روبينه ابڙو
غزل
لوڪ سارو ڪپر جو ڳولهائو!
بس رڳو تون لهر جو ڳولهائو!
تنهنجي در تي اُداس بيٺو آ،
درد هڪڙو اندر جو ڳولهائو!
سوچ ڀي راهه ۾ ڇڏي آئين،
ڪهڙي آهين شهر جو ڳولهائو!
توکي ڏسندي ئي ساڻ تارن جي،
چنڊ آهي ڪڪر جو ڳولهائو!
ڪيڏو ڳهلو سُتي نه ڪائي دوا،
اوچتي آ اثر جو ڳولهائو!
ڪين ٿيندو ڪڏهن به آهه چريا،
اَڪُ، ٿوهر، زهر جو ڳولهائو!
گيت ڪو ساٿ ٿو گهري تنهنجو،
خيال آ، تنهنجي ڀر جو ڳولهائو!
نيڻ جنهن جا ازل کان اونداها،
ذهن تنهنجو سحر جو ڳولهائو!
پُشپا ”ولڀ“
پراڻي ڪهاڻي نئين جنگ!
·
هي ڪهاڻي سڀن جي ڪهاڻي آهي
تنهنجي منهنجي سڀن جي ڪهاڻي آهي
هر گهر، گهٽي، شهر، ملڪ ۽ کنڊ
جي ڪهاڻي آهي
ٿوري ٿوري نئين، پر ڪافي پراڻي ڪهاڻي آهي.
مان جا صبح جي ٿڌڙي هير هئس
صبح جو پهريون تارو
۽ روشني جي پهرين ڪرڻ
هاڻي ڳاڙهو واچوڙو بڻجي وئي آهيان
·
منهنجي اعتبار جي عمارت
جنهن جي هر هڪ سِر
مون ڏاڍي پيار
۽ گهڻي اعتماد سان رکي هئي
هڪ لحظي ۾ هيٺ ڪِري پيئي آهي
مان اُن ماڻهوءَ وانگر ٿي وئي آهيان
جنهن جو پورو شهر، ۽ شهر جو هر گهر
ٻوڏ هيٺ اچي ويو آهي
هُن جي گهر جا سامان هيڏانهن هوڏانهن
ترندا هجن
۽ هو ڪجهه نه ڪري سگهي
نه ڪنهن طرف پهچي سگهي
نه ڪنهن کي سڏ ڪري سگهي
هُن جو آواز اُتي ئي گهٽجي وڃي، دٻجي وڃي
رڙيون سُڏڪن ۾ بدلجي وڃن.
·
جنهن تي مون ايڏو اعتماد ڪيو
دل ۽ جان سان پيار ڪيو
هر هڪ ڳالهه جو خيال ڪيو
۽ پهاڙ جيترو انتظار ڪيو
ٽَڪر جهڙو ڏينهن
جبل جهڙي رات کي ڏينهن ڪيو!
مون سمجهيو اُنهن سڀن راتين جي آخر ۾
هڪ صبح آهي
نئين زندگي جو پيار آهي
دُک کي دُک نه سمجهي
مون هُن تي ڪيڏو نه انڌو اعتبار ڪيو.
·
مون هُن جي دير سان اچڻ جي عادت کي ضرورت
سمجهيو
لاپرواهي کي مجبوري سمجهيو
پاڻ کي ٺاهڻ جوڙڻ، خوشبو لڳائڻ کي سُنت سمجهيو
مون کي خبر نه هئي
ته هو منهنجي عمر سستي اگهن ۾ وڪڻي
پنهنجي لاءِ نوجواني جو تازو ترين فارمولو
خريد ڪري رهيو هو
منهنجي گهر ۾ رهي، بازار جون خوشيون خريد ڪري رهيو
هو
الائجي ڪيترن کي پار پُڄائي رهيو هو
هاءِ منهنجو سادو من!
·
مون پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇا پاتو!
ٻه ٻار، وارن جي چاندي ۽ چوءديواري!
اُن تي به ڪلهه مون کي نوٽيس مليو آهي
هُو ته ڄڻ ڪڏهن منهنجو هيو ئي نه
هي گهر به منهنجو نه هيو
مون کي ائين لڳو ڄڻ
جنهن تختي تي ويهي مان،
طوفان سان وڙهي رهئي هئس،
اهو به ڄڻ کسڪي ويو هجي!
