سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2004ع

 

صفحو :18

مکڻي ٻوٽي جو مورجڻ يعني انگورجڻ يا ڦوٽهڙو ڪرڻ ۽ اُن موسم ۽ نظاري جي نتيجي ۾ سڪ جا پرڙا ساهڻ يعني چرڻ پرڻ، اهڙي سمي اگر سڪ وارن کان دوريءَ سبب بي چتائي هوندي ته سکين جو عام رواجي رويو به برو پيو لڳندو يا ڀوڳ چرچو (معمول وارو) به تنگ ڪندو: ڇو ته جيءَ خوش هجي ته جهان ۽ ان جون ڳالهيون به وڻن. اُن ۾ اِهو چوڻ ته”ڇڏ سکي ڙي کيچل هاڻي“ ڇو ته ”اڄ هن کي اچڻو هو، پر الائجي ڇو اڄ به نه اچي سگهيو آهي.“ ڪير؟ ۽ محبوب لاءِ جيئن ٻهراڙيءَ جون عورتون نالو وٺڻ بجاءِ چونديون آهن:”جُڙيو سدائين“ ”ڀلو ٿئيس“، ”جواني ماڻي“ وغيره. سنڌ جون ناريون ذري ذري تي ڳالهه جي تصديق طور چونديون آهن ته:”نور ڀٽاري جو قسم ته ڳالهه هيئن آهي.“ ته اُن وانگر چيو ويو آهي ته ”ناهيان چت ۾ نور“ ان کان پوءِ انبن جي ٻور جي مند ڏيکاري، اُن ۾ پکين جو هڪ ٻئي سان ميل جول ۽ پيار وارو منظر ڏيکاري چوي ٿو ته اهڙيءَ موسم ۾ پرينءَ کان پري هوندي سچ پچ ته جواني کائي ٿي. اُن ۾ منظر ڪشي ۽ ماحول کان وٺي ڪردار جي هر عمل ۾ اُن سان نباهه تائين فطري ۽ معصوم ماحول گهڙڻ ۾ شاعر ڪمال ڪيو آهي:

ڪڻڇيءَ وانگي ڪنهن جي ڪارڻ آڌيءَ آئي،

لاتيون لنوندي، سڀ ڪجهه باهي،

ويٺو گيت لکان،

دل ٿي چاهي،

ويٺو گيت لکان!

ته ان سلسلي ۾ اسان مير محمد پيرزادي جي هڪ گيت (ليار نيڻن ۾ ڦٽا: صفحو 85) جو پهريون بند ڏينداسون

سڳنڌ هوا ۾ سانوري سهڻي ڪنهن جي سار آ

منهنجي ننڊ نهوڙي ويو جو مون کان دلبر ڌار آ.

۽ ٻئي گيت جو آخري بند پيش ڪنداسون، جنهن مان پتو پوندو ته ان تسلسل جي ڪڙيءَ تي هلندي هيءُ اسان جو گيت ڪار شاعر مير محمد پيرزادو ڪيتري قدر پورو لهي ٿو:

گهٽا کي جڏهن گهاوَ کنوڻيون ڏين،

سندس نيڻ مان نير ٽم ٽم وهن،

دکي ٿي تڏهن دوست دانهيان پيو،

گيت ٺاهيان پيو!

گيت ٺاهيان پيو!

--

ٻاهر ڇاٽ ڇمر جي ڇوهي، ڪنهن لئه پنڌ پئين،

اهڙيءَ اوندهه اوجهڙ ۾ تون ڪنهن جا دڳ تڪين

آءُ مسافر! ترس گهڙي کن

ڪهڙي خبر چار آ،

منهنجي ننڊ نهوڙي ويو جو مون کان دلبر ڌار آ !

بي انتها سهڻو لفظن جو تناسب شايد ئي  سنڌ جي ٻئي ڪنهن شاعر کي نصيب ٿيو هجي، جهڙو بردي سنڌيءَ کي حاصل آهي. شيخ اياز جي گيتن جي خصوصيت آهي سادگي، روني ۽ ميٺاج، پر بردو سنڌي پنهنجن گيتن ۾ ڳوٺاڻي ماحول جي حسين منظر ڪشيءَ سان، لفظن جي نهايت ئي ڀڃ گهڙ سان ۽ ڦير گهير سان ٻوليءَ ۾ اهڙو ته طلسماتي اثر پيدا ٿو ڪري جو پڙهندڙ هڪ وار محسور ٿيو وڃي.

