اهڙيءَ طرح مير محمد پيرزادي جي فن لاءِ سندس ڪتاب
”ليار نيڻن ۾ ڦٽا“ جي مهاڳ ۾ تنوير عباسيءَ لکيو
آهي ته:” مير محمد پيزادي جون مٿي حوالي طور ڏنل
سٽون ڌار ڌار گهاڙيٽن مان کنيل آهن. ڪي گيت جا
بند آهن ته ڪي غزل جا شعر، ڪي دوهي جون سٽون آهن
ته ڪي بيت جون، ڪهڙي به صنف هجي، شاعر جي شاعراڻي
سگهه هڪ جيتري آهي. اِن مان ثابت ٿئي ٿو ته هڪ سٺي
شاعر لاءِ گهاڙيٽو ڪو مسئلو نه آهي. جي هن وٽ
ڏانءُ ۽ ڏات آهي ۽ هو محنت ڪري سگهي ٿو ته هر صنف
۾ پنهنجي فن کي ڪتب آڻي، بهترين تخليقون آڇي سگهي
ٿو.
اهڙي ٻولي جيڪا گيت نه هوندي به گيت جي لڳي، اُن
جي مثال طور هيٺ مير محمد پيرزادي جي گيت مان ڪجهه
مثال ڏجن ٿا، جن مان عوامي ٻوليءَ جي خوبصورتي،
ٻوليءَ جو سهڻو سٽاءُ ۽ استعمال جو ڏانءُ بکي ٿو:
پيلا گل ڄڻ ڦُليون نڪن ۾، ٽارين جي ٿا لڏن ڪنن ۾
جهومر وانگي پلڙا يار !
ڇا ته لڳن ٿا ڀلڙا يار !
ٻٻر جي وڻن ۾ گول گول گهيريدار پيلا گل بلڪل اهڙا
هوندا آهن، جهڙيون عورتن جي نڪن جو ڦليون(سونو
ڳهه) ۽ ٻٻر جا پلڙا عورتن جي ڪنن ۾ پائڻ جا زوير
ايرنگ يا جهومر جيان هوندا آهن. ته اُنهن کي عورت
جو پاتل زيور ڀيٽي فطرت کي ماڻهوءَ جي سينگار ۾
حصيدار بنايو ويو آهي.
جوڀن ۾ ئي جيڏا سرتا، پريت ڪيئي ڇو ڪانگهاري،
توسان دلڙي لائي مون آ، پيار جي پونجي هاري،
آءُ جواري، پريم ڏوهاري، آهه ڪيان يا زاري
چئه ته ڀلا مان ڪهڙو توسان،
سينو ساهيان !
ڦالون پايان !
مالوند ماڻهو (مال رکندڙ) پوريءَ ريت ڄاڻندا هوندا
ته مينهن يا ڳئون ڦرجڻ کان پوءِ کير آهستي آهستي
گهٽائيندي به ويندي آهي ته سندس کير جون خاصيتون
به متاثر ٿينديون آهن. اُن حالت ۾ ڀاڳين جي مخصوص
محاوري ۾ اِن کي چئبو آهي ته اِها مينهن /ڳئون
ڪانگهاري ٿي ويئي آهي، يعني ڏوڀ ۾ پوئتي پئجي ويئي
آهي. اِن لفظ کي پيار جي دنيا ۾ پريت جي ماٺي ٿي
وڃڻ لاءِ استعمال هڪ ته اِن ڪيفيت جو اظهار جو سڀ
کان وڌيڪ پورائو ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو ته ڪم ايندي
پهريون دفعو ڏٺو ويو آهي، جتي پيار جي پونجي هارڻ
جي ڳالهه آئي ته جواري ۽ ڏوهاري وغيره جو به ذڪر
ٿيو، پر اِهو سڀ علامتي انداز ۾ هو، اُن ڪري وري
به آخر ۾ آيو ته ”چئه ته ڀلا مان ڪهڙو توسان سينو
ساهيان ڦالون پايان !“
مهت وٺي جي موٽي اُهان مڻين هار وجهانءِ
پيرن ۾ موتين جون ڳانيرون هيرا، لال جڙيانءِ،
پلڪن ڇانوَ ڪيانءِ ! ڪانگ مٺي ڪا لولي ڏيانءِ !
ڪنهن جي پر تڪلف خدمت طور ڪرڻ جو ڪوبه انت يا ڇيهه
ناهي هوندو، پر ڪڏهن ڪڏهن خدمت ڪرڻ جو ڪو اهڙو
معصوم ۽ سادو طريقو جيئن: واٽن ۾ نيڻ وڇائڻ، رستن
تي وار وڇائڻ ته اهڙيءَ ريت پلڪن جي ڇانوَ ڪرڻ به
خلوص جي انتها آهي، جنهن لاءِ موتين مالهائن،
هيرن، لالن جڙڻ کان به اها آڇ ته ”پلڪن ڇانوَ
ڪيانءِ“ وڌيڪ وڏي خلوص واري آهي.
اڄ به سنڌ ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته خوشيءَ جي موقعي
تي مٺاڻ ورهايا ويندا آهن، پر اڳي غريب عورتن وٽ
مٺاڻ وٺڻ جو ٻيو ڪو ذريعو نه هوندو هو ته پير جي
مڃتا توڙي خوشيءَ جي موقعي تي چوري /ڪُٽي ڪئي
ويندي هئي يا مٺي لُولي ڏني ويندي هئي. هتي به اِن
معنيٰ ۾ چيل آهي ته”ڪانگ مٺي ڪا لولي ڏيانءِ.“
آخر ۾ مير محمد پيرزادي جي اِنهن گيتن مان مثال
طور قارئين جي لاءِ هڪڙو مڪمل گيت پيش ڪجي ٿو:
جيءَ جي جانيءَ اکين جي ٺار کي،
واءُ شل واري اچي اڄ يار کي !
دور کان پڙلاءُ ايندا ٿا رهن آواز جا،
يا ته ڪومل ڪي هوا لهرا ٻڌائي ساز جا
سار ڪائي يار جي آ پار جي،
موتئي رابيل جي مهڪار جي،
روح ٿو ريلو ڏئي، من مکا ميلو ٿئي !
ڪو هڻي دستڪ دلين جي دوار تي،
واءُ شل واري اچي اڄ يار کي!
وڻن آ ويڻا وڄائي، مينهن ڪڻين جهانجهه آ،
پرهه ٻوليون ڄڻ پهاڙي، منهن اونداهي مانجهه آ-
ڍار چڙين لار جي ڀڻڪار جي،
رات جي راڻيءَ سنديءَ هٻڪار جي،
جيءُ جهومايو ڇڏي، يار ڄڻ آيو تڏي،
ڦول مالها ٿي ڪري سنسار کي !