·
اِهو سڄو ڪجهه مون سان ته هاڻي ٿيو آهي،
پر مون جهڙين سان روز ٿئي ٿو،
اُن کان به بدتر ٿئي ٿو،
جنهن جي مون کي ڪا ڄاڻ ڪانهي
ڳالهه صرف اِها آهي ته
اِهو ڇو ٿو ٿئي؟
ڪيستائين ٿيندو رهندو؟
ان لاءِ ڇا اسان سج کي نيزي جيتري مفاصلي تائين
اچڻ جو انتظار ڪنداسين
۽ رڳو حقن جون ڳالهيون
عورتن جا ڏينهن ملهائيندا رهنداسين
Mom you are fantastic
جا ڪارڊ موڪليندا
رهنداسين؟
آخر ڪيستائين
·
پر هاڻي مون به پنهنجا ڳوڙها اُگهي ڇڏيا آهن
سوچي ڇڏيو آهي
ڪجهه به ٿئي، مون کي پنهنجي جنگ وڙهڻي آهي
ٻانهن هجي يا ٽنگ،
زبان هجي يا ڪنڌ
هاڻي ميڻ ناهيان مان
جبل آهيان، ٽَڪر آهيان
آتش فشان آهيان مان!
(نور الصباح جي نالي)
علي آڪاش
نظم
چئن پَترن جون ڪنڌيون
۽ ڪکن جي ڇت آهي،
ڇت ۾ جا ڪام تنهن ۾،
ٿي ٻري چِمني پُڇي:
هڪ وهاڻُ ڇَوَ بنا
کٽ جهولي وانگيان
چار چونئريون جست جون
ٿالهه چُلهه ۽ ٽي پيالا
ٽي ڀُتا جوڙا، پراڻو پوتڙو
پير ۾ توکي ڪڏهن
مون جُتي ناهي ڏٺي
آنءُ ڀانئيان تو جيان ڪنگلو نه ڪو
اک کڻي ڏس
جڳ وٽ ڇا ڇا نه آ!
پوءِ به تنهنجي جيءَ ۾
جهُجهڪي نه ڪا
لونءَ ۾ لرزو نه ڪو؟
مون کلي تنهن کي چيو؛
تون ته راڻي رات جي
توکي ڀلا ڪهڙي خبر؟
صبح سانجهي هر پهر
آنءُ آهيان بادشاهه
تر سڄي جون سڀ ڀٽاريون
ڪَر کڻيو مون لئه تڪن
مست ٿيو رَنڀن رڙن
ڪڻِڪن ڍڪن
ڦيرا ڪِلي چوڦير پائن
ڪين هڪڙي جاءِ تي
ترسن ٽِڪن.
ڪيترا واڙا وٿاڻ
آنءُ ئي تن جو اڪيلو آسرو
گهانگهه هٿ مون جئن گوالو
ڪوبه ناهي!هونئن ڪئين نالا حوالا
مون جيان تن مان نرالو
ڪوبه ناهي!
جو به پڇندينءَ هيئن چوندو؛
هيءُ آڙيڪاپ آهي
۽ هو آلاپ آهي
ڍنگ وانگي جو وري
جيءُ کي سوگهو ڪري
انگ مون وٽ اڻ ڳڻيا
آنءُ سارو هٺ آهيان
وٺُ منهنجيءَ جي وڪڙَ
ڪُنڍيون ڪيري ڇڏيون
انئڙيون الهڙ ڪَئين
مون هٿ تي هيري ڇڏيون
تون ڪري سگهندينءَ به ڪيئن
ڪٿ منهنجيءَ ذات جي
تون ته راڻي رات جي!
جاويد ”سوز“ هالائي
هڪ اداس ڳوٺ جي نالي
رستن تي شام ٿيندي ئي خوشبو ٿي هارجي،
۽ رات پنهنجي مُک تي ستارا سجائي ٿي.
ٿو ڳوٺ جي هوا ۾ نشو اوتجيو وڃي،
هي ڳوٺ ڄڻ پياڪ جي لئه مئڪدو هجي.
