صادق گبول کان اِها اوک ڊوک پئي ڪيم ته وچ ۾
ٻڌم... رباني صاحب جرمن ائبيسڊر کي ٻڌايو پئي ته
”رني ڪوٽ جي هن ديوار جو منظر چين واري عظيم
’ديوار چين‘جهڙو آهي۽ پري کان ڏسڻ ۾ ٻنهي ۾ ڪو فرق
نظر ئي ڪونه ٿو اچي.“
”ڪيڙو ڪيڙو“....!
”ڪيڙو ڪيڙو“....!
... ۽ اوچتو ڪٿان دور کان ٻُرندڙ تتر جهڙي اِن
آواز تي اوچتو منهنجا ڪن کڙا ٿا ٿي وڃن.
”اڙي هان.... هي ڇا!“
”سرڪار! ... اِهو اَپڙي تتر جو آواز آهي.“ صادق
گبول آگاهه ٿو ڪريم.
”۽ هتي رني ڪوٽ جي آسپاس اِهو پکي جام ٿيندو آهي.“
(۽ ڀرسان بيٺل هڪڙو همسفر دوست کلي ڪن ۾ چويم
ٿو”..!”آهو گائيڊ اٿئي جل ڦٽاڪو.... سندس ڳالهين
تي اعتبار مڙئي گهٽ ڪجئي...“)
۽ صادق گبول جيڪو سخت ڳالهير، سنهڙو سيپڪڙو ۽ اَڌڙوٽ عمر جو
هو، مون کي ريڊيو جو آفيسر ڄاڻائيندي ٻڌائيم ٿو
ته“ سرڪار... اُهو جيڪو ريڊيو جو ڳوٺاڻن ڀائرن جي
ڪچهريءَ وارو جهونو فتح خان آهي نه.،... سيد صالح
محمد شاهه.. اُهو ۽ آءٌ ڏيپرن ۾ هڪڙي ئي استاد وڏل
شاهه وٽ پٽي پڙهيا آهيون.... ۽ هتي اسين جيڪي گبول
آهيون نه، اُهي ارغونن جي وقت کان وٺي هن ئي تَر ۽
پَٽ ۾ رهون وسون پيا. اسان جا وڏا ٺٽي تائين هن تر
۾ ڦرون ڪندا وتندا هئا ۽ اُن زماني جي هڪ ناياب
”سُرمي داڻي“ اسان وٽ اڃا سوڌو محفوظ به پئي
آهي..... ۽ اِجهو هن قلعي ۾ سڪرا! هڪڙو اهڙو هنڌ
به آهي، جتي سهڻُو چشمو هوندو هو ۽محمد بن قاسم
جڏهن هن قلعي ۾ اچي لٿو هو ته حجاج بن يوسف کي
هتان هڪڙي خط ۾ لکيو هئائين ته جنهن قلعي ۾ رهيو
پيو آهيان، اُن ۾ هڪ اهڙي ڍنڍ آهي، جنهن جو ڏيک
بنهه ڪنهن عاشق جي اک جهڙو آهي.“
........۽ صادق گبول جي ٻڌايل ۽ محمد بن قاسم جي
بيان ڪيل اُها ڍنڍ، رني ڪوٽ ۾ ڪڏهن واقعي هئي به
يا الائي نه، البت دوربين مان رني ڪوٽ جي مهڙ واري
مکيه دروازي واري برج تان هيٺاهين مٿانهين پهاڙين
مٿان ٺهيل ورن وڪڙن ۾ جڙيل ديوارن کي ڏسندي لڳيم
ٿو ته ڄڻ ڪا چنچل نار لوڏ ڀري هوڏ سان کيرٿر پهاڙن
جون هيٺاهيون مٿانهيون چڙهندي لهندي ازل باد ڏانهن
وڌندي پيئي وڃي.
