سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :25

نصير مرزا

رني ڪوٽ – ياترا

اڌياءُ: پهريون

اعتراف نامو

مُسافر رني ڪوٽ جي قلعي جي صرف مُهڙ واري حصي جي ’ديدار فرحت‘ آثار کان برابر ته 3- مارچ 2003ع تي، اُتي پهچي وڃي فيضياب ٿيو هو، پر الائي ڇو..... اُن جي تهه دَر تهه تاريخ ۽ پُراسرار ديوان مان مسافرن لاءِ  قلعي بابت ڄاڻ جو ڪوئي دروازو ته کُليو ئي ڪونه!

۽ علاوه ازين، مسافر کي دنيا جو اِهو وڏي ۾ وڏو تصور ڪيو ويندڙ قلعو، اُجاڙ بيابان ۾، کيرٿر جي پهاڙي سلسلي مٿان ڇاتي تاڻي، اُتي بيٺل ته بيشڪ نظر آيو پئي، پر بنهه اِئين جيئن ڪوئي بزرگ، گيان ڌيان سان ڪنڌ جهڪائي، مراقبي ۾ مشغول هجي.

۽ باوجود اِن جي، جو مسافر ڀريا ٽي ڪلاڪ اُن بيابان ۾ بيهي هُن کي يڪ ٽۡڪ ملاحضه ڪندو رهيو، پر بزرگ قلعي، مسافر جي آڏو مراقبي مان ڪنڌ مٿي کڻڻ پسند ئي ڪونه ڪيو!..... سولاه محاله، مسافر کي رني ڪوٽ قلعي جي اِن ياترا دوران اُن جي در و ديوار جي سرسري سياحت کان سواءِ اتان ٻيو ڪجهه پلئه پيوئي ڪونه!

افسوس..... افسوس..... صد افسوس!


 

اڌياءُ: ٻيون

..... ۽ ڪيڏي نه عام رواجي هئي ماه مارچ جي اُها شام!

جڏهن ناشاد...... منهنجي پياري دوست، رني ڪوٽ قلعي جي سياحت لاءِ مون کي صلاحيو. هاڻي هتي ڇا عرض ڪريان ته پنهنجيءَ ذات ۾ آءٌ آهيان سخت سست ۽ ڪاهل انسان! گهر کان آفيس..... ۽ آفيس کان گهر.... ۽ اِن روٽين مان نڪري ڪيڏانهن وڃڻ ۽ ڪيڏانهن گهمڻ جي لاءِ دل منهنجي هاڻي چاهيندي ئي ڪانهي. سچي ڳالهه آهي، هونئن به مزاجن آءٌ نه آهيان ٽوئرسٽ، نه آرڪيالاجسٽ ۽ نه وري ڪو جيالاجسٽ وغيره!

ها!......ائين برابر آهي ته ڪي سال اڳي رني ڪوٽ بابت ڪجهه ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ ’مهراڻ‘ جي ’رني ڪوٽ نمبر‘ کي هتان هُتان اُٿلائي پُٿلائي ضرور ڏٺو هئم.... ۽ جيڪا ڪسر باقي رهجي ويئي هئي، اُها جاکوڙي قلمڪار عزيزم بدر ابڙي جي رني ڪوٽ بابت لکيل تحقيقي ڪتاب کي پڙهي پوري ڪري ورتي هئم.. الله الله.... خير صلا!

خير..... مون هتي چوڻ اهو پئي چاهيو ته سٺا ۽ مخلص دوست ڌڻيءَ جي پاران مليل نعمتن وانگر هوندا آهن ۽ ناشاد صاحب جي دوستي کي آءٌ پنهنجي لاءِ نعمت ئي سمجهان ٿو ۽ ڌڻيءَ جي پاران عطا ٿيل خاص مهرباني پڻ!.......ڪن ماڻهن کي سندس ذات ۾ ڪي اوگڻ نظر ايندا هوندا، پر مون لاءِ ته هُو آهي سراپا گڻ ئي گڻ!....... ساڻس سنگت نه هجي ها،  منهنجي، ته...... سچ ٿو چوان.... آءٌ نه ڪڏهن کيرٿر نيشنل پارڪ جي سياحت ڪري سگهان ها ۽ نه هن پنهنجي رني ڪوٽ جي قلعي جي!

