سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :24

ٻئي ڏينهن تي ڇت تي گارو ۽ ڀتين کي رنگ ٿيڻ لڳو ۽ اولنڪا چيلهه تي هٿ رکيون، پنهنجي نگراني ۾ ورانڊي ۾ ڪم ڪرائڻ لڳي. هن جي چهري تي پراڻي مرڪ هئي. هن جو سڄو وجود جيئرو ۽ تازو ٿي پيو هو، ڄڻ هوءَ ڪنهن گهري ننڊ مان جاڳي هئي. فوجي ڊاڪٽر جي زال ۽ ٻار به پهچي ويا. هوءَ سادي، سنهي ۽ تيسر لڳي رهي هئي. ڇوڪرو ساشا، پنهنجي ڏهن سالن جي عمر کان ننڍو، گول مٽو، نيرين اکين وارو هو ۽ هن جي ڳلن ۾ چگهه هئا، ورانڊي م داخل ٿيندي ئي هو ٻليءَ جي ٻچي ڏانهن وڌيو ۽ سڄو گهر هن جي ٽهڪن سان گونجڻ لڳو.

”آنٽي، ڇا هي توهان جي ٻلي آهي؟“ هن اولنڪا کان پڇيو.  ”جڏهن هن کي ننڍڙا ٻچا ٿين، مهرباني ڪري هڪ مون کي ڏجانءِ، مما کي ڪوئن کان ڊپ ٿيندو آهي.“

اولنڪا هن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. هن کي چانهن ڏنائين ۽ اوچتو هن کي سيني سان لڳايائين. هن جي دل کي ڇڪ آئي، ڄڻ اُهو هن جو پنهنجو ٻار هجي.

شام جو جڏهن هو ڊرائنگ روم ۾ ويٺي پنهنجو سبق ياد ڪري رهيو هو ته هوءَ هن کي پيار مان ڏسڻ لڳي ۽ پاڻ کي هوريا چيائين: “منهنجا سهڻا .... تون ڪهڙو نه سٺو ٻار آهين.... ڪهڙو نه وڻندڙ.“

”ٻيٽ“ ڌرتيءَ جو اُهو ؟ٽڪر آهي جنهن جي چوگرد پاڻي هوندو آهي.،“ ٻار رٽيندي چيو:

”ٻيٽ ڌرتيءَ جو اُهو ٽڪر آهي......“ اولنڪا ورجايو. گهڻن سالن کان پوءِ هن جي ذهن ۾ هڪ راءِ اڀري آئي ۽ رات جي مانيءَ تي ساشا جي والدين سان بحث ڪيو ته اڄ ڪلهه اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ پڙهائي ڏاڍي ڏکي ٿي ويئي آهي. جڏهن توهان اسڪولن مان گريجوئيٽ ٿي نڪرندا تڏهن توهان لاءِ هر قسم جي پيشي جا رستا کليل آهن. جيڪڏهن توهان پسند ڪيو ته ڊاڪٽر ٿي، يا جيڪڏهن توهان چاهيو ته انجنيئر ٿي سگهو ٿا. ساشا اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. هن جي ماءُ پنهنجي ڀيڻ ڏانهن ويئي هئي ۽ اڃا ڪانه موٽي هئي. پيءَ صبح جو سوير جانورن جي معائني ڪرڻ لاءِ پري هليو ويندو هو ۽ ڪڏهن ته ٽي ٽي ڏينهن گم هوندو هو. اهڙيءَ طرح ساشا اولنڪا جي حوالي هو.

هر صبح جواولنڪا هن جي ڪمري ۾ ايندي هئي ۽ هن کي گهري

ننڊ ۾ ڏسندي هئي. هن جا هٿ هن جي ڳلن هيٺيان هوندا هئا ۽ هو اهڙو آرام سان سمهيو پيو  هوندو هو جو لڳندو هو ته ڄڻ ساهه ئي نٿو کڻي. هوءَ سوچيندي هئي ته هن کي اِن آرام ما اُٿارڻ ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي.