“(اکڙيون مينگهه ملهار جو تعارف)

”بردي“ جهڙي گيت جي اُستاد شاعر وٽ سنڌي سماج ۽ اُن جي ڪردارن جو جيڪو نفسياتي ۽ انسان شناسيءَ وارو جائزو ۽ ڳوڙهو اڀياس آهي، اُن بردي کي اُن ماحول ۽ اُن جي ڪردارن جو سچو پچو شارح ۽ بيان ڪندڙ ڪري ڇڏيو آهي. سٽ سٽ ۾ محاورا،چوڻيون، مخصوص لاڙا ۽ لهجا ۽ رويا پيا ڏسڻ ۾ ايندا:

هر وڻ ٽڻ جي ڳُت جهلي پيو ڏئي ڌانڌولا ڇو هو،

نازڪ نيڻ ڇپائي زوريءَ ظالم رائو روهو،

غيرتمند هٺيلي ور جيئن گاج گڙي ڊيڄاري مٺڙا !

بيٺو آهه الاڙي !

ٻهراڙيءَ ۾ ائنٿري ۽ اُٻهريءَ عورت کي مرد ڳُت کان جهلي سمجهائيندا هئا. هتي علامتي انداز ۾ هوا جي لوڏڻ کي وڻ جي ڳت جهلي ڌونڌاڙا ڏيڻ ڪوٺيو ويو آهي. منظر جو رائي ۾ لڪي وڃڻ، اُن کي پردي ڪرڻ سان تعبير ڪيو ويو آهي. گاج جي گڙڻ کي ٻهراڙيءَ جي غيرتمند هٺيلي ور سان ڀيٽي، اُن جي گوڙ کي ڊيڄارڻ واري لهجي ۾ اُلر ڪري بيٺل ڏيکاريو ويو آهي. غرض ته ٻهراڙيءَ جي سموري ماحول کي ڄڻ فلمائيز ڪري ڏيکاريو ويو آهي.

اهڙيءَ طرح اسان جو زير بحث شاعر مير محمد پيرزادو پنهنجي گيت ۾ ”منظر ڪشي“ اِجهو هيئن ڪري ٿو:

وڳر ڪيو گهرن ڏي پکي پيا ورن، امنگ ڪين مورئون ٿا منٿون مڃن،

توهان لئه وري اڄ به آ  دل ڀري،

ڀلا چئه ته تنهنجي وئي ڪيئن سري!

وهائو وٺيو واٽ تنهنجي وڃي، پئي تير ڪرڻن جا اوشا سڃي،

پوڪاري چوي ٿي پرهه جي پري !

ڀلا چئه ته تنهنجي وئي ڪيئن سري!

ڪنهن جي لاءِ ”دل جي ڀرجي اچڻ“ معنيٰ ته روئڻ جي ڪيفيت طاري ٿيڻ ۽ اُن هوندي به محبوب جي نه موٽڻ تي اُن جو چوڻ ته:”ڀلا چئه ته تنهنجي وئي ڪيئن سري!“ وهائوءَ جو الاجي ڪيڏانهن هليو وڃڻ ۽ محبوب جو به ان وانگي الاجي ڪٿي هجڻ لاءِ چيو ويو آهي ته: اهو وهائو به محبوب واري واٽ وٺي الاجي ڪيڏانهن هليو ويو آهي. سج جي خوبصورت ڪرڻن کي تير ڪوٺڻ ۽ پرهه پريءَ جو خود به پُڪاري ڏيکارڻ جذبي جي اظهار ۾ شدت جو بي انتها اظافو ڪري ”بردو“ چوي ٿو ته:

سنهي سنهي سوز جهوريو وري نئون نينهن موريو،

پتنگن به پنهنجو پاڻهي هڻي کڻي ساهه گهوريو،

هڪي ٻڪي هنج ٿي ڪا لڳس ڪنهن جا لڱ پيارا،

جهلي جهلي مونجهه تنهنجي هري موري هانءُ ويڙو،

مٺو مٺو درد دل کي پيارا تنهنجو ڀانءِ پيڙو،

نڀايان ندوري راتيون تڪي تنهن جا چنڊ تارا.

”نيهن جو مورجڻ“ معنيٰ ڦوٽهڙو ڪرڻ ۽ هڪي ٻڪي ٿيڻ معنيٰ ڌارئي مرد جي اچڻ سان شرمائڻ، ته هتي به ڪنهن جا انگ انگن سان لڳندي هڪو ٻڪو ٿيڻ ڏيکاريل آهي. ”هري مري وڃڻ“ معنيٰ گهائل – مائل ٿي وڃڻ وغيره. ”ڀانءِ پوڻ“ معنيٰ ته مانوس ٿي وڃڻ. ته اِهي اُهي ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ آهن جيڪي سنڌ جي ٻهراڙي جون عورتون ئي استعمال ڪنديون آهن ۽ سمجهنديون آهن.

اِنهن ترڪيبن، استعارن ۽ تشبيهن کي ڪسوٽي سمجهندي ۽ ڏسڻو پوندو ته هن وقت گيت جي شاعري ڪندڙن ۽ اُنهن جو استعمال ڪيترو باقي رهيو آهي:

لڪندي ساري لوڪ کان چاهت چوريو چنگ،

ڳالهه پڌري ٿي پيئي!