واءُ شل واري اچي اڄ يار کي !
ميگهه مان منهڙو ڪڍي ۽ کنوڻ ٿي پيئي کلي،
مينهن ڪڻين مان سنيهو پرينءَ جو مون کي ملي-
ٽار موتي ليار واري ڏارَ هيم
چندن واسيل واءَ جي هٻڪار جي،
پاڻ ڏي مون کي سڏي، ويهه اڄ گوڏو گڏي!
تات تائي تن اندر جي تارَ کي،
واءُ شل واري اچي اڄ يار کي!
سليم ڀٽو لطيفي
مرزا صاحب جي ”شاهه جي رسالي“ جو مطالعو
سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن شاهه سائينءَ جي
ڪلام کي پروڙڻ ، پرکڻ، سوڌڻ ۽ سنوارڻ جي ڪوشش پئي
ڪئي آهي، پر اڄ تائين هن ڪم جي پوريءَ ريت ڪٿ ڪٿجي
ڪانه سگهي آهي، ڇاپي رسالن جي شروعات 1866ع ۾
ارنيسٽ ٽرمپ واري رسالي جي ڇپجڻ سان ٿي، هيءَ
رسالو پراڻي صورتخطيءَ ۾ ڇپيل آهي. هن رسالي ۾ صرف
26 سُرَ شامل آهن. هي رسالو نه مڪمل آهي ۽ نه ئي
مستند آهي، پر پوءِ به شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي
ڪلام کي سهيڙڻ جي هڪ آڳاٽي مخلصانه ۽ ڪامياب ڪوشش
ضرور آهي. هن رسالي ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون به آهن.
رسالو، جنهن کي ”پهريون مڪمل رسالو“ چئجي، سو آهي
”بمبئي ڇاپو“ جيڪو 1867ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپجي پڌرو
ٿيو. هي ڇاپو پڻ پراڻي صورتخطيءَ ۾ آهي . هن جي
صورتخطي گهڻن عالمن ۽ محققن کي بيتن ۽ واين کي
سمجهڻ دوران منجهائي وڌو ۽ پوءِ وارن محققن هن
رسالي جي صورتخطيءَ کي جديد صورتخطيءَ ۾ آڻڻ جي
ڪوشش ۾ تلفظ، صورتخطي ۽ پڙهڻين جون ڪيتريون ئي
غلطيون ڪيون. جڏهن ته اڄ اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته
هن رسالي جون ڪافي پڙهڻيون درست به آهن ته ڪي وري
بيت بلڪل نجا شاهه صاحب جا آهن، پر اُنهن کي ڌاريو
ڪلام سمجهي ڪڍيو به ويو آهي. بمبئي ڇاپي وارو
رسالو ورندڙ وقت ۾ هر محقق جي تحقيق جو بنياد ضرور
رهيو، پر هن جي صورتخطي ڪن عالمن ۽ محققن لاءِ
قدري مونجهارا پيدا ڪيا.
هن کان پوءِ 1900ع ۾ سنڌ تعليم کاتي وارن رسالو
ڇپايو. هي رسالو نئين صورتخطيءَ ۾ پهريون رسالو
آهي. هي رسالو به پهرين ٻن ٽرمپ ۽ بمبئي واري ڇاپي
وارن رسالن جيان متضاد راين جو شڪار رهيو.
1913ع ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ نئين
صورتخطيءَ ۾ شاهه جو رسالو ڇپايو. هي مانوارو
مئولف ، رسالي جي محققن مان پهريون محقق آهي، جنهن
بيتن ۾ ڪم آيل ڏکين لفظن جي معنيٰ رسالي جي صفحي
تي هيٺ تري ۾ لکي آهي، ۽ ساڳئي وقت مرزا صاحب
”لغات لطيفي“ نالي شاهه جي بيتن جي ڏکين لفظن جي
معنيٰ وارو ڪتاب الڳ تيار ڪيو.
هيءُ رسالو مختلف قلمي ۽ ڇاپي نسخن کي سامهون رکي
سهيڙي ڪجهه قدر جامع نسخو بنائي ڇاپيو ويو ۽ تحقيق
جي کوٽ سبب هن رسالي ۾ ڌاريو ڪلام به شامل ٿيو ۽
رسالو وري جامعيت ماڻي نه سگهيو.
هن رسالي ۾ ڪجهه بيت اهڙا ملن ٿا، جيڪي ٻين رسالن
۾ نه آهن ۽ ڪن بيتن ۾ اضافي سٽون به ملن ٿيون،
جيڪي ٻين رسالن ۾ شامل نه آهن، ان ڳالهه جو هڪ سبب
ڪجهه بيت سنڌ جي مشهور لطيفي سگهڙ مرحوم محمد هاشم
مڱڻهار_سندس نالي سان ڳُوٺ ڪوٽڙيءَ کان 25 ڪلو
ميٽر ٺٽي طرف ويندڙ انڊس هاءِ وي تي) طرفان ڏنا
ويا هئا، هيءَ حقيقت مون کي فقير محمد هاشم مڱڻهار
مرحوم جي پٽ محمد جمن عرف جمعو فقير ٻُڌائي ۽ باقي
بيت اڳ ڇپيل رسالي ۽ قلمي نسخن تان کنيا ويا.
هن رسالي جي پڙهڻين ۽تلفظ ۾ پڻ فرق آهي. هن رسالي
جي مکيه سرچشمن ۽ ٽرمپ جي رسالي جي مکيه سرچشمن،
ڀٽ ۽ بلڙي شاهه ڪريم وارن قلمي نسخن لاءِ ڊاڪٽر
گربخشاڻي لکيو آهي:
”خود ڀٽ ۽ بلڙي وارن نسخن ۾ ناچن ۽ مسخرن واريون
وايون داخل ڪيل آهن.“ (ص: 68) مرزا قليچ بيگ صاحب
پنهنجي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي احوال ۾
شاهه جي رسالي ۾ جيڪي جڙتو ۽ ڌاريا سُر ۽ بيت اچي
ويا آهن، تن جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته ’صحيح ۽ سچو
نسخو شاهه جي رسالي جو اڃا به گهربل آهي. سگهوئي
ڪنهن علم واري کي دل ۾ خيال پوندو جو اهڙو ڪتاب
ڇاپائي پڌرو ڪندو ته پڙهڻ وارا پڙهي خوش ٿي دعاءِ
خير ڪندا‘. هن رسالي ۾ بمبئيءَ واري ڇاپي کان به
وڌيڪ بيت شامل ٿيل آهن.“
اُنهيءَ وقت تائين ”سڀني ڇپيل رسالن ۾ عجب ته اِهو
آهي ته ڪو به نسخو منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين هڪٻئي
سان ملي نٿو اچي. هڪڙن نسخن ۾ هڪڙا بيت آهن، ته
ٻين ۾ وري ٻيا. رسالي جو ڪوبه نسخو وري خامين کان
خالي به نه آهي. رسالي جي ڪلام جي صحيح پڙهڻين
مقرر ڪرڻ، لفظن جي تُز معنيٰ طئي ڪرڻ ۽ اصطلاحن کي
سمجهڻ جهڙن اهنجن مسئلن کي حل ڪرڻ طرف اڃان ڌيان
ڏيڻ جي ضرورت آهي.
