وڃي پئي تيزگام – ٽيشڻ لنگهي وڃي ٿي – نه ٿي بِهي
تيزگام - ۽ فاصلا الائي
کٽن پيا يا وڌن پيا
يانه ڪو کٽن ٿا نه ڪو وڌن ٿا!
اِها ته هِن کي خبر نه آهي
مگر انهيءَ هڪ خبر ڪنان بي خبر به ناهي
ته ”هوءَ“ اکڇنڀ جيترو فاصلو به هِن کان پري نه
آهي
”اُها“ ته شهه رڳ ڪنان به هِن کي قريب آهي
نه اپسرا ۽ نه حور آهي
چوڻ ۾ ماڻهو ته آهه ليڪن عجيب آهي
ٽڙن جڏهن ٽهڪڙا ”سندس“ ٻن ڀريل، لِپ اسٽڪ بنان
گلابي رَسيل چپن تي ته مڌر روپيون ٽَليون وڄن ٿيون
جڏهن ”سندس“ ري ڪجل ئي ڪاريون اکيون کڄن ٿيون
(2002-1-31)
شمشير الحيدري
حمد
هُو ئي هوُ، حق، هُوئي هو!
ازل حقيقت، ابد حقيقت، حال حقيقت – هُو ئي هُو،
وحدت اندر ڪثرت وارو خيال حقيقت – هُو ئي هُو،
وڻن ولين ۾، گلن ڦلن ۾، ڪک پن اندر هُو ئي هُو،
مٽيءَ پاڻيءَ، سورج چنڊ ستارن اندر هُو ئي هُو:
هڪ ئي جوت جمال حقيقت- هُو ئي هُو.
ماڻهن پکين حيوانن جي ساهن اندر هُوئي هُو،
ڪاري ڳوري، شاهه گدا، جي روپن اندر هُو ئي هو:
هڪ ئي جوت جمال حقيقت- هُوئي هُو.
مسجد مندر گرجا اندر هُو ئي وسي ٿو، هُو ئي هُو،
محلن جهُوپن منجهه سراسر هو ئي وسي ٿو، هُو ئي
هوُ:
هڪ ئي جوت جمال حقيقت- هُوئي هُو.
تاجل ”بيوس“
غزل
طوفان، باهه، مٽيءَ، اوندهه جو سلسلو آ،
دل ذهن ٻئي ڌڏن ٿا ڪهڙو هي زلزلو آ؟
تُنهنجي ئي هن شهر ۾، منهنجي هيءَ دل جي بستي،
توکان فتح ٿي ويندي، ديبل جو هي قلعو آ!
ڪهڙيون ابد ازل جون پيون منزلون پُڇين ٿو؟
منهنجو ته دم الستي، درياهه دادلو آ.
ورندو وٿاڻ پنهنجي، سنڌوءَ جا بند ٽوڙي،
مون کان پڇي ٿو ناصح، ڪنهن جو هُو قافلو آ.
بم، گئس، تيرَ، ڇُرا، رت ڇاڻ جا وسيلا،
ماڻهن جي هِن دنيا ۾، ڪهڙو هي ٿرٿلو آ؟
رنگ روپ مان لڳي ٿو، ڀيلو گهڙو آ ’بيوس‘
اِن کان ڀَڄي پري ٿي، سُهڻيءَ جو هي دِلو آ.
”عنايت“ بلوچ
غزل
انسان پاڻ تي جي مهربان ٿي پوي،
هر درد بي پناهه جو درمان ٿي پوي.
جي ناز جي نگاهه جو احسان ٿي پوي،
جيون جي رنگ روپ جو امڪان ٿي پوي.
هن جي هجڻ سان سُونهن ۽ سرهاڻ هر طرف،
سنسار هن بغير ٿو سنسان ٿي پوي.
ٿو ڪير ڪنهن جي واسطي جهوريءَ جهڄي جلي،
مطلب لئي هر ڪو اڄ ٿو پريشان ٿي پوي.
مذهب ۽ رنگ نسل جا ويڇا وڃن هليا،
انسان ذات شل وري انسان ٿي پوي.
انسان جو ضمير جي بيدار ٿي پوي،
ڪيڏو نه ڪائنات تي احسان ٿي پوي.
دلدار اوچتو جي ’عنايت‘ ڪري اچي،
برپا بدن ۾ لطف جو طوفان ٿي پوي.
تاج بلوچ
غزل
هجرتون، درد، وڇوڙا ئي بڻيا ڀاڳ اسان جا جانان،
سپنا ساڀيا نه ٿيا، پاڻ جي پلڪن تي سجايا جانان!
جيڪي ٽانڊاڻا سيهه رات ۾ سوڀارا ٿيا ها جانان،
محض اُهڃاڻ جيان، هاڻ سي ڳڻجن ٿا ستارا جانان!
هاءِ، اونداهه غفائن ۾ نڌڻڪا ٿي مُئا ها جيڪي،
وس ويرين جي ٿيا، تن جي نصيبن جا وسيلا جانان!