تنهنجي آئي سکين سنگ ۾ سُن ٿي هڪدم ويئي

ڪنڌ جهڪائي، ڌرتي کوٽي، هيٺ نهاري پيئي،

مرڪ چپن تي،

چگهه ڳلن تي،

وَن وَن ٿي ويس رنگ

ڳالهه پڌر ٿي پيئي !

........

پات ڏسين ٿو، ڏنڀ ڏئي ٿي،

وقت هڻي ٽِڪَ بيهي رهه اڄ!

سڏڪا روڪي مرڪڻ جي بيسود ڪري ٿي ڪوشش توڙي،

پوءِ ڀي لڙڪ نه جهلجي پاڻهي ڳل تي لڙندي ڊوڙي،

رٿ هلڻ جي تياريءَ ۾ آ ڏور هلي اڄ هوءَ وڃي ٿي،

وقت هڻي ٽِڪ بيهي رهه اڄ!

اهڙيءَ طرح اسان جي شاعراڻي قافلي جي وڌ کان وڌ سريلي شاعر نارائڻ شيام پنهنجي هڪ گيت ۾ چيو آهي ته:

آڻ مڃي پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟

هاڻ ته مڃ، اُٿ ماڻ، مٺي! ڇڏ آڻ مڃي پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟

وري حياتيءَ ۾ هيئن مٺڙي ڪڏهن الائي گڏجڻ ٿيندو؟

ملي گهڙي جا رسندي نبري، اهو خيال ئي ڏک ڏيندو،

رُسڻ ڇڏي، سڪ ساڻ وري سڏ آڻ مڃي پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟

سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ۽ سنڌي سماج ۾ اِها ئي هڪ عام چوڻي آهي ته”آڻ مڃي پوءِ جهڳڙو ڇا جو؟” اُن کي گيت ۾ اهڙي ته خوبصورت نموني ۾ ڪم آندو ويو آهي، جو ڄڻ ته اِهو پهاڪو هئو ئي اِتي ۽ اِن ئي ڪم ۾ آڻڻ لاءِ. اِن ۾ قسمتي طور ملڻ جو ۽ اِن جو به عارضي پڻي جو اُلڪو ئي بکي ٿو. جيڪو گيت جو لازمي مواد آهي. اهڙيءَ طرح مير محمد پيرزادي پنهنجي هڪ گيت جي هيٺين بند ۾ اهائي ڪيفيت هيئن بيان ڪئي آهي:

مدتن کان پوءِ ملجي سو به جي شرمائجي،

حال ڪيئن پوءِ اوربا!

چنگ ڪيئن پوءِ چوربا!

ڄڻ ڪليجا ڪوربا!

ماٺ سان مهڻا ڏجن ۽ گهور سان پيو گهائجي!

هيڪلائيءَ ۾ وري اڄ دل گهڻو گهٻرائجي!

ان ۾ خيال سان ڏسبو ته پهرين ملاقاتن وارو تڪلف بلڪل چٽو ڏسڻ ۾ ايندو ۽ هن ۾:

نينهن جا نورا وري چمڪائجن،

گيت ڪوئل کان ڦري ڪي ڳائجن،

تون بنيو  آهين اُداسي هيل ڇو منهنجا هنيان!

چئه ڀلا تان چنڊ ڀي لاهي ڏيان !

ڪجهه ته چئه !

اِن ۾ ڪوئل کان گيت کسي ڳائڻ جي چاهنا به عجيب آهي، پر من موجي هينئين کي ڀٽائيءَ به هيئن چيو هو ته:

ڪڏهن ڪڏهن هينئڙا، نٿو وڻين مون،

جي تو سڄڻ ساريا، سي وس ناهن مون،

ڪڏهن ڪڏهن تون، ٿو اڻ ڏٺا آرا ڪرين.

ته هي به اِن هوڏي هينئين کي ريجهائيندي چوي ٿو ته:” چئه ڀلا تان چنڊ ڀي لاهي ڏيان“ يعني ته ناممڪن کي هوند ممڪن به ڪريان، پر جي رڳو پڪ هجي ته ائين ڪرڻ سان تون راضي ٿيندين.

گورڌن جا ٽماهي ”مهراڻ“ ۽ ماهنامي ”روح رهاڻ“ ۾ ڇپيل گيت سنڌي شاعريءَ جو املهه خزانو آهن. هن جا ڪيترا گيت آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي پروگرام ۾ ڳائبا رهيا آهن، جن مان ”توکي قسم بهار جو“ گيت تمام مشهور آهي. هي گيت تجرباتي گيتن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ان جي سٽاءُ، بيهڪ، ترنم ۽ لفظي جوڙجڪ پنهنجو مٽ پاڻ آهي:

فضا ۾ ڦهلي آ سرهاڻ، جيئين شل ماڻ جواني ماڻ

اُڏامن ٿيون مکڙيون چوڌار، لڄارن ڪارن ڀئونرن ڪاڻ،

آ بدليو رنگ

طريقو ڍنگ

اڄوڪي جيون جي گلزار جو ! توکي قسم بهار جو !