شاهه سائينءَ جي مرزا صاحب واري رسالي جي گهڻ رخي
تحقيق جو ڪم مڪمل نه آهي. ماڻهن جي سيني ۾ سانڍيل
بيت سهيڙجي ڪونه سگهيا. رسالي جي ٻُولي، ،گرامر،
محاورا، چوڻيون، موضوع، فڪر جون گهرايون، بيتن ۽
ڪردارن جي ارتقائي مرحلن تحت بيتن جي ترتيب،
تاريخي واقعن، جاگرافيائي ماڳن جي صحيح ڇنڊڇاڻ به
غور طلب نقطا آهن. هتي هڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو،
جنهن ۾ جاگرافيائي لحاظ کان لفظ کي نه رڳو غلط
لکيو ويو آهي، پر ساڳئي وقت معنيٰ به دُرست نه ڪئي
وئي آهي. ۽ نتيجي ۾ پوري بيت جي تشريح ڦِري ويئي
آهي.
لاکو لکيءَ تي چڙهي، لکي لاکي هيٺ،
سونهريون سرِ ڪيو، ڀيڙيو ٻڌي بيٺ،
ڪندو ڏمر ڏيٺ، صباح ساڻ سڀ ڪهين.
(مرزا قليچ بيگ، سُر ڏهر: ص:718)
ڪن ٻين محققن بيت جي ٻيءَ سٽ جو پهريون لفظ
”سونهريون“ کي ”سونهاريون“ به لکيو آهي، پر حقيقت
۾ اِهو لفظ ”سئو نيريان“ آهي، يعني ”سئو نير“ کان
۽ ”سونير“ جاگرافيائي اعتبار کان هڪ ڍنڍ جو نالو
آهي.(تحقيق محترم انب گوپانگ) هن درستگيءَ کان
پوءِ بيت جي معنيٰ ٿيندي ته لاکو لکيءَ تي چڙهي
”سونيريو ڍنڍ“ سَرِ ڪري، يعني پار ڪري، هُن ڀَر
اُڪري سندرو ٻڌيو تيار بيٺو آهي. هو صبحاڻي سڀ
ڪنهن سان سامهون ٿيندو. هاڻ بيت جي درست پڙهڻي هن
طرح بيهندي:
لاکو لکيءَ تي چڙهي، لکي لاکي هيٺ،
سونيريان سَرِ ڪيو، ڀيڙيو ٻڌي بيٺ،
ڪندو ڏمر ڏيٺ، صباح ساڻ سڀ ڪنهن.
هڪ ٻيو بيت آهي:
مون اُڌاريا مڇڙا، الله گهاتو آڻ،
مِيان مدارن سين، مون کي قادر وجهه مَ ڪاڻ،
هٺِ مهنجي هاڻ، قدر لڌو جن ري
(مرزا قليچ بيگ، سر گهاتو، ص:752)
هن بيت ۾ هڪ سٽ اضافي ملي آهي ۽ مڪل بيت هن طرح
آهي:
آءٌ اُڏاري ٿڪيس، الله گهاتو آڻ،
ميان! مُدارَنِ سين، قادر وِجهه مَ ڪاڻ،
مٿو رکي مُنيءَ تي، پئي پڇاڙيان پاڻ،
هٺَ به منهنجي هاڻ، قدر لڌو جِن ري.
مٿيون بيت مرزا قليچ بيگ صاحب جي رسالي ۾ سر گهاتو
۾ ٽن سٽن تي مشتمل آهي. هن بيت ۾ مُهاڻي جي ونيءَ
جي جذباتي ۽ احساساتي ڪيفيت ۾ معاشي بدحاليءَ جو
منظر چٽيل آهي. هن بيت ۾ پڻ هڪ سٽ جو واڌارو هٿ
آيو آهي، جنهن سان بيت جي موضوعاتي ڪيفيت گهري ۽
شديد محسوس ٿئي ٿي. ان کان علاوه هن بيت ۾ لفظ
مُدارن جي صورتخطي ۽ معنيٰ غلط لکيل آهي. اڪثر
محققن معنيٰ ۾ دوڪاندار، ڪوٺيدار وغيره لکيو آهي ۽
پهرين سٽ جو اڌ به رسالن ۾ مختلف نموني لکيل آهي،
جيڪا هن طرح آهي:”مون آُڌاريا مڇڙا.“ جڏهن ته بيت
جي بهتر پڙهڻي ۾ پهرين اڌ سٽ هن طرح آهي:”آءُ
اُڌاري ٿڪيس“ هن قسم جي پڙهڻي ساڻ پڻ بيت جو خيال
۽ جذبو گهرو ٿئي ٿو، ۽ لفظ مُدارن جي صحيح معنيٰ
آهي”اوڌر يا مُدي تي شيون ڏيندڙ “(دڪاندار)
ڪجهه بيتن جي اهڙي ڀيٽ هيٺ ڏجي ٿي، جنهن ۾ اضافي
سٽن جي معلومات ٿيندي.
تن تسبيح، مَنُ مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت سِرُ وَڄن،
”وحده لاشريڪ له“، اِهو راڳ رڳن،
سي سُتائي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.
(مرزا قليچ بيگ، سر آسا، ص: 790)
هن بيت جون چار سٽون اضافي ملن ٿيون ۽ هڪ سٽ ۾
شاعر جو نالو به ڄاڻايل آهي:
تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون، وحدت سِرُ وڄن،
”وحده لاشريڪ له“، اِهو راڳ رڳنِ،
”موتو قبل الانت موتو“، اِها لَرِزَ لِڱن،
”في الاخاق و في انفسهم“ اِها هاج هٿن،
”لِتُنذر قوما ما“، اِهو پهه پيرن،
عبداللطيف چئي، پرين لئه پُرجهن،
سي سُتائي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.
ان طرح هڪ ٻيو بيت آهي:
سسئي جي سِريءَ سين، ڪيچ ڌڻي ڪانڌي،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، هلي هيڪاندي،
لکي مُنڌ لطيف چئي، ارادي آندي،
پنهونءُ پيراندي، نماڻي نصيب ٿي.
