سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-2/ 2015ع

باب:

صفحو:12 

انيتا شاهه

حساب ڪتاب

 

سنڌ سدا کان سائي هئي

۽ سنڌ سدائين سائي رهندي

جي تُون مان پنهنجا حق سڃاڻي

ماپ تور جي پُوري وٽين

ٻولي ڪائي ٻولينداسين

تو مون ڪوبه حساب نه ڄاتو

قرضن جو ڪو ڪاتو پاتو

حقن ۽ ناحق کي سڃاتو

پوءِ ڇو حال اسان جا هيڻا

روز اڳي کان پويان پويان

تون به ته ڪائي ڪَٿَ ڪرين ها

پنهنجو ڪوته حساب رکين ها

ڇو ٻهراڙي اڳ کان پوئتي

سنڌين جون وسنديون ڇو اُجڙيل

رستن هلندي ائين لڳي ٿو

ڌرتي ڄڻ ته اُڀامي پئي آ

خوشحاليءَ ڇو منهن موڙيو آ

جيڪي وسيلا تو مان ڦُٽن ٿا

سي سڀ تو تائين ته نه پهتا

تُنهنجا ٻچڙا بُک تي ويٺل

ائين ڪٿي ٿيو آ دنيا ۾

جو هڪڙو ڀاءُ ڪمائي ۽ پوءِ

ساري ڪَمائي ٻيو ڪو کائي؟

 

ڳجها هٿ

 

هُو ڳُجها هَٿَ ڇا ڪرڻ ٿا گهرن

رَتَ جي راند نيٺ ڪيستائين؟

بُکَ، بيماري نيٺ ڪيستائين؟

هي رُکا وَارَ، سُڪَل اَنگَ

نيٺ ڪيستائين

هي ڏهاڳ ۽ نڀاڳ ڪيستائين؟

 

نادرعلي شاهه فراق

 

 

 

 

غزل

نڀاهڻ جي سهڻن ۾ عادت ڪٿي آهي،

سچائي صفائي صداقت ڪٿي آهي.

رڳو پنهنجي مطلب سان مطلب انهن جو،

مگر دل ۾ تن کي محبت ڪٿي آهي.

چوي ڇا به دنيا، نه ڳڻتي انهن کي،

جهڪايو سندن سر ملامت ڪٿي آهي.

بظاهر آ دنيا جي آ کان تن وٽ،

مگر پيار اُلفت جي دولت ڪٿي آهي.

ملي هال تي جو به سهڻو سُريلو،

ڪندو تنهنجي فراق شڪايت ڪٿي آهي.

 

غزل

شهدادپور شهر ۾ هڪ عجيب اوتارو،

انهيءَ ميخاني ۾ کجيون ٽي اولهه کان در آ،

پڇا جنهن کان به ڪيو تنهن کي ٻڌايو،

هي آهي فراقي فڪر جو ڄڻ گهر آ.

سيد آهي ويو ڏند پنهنجا کائي،

ڪندو آهي هر ڪنهن کي دعا هر هر آ.

حقيقت آهي ڀل حقيقت کان منهن ڪير موڙي،

سنهون اهڙو ڄڻ سچي ٻوڙي جو سَر آ.

قديمي دور کان فراق حسن جو پياسي،

مگر ٻي عام ماڻهو لئي پڪو دل جو پٿر آ.

 

اياز عمراڻي

 

 

 

 

غزل

ويا سال گذري بنا تو پرين،

ڳنڍي سڱ سياپا ڇنا تو پرين.

ڀري ڀاڪرين ويل وڇڙڻ واري،

پلئه پانڌ پنهنجا ڀنا تو پرين.

کسي هر خوشي لاش منهنجو لٽي،

لڳائي هٿن تي حنا تو پرين.

ڇلا، خط، رومال تصويرون تحفا،

رکيم سڀ سنڀالي، ڏنا تو پرين.

سڄي شاعري، نانءُ تنهنجي رچي،

ڳڻي گيت گانا، ڳنا تو پرين.

 

غزل

شوق شرع ٽوڙي ڇڏيا،

عشق علم کوڙي ڇڏيا.

گهر ۾ ئي گهر جي ڀاتين،

گهر نوان جوڙي ڇڏيا.

پٽ جهڙا نرمل ناتا،

ناحق تو ٽوڙي ڇڏيا.

منهنجي چانئٺ تي پهچي،

پير وري تو موڙي ڇڏيا.

تنهنجي بدليل ٽور ڏسي،

موهه ڪفر ٻوڙي ڇڏيا.