جهليندي ڪيسين ميندي ٻور، پوي ٿو پل پل تنهنجو پور،

رسي جي جوڀن ويو هڪ وار، نه موٽي ايندو مٺڙي مور،

اُڏرندي روپ،

بڻي ڄڻ ڌوپ،

گهڙيءَ لئه سانگ اٿئي سنسار جو،

توکي قسم بهار جو!

سڏي ٿي سونهن پوڪاري پيار،

نه ڪر اڄ الفت کان انڪار،

او سجني آءُ !

ڪريون پرچاءُ !

نه آهي وقت هينئر تڪرار جو،

توکي قسم بهار جو !

اِن ۾ به نظارن سان جهڄي ماحول ڪنهن جي آمد لاءِ آتو ٿو ڪري ۽ اِن ۾ التجا ٿو ڪري ته اهڙي سُهائي سمي ۾ جي باقي تون اچي وڃين ته زندگيءَ کي چار چنڊ لڳي وڃن. اِهو هڪ ڪامياب گيتڪار شاعر جو ئي شيوو آهي، ته هُو پڙهندڙن کي پنهنجي قائم ڪيل راءِ سان متفق ڪري وٺي، جيڪا هن گيت ۾ گوورڌن جي ڪاميابي توهان ۽ اسان سڀني جي اڳيان چٽي ۽ عيان آهي.

اهڙيءَ طرح اسان جي اڄ جي بيان هيٺ آيل شاعر مير محمد پيرزادي جي گيتن هي هيٺين ٻن بندن کي دل جي گهراين سان پرکي ڏسبو ته اُن ۾ اندرين ۽ ٻاهرين قافين، تشبيهن، فطرتي سونهن، سادگيءَ ۽ معصوميت جو دل گهريو سنگم نظر ايندو:

اُڀ ڏي چنڊ لئه ڪين اُڏامي اڄ ڇو ڌرتيءَ ڏي ٿو ڪاهي !

چوڌاري ڇو ڦيرا ڦائي، ٻلهاري ٿي ۽ گهيرا ٺاهي !

پرين ستو پيو پلنگهه مٿان آ، چوڏهينءَ جو هي چنڊ ته ناهي !

چرئي چڪوري جي آ ڀل !

سونهن سندي واکاڻ وڏي آ،

هٻڪارن جي هيءُ جي هُل !

اها ڳالهه عالم آشِڪار آهي ته چنڊ لاءِ چڪور بيوسي جي حد تائين لاچار هوندو آهي ۽ مرندي مري ويندو آهي، پر اُن جي چاهت ۾ تر جيتري به گهٽتائي نه ايندي اٿس. پر پوءِ به اِن سڀڪجهه هوندي به هن گيت جي بند ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پلنگ تي سُتل پرينءَ کي ڏسي چوڏهينءُ  جو چنڊ سمجهي چڪور بار بار اُن جي چهري تي ڦيرا ٿو پائي. اِن منظر رستي ڄڻ ته اِن چوڻيءَ جي ڊرامائي شڪل هن گيت ۾ ڏني ويئي آهي ته ”منهنجو پرين چوڏهينءَ جي چنڊ جيان آهي.“ اِن دعويٰ کي گيت جي هڪ بند ۾ ڊرامائي انداز ۾ ائين ڏنو ويو آهي جو پڙهندڙ جي اڳيان ڄڻ ته پرين پلنگ مٿان سُتل آهي ۽ چڪور اُن کي چنڊ سمجهي اُن تي ڦيرا پائي رهيو آهي، ۽ شاعر اُن کي ڏسندو رهيو آهي ته ٻئي گيت جي بند ۾ منظر نگاري، قافين جي جڙاوت ۽ فطري جذبن جو اظهار هيئن ڪيل آهي:

جيءَ جي جانيءَ اکين جي ٺار کي،

واءُ شل واري اچي اڄ يار کي!

آ وڻن ويڻا وڄائي، مينهن – ڪڻين جهانجهه آ،

پرهه ٻوليون ڄڻ پهاري، منهن اونداهي مانجهه آ،

ڍار چڙين لار جي ڀڻڪار جي،

رات جي راڻيءَ سنديءَ هٻڪار جي،

جيءَ جهومايو ڇڏي،

يار ڄڻ آيو تڏي!

ڦول – مالها ٿي ڪري سنسار کي،

واءُ شل واري اچي اڄ يار کي !

