”جنهن طالب جي اک کُلي ٿي سو جيئري ئي اُنهيءَ
’سوکيم جهان‘ جو مشاهدو ٿو ماڻي. سامي اُن سوکيم
جهان کي نور محل ٿو سڏي. سامي چوي ٿو ته اُن سوکيم
جهان (نور محل) ۾ زمان ۽ مڪان، آڪاس ۽ پاتال جو
ٻنڌن نه آهن،. ساميءَ جي خيال موجب اُهو، اُهو
جهان آهي جتي نه ڪرم آهي ۽ نه ڪال، جتي نه غم آهي
۽ نه زوال، اُنهيءَ دنيا ۾ رات ۽ ڏينهن جو ڪوبه
نشان ڪونهي. اُنهيءَ جهان ۾ عجيب نور پيو وسي، جو
نرمل ۾ نرمل نور آهي، اُهو پد سوکيم ۾ سوکيم آهي.
سامي اُنهيءَ سوکيم جهان کي بي گم پور(يعني بي غم
پور) يا ديس ملار يا نور محل ٿو سڏي، جتي آنند ۾
ٻڏل آتمائون، رامڪليءَ ۽ ڪلياڻ جا مڌر سور پيون
آلاپين.“(23)
ساميءَ انهيءَ سوکيم جهان جو ذڪر پنهنجن سلوڪن ۾
هن ريت ڪيو آهي.(24)
ڪنهن کي ڪريان حال، پورب ديس ملار جو،
جتي اُڃ بک ناهه ڪا، نڪي کائي ڪال،
نڪو ڏينهن نه رات ڪا، نڪو آڪاس پاتال،
خاوند جو خيال، سم ورتي سامي چئي.
سامي ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
نيڻين لاهيو نينهن، نو رمحل جي ناٿ سان،
جتي سج نه چنڊ ڪو، نڪو رات نه ڏينهن،
مهرن وسي مينهن، سامي سدا عرش جو.
8- (الف) سنڌ جي ٻين شاعرن وانگر ساميءَ جي ڪلام ۾
حسن بيانيءَ جو بيشمار خوبيون نظر اچن ٿيون.
ساميءَ به شاهه لطيف ۽ سچل سرمست وانگر بيشمار
علامتون، تشبيهون، استعاره ۽ تجنيسون ڪم آنديون
آهن. هن (ساميءَ) تمثيل طور ڪنهن به لوڪ ڪهاڻيءَ
يا تاريخي ۽ نيم تاريخي قصي جي ڪردار کي ڪم نه
آندو آهي. محترمه وندنا رامواڻيءَ جو رايو آهي ته:
”جتي شاهه ڪريم، شاهه عنايت، شاهه لطيف ۽ سچل
سرمست پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين جي مدد سان
تمثيلي ڪلام چيو، اُتي ساميءَ ڪنهن به لوڪ ڪهاڻيءَ
جو ذڪر نه ڪيو آهي. صرف روحاني اشارا ڏنا آهن.“
(25)
(ب) ساميءَ پنهنجن سلوڪن جي مفهوم ۽ فلسفي کي
سمجهائڻ لاءِ تشبيهن، علامتن، استعارن ۽ تجنيسن جو
سهارو ورتو آهي. هن ڏکين ۽ دقيق لفظن ۽ اونهن
خيالن ۽ باريڪ نقطن کي سادين تشبيهن ۽ علامتن جي
مدد سان سمجهايو آهي.
سامي به پنهنجي محبوب جي سڪ، وڇوڙي، وصل لاءِ
ورلاپن جو اظهار ڪري ٿو، ۽ محبوب جي سونهن جي
واکاڻ لاءِ مقامي شيون تشبيهن ۽ استعارن طور ڪم
آڻي ٿو. هن ڪنول، تلاءَ، لوڻ، کنڊ، مرگهه، پتنگ،
ڀونئر، مڇي، سپ، چڪور، پپيهي، چقمق، وڃڻي، موتي ۽
ڪوريئڙي کي تشبيهن ۽ استعارن طور، پنهنجي ڪلام ۾
ڪم آڻي، هر نقطي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
پنهنجي عاشقاڻي ڪلام ۾ سمجهاڻي ڏيندي سامي فرمائي
ٿو ته، جيئن مرگهه ناد جي آواز تي عاشق ٿي ڊوڙي ٿو
اچي، ۽ جيئن پتنگ جوت تي مدهوش ٿئي ٿو، سڪ ۽ محبت
جي ڪشش، ڪنول گل جي سرهاڻ جي واسي ڌاري، ڀونئر کي
پنهنجي دام ۾ اڙائي ٿي. مثال طور:
سڀ کان ٻوڙايو، پريم پشاچ لڳي ڪري،
ٻڌي ناد ڪنن سان، مرگهه ڊوڙي آيو،
وٺي واس ڪنول جان، ڀونئر لپٽايو،
سامي سمايو، پتنگ جوت ڏسي ڪري.
