اهڙيءَ طرح ميان آدم شاهه جي شروع ڪيل ”ميانوال
تحريڪ“ جا فقير پاڻ کي اِنهيءَ نسبت سان ”ميان
آدم شاهه جي اولاد “ يا ”ٻچڙا آدم شاهه جا“ ڪري
سڏرائيندا آهن. جڏهن ته ميان نصير محمد جا
عقيدتمند پاڻ کي ”فقير“ سڏرائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته
”ميانوال تحريڪ“ کي منظم ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار
آهي.
بسم الله
الله توهار!
چئو ساٿيو!
آزي ڪيو ٿا، الله جي در تي،
ان جي پاڪ رسول صلي الله عليه وآله وسلم،
۽ پنجتن پاڪ جي صدقي،
صدقي سڀني بزرگن، ولين ۽ شهيدن جي،
صدقي شهيد ميان آدم شاهه جي،
صدقي ميان شاهل محمد جي،
صدقي ميان دين محمد جي،
صدقي ميان نصير محمد جي،
صدقي ميان يار محمد جي،
ميان نور محمد،
ميان غلام شاهه،
ميان سرفراز،
ميان غلام نبي،
ميان عبدالنبي شاهه جي،
صدقي شاهه گودڙئي،
شاهه پنجي،
سڀني سڳورن، ولين ۽ شهيدن جي،
اچو ته آزي ڪيون،
چئو! الهه توهار!
اچو ته جهولي ڦهلايون، ڌڻيءَ جي در،
مولا! شل خير هجي،
هن ڌرتيءَ جو،
آباد رهن،
هر جنجل کان آزاد رهن،
منهنجا مارو،
منهنجا ماڻهو،
خوشحال رهن،
ڀاڳين جا ڀاڻ سلامت،
عظمت جا اهڃاڻ سلامت،
مارو مُرڪن،
چهرا چمڪن،
شال! اسان جي پڳ سلامت،
دنيا ساري، جڳ سلامت،
راڄ سلامت، ڀاڳ سلامت،
پورهو، پنڌ ۽ ماڳ سلامت،
ڌرتي ماءُ! او ڌرتي ماءُ!
شل! نه لڳئي ڪو سو واءُ
اسين ٻچڙا آدم شاهه جا،
اسين فقير ميان نصير جا،
تنهنجي جهولي ۾ جهُلون،
پلجون، نپجون،
وڌئون ويجهون!
چئو الله توهار!
اچو ته شهيدن جي رت جي،
ساک کڻئون،
اسين اولاد آدم شاهه جو، وچن ڪريون!
چئو الله توهار!
مرتب: عبدالله خان مگسي)
”آزي“ جو مستعمل متن
·
آزي اکيندئي هون – الله رسول دئي اڳئون
پنجتن پاڪ دئي اڳئون
شاهه ويران، حضرت ميان جونپوري دئي اڳئون
اسان آزي اکيندئي هون وليين شهيدين دئي اڳئون
مرشد ميان حضرت آدم شاهه عباسي ڪلهوڙا- فقير دئي
دائري دا لوڙها،
جيوئي مرشد- تون آزي تي راضي ٿي!
صدقي ميان محمد دائود دئي،
صدقي ميان محمد الياس دئي،
صديقي سُهڻي شهيد ميان شاهل دئي
صدقي نَر نصير محمد – وڍئي دا ولي، لکين دا ڏاتار،
شيءِ والين دي شيءِ ٿيو ئي
آکو فقير ”الله توهار“!
·
اسان آزي اکيندئي هون شهيد ميان دين محمد طريل
جيڪو سُڻي ساجهر سويل
آزي اکيندئي هون بزرگين، وليين، شهيدين دئي اڳئون
مُرشدا! .... تون آزي تي راضي ٿي!
اسان آزي اکيندئي هون حضرت ميان يار محمد سائين
دئي
آزي اکيندئي هون ميان مير محمد دئي اڳئون
آزي اکيندئي هون ميان شاهه حسن ڪاڇي دا والي
وڃي نه ڪئي سوالي خالي
آزي اکيندئي هون صدقي ميان نور محمد دئي
آزي اکيندئي هون ميان مراد ياب دئي
آزي اکيندئي هون ميان غلام شاهه گُل دئي اڳئون
جنهن دا سنڌ سرئي وچ سُرها هُل
آزي اکيندئي هون شهيد ميان سرفراز دئي
آزي اکيندئي هون شهيد ميان غلام نبي دئي
آزي اکيندئي هون ميان عبدالنبي دئي اڳئون
مُرشد چڙهي ڪمان
رُڪ دا گهوڙا، لوها لغام!
شيءِ والين دي شيءِ ٿيوئي
سڀ مِل فقير آکو:”الله توهار“!