(مرزا قليچ بيگ، سر حسيني: ص: 423)
هي بيت اضافي سِٽن سان بهتر پڙهڻي ۾ هن طرح آهي:
سسئي جي سري سين، ڪيچ ڌڻي ڪانڌي
لڪن تان لطيف چئي، آرياڻي آندي،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، منڌ هئي ماندي،
لٿس حرس حساب جو، ٿي وهمن کان واندي،
لااِله الا الله محمد رسول الله، ٿي هو تن
هيڪاندي،
پنهونءَ پيراندي، نماڻيءَ نصيب ٿي.
ان طرح ٽيون بيت آهي:
تون سَپڙُ، آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتار، آءٌ ڏڏُ،
سُڻي تنهنجو سڏ، ڪُلي پاتم ڪينرو.
(مرزا قليچ بيگ، سر پرڀاتي ص: 744)
هن بيت ۾ پڻ هڪ اضافي سٽ ملي آهي:
تون سپڙُ، آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتارُ آءٌ ڏَڏُ،
اگلڙا ويهارين اوڏڙا، گدلا ڪرين گڏ،
سڻي تنهنجو سڏُ، ڪلهي پاتم ڪينرو.
صحيح طور ڪردارن ۽ ڪهاڻين جي معلومات نه هئڻ سبب ڪيترن ئي بيتن
۾ سٽون کٽل آهن، جنهن ڪري وري ڪردارن جا مثبت يا
منفي پهلو واضح ڪونه ٿا ٿين ۽ ڪن واقعن ۽ روايتن
جي صحيح عڪاسي به ڪانه ٿي ٿئي. مطلب ته شاهه
سائينءَ جي شاعري ڪنهن وسيع سنسار کان گهٽ نه آهي
۽ اُن جي ذري ذري تي تحقيق ضروري آهي، خيالي دنيا
۾، خام خياليءَ کان بهتر آهي ته عملي ڪم ڪجي،
تڏهن ئي وڃي شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جي حقيقي
سونهن پڌري ٿيندي ۽ اُن سپني جي ساڀيان به ٿيندي،
جو انسان جي لاشعور ۾ ستل آهي.
اِنهيءَ کان علاوه مرزا صاحب جي ترتيب ڏنل شاهه جي
رسالي ۾ ڪجهه صورتخطي، تلفظ ۽ پڙهڻين جو تضاد پڻ
معلوم ٿئي ٿو. وضاحت لاءِ مثال طور ڪجهه بيت هيٺ
لکجن ٿا:
سُپريان جي سونهن جي، ڳالهه ڪينَ وڃي،
وَڃي در دوستن جي، سوري سَرُ هڄي،
عاشق آنگهن چڙهيا، ٻئو سڀڪو ڀڄي،
پڇج پوءِ پريتڻو، پهرين سِرُ سڄي،
عاقل ئي اوڇون ٿئا، ڀورو ڪيئن ڀڄي.
(مرزا قليچ بيگ، سر يمن ڪلياڻ ص: 59)
هن بيت ۾ هڪڙي غلطي آهي ”ڪين“ هتي ”نه“ تي زَبَرَ
ڏيڻ سان معنيٰ ۾ فرق اچي ٿو. يعني ”سپريان جي
سونهن جي ڳالهه نه وڃي“ ۽ ساڳيءَ طرح فقرو به
اڻپورو لڳي ٿو، تنهن ڪري وائيءَ جي پهرين سٽ جي
بهترين پڙهڻي هن طرح ٿيڻ گهرجي:
”سُپريان جي سونهن جي، ڳالهه ڪي(ڪَئِي) نَه وڃي.“
يعني سپرين جي سونهن ۽ حسن جي ڳالهه ۽ ذڪر ڪري نٿي
سگهجي. ڪي نه وڃي: ڪئي نه وڃي، محبوب جي حسن جي
ڳالهه ڪرڻ کان گهڻي آهي.
نموني طور هڪ ٻيو بيت به پيش ڪجي ٿو:
سِبي سيبا ڏي، ڀوري نيهن نه ڪَچوءِ،
کَٿيءَ وٽيون کُٿيون، سِبي سيري سي،
مڇڻ چَونَم ڪي، ته لڄايئي ٿر ڄائيون.
(مرزا قليچ بيگ، سر مارئي، ص:802)
جڏهن ته هن بيت ۾ مارئيءَ جي لباس جي پراڻي ٿي ڳري
۽ ڦاٽي وڃڻ جو ذڪر ٿئي ٿو. ۽ هن بيت ۾ ٻه غلطيون
آهن هن بيت جي پوئي اڌ حصي ”ڀوري نينهن نه ڪچوءِ“
کي درست ڪري پڙهبو ته،”ڀوري نئون نه ڪيوءِ“ بهتر
پڙهڻي ٿيندي ۽ وري ٻي سٽ ۾ لفظ ”سبي“ غلط آهي، ۽
درست پڙهڻي آهي ”سَتي“ اهڙيءَ طرح درست پڙهڻي
کانپوءِ بيت جي معنيٰ ٿيندي ته مارئي وري وري
پراڻن ڳريل ڦاٽل ڪپڙن کي سبي ٽوپا ڏيئي ٿي پائي،
پر نئون ڪپڙو ڪانه ٿي اوڍي، کٿي يعني لوئي جون
وٽيون کُسي ويون اٿس. هي ستي مارئي اُنهن کي سڌو
سنئون ڪري ڳنڍيون ڏئي ٿي ۽ چوي ٿي ته متان ڪا ٿر
ڄايون هن کي چون ته هن اُنهن کي لڄايو آهي. بيت جي
درست پڙهڻي هن طرح آهي:
سبي سيبا ڏي، ڀوريءَ نئون نه ڪيو،
کٿيءَ وٽيون کُٿيون، ستي سيري سي،
مَپڻ چوَنِم ڪي، ته لڄايئين ٿر ڄايون.
ان طرح هڪ ٻيو بيت به ملاحظه ٿئي:
ٻاريو اُجهائين پرين، اُجهايو ٻارين،
مون کي ٿا مارين، لونئان لُهارَن جا
(مرزا قليچ بيگ، سر يمن ڪلياڻ: ص؛33)
هن بيت جي ٻي سٽ جو پويون اڌ حصو بحث طلب آهي، ۽
مٿي ڏنل لفظ بيت جي مفهوم ۽ معنيٰ سان ٺهڪي ڪونه
ٿا اچن. بيت ۾ مخاطب ٿيندڙ جو بيان آهي ته: منهنجو
پرين مون کي ٻاري ۽ اُجهائي ٿو ۽ هن کي لوهارن جي
لونئا(اُلا) به مارين ٿا. صحيح بيت هن طرح آهي:
ٻاريو اُجهائين پرين، اُجهايو ٻارين،
مون کي ٿا مارين، پرين پَر لوهار جي.