سگريٽ جو فُل ڪش هڻندي، هوا ۾ دونهون ڦهلائيندي، فخرمنديءَ سان چيائين،”جيئي بچي شل پنهنجو حميد سنڌي صاحب! ۽ سندس ڀاءُ سنڌ وائيلڊ لائيف ۽ فاريسٽ جو سيڪريٽري محترم شمس بابا.....! سندس مهربانين سان، کير ٿر نئشنل پارڪ ۽ رني ڪوٽ ته ٿي ويجهو جي ڳالهه، الله چاهيو ته سندن ’دستِ شفقت‘ مهابي.... گورک هل.... ڏاڙهياري جبل..... ۽ ڪُتي واري قبر جو سير به هلي ڪنداسين، انشاءَالله!...... في الحال توهان رڳو اڄ سڀان ۾ ’رني ڪوٽ‘ ڏانهن هلڻ جي تياري پڪڙيو، جو اِن ٽوئر ۾ جن صاحبن سان اوهين ساڻ هوندا، اُنهن جي ڪمپنيءَ مان لطف اندوز ته ٿيندا ئي ٿيندا، پر بعد ۾ اِن نرالي سياحت کي پنهنجي زندگيءَ جو پڪ سان مثالي ۽ يادگار سفر به ڪري پيا ڄاڻندا.“ ۽ ناشاد صاحب تڪڙو تڪڙو لفظن جو منهنجي حواسن جي چئوگرد اِهو اهڙو ته کڻي ڄارُ اُڻيو، جو جهٽ ۾ اُن ۾ ڦاسي پيس.حواس باخته ٿيندي وراڻيم:”اڙي سائين!..... جهٽ ٻڌايو، ڪڏهن ٿا وٺي هلو. ڪيڏي مهل ٿا وٺي هلو....آءُ تيار سائين!.......بلڪل تيار........“

۽ اِهو پُر بهار سفر، عاليشان گاڏين جي قافلي جي صورت ۾ ٽين مارچ جي خوشگوار صبح مهل، شروع ٿيو هو. سرڪٽ هائوس حيدرآباد جي اڳيان، ڪارپورچ وٽان.

اڳيان اڳيان پروٽوڪول طور.....پوليس جي موبائيل ڊاٽسن!

۽ اُن کان پوءِ وارين گاڏين ۾ جن جن دلپذير شخصيتن سان مون ناچيز کي سفر ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي رهي هئي، اُنهن جي جامع تعارف ڪرائڻ کان ته آءٌ قاصر ئي آهيان.... مثال طور:

محترم سائين غلام رباني آگرو صاحب... جي ها! رني ڪوٽ جي اِن سفر ۽ سياحت جو خاڪو سندن ئي تيار ڪيل هو، جنهن ۾ سونهن جو رنگ ڀريو سائين حميد سنڌي صاحب...! پر اِن سفر اختيار ڪرڻ ۽ سياحت لاءِ اصل محرڪ شخصيتون اڃان ئي ڪي ٻيون هيون.(اُهي ڀلا ڪير؟)

هِتي بلڪل گوش گذار ڪريان ٿو، پر ٿورو توقف!...... سوچيو هئم ته رني ڪوٽ جي اِن سفر جي روداد ڪڏهن به جي لکڻ ويٺس، ته سڀ کان پهرين، اُن ۾، هن سياحت لاءِ غلام رباني آگري صاحب جا ٿورا مڃيندس. سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص طرح سان حاضر دور ۾، رباني صاحب منهنجي ٻن چئن فيوريٽ ترين نثر نگارن منجهان هڪ آهي. سندس نثر ۾ منهنجي لاءِ ته ڄڻ شئمپئن جو نشو آهي.(ظاهر آهي، اِهو مهانگو شراب جنهن جنهن پيتو هوندو، اُن جي معياري خمان جو پتو به بس اُن اُن کي ئي هوندو.)

۽ اجهو هاڻي هيءَ تعارف پڙهو، اُن مهان عاليشان جو، جنهن جي سير سياحت لاءِ هِن سفر جو سانباهو ٿيو هو.