”ساشا....“ هوءَ هوريان چوندي هئي. ”اُٿ اسڪول جو وقت ٿي ويو آهي..“ هو اُٿي ڪپڙا پائيندو هو. عبادت ڪري چانهه پيئندو هو. ۽ ٻه وڏا پراٺا ۽ اڌ ڪريم رول کائيندو هو. ننڊ جو اثر اڃا هن تي هوندو هو. سو هو پاڻ تي ڪراس ٺاهيندو هو.

”توکي پنهنجو سبق ائين ياد نه آهي جيئن هجڻ گهرجي! توکي  سخت محنت ڪرڻي آهي ۽ پنهنجي استاد جو خيال رکجانءِ.“ اولنڪا هن کي چيو. هوءَ هن کي ائين ڏسي رهي هئي ڄڻ ڪنهن وڏي مسافريءَ تي وڃي رهيو هو.

”او، مهرباني ڪري، مون کي وڃڻ ڏي.“ پوءِ هو اسڪول واري گهٽيءَ ڏانهن  ويندو هو. هن جي مٿي تي هڪ وڏي ٽوپي ۽ پٺيءَتي ڪتابن جو ٿيلهو هوندو هو. اولنڪا هوريان هوريان هن جي پٺيان هلندي هئي. جڏهن هو اسڪول جي گهٽيءَ وٽ پهچندو هو ته پوئتي مڙي،اهو ڏسي لڄ محسوس ڪندو هو ته هيڏي وڏي ۽ ٿلهي عورت هن جي پويان اچي رهي آهي. هو هن کي چوندو هو.”آنٽي، توهان گهر وڃو، مان پاڻ ئي هليو ويندس.“ هوءَ بيهي هن کي ڏسندي رهندي هئي. جيستائين هو نطرن کان گم ٿيندو هو.

هن جو ٻار سان ڪيڏو نه پيار هو! هن جو ٻيو ڪوبه ناتو اهڙو گهرو نه هو. هن کان اڳ هن ايڏي خوشيءَ سان ڪنهن کي پاڻ نه ارپيو هو، جيترو هاڻي جڏهن هن جي اندر ۾ ممتا جا جذبا اڀريا هئا. هن ڇوڪري لاءِ جيڪو هن جو نه هو، هن جي ڳل جي چگهن لاءِ، هن جي ٽوپي لاءِ هوءَ پنهنجي زندگي به ڏيئي ڇڏي  ها. جڏهن هوءِ ساشا کي اسڪول مان موٽندي ڏسندي هئي ته اطمينان ۽ پيار سان ڀريل هوندي هئي. هن جو چهرو اڌ سال اندر جوانن وانگر مرڪڻ چمڪڻ لڳو هو. جيڪو ماڻهو هن سان ملندا هئا ته هن کي ڏسي مسرت محسوس ڪندا هئا.

”اولنڪا.... تون ڪيئن آهين؟ ڪيئن پيو وقت گذري؟“

هوءَ مارڪيٽ ۾ هنن کي ٻڌائيندي هئي:”اڄ ڪلهه اسڪول جو ڪورس ڏاڍو ڏکيو آهي. مذاق نه آهي. ڪلهه پهرين ڪلاس وارن کي سبق ياد ڪرايو ويو، ليٽن جو ترجمو، ۽ حساب ڪرايا ويا، ننڍو ٻار اِهي ڪيئن ڪري سگهندو؟“ هن استادن، سبق ۽ ٽيڪسٽ بوڪ تي ڳالهايو، جيئن بلڪل ساشا هن کي ٻڌايو هو.

هو ٽين وڳي ماني کائيندا هئا. شام جو گڏجي سبق ياد ڪندا هئا، ۽ هوءَ ساشا کي مشڪل ڪم ڪرائيندي هئي،  جڏهن هوءَ هنکي بستري ۾ سمهاريندي هئي، ته دعا پڙهي هن تي شوڪاريندي هئي  ۽ جڏهن پاڻ هنڌ ۾ سمهي پوندي هئي ته خواب ڏسندي هئي ته ساشا وڏو ٿي ويو آهي، پڙهائي ختم ڪري هاڻي ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيو آهي، هن کي پنهنجو وڏو گهر، گهوڙا ۽ گاڏيون آهن ۽ هن شادي ڪئي آهي ۽ ٻار اٿس.....“ اهي خواب لهندي هوءَ گهري ننڊ ۾ سمهي پوندي هئي ۽هن جي بند اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا هئا.

