ڪاميٽيءَ جي سهڪار سان پروگرام، ڪانفرنسون،
سيمينار ۽ ادبي ميڙاڪا ڪوٺايا ويا ۽ جويو صاحب جي
خدمتن کي اُجاگر ڪيو ويو.
انهيءَ سلسلي ۾ پهرين پروگرام جي افتتاحي تقريب جي
گڏجاڻي سنڌ ثقافت کاتي پاران 13- آگسٽ 2014ع تي
ڪراچي ۾ ڪوٺائي وئي ۽ ٻن ڪتابن ’سيڪيولرازم ۽
عقليت پسندي‘ جنهن کي محترم جامي چانڊئي ايڊٽ ڪيو
آهي ۽ ٻيو ڪتاب ’آجپي جي اُجري باک جا سپنا ڏسندڙ
محمد ابراهيم جويو‘ جنهن کي محترم تاج جويو سهيڙيو
آهي، انهن ٻنهي ڪتابن جي رونمائي ٿي. ٻي تقريب 24-
آڪٽوبر 2014ع تي ڄام شوري ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾
سائين محمد ابراهيم جوئي شرڪت ڪئي. 28- آڪٽوبر
2014ع تي سانگهڙ هسٽاريڪل ڪلچرل ۽ انوائرمينٽل
سوسائٽي پاران ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. 23- نومبر
2014ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ پاران سيمينار
منعقد ڪيو ويو. 24- ڊسمبر 2014ع تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي
لينگئيج اٿارٽي پاران هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾
سائين محمد ابراهيم جويي جي 1946ع ۾ لکيل انگريزي
ڪتاب
Save Sindh, Save the Continent
جي سنڌي ترجمي ”سنڌ بچايو، کنڊ بچايو“ جو مهورت
ٿيو. 29- نومبر 2014ع تي سگا مٺي شاخ پاران مٺيءَ
۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي جويي صاحب جي
انگريزي ڪتاب
"The Betrayal Sindh Bides The day for Freedom"
هڪ جلد ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو.
8- جنوري 2015ع تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي
خيرپور ۾ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ۽ ٽن ڪتابن جنهن
۾ ’ساميءَ جا سلوڪ‘، ’مُٺ مُٺ موتين جي‘ ۽ ’جڙون
جنين جيءَ ۾‘ جو مهورت ڪيو ويو. 21- فيبروري 2015ع
تي سنڌي لئينگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران محمد
ابراهيم جويو جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتن کي
ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، ۽ جويو
صاحب جي لکيل ستن ڪتابن ’تعليم جو مسيحائي ڪردار‘،
’ادب‘، ’ٻولي ۽ تعليم‘ ٻن جلدن ۾ پڌرو ڪيو ويو.
21- مارچ 2015ع تي سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران
لاڙڪاڻي ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.
25- اپريل 2015ع تي بينظير ڀٽو شهيد لياري
يونيورسٽيءَ ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، ۽ ٻن ڪتابن
’سڏ پڙاڏو‘ جيڪو خطن جي ڇپيل ڇهن ڪتابن کي گڏ ڪري
هڪ جلد ۾ آندو ويو آهي، ۽ ٻيو ’سنڌ جا مون سپنن ۾
سوچي‘ جي مهورت ٿي.
27- مئي 2015ع تي سنڌ يونيورسٽي پاران شيخ اياز
آڊيٽوريم ۾ ’محمد ابراهيم جويو هڪ ادبي نقاد‘ جي
سري هيٺ ڪانفرنس ٿي. جنهن ۾ پڻ سنڌ جي برک اديبن
پنهنجا مقالا پيش ڪيا ۽ ٻه ڪتاب ’فرينچ انقلاب‘ ۽
’ڳالهيون ڪتابن جون‘ جو مهورت پڻ ڪيو ويو، ۽
ڪانفرنس کان اڳ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ’محمد
ابراهيم جويو ڪارنر‘ جو افتتاح سائين جويو صاحب
پاڻ ڪيو. 15- جولاءِ 2015ع تي
P.M.A
هائوس ۾ ’روشن خيالي ۽ محمد ابراهيم جويو‘ ڪانفرنس
ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پڻ ثقافت کاتي پاران شايع
ڪرايل ڪتاب ’سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي‘ جو مهورت ٿيو.