هاڻي بيت جي معنيٰ هيئن ٿيندي ته منهنجو محبوب
مونکي لوهار جي ڪرت واري طريقي وانگر مون کي هر هر
ٻارين ۽ اُجهائين ٿا. مطلب ته محبوب جي اِنهيءَ
ادا کي، لوهار جي ڪرِت سان تشبيهه ڏني ويئي آهي.
قابل صد احترام مرزا قليچ بيگ صاحب جي ترتيب ڏنل
شاهه جي رسالي ۾ موجود اِنهن چند نقطن جي نشاندهي
ڪرڻ جو مطلب هن ڏات ڌڻي جي مخلصانه پورهئي کي نظر
انداز ڪرڻ يا هن جي خلوص، نيت ۽ اهليت تي شڪ ڪرڻ
هرگز ڪونهي، مان وري به واضح ڪري ڇڏيان ته مرزا
صاحب جي سنڌي ٻوليءَ ۽ شاهه سائينءَ سان غير مشروط
عشق تي ڪوبه غير گمان نه آهي، نه ئي سندس محنت جي
اهميت کي گهٽ ڪرڻ مقصود آهي، پر صرف ان ڳالهه جو
احساس ڏيارڻ آهي ته هن باوقار عالم ۽ محقق رسالي
جي سهيڙ جي ڏس ۾ ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍيا هوندا. هن
محترم کي جَسُ هجي ۽ اسان کي هن ڏس ۾ اڃان به اڳتي
قدم وڌائڻ گهرجي.
انعام شيخ
ميان غلام شاهه ڪلهوڙو
سنڌ جوهڪ مدبر حڪمران
1520ع ۾ سنڌ جي اقتدارِ اعليٰ تي، جڏهن شاهه بيگ
ارغون راتاهو هنيو، ته ڪنهن کي گمان ۾ به نه هو ته
سما حاڪمن جي صاحبيءَ جوخاتمو دراصل سنڌ جي ڊگهي
غلاميءَ جي ابتدا هئي: اهڙي غلامي، جيڪا مسلسل ٻه
سئو سالن تائين ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي روپ ۾
سنڌ واسين جو ساهه نپوڙيندي رهي. جيئن ته اِنهيءَ
ڳيجهپي دوران سنڌ جي صوفين کي گهاڻن ۾ پيڙايو ويو،
اُستادن جون زبانون ڪپيون ويون ۽ سُورهين جي سِرن
جا لابارا وڌا ويا، تنهنڪري سورهين ۽ سترهين صديءَ
وارو عرصو مجموعي طور تي سنڌ لاءِ عذاب، اضطراب ۽
پيڙا ڀريل دور آهي. بهرحال، انهيءَ حقيقت کي تسليم
ڪندي به ايترو ضرور چوڻ جڳائي ته پرهه ڦٽي پڻ هڪ
ڊگهي رات کان پوءِ جنم وٺندي آهي ۽ ڏاڍ ۽ جبر جي
قوتن آڏو سندن ئي آسپاس ڪا حق پرست قوت نِسري
پوندي آهي.
ٺيڪ اهڙي سمي، جڏهن سنڌ ڌارين قابضن ۽ سندن مقامي
هوارين جي حملن جو نشانو بڻيل هئي، تڏهن انتهائي
ننڍڙي سطح تي ئي سهي، سنڌ ۾ ڪلهوڙا قبيلو تاريخ جو
رخ موڙڻ لاءِ سندرا ٻڌي رهيو هو. اهو ئي سبب آهي
جو تاريخ ۾ ارغوني ۽ ترخاني تباهه ڪارين دوران
ميان آدم شاهه ڪلهوڙو سنڌ واسين جي دردن جو ترياق
روحاني تحريڪ ذريعي ڪندي نظر اچي ٿو. سندس انهيءَ
تحريڪ کي توانائي بخشيندي ميان محمد دائود، ميان
الياس محمد، ميان شاهل محمد، ميان دين محمد ۽ ميان
نصير محمد سميت ڪئين ڪلهوڙن بزرگن مقامي ماڻهن سان
پريت جي سڳي کي سگهارو بڻائي رکيو. پر ڪلهوڙن
منهجهان يار محمد پهريون شخص هو، جنهن سنڌ اندر
مقامي حڪومت جي قيام لاءِ اُهي پائيدار بنياد
رکيا، جن تي اڳتي هلي ميان نور محمد پڪي اوساري
ڪئي ۽ ميان غلام شاهه هڪ خوبصورت ۽ شاندار عمارت
کي جوڙاي راس ڪيو.
اِهو سچ آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙا خاندان جو
اُهو ذهين حڪمران هو، جنهن هڪ طرف نادر شاهي حڪمن
کي منهن پئي ڏنو، ته ٻئي طرف قلات جي بروهين سان
جنگيون پئي جوٽيون، ايترو به نه هو ته گهر اندر
ميان دائود سان مدمقابل هجڻ سان گڌ بهاولپور جي
دائودپوٽن سان مهاڏو اٽڪايو پئي آيو ۽ افغاني
حاڪمن جي جبر کي به تدبير سان گهٽائيندو رهيو.
پرعالم نه هجڻ جي باوجود به نه رڳو ڪلهوڙا قبيلي،
پر سڄي سنڌ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان وڌيڪ
عامل، عادل ۽ بهادر حاڪم سنڌ گذريل اڍائي سئو سالن
۾ به ڏسي نه سگهي هئي. ڪلهوڙا بزرگن جي ڪُک منجهان
جنم ورتل سنڌ جو هيءُ هر دلعزيز بادشاهه بجا طور
تي ”سنڌ جو اڪبر بادشاهه“ چورائڻ جي اهليت رکي ٿو،
ڇاڪاڻ جو سترهن سالن جي مختصر حڪمرانيءَ دوران هن
سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي مڙني رُخن ۾ جيڪي اهم
پيشقدميون ڪيون، تن جو ذڪر حيرتن جي بيشمار جزيرن
کي جنم ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي.
1756ع ۾ سنڌ جي والي ٿيڻ کان اڳ ميان نور محمد جي
وڏي پٽ ميان مرادياب جي پاليسين ۽ ميان عطر خان جي
پيدا ڪيل انتشار جي نتيجي ۾ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي
بدحالي اِنهيءَ پد تي پهچي چڪي هئي، جو ميان نور
محمد جي عمر ڀر جو سڄو پورهيو اڪارت ٿيندي نظر پئي
آيو. ايئن ٿي محسوس ٿيو ته مختصر مدت اندر سنڌ
مٿان بهاولپوري دائودپوٽن، قلاتي بروهين يا افغاني
غنيمن جي حڪومت مڙهجي ويندي ۽ سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر
ڌارين جي غلاميءَ جي وَر چڙهي ويندي. پر قدرت جي
بي انت مهر جو ڪرشمو بڻجي ميان غلام شاهه هن دکي
ڌرتيءَ جو راڄ ڀاڳ ڇا سنڀاليو، ڄڻ ته هن ديس کي
مليل دردن جي مڙني مرضن جي پڄاڻي ٿيڻ لڳي. اهو ئي
سبب آهي، جو ڪلهوڙا دور جي عظيم محقق غلام رسول
”مهر“ سندس دور کي سنڌ لاءِ ”رحمت جي نشاني“ سان
ڀيٽيو آهي.