ساميءَ هن دنيا کي رُڃ سان تشبيهه ڏني آهي ۽ چوي
ٿو ته سج جا ڪرڻا، رُڃ ۾، پاڻيءَ جو ڪوڙو نماءُ
رچي، مرگهه ترشنا يعني رڃ جي حالت ۾، پاڻي جي تلاش
۾ رُلائيندو، ڊوڙائيندو ۽ ڀڄائيندو آهي، تيئن
دنيوي ڪوڙي سونهن، سوڀيا ۽ ڏيکاءُ کي مورک ۽ بيوس
انسان سچ سمجهي، اُن تي ٺڳجي ويندو آهي، ۽ اُن جي
پٺيان ڊوڙي ڊوڙي، ٿڪجي، ماندو ٿي پوندو آهي، پر
کيس ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي. سامي فرمائي ٿو:
اڻ هوندو اوديا ڇل، ٿيو چيتن جي چت کي،
جيئن سورج جي تيج کئون، مرگهه تشنا جو جل.
اڳ ۾ چيو ويو آهي ته ساميءَ به شاهه لطيف، سچل ۽
ٻين صوفين شاعرن واري راهه ورتي آهي، هن پپيهي،
سپ، مين(مڇي)، وڃڻي، چڪور ۽ ڀونئر جي تشبيهن جي
مدد سان وحدت الوجود جو فلسفو سمجهايو آهي، مثال
طور:
پلڪ نه ٿئي پري، نيهي نارائڻ کئون،
من ۾ چندر چڪور جان، درشن ڌيان ڌري،
ڀونئر رهي نه واس ري، جل ري مِين مري،
سامي تڏهن ٺري، جڏهن پوي بوند پپيهي کي.
هن سلوڪ ۾ ساميءَ چڪور، ڀونئر، مين ۽ پپيهي کي
تشبيهه طور ڪم آندوآهي. اهڙيءَ طرح سپ جي تشبيهه
وارو مثال ملاحظه ڪريو:
راتيون ڏينهن جري ٿي، برهه ڪارڻ ٻيءُ جي،
جيئن ڪارڻ سئيت جي، سپ ورلاپ ڪري،
پياس نه مٽي مين جي، بنا نير مري،
تڏهن جيءُ ٺري، جڏهن سامي ملي سپرين.
سامي سنڌ جو اڪيلو ئي شاعر آهي، جنهن وڃڻيءَ کي
تشبيهه طور ڪم آندو آهي، جيئن سمن جي دور ۾ اسحاق
آهنگر، ”جهرڪيءَ“ ۽ ”ڇڄ“ کي استعاري طور ڪم آڻي
سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو منظر چٽيو آهي، تيئن
ساميءَ به وڃڻيءَ جي تشبيهه ڏيئي، هڪ طرف وحدت
الوجود واري فلسفي کي آسان طريقي سان سمجهائڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي ته ٻئي طرف اُتر سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن
جي هڪ پهلوءَ، يعني گرميءَ جي موسم ۾ وڃڻيءَ سان
واءُ ڪرڻ واري نقطي تي روشني وڌي آهي. سامي فرمائي
ٿو:
جيئن وڃڻي ۽ واءُ، تيئن ساکي وسي سڀ ۾.
ساميءَ مورک ۽ اگياني ماڻهو جي مورکپائيءَ ۽ اوديا
يعني اڻڄاڻائيءَ کي، ڪوريئڙي سان تشبيهه ڏني آهي،
۽ سمجهائي ٿو ته ڪيئن ڪوريئڙو پنهنجيءَ مورکپائيءَ
سبب، پنهنجي ئي ٺاهيل ڄار ۾ پاڻ کي ڦاسائي ڦٿڪندو
آهي. مورک جاهل ماڻهو به اهڙيءَ طرح مورکپائيءَ جي
ڪري پاڻ کي ڦاسائيندو آهي. سامي چوي ٿو:
اوديا من رچي، سا ويڙهي وئي مَن کي،
جيئن ڏانور تار ۾، مري پاڻ پچي.
هيءَ مقالو ته سامي تي هڪ مختصر خاڪو آهي. اُنهيءَ
خاڪي جي روشنيءَ ۾،اسان جي سنت شاعر جي شاعرانه
عظمت تي سنڌ جي سماجي، ثقافتي، لسانياتي، تصور ۽
ويدانت جي مطالعي جي لحاظ کان وڏو تحقيقي ڪم ڪري
سگهجي ٿو. پر اهو تحقيقي ڪم ڪندو ڪير؟..........
اهو هڪ اهم سوال آهي، جنهن جو جواب اسان جا نوجوان
ئي ڏيئي سگهن ٿا.