اوچتو زور سان دروازو کڙڪيو. اولنڪا ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺي. هن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. اڌ منٽ کانپوءِ وري دروازو کڙڪيو. ”کارڪو کان تار“ هن سوچيو، هن جو سڄو جسم ڏڪڻ لڳو.   ”هن جي ماءَ هن کي کارڪو ۾ گهرايو آهي، او منهنجا خدا!“

هوءَ پريشان  ٿي ويئي. هن جا هٿ پير، مٿو ٿڌو ٿي ويو. هن محسوس ڪيو ته هن جهڙو ڪو بدنصيب دنيا ۾ ٻيو ڪونه هوندو. ٻئي منٽ ۾ هن آواز ٻڌو. فوجي ڊاڪٽر ڪلب کان گهر اچي رهيو  هو. ”الله تنهنجو شڪر آهي.“ هن سوچيو ۽ هن جي دل تان وڏو بار لهي ويو. هوءَ وري سڪون ۾ اچي ويئي، ۽ وري هنڌ ۾ سمهي پيئي. ساشا بابت سوچڻ لڳي، جيڪو هن جي ڀرواري ڪمري ۾ ستو پيو هو ۽ رکي رکي ننڊ ۾ رڙ ڪري رهيو هو.”مان اهو توکي ڏيندس!  هليو وڃ! جهڳڙو ختم ڪر!“

الطاف شيخ

ڄامشوري جي پل مٿان

اوساڪا جي ايئرپورٽ تي لهي ٻئي جهاز ذريعي جپان جي ڏاکڻئين شهر فڪوڪا (صحيح لفظ فڪوئوڪا) ۾ پهچان ٿو. اُتان بس جي ذريعي موجي شهر ۾ اچان ٿو. جپان جو هيءَ شهر جيڪو بندرگاهه به آهي مون لاءِ نئون نه آهي. اسي تائين. يعني اڄ کان چوٿون صدي اڳ تائين هتي ڪيترائي دفعا اچڻ ٿيو. هي بندرگاهه ۽ سامونڊي درياهه جي هن ڀر واروشمونوسيڪي بندرگاهه، جيڪو اڄ ڪلهه ڪيمان پل جي ذريعي ڳنڍيل آهي، ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهن، انچان ۽ پوسان کي ائين ويجهو آهن، جيئن دادو ۽ موري جا شهر هالا ۽ ڄامشوري کي. وچ ۾ فقط سمنڊ جو ڪجهه حصو لتاڙڻو پوي ٿو.

اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جا جهاز جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ سامان لاهي پوءِ ڏکڻ ڪوريا وڃڻ کان اڳ جپان جي موجي يا شمونوسيڪيءَ مان ٿيندا ويندا هئا. شمونوسيڪيءَ ۾ وڏا شپ يارڊ هجڻ ڪري واپسيءَ جي ڊگهي سفر لاءِ جهاز جي ضروري مرمت شمونوسيڪيءَ مان ئي ڪرائبي هئي نه ته به سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ هفتو ٻه ته ضرور بيهبو هو. هنن بندرگاهن ۾ نه فقط مڪاني ماڻهن سان دوستيون وڌيون، پر پنهنجي جهازي دوستن، ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن ۽ ڌارين جهازي آفيسرن سان پڻ ملاقاتون ٿينديون هيون، جو هتان هر جهاز جو لنگهه هوندو هو ۽ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ڄاڻ سڃاڻ وارن جا جهاز بيٺا هوندا هئا. هنن بندرگاهن جي هڪ هڪ رستي توڙي گهٽيءَ مان اسان جو اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي.