هيٺ.... پري.... قلعي جي کڙ کٻڙ ميدان تي ٻڪرين جو
هڪڙو ڌڻ سُڪل ڪک ڪانا چري رهيو هو. رباني صاحب
حميد سنڌي صاحب ۽
اعجاز قريشي صاحب پاڻ ۾ ڳالهائيندا ۽ چوندا پئي هليا ته”هتي
قلعي ۾ ايوبيه“ وانگر.... هڪ پهاڙ کان ٻئي پهاڙ
تائين ۽ شِير ڳڙهه کان مير ڪوٽ تائين چيئر لفٽ
لڳائي، هيٺ قلعي جي ميدان ۾ گڊ، مور ۽ سَرهه آڻي،
قلعي جي ديوارن ۾ نئن ۽ ٻيا کليل هنڌن کي ڪنڊيدار
تارن سان بند ڪري.. ۽ هيٺاهين واري هنڌ جي چوطرف
پهڻن سان پتر ڏيئي ڪا ڍنڍ ٺاهجي ته اُها پاڻهي
ڏيهي پرڏيهي پکين لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي پوندي...
اهڙي ماحول ۾ جڏهن سياح هتي ايندا ۽ چيئر لفٽ ۾
چڙهي مٿان کان هيٺ قلعي جو نظارو ڪندا ۽ گهمندا،
ته جهنگلي جيوت پَسڻ جو کين مزو اچي ويندو.“
رباني صاحب ۽اسان جا اِهي ٻيا مانائتا صاحب،
ائمبيسيڊر کي جهرمٽ ۾ وٺيو هلندا ۽ اهڙيون ڳالهيون
ٻولهيون ڪندا پئي هليا، جو هز ايڪسيلينسي ڪرسٽاف
برومر صاحب، خوش دليءَ سان ساڻن سهمت ٿيندي پوري
اُتساهه سان چيو...”ها واقعي!....جيڪڏهن هِن قلعي
جي ترقي ۽ آرائش ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي، سياحن لاءِ
هٽس ٺاهيا وڃن ۽ انهن لاءِ ٻين جوڳين سهوليتن جو
انتظام ڪيو وڃي ته پڪ سان هيءَ قلعو سڄي دنيا جي
سياحن جي لاءِ سياحت جو پرڪشش مقام ٿي سگهي ٿو.“
۽ هيڏانهن صادق گبول کان وري شير ڳڙهه جي ذڪر سان
گڏ اُتي موجود پاڻيءَ جي مٺي چشمي جو ٻڌي دل
اوڏانهن هلڻ لاءِ اُڇلون ڏيڻ لڳي، چيم:” ناشاد
صاحب... اوڏنهن ڇا هلي نٿو سگهجي؟“
” هلي ڇو نٿو سگهجي...؟“ ناشاد صاحب هميشه وانگر
خود اعتماديءَ سان دلجوئي ڪندي وراڻيم ٿو... ”ادا
منهنجا... هلي ته بيشڪ سگهجي ٿو..... پر اڄوڪي
سياحت شيڊول ئي ايتري ٿيل آهي ته رني ڪوٽ جي مهڙ
واري حصي جو ديدار ڪجي ... ۽ اُن کان پوءِ ڏينهڪ
ئي هلي سيوهڻ شريف جي زيارت ڪجي. اُتي پاڻ وارو
”پيارو“ ڪهاڻيڪار دوست محمد انور بلوچ(ڊي ايف او)
مهمانن جي آڌرڀاءُ لاءِ منتظر هوندو، جو هز
ايڪسيلينسي ۽ مهمان جي اعزاز ۾ سيوهن واري قلعي جي
ريسٽ هائوس ۾ لذيذ لنچ جو انتظام محترم شمس الحق
ميمڻ، سيڪريٽري فاريسٽ طرفان ٿيل آهي... ۽ وري
پرڏيهي مهمانن کي سُجهندي ئي، واپس ڪراچي موٽي به
وڃڻو آهي.“
ناشاد صاحب يڪ ساهي ڳالهائيندو، مون کي گوش گذار
ڪندو پئي هليو، ته وچ ۾ اوچتو صادق گبول ٻڌائڻ
شروع ڪري ڏنو:.
”سرڪار.... رني ڪوٽ اندر هي جيڪي ٻه قلعا آهن نه،
’ميري ڪوٽ‘ ۽ ’شير ڳڙهه‘، اِهي رهائشي قلعا هئا.