·
جيوئي مرشد ڪالي کٿي-
اڇي ٻَچي دي پارت هو وَئي جيوئي مُرشد!
مَٽي، ديڳ، ٻڌي- تيڏي ساوي سَڀر هووئي
فقيرين دا ٻول سِراڻ هووئي
مُرشدا!.... اڳ سُونهان، پُٺ پاکر ڪرين!
ڌاڳي سڳي ڪون مُهت مانُ ملي
عزت عظمت تي شان ملي!
آکو فقير:”الله توهار“!
·
آئو ته جهوليءَ جَهلون ڌڻيءَ دئي دَر،
مولا، شل سنڌ سِرئي ڪُون آباد ڪرين،
چهر جنجل پريشاني ڪون معاف ڪرين
ميڏئي ماُرو ميڏئي سانگي ڪُون آباد ڪرين
ماُرو مُرڪن، چهرئي چَمڪن
شال اسان ڏِي پڳ سلامت
پورهيا پنڌ ماَڳ سلامت
دنيا ساري جڳ سلامت
اي ڌرتي امڙ..... لڳي نه تيڪون ڪوسا واءُ
اسين اولاد شهيد ميان آدم شاهه دئي
اسين فقير مرشد ميان نصير محمد ڳاڙهي والي،
سُهڻي ساڙهي والي، بگي قُبي والي دي،
اُنهين دي جهولي مين جُهولون
اُهندئي اڱڻ تي پلجون
وڌون ، نپيجون
سڀ فقير آکو:”الله توهار!“
·
آزي اکيندئي هون
مُرشد!....... تون آزي تي راضي ٿي!
شيءِ والين دي شيءِ ٿيوئي
صدقي شاهه گاجي – ڌوءنڪ دا ڌڻي
صدقي شاهه گودڙيا
صدقي شاهه عنايت ڏندُو
صدقي شاهه پنجي سُلطان دئي، ڪِرڪِ ڪَريو نه ڪرين
کِکيِ دي کاري، دي پارت هووَئي
چايا بار توڙ نڀاوين
ادلي گدلي تيڏئي فقير، سَنئين!
اسان تيڏئي دَر عرض ڪريندئي، هين
تون الله ۽ پاڪ رسول دئي در تي سُوال اگهاءِ
مُرشد!.......تون ئي ڪامل اَهين!
صدقي سوا لک فُقرا دئي.... راضي ٿي.
·
چڙي چاندني، ڪک پن دا خير.......!
هندو مسلم سک دا خير....!
مُرشد!.... سَڏ نال گڏ ٿي!
چڙهي ڪمان:
”مرشد آيا،... راضي ٿيا!“
”آزي منظور.... مدد يا رسول!“
”مُرشد آيا.... کِل مِليا!“
فقير مُبارڪان-
”الله توهار“! .... ”الله توهار“!
(مرتب : ميان امير بخش خان ڪلهوڙو)
ماخذ
(1)
تايخ سنڌ (ڪلهوڙا دور) غلام رسول مهر، سنڌي
ادبي بورڊ
(2)
”خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي“،مرزا عباس
علي بيگ،سنڌالاجي.
(3)
”جنت السنڌ“ ، مولائي شيدائي.
(4)
”تمدن سنڌ“، مولائي شيدائي.
(5)
”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“، پروفيسر
عبدالله مگسي.
(6)
”جان جان هئي جيئري“، پروفيسر عبدالله مگسي.
(7)
”مهدوي تحريڪ کان ميانوال تحريڪ تائين“ ،
ڊاڪٽر لياقت مگسي (روزانه ”جاڳو“)
(8)
”ڳاڙهي: تاريخ جو وسريل ورق“، ڊاڪٽر لياقت
مگسي (روزانه ”جاڳو“)
(9)
”سنڌ جي آزاديءَ جو امام – ميان نصير محمد
ڪلهوڙو“، محمد ملوڪ لنڊ (ماهوار ”پورب“ ڪراچي)
(10)
”سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار – ميان يار محمد
ڪلهوڙو“، ڊاڪٽر لياقت مگسي.
(11)
”واليءِ سنڌ - ميان نور محمد ڪلهوڙو“،مرتب:ڊاڪٽر
محمد لائق زرداري.
(12)
”تاريخ سنڌ“، (انگريزي ۾) مرزا قليچ بيگ.
(13)
”تحفته الڪرام“ قانع.
(14)
”لب تاريخ سنڌ“،خداداد خان.