موجي  بندرگاهه ۾ هڪ دفعو مون کي باءِ ايئر به وڃڻو پيو هو. موجيءَ ۾ بيٺل اسان جي ڪمپنيءَ جي هڪ جهاز جو چيف انجنيئر بيمار ٿي پيوهو. اُتي جهاز جي مهينو کن مرمت هلڻي هئي. آءٌ هڪ ٻئي جهاز تي جپان جي اترئين بندرگاهه وڪاياما ۾ هئس. مون کي جهاز جي مرمت تي نظر رکڻ لاءِ موجي وڃڻ لاءِ چيو ويو. آءُ فئمليءَ سان هئس. ۽ مون موجي شهر ۾ هوٽل ۾ رهڻ بدران ڪنهن ننڍڙي گهر(مسافر خاني) ۾ رهي پئسو بچائڻ  ٿي چاهيو. اُن سلسلي ۾ مون وڪايامان مان ئي موجي بندرگاهه جي مقامي آفيس وارن کي فون ڪيو، جن هڪ مسافر خاني جي پوڙهيءَ سان مون کي ڳالهرايو.

پوڙهيءَ  جي مسافر خاني طور استعمال ٿيندڙ گهر جي ڳالهه مون کي هر لحاظ سان وڻي. بندرگاهه جي ويجهو، گهٽ مسواڙ ۽ پوڙهيءَ نيرن تي جپاني کاڌو گوهان(ڀت) ۽ ميسو شيرو(ڀاڄين ۽ ڳڙ جو سوپ، جيڪو هتي عام طرح نيرن تي ملي ٿو) ڏنو ٿي. گهر جي ڀرسان بس اسٽاپ پڻ هو. هن ٻڌايو ته سندس گهر جي اڳيان ندي(ڪاوا) به وهي ٿي. جپاني لفظ ”ڪاوا“ ندي ۽ درياهه لاءِ ئي استعمال ٿئي ٿو. جيئن نيل ندي، سنڌو درياهه، تيئن جپان ۾ سميدا  گاوا وغيره آهن(جپاني لفظ ڪاوا نالي سان لڳڻ تي گاوا ٿئي ٿو.)

”واهه جي لوڪيشن آهي، پوڙهيءَ جي گهرجي!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ خيالن جي دنيا ۾ پاڻ کي ڄامشوري جي پُل وٽ ٺهيل المنظر هوٽل ۾ محسوس ڪرڻ لڳس. (هيءَ 1974ع ڌاري جي ڳاله آهي، جڏهن المنظر هڪ بيحد خوبصورت ۽ رومانٽڪ اسپاٽ سمجهيو ويو ٿي) ماڻهو هن هوٽل ۾ چانهه يا ماني کائڻ کان وڌيڪ هتان سدا شاداب ۽ جوش ۾ اُٿلون کائيندڙ سنڌوءَ جي نظاري ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. هو اُهو درياهه آهي، جنهن سان دنيا جي قديم ترين تهذيب وابسطه آهي، ۽ هيءَ اُها ندي آهي جيڪا صدين کان وهندي ٿي اچي. اسان جي ڳوٺ جي هڪ شاعر پروفيسر عبدالفتاح ابڙو (عبد هالائي) پنهنجي دل کي سنڌونديءَ سان تشبيهه ڏني آهي:

دل ناهه ڪا ڪئمپ فلسطيني،

جا جلندي رهي ۽ ٻرندي رهي.

دل ناهه ڪا شام بيروتي،

جا دونهن ۾ ڪاري ٿيندي رهي،

دل ناهه ڪا بيوهه جي چُوڙي،

جا پرزا پرزا ٿيندي رهي،

دل آهي اسان جي سنڌوندي،

جا ”عبد“ صدين کان وهندي رهي.

”خبر ناهي ته موجي شهر مان هي ڪهڙو درياهه وهي ٿو، جنهن جي ڪپر تي هن پوڙهي جپانڻ جو گهر آهي.“ مون دل ۾ سوچيو. بهرحال هوندو ڪو درياهه. مون سڄي جپان جي جاگرافي ته نه پڙهي آهي، جو مونکي هن ملڪ جي هڪ هڪ درياهه، ندي، جبل ۽ ماٿريءَ جي خبر هجي. وڌ ۾ وڌ هتي جي بندرگاهن جي ڄاڻ رکڻ منهنجو فرض آهي.