ڳڀرو اکين جا خواب اُجهاميو وريو ٻَرن،
هت دوستين جا در کلن ۽ هوا گهلي،
هر روز نئون گهاءُ اندر منجهه لڪائي،
هت روز ٿيون جيئن ۽ دليون روز ٿيون مَرن،
هر اک ۾ ڄڻ ته عشق جو رومال ٿو کلي،
هر چهرو هتي ڄڻ ته ڪوئي رنگريز آ،
چُنري جيان اسان کي رنگن ۾ رنڱيو ڇڏي،
هي دلبرين جو ديس جزيرو آ عشق جو،
هر اک پنهنجي روح ۾ شاعر مزاج آ.
هي ڳوٺ انهيءَ لاءِ پناهه گاهه ٿو لڳي،
جيڪو جهان ساري مان ٺُڪرايو وڃي،
هن ڳوٺ ڪيئي ڏک اندر منجهه لڪايا،
هي ڳوٺ هن شهر جي ڏکي سرزمين تي،
آڇي ٿو اڄ به پيار اُنهيءَ نينگري جيان،
جيڪا پناهه گاهه ڏئي ۽ ٽٽل هجي،
هي ديس جتي قحط خلوص ۽ پيار جو،
اهڙي لمحي هي ڳوٺ ٿو آڇي پيو گلاب،
لفظن جا گلاب انهيءَ ڳوٺ جي نالي،
عاشق اکين جا خواب انهيءَ ڳوٺ جي نالي.
روشن گهانگهرو
ٽيڙو
پاڇا ڊوڙن ٿا،
چانڊوڪيءَ جي سونهن ۾،
رسمون ٽوڙن ٿا.
پيار به پاتا پَرَ،
وسيا مينهن ملير تي،
سونا ٿي پيا سَرَ.
ويجهو آ دلبر،
رات به پورنماس آ،
مُرڪيو هر منظر.
ڪڪريون هو ڇڙواڳ،
نچنديون، وسنديون ٿيون وڃن،
ڇيري ڇا ڇا راڳ!
ڪئين ڇڄن هانوَ،
سمنڊ ۾ طوفان آ،
نازڪ پنهنجي نانوَ.
ڪيڏي ڪُتن – ڀونڪ،
جيون گم ٿيل ٻار ڪو
ويران ڳليون چوءنڪ!
جڳ ۾ ڇورو ٻارُ،
احساسن جي ڇانوَ ۽،
ڳولي شفقت – پيارُ.
چوٽ چڙهي ويا ريٽ،
ماني ڪٿ مسڪين کي،
پٺيءَ سان ته پيٽ!
ابرار ابڙو
نظم
مون کي ضرور ڏسجانءِ!
جيون جي آءٌ رڻ جي،
تاريخ ٿو تلاشيان،
تاريخ ۾ ڪڏهن ڀي،
منهنجين ٽٽل اکين لئه،
ڪو رنگ ڪونه اُڀريو،
ڪو سنگ ڪونه اُڀريو،
هر وقت دل ڊهي وئي،
هر وقت تنُ ڊهي ويو،
ڪڏهن به ڦول من جو،
ٽڙندي نظر نه آيو،
هر وقت مُک تي تنها،
ڊُڪندا رهن ٿا لمحا،
پهرن جي سرد بن ۾،
پٿر پيا ٿا اُڏرن،
نيڻن ۾ ڪي به هاڻي،
سپنا بچيا نه آهن،
صدين کان ڄڻ بدن تي،
دز آ چڙهي وئي ڏک جي،
ايڏي ڇو بي سوادي،
بڻجي وئي آ جيوت،
چهرن تي ٿا تماشا،
ٿيندا رهن جُڳن کان،
ڪنهن قول ڪونه پاڙيا،
ڪيڏا هئا سي ڀاڙيا!