جرمن ائمبيسڊر هز ايڪسيلنيسي  ……Dr. Christopher Brummer  ۽ پهرين نظر جا منهنجي مٿس پيئي هئي، ۽ سندس قد ڪاٺ ۽ هاٺي ڪاٺيءَ تي جو ڀرپور نگاهه پيئي هئم ته اندازو لڳايو هئم ته سندس نالو پڪ سان هوندو.... جعفر زٽلي! ساٺيڪو کن سال ته سندس عمر اُن وقت واهه جي هوندي. لقد لاڍيرو، مٿو چپتڙو ۽ صاف. مٿي جي وچو وچ ريڙهه جي هڏي جهڙو هڏو اُڀري. شڪل مان برابر ته ’مڙهو ڀائي‘ ٿي لڳو، پر هلڻ ڳالهائڻ ۾ بلا جو ڦڙتيلو، ٽنگن ۾ سندس جيينز جي ڦاٽل پينٽ پاتل ۽ جسم تي هاف سليو شرٽ. پري کان ڏسندي ائين سهڻو پئي لڳو، جيئن ڍنڍ جي ڪپرن سان ڊگهين ڊگهين ٽنگن وارا اَڇا پکي ڏيکائي ڏيندا آهن.

جرمن ايمبيسڊر قدآور مڙس هو، لهاذا سندس تعارف هتي مون کي سندس قد جي حساب سان ڊگهو ڪرائڻ گهرجي، پر بس في الحال سندس ايترو تعارف لکڻ تي اڪتفا ٿو ڪريان.

رني ڪوٽ ڏانهن هلندڙ اُنهن معزز ۽ معتبر مسافرن ۾ ٻه عدد زائفائون به هيون، ۽ اُنهن مان هڪڙي ته هئي عالي وقار ايمبيسڊر جي وائيف، صفا سنهڙي، سيپڪڙي، سوتليءَ جهڙي نازڪ، اکيون ننڍڙيون، چپ ۽ چهري جا نقش سنها، منهن پوپالو، ڏسڻ ۾ هونئن ته کڙي تڙي، پر چهري مان ٻُڍڙي ٻُڍڙي ٿي لڳي، ڪنهن ڳالهه تي کلي ٽهڪ ٿي ڏنائين ته سندس گهنج گهنج چهرو ڪُرو مُرو ٿي ٿي ويس.

همسفر ٻي جرمن خاتون هئي... ۽ ڇا ته ڪيوٽ خاتون هئي!...... ڪراچيءَ ۾ قانصل جنرل. ان مئڊم Countess Verena Grafin Von Roedern  ڏانهن اکيون کڻي سندس پر شڪوه چهري ۽ پرسنلٽي کي ڏٺم ته دل جي ڌڪ ڌڪ مان آواز ٻُرندو پئي ٻڌم.... ’ونڊر فل، ونڊر فل!‘ عمر اُن خاتون جي پنجاهي کن سال ته واهه جي هوندي. سنهو ڊگهو مُنهن، چهري جا نقش پُر ڪشش، نازڪ نازڪ هٿ پير، وار کليل ۽ برائون لباس ۾ شرٽ ۽ ميرون رنگ جي جينز پاتل، سندس پُر بهار گفتگو جو ٻڌم ته ڀاسيم، ڄڻ ڪنهن اڪيلي ٽاريءَ تي مينا پکي ويٺو ٻولي!

۽ رني ڪوٽ ڏانهن اِن ياترا لاءِ اصل محرڪ اِهي ئي ته بس ٽي معزز مهمان شخصيتون هيون، جن جي مهابي ۽ سائين آگري صاحب جي ٻاجهاري رضامندي سان هي ناچيز به ساڻن همسفر و همرڪاب هو. سفر جي ساٿي حميد سنڌي صاحب جي محبت ۽ شفقت جا ڪهڙا ڳڻ ڳائي ڪهڙا ڳايان. هر هڪ جو همدرد ۽ هر ڪنهن جو هڏ ڏوکي.جهڙو ٻاهران سهڻو تهڙو اندران اَڇو اُجرو. لطيف اهڙن ئي ته انسانن لاءِ چيو هوندو:”جهڙا مُنهن مُهار، تهڙا پُٺيرا سپرين!“

سفر ۾ پروفيسر اعجاز قريشي به همسفر هو. نهايت جفاڪش انسان ۽ اورچ سماج سڌار. سڀ جو ڀلو چاهيندڙ، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سماج لاءِ پنهنجي حصي جي ڪم سان پورو پورو ڪميٽيڊ انسان! رني ڪوٽ جي قلعي جي چائنٺ ٿيندي ئي پنهنجو تازو ڪتاب:”چوٿين مارچ ۽ اڄ جي سنڌ“ گفٽ طور ڏنائين.(ٿئنڪ يو ويري مَچ، قريشي صاحب!)