بهرحال، ضروري سامان کڻائي پوڙهيءَ جي گهر پهتس. پهچڻ سان ئي جهاز جي ڪم ۾ اهڙو ته جنبي ويس جو صبح جو پوڙهي مالڪڻ جي طرفان مليل نيرن(سوپ ۽ ڀت) کائي نڪرندو هئس ته چانهه به اچي  جهاز تي پيئندو هئس. هڪ ئي وقت جهاز جي ڏهن حصن تي ڪم هلي رهيو هو. مٿي کنهڻ جي به فرصت نه هوندي هئي. شام جو ستين بجي شپ يارڊ جي مزورن جي موڪل ٿيڻ تي آءٌ جهاز تان يان رستي جي ڪنهن ننڍڙي جپاني هوٽل تان ماني کائي رات جو نائين ڌاري ٿڪجي اچي مسافر خاني ۾ ڪمري ۾ وڇايل ”تاتامي“(تئونري) تي ڊهندو هئس. جهاز جون مشينون کليل هجڻ ڪري جنريٽر وغيره سڀ بند هئا ۽ بجلي ۽ پاڻي نه هجڻ ڪري اسين سڀ جهاز جاآفيسر توڙي خلاصي جهاز جي ڪمپنيءَ طرفان جهاز بدران ٻاهر ڪناري تي هوٽلن ۽ جپاني اسٽائيل مسافر خانن ۾ رهياسين ٿي.

ٻن ٽن ڏينهن بعد جيئن ئي جهاز جي ڪمن مان ٿوري واندڪائي ملي ۽ هوش ٺڪاڻي آيا ته مون کي درياهه جو خيال آهي. پوڙهيءَ چيو ته”واتاشينوي اي اي نو(ايئينو) مائيوا ڪاواگا اري ماس“ (منهنجي گهر جي اڳيان ندي وهي ٿي( ۽ هتي ته ڪا اهڙي ڪهاڻي ناهي.

گهر جي مالڪڻ کان اُن جو پڇيم ته هن سامهون اشارو ڪيو. ڪراچيءَ جي برنس روڊ تي وهندڙ گندي پاڻيءَ جي نالي جيڏو هڪ نالو وهي رهيو هو. هي به گندي پاڻيءَ جو نالو هو، پر فرق اِهو آهي ته ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ وانگر هتي جي نالن ۽ گٽرن مان فقط مينهن ۽ وهنجڻ جو پاڻي لنگهي ٿو(ڪاڪوس وغيره جو سسٽم بلڪل الڳ ۽ زمين دوز آهي) اُن ڪري اُن نالي جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ نه گند ڪچرو هو ۽ نه ڪک پن ۽ نه وري پلاسٽڪ جون ٿيلهيون. نالي جي پاسن کان وڻن ۽ گلن جو قطارون هيون

”تو لڳي ٿو ته درياهه نه ڏٺو آهي.“ مون پوڙهيءَ کي چيو. پوءِ آڪڙ ۽ فخر مان مون کيس پنهنجي ملڪ سنڌوءَ جو احوال ٻڌايو ته ”اها ندي ڪيڏي ويڪري، ڪيڏي اونهي ۽ ڪيتري تکي وهڪري واري ٿئي ٿي. اسان جي سنڌو هماليه جبلن تان گجگوڙ ڪندي پنجاب ۽ سنڌ کي سيراب ڪندي عربي سمنڊ جي پيٽ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سمنڊ وانگر سنڌوءَ ۾ لهرون ۽ ڪُن ٿين ٿا. ٻيڙيون ۽ بتيلا هلن ٿا...“ آءٌ ويس پنهنجي سنڌوءَ جي تعريف ڪندو ۽ پوڙهيءَ جو ويو وات ڦاٽندو. ظاهر آهي ته ڪٿي هي نالو، جنهن ۾ ٻه مينهون به نه بيهي سگهن ۽ ڪٿي اسان جي سنڌو درياهه جو ويڪرو پيٽ ۽ تکو وهڪرو، جيڪو وڏن وڏن ٻيڙن کي به لوڙهي ڇڏي. اُن وقت ڳوٺان جهاز لاءِ ڪراچي ايندي ڄامشوري جي پل وٽ ڪار مان لهي ڪا دير درياهه جي مون کي ڏسندو رهيس، ۽شاهه لطيف هن درياهه جي ارڏائي ڏسي چيو هوندو؛

دهشت دم درياهه ۾ جت لڙ، لهرون، لس ليٽ،

آڻي اوڀارين ۾ ٻانڌي ٻُوڙي ٻيٽ،

جت چڪنئي چيٽ، اُت ساهڙ سير لنگهاءِ تون.