جلون جي روشنيءَ ۾،
تاريڪ پل ٿا ڊوڙن،
ڪنهن جي سحر انگيزي،
هاڻي نه ٿئي ٿي حاوي،
ڪيڏو هُيو سهارو،
پهريان هُنن اکين جو،
هاڻي ته ڪي به اکڙيون،
ڪوئي اثر نه ڪن ٿيون،
چپڙن تي ماٺ جا پل،
ڇانيل نظر اچن ٿا،
تنهنجي شهر جا رستا،
سهمت نه ٿيا ڪڏهن ڀي،
هر پل تضاد هو ڪو،
جيڪو بڻيو هميشه،
ديوار پيار جي آ،
ڪڏهين به ڪونه متفق،
تنهنجا خيال ٿين ٿا،
ڪيڏا زوال ٿين ٿا!
گهر جي ها ميز تي جن،
پٿرن ڏنا سهارا،
تن تي به هاڻي دز جا،
ڇانيل رهن ٿا پاڇا،
ايڏي ڇو تنگ نظري،
هر شيءَ جي وڌي وئي،
ڪا شيءِ نه ٿئي ٿي سهمت،
منهنجي ئي گهر جي مون سان،
هر شيءِ منهنجي گهر جي،
تڙپائي ٿي بدن کي،
آئينا ڪن ٿا طنزون،
تصويرون ڀي کِلن ٿيون،
منهنجا ڪتاب ڀي ڄڻ،
مون کان پري رهن ٿا،
تاريڪ گهر جا ڪمرا،
احساس ٿا ڏيارين!
ايڏو وئين ڇو ڀٽڪي،
پنهنجون اکيون به هاڻي،
ڇالئه نٿو سُڃاڻين؟
پنهنجي وجود جي ڀي،
ڪوئي خيال ڪونهئي،
شايد بچيو اکين ۾،
ڪنهن لئه سوال ڪونهئي!
سِسِراٽيون ٿيون نڪرن،
منهنجي بدن مان اهڙا،
جملا عذاب ٻُڌندي،
پر ڇا ڪري سگهان ٿو،
مجبور مان ته آهيان،
هن ڏيهه جي اکين کان،
مجبور مان ته آهيان،
هن وقت جي ٻکن کان،
مجبور مان ته آهيان،
هن دور جي ڇو لمحن،
جي بي رخيءَ جي دز کان،
هر پل پيو ٿو تڙپان!
ڪي ٽهڪ تنهنجي چپڙن،
جا مُدتن پُڄاڻا،
ڇالئه سماعتن ۾،
چٽجي سگهيا نه آهن،
بڻجي سواليه ويا،
هي ٽهڪ تنهنجا آهن!
ڇا ٽهڪ تنهنجا سارا،
ڪا رات ڪاري بن جي،
ڳڙڪائي ته نه وئي آ؟
يا ڪنهن جي وحشتن کان،
هي ٽهڪ تنهنجا سندر،
زخمي ته ڪونه ٿيا هن؟
جي ڪونه ٿيا سي زخمي،
هي ٽهڪ تنهنجا جانان!
ڇالئه ته پوءِ گونجيا؟
پيا آٿتون ها ڏيندا،
تنهنجي جي گج تي ڪاوا،
جيون جا ها ستارا،
مون آ ٻڌو:”سي هاڻي،
وکري سڀئي ويا ٿي،
وارن ۾ ڀي ڪنگيءَ جا،
آثار ڪين ٿئي ڪين،
چهري تي ڀي ڪي پيلا،
پاڇا لهي پيا ٿئي،
سڀئي اکين جا سپنا،
زخمي ٿئي مون ٻُڌو آ،
تنهنجي وجود ۾ ڪو،
تحرڪ بچيو نه آهي،
چهري تي ڀي ڪو تنهنجي،
ها، رنگ رچيو نه آهي!“
ڇا تنهنجي هاڻي من ۾،
ڪانهن بچيون اُميدون؟
ڇا وار تنهنجا ڪنگيءَ،
جي ڪانه ڪن ٿا خواهش؟
ڇا نيڻ تنهنجا قاتل،
خوابن جا ٿي ويا هِن؟
ڇا تنهنجي هاڻي گهر تي،
تنها پهر رچن ٿا؟
ڇا تنهنجي هاڻي چهري،
تي ڪو نکار ڪونهي؟
ڇا تنهنجي هاڻي جيون،
لئه ڪو بهار ڪونهي؟
جيڪو به مون ٻُڌو آ،
ڇا هيءُ سچ آ پياري؟
مون کي ضرور ڏسجانءِ!