توهان جو وڏو شمس العماءَ مرزا قليچ بيگ به اِتي
آيو ۽ سير ڪري اُتي پاڻ پنهنجو نالو به ڪنهن پهڻ
تي ڪندهه ڪري ويا آهن. سن وارو سائين جي ايم سيد
صاحب ته اوڏانهن ڪيئي دفعا ويو هو. ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ، پير حسام الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو.
ايم ايڇ پنهور.... ۽ ڪهڙا نالا ٻڌائي ڪهڙا
ٻڌايانوَ، جيڪي شير ڳڙهه ۾ باقاعده پير گهمائي ۽
رهي به ويا آهن.“
”ڀلا سياحن جو ڪو وڏو ڊنبلو به...“ آءٌ صادق گبول
کان پڇڻ ٿو لڳان....”هن برپٽ بيابان ۾ ڪڏهن آيو،
يا اچي ڪڏهن هتي رات رهيو؟“
”ها، سرڪار!... “ صادق پوري اتساهه سان آگاهه ڪرڻ ٿو شروع
ڪري.
”1984ع ڌاري چيني سياحن جو هڪڙو وڏو جٿو اچي هِتي
لٿو هو، پاڻ سان تنبو طولان...کاڌو پيتو... پاڻي
ڇاڻي... سڀ ساڻ هئن... وٽن زمين ماپڻ ۽ پٿر جانچڻ
جا ڪي اوزار به گڏ هئا. ۽ قلعي جي ديوار ۽ بُرجن
تي چڙهي لهي... فوٽا ڪڍي... وتيا پئي ڪا تحقيق
ڪندا.“
”سرڪار ... اُهي چيني آرڪيالاجسٽ...“ صادق گبول
پُراسرار اندا ۾ ٻڌائي ٿو... ”يارنهن ڏينهن قلعي
جي هن بيابان ۾ رهيا پيا هئا ۽ يقين ڪريو ته
کاڌائون گهٽ ۽ جانچ جونچ واري تحقيقي ڪم وڌيڪ
دلچسپيءَ سان پئي ڪيائون.“
”ڀلا جي ڪو اُڙيو ٿڙيو ذوقين سياح هتي سياحت لاءِ
اچڻ چاهي ته اُن لاءِ ڪو سِڪيورٽي وغيره جو انتظام
آهي هِتي؟“ آئون صادق گبول کان پڇان ٿو.
”نڪو صاحب...!“ صادق وراڻي ٿو.
”هيڏانهن جنهن کي به اچڻ جو شوق هجي، اُهو پنهنجي
رِسڪ تي پاڻ اچي، جو قلعي اندر پوليس چوڪي وغيره
جهڙي ڪنهن به شئي جو انتظام آهي ئي ڪونه!“
” ها... چون ٿا ته ٽالپر حاڪمن جي دور ۾ برابر ته
قلعي جي ديوارن تي اِهي جيڪي مستطيل نما برج هنڌ
هنڌ تي کڙا بيٺا آهن، اُنهن ۾ بندوق بردار سپاهي
چوڪيءَ لاءِ چاڙهي ويهاريا ويندا هئا، پر هاڻ...؟
اِجهو ڏسو پيا نه، ته هاڻي پوري رني ڪوٽ ۾ چئوطرف
رڳو الله ئي الله آهي ۽ ٻيو مڙئي ٿيو خير.“
”ڀلا هوءَ سامهون قلعي جي ميدان ۾ ساوڪ ۽ جيڪا پوک
پيئي نظر اچي، اُها ڇا ۽ ڪنهن جي...؟“ ۽آءٌ صادق
گبول کان اِها پُڇ پُڇ ڇڏيان ئي ڪونه ٿو.