ميان غلام شاهه تخت نشين ٿيڻ سان ئي رڳو صدين کان
آزار ۽ پيڙا جو شڪار ٿيل عام سنڌي ماڻهوءَ جي
ڀلائي ۽ بهتريءَ واسطي رستن جو ڄار وڇائڻ، آبپاشي
جي سرشتي جوڙڻ ۽ آسپاس جي علائقن ۽پرڏيهه سان
ڪاروباري واسطن کي وڌائڻ جهڙا ڪم جهاد سمجهي شروع
ڪيا، پر عدالتي نظام ۽ محصول جي اوڳڙ سميت صحت،
تعميرات، بچاءُ، امن امان ۽ سامونڊي سفر جهڙن شعبن
۾ پڻ اُهي منزلون ماڻيون، جيڪي کانئس اڳ ۽ پوءِ
جي حاڪمن شايد تصور ۾ به نه آنديون هجن. اِنهن
مڙني حاصلاتن کان وڌيڪ شاندار ڪارنامو سندس هٿان ”
سنڌ جي جاگرافيائي وحدت“ جو بحال ٿيڻ آهي. ميان
غلام شاهه حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي دنياوي
معاملن ۾ تدبير ۽ مصلحت کان ڪم ورتو، پر زندگيءَ
جي آخرين پساهن تائين فالج جي حملي هيٺ هوندي به
هُن پنهنجن پونئيرن کي سنڌ جي اقتدار اعليٰ جي
تذليل ۽ اُن جي جاگرافيائي اڪائيءَ جي خاتمي وارين
سازشن آڏو رُڪ جي ديوار بڻجڻ جو درس ڏنو. ڇاڪاڻ جو
ميان صاحب کي خبر هئي ته تاريخ ۾ قومن جي بقا قوم
۾ موجود سگهه جي طفيل ممڪن بڻبي آهي ۽ اها ”قومي
سگهه“ قومي وحدت جي محتاج هوندي آهي.، اِهو ئي سبب
آهي جو اقتدار ملڻ شرط هُن سڀ کان وڌيڪ اهميت سنڌ
اندر مختلف علائقن ۾ مختلف قبيلن طرفان ٺاهيل ”ڏيڍ
سر جي مسيتن“ ڊاهڻ طرف ڏني. ميان صاحب جي جاري ڪيل
ابتدائي حڪمن ٺٽي جي نئين سر انتظامي جوڙجڪ سان
گڏوگڏ قبائلي سردارن کي موڪليل اُهي حڪم به آهن،
جن ۾ کين سنڌ کي مختلف جاگيرن ۽ راڄن ۾ ورهائي ملڪ
اندر ننڍا ننڍا ملڪ جوڙڻ کان باز اچڻ جي هدايت ڪئي
ويئي هئي. سندس اها پاليسي نه رڳو سنڌ ۾ ٻروچ ۽
سماٽ سردارن تي لاڳو پئي ٿي، پر انهيءَ ڏس ۾ هُن
ته پنهنجن ڀائرن ميان عطر خان، احمد يار خان ۽
ميان مرادياب خان سان به ڪا رعايت نه ڪئي.
ان حوالي سان گهربل اڳڀرائي ڪندي ميان غلام شاهه
حتي الامڪان رتو ڇاڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ
بيڪانير ۾ جلاوطنيءَ کان پوءِ ميان صاحب جي ٻيهر
وطن واپسيءَ دوران ميان عطر خان ۽ احمد يار خان
سان روهڙيءَ ۾ ٿيل جنگ(11-جون 1158ع) ۾ غلام شاهه
بنا ڪنهن تڪليف جي ٻنهي ڀائرن کي ختم ڪري پئي
سگهيو، پر هُن نه رڳو کين معاف ڪيو، پر گڏوگڏ سنڌ
جي اقتدار ۾ به حصو ڏنائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته
سندس ٻيئي ڀائر آخر تائين سازشن کان باز نه آيا ۽
آخرڪار کين جلاوطڻ ٿيڻو پيو. ظاهر آهي ته جيڪو
حاڪم گڏيل قومي مفادن آڏو سڳن ڀائرن کي معاف ڪرڻ
لاءِ تيار نه هو، سو عام جاگيردارن ۽ ڀوتارن کي
”سنڌ ورهائڻ“ جي اجازت ڪيئن پئي ڏيئي سگهيو.
تنهنڪري ميان غلام شاهه ننڍين صاحبين ۽ حڪومتن جي
خاتمي لاءِ مضبوط رٿابندي جوڙيندي سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي
۾ کوسن، ڪڪرالي جي ڄامن، خداآباد جي آسپاس ويٺل
پنهور، ماٿيلي ۽ ڏهرجي جي ڌاريجن، ڏهرن ۽ سيد پور
جي قاضي نور محمد جي صاحبين کي ئي ختم نه ڪيو، پر
ڄام بجار جوکيي، عزت کان نوهڙي جهڙن مضبوط سردارن
کي ماري مڃائڻ کان پوءِ ديره غازي خان ۽ ديره
اسماعيل خان جي بلوچ سردارن کي به سنڌ جي قانون جي
تابع ڪيو.
ميان نور محمد طرفان سنڌ کي مرڪزي وحدت ۾ پوئڻ کان
پوءِ ميان غلام شاهه هڪ طرف کيس مليل سنڌ جي
ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ شاندار منصوبا جوڙيا ته
ٻئي طرف آسپاس جي راجائن ۽ بادشاهنب طرفان سنڌ جي
ڦٻايل علائقن جي واپسيءَ لاءِ به هن پڪي پختي
رٿابندي ڪئي. ميان صاحب کي خبر هئي ته ڌرتيءَ تي
ٿيل ڌاڙيوالي طاقت جي استعمال کان سواءِ ختم ٿي
نٿي سگهي، تنهنڪري هُن سنڌ جي باقاعده ۽ منظم فوج
جي قيام ۾ ذاتي دلچسپي وٺي هڪ اهڙي قوت تيار ڪئي،
جنهن آسپاس جي غاصب حڪومتن تي دهشت طاري ڪري ڇڏي.