پر پوڙهيءَ کي اهڙا شعر ترجمو ڪري ته نٿي ٻڌايئي سگهيس. باقي اسان جي سنڌو درياهه جي ڪولوسال هجڻ جو تاثر ڏيڻ لاءِ مون کي جپانيءَ ۾ جيڪي صفتون آيون ٿي، اُهي ٻڌائي ورتم.

اڄ چوٿو صديءَ بعد هن ساڳيئ شهر ۽ ساڳي گهٽيءَ مان لنگهڻ تي هن مسافر خاني جي اڳيان بيهي رهيس. گهر جي مٿان ٻه وڌيڪ ماڙيون ٺهيل هيون. ٻاهران مسافرخاني جو ئي بورڊ لڳل هو. موجي ڇڏڻ کان اڳ پوڙهيءَ پنهنجي پٽ جي هتي جي حساب سان ڌام ڌوم سان شادي ڪئي هئي. اُها اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آءٌ درياهه جي ٻئي ڀر واري بندرگاهه شمونوسيڪي کان آيو هو.س ڪجهه سالن بعد ٻڌو هوم ته پوڙهيءَ جو اُهو اڪيلو پٽ، جنهن سندس ڪاروبار ۾ مدد ڪئي ٿي، هڪ هوائي حادثي ۾ مري ويو. پوڙهيءَ جي وري خبر نه پيئي جو منهنجو دوستن جي جهازن به هنن بندرگاهن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو. آءٌ در جي بيل وڄائي اندر رسيپشن ۾ گهڙيس. سندس ٻنهي پوٽين منهنجو مهمان جي حيثيت سان آڌرڀاءُ ڪيو. پر پوءِ پنهنجو تعارف ڪرائڻ تي هو مون کي سڃاڻڻ لڳيون.

”اهو ڪيئن؟.... توهان ته ڄايون به بعد ۾ آهيو، آءٌ ٻاويهن ٽيويهن سالن کان پوءِ هتي پيو اچان

”ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته هتي هڪ ممئرين انجنيئر رهندو هو جيڪو باشو (جپاني شاعر) ۽ مشيما(جپاني ناول نويس) جو عاشق هوندو هو.“ هنن مان هڪ ٻڌايو ۽ ٻيءَ منهنجو جپان جو سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامو ”جپان جن جي جيءَ سان“ کڻي آئي، جيڪو مون تڏهن سندن ڏاڏيءَ کي موڪليو هو، هنن ٻڌايو ته هوءَ چار سال کن اڳ اسي سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويئي.

”توهان جي ڏاڏي عظيم عورت هئي.“ مون سندن ڏاڏيءَ کي ياد ڪندي تعريف ڪئي ۽ ڪا دير خيالن ۾ گم ٿي ويس، جو هن پوڙهيءَ جي قرب ۽ خيال رکڻ جي ڪري موجي يا هن پاسي اچڻ تي هميشه هن جي ئي مسافرخاني ۾ رهندو هوس.

”اسان جو ڏاڏو هيروشيما ۾ ڪريل بم جو سرڪار ٿي ويو هو.“ پوڙهيءَ جي پوٽين مان هڪ ٻڌايو.

”مون کي ڄاڻ آهي.“ مون ڏکويل آواز ۾ وراڻيو.   ” ۽ اُن جي اثر جي ڪري توهان جي ڏاڏي ڪيترين ئي جسماني ۽ نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا  هئي.“

”پر چون ٿا ته هُن وڏيءَ همت کان ڪم ورتو.“

”صحيح ٿيون چئو، اِن ۾ ڪو شڪ ناهي، بيمار هوندي به هوءَ گهر کي هلائڻ لاءِ سخت پورهيو ڪندي هئي.“ مون کين ٻڌايو.