 

نظم

ڪلاچي ڏسو، ڪُنُ ڏسو مورڙا

ڪُتو ڪيئن چوان، باوفا ڪونهي

ڇتو آ ٿيو، ۽ ڀؤنڪي پيو

رڳو هن گدڙ، ڀڀڪيون پورڙا

اچو ۽ مڙي مٺ ٿيون ڀورڙا

گهڻائي ٿيا مڇ، اسين ٿورڙا.

 

لڳايون لنئون ۽ لياري ٿئي

غزاله بتول بختاور جيان

پيار و پلاند نه پراڻو ٿئي

بلاول هجون ۽ نه گهاڻو ٿئي؟

 

پڇون ته، ڪٿان پاڙ پنهنجي پٽين

ڪن ياد ماضي پڇن پاڻ کان

چئون ته پٽين اک سياڻا ٿين

ڏسن سنڌ، سمنڊ به نه پڇاڻو ڪري.

 

اياز نه اياڻا ٿجو، عرب ٻيا

هي ارغون اٿئون، عيار رت پياڪ هي

نباهه نيتن ۾ نه ئي ڪا وفا

دغاباز دهلي جا رولاڪ هي

دغاباز دهلي جا رولاڪ هي.

 

سعيد مڱڻهار

 

غزل

جِندُ هڪڙي ۽ ويچارَ ڌَڻَ ٿي ويا،

پاءُ جي دل مٿان، بارَ مَڻَ ٿي ويا.

ٻِجَ تلخيءَ سندا، جي مزاجن ڇَٽيا،

سي ڏئي روح کي ڏارَ وڻ ٿي ويا.

ائين ناتا ڦِريا ڄڻ پتا تاشَ جا،

سائتن جا جهُڳا يار، جَهڻَ ٿي ويا.

ساهُه، ويساهَه جو روز ٿو ٻُوٽجي،

قولَ ڏاڍا ڏکيا پارجڻَ ٿي ويا.

هو هٿن جون لڪيرون رُٺيون ٿيون وڃن،

سَعيد حالات جا وارَ کَڻَ ٿي ويا.

 

غزل

چاهه ۾ تَن چاڪ ٿيندو ٿو وڃي،

خوف کان بيباڪ ٿيندو ٿو وڃي.

خواهشن جي خونَ سان ٿي باوضو،

پيار منهنجو پاڪ ٿيندو ٿو وڃي.

سارَ جي مومل ٽِڪي اَرواح ۾،

روح منهنجو ڪاڪ ٿيندو ٿو وڃي.

گُل مِثل سُرهَي سڄڻ جي روپ تي،

مَنُ منهنجو ماڪ ٿيندو ٿو وڃي.

پيا وڌن پَل پَل فنا ڏي پيرڙا،

سعيد خاڪي خاڪ ٿيندو ٿو وڃي.

 

غزل

او اَمان او اَمان جيسين جئرو هُجان،

ڇانءَ تنهنجي دُعا جي رهي مون مٿان.

هڪ دفعو جي سڏين سؤ دفعا جيءُ چوان،

مان ته جوٽيل نمازون به ٽوڙي اچان.

منهنجو ڪَعبو به تون منهنجو قبلو به تون،

ڇو نه جَنتَ چئي پيرَ تنهنجا چُمان.

تنهنجي جهولي مِٺي، تنهنجي لولي مِٺي،

تنهنجي چَهري ۾ رَب جي جهلڪ ٿو ڏسان.

شَلَ سلامت رهن نيڻ شفقت ڀريا،

سعيد ممتا ڀريا جامَ پيئندو رهان.

 

غزل

ڏينهن ٿا گذرن، پيارن کان پري،

ڪيئن ٿا گُذرن، پيارن کان پري.

وقت جي وَلهه پئي، وَڪوڙي ساهه کي،

جيئن ٿا گذرن، پيارن کان پري.

فاصلن جي دو رُخي تلوار تان،

نينهن ٿا گذرن، پيارَن کان پري.

هر ڪڪر مان لوڇ جون چڻنگون بڇيو،

مينهن ٿا گذرن، پيارن کان پري.

شوق جا سِڪ جي اڱڻ تان اي سعيد،

شينهن ٿا گذرن، پيارن کان پري.

 

شنڪر ڀيل

 

 

 

 

 

غزل

 

اڄ ڊسمبرَ جو سحر من ۾ اُتاري ٿا ويهون،

اچ مٺي! منهنجي مَنَهه ۾ مچ ٻاري ٿا ويهون.