سائل پيرزادو
گيت گلن جا هارَ هٿن ۾
(مير محمد پيرزادي جي گيتن جو فني ۽ فڪري جائزو)
انسان جي پيدائشي طور اها فطرت رهي آهي ته هو
يڪسانيت مان بيزار ٿي پوندو آهي ۽ وقت به وقت ڪا
نئين ڳالهه، نئون لب لهجو، نئون رشتو ناتو يا نوان
نظارا وغيره ڏسڻ جو عادي آهي. شايد اُنهيءَ جي ان
پيدائشي فطرت جي ڪري ئي خدا تعاليٰ هن ڪائنات ۾ نت
نت نيون ڳالهيون پيدا ڪيون آهن، جيئن هڪ سال ۾ چئن
موسمن جو نمونو. اُنهن موسمن ۾ جهُڙن، بادلن،
مينهن، مختلف وڻن ۽ ٻوٽن جو ڦوٽهڙو ٿيندو آهي،
جنهن سان فضا ۾ نواڻ پيدا ٿيندي آهي. اُن کان
مختلف موسمن جي گلن ۽ ٻُوٽن جي نئين سر چاهنا ۽
تازي خواهش پيدا ٿيندي آهي. جيڪو پابند هوندو آهي،
سو آزاد تي رشڪ ڪندو آهي، ته آزاد وري پابند کي
خوش سمجهندو آهي. ان ئي طبيعت جي ڪري ڪي ڪي جينيس
(عبقري) انسان تخليقڪار بنجي پوندا آهن. ڇو ته هو
موجوده ماحول مان بيزار ۽ ان کان بهتر جي تلاش ۾
هوندي پنهنجي فن رستي ماڻهن جا مزاج پڻ نواڻ پسند
بنائيندا آهن.
اُن سڀ جي باوجود جيڪا ڳالهه يڪسان ۽ هڪجهڙي پسند
ڪئي ٿي وڃي ۽ جنهن سان ڪنهن جو به اختلاف نٿو ٿي
سگهي ۽ جنهن کان اڄ تائين بني نوع انسان ڪڏهن به
بيزار نه ٿيو آهي، سا آهي ”جمالياتي حِس يا ڪيفيت“
جنهن جي ادراڪ جو ڪنهن ڪنهن کي شعور به هوندو آهي،
پر ڪي لاشعوري طور به اُن ۾ محو رهندا آهن ۽ حظ
حاصل ڪندا رهندا آهن. اِها جمالياتي ڪيفيت يا حِس
جنهن جي جيتري شدت سان اثرانداز ٿيندي، اوترو اُهو
ماڻهو حساس ليکيو ويندو. هڪ طرف انسان جو ٿوري ئي
”جمالياتي ڪيفيت کان شديد متاثر ٿيڻ وارو لاڙو
هوندو آهي ته ٻئي طر اُن جمالياتي ڪيفيت جي ڏاڪي
به ڏاڪي ترقي ٿيندي آهي ۽ اُن جي مٿانهين سطح خود
شناسائي ۽ آخر ڪار خدا شناسائي جي سطح به ماڻي
ويندي آهي. اِهو ئي سبب آهي جو تصوف جي پوئلڳن وٽ
به پهرين منزل”جمالياتي ڪيفيت“ ماڻڻ واري هوندي
آهي، ۽ آخر ۾ اُن سموري جماليات جي ذريعي طور ذات
الاهيءَ کي ڄاڻايو ويندو آهي، جنهن جو بنياد قرآن
پاڪ جي اِن آيت کي بنايو ويندو آهي ته:”الله جميل
و يحب الجمال“ (يعني الله تعاليٰ حسين آهي ۽ حسن
کي پسند ڪري ٿو.“) جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت
الله عليه چيو آهي ته:
سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهه حسن ريءَ،
اِن سونهن جو احساس وجداني به آهي ته مادياتي به
آهي. خاص طور تي مادياتي احساس، انساني محسوساتي
حِس رستي پوندو آهي، ۽ وجداني اثر طبيعت جي حساب
سان اندر مان جذبن کي ڇيڙي ۽ انسان جي وجداني
ڪيفيت ترتيبن ڪندو آهي. پر اُن جي به حصول جا رستا