چيائين،” اِها پوک اسان گبولن جي آهي، جن جا قلعي
اندر يارهن ٻارهن گهر آهن، پاڻي اِجهو نئن موهن ۽
نئن سن مان هٿ ٿا ڪريون...“ ۽ هٿ جي اشاري ان اُن
پوک ڏانهن منهن ڪندي ٻڌائي ٿو،”سرڪار.... اِها
جيڪا پوک ڏسو پيا نه... ته اِها بصر جي اَٿوَ... ۽
ڪڏهن ڪڏهن ته اِن وکر جي پوک ايتري ته گهڻي ٿيندي
آهي، جو ٽيهه پنجٽيهه ٽرڪن جيترو بصر به نڪري
ايندو آهي.“
”ڀلا اندر قلعي تائين سواري ڪهڙي آڻي سگهجي ٿي؟“
”سامان سڙو آڻڻ نيئڻ لاءِ...“ صادق گبول ٻڌائڻ
شروع ٿو ڪري...”اوت به استعمال ڪريون... ته گڏهه
به!.... سامان گهڻو آهي، ته ڊاٽسن به اندر قلعي ۾
ڪاهي ايندا آهيون.“
”ڀلا رني ڪوٽ جي مکيه دروازي اڳيان جيڪا ’نئن
موهن‘ لنگهي پيئي، اُن ۾ پاڻي ڪڏهن ڪو ڏٺو اوهان؟“
”اڙي سائين... پاڻيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪريو،“
صادق اُتساهه سان ٻڌائڻ شروع ٿو ڪري....”مون
سرڪار.. ان نئن ۾ پنهنجي اکين سان ڪيئي ورهيه
ٻوڙان ٻوڙ پاڻي ڏٺو آهي.. ۽ مون کي زادگيرو آهي
ته... تڏهن جهنگلي جيوت وارن جو لڏو اچي هتي لٿو
هو. اُنهن جي ڪوت لاءِ چانورن، اَٽي، کنڊ ۽ گيهه
وغيره جي ٻُورين سان ڀريل ڊاٽسن کين ئي زون ڪري
تارئون تار پاڻي مان نڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي جو
پريان جبل مان نئن جي پاڻيءَ اهڙي ته کڻي اڇل ڏنس
جو ڊاٽس وچ نئن ۾ ڪلٽي ٿي پيئي... ۽ پاڻيءَ جو
ريلو اُهو پنهنجو سڀ ڪجهه کڻيو ويو...“
”ڀلا ڊرائيور!”..... مان اُتاولائي مان صادق کان
پُڇان ٿو.
”سرڪار... ڊرائيور ڏاڍي ڏکيائي سان تري ساهه
بچايو.... نه ته ويو ته اُهو به لڙهي هو...“
چيم... ”صادق! اوهان جو ٻڌايو ته اِتي قلعي ۾
گبولن جا يارهن ٻارهن گهر آهن، ته اِتي جي ڪا موتي
فوتي ٿئي ته .. تدفين وغيره لاءِ ڪيڏانهن وڃو؟“
”سرڪار.. قبرستان اِتي ئي آهي، اسان جو... رني ڪوٽ
قلعي ۾.. اِن ۾ ئي اسين پنهنجن مُردن کي دفنائيندا
آهيون، ڪڏهن ڪڏهن ڪا قبر کوٽيندي اُن قديم قبرستان
مان اڳوڻي زماني جي ڪا قبر کُلي پوندي آهي ته ڏاڍا
حيران ٿي ويندا آهيون.“
”ڇو؟“ مان حيرت مان کانئس پڇڻ کان سواءِ رهي نٿو
سگهان.
”سرڪار... قبر جي اُها زائفان جي هوندي آهي ته،
اُن مان هڏن سان گڏ ڳهه ڳٽا به نڪري ايندا آهن ۽
اُهي ڏاڍا عجب جهڙا هوندا آهن.“
”چڱو ڀلا ، ڪا ٻي حيرت جهڙي ڳالهه به ٿي وڃي...“
صادق گبول جي سحر انگيز گفتگوءَ کي اينجواءِ ڪندي
آءٌ کيس وڌيڪ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ وينتي ٿو ڪريان.
”ها سرڪار!... ٻُڌو...“ صادق پوري اُتساهه سان
منهنجي سادگيءَ مان لطف وٺندي ٻڌائڻ ٿو لڳي.......
”رني ڪوٽ قلعي اندر... پهاڙن ۾... ڪٿي ڪٿي ڪي غار
ايڏا ته اُونها آهن، جواُنهن ۾ جي اُٺ يا هاٿي
ڪري پون، ته صاحب... پتو ئي ڪونه پوندو ته اُها
هيبت جهڙي مخلوق ويئي الائجي ته ڪيڏانهن گم ٿي!“
اڌياءُ: چوٿون
لال مير پَت....!