جرمن مهمانن سان حميد سائينءَ منهنجو تعارف ڇاڪاڻ ته براڊڪاسٽر ۽ ٽوئر جي آبزرور طور ڪرايو هو، اِن ڪري اُنهن مهمان مان، خاص ڪري مسز ائمبيسڊر، جڏهن به مون سان ڪا ڳالهه ڪرڻ يا پڇڻ ٿي چاهي، مون کي مسٽر براڊڪاسٽر چئي مخاطب پئي ڪيو.

هز ايڪسيلينسي مسٽر ائمبيسڊر سان اتي اِن ڊپ ۾ مون ڪونه ٿي ڳالهايو جو انگريزي ڳالهائڻ پنهنجي وس ۾ هئي ئي ڪٿي! صرفهڪ دفعو گڏ ڦوٽو ڪڍرائڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ عرض ڪيومانس ته بيحد خوشيءَ سان رضامندي ڏيکاريندي وت مان آواز ڪڍيائين …Ah…ha…Ah….ha.

عرض ڪريان، ته مسٽر ائمبريسڊر مزاجن چلولو ڏاڍو هو، پر سندس ڀيٽ ۾ ٻئي جرمنياڻيون نهايت پولائيٽ ۽ بيحد ڪرٽينس عورتون هيون. هونئن به اِها ڳالهه طئه آهي ته دنيا ۾ چئن شين تي بنا ڀئو ڀولي جي اکيون پوري اعتماد ڪري سگهجي ٿو ۽ اُهي چار شيون ڀلا ڪهڙيون ڪهڙيون...... اِجهو نوٽ ڪندا وڃو. نبرون آمريڪي ڊالر، نمبر ٽو چائينيز فوڊ، نمبر ٿري برٽش آرچيٽيڪٽ ۽ نمبر فور اِهي پنهنجون وفادار جرمن زالون!

جرمن عورتن جا ٻه مثال ته ذهن تي هتي چڙهي به آيا آهن، پڙهندا هلو.

مثال طور پهريون علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي گهرواري مدر ايلسا قاضي.... ۽ ڇا ته عظيم عورت هئي! علامه صاحب سان اُنس ۾، کانئس پهرين، سندس هنج ۾ پساهه پورا ڪيائين ۽ سنڌ جي پاڪ پوتر مٽي ۾ ئي آسودهء خاڪ ٿي. هتي ڊاڪٽر اينيمري شمل صاحبه جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪريان؟ اسان جي پير حسام الدين راشدي صاحب سان سندس اهڙي ته لونءَ لڳي، جو کيس ٻيا سڀ دل وارا وسري ويا. پير صاحب سان والهانه لڳاءُ سبب هُن مڪليءَ جي قبرستان ۾، سندس ڀر واري لحد ۾ سمهڻ به چاهيو پئي، پر....؟

........۽ رني ڪوٽ ياترا دوران، اِهي ٽيئي معزز جرمن مهمان قلعي جي دروازي وٽ هڪ هنڌ گڏ ٿي جو اچي بيٺا ته لڳم.....رني ڪوٽ جي اُجاڙ بيابان ۾ ، گِل جئسمين جون ٽي ڏانڊيون، زمين مان نڪري، فضا کي معطر ڪري رهيون آهن.

معاف ڪجو....! معزز مهمان جي تعارف ۾ مون ڪافي وقت اوهان جو سيڙايو. ظاهر آهي  ته اوهان  مان گهڻا صاحب( ۽ منهنجا پڙهندڙ به) رني ڪوٽ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ بابت هتي ڪي ڪجهه مون وٽان پڙهڻ چاهيندا هوندا، سو مٿينءَ تعارفي تحرير بعد، قلعي بابت، پنهنجي اڌوگابري ڄاڻ ۽ ذاتي وزن جو لب لباب، اجهو راوي هِن طرح ٿو لکي ظاهر ڪري....