هن بند جي پهرينءَ سٽ جي پهرين اڌ ۾ ”ويڻا“ ساز جو ذڪر آهي ته اُن سٽ جي پوئين اڌ ۾ ”جهانجهه“ ساز جو ذڪر اچي ٿو. ٻيءَ سٽ جي پهئرين اڌ ۾ ”پهاڙي“ راڳڻيءَ جو ذڪر آهي ته اُن سٽ جي پوئين اڌ ۾ وري ”مانجهه“ راڳڻيءَ جو ذڪر آهي ۽ اُنسان گڏوگڏ اُن جو قافيو مٿئين سٽ جي قافئي ”جهانجهه“ سان به ملي ٿو. ٽينءَ سٽ ۾ اندران اندر ٽي قافيا آهن: ڍار، لار ۽ ڀڻڪار ته چوٿينءَ سٽ ۾ هڪ خوبصورت ٻوٽي جي خوشبوءِ آهي، اِهو سٽاءُ هن گيت جي ٻين ٻن بندن ۾ جيئن جو تيئن هو بهو هن بند جهڙو ئي آهي. اِن سموريءَ مزيداريءَ جو مجموعي تاثر اهڙو آهي، ڄڻ ته اڱڻ تي محبوب جي آمد ٿي آهي، جنهن سان سمورو سنسار – ڦول مالها جيئن سڳنڌ ۽ رنگن سان ڀرجي ٿو وڃي ته پوءِ چاهيندڙ جو من چوي ٿو ته اِن سموري وايو منڊل جي بدولت شل واءُ سڻائو وري پوي، جنهن جي ڪري منهنجو پريتم اچي پر گهٽ هئي.

امداد حسينيءَ جديد شاعريءَ ۾ اهم مقام والاري ٿو. هن جديد شاعريءَ کي نوان رخ ڏنا آهن ۽ نواڻ بخشي آهي. هن نظم ۽ آزاد نظم ۾ تمام گهڻا ۽ ڪامياب تجربا ڪيا آهن. هن جي شعر جي ٻولي ڏاڍي پياري آهي، ان ڪري هُن گيت به تمام سٺا ۽ ڪامياب لکيا آهن. هن لوڪ گيتن جي ڌنن کي جديد گيت ۾ سمائي نوان تجربا ڪيا آهن:

گيت گلن جا هار ڪٿي، هئڙا هار سينگار ڪٿي؟

ڇيرين جا ڇمڪار ڪٿي، پڪا لال ليار ڪٿي؟

 

جيءُ جهڙالو هوندو هو، پر هئڙا ميگهه ملهار ڪٿي؟

رم جهم ساوڻ ايندو هو پر هئڙي بوند بهار ڪٿي؟

 

ڪجليءَ رات جا ڪڪر ڪٿي ۽ ڪار ڪارا وار ڪٿي؟

کنوڻ اڳي به کلي هوندي پر هئڙا ها کلڪار ڪٿي؟

 

منهنجي وس ۾ واڳ ڪٿي هئي، پهچايو آ پيار ڪٿي؟

پرين جو آ پار ڀلو پر پنهنجا اهڙا پار ڪٿي؟

نظارن جو ذڪر ڪندي اُنهن کي پرينءَ جي موجودگيءَ ۾ لڳندڙ چئن چنڊن جو ذڪر آهي ۽ خاص ڪري پوين ٻن بندن ۾ ته واهه جي ڳالهه آهي. هڪ ته پنهنجي وس ۾ واڳ ڪٿي هئي. ”پهچايو آ پيار ڪٿي“  ۽ ٻيو ”پرين جو آ پار ڀلو پر پنهنجا اهڙا پار ڪٿي“ اُنهن ۾ ”پار“ لفظ جون هڪ ئي وقت ٻه معنائون ڪم آندل آهن. هڪ پار معنيٰ جوُءِ يا ملڪ ۽ ٻيو پار معنيٰ نمونا يا خصلتون وغيره، اِن ۾ نظارا به آهن، ٻوليءَ جي سادگي به آهي ته فقيراڻي طبيعت به منجهانئس جهلڪيون پائي رهي آهي.

ڇالاءِ  نيريءَ ڍنڍ ۾ ترندڙ  ڪنول ٻُڏن،

ڪجهه ٻول، ڪجهه ته ٻول، تون موتي ائين نه رول،

تون ٻار وانگي روئي پئين ٿي اي منهنجي دل،

مون وٽ نه شئي نه ٽول، تون موتي ائين نه رول!

هن نيريءَ ڍنڍ ۾ سفيد ڪنول ترندي ڏيکاريل آهن، دل جي ٻار جيان روئي پوڻ ۽ اُن کي پرچائڻ لاءِ ٻار جي پرچائڻ واريون شيون ”شئي“ ۽ ”ٽول“ جو نه هئڻ چئي ان بند کي عظيم بنائي ڇڏيو اٿائين.