پنهنجون ڪي وارتائون،
مون کي ضرور ڏسجانءِ!
پنهنجي ڪٿا اکين جي،
مون کي ضرور ڏسجانءِ!
موجوده زندگيءَ جا،
ڪيئن ٿي ڪٽين ڏهاڙا؟
مون کي ضرور ڏسجانءِ،
اُلڪن ۽ اُڌمن جو،
مون کي ضرور ڏسجانءِ،
لمحن جي بي رُخي جو،
شامن جي بي خوديءَ جو،
راتين جي تنگ نطري،
توسان آ ڪيئن گذري؟
مون کي ضرور ڏسجانءِ،
ڇو جو مان تنهنجي نيڻن،
کان ڌار هان اڌورو،
جيون نه ٿئي پورو!
مون کي ضرور ڏسجانءِ،
تنهنجي نيڻن سفر جو،
آغاز ڪيئن ٿيو آ؟
مون کي ضرور ڏسجانءِ،
ڪيئن ٿي گذارين مون کان،
ايڏو پري رهي تون؟
ڪيئن ٿي گذارين منهنجي،،
نيڻن جي بن کان پرتي؟
مونکي ضرور ڏسجانءِ،
ڪنگيءَ جون وارتائون،
سينگار کان رُسڻ جو،
خوابن جي زخمي ٿيڻ جو،
چهري جي زرد بن جو،
ڪاون جو گج تان اُجڙڻ،
۽ زندگيءَ جو وکرڻ،
پنهنجي بدن ۾ پيڙا،
جو روز روز اُڀرڻ،
چپڙن جي ٽهڪڙن جو،
لڙڪن جي وهڪرن جو،
مون کي ضرور ڏسجانءِ،
ديوان تي لڳل هُن،
آئيني جو به ڏسجانءِ،
پنهنجي نئين شهر جو،
پنهنجي نئين سفر جو،
۽ گهر نئين جو ڏسجانءِ،
ساٿيءَ نئين جو ڏسجانءِ،
شاديءَ کانپوءِ ڪيئن ٿو،
گذرئي سفر تون ڏسجانءِ،
مون کي ضرور ڏسجانءِ،
مون کي ضرور ڏسجانءِ.
ياسين چانڊيو
شيخ اياز جي نانءُ
اکيون اونداهيءَ منجهان، نڪتيون مس هيون،
تون جو وئين اوچتو، روئي سي ته پيون،
ڪنهن کي دانهن ڏيون، تو بن هاڻي ديس جي!
توکان پوءِ سچ جو، اُڀريو ڪين قمر،
بند پيو آ در، سچ جو ساريءَ سنڌ ۾!
تون ئي ساري سنڌ جو، سندر خواب هئين،
ڄڻ ته گلاب هئين، خوشبو ساڻ کڻي وئين!
ساٿي تون ڀي سنڌ کي، ڪري وئين ڇورو،
تو بن هندورو، خالي ڪيئي لوڏيان!
تون ته ڇڏي وئين سنڌ کي، ڪيڏو ڪيئي غضب،
توکان پوءِ ادب، مهڪيو ڪين گلاب جان!
تون بن ساري سنڌ جا، رُنا گل گلاب،
تو بن سارا خواب، اڌورا رهجي ويا!
توبن ساري سنڌ جا، ڀوءنرا روئن ٿا،
توکي ڳولن ٿا، پوپٽ ساري سنڌ جا!
توبن ساري سنڌ جي، خوشبو روئي ٿي،
سپنا پوئي ٿي، تنهنجي يادن جا ڪوي!
توبن ساري سنڌ ۾ ، ويراني آهي،
توکي ٿي ساري، ڌرتي پنهنجي ديس جي!
توبن ڪو ماٽيا هتي، سنڌ جا سڀ گلاب،
توکان پوءِ عذاب، ڀوڳيا ڪيڏا سنڌ هن!
شال خدا توکي ڏئي، جنت ۾ جايون،
سنڌ جون سڀ مائون، توکي دعائون ٿيون ڏين!