اڌياءُ: ٽيون

عجوبو.....!

رني ڪوٽ جو قلعو ڇا آهي يارو!...... عجوبو آهي عجوبو!.... ڄڻ 32 ڪلوميٽرن ۾، گولائيءَ ۾ پکڙيل پهاڙ، ديوارن جي ڀاڪر جي مضبوط گرفت ۾ جڪڙيا بيٺا آهن. مون کي ته ڏسندي ئي ڏندين آگريون اچي ويون.... يا منهنجا مولا! هن برپٽ بيابان ۾ هيءُ برڙ باڪاس جيڏو قلعو آخر ٺهرايو الائجي ته ڪنهن آهي ۽ الائجي ته ڪهڙي دور ۾؟ عجوبا ڪهڙا ۽ ڪيئن هوندا آهن، ۽ جي ڪنهن بني بشر کي ڪنهن عجوبي جو ڪو تصور ذهن ۾ ڪونهي، ته اُهو مهرباني ڪري رني ڪوٽ جي قلعي کي وڃي اکين سان ملاحظه ڪري.

سنڌ جي ٻين هنڌن کان اِهو ڪيتري ڪيتري مفاصلي تي واقع آهي، آءٌ نٿو ڄاڻان، حيدرآباد شهر کان البته اِهو 56 ميلن(93 ڪلوميٽر) جي فاصلي تي واقع آهي. وڃڻ لاءِ رستو اِهو ئي انڊس هاءِ وي ۽ اُن کان پوءِ جڏهن اُن رستي تي سن جو سنگ ميل نظر ايندو، ته حيدرآباد کان ويندي کاٻي هت تي، اولهه ۾ لڙي پئبو، لنڪ روڊ تي ۽ قلعي ڏانهن ويندي ان سنهڙي پر سگهڻي رستي تي 30-35 کن ڪلوميٽر هلبو ته قلعي تائين پهچڻ کان پهرين ڪوٽڙي – لاڙڪاڻي ريلوي لائين جي انيٽيڪ نما ڦاٽڪ کي پهرين ڪراس ڪبو آهي.

ڦاٽل لڳ سگنل وارو هڪ کنڀو  آهي ۽ کنڀي سان سلهاڙيل ڊگهي ڊگهي ڏاڪڻ..... اُهو ڏيک ڄڻ ڪنهن ڪلاسڪ انگريزي فلم ۾ ڏٺل ڪنهن پرڪشش منظر وانگر لڳو هئم. رني ڪوٽ ڏانهن ويندڙ اِهو لنڪ روڊ توڻي جو صاف سٿرو آهي، پر هو سوڙهو! هي رستو ويڪرو ٿيڻ گهرجي ۽ ڪڏهن اُهو ٿيندو، ته اُن جي لاءِ ٻڌايو پئي ويو ته رٿا اُن لاءِ منظور ٿيل آهي ۽ دير سوير، ويڪرو اُهو هڪ ڏينهن ٿي ئي ويندو. (جو تڪڙ ئي ڪهڙي آهي!) کيرٿر جبل جي ويران سلسلي مٿان اڏيل هن قلعي( رني ڪوٽ) ڏانهن وڃڻ لاءِ اِهو به بهرحال لازمي آهي ته موٽر گاڏي اوهان جي ”فور ويل“ ئي هجڻ گهرجي، جو اُن کان سواءِ اُن طرف ڏانهن سفر ڪري ئي نٿو سگهجي. ۽ اسان جو هڪ کان هڪ فور ويل گاڏين جو اِهو قافلو ڪول تار واري رستي ختم ٿي وڃڻ بعد لڳم ته ڪنهن کڙ ٻڙ هنڌان پيو اڳتي وڌي. پتو پيو ته اِهو نئن موهن جو پيٽ آهي ۽ قلعي اندران وهي ايندڙ اُن جو برساتي پاڻي سن وٽان وهندڙ سنڌو درياهه ڏانهن جنهن هنڌان ڪاهيندو ويندو آهي ته رستي ۾ اُن جي نالي سڏبو آهي: نئن سن. ٻڌايو پئي ويو ته قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چار دروازا آهن: جنهن دروازي جو رُخ آمري ڏانهن آهي، اُهو سڏبو آهي آمري وارو دروازو: جنهن دروازي جو منهن سن شهر ڏانهن آهي اُهو سڏجي سن وارو دروازو: ٽئين دروازي کي چون شاهه پير وارو دروازو ۽ چوٿون سڏجي موهن ڪوٽ وارو دروازو.