مير محمد پيرزادي جا چند گيت ان پس منظر ۾ ڏسنداسون:

ستارن  وڄائي ڇڏي سارنگي، چمن چاندنيءَ کي ٿا چپ نارنگي،

لئون لاٿ ٿا سانت مان جڏهن نار،

سڄي آهه فطرت بڻي راڳڻي!

چتن جا وڻن پاس چهڪا ٻُرن، پلڪ پير ۾ ڇير پايو پُرن،

هوائن ۾ هٻڪار جا ڄڻ ته هارَ،

سڄي آهه فطرت بڻي راڳڻي!

ستارن جي سارنگي وڄائڻ، چاندنيءَ کي نارنگي چپن چمڻ جو ذڪر، سانت ۾ نارن جي آوازن جي موسيقي ڇڙڻ ته پوءِ ته واقعي ۽ سموري فطرت هڪ راڳڻيءَ جيئن ڪنهن لئه ۽ ردم جي ڌن تي نچندي نظر اچي ٿي. اُن کان وڌ لفظن جي جادو ڀرڻ جو منظر نٿو ٿي سگهي، جتي ڪو به اجايو لفظ نه هجي. ايتري خالص ۽ بهتر شاعري واقعي ڪو گيت جو اُستاد شاعر ئي ڪري سگهي ٿو.

ٽِڪ ٻڌي ۽ آءٌ ڏسان پئي پکين جوڙيون ڇتين تي،

چوريءَ پويان هوريان ايندي هٿ رکيا ڪنهن اکين تي،

سکي الاجي هوند ملان هان خيالن ۾ ئي ساجن سان !

پر تو بن من کي چين نه آ !

پر تو بن من کي چين نه آ !

پکين کي جوڙين جي صورت ۾ ڏسندي انسان جي من ۾ به اهڙو اڌمو اٿي ٿو ته ڇو نه اهڙي سمي ۾ آءٌ پنهنجي جوڙ سان هجان. اِن گيت ۾ چوريءَ چوريءَ پوئتان اچي اکين تي هٿ رکڻ وارو عمل ٻهراڙيءَ ۾ نوخيز ۽ چنچل جوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جو عام مشغلو آهي. اِن کي گيت ۾ ائين فطري انداز ۾ سموئڻ سان گيت ڪمال درجي جو ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ائين چوڻ ته آءُ خيالن ئي خيالن ۾ پنهنجي ساجن وٽ وڃي نڪران ها، پر تو اکين مٿان هٿ رکي منهنجا خيال ٽوڙي وڌا آهن.

سِڪ ڀرئي سڏ تي سرچي، معصوميت جو پيڪر پرچي،

ڇڪر ڀرڻ تي، هات ڪرڻ تي،

جيئن کِلي ٿو يار !

ڇا ته ٺهي سنسار !

۽

تون نه آئين سج وري، ٽِڪ نه چوليءَ ۾ ٻري،

ڀرت سان جا مون ڀري،

ليار نيڻن ۾ ڦٽا!

چون ٿا ته ٽئگور چيو هو ته ”هر ٻار جو نئون جنم ٻڌائي تو ته خدا انسانيت مان نا اميد نه ٿيو آهي.“ اِن جيان هن بند ۾ جيڪو چيو آهي ته هات ڪرڻ ۽ ڇرڪ ڀرائڻ تي جيئن ڪو ننڍو ٻار کلي ٿو ڏئي ته سموري سنسار جي سونهن وڌي وڃي ٿي. اِن ۾ ٻار جي علامت سان معصوميت جو اظهار بهترين انداز ۾ ڪيو ويو آهي. جيڪو بلڪل فطري لڳي رهيو آهي ته ٻئي بند ۾ چوليءَ جي ٽِڪ جي چمڪڻ لاءِ سج جو لازمي اُڀرڻ جيئن ضروري آهي، بلڪل تيئن محبوب جي اچڻ سان سندس چاهنا رکندڙ جي سونهن  جو نکرڻ واڳيل آهي.

سروپچند ”شاد“ تمام پيارا پيارا گيت چيا آهن ۽ گيت جي شاعريءَ ۾ ڪامياب تجربا پڻ ڪيا اٿائين. سندس گيتن تي هندي مڌرتا ۽ هندي لوڪ ڪٿائن جو رنگ غالب آهي. هن ”سانوڻ آيو سانگ ڪري“ ”ٽم ٽم ٽمڪي ڏيئڙو“ ”پيار جو متوالو“، ”روپ ننگر جو مان رهواسي“”پرين آهي دُور“ ”ڇم ڇم ڇمڪي ڇير“ ”آئي رت بسنت“ ”اکڙين ۾ ڳوڙها آڻ“۽ ٻيا ڪيترائي بهترين گيت، سنڌي شاعريءَ جي جهوليءَ ۾ وجهي، سنڌي گيت کي موڙ ٻڌي، گهوٽ بنائي ڇڏيو آهي. مثال:

تنهنجا گهايل نيڻ ڏسي ڪٿي آءُ نه روئي ڏيان،

اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ!