سڀ جا سڀ مادياتي ٿيندا آهن. مثلاَ: انساني باهمي
رشتا ۽ ناتا، ماڻهن جي من جون موسمن آهر ڀاونائون،
گلن ڦلن ٻوٽن جي ڦوٽهڙي کي ڏسندي سڪون واري ڪيفيت
طاري ٿيڻ وغيره. اِهي سڀ اُن جمالياتي ڪيفيت کي
وجداني طور تي اُڀارڻ جا ذريعا آهن. هن سماج ۾
رهندڙ انيڪ انسان پنهنجي پيٽ گذر ۽ ٻين سماجي
ضرورتن جي پورائي جي گهاڻي ۾ رات ڏينهن پيڙجي رهيا
آهن ۽ هڪ لمحي لاءِ به اُنهن کي ايتري فرصت ناهي
ته بهار جي بوندن مان مزو ماڻي سگهن، يا چيٽ جي
چانڊوڪيءَ جي ٿڌڪار محسوس ڪري سگهن. هنن ڪڏهن به
سرءُ جي سانجهيءَ جي نماڻائي چيت لائي نه ڏٺي
آهي.ڪنهن وڇوڙي ۾ کنيل ٿڌا ساهه ۽ شوڪارا يا ڪنهن
جي وِرهه ۾ ڪيل ورلاپن کان وٺي جهيڻين جهونگارن
تائين هنن ڪجهه به محسوس نه ڪيو آهي، ته اُن هنڌ
تي اُنهن جو پورو پورو اثر قبول ڪندڙن اُنهن شين
کي هوبهو ۽ جيئن جو تيئن پنهنجي فن تخليق ۾ آندو
ته جيئن انهن کي ٻيهر رائج ڪري عام ماڻهن کي هڪ
دفعو ٻيهر موقعو فراهم ڪن ته اُهي اُنهن مان بلڪل
ائين ئي ۽ اوترو مزو ماڻين جيترو اُن فنڪار،
تخليقڪار، شاعر يا مصور محسوس ڪيو هو. اگر اهو
ساڳيو اثر ٻڌندڙ ڏسندڙ پڙهندڙ يا محسوس ڪندڙ تي
پيو ته گويا اُن فنڪار کي سندس پورهئي جو صحيح
معنيٰ ۾ اجورو ملي ويو، نه ته ٻيءَ صورت ۾ اُن جي
سڄي محنت ئي اجائي وئي.
1920ع وارو عرصو سنڌ ۾ غزل جي اوج وارو عرصو هو،
پر بدقسمتيءَ سان غزل کي اُن وقت اُهي شاعر مليا،
جيڪي بلڪل لڪير جا فقير هئا، جن غزل جي ٽيڪنڪ کي
ته ٺهيو، پر اُن ۾ ڪم ايندڙ ماحول ۽ پيش ٿيندڙ
ٻوليءَ کي به ايراني رنگ ڍنگ ۾ پيش ڪرڻ جي غلطي
ڪئي. اُن وقت جا سنڌي شاعر پرائيءَ نقاليءَ ۾ هڪ
ٻئي کان گوءِ کڻندا رهيا. علم عروض جي اچڻ سان گل
۽ بلبل، شمع ۽ پرواني، جام ۽ صراحي، شراب ۽ شباب،
چشم آهو، غنچئه دهن جهڙيون تشبيهون ۽ روايتون به
شاعريءِ ۾ داخل ٿي ويون ۽ سنڌي شاعريءَ مان ايراني
شراب جهڙي بوءِ اچڻ لڳي.
انگريزن جي دور جي پوئين اڌ يعني ويهينءَ صديءَ جي
پهرئين ڏهاڪي بعد سنڌ جي هڪ سڄاڻ شاعر ڪشنچند
”بيوس“ محسوس ڪيو ته اسان جي شاعري ۽ اسان جي
تهذيب، اسان جي روايتن ۽ عام ماڻهن کان پري ٿيندي
پئي وڃي، جنهنڪري پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي
وڏو ڇيهو رسي رهيو آهي. اِن ڪري هن عروضي قاعدن کي
ڪجهه سادو بنايو ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن کي
ٻيهر زنده ڪيو ۽ پنهنجي شاعريءَ کي ”ڇند رچنا“ تي
رچڻ شروع ڪيو، جنهنڪري اسان جي شاعريءَ کي ڌارين
تشبيهن ۽ ڌارئي ماحول کان آجپو نصيب ٿيو ۽ ديسي
تشبيهن ۽ ديسي ماحول جو استعمال شروع ٿيو.