مددي ڪتاب
1-
ناگراڻي، بي ايڇ: ساميءَ جا سلوڪ: سنڌي اديبن
جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد: 1978ع، گذارش.
2-
ايضاَ
3-
Jetley, Murlidhar, Dr. Sindhi language and
literature, A brief survey, International
Encyclopadia of Indian Literature, VolL VIII, By
Ganga Ram Garg, Mittal Publication, New
Delhi,1991..P4.
4-
ايضاَ
5-
ايضاَ
6-
Chatterjii S.K. Indo- Aryan & Hindi, Gujrat
Vernacular Society, Ahmedabad 1940.
7-
Ibid.
8-
Ibid.
9-
Ibid.
10-
ڏسو حوالو پهريون
11-
محمد ابراهيم جويو: شاهه، سچل ۽ سامي، هڪ
مطالعو: روشني پبليڪيشن،1990ع ص 33.
12-
ايضاَ
13-
ايضاَ
14-
ايضاَ
15-
وندنا اشوڪ رامواڻي: سامي هڪ ويدانتي شاعر: پي
ايڇ ڊي ڊگريءَ لاءِ پيش ڪيل مقالو: مممبئي
يونيورسٽي 2001ع، ص 43.
16-
گربخشاڻي هه – م؛ مقدمه لطيفي: روشني
پبليڪيشن: چوٿون ايڊيشن 1993ع ص 43.
17-
ايضاَ
18-
ڪوڙو مل چندن مل: ساميءَ جا چونڊ سلوڪ، ڪوڙو
مل سنڌي ساهتيه منڊل، حيدرآباد: 1946ع، مهاڳ، ص 6.
19-
ايضاَ
20-
ايضا ص 7.
21-
وندنا اشوڪ رامواڻي: ڏسو حوالو 16، ص 123.
22-
ايضاَ، ص 149.
23-
ڪلياڻ آڏواڻي: ساميءَ جا چونڊ سلوڪ ڪتاب ۾ شامل
سندس مضمون : ڪوڙو مل ساهتيه منڊل: 1946ع، ص 31.
24-
ايضاَ
25-
وندنا اشوڪ رامواڻي: ڏسو حوالو 15، ص 41.
ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ
ٽرمپ – ايلس اختلاف راءِ ۽
”سنڌي الف - ب“ وارو مامرو
ٽي خونخوار جنگيون وڙهي انگريز جنرل سر چارلس
نيپئر مارچ 1843ع ۾ سنڌ تي مڪمل قبضو ڪري، ساڍن
چئن سالن کان به وڌيڪ عرصو ملڪ جي گورنر جي حيثيت
۾ ڏنڊي جي حڪمراني ڪئي. انتظامي معاملن ۾ هُو
نهايت سخت قسم جو ماڻهو هو، پر پوءِ به ڏيهي
ٻوليءَ جي معاملي ۾ سندس رويو انصاف ڀريو هو. 15
جولاءِ 1972ع تي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ کي
خطاب ڪندي اُن وقت جي وزيراعظم پاڪستان، جناب
ذوالفقار علي ڀٽي فرمايو:”..... سنڌي هڪ قديم زبان
آهي ۽ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن سر
چارلس نيپيئر چيو هو ته زبان سان هٿچراند ڪرڻ جي
ڪابه ڪوشش نه ڪئي وڃي......“
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته نيپئر پنهنجي دوءر ۾
سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪوبه خاص قدم نه کنيو،
پر تنهن هوندي به اهو مڃڻو پوندو ته ملڪي ٻوليءَ
لاءِ نيڪ تمنائون رکيائين، ۽ اُن کي نقصان رسائڻ
جي ڪابه ڪوشش نه ڪيائين. نيپئر سنڌ ڇڏي ته هن ملڪ
کي بمبئيءَ سان ملائي هڪ اعليٰ عملدار جي حوالي
ڪيو ويو، جيڪو ”ڪمشنر – ان – سنڌ“ سڏبو هو. پهريون
ڪمشنر آر. ڪي پرنگل آيو ته سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري
سطح تي رائج ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ويئي، مگر ڪامورڪي
لڏي جي روايتي سستيءَ جي ڪري اُن ۾ ڪابه پيش رفت
نه ٿي سگهي. جنوري 1851ع ۾ سنڌ جي واڳ نوجوان
ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي حوالي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ
لاءِ سڻائو واءُ گهلڻ لڳو. انتطامي مشنريءَ جي
سڀني کاتن، عدالتن ۽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي رائج
ڪرڻ لاءِ نهايت سودمند ۽ شاندار بندوبست ڪرڻ جا
احڪام جاري ٿيا. انگريز ڪامورن کي سنڌي ٻوليءَ
سيکارڻ ۽ ٻوليءَ کي اسڪولن ۾ باقاعده رائج ڪرڻ
خاطر ”سنڌي ڪتابن“ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي.