1- آگسٽ 2015ع تي سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي
پاران پڻ هڪ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾
سائين محمد ابراهيم جويو جي سنڌ مدرسة الاسلام مان
1947ع ۾ نوڪري ختم ڪرڻ واري حڪم نامي کي واپس وٺڻ
جو اعلان ڪندي کين بحاليءَ جو آرڊر ڏنو ويو، ۽ ٻن
ڪتابن جن ۾ ’محمد ابراهيم جويو ايک صدي کي آواز‘
جا انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتابن جو مهورت
ڪيو ويو.
10- آگسٽ 2015ع تي پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڪراچي
يونيورسٽيءَ پاران هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو، ٽن
انگريزي ڪتابن کي گڏ ڪري هڪ جلد ۾ شايع ٿيل
"Sindh A Great Engagement Joyo and Mehkre"
جو پڻ مهورت ٿيو.
13- آگسٽ 2015ع تي پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾
سائين محمد ابراهيم جويو جي حياتيءَ جا سؤ سال
مڪمل ڪرڻ تي يادگار تاريخي موقعي کي ملهائڻ لاءِ
سالگره جو شاندار پروگرام منعقد ٿيو. سائين جويو
صاحب پاڻ سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ سنڌ جي نالي وارن
برک اديبن شرڪت ڪئي ۽ سائين جويو صاحب کي سؤ سال
مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. سائين محمد ابراهيم
جويو پنهنجي هٿن سان مختلف ادارن جي سربراهن کي
ساراهي شيلڊون پيش ڪيون ۽ ڇهن ڪتابن جو مهورت ڪيو.
جنهن ۾ هڪ نئون ڪتاب ’محمد ابراهيم جويو ذات و
صفات‘ اردو ۾ ۽ ٻيو ڪتاب ’محمد ابراهيم جويو- سنڌ
جو آواز‘ سنڌيءَ ۾ ۽ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب
جا لکيل ۽ ترجمو ڪيل چار ڪتاب ’فڪر جي آزادي‘،
’ڏاهپ ساري ڏيهه جي‘، ’ڪئنڊيڊ‘ ۽ ’وحشي جيوت جا
نشان‘ جي مهورت پڻ ڪئي وئي.
سنڌي ادبي بورڊ پاران ”سائين محمد ابراهيم جويو جي
خدمتن جي مڃتا ۾ ٽماهي مهراڻ ’خاص نمبر 3-4/2014ع‘
پڻ شايع ڪيو ويو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مخدوم جميل الزمان،
سيڪريٽري الهڏتو وگهيو ۽ بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن
۽ بورڊ جي سمورن ملازمن پاران سائين محمد ابراهيم
جويو صاحب کي سندن سؤَ ساله سالگره جي موقعي تي
مبارڪبون پيش ڪجن ٿيون. اسان سڀني جي لاءِ فخر
جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ جي تاريخ کي هڪ وڏو اعزاز
مليو آهي ته هڪ اهڙي املهه ڪردار کي سندن حياتيءَ
۾ سندن ڪيل خدمتن کي مڃتا ڏئي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
آهي.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر (انچارج)
محمد صديق ”مسافر“
(جنم: 1- اپريل 1879ع - وفات: 24- سيپٽمبر 1961ع)
ڪلام
اها هستي ڦٽي ڪر آڻي دل تي تون عدم پنهنجو،
هوا بازي هوس ۾ ڪيم ڪر برباد دم پنهنجو.
اٿئي در خاڪ سان هر دم ٿيئن آتش فشان ڇالئه،
قدم پاسي نظر کان ڪيم ڪر تون ڪنهن به دم پنهنجو.