اُن عرصي ۾ علم عروض جي پابندين ۽ غزل جي مصنوعيت
واري ماحول کان تنگ اچي ماڻهن ۾ معصوميت، فطري
ماحول ۽ سادگي ادائگيءَ لاءِ چاهه پيدا ٿيو، جنهن
هڪ دفعو وري ڪلاسيڪي صنفن دوهي، بيت، وائي ۽ ڪافي،
کي واپس سنڌي شاعريءَ ۾ آڻڻ جون ڪوششون شروع
ڪرايون، ته ٻئي طرف اُنهن جي ماحول، ادائگي،
ڪردارن جي معصوميت ۽ سادي پيرايي وغيره جي
هڪجهڙائيءَ ۽ عورتاڻي روپ ۾ آلاپن سبب ”گيت“ کي
سنڌي ادب ۾ جاءِ ته ڇا ڏني، ڄڻ ته شاعري جي بند
ٿيل واهڙ جي مُنڍ کُلي پيو ۽ اُهي بيٺل واهڙ وهي
هليا. ڪشنچند ”بيوس“ کان وٺي ”بلبل“ کورواهيءَ
تائين اٽڪل پنجاهي کن اهڙا شاعر آهن، جن نه رڳو
گيت لکيا پر اُنهن جي گهاڙيٽي، اسلوب، مواد ۽
پيرايي وغيره ۾ خاص تجربا پڻ ڪيا. جن ۾ هوندراج
دکايل، کيئلداس فاني، هري دلگير، لطف الله بدوي،
عبدالڪريم گدائي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، نياز
همايوني، شيخ عبدالرزاق راز، تنوير عباسي، بردو
سنڌي، گوروڌن ڀارتي، شاهنواز شاهه، عارف الموليٰ،
شمشير الحيدري، ڪمل ڪيولراماڻي پياسي، سروپچندر
شاد، بشير مورياڻي، قيوم طراز، بلاول پرديسي،
منظور نقوي، عبدالجبار جوڻيجو، محسن ڪڪڙائي، احمد
خان مصراڻي، استاد بخاري، ذوالفقار راشدي، موتي
پرڪاش، ڪرشن راهي، رحيم بخش قمر، تاج بلوچ، قمر
شهباز، امداد حسيني، آٿم ناٿن شاهي، الطاف عباسي،
فتاح ملڪ، غلام حسين رنگريز، راشد مورائي، تاجل
بيوس، ناشاد، مير محمد پيرزادو، انور پيرزادو،
مسرور پنائي، اطهر منگي، اياز گل، نصير مرزا،
مختيار ملڪ، تاج جويو، ماٺيڻو اوٺو وغيره اچي وڃن
ٿا.
گيت جو منفرد رنگ ۽ گهاڙيٽو، جنهن ۾ اُهو بيت،
وائيءَ، دوهي ۽ ڪافيءِ کان علحده ۽ن الڳ ٿلڳ ٿي
بيهي ٿو، اُن متعلق ڪيتريون ئي وصفون ۽ تفصيل آيل
آهن، پر اسان هتي محترم نبي بخش خان بلوچ جي ”گيت“
متعلق راءِ ڏيڻ ضروري سمجهون ٿا” ”جڏهن کان انسانن
۾ پيار جو جذبو پيدا ٿيو ته منجهن محبتن جون
پچارون پيون ۽ ورهه واري وڇوڙي ۾ گيت ذريعي پنهنجن
جذبن ۽ احساسن جو ذڪر ڪيو. جڏهن مندون موٽيون،
واهوندا وريا يا سانوڻ جي کنوڻ ٿي ته پرديس ويل
سڄڻن جون صحبتون ساري، سڪ مان اُنهن لاءِ گيت
چيائيون، جڏهن کان شاديون ۽ محفلون شروع ٿيون ته
خوشيءَ جا گيت ڳايائون ته ڪي گيت ماحول جي ڪن اهم
واقعن ۽ حادثن کان متاثر ٿي جوڙيائون.“ (لوڪ گيت:
مقدمو، ص1)
”ننڍي کنڊ ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جي ابتڙ امن ۽ سڪون
جي زندگي وڌيڪ بسر پئي ٿي آهي. هتان جي حاڪمن تي
ٻين ملڪن جي هاڪارن ضرور حملا پئي ڪيا آهن، پر
مقامي ماڻهو پاڻ ۾ عربن جيان رتو ڇاڻ ڪري ڪونه
وڙهندا هئا ۽ نه ئي يورپ وانگر هتان جي رياستن جي
وچ ۾ خوني جنگيون ئي ٿينديون رهيون آهن. نتيجي ۾
هتان جي مفڪرن جنهن فلسفي جو بنياد وڌو، اُن ۾
انساني قتل ته پري رهيو، پر ڪنهن جيت جڻئي کي به
مارڻ جي سختيءَ سان منع ٿيل هئي. اُن اهنسا جي
نظريي ايتري وسعت اختيار ڪئي، جو مَک ۽ مڇر کي
مارڻ به ڏوهه سڏيو ويو. ظاهر آهي ته جنهن سرزمين
تي انساني زندگي اهڙي سڪون ۽ اطمينان جي هندورن ۾
لڏندي رهي هجي، اُتي جي رهاڪن جو سمورو ڌيان گهرو
ماحول ۽ عورتن جي محبت طرف ضرور راغب رهيو هوندو.