هي ڪکاوان جهوپڙا ساڳيا، هوا ۽ چنڊ رات،

ڪنهن سمي سهڻي جي ٻيهر سارَ ساري ٿا ويهون.

تون ورين آن شام جو ڪاٺين ڀريءَ سان ڪامڻِي،

پگهريل ڪجلين اکين تان جان واري ٿا ويهون.

اڄ نديءَ جي نينڍ آ، چنڊ رات آ ٿا گڏ هلون،

چنڊ تڙڳي ٿو نديءَ ۾، ۽ ڪناري ٿا ويهون.

سنڌ ٿي جهومي سڄي اڄ ڀٽ ڌڻيءَ جي راڳ ۾،

پاڻ صوفيءَ جو سراپا ويس ڌاري ٿا ويهون.

 

غزل

 

وري سو واس ڳولهيان ٿو،

عجب احساس ڳولهيان ٿو.

اچي ٿي خواب ۾ ناني،

مان دٻلي ناس ڳولهيان ٿو.

جڏهن ڀي پاڻ ٿو ڳولهيان،

ته تنهنجي پاس ڳولهيان ٿو.

رهڻ ڏيو پنهنجي ڌرتيءَ تي،

ڪٿي آڪاس ڳولهيان ٿو.

غزه جي ڳوٺ ۾ اڄ ڪلهه،

مان پنهنجو ماس ڳولهيان ٿو.

ڏٺم ڪجهه ڦول ڪَوَتا ۾،

مگر مان خاص ڳولهيان ٿو.

امن سان ڀونءِ اُجري ٿي،

اها بس آس ڳولهيان ٿو.

 

غزل

 

مٽيءَ مُک تنهنجو ٿي ماڻي ندي،

سڀئي سور تنهنجا ٿي ڇاڻي ندي.

صديون اڳ سهڻي هئي ٻوڙي مگر،

اڃا دکَ انهيءَ ۾ ٿي کاڻي ندي.

اڃا سحر آهي انهيءَ شام جو،

اڃا تائين اوڏهن ٿي تاڻي ندي.

ندي منهنجي آهي، نديءَ جو هان مان،

سڀ احساس منهنجا ٿي ڄاڻي ندي.

ڌڻيءَ ارپيو ڌن آ وڏو ڌرتيءَ لئه،

ملي آ ڪٿي هونئن ناڻي ندي.

 

غزل

 

رَوَين جو ڪُکيل ماڻهو،

هر روز دکيل ماڻهو.

تصور مان نه ٿو نڪري،

يادن سان ٻکيل ماڻهو.

گُڻَ گانَ جو عادي آ،

دربان رکيل ماڻهو.

سيني ۾ رکان سانڍي،

محبت سان مکيل ماڻهو.

مُرڪڻ سان درد ڇُلڪي،

ڪيڏو نه ڏکيل ماڻهو.

وڏ ڀاڳي ٿو ڀانئين تون،

مُرڪن ۾ کپيل ماڻهو.

 

فقير ڪرم علي اِسراڻ

بيت

 

1.                   

سچا سامي سي ٿيا،

ساراهه سُهڻي سائين جي،

فقير فڪرئون سي رُئن،

 

جي آڌيءَ جو اُٿَن،

اُهي اَسُر جو پڻ ڪَن،

ساريو سچي سُبحانج کي.

2.                  

اَحدج بَڻ ڪـ صورت اَحمدؑ دِي،

سانُون صِفت اِنساني سمجهاوڻ خاطر،

 

ڇوڙِ تخت هزاره عَبد هويا،

لَهه عرش ڪَنون ڪرم فرش آيا.

3.                  

مُنهنجو اُلفتِ اَهلبيتؑ سان،

هِي نُڪتو چوان ٿو بِاليقين،

 

اِيمان وڌندو ٿو وڃي،

ته ٻيڙو پار ٿيندو ٿو وڃي.

4.                  

سي صِدّيقؓ عُمَرؓ عُثمانؓ،

 

رَکو پيار مؤمنو،

عَليؑ رهبر مؤمنو.

5.                  

سُهڻـﻶ سَيّد نال عِشق هويا،

هُڻ فقير نه ڪَر تون فِڪر ڪائي،

 

هـﻶ مُکڙا جنهن دا ماهي،

تيڪون دامن مِليا دلبر دا.

6.                  

ڪُل خَلقت دا ڀَلا،

مَين سانجهي صُبح سَوير،

 

 خَير،

گهور ٿيوان تين تُون سِنڌڙي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org