ڏٺم ته اسان جي ڪار- ڪاروان جو رخ ’نئن موهن‘ جي پٿرائين پيٽ تان هلندو رني ڪوٽ قلعي جي جنهن دروازي طرف گامزن هو اُهو ئي قلعي جو مکيه دروازو به هو، جتي گائيڊ نالي صادق گبول ٻانهون ڊگهيري مهمانن جي خوش مرحبا لاءِ ڄڻ بي چينيءَ سان منتظر بيٺو هو.

وڪڙ ۾ قلعي جي اُن مکيه دروازي وٽ خوش مرحبا جو اِهو سلسلو اڃان جاري ئي هو جو ڇا ڏسان ته جرمن خواتين، هز ايڪسيلينسي جرمن ائمبيسڊر ۽ ٻيو ڊنبلو، قلعي جي ڏيڍيءَ ۾، ڪوٽ جي ديوار ۾ ٺهيل جاري جي آرچ مٿان پٿر تي اُڪريل ڪنهن نقش ۾ اکيون کُپايو بيٺو آهي ۽ اُن کي پيو گهوري گهوري ملاحظه ڪري!

يا خدا!..... اِها شيءِ آهي ڪهڙي، جنهن کي ڏسڻ ۾ هي سڀ مُنهمڪ ٿي ويا آهن! ويجهو پهچي جان کڻي جو ڏسان ته اُهو سورج مکيءَ جي گل جو نقش هو. سورج مکيءَ جي گُل جو ديوار تي نقش ڏسي دل ۾ چوان ٿو ته اِهو پڪ سان ايراني آرٽ آهي... ۽ هجي نه هجي، اِهو گل زردشت ايراني سلطنت جو ئي قومي گل هوندو، بنهه ائين جيئن پاڪستان ۾ چنبيليءَ جي گل کي قومي گل جو درجو مليل آهي.

ظاهر آهي ته ايران جا زردشت باب ۽ سج جا پوڄاري هئا ۽ اُن حساب سان سورج مکيءَ جي گل جي علامت اُنهن ڏانهن ئي منسوب ڪري سگهجي ٿي ۽ اُن ناتي سان گهڙيءَ لاءِ تصور ڪريان ٿو ته هزارين  ورهيه اڳ پڪ سان هي قلعو ايران جي ساساني بادشاهن ٺهرايو هوندو،

 


جيڪو پنهنجي ”هفت اقليم“ سلطنت جي فوجي تحفظ لاءِ سرحدن تي قلعا جوڙائيندا رهندا هئا.... پر  هي اجگر جيڏو ۽ ڀڙڀانگ قلعو آخر هن بيابان ۾ ٺهرايو ڪنهن ۽ ڪڏهن هوندو؟ ۽ مون سوچيو ته آءٌ رڳو اِن خفي ۾ پئجي رهيس ته قلعي کي اينجواءِ ڪري نه سگهندس. قلعو ڪنهن به ٺهرايو!......اِهو پنهنجو ساسانين يا سٿين.... سارٿين يا پارٿين... يونيانين يا ايرانينن... يا پنهنجن مائٽ ٽالپر بادشاهن..... ڳالهه صاف آهي ته اُنهن مهامنترين مان جنهن به اِهو مضبوط قلعو ٺهرايو هوندو، ٺهرايو ئي اِن خيال سان هوندو ته سندس سر بخت جو خير هجي ۽بعد ۾ سندن سلطنت جو به!

 

سياحن جو اِهو اسان وارو ڊنبلو گائيڊ جي قيادت ۾ اڳيان وڌيو ته وري راهه ۾ ايندڙ هڪ ٻي ديوار جي آڏو ڳاهٽ ٿي بيهي رهيو. هاڻي جو اُتي پهچي ڏسان ته هن دفعي سڀ معزز مهمان اُن ديوار تي هندي يا مصري رسم الخط جهڙي هڪ نشان (جُتي، گهيتلي يا فوجي بوٽ نما) تي بيٺا بحث مباحثا ڪن.