تنهنجو جوڀن من مندر ۾ جيئين جوت جلي،

تنهنجو مرڪڻ رڻ پٽ ۾ جيئن رات ٺري!

تنهنجون ڳالهيون ڄڻ سُرهاڻ، ڳالهيون ڪر  آءُ جهول ڀريان!

اکڙين ۾ نه ڳوڙها آڻ !

۽

ڇوڙي ڇوهه مان وار چون ٿا: ”چئه ته آئي آهي رات“،

چهرن کي چمڪائي چون:”چئه ڦٽي آهي پرڀات“

کنڀ کوئي اُڀا ايئن چون:”تون هاڻ ڀلي اُڏام“

روپ ننگر جو مان رهواسي!

جوڀن کي من مندر جو جوتيءَ سان ڀيٽڻ ۽ مُرڪڻ کي رڻ پٽ ۾ رات ٺرڻ جيان سڪون ڏيندڙ ڪري پيش ڪرڻ ۽ سُرهين سُرهين ڳالهين سان پنهنجي جهول ڀرڻ جي آس لڳائي ويهڻ واقعي به ڪنهن اوچي گيتڪار شاعر جو ٻول لڳي ٿو ته وري ڪارن ٻوهه وسيهر وارن جي ڇڏڻ سان رات ٿي وڃڻ ته چهرن جي چمڪ سان پرڀات جو نکري پوڻ ڪمال درجي جون تشبيهون آهن ته ڪنهن پکيءَ جا پَرَ پٽي چوڻ ته هاڻ توکي موڪل آهي ته ڀلي اُڏام. اهو ئين آهي ته ڪنهن کان دل کسي اُن کي روپ ننگر جو  رهواسي بنائي پوءِ چئجي ته اسان ته توکي ڪونه ٿا جهليون، هاڻ تون ڀلي ڪيڏانهن به وَڃُ.

اهي سڀ فلمي منظرن جيان اکين اڳيان پيا ڦرن. اِهو لفظن جو استعمال جو ڪمال ۽ شاعريءَ جو جادو آهي جو بي جان لفظ به جاندار ٿيو وڃن. ان حساب سان مير محمد پيرزادي جي گيتن جا ڪجهه بند هتي مثال طور ڏيئي  تڪجن تورجن ٿا ته انهن جو ڪيفيتي ۽ ڪميتي معيار ڏسئون ته ڇا آهي:

سانت ۾ وڻ ٽڻ ساهه سُڪائي،

سڳنڌ هوا ۾ ڇڏي ملائي

ٽامون چلڪيدار لڳي ٿو، سج لهڻ جي ويل !

ملڻ جي موسم آئي آ!

شام جو سمو آهي، وڻ ٽڻ سڄي ڏينهن جي تپش کان پوءِ ٿڌڪار تي ٿڪجي ۽ ڪومايل بڻجي آرام ڪرڻ جي تيارين ۾ آهن ۽ پنهنجي خوشبوءِ هوا ۾ موجود خنڪ سان ملائي ماحول کي معطر ڪن ٿا. اُن وقت سج جو تيک ماٺو ٿئي ٿو ته اِهو ڳاڙهو چلڪيدار ٽامي جي رنگ جهڙو ٿي پوي ٿو ۽ اُن وقت هر هڪ ونيءَ جو ور ڪم ڪار تان واندو ٿي گهر موٽندو آهي . اُن وقت جي عڪاسي جنهن نموني سان ڪئي ويئي آهي، سا ساراهڻ جوڳي آهي.

آس انهيءَ تي سٺيون مون،

جوڀن جاڙون سالن کان،

چنڊ ستارن ساڻ ڪڏهن تون مون وٽ ايندين ساٺن سان !

اُتر سنڌ ۾ شاديءَ جون لانئن پرهه ڦٽڻ کان اڳ ۾ ڏبيون آهن، هاڻ ڪا وني گيت جهونگاري چئي رهي آهي ته مون پنهنجي جوڀن جون جاڙون يا اُن جو تنگ ڪرڻ ته توسان ملان، بس اِن آس کان وٺي سهندي پئي اچان ته اُهو ڏينهن اَوس به ايندو جو توسان منهنجي لائن لهڻ جا ساٺ ۽ سنوڻ ٿيندا ۽ ٻئي سموري راڄ سان گڏ اُن ڏينهن تون ضرور چنڊ ۽ ستارن جي ڇانوَ ۾ هميشه لاءِ، منهنجو ٿيڻ لاءِ، منهنجي چانئٺ تي ڪوريءَ ڦوريءَ جا ڏانوڻ ٽوڙي مون وٽ ايندين ۽ آءٌ تنهنجي امانت طور پنهنجو اِهو سمورو جوڀن، جنهن کي هن وقت تائين تنهنجيءَ امانت طور سانڍي رکيو اٿم، سو توکي آڇينديس. هڪ نوخيز ونيءَ جي جيڪا چاهنا  هن گيت جي صورت ۾ ڏني ويئي آهي، سا سئو سيڪڙو صحيح ۽ فطري لڳي رهي آهي.