امر اقبال
غزل
ڏيئي وانگر ٽمڪي تنهنجي سار اسان جي جيون ۾،
خالي هٿڙا، ٻيو ڇا آهي يارَ! اسان جي جيون ۾.
جيون، جيون ئي نه هجي ها، جي نه هجي ها اوسائين!
گُل، پکيئڙا، پوپٽ ۽ هي ٻارَ اسان جي جيون ۾.
پنهنجو جيون هونئن ئي خدشن ۽ اُلڪن ۾ ٿو گذري،
توکان ڌار ٿيڻ جا کُٽڪا، ڌارَ اسان جي جيون ۾،
روح اُڃارو، نيڻ اُڃارا، صدين کان واجهائين ٿا،
سانوڻ بڻجي آءُ، هليو آ، پيارَ!، اسان جي جيون ۾.
پنهنجي جيون جا ماپا ۽ ماڻ صفا ڪي ٻيا آهن،
ٻِن ۽ ٻِن جو جوڙ ڪِٿي ٿيو، چار اسان جي جيون ۾.
علي دوست ”عاجز“
غزل
اکين ۾ ڀريو جَل جَلي زندگي،
زماني جيان پئي هلي زندگي.
ڏٺا ڏک ڪيڏا هئائين ته ڀي،
نٿي پاڻ پنهنجو پلي زندگي.
جهريل جيءُ مان گيت جهڙي صدا،
ائين سور پئي ٿي سلي زندگي.
پٺيان موت پيرو کنيو پيو اچي،
تڏهن ڀي لڳي پئي بلي زندگي.
ڪُڏيو ٿا اڏيءَ تي اچي سڀ پون،
ڀلا ڪنهن کي ڪنهن کي جهلي زندگي.
ائين ڀي ته ماري ڇڏي ٿي مگر،
چوان ٿو ته لائي ڳلي زندگي.
”زبير“ سومرو
سُر سامي
سارو جڳ جهان آ، سونهن جو ساگر،
پر سامي سوداگر، آهي آڳ تياڳ جو!
آڪار نراڪار جي، سُٽ کي سُلجهاءِ،
سامي! تون سمجهاءِ، وحدت الوجود کي!
آهي آدجڳاد کان، سونهن جو سوداءُ،
سامي منهنجا ڀاءُ! سونهن بنا ڇا زندگي؟
صديون منهنجي آتما، رُلي پِني آ،
ڏات ڏني آ، مُڪتي مون کي موت کان!
ڪير ٿو چئي ته ڪنهن، مندر ۾ آهي،
مَن اندر ۾ آهي، سماڌي ساميءَ جي!
هاٿيدر جي هنج ۾، سامي ساري ٿي،
مون کي ماري ٿي، مڙهي هيمنداس جي!
ڪيئن نه ٿيندو سوجهرو، ڪيئن نه ڦُٽندي باک،
سامي! تنهنجي ساک، صديون ڏيندي سنڌڙي!
پريم ساگر کان مٿي، ناهي ڪو ساگر،
آهي ڪو ساگر، جو مون کي سمائي سگهي؟
دل دل منجهه آ ڪعبو ۽ من اندر مندر،
آهي ايشور، ماڻهو روپ – سروپ ۾!
منهنجي ڏکيءَ ڏات کي، کلي کيڪاري،
سامي سوئيڪاري، شل هي شرڌانجلي!
دلڙيءَ کي درد جي، تُرهي تارجي،
جيون گهارجي، سامي! تنهنجي سام ۾!
جڏهن منهنجي جُوءِ تي، آڌوتي آيا،
ڇا لئه ڇو ڇايا، ڪندا ڪڪر ڪام جي!
جڏهن منهنجي جُوءِ تي، ويراڳي وريا،
ٻڏل ڀي تريا، ٻيڙا مون تي ٻاجهه جا!
سامي هونءَ ته هانءُ ۾، سمنڊ ٿو رکين،
ڇو نٿو ٻکين، سونهن جي سڳنڌسان!
مان به سمجهان ٿو سامي! ته جيئڻ آهي جُٺ،
مگر مون کي پُٺ، آهي شاهه لطيف جي!
سامي! مون کي سهپ جي، روڻن ۾ نه رول،
ٻيلي هاڻي کول، پنهنجي ڳجهي ڳجهه کي!