ڀلي ڪن يا وه گوئي يا وه گوڏين ڇو تن کي،
عمل مَراد ڪراما آه اعليٰ ۽ اُتم پنهنجو.
مسافر ماٺ موچاريءَ سندا اسلح اٿئي سهڻا،
عدون لءِ تکي تلوار ڪافي ٿيو قلم پنهنجو.
محمد عثمان ڏيپلائي ”شائق“
(جنم: 13- جون 1908ع - وفات: 7- فيبروري 1981ع)
ڪلام
نڪتي آهَ دل مان، اکين آب هاريو،
پيو وقت سو ياد، جو گڏ گذاريو.
نه ساعت سري ٿي، جدائيءَ ۾ جن جي،
وڇوڙي ورهين جو، قضا واءُ واريو.
لُڇان ۽ پُڇان، پنڌ پرين جو پانڌي،
سڙي سوز مان ساهه، سڄڻن کي ساريو.
نه مون مور من تان گهڙي هڪ لهين ٿو،
وفادار، ورهين کان تو ڪيئن وساريو.
ڪري ڪو ڪرم ڪَر سڄڻ شاد ”شائق“،
ڀري پير پرتئون، جڏو جيءُ جياريو.
جڏهن سنڌو تهذيب جو اوج هو، تڏهن دنيا ۾ ٻيون
ڪيتريون ئي تهذيبون، اڳيان پويان وجود ۾ آيون
جهڙوڪ: مصر 3100ق.م، ڪريٽ يونان 3000ق.م، پيرو-
امريڪا 2500ق.م ان وقت سنڌ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾
سڀني تهذيبن کان گوءِ کڻي ويئي. سنڌ ۾ ايتريون ته
کوجنائون ۽ ايجادات ٿيون جو انهن جو دنيا ۾ ڪٿي به
مثال نٿو ملي، هنن دنيا جو پهريون ”هٿيارن کان
پاڪ“ معاشرو قائم ڪيو، جڏهن دنيا جهنگن، ٻيلن ۽
غارن ۾ رهندي هئي، تڏهن سنڌ جي ماڻهن پهريان گهر،
پهريان ڳوٺ ۽ شهر اڏيا، اهو انڪري ممڪن ٿيو جو هنن
”زراعت“ جو بنياد وڌو ۽ اناج جي باقاعده پوکي شروع
ڪئي. هنن پاڻيءَ جي ورهاست وارو نظام ترتيب ڏيندي
ڪڻڪ، جَوَ، ٻاجهر پوکي ”جنڊُ“ ايجاد ڪري، هنن اناج
کي اَٽي جي صورت ڏيئي ان کي کائڻ لائق بنايو، جيئن
ته اناج گهرن يا گودامن ۾، ڪافي عرصي تائين صحيح
سلامت رکڻ ممڪن ٿي پيو، انڪري ماڻهو ان جاکوڙ کان
بچي پيا ته هر روز پيٽ گذر لاءِ جهنگن، ڏانهن شڪار
لاءِ نڪرجي. ان ابتدائي تبديليءَ سبب ”زراعت“ کي
دنيا جو ”پهريون عظيم انقلاب“ چئجي ٿو، اڳتي هلي
سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ”صورتخطي“ تيار
ڪئي ۽ پوءِ سموري سنڌ جي ٻارن کي پڙهائڻ جو فيصلو
ڪيو، ان ريت ٿوري ئي عرصي دوران، سنڌ ”پڙهيل
معاشري“ ۾ تبديل ٿي ويئي. ان وقت جيڪا صورتخطي
تيار ڪئي ويئي. ان جون چار هزار کان وڌيڪ تختيون
هٿ آيون آهن. جن کي دنيا جا ماهر، اڃا تائين پڙهي
نه سگهيا آهن.
(ڪتاب: ”شاهه لطيف سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم
شاعر“ تان کنيل) |