اُڀ جا ڏيئا ڄاڻ اُجهاڻا، اوڀر کان سج ڦوڪ ڏني آ،

ڪومل جذبا هاءِ ڪوماڻا، ساهن سهڪا باک ڀنيآ،

لنئو لُڇي ٿي، پهتين ڇو نه؟

پريت پڇي ٿي پهتين ڇونه؟

منهنجي سڏ تي پهتين ڇونه؟

ڇا ٿيو توکي پهتين ڇو نه؟

ڪڏهن ڪڏهن شاعر ٻين ماڻهن کي ڇڏي پنهنجي من سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آهن:

”ڪڏهن ڪڏهن هينئڙا نٿو وڻين مون

جي تو سڄڻ ساريا، سي وس ناهن مون،

ڪڏهن ڪڏهن تون، ٿو اڻ ڏٺا آرا ڪرين!

(شاهه)

ته ڪڏهن وري چاهيندڙ کان پريت خود پڇائون ڪندي آهي ته جنهن لاءِ ڪانگ اُڏائيي، فالون پاتئي، مهڻا ۽ طعنا سٺئي، اڄ به اُن جو انتظار ڪندي ڪندي پرهه ڦٽڻ جا سانباها پيئي ڪري، جنهن سان ڄڻ ته اُڀ تي ٻرندڙ ڏيئا(تارا) اُن جي ڦوڪ سان (سج جي ڪرڻن جي شعاع برداشت نه ڪندي)  اُجهامڻ جي تياريءَ ۾ آهن. اچڻ نه اچڻ جي ٻڏتر ۾ جڏهن حقيقتون ٻڌائن ته هو اڄ ڪونه ايندو (وقت گذري ويو) ۽ دل پوءِ به زور ڀريندي رهي ته من نه من اچي. ان ڪيفيت ۾ جذبن جي جنجهوڙ اُڀن ساهن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي، تڏهن چوي ٿو ته:”ڪومل جذبا هاءِ ڪوماڻا، ساهن سهڪا باک ڀني آ.“ اُن وقت جسم جو ذرو ذرو آنڌمانڌ لائي ڏئي ته تون ڇو نه آئين ته معصوم ۽ ساده، ويچاري بنيل پريت پڻ پڇي ٿي ته تون ڇو ڪونه آئين. اهو نه رڳو گيت جي ٻولي، اسلوب ۽ ادائگيءَ جو ڪمال آهي پر گويا خود ڪردار بنجي پيڙا ڀوڳي اُنکي قلمبند ڪيو ويو آهي. اُن لاءِ ايترن سادن لفظن، سادن پيراين ۽ سادي اسلوب واري هن گيت کي پڙهندي ائين محسوس ٿئي ٿو ته اِهو گيت اُن ڀوڳيندڙ ڪردار خود لکيو آهي. ڇو ته اُن جو  مواد ٻڌائي ٿو ته گيت لکندڙ کي گويا اُن ڀوڳنا جو ذاتي تجربو به آهي.

تاج جويي پنهنجي ”مونوگراف“ جي صفحي 11 تي لکيو آهي ته:”ناٿ پنٿين کان سواءِ هندي زبان جي خدمت جين ڌرم جي عالمن به ڪئي آهي. ڪوشال جي برهمڻ خاندان جي فرد ”سويايمبو“(جيڪو پوءِ جيني ٿي ويو) ڪافي ڪتاب لکيا ۽ بهترين شاعر هو. هن جي لکڻي سادي ۽ حقيقت تي ٻڌل هوندي هئي. سواءِ ڪنهن به وڌاءُ ۽ مصنوعيت جي. بدلجندڙ موسمن جو ذڪر ڪيو اٿس. ڪڏهن صبح ۽ شام جون تمام سهڻيون تصويرون ڪڍي ٿو. ڪٿي ندين، جبلن ۽ جهنگلن جي سونهن بيان ڪري ٿو، ته ڪِٿي ڪٿي وڏن شهرن جي سڄ ڌڄ جو نقشو چٽي ٿو. ڪٿي وري عورتاڻي حسن جي لطيف ترين تصوير کي ستابي، سنڌو ڌري ۽ ٻين نازنينن جي بيان ۾ پيش ڪري ٿو. سويايمبو جيتوڻيڪ گيت جو شاعر  ڪونه پو، پر سندس شعر ۽ شعر جي ٻوليءَ ۾ گيت وارو  رومان ۽ سندر، سرلتا موجود آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com