راجپوتن ۽ اِن قسم جي هڪ ٻن ٻين قبيلن فوجي قبيلن
کان سواءِ هندستان جي وسيع سرزمين جي بي انت آبادي
سارو ڏينهن نيري اُڀ هيٺان عورتن جي مٺڙن گيتن جي
گونج ۾ پوک ۽ لابارا ڪندي رهي ۽ سندس راتيون امن ۽
آرام جي فضا ۾ سهاڳڻين جي رسيلين لولين سان مڌر ۽
راحت ڀريون بنيون رهيون.“ (ابو سعيد بزمي ”هندي
کي عشقيه شاعري“ نگار لکنو، هندي شاعري نمبر1،
صفحو 69)
اهڙي سازگار ماحول ۾ ”گيت“ کي نپجڻ ۽ پلجڻ جو سئو
سيڪڙو صحيح ماحول مليو. اقتصادي نظامن تحت، مردن
جو ديد کان گهڻو دور هليو وڃڻ ۽ پوئتي سندن ونين ۽
سينڌين جا اُنهن جي سڪ ۽ محبت ۾ ڪيل ورلاپ،
جهونگارن، آلاپ، ڪانگن کي ڪرنشون ۽ پکين رستي
پيغامن موڪلڻ جا جتن ڪرڻ، هڪ طرف ان مخصوس معاشي
جوڙجڪ جو اڻٽٽ حصو هئا ته ٻئي طرف نٻل نارين جي
سماجي پابندين جي باوجود ناگهاني فطري محبت واري
جذبي جي شدت هئي، جيڪا جتي لڙڪن رستي اظهاربي هئي.
سڏڪن رستي پالبي هئي، ٿڌن ساهن ۽ شوڪارن رستي ظاهر
ٿيندي هئي، تِتي اُن جو چٽو ۽ کرو اظهار ”گيت“ جي
ئي صورت ۾ ٿي سگهندو هو. ان ڪري گيت جي صنف جي
وضاحت ۾ تاج جويي، پنهنجي ايم اي سنڌيءَ لاءِ لکيل
مون گراف” سنڌي گيت“ جي صفحي 7 تي لکيو آهي
ته:”گيت ۾ نازڪ ۽ نفيس جذبا، مٺيءَ سٻاجهي، سادي ۽
سلوڻيءَ ٻوليءَ ۾ بيان ڪيا ويندا آهن. وڇوڙي جا
وَڍ، پرينءَ لاءِ پڪارون، ساروڻيون ۽ سور، وصل جي
اميد، گيت جا اصل عنوان آهن. ٿورن ئي لفظن ۾ ائين
کڻي چئجي ته عورت طرفان پنهنجي محبوب جي ياد ۾
اوسيئڙا ڪرڻ، برهه جي باهه ۾ پچڻ، محبوب جي ماڻن ۽
نازن سان گهايل ٿيڻ، محبوب کي ملڻ لاءِ منٿون ۽
آزيون ڪرڻ، سندس ياد کي زندگيءَ جو سرمايو سمجهڻ ۽
اهڙن ٻين جذبن جو منظوم صورت ۾ اظهار ڪرڻ، ”گيت“
جو ٻيو نالو آهي.“
اهڙيءَ ريت”گيت“ بابت جُڙيل راءِ جي پٺڀرائيءَ ۾
محترم رسول بخش پليجي جي راءِ به سند طور پيش ڪري
سگهجي ٿي:”جڏهن جڏهن آس ڪر موڙي اُٿي ٿي، ڪو سُور
سنگ ڪڍي ٿو، ڪا اک آلي ٿئي ٿي، تڏهن انسان جي دل
ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، ڪجهه ڳائڻ چاهي ٿي. انسان جا سڀ
کان نرم ۽ سڀ کان نازڪ احساس، ”گيت“ ۾ ئي سمايل
آهن.“ (اياز جا گيت: ماهنامه روح رهاڻ: سيپٽمبر
1966ع)
نگار پاڪستان ” جديد اردو شاعري ۾ گيت ڪي روايت“
مقالي جي صفحي 268-69 تي گيت جي اردو شاعريءَ ۾
داخل ٿيڻ جا سبب ۽ ٺوس دليل ڏنا آهن. ان مان چند
سٽون هتي ڏجن ٿيون، جيڪي گيت جي سرجڻ، اُسرڻ ۽
نسرڻ جا فطري جواز پيش ڪن ٿيون ۽ جن منجهان هن صنف
لاءِ سنڌ ۾ سازگار حالتن ۽ ماحول جو اندازو ٿي وڃي
ٿو:”جديد ارود شاعريءَ جي اڪثر شاعرن وٽ غزل ۽ نظم
سان گڏ گيت جا سانچا برابر تيار ٿي رهيا آهن ۽ اُن
۾ عظمت الله خان جي تحريڪ عام ڏسجي ٿي. بحرن جي