بهاولپور جي دائودپوٽن کان اُچ ۽ سبزل ڪوٽ جي
واپسي، ڪراچي ۽ لس ٻيلي جي ٻانهن قلات جي بروهي
حاڪمن کان ورائڻ، ڪڇ جي راءُ طرفان ڦٻايل سنڌ جو
علائقو واپس موٽي ملڻ ۽ ڀاڳناڙي جو ڀاڳ سنڌ سان
سلهاڙي، سمن جي سلطنت وارين سرحدن کي بحال ڪرائڻ
جو سمورو اعزاز سنڌ جي هن سر فروش سپوت کي ئي وڃي
ٿو. سبيءَ کان سونمياڻي ۽ کيرٿر کان ڪارونجهر
تائين وسيع، آزاد ۽ خوشحال سنڌ جو جهنڊو شان ۽ مان
سان تيستائين جهولندو رهيو جيستائين آگسٽ جي هڪ
اُداس شام ڌاري(1783ع) ڪلهوڙا حاڪمن جو هيءَ سج
اُفق جي ڏورانهين ۾ هميشه لاءِ الوپ نه ٿي ويو.
عام طور ڏٺو ويو آهي ته وڏن وڏن حڪمرانن کي هميشه
اقتدار، ڪرسي، دٻدٻي ۽ دهشت سان چاهه هوندو آهي.
منجهانئن ڪي ٿورڙا اهڙا هوندا آهن، جيڪي ”تاريخ“ ۽
”مستقبل“ سان پيار ڪندا آهن.... ۽ اِنهن ٻنهي هنڌن
تي سُرخرو ٿيڻ لاءِ پنهنجي وطن، قوم ۽ اِتان جي
مخلوق سان پريت لڳائيندا آهن. ميان غلام شاهه سنڌ
جو هڪ اهڙو آدرشي حاڪم هو، جنهن کي فقط پنهنجي
ذاتي خانداني وقار جو اونو ئي نه هو، پر کيس ته
ماضيءَ جي شاندار سنڌو تهذيب جي ٻيهر بحالي ۽ عروج
جو به انتظار هو. هتي مان اها ڳالهه واضح ڪرڻ ٿو
گهران ته ميان غلام شاهه دنيا جي نام نهاد معتبر ۽
هاڪارن حڪمرانن جيان پراون علائقن تي قبضاگيريءَ
جي هٻڇ ۾ هرگز به ڦاٿل نه هو. ان ڳالهه جي شاهدي
ڪڇ تي ڪيل سندس ٻه ڪاهون ڏينديون، جن ۾ پهرين ڪاهه
دوران هُو ڪڇ جي راڄڌاني ڀُڄ کان ٻارنهن ڪوهن جي
فاصلي تي پهتو ۽ ٻي ڪاهه دوران مورڳو ڇهن ڪوهن جي
وٿيءَ تي وڃي بيٺو، پر ٻئي دفعا هو ڪڇ جي راءُ
سان صلح ڪري سنڌ جي سرحدن جي سلامتيءَ جو واعدو
وٺي واپس موٽي آيو. منجهس اها سمجهه ۽ ساڃاهه
اِنهيءَ ڪري هئي جو ميان صاحب هڪ مدبر حاڪم هو.
کيس سُڌ هئي ته جيڪي قومون ڏنڊي جي زور تي ٻين کي
مطيع ڪنديون آهن، سي پاڻ به آخرڪار ڏنڊي جو شڪار
ٿينديون آهن. ظاهر آهي ته اها سوچ رکندي، ميان
صاحب صدين کان سور سَهندڙ سنڌ کي ٻيهر عذابن جي
ڌُٻڻ ۾ اُڇلڻ نٿي گهريو. هُن ته سنڌ کي ترقيءَ ۽
مضبوطيءَ جي شاهراهه تي پيشقدمي ڪندي ڌسڻ پئي
چاهيو. اهو ئي سبب آهي جو قبضه گيريءَ جي هوس جو
شڪار ٿيڻ بدران هُن حيدرآباد(1759ع) جهڙي روح پرور
شهر ۽ پڪي قلعي جهڙي پر شڪوهه عمارت اڏائڻ کي
ترجيع ڏني. ميان صاحب ڪراچي ۽ شاهبندر جهڙا
سامونڊي بندر قائم ڪندي، سنڌ جي بچاءُ کي ناقابل
شڪست بڻائڻ پئي گهريو.
تاريخي حقيقتن جي هن مختصر جهلڪ منجهان آسانيءَ
سان ثابت ڪري سگهجي ٿو ته ميان غلام شاهه رڳو هڪ
مدبر، بهادر، سمجهدار ۽ سورهيه حڪمران ئي نه پر هڪ
حساس انسان به هو. کيس سنڌ جي پهاڙن، ندين، نالن،
ڀٽن ۽ پٽن سان ئي پيار نه هو، پر هو ته ڀٽائيءَ
جهڙي ڀلاري شخصيت جو اڻموٽ عاشق هو. انهيءَ عشق جو
اظهار هُن ڀٽ جي شاهه مٿان خوبصرت قُبو اڏائڻ سان
گڏ سندس خيالن ۽ آدرشن سان ناتو نڀائڻ جي حوالي
سان ڪيو، ڀٽائي، جيڪو سنڌ جي آجپي ۽ آزاديءَ جو سڀ
کان وڏو نقيب هو (۽ آهي) تنهن جي پاڙهيل سبقن کي
سيني سان سانڍي هُن سنڌ کي عالمي برادري ۾ هڪ
باعزت ۽ باوقار قوم طور ويهارڻ پئي چاهيو.
تاريخدانن جو چوڻ آهي ته داخلي صورتحال کي نظر ۾
رکندي، ميان صاحب افغاني لُٽيرن کي ڪُسندي ڪُرڪندي
خراج ته ڏيندو هو، پر سندس دل انهيءَ ڳيجهپي تي
رت جا ڳوڙها روئندي هئي. سندس اندر ۾ ويٺل آزاد،
خوددار ۽ خودمختيار حاڪم سنڌي ماڻهن جي پگهر ۽
پورهئي جا پئسا قنڌار درٻار ۾ موڪلڻ کان اڳ نهايت
بيچين ٿي ويندو هو. عبدالمجيد جوکيي پنهنجي ڪتاب
”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حُڪومتِ ٽالپر“ ۾ لکيو
آهي ته ميان غلام شاهه پنهنجي خاص مجلسن ۾
بااعتماد ساٿين سان ويهندي اڪثر ڪري جوش ۾ اچي
چوندو هو:”مان هڪ ڏينهن احمد شاهه جي شهر قنڌار کي
ضرور فتح ڪندس، تنهنڪري سڀني اميرن کي انهيءَ
ڳالهه لاءِ ذهني طور تي تيار رهڻ کپي.“
”قنڌار فتح ڪرڻ“ جي تمنا رکندڙ ميان صاحب جي اِن
خواهش پُٺيان ٻين ملڪن تي قبضه گيريءَ واري خواهش
لڪل نظر نٿي اچي، بلڪ افغان حاڪمن طرفان صدين کان
سنڌ سان ٿيندڙ ڪلورن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل قومي
وقار جي بحاليءَ جي تمنا وڌيڪ عيان لڳي ٿي. هڪ
عوام دوست حاڪم جي حيثيت ۾ غلام شاهه کي احساس هو
ته جڏهن ڪنهن قوم مٿان غلاميءَ جا پنجوڙ پختا ٿيڻ
لڳن ٿا يا سندس دولت مٿان ڦورو ٽولا راتاها هڻن
ٿا، تڏهن اُها قوم معاشي تنگدستي ۽ سياسي تذليل جو
شڪار ٿيڻ سان گڏ روحاني اذيت ۽ پيڙا کي به ڀوڳي
ٿي. ميان صاحب ڄاتو پئي ته سنڌي عوام کي روحاني ۽
نفسياتي بيماريءَ مان آجو ڪرائڻ جو هڪ ئي طريقو
اهو به آهي ته ڏاڍ ۽ ظلم جي ڪنگرن کي ڪيرائي سنڌ
واسين جي صدين کان زخمي ٿيل اعتماد بحال ڪرائجي.