.... ۽ صادق گبول کان اِنهيءَ ۽ اهڙي معصوميت ڀري
منهنجي پُڇ پُڇ ۽ رني ڪوٽ جي مهڙ واري حصي، موهن
دروازي ۽ ميري ڪوٽ جي دروديوار جي آسپاس اسان جي
اِن ياترا جو اِهو سلسلو اڃا جاري ئي هو جو مختصر
سفر جي آخري منزل سيوهڻ شريف ڏانهن هلڻ جي تياري
شروع ٿي ويئي.
.... ۽ پهاڙن ڏانهن مُنهن ڪري سياحن جو اِهو
ڪار-ڪاروان سيوهڻ شريف ڏانهن جيئن ئي وڌڻ لڳو ته
ڪهڙا ڪهڙا نه تاريخي ماڳ مڪان اکين جي اڳيان ۽
ڀرسان تيزيءَ سان گذرڻ شروع ٿي ويا... آمري... لڪي
شاهه صدر.... ۽ ۽ بس، اِجهو ڪلاڪ کن ۾ سيوهڻ شريف
جي حدن سرحدن ۾ داخل ٿي وياسين.
سبحان الله!... لعل سائينءَ جي سونهري گنبذ جي
جهلڪ پهرينءَ جي چنڊ وانگر پري کان جيئن ئي نظر
اچيم ٿي، پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ ۽ وجود جي انگ انگ
مان آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچيم:
لعل ميري پَت رکيو ڀلا، جهُولي لعلڻ.
سنڌڙي دا....سيوهڻ دا.....شهباز قلندر!
ڏٺم،اڙل واهه جي ڪڙ ڏيئي اسان جي گاڏين جو قافلو
’چرٻٽ راجا‘ واري اونڌي قلعي مٿان ٺهيل ريسٽ هائوس
ڏانهن وڌندو پئي ويو. اڙل واهه!... ريسٽ هائوس جي
پورچ ۾ معزز مهمان جون گاڏيون اچي بيٺيون مس ته
دلنواز ۽ وضعدار پوليس ڪمانيءَ سردار اڪبر ڀنگوار
صاحب اڳيان وڌي اچي هز ايڪسيلينسي ۽ ٻين مانائتن
مهمان سان ملندو ۽ کين خوش مرحبا ڪرڻ ٿو لڳي. معزز
مهمان اُتان اڳيان وڌي، ريسٽ هائوس جي ڊرائنگ هال
۾ هلي ويٺا، ته ڪماني اڪبر ڀنگوار صاحب، مسٽر
ايمبريئسڊر، مسز ائمبريسڊر ۽ مئڊم قانصليت جنرل کي
سنڌي ثقافت جي شانائتي سوکڙي اجرڪون ٿو اوڍائي ۽
هز ايڪسيلنسيءَ کي ته هن مٿي ۾ سنڌي ٽوپي به
پارائي ڇڏي.
۽ ائين ڪندي فريش جس... سافٽ ڊرنڪس... ۽ ٿڌن پاڻين
جا گلاس اچي ويا. مهمانن جي اهڙي شانائتي تواضع ۾
ڏٺم ته اسان جو اديب دوست محمد انور بلوچ پوري طرح
سان پيش پيش پئي نظر آيو، جنهن لاءِ حميد صاحب جي
نگراني سون تي سهاڳ مثل هئي.
مهمانن هٿ مُنهن ڌوئڻ واري مشغولي مان واندا ٿيا،
ته ’دبنگ لنچَ‘ ٽئبل تي لڳي چڪي هئي. مڇيءَ جو
ٻوڙ..... سنيل بهه... روسٽ رانون... مڇيءَ جا
ڪوفتا... ساڳُ... پَلي... ڪباب... قيمي جو ٻُوڙ..
چانورن ۽ ٻاجهري جون مانيون... آڇار ۽ چٽڻيون...