وسعت، لفظن جو رس، اسلوب جي نواڻ، رديف ۽ قافئي
کان بغاوت، مطلب ته هن ظاهري بي ساختگيءَ ۽
ڇڙواڳيءَ جي دؤر ۾ شاعر حسن جا ٻيا پهلو تلاش ڪري
رهيا آهن، جن ۾ ٽئگوريت به آهي ته مغربيت به
موجوده دؤر جي اردو گيتڪار شاعرن مان ڪيترن وٽ جوش
جي شاعريءَ وارو پروپيگنڊائي اثر موجود آهي. مطلب
ته اڄ به گيت جا موضوع ڪن ٿورن نون کان سواءِ اُهي
ئي آهن جيڪي نظير اڪبرآباديءَ ۽ عظمت الله خان وٽ
ملن ٿا. حسن ۽ عشق جا ڪرشما، قلبي احساس، موسم جون
رنگينيون، زندگيءَ جون ترجمانيون، بيان جا اسلوب ۽
ادائگيءَ جون طرزون، نظير ۽ عظمت الله خان جي
سهاري وري اچي ويا آهن. جتان غزل اُنهن کي ڇڏي جدا
ٿيو، گيت جو ماحول نج هندوستاني آهي ۽ هندوستاني
سماج جي عڪاسي ڪري ٿو. فرق رڳو اهو آهي ته
گيت،گهرو گيتن کان وڌيڪ پختا معلوم ٿين ٿا.“
ساڳيءَ طرح سنڌي ادب ۾ موجوده گيت به غزل جيان
اسان جي پنهنجي صنف نه آهي. سنڌيءَ جي شاعرن ڪجهه
هنديءَ ته ڪجهه اردو شاعريءَ کان اثر وٺي جديد
سنڌي شاعريءَ ۾ گيت کي مروج ڪيو. گيت کي اسان جي
ٻوليءَ ۾ شاعرنَ هڪدم جاءِ انڪري ڏني، جو اُهو هڪ
ته اسان جي لوڪ گيت سان ملندڙ جلندڙ هو، ٻيو ته
اسان جي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي مزاج سان نهايت
ٺهڪندڙ ڀچندڙ هو. اُن جو ماحول ۽ پس منظر مشرقي ۽
خالص هندوستاني هو. سنڌ ۽ هند صدين کان وٺي هڪ ٻئي
کي تهذيبي رشتن ۾ ويجها پئي رهيا آهن. اِن ڪري
اُتان جي ماحول ۽ تهذيب ۾ ڪا خاص اوپرائپ (سواءِ
ڪن قومي روايتن جي) نه آهي، ان ڪري اسان جي شاعرن،
گيت کي هڪدم قبولي اُن ۾ وڌيڪ تجربا ڪرڻ شروع ڪيا.
شيخ اياز شيخ راز جي شعري مجموعي ”اصنام خياليءَ“
جي مقدمي ۾ صفحي ”د“ تي ان راءِ جو اظهار هيئن ڪيو
آهي:”گيت، بيت ۽ وائيءَ وانگر هڪ اهڙي صنف آهي،
جنهن ۾ اسان کي پنهنجو ماحول ۽ مقامي رنگ نظر آيو.
بيت ۽ وايون ته اسان جون پنهنجون نج سنڌي صنفون
آهن. پر گيت هندوستاني صنف آهي، ۽ اُها صنف ننڍي
کنڊ جي ٻين ٻولين ۾ سنڌيءَ وانگر پنهنجي شاعريءَ ۾
داخل ڪري ورتي آهي. سنڌيءَ ۾ پهريان گيت ڪشنچند
”بيوس“ لکيا. جيتوڻيڪ اُنهن جو ڳاڻاٽو گهٽ آهي.“
گيت جنهن جو روح ”جمالياتي ڪيفيت“ آهي، اُن جو
مواد ڪنهن ٻيءَ صنف جي صورت ۾ سنڌ ۾ اڳي ئي موجود
هو. جيڪو تحت الفظ ۾ به ٻڌايو ويندو هو ته لکيل
صورت ۾ به پڙهيو ويندو هو، ته لولين، واين، ڪافين
۽ بيتن (دوهن، دوهيڙن يا ڏوهيڙن) جي انداز ۾
ڳائجندي به ٻڌو ويندو هو. ان سان سنڌي ماڻهن جو ڪن
رس توڙي من رس ملي هڪ ٿي ويو هو، ڇو ته هتان جي
صدين پراڻي شاعريءَ ۾ چيو ويو هو ته:
ڪنز، قدوري، قافيا، پڙهيو پئي پڙهيوم،
پر سو گس ٻيو ڪو، جنهن سان پرين لڌوم.