کين غير معمولي فتحن جي روپ ۾ ڏيکارجي ته جيڪڏهن
همت ۽ جذبو آهي ته غلام ۽ مظلوم قومون ۽ سندن
راهنما قابض ۽ ڦورو قومن جا منصوبا ناڪام ڪرڻ جي
صلاحيت رکي سگهن ٿا ۽ اُهي سوين سالن کان لاڳو
سورن منجهان جان آجي ڪرائي سگهن ٿا. اها ٻي ڳالهه
آهي ته قسمت ميان صاحب سان ساٿ نه ڏنو ۽ هو انهيءَ
خواب جي ساڀيا ماڻي نه سگهيو، پر اِنهيءَ ۾ ڪو شڪ
ناهي ته قومن جا هڪڙا نسل پنهنجين آسن ۾ جذبن جو
اهڙو اُتساهه ڀري ويندا آهن، جو سندن ٻيا نسل عمل
جي اوزار سان مڙني مُدي خارج روايتن کي دفن ڪري دم
کڻندا آهن . مون کي يقين آهي ته اڄوڪي سنڌ ۾ موجود
سنڌين منجهان ئي ڪي انسان غلام شاهه جهڙن پنهنجن
وڏڙن جي اُميد ۽ آسن کي ائين حقيقت جو روپ
ڏياريندا، جيئن عمر مُختار جي پونيرن لبيا ۾ جبر ۽
استحصال جي ديوَ کي دَسيو، جيئن ويٽنام ۾ هوچي
منهه جي پوئلڳن قبضه گير قوتن کي تاريخ آڏو
جوابدار ڪيو ۽ جيئن فرانسي بزرگن جي خواهشن جي
تڪميل جون آف آرڪ جهڙي نوجوان نينگريءَ هٿان ٿي.
هيءُ نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته دنيا جي تاريخ
تي نظر نه هئڻ ڪري اسان سنڌي غير ضروري حد تائين
احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهيون، جيڪڏهن اسين دنيا جي
گولي تي اک رکي ارڙهينءَ صديءَ ۾ پير پائينداسين
ته خبر پوندي ته عين اُن دور ۾ جڏهن سنڌ ميان غلام
شاهه جهڙي مدبر حاڪم جي هٿ هيٺ ترقيءَ جي شاهراهه
تي ڇوهيون وکون کڻي رهي هئي، تڏهن اڄوڪي آمريڪا
انگريزن جي غلامي ڀوڳي رهي هئي. کيس آزاديءَ جي
اڌوگابري نعمت ميان صاحب جي مرتيي کان چار سال
پوءِ )1776ع) ۾ وڃي نصيب ٿي. دنيا جي عظيم ترين
انقلاب فرانس (1779ع) جو ڪو ٻول ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو.
سڄي يورپ فضيلت سان تڪرارن جو حل ڳولڻ وارو نسخو
ڪانگريس آف ويانا (1815ع) جي صورت ۾ گهڻو پوءِ
ڏٺو..... ۽ اُن کان به مدتون بعد يورپ ميان غلام
شاهه جي مرتبي جا مُدبر مئٽرنخ، بسمارڪ ۽ وڪٽر
امانوئيل وغيره جي روپ ۾ پيدا ڪيا. انهيءَ ساڳي
دُنيا جي گولي تي ارڙهين صديءَ ۾ آفريڪا نيم وحشي
پڻي ۾ غوطا پئي کاڌا ۽ عرب حاڪمن ايامِ جاهليت جي
ياد تازي پئي ڪئي. ايشيا جي عظيم مُغل سلطنت پويان
پساهه پئي کنيا ۽ ڏور اوڀر ايشيا ۽ چين ظالم
بادشاهن جي چنبي ۾ ڦاٿل پئي نظر آيو.
انهيءَ پس منظر ۾ جيڪڏهن سنڌ واسي غلام شاهه
ڪلهوڙي جهڙي سچي پچي مدبر غير معمولي ڪردار کي
مثال بڻائي اڳتي وڌڻ جي ڪوشس ڪن ته اُهي ڪاميابيءَ
جي ڪيترن ئي ستارن تائين رسي سگهن ٿا، مان نهايت
اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته جيڪڏهن سنڌ جو نئون
نسل پنهنجي تاريخي اساس جو حقيقي قدر ڪرڻ جهڙو هنر
پاڻ ۾ پيدا ڪري وٺي ته اهو پنهنجي ماضيءَ جي باري
۾ فخر ڀريي خوشي محسوس ڪندي دنيا آڏو پنهنجن
بيمثال مدبرن جا بيان رکي آزادي، برابري ۽
سلامتيءَ لاءِ ٿيل جاکوڙ ۾ هن ديس جي ڳنڍيل پتيءَ
کي ڳڻائي سگهي ٿو ...... ۽ اڄوڪين انتهائي مايوس
ڪندڙ حالتن ۾ سنڌ جي ڀاڳ ۾ آيل بيمار قيادت آڏو
ميان صاحب جي روپ ۾ ”راهنما ڪردار“ انتهائي فخر
سان پيش ڪري سگهجي ٿو. پر انهن مڙني منزلن ماڻڻ
لاءِ ضروري آهي ته اسين پنهنجن دلين تي چڙهيل
بيوسيءَ جي تهن کي انتهائي جرئت سان هٽائڻ ۾
سوڀارا ٿيون ۽ ذهن تان غير يقينيءَ ۽ مايوسيءَ جي
دز کي شعور ۽ علم جي ڇنڊڻيءَ سان ڇنڊي دل جو آئينو
اُجارڻ ۾ ڪامياب ٿيون. |