عشق جي صليب تي، جڏهن ٿيس مصلوب،
تڏهن مان محبوب، پاڻ ڄاتم پاڻ کي!
اندر جي اونداهه ۾، ڪو ديپ ٻارجي،
جيون گهارجي، سامي! تنهنجي سامَ ۾!
خليل ”عارف“ سومرو
غزل
ڀاڳُ پنهنجو حسين آهي،
سِنڌ پنهنجي زمين آهي!
سونهن رکندئي سدا سلامت،
پيار منهنجو امين آهي،
قدر منهنجي وفا جو ٿيندو،
مون کي پُختو يقين آهي.
عمر ڀر لئه ڇڏي وساري،
هوءَ اهڙي ته ڪين آهي.
ٻيو نه مذهب ’خليل عارف‘،
ماڻهپو پنهنجو دين آهي.
فياض لطيف
ڪٿي آ ساَر کي ساحل
پوياڙيءَ سج لٿو آهي،
مُهاڻي ناو ڪاهي آ،
هينئن جي لهر تي تنهنجي،
تري ڪا سار آئي آ،
ڀِنا هِن نيڻ مُکڙيءَ جا،
پَتن تي پياس ٿي تڙپي،
هجر جي راتڙي هيڪل،
پئي ٿي ڀونر جي ڀٽڪي،
کڙيو آ چنڊ امبر تي،
ستارا جڳمڳائن ٿا،
نديءَ کي ننڊ آهي پر،
ڪنارا ڪجهه ڪنائن ٿا،
پپر جو پيڙ ٿو سوچي،
مسافر ڪيترا آيا،
تمنا تيز واچوڙو،
گهڙي ڪنهن پيرڙا ساهيا،
تتيءَ جو پنڌ آ جيون،
پتڻ جو پُور هي لمحا،
وُٺي ۾ واءُ جو جهونڪو،
پاڻيءَ تي عڪس چانڊوڪي،
ڏهر ۾ ٿو ڏيئو ٽمڪي،
ڪٿي آ ننڊ نيڻن کي،
مسافت دشت هي دنيا،
جوڳيءَ جي جاڳ آ دلڙي،
آئي ڪا هير جو آهي،
ڇنڀيليءَ جي کڻي خوشبو،
لڳي ٿو زلف پنهنجي مان،
ڇڏي ٿو چڳ ڪائي ڇوڙي،
تمنا جون تِکيون لهرون،
ڪٿي آ سار کي ساحل،
وڳي آ روح جي رڃ ۾،
تنهنجي ئي پيار جي پايل،
ڪٿي آ سار کي ساحل!
ڪٿي آ سار کي ساحل!
سڄڻ سومرو
غلامي
تون اسان جي روح جي سڀني رڳن ۾
ڪينسر جي روڳ جيان وئي آن لهي
۽ اسان جي جسم ۾.....
موت جهڙي بي حسي پوکي ڇڏيئي
تو اسان جي هر اُمنگ ۽ عاشقيءَ جا
وهڪرا سڀ روڪيا ۽ اُنهن آڏو کڙا ڪيا
برف جا ڪيئي پهاڙ!
جن ۾ اسان جي يادگيرين جي صفحن تان
سورهيائي ۽ سچائيءَ جا سڀئي سبق ڄڻ مٽجي ويا
۽ اسين پنهنجي سڃاڻپ ڪاڻ
هن تاريخ جي گهمسان ۾
هر ڪنهين جو منهن تڪيندا ٿا وتون
مونجهه ۾ گهٽجي مرڻ کان اڳ
هڪ ٻئي کي ئي پٽيندا ٿا رهون
ها مگر، تون هيءَ نه ڀانئج هارجي وياسين اسين
ايئن نه سمجهج ڪي سمورا مارجي وياسين اسين
ڏس، اسان مان ڪيترن
پنهنجي اندر ۾ عاشقيءَ جي چڻنگ هڪ ٻاري رکي آ
جا دُکي پوندي ڪڏهن
توکي ڏُکي پوندي ڪڏهن
۽ اُنهيءَ جي روشنيءَ ۾ سڀ اسين
ڪنهن نڪوري صبح کي آڻي سگهون ٿا
پنهنجي آزادي وري ماڻي سگهون ٿا
پنهنجي آزادي وري ماڻي سگهون ٿا.