اُنهيءَ لاءِ جڏهن عملي قدم کڻڻ جو مرحلو آيو ته
هڪ گنڀير صورتحال سامهون آئي ۽ اهو طئي ڪرڻو پئجي
ويو ته سنڌي ٻوليءَ کي عربي رسم الخط ۾ استعمال
ڪجي يا ديوناگري لپيءَ ۾، گهڻي سوچ ويچار ۽ صلاح
مشوري کان پوءِ فريئر جي سفارشن سان ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن ”عربي – رسم الخط“ کي لاڳو
ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. نهايت منصفانه فيصلي اچڻ کان
پوءِ هڪ ٻيو به مرحلو طئي ڪرڻو هو. اُن وقت سنڌي
ٻوليءَ کي عربي رسم الخط ۾ لکڻ لاءِ ڪا ”معياري ۽
مڪمل الف – ب جي تختي“ موجود نه هئي. اُن مسئلي کي
فريئر ۽ سندس داناءُ ساٿي اسسٽنٽ ڪمشنر بئرو هربرٽ
ايلس نهايت معامله فهميءَ سان بنا دير حل ڪري ورتو
۽ جولاءِ 1853ع ۾ موجوده 52 اکرن واري سنڌي الف- ب
جي سڌاريل تختي تيار ڪرائي، ليٿو ۾ ڇپرائي، سڄي
سنڌ ۾ ورهائي ويئي. سُتت ئي ڪمشنر فريئر حڪم جاري
ڪيو ته سنڌ اندر هر سرڪاري ڪار وهنوار ۾ اِها رسم
الخط ڪم آندي وڃي. سرڪاري خرچ سان اُنهيءَ رسم
الخط ۾ اسڪولي ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا، جن جي
نگراني لائق ڏيهي مُنشين جي مدد سان اسسٽنٽ ڪمشنر
ايلس پاڻ ڪري رهيو هو. جفاڪشي ۽ خلوص جو اهِو مقام
هو، جو فقط هڪ سال جي اندر ”باب نامي“ کان علاوه
ڇهه ٻيا ڪارائتا ۽ بنيادي حيثيت جا درسي ڪتاب ڇپجي
پڌرا ٿيا.
انهيءَ دوران ٻولين جو هڪ ٻيو عالم ڊاڪٽر ارنيسٽ
ٽرمپ 12
سيپٽمبر 1854ع تي ڪراچي بندر تي اچي لٿو. لسانيات
جي هن ماهر کي ”چرچ مشنري سوسائٽي“ پاران سنڌ ۾ ان
لاءِ موڪليو ويو هو ته هُو هتي اچي سنڌي ٻوليءَ ۾
گرامر ۽ ڊڪشنريون ۽ ٻيا ڪارائتا ڪتاب لکي هن پوئتي
پيل ٻوليءَ کي سائنسي بنياد فراهم ڪري. هن ذهين کي
قدرت اهڙي ته ڏات ڏني هئي جو هُو فقط چند مهينن ۾
ڪنهن به ٻوليءَ تي عبور حاصل ڪري وٺندو هو. سنڌي
ٻولي ڊاڪٽر ٽرمپ کي توڙي جو عربي، فارسي۽
هندستاني(اردوءَ) جي ڀيٽ ۾ ڏکي لڳي، پر پوءِ به
فقط ٻن مهينن اندر گهڻو ڪجهه حاصل ڪري ورتائين.
ايتري قدر جو نومبر 1854ع ۾ پنهنجي هيڊ آفس عرف”دي
پئرينٽ ڪميٽي آف دي چرچ مشنري سوسائٽي“ کي سنڌي
الف – ب ”بابت ”جامع اسڪيم“ تيار ڪري هڪ رپورٽ جي
صورت ۾ رواني ڪيائين، جنهن ۾ ٻين اهم ڳالهين جي
ذڪر سان گڏ ايلس پاران تيار ڪرايل ۽ سُڌاريل
سرڪاري”سنڌي الف – ب“ کي به سخت تنقيد جو نشانو
بنايائين. جڏهن اِها رپورٽ ايلس جي مطالعي هيٺ
آئي، تڏهن پنهنجي ۽ ساٿين جي پريت واري پورهيي تي
پاڻي ڦرندو ڏسي ماٺ ٿي ڪونه ويٺو ۽ پنهنجي ڏاهپ ۽
تجربي جي بنياد تي پاڻ مٿان ٿيل تنقيد جو علمي ۽
تحقيقي جواب ڏنائين. نتيجي ۾ 8جنوري 1855ع تي هڪ
عالمانه ۽ مدلل رپورٽ تيار ڪري ڪمشنر فريئر جي
معرفت بمبئي سرڪار کي ڏياري موڪليائين |