”هو قربائتي به ڏاڍي هئي، سندس مري وڃڻ تي اوڙي پاڙي وارن به ڏاڍو ڏک ڪيو.....“

”جي ها.“ صحيح ٿيون چئون.“ مون وراڻيو.   ”کيس انسانذات لاءِ همدردي هئي. هن هر هڪ جو ڀلو چاهيو ٿي. ٻئي کي ڏکويل ڏسي پاڻ پريشان ٿي ويندي هئي. آءٌ پهريون دفعو جڏهن هُن وٽ رهڻ آيو هئس ته منهنجي هڪ سال جي ڌيءَ کي تيز طوفاني هوائن جي ڪري يا شايد وڪاياما کان موجي هوائي جهاز جي سفر جي ڪري ڪن ۾ اچي سور ٿيو، منهنجي زال نه هن شهر جي واقف هئي ۽ نه جپاني آيس ٿي. پوءِ توهان جي ڏاڏي پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي منهنجي ڌيءَ جي علاج لاءِ مختلف ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ ڊوڙندي رهي. مون کي چوندي هئي ته تون نه گهر جو خيال خيال ڪر ۽ نه پئسي جو. جنهن ڊيوٽي لاءِ آيو آهين، يعني جهاز جي مرامت ڏي توجهه ڏي. جيئن اُهو جهاز سمنڊ تي تولاءِ مسئلو نه بڻجي.“

”ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي، هڪ ڌارئين کان پنهنجي وڏن جي ڳالهه ٻڌي. سندس پورهئي جي ڪمائي اڄ اسين کائي رهيون آهيون. هوءَ پاڻ غربت ۾ گذاري ويئي. پر اسان لاءِ روزگار ٺاهي ويئي...“

”صحيح ٿيون چئو.“ مون سندن ڳالهه جي حمايت ڪئي ۽ ڪافيءَ جو آخري ڍُڪ پي اُٿي کڙو ٿيس. ٻاهر ساڻن هڪ يادگار تصوير ڪڍائي شاٿونارا(خداحافظ) چيم.

ٻاهر نڪري ٿورو اڳتي هلي سندن گهر جي اڳيان وهندڙ نالي جي ڪپر وٽ بيهي رهيس ۽ ڪا دير پنڊ پهڻ بيٺو رهيس. مينهن ۽ گهر مان ايندڙ پاڻي اُن ”نالي“ مان شپڪا ڪري وهي رهيو هو. مون کي پوڙهي سان اڍائي ڏهاڪا سال اڳ جو بحث ياد اچي ويو... ”هن کي چئبو آهي درياهه! درياهه ته اسان جو سنڌو آهي.“ مون چيو هومانس. (يعني تڏهن چيو هو مانس.) چڱو جو اڄ هوءَ جيئري ناهي نه ته هن کي اڄ اُن سنڌوءَ بابت شايد ڪجهه به ٻڌائي نه سگهان ها! هفتو کن اڳ هن سفر لاءِ ڳوٺان ڪراچي ايندي وقت هن ڀيري ڄامشوري وٽ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا. اسان جي سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي ڇولين بدران ڌوڙ اُڏامي رهي هئي. ٻيڙيون وچ درياهه ۾ خشڪيءَ تي پاسيريون ٿيون پيون هيون ۽ ٻارن ڪرڪيٽ راند پئي ڪيئي!.... سنڌو ۾ ايترو پاڻي به نه هو جيترو موجي شهر جي هن نالي مان وهي رهيو هو. آءٌ ڏکويل دل سان اڳتي وڌان ٿو. هڪ هڪ وک ڇپ جهڙي ڳري محسوس ڪريان ٿو ۽ مون کي پنهنجي هڪ ٻئي ڳوٺائي ۽ پياري انسان حميد شهيد جو تازي ”سوجهري“ رسالي ۾ ڇپيل هي شعر ڌيان ۾ اچي ٿو:

ڄامشوري جي پُل مٿان بيهي سوچيم

”سنڌو“ ناهي، هي ”هاڪڙو“ آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com