(قاضي قاضن)
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهئو،
روئي ڇڙي رات، ڏسي ڏکوين کي
(مخدوم نوح)
پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جَر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
(شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو)
ڍول نه کڻي ٻانهڙي، پرهه مَ کڻي پانڌ،
آءٌ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان.
(شاهه عبداللطيف ڀٽائي)
واحد وسائيج، دردونديءَ جو ديس،
پرين جي پرديس، اُٺي ايندم اوڏڙا.
(سچل سرمست)
......
آءُ مينهن الا، لا،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا!
ڪاند نپوڙيس ڪپڙا، مانگ ڀڄايس مينهن، الا، لا،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا!
پي پي پپيهو پيو ڪري، مون تن اندر ۾ تيئن الا، لا،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا!
قاسم مند ملهار جي، توريءَ ڪٽيان ڪيئن الا، لا،
لالڻ لاءِ نه ڏينهڙا!
(خليفو نبي بخش لغاري)
پريتم مت پرديس پڌاريو،
رت هئي ساون ڪي سانوريا !
(مصري شاهه)
اُٿاهه روايتي دؤر ۾ به قاضي قاضن چيو ته پرينءَ
جو لهڻ، جيڪو زندگيءَ جو مول مقصد آهي، سو ڪنز،
قدوريءَ ۽ قافئي جي علم ۾ ماهر ٿيڻ سان به نٿو
ملي، پر اُن جي لهڻ جو گس اڃا ڪو ٻيو آهي، ته سنڌ
جي وسيع عوامي پسمنظر جي دردن جي ڪرب ۾ رات به
روئي پئي آهي، جنهن جا لڙڪ اسان ماڪ جي صورت ۾ ڏسي
رهيا آهيون. اهڙن لوڪ دردن جي نمائندگي ايترين
مختصر ٻن سٽن ۾ ڪرڻ مشڪل نه، پر ناممڪن آهي ته
دنيا ڀرجي عظيم شاعراڻي ورثي جي هڪ نشاني آهي ۽
دنيا ڀر جي عظيم ترين شاعر ۽ ڪائناتي رازن ۽ رمزن
جي عظم پارکو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون هي سٽون
نه رڳو هڪ منظر چٽين ٿيون، پر ان منظر جي ڪري
اُڀرندي احساس کي به گونگي زبان جي رستي اظهاري
وٺن ٿيون.
ڍول نه کڻي ٻانهڙي، پرهه نه کڻي پانڌ،
آءٌ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رانئيان.
ته اُن دردونديءَ جي دانهن ته،” پرين جي پرديس سي
آٺي ايندم اوڏڙا“، اُنهن جي لاءِ جتن ڪرڻ ۽
بارگاهي الاهيءَ ۾ سربسجود ٿيڻ ته” واحد وسائيج
دردونديءَ جو ديس“ ڇو ته اِهو شرط آهي ته جيڪڏهن
مُند ۾ مينهن وسي پيو ته منهنجو محبوب جيڪو پيٽ
گذر ڪارڻ پرديسي بنيو آهي اُهو هن ديس ۾ واپس وري
ايندو، جو وسڪاري مان هتي ئي گهڻو ڪجهه گذران جو
ذريعو بنجي پوندو. پر اُن کان وڌي ڪن مينديءَ رتن
هٿن جو ڪن نارنگي چپن تائين پهچڻ جو سبب ۽ سعيو پڻ
اُن کان پوءِ ٿيندو ته اُنهن مينديءَ رتن هٿن ۾
متان، وقت پنهنجا نشان گهنجن جي صورت ۾ ڇڏي ۽
نارنگي چپن کي نيرو ڪري وجهي. اُن کان اڳ ۾ ڪو
اهڙو سانگ ضرور رچي، جو هو ”اوڏڙا“ (ويجهڙا) ٿين.،
اُن منظر کي اصل پس منظر ۾ ڏسڻ سان خبر پوندي ته
هتي جي پراڻين صنفن، بيت، وائيءَ ۽ ڪافيءَ جي بند
بند ۾ ڪيترا نه گيت پنهان هئا. پر اُنهن کي ”گيت“
جي شڪل 1920ع جي سن ۾ ڪشنچند ”بيوس“ ڀلي بعد ۾ ئي
ڇو نه ڏني هجي پر ”ڪانڌ نپوڙيس ڪپڙا، مانگ پسايس
مينهن“ ۽ ”پريتم پرديس پڌاريو، رت هئي ساون ڪي
سانوريا“ سٽن ۾ لکن گيتن جي پيڙا سمايل آهي. ان
حساب سان ”گيت“ پنهنجي موجوده صورت ۾ نه ئي سهي پر
مواد جي لحاظ کان اسان وٽ صدين کان رائج هو. |