قلعي جي ويڪري (موڪري) ديوار تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ تي پير ڌرياسين ته صادق گبول ٻڌائيندو هليو...”صاحبو! رني ڪوٽ قلعي اندر چوطرفن ۾ چار قلعا ٻيا به آهن”شير ڳڙهه“ ”موهن ڪوٽ“ آمري ڪوٽ“ ۽ ”شاهه پير ڪوٽ“. هي پنهنجو رني ڪوٽ اٽڪل ارڙهن چورس ميل ايراضيءَ تي ڦهليل آهي ۽ اُن جي شڪل مستطيل نما آهي. مُهڙ ۾ ”نئن موهن“ اٿس، ۽ جيڪا نئن قلعي مان اندران پئي اچي اُها سڏجي ”نئن رن“ ۽ قلعي کان ٻاهر، سنڌو درياهه ڏانهن جتان لنگهي، اُتان سڏجي ”سن واري نئن.“

۽ هن قلعي کي جهان ۾ نئين سر نروار ڪرڻ ۾ صادق گبول ٻڌائڻ شروع ٿو ڪري...”سنواري سائينءَ، جي ايم سيد صاحب جو ئي وڏو هٿ آهي.“ رني ڪوٽ قلعي جي ديوار تي بيٺي مون چئوطرف گاهه ڦيرائي ته رني ڪوٽ جو قلعو مون کي عظيم محب سنڌ سائين جي ايم سيد جي شخصيت وانگر ئي اڏول نظر آيو. رني ڪوٽ قلعي جي اندر مکيه دروازي جي ساڄي هٿ تي ”ميري ڪوٽ“ اڳيان، ٻهراڙين ۾ ٺهيل اوطاق نما جڳهه لاءِ ٻڌايو ويو ته اِن جو اِتي جوڙائيندڙ به سائين جي ايم سيد ئي آهي. جنهن ٻاهران ايندڙ معزز سياح مهمانن لاءِ اِهو ريسٽ  هائوس تڏهن جوڙايو هو، جنهن وقت پاڻ 1940ع ڌاري سنڌ جي تعليم جا وزير هئا.

توڻي جو سنڌي مرثين جي محترم شاعر هزهائينس جنت مڪاني مير حسن علي خان ٽالپر(مدفن ڪربلا مولي!) هن قلعي کي پنهنجن وڏن ٽالپر بادشاهن جو يادگار سڏيو آهي ۽ سندن خانوادي جي درٻاري شاعر، مير غلام علي مائل پنهنجي هڪ فارسي قصيدي (مثنوي ۾ اُن جو نالو ”علي آباد“ ڪري ڄاڻايو آهي ۽ اُن کان بعد ۾  1886ع ڌاري جڏهن اي ڊبليو هيوز”سنڌ گزيٽيئر“ پئي ترتيب ڏنو، تڏهن اُن صاحب به رني ڪوٽ جي ذڪر خير طور لکيو آهي ته اِن قلعي جي تعمير تي ٻارهن لکن جي ڪثير رقم خرچ ٿي آهي، اِن کان علاوه اِهو به چيو پئي ويو ته باوجود اِن جي جو هي قلعو ٻه اڍائي هزار ورهيه قديم آهي، اُن جو تذڪرو ڪٿي به، ڪنهن ويد، پراڻ، اُپشند يا قديم اتهاس ۾ ڪونه ٿو ملي.