”معصوم“ بخاري
غزل
اوهان جي چاهه جي چاري رکياسين،
هوائن ۾ ڏيا ٻاري رکياسين،
وڇوڙي ويل ايندا ڪم اسان کي،
اکين ۾ لُڙڪ چند ٽاري رکياسين،
چڪوري ٿي اُڏياسين چنڊ توڏي،
ملڻ جا خواب سڀ ماري رکياسين،
اچي ڀي ڪيئن سگهي ها، ڪو اکين ۾؟
اوهان جي عڪس جو تاري رکياسين؟
بناپردي جو آيو ميڪدي ۾،
هٿن مان جام سڀ هاري رکياسين،
اوهان جو ساٿ مليو زندگيءَ ۾،
هماليه راهه جا ڏاري رکياسين،
رڳو ’معصوم‘ دل رهجي وئي آ،
ٻيا سامان سڀ ساري رکياسين.
نويد ”ناز“ ڀٽي
غزل
ڀنل پلڪن تي جانِ من! رهي ٿو پيار آواره،
اسان کي بيقراريون ڏئي ڇڏي ٿو پيار آواره،
حياتيءَ کي اصولن جا وجهي زنجير مُرڪي ٿو،
دلين کي ڌار روزانو ڪري ٿو پيار آواره،
شهر ۾ ڳوٺ جا سپنا ستائن ٿا پرين! مونکي،
اوهان جو ياد هر ويلي اچي ٿو پيار آواره،
جڏهن ڀي ذهن ۾ ڪنهن جا ٻُرن ٿا خيال بي قابو،
تڏهن ڪنهن آرزوءَ جا چپ چمي ٿو پيار آواره،
پرين توکان سواءِ جيون اڪيلو ڄڻ ته بادل آ،
پٺيان جنهن جي سدائين رلي ٿو پيار آواره،
ڪڏهن مجنون ڪڏهن ميهر ڪڏهن فرهاد جهڙن کي،
رلائي راهه ۾ اڪثر ڇڏي ٿو پيار آواره،
مڃان ٿو ”ناز“ آواره چڱو ٿيندو نه ماڻهو آ،
مگر منهنجي اندر ۾ ڄڻ رهي ٿو پيار آواره.
خيال سنڌي
غزل
جڳ ته ڪسرون پرين ڇڏيون ناهن،
محبتون پر اڃان مُيون ناهن،
ڪجهه کڻي مان به هان ويو مٽجي،
تنهنجون نظرون به سي اڳيون ناهن،
چنڊ، تارا، ڪتيون هوندي ڀي ڇو،
ڪي ڪي راتيون هونديون چٽيون ناهن،
ڇڙوڇڙ هي ڪڪر ٻڌائن ٿا،
تنهنجي وارن ۾ پڪ سڳيون ناهن،
ڪهڙي محبت، وفا، جفا ڇا جي،
سوچون سنگت جون ڀي بُريون ناهن،
رات ٿي آهي وئي اڃان تائين،
گهر جون ٻاريون تو ڇو بتيون ناهن،
خيال جيڪي تون سوچيندو آهين،
جڳ ۾ ڳالهيون اُهي رهيون ناهن.
بخت ”عابد“
غزل
ڏکن ۾ رهڻ جو طريقو ته ڏس تون،
جهان ۾ جيئڻ جو طريقو ته ڏس تون،
سُڪي لب منهنجا ٿيا ٺوٺ آهن،
رُئڻ ۾ کلڻ جو طريقو ته ڏس تون
رکي يارن ياري ڏنئي ڏنڀ ڪيئي،
تنين کي سهڻ جو طريقو ته ڏس تون،
محبت کي سمجهي عبادت ڪريان ٿو،
مون سجدي ڪرڻ جو طريقو ته ڏس تون،
مون دلبر کي ڳوليو آ دير و حرم ۾،
صنم سان ملڻ جو طريقو ته ڏس تون!
ڏکيو’بخت‘ لئه زهر آهي جدائي،
انهيءَ کي پيئڻ جو طريقو ته ڏس تون. |