مُربا ۽ سلاد.. ڌونئرا ۽ پُلاءُ!... ۽ مهمان
عاليشان ڊليشز... ڊليشز ۽ گُڊ...گُڊ چوندا، لذيذ
لئوش لنچ مان مستفيض ٿي، هٿ ڌوئي موٽي ڊرائنگ روم
۾ اچي ويٺا ته طرحين طرحين جا سُويٽ، ڪسٽرڊ ۽
پُڊنگون، جيليبيون ۽ کيرڻيون، مٺايون ۽ ميوا –نوش
جان لا منتظر هئا.
... ۽ اِجهو مسز ائمبريسڊر ميوات مان چاڪليٽي چيڪو
ڇلي کڻي پنهنجي پوپلي مُک ۾ ڇا رکيو، حيرت مان
انگريزيءَ ۾ چيائين:”ڪيڏو نه لذيذ آهي هي ميوو. پر
نالو الائجي ته ڪهڙو آهي هن فروٽ جو؟“ جواب ڏيڻ جي
لاءِ ڀانيان ٿو ته سڀني جي وات مان لفظ نڪتو
هو”چيڪو!... چيڪو!“
”چيڪو؟“
”واٽ چيڪو...؟“
۽
مسز ائمبريسڊر پوپلي وات ۾ هڪ مزيد چيڪو وجهندي
دلچسپيءَ سان اُن مان لطف اندوز ٿيندي ۽ پڇندي ٿي
رهي، ته اِهو چيڪو آخر آهي ڇا؟ افسوس، چيڪو جو
ڪوبه اطمينان بخش ٻيو نالو اسان مان کيس ڪوبه
ٻڌائي ئي ڪونه ٿو سگهي.
سُويٽ مان لطف اندوز ٿي ڊرائنگ روم مان اُتي،
مهمان سرڪٽ هائوس جي اويوان ۾ اچي، اوچي ميدان ۾
موجود چبوتري تي چڙهي، چوطرف نگاهون ڦيرائي، سيوهڻ
شريف جي منظرن جو نظارو ڪرڻ ۾ مصروف ٿا ٿيو وڃن.
عزيزم ناشاد صاحب، اِن ئي موقعي تي معزز مهمان سان
منهنجي هڪ يادگار تصوير، پنهنجي ڪئميرا ۾ محفوظ
ڪري ٿو وٺي، جو سفر ۾ دوربين ۽ ڪئميرا کڻڻ سندس
مکيه يادگيري هوندي آهي.
قلعي جي ملبي تي ٺهيل انهيءَ سرڪٽ هائوس جي ايوان
مان، اوچائيءَ تان چئوطرف نگاهون ڦيرايان ٿو ته
دور دور سنڌو درياهه جي ڌاڳي نما ڌار... لال
سائينءَ جي مزار مبارڪ جو اُس ۾ تجلا ڏيندڙ سونهري
گنبذ.. سندن درگاهه جي دروازي وٽ موجود اوچي انگاس
جو ڪلس... ڀانيان ٿو ته خواب جهڙي ڪائي ڪيفيت طاري
هئي مون تي، جو ڇا ڏسان ته ... معزز مهمان ۽ اسين
ٻيا سڀ درگاهه جي سوني دروازي واري پاسي کان گاڏين
مان اچي لٿا آهيون. ڊي ايس پي جناب نور علي مري
مهمانن کي خوش مرحبا چئي اندر مزار مبارڪ ڏانهن
رهنمائي ڪندو وٺي ٿو هلي. ٻُڌم.. سيوهڻ جي ساده
صفت زائرين، سنڌي ڳوٺاڻن ۽ زائفائن، سرگوشيءَ ۾ هڪ
ٻئي کي ٻڌايو پئي.. ”آئي... ڪنهن مغربي ملڪ جو
وزيراعظم آيو آهي زيارت لاءِ.. آئي، وزيرياڻيون به
گڏ اٿس.. منڊمون!“
مقبره مبارڪ ۾ اندر پهتاسين ته اوقاف کاتي جو ڪو
عملدار وڌي هز ايڪسيلينسي ۽ معزز خواتين جي خدمت ۾
مزار مبارڪ تان لٿل پَڙ، تبرڪن هڪ هڪ مهمان جي ڳلي
۾ پارائيندو ٿو وڃي. ڏٺم... پَڙن جي ان تبرڪ کي
عقيدت سان ڳلي ۾ پائي جرمن خواتين پکين وانگر گد
گد پئي ٿيون. درگاهه ۾ موجود ٻارڙا، مرد ۽ خواتين
اُنهن پرڏيهي مهمانن کي نظر ڀري ڏسڻ لاءِ، هر طرف
کان ڄڻ مڙندا پئي آِيا!