نينهن بي باڪ به هو، سُرت جي تهمت کي نه سهسائي
سگهيو،
موه تنهنجي ته مگر هن کي وڏا ناز کڻايا جانان!
ڳوٺ تنهنجو ته پري ناهه، پري ناهه، پري ڪو ايڏو،
تنهنجي شهرت جي حوالي کان ڏکيا سارا حوالا جانان!
پاڻ آدابِ محبت جي طريقن کان شناسا به ڪٿي،
تنهنجي پاٻوهه ئي سيکاريا اسان کي ته سليقا جانان!
فوقيت عشق ۾ سورن کي ڏني پاڻ سدا ’تاج بلوچ‘
سک جيڪي به مليا، تنهنجي ئي صدقي ۾ سمورا جانان!
سرويچ سجاولي
غزل
تنهنجي اکين جي اڳيان، هرڻن جون اکيون هيچ هيچ،
مون ڏٺيون ڪنهن پر نه ٿيون، ڀيٽ ۾ سي ڀيچ ڀيچ.
جن به جن سان ٿيون ملن، تن ماڻيا ڪي مرتبا،
ويا اوهان سان تن جا پئجي، پيچ تي ڪي پيچ پيچ.
جنهن به پاسي ٿيون کڄن، سُرمي گڏيل سي سانوريون،
تنهن طرف سانوڻ سُڪار،۽ ڪک پن جا ڪيچ ڪيچ.
ماڻڪيون محبوب تنهنجون، بي مثل ۽ بي نظير،
مٽ نه تن جو ڪٿ ملي، هي ملڪ سارا ميچ ميچ.
مرگهه آهُو جون اکيون، يا نرگسي ڪي نيڻ ٻيا،
ڪابه قيمت ناهه تن جي، ڀل کڻي ’سرويچ‘ ويچ!
”محسن“ ڪڪڙائي
غزل
منهنجي چاهت کان بي خبر ناهي،
ها، مگر منهنجو همسفر ناهي.
حُسن ڇو عالمي ڳُجهارت آ،
فلسفيءَ کي به ڪا خبر ناهي.
عقل چُپ آهه سُونهن جي آڏو،
هِي ته انسان جو اثر ناهي!
ڪير اُن ڪونج کي سنڀاليندو،
جنهن کي پنهنجو ڪو وَر ۽ گهر ناهي؟
صاف دل جو، سچو، کرو ’محسن‘
هُن جي مَن ۾ اگر- مگر ناهي.
”وفا“ ناٿن شاهي
غزل
تير کائي به مُسڪرايون پيا،
تير انداز سان نڀايون پيا.
ايڏا آهيون ڊنل انڌيرن کان،
ڏينهن جو ڀي ڏِئا جلايون پيا،
ايترو شور ٿي پيو آهي،
هڪ ٻُڌون پيا ۽ ٻي ٻُڌايون پيا.
پنهنجي لڙڪن جي آبشارن ۾،
حسرتن جو لهو وَهايون پيا.
پيار جا پَل ڏئي عداوت کي،
وقت جي عاقبت وڃايون پيا،
صرف قبن تي گُل ڇٽيل آهن،
صرف مُردن کي هار پايون پيا.
نيڻ آلا ۽ چَپ سُڪل آهن،
ظلمن جو داستان سُڻايون پيا.
بيوفا ۾ رکي وفا جي اُميد،
پيار جو فلسفو لڄايون پيا.
پنڌ آهي پري مُحبت جو،
صرف ڳالهيون ڪيون اجايون پيا.
زندگي موت کي وڃي پَرتي،
دوستو! هاڻ موڪلايون پيا.
ايڏو معصوم ۽ حسين آ هُو،
پاڻ کان ڀي وفا! لِڪايون پيا.
”خاڪي” جويو
غزل
نيهن جي نينڍ تي نيڻ روئين پيا،
ڳل تي ڳانيون لُڙڪ پوئين پيا.
ٽُوهه جهڙي ڪڙي ٽهڪ ۾ ويڙهجي،
زندگيءَ جو زهر ذهن ڍوئين پيا.
ڏُک جي ڏار تي ڏات وارا چڙهي،
سوچ ٽاريءَ جا سُر سوئين پيا.
ڪات جي وات ۾ ڪنڌ ڪونڌر وجهي،
لِڱ ڳاڙهي لهوءَ منجهه لوئين پيا.
ضيا جي کار خاڪي وجهي کُنڀ ۾،
درد جي ديڳ ۾ داغ ڌوئين پيا.
”آثم“ ناٿنشاهي
وائي
منهنجي وئي کان پوءِ، پرين!
ايڏا ناز ڪندين تون ڪنهن سان؟
ساعت ساعت مَهل ڪُمهلا-
راتيان ڏينهان اوءِ پرين!
ايڏا ناز ڪندين تون ڪنهن سان؟
لوءِ ڇڏي هيءَ تُنهنجي، جڏهن-
ويندس مان ٻيءَ لوءِ پرين!
ايڏا ناز ڪندين تون ڪنهن سان؟
ڳولڻ سان به نه مون جهڙو ٻيو-
ملندءِ ماڻهو ڪوءِ پرين
ايڏا ناز ڪندين تون ڪنهن سان؟
هير پئي ٿي هيڪاندي پَر-
آثم ڄاڻ ويوءِ پرين!