اِهو ته خدا ڀلو ڪري نامياري محقق ليٽيننٽ ڪرنل خواجه عبدالرشيد جو، جنهن راشدي صاحب سان علم دوستي ۽ سنڌ جي تاريخ سان دلچسپيءَ جي پس منظر ۾ 1965ع ڌاري پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويي، ايم ايڇ پنهور ۽ غلام رباني آگري کي ساڻ ڪري، اچي سن ۾ سائين جي ايم سيد جو مهمان ٿيو ۽ رني ڪوٽ جي ڪنڊ ڪنڊ کي وڃي گهميو، اُتان موٽي پهريون دفعو قلعي بابت تحقيقي مقالو لکي ڇپرايائين ۽ مقالي جو نالو رکيائين:”رني ڪوٽ – دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو.“ 1967ع ڌاري ڪرنل رشيد صاحب جو اِهو مقالو ڇا شايع ٿيو، آرڪايالاجيءَ جي دنيا ۾ هن قديم قلعي بابت چئوپچو باقاعده شروع ٿي ويئي ۽ اُن مقالي کان متاثر ٿي آگري صاحب، ڊاڪٽر الانا صاحب، تاج صحرائي صاحب، حميد سنڌي صاحب ۽ ٻين علمي حلقن، اُن وقت جي حيدرآباد جي ادب پرور ڪمشنر محترم عبدالله جي ميمڻ جي تعاون سان 26 مارچ 1981ع ڌاري رني ڪوٽ قلعي اندر خود قلعي بابت هڪ عاليشان علمي سيمينار جو سانباهو ڪيو.... گويا جهنگل ۾ منگل برپا ٿي ويو. روشنين جي بهار ٿي ويئي. تنبو طولان کڙا ڪيا ويا. ڇا مئورخ ۽ ڇا محقق، هڪ کان هڪ عالم ۽ آرڪيالاجسٽ، اُتي پنهنجن مقالن سميت پهچي ويا. خوب خوب تقريرون ڪيائون. بحث ڇيڙيائون. طعام نوش ڪيائون ۽ بعد ۾ اِن جي، سيمينار ۾ پڙهيل اُهي سڀ مقالا يڪجا ڪري، 1984ع ڌاري محترم دوست نفيس احمد شيخ شاندار انداز ۾ ايڊٽ ڪري ٽماهي مهراڻ جو رني ڪوٽ نمبر شايع ڪري اُن کي تاريخي دستاويز بنائي ڇڏيو.

۽ قلعي بابت..... قلعي جي اِن بئڪ گرائوند کي اُتي ديوار مٿان هلڻ جي دوران ذهن ۾ روائينڊ ۽ فارورڊ ڪرڻ واري خفي ۾ ئي پئي هليس، ته اچانڪ عزيزم ناشاد صاحب مهرباني ڪري، دوربين ڏيندي چيو:”ٿورو اکين تي رکي... اِن مان قلعي جي آسپاس جو جائزو ته وٺو.... ڏاڍولطف ايندو!....“

... ۽ بس دوربين جو اکين تي رکي دور تائين پکڙيل قلعي جي ديوار جو جائزو ورتم ته دنگ رهجي ويس!

”ايلي ڙي..... يا حُسين....!“

هي پنهنجي رني ڪوٽ قلعي جي ديوار هئي ، جا نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندي، الائي ڪيڏانهن جوڪيڏانهن اوچن پهاڙن ۾ گم ٿيندي پئي ويئي.... دوربين مان چوطرف نظر ڦيرائيندي، جان کڻي ڏسان ته ڪٿي ڪٿي ماچيس جي کوکي جيترين ڪکائين جهوپڙين ۽ ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن تي نظر ٿي وڃي پويم.

”اُنهن ڳوٺڙن ۾ ڀلا ڪير پيو رهي؟“ صادق گبول کان پڇا ٿو ڪريان.

وراڻيائين:”سرڪار... اِهي کوسن، گائنچن، ۽ گبولن جا ڳوٺڙا آهن.... ۽ ڪڏهن جي ڪي اُڙيا ٿُڙيا سياح يا ڪي آرڪيالاجسٽ هيڏانهن ايندا آهن، ته اُتان جا واسي اُنهن جا گائيڊ بنجي پوندا آهن.“

منهنجون اکيون اڃان اُن دوربين تي ئي هيو، جو ڏٺم ته اکين جي سامهون ڪو گهر آهي، جنهن جي اڱڻ ۾ ڪا عورت آهي، جا هٿ ۾ موجود ڪنهن گاهه جي مُچي سان ٿانوَ ويٺي مَلي.

”ڀلا صادق....! هي قلعي اندر گهر ڪنهن جو ۽ هِن ادڙيءَ جي هٿ ۾ اِهو گاهه الائي ته ڪهڙو آهي، جنهن سان ٿانوَ ويٺي ٿي مَلي؟“

ٺهه پهه چيائين: سرڪار!....اِهو گهر پنهنجو ئي ته آهي، ۽ اُها مُئي جا هٿ ۾ جهلي اٿس، اِها کپ جي گاهه جي آهي ۽ هِتي عورتون اِن سان ئي ٿانوَ ٿپا ملينديون  ۽ اُنهن کي اُجارينديون آهن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com