درگاهه جي وڏي ايوان ۽ مکيه دروازي ۽ دروازي جي ڀڪ
۾ نوبت جي لاءِ رکيل نغارن تائين پهچندي پهچندي،
لڳو ته نغارن تي ڌمال جي وڄت شروع ٿي ويئي آهي، ۽
فضا ڄڻ ”مي رقصم ... مي رقصم... جي آواز سان
ڀرجندي پئي وڃي، اوچتو اهڙي ڪيفيت ۾ بي اختيار
منهنجي چپن مان ڪنهن جهرڻي مثل ڦٽي هي صدا بلند ٿي
ٿئي!
جَهن جَنن، تيري نوبت باجي!
نال وڄي گهڙيال ڀلا، جهولي لعلڻ...
سنڌڙي دا، سيوهڻ دا، شهباز قلندر..!
اڌياءُ: پنجون
ائمبيسڊر جو خط
..... ۽ 3- مارچ 2003ع تي ٿيل ان ”رني ڪوٽ
ياتۡرا“ جي ٿورن ڏينهن بعد جڏهن رباني صاحب سان
سندس آفيس ۾ ملاقات ٿي ته ڳالهين دوران رني ڪوٽ جي
سياحت جو ذڪر به نڪري پيو. چيائون:”ائمبريسڊر صاحب
اِن ڏس ۾ شڪريي جو خط به لکي اماڻيون آهي.“ خط ڏسڻ
جي خواهش ڪيم ته ٽئبل دراز مان ڪڍي مون ڏانهن
وڏائي ڇڏيائون. کولي ڏٺم ته سرنامي تي خط جي
ورانگي جي تاريخ 11- مارچ لکيل هئي، خط انگريزيءَ
۾ لکيل هو ۽ اُن جو مضمون اِجهو هن ريت پئي شروع
ٿيو:
اڌياءُ: ڇهون
معذرت نامو
معزز قارئين ڪرام... رني ڪوٽ ۽ سيوهڻ شريف ۾
گهاريل ڪجهه ڪلاڪن جي دوران ۾ ڪيل سياحت بابت
منهنجي لکيل هن ڪچي پِڪي ۽ اڌوگابري رپورتاز کي،
نالي ڌڻيءَ جي... قطعي به ”سفرنامو“ نه سمجهجو ۽
جيڪڏهن ڪو هن تحرير کي، اِن اُميد سان پڙهي ٿو ته
اُن لاءِ هو پاڻ ذميوار هوندو، آءٌ نه!... علاوه
ازين، آگاهه رهجي ته رني ڪوٽ جهڙي جناتي قلعي ۾
محض ٻن ٽن ڪلاڪن جي قيام بعد، مون جهڙو ڪو ناچيز
ليکڪ ڪجهه لکڻ چاهي ته بس ههڙوئي ڪجهه لکي سگهي
ٿو... ۽ ڀلا آءُ شئي ئي ڪهڙي؟.....محض هڪڙو هالو
چالو قلمڪار.... جنهن جي اوقات سُٽ ڪتڻ واري
ڪاتار.... ڪرسين واڻڻ واري ڪِرت ڪار.... ۽ پوئڻين
پِڃڻ واري پڃار جيتري به ناهي، ۽ ايترو به آگاهه
رهجي ته... هيءَ تحرير عزيزم ناشاد صاحب جي بار
بار اصرار تي ۽ پنهنجي بي حد و حساب ريڊيائي
مصروفيتن مان وقت ڪڍي ”الل ٽپ“ لکي ويئي آهي..
منهنجي گرامي قدر پڙهندڙن مان جي ڪنهن کي ان ۾ ڪا
ڳالهه وڻي ٿي ته... سبحان الله... ۽ جي نٿي وڻي ته
يا بسم الله!(فيبروري 2004ع)
|