ايڏا ناز ڪندين تون ڪنهن سان؟
نصير مرزا
غزل
ڄڻ گلاب پنکڙي،
صبح ويل زندگي.
هير ڌير پير کنيا،
پرهه جي هوا گهُلي!
واٽ واٽ گهاٽ تي،
چهَل پهل ۽ خوشي،
ڳوٺ ماهتاب جو،
مون ڏٺو گهُمي ڦري!
کوهه نار، لوٽيون،
نينگريون ۽ دلبري.
سرتين جي سَٿ ۾،
هوءَ ڄڻ ته جَلپري!
ڀَر منجهان لنگهي جڏهن،
لوڪ گيت جان لڳي.
ڪنهن چيو پئي هورڙيان،
ڄاڻ سانجهه ٿي وَئي.
سج جي سُمهي رهيو،
رات پيئي جاڳندي!
اياز گل
غزل
ماڻهو جيڪي قرار چاهن ٿا،
زندگيءَ کان فرار چاهن ٿا.
هُو جي چاهن ٿا نفرتون هردم،
هر محبت ۾ ڏار چاهن ٿا.
پيار جي لاءِ ڀي ائين سوچن،
ڄڻ نئون ڪو شڪار چاهن ٿا.
درد، دل ۾ اچن ٿا ائين، جيئن،
نينهن ۾ ڪو نکار چاهن ٿا.
نيڻَ، منُ، خوابَ ڏاڍا ظالم هِن،
ڪو پرانهون ئي پار چاهن ٿا.
منهنجي دل کي اچي لڳا آهن،
روڳ ڀي روزگار چاهن ٿا.
نيڻ ٿڪجن ٿا، جنهن گهڙيءَ، سامهون،
صرف تنهنجو دوار چاهن ٿا.
چپ منهنجا، هي لفظ، شعر سڀيئي،
سنڌ! تولئه سُڪار چاهن ٿا.
مختيار ملڪ
غزل
توکي ڏسندي هاڻي ويٺو هي سوچيان ٿو آئون،
سپنن کان وڌسهڻيون آهن ساڀيائون.
ماڳ ماڳ تي مات ملي ۽ موڙ موڙ ماٺار،
پوءِ به دل ڊٺل شهر تي جرڪن آشائون!
تصويرن ۾ ويجهو ويجهو، پري پري پر هونئن،
دوکو لئينس سمورا آهن، ڪوڙيون ڪئمرائون!
ٻري ٻري جيئن لالٽين جو ڪارو ٿي ويو ڪائو،
پنا ڪري ائين ڪارا سارا، چمڪن رچنائون.
جن هٿڙن هو ڀاڳ جي لئه گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو،
ڀاڳ سڀاڳ جون اُنهن هٿن تان مٽجي ويون ريکائون.
طوفانن جو وير آ ڪهڙو، منهنجيءَ دنيا سان،
مون کي وکيري وينديون آهن، اڪثر تيز هوائون!
ادل سومرو
آخري مشورو
نينگري! تون جي ٻُڏي هن نيهن ۾،
مينهن ۾ نڪتي تون آهين گهر منجهان،
۽ در منجهان، تُنهنجي پٺيان ڪا نهار،
دور تائين تُنهنجو پيڇو ٿي ڪري،
ڄڻ ٻري تي آڳ ڪائي جهنگ ۾،
ڄڻ ته توکي ٿي چئي، تون ڪين وڃ،
مڃ نه مڃ پر ڪي گهڙيون ترسي اُتي،
درد تنهنجو آ جتي، ڪجهه سوچ تون،
ايئن نه ٿئي جو عاشقيءَ جي رنگ ۾،
تون وساري واٽ ڪِٿ رُلجي وڃين،
ڀُلجي وڃين، رستو پرينءَ جي پارَ جو،
هار جو اِن ۾ نڪو ارمان آ،
پر اِهو امڪان آ، تنهنجو متان،
پيار تان، ويساهه نه اُڏري وڃي،
خواب تنهنجا جي پيا ٿڪجي ڪٿي،
دل ويچاري دربدر ٿي جي وڃي،
پوءِ جي پڇتاوَ کان بهتر آهي،
ڪي گهڙيون ترسي اُتي ڪجهه سوچ تون،
سوچ سياڻي، او نماڻي نينگري!
احمد سولنگي
غزل
سپنا حساس آهن، اکڙيون اداس آهن.
هو دور دور هوندي، هو آس پاس آهن،
سامهون شراب ۽ هي، هرڻيون هِراس آهن.
اي قيس! اوڍ تنهنجا، صحرا لباس آهن.
اُڃ اُڃ اُساٽ منهنجي، ساگر پياس آهن.
ڪينجهر ڪڏهن نه سوچيو، نوريون نراس آهن.
ڪي مهربان ماڻهو، منهنجي شناس آهن.
عيسيٰ اڳيان اي مريم! ٽُڪرا